سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 3

صفحو ؛ 11

 

تصوير 60 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي اوڀارين مهاڙيءَ جي اُڪير جي چٽساليءَ واري خوبصورتي، جنهن ۾ عربي تحرير جي فن خطاطيءَ جو ڪمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ جو سلسلو اتر پاسي کان هلندو ايندو ڏسجي ٿو، جيڪو مٿي نظر ايندڙ ونگائي دريءَ جي ٻنهي پاسن کان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

درين جوڙڻ جو ڀلو نمونو پيش ڪيو آهي. نظاري ڏسڻ لاءِ جهروڪي ڏانهن مٿي ويندڙ ماڻهو انهن درين وٽان لنگهي ٿو. گلدان جي ڇٽن واري اُڪير کي مختلف قسم جي گڏوچڙ ۽ جدا نمونن ۽ جدا مقصـدن لاءِ پيـش ڪـيو ويو آهي. نمونـو اهـڙو ته سهـڻـو آهـي، جــو ماڻهـو ڏسي ڪـَـڪِ ڪونه ٿيندو. اڄوڪي دور ۾ موجود هن تاريخي يادگار ۾ ڀتين جي مٿاڇري تي گهڻ رنگي گلڪاري نه آهي. اها عمارت جي فني مهارت جي اظهار ۾  رلي ملي، مجموعي دلچسپي ۽ ڇڪ جو سبب ٿي پئي آهي. اها ڄڻ ته مٿانئس ڳاٽ ۽ ڳارو ڏيو، جيوت ڌارا وانگر چوڌاري گهيرو ڪري بيٺي آهي ۽ ليٽيل سنوت واريءَ طرز ۾ ڀت جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ڏانهن وڌي وڃي ٿي. هن يادگار جي مسجد واري الهندي مهاڙي بي انتها خوبصورت ۽ من موهيندڙ اڏاوت آهي.

اترين مـُـهاڙي:

اترين مهاڙيءَ56 تي موجود آرائشي قطارون اولاهينءَ مهاڙيءَ کان شروع ٿي، هن پاسي ڏانهن اچن ٿيون. سندن چٽساليءَ جو نمونو اولهه واريءَ ڀت جهڙو آهي. پر اسان کي ڏهين قطار ۾ اهم تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پندرهن هنج پکين جي اُڪيريل تصويرن کان پوءِ ٽن قسمن جا مختلف نمونا انهن جي جاءِ وٺن ٿا. آخري هنج پکيءَ جي تصوير کي هڪ جدا پٿرائين داٻڙي تي اُڪيريو ويو آهي. ان کان پوءِ وڻ جي تصوير ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙيءَ ريت ڏهين ۽ يارهين هنج پکيءَ جي وچ تي هڪ لسو ٻـُـسو پٿر جو داٻڙو رکيو ويو آهي. اهڙن قسمن جي پٿر جي داٻڙن جي استعمال هينري ڪزنس کي ويساهه ڏياريو هو، ته اهڙو اُڪيريل پٿرائون سامان هندن جي مندرن مان پٽي آڻي هن اڏاوت ۾ استعمال ڪيو ويو  آهي. جڏهن اهو کٽي پيو، ته وڻ جي طرز وارا پٿراوان داٻڙا استعمال ڪيا ويا، جيڪي هنج پکين جي قطار ۾ بي جوڙ آهن. اهڙي ويساهه ڪرڻ جو ڪوبه سبب ڪونهي ته هنج پکين جي اُڪير وارا داٻڙا، هندن جي مندرن مان اکوڙي آندا ويا آهن. اهڙي قسم جي هنج پکين جي طرز وارا پٿر بديع الزمان جي مقبري ۾ به استعمال ڪيا ويا آهن. (ڏسو ايندڙ باب). انهن داٻڙن جي وٿين تي ٿيل اُڪير، اڏاوتي يادگارن جي ٻين هنڌن تي ٿيل اُڪير جهڙي آهي. انهن هنج پکين جو ڏيک اهڙو اڻ چٽو آهي، جو اهي جاندارن جي تصوير هجڻ بدران ڪنهن سجاوٽ جي طرز واري چٽن جو نمونو معلوم ٿي رهيا آهن. اسلامي اڏاوتي طرز جي کوٽ کي ڏاکڻي مهاڙيءَ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. ساڳيءَ ريت اهڙي سامان جي عام کوٽ به هئي. اهو گهڻو ڪري سياسي مشڪلاتن جو دور هو، جن جي ڪري هن يادگار کي گهڻين ڳالهين ۾ اڻ پورو ڇڏيو ويو. وڻ جي طرز هندستاني روايتن ۾ حياتيءَ جي وڻ ڏانهن اشارو آهي، سا به مختلف قسمن ۾ موجود آهي ۽ ٻين طرزن جهڙوڪ: هيري ڪڻ، زنجيري ۽ جافريءَ سان ٻيگهڙ تي ڪتب آيل آهي. اها تمام سٺي ڳالهه ٿيندي، جو ان وڻ کي گجرات جي يادگارن ۾ نظر ايندڙ اهڙي قسم جي چٽساليءَ واري طرز سان ڀيٽائي ڏسجي.

ان پاسي، اصلي اڏاوت جي وچ تي، ونگ سان هڪ لنگهه هوندو هو، جنهن ۾ مستطيل پٿرائون چؤڪاٺو لڳل هوندوهو. ان جهڙا چؤڪاٺا اسان ٻين سما سلطانن جي مقبرن ۾ به ڏسون ٿا. ان کان پوءِ اهو در ۽ مٿئين دري پٿر جي اوساريءَ سان پوريءَ ريت بند ڪيا ويا آهن. دروازي جي ٻاهران پوئين در سان لاڳاپيل هڪ قبر ٺهيل نظر اچي ٿي. در جي مٿان ونگ ٻڌل دريءَ ۾ مستطيل نموني جو چٽسالي وارو آرائشي چؤڪاٺو لڳل آهي، جنهن تي اُڪير جون چار قطارون آهن. ويجهي اُڪير چؤسڱي مانڌاڻي طرز جي آهي ۽ ڪنڊ ۾ گلدان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻيءَ ۾ هيري ڪڻين ۽ گلن جي ٻيهگڙ تي قطار آهي. ٽينءَ ۾ زنجيريءَ جي هڪ گڏوچڙ طرز استعمال ڪيل آهي ۽ آخريءَ ۾ جافريءَ جي منجهه سان هيري ڪڻين جي قطار آهي. اهي سڀئي طرزون ڊگهائيءَ ۾ هڪ جيتريءَ ماپ تي ڪونه ٿيون پهچن. اهڙيءَ ريت ان ڳالهه مان به سمجهجي ٿو، ته ان قسم جي سامان جي به کوٽ هئي. ونگ جي سٽاءَ ۾ مڻين جهڙي وَٽِ ۽ هيٺان اوڀڙ جي طرز آهي. پٿرائين چؤڪاٺي جي هيٺان تري ۾ چؤڪنڊو جارو آهي، جنهن ۾ اندر ڊگهي ۽ اُڀي طرز جي هيري ڪڻيءَ جو چـِـٽُ آهي. مٿان ونگ سان خانو آهي، جنهن ۾ اوڀڙ جي اُڪير ڏسجي ٿي. دروازي جا مٿيان ڀاڱا چؤڪنڊي خانن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ اندر  چؤڦلا گل  آهن، پر چؤڪاٺي جي ساڄي ۽ کاٻيءَ ٻانهينءَ جي وٽ تي سنگار ۾ تفاوت آهي. ساڄي پاسي واري ٻانهينءَ تي پائو ۽ نيل نظر اچن ٿا. کاٻي طرف پائي کان سواءِ فقط نيل آهي. ان جي جاءِ تي کاٻي ٻانهينءَ تي اندرئين پاسي کان روايتي قسم جي اوڀڙ طرز جي چٽسالي واري اُڪير آهي، جيڪا سر در وٽ پهچي کٽي وڃي ٿي ۽ ساڄي پاسي تي اهڙي قسم جي ڪابه اُڪير ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڇڄي کان هيٺان سردر تي عربي لکت آهي. ڇڄي کان مٿان عربي لکت جو ٻيو حصو آهي. سردر هيٺان وچئين داٻڙي تي طغرا خط ۾ لکت  آهي. در جي چانئٺ تي اُڪيريل گول چنڊ وارا پٿر روايت مطابق رکيل آهن، جنهن جي ٻنهي پاسن کان سورج مکيءَ جي تصوير آهي. ان پاسي جي سڄي سينگار ۽ بيهڪ ۾ هڪجهڙائپ ڪجهه گهٽ آهي، پر آرائش ساڳيءَ ريت ليٽيل سنوت ۾ آهي تنهنڪري ڀت جي هڪ جهڙي مٿاڇري ۾ ڪجهه نواڻ ڏسجي ٿي.

اوڀارين مهاڙي

اوڀارين مهاڙي،60 جنهن جي اوڀر ۾ درياءَ جو پراڻو پيٽ  آهي، ان تي به اتر واريءَ مهاڙيءَ جيان سنجٽ ۽ سونهن لاءِ چٽسالي اُڪيريل آهي. فرق رڳو اهو آهي، ته در جي ڀرسان هن پاسي ڇڄي جي هيٺان جافري لڳل دري آهي61 ۽ ان جي مٿان ونگ واري دري ٺاهي وئي  آهي. ونگ واري مٿئين دري پٿر جي چؤڪـُـنڊي جوڙجڪ ۽ بيهڪ ۾ هنيل آهي. سندس ونگ جي

 

تصوير 61 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي اوڀارينءَ ڀت ۾ جافري لڳل دري ڏسجي ٿي،  جنهن ۾ چٽساليءَ جا اٺڪـُـنڊا آهن جيڪي دريءَ جي ونگائينءَ جاريءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. صفا مٿئين پاسي هڪ گل جي چٽسالي واري طرز آهي. هن چوڪنڊي خاني ۾ ونگائي جافري ڪري اهڙا ٽڪنڊا spandrels ٺهي پيا آهن. جن جون ڪنڊون هڪ ٻئي کان گهٽ وڌ آهن، جن ۾ چٽساليءَ جا نمونا به مختلف آهن. جيڪي امليڪي ۽ ڪٿي گڏوچڙ امليڪي ۽ اليڪي چٽ آهن.

نـُـڪرن ۾ گول گل وارا چتر نظر اچن ٿا. ڇڄي جي مهاڙي چترڪاري سان  اُڪيريل آهي. ان جي هيٺان ٽي آرائشي قطارون آهن. پهرين سورج مـُـکي جي آڌين جي قطار  آهي. ٻي قطار ۾ هيري ڪڻيءَ سان ٻيگهڙ تي اُڀي چٽسالي ڏسجي ٿي. آخر ۾ ڏاڪڻ طرز جي چورسن ۾ گل اُڪيريل آهن. جافري هنيل دريءَ واري پرديءَ تي مٿان چوٽيءَ تي گل جي تصوير آهي. خود ونگ تي به ڏوريءَ جهڙي چٽسالي آهي. نـُـڪرن ۾ ٻن گول دائرن جي چوڌاري اوڀڙ جي طرز جي اُڪير جهجهي انداز ۾ اُڪيريل ڏسجي ٿي. ساڄي طرف تي سورج مکيءَ آهي. کاٻي پاسي هڪ اليڪي گڏوچڙ طرز جي چٽسالي آهي، جنهن ۾ ڇهن پنکڙين وارو گل سرجي بيهي ٿو. جافري لڳل دريءَ جي هيٺئين پاسي ڏوريءَ جي طرز جي چترڪاري واري اُڪير آهي.

تصوير 62 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي اوڀارين مهاڙي جي مٿئين پاسي جي اُڪيريل چٽسالي، جنهن ۾ خوبصورت طرزن جون ٽي قطارون آهن، جن ۾ عربي تحرير به شامل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا دري وٽ پهچڻ کان اڳ پوري ٿي وڃي ٿي.

ڏاکڻي مـُـهاڙي

ڏاکڻي مهاڙي62 جي زيب زينت ۽ اُڪير، اوڀارينءَ ڀت جهڙي آهي، پر ساڄي طرف وارو لنگهه هن پاسي جي وچ تي آهي. اُڪير جون مٿيون چار قطارون يارهينءَ کان وٺي چوڏهينءَ تائين، اولهه طرف، ڀت جي آخري ڇيڙي تائين هليون وڃن ٿيون، ڏهين قطار چٽساليءَ واري اُڪير جي ٽن طرزن ۽ ٻين اليڪي نـمونن تـي ٻـڌل آهـي، جيـڪا دريءَ کان ٿورو اڳتي وڃي  ختم ٿئي ٿي (نمبر 63). اٺين ۽ نائين قطار، ساڳيءَ جاءِ يعني دريءَ وٽ ختم ٿئي ٿي. عربي لکت واري ڊيگهه ان کان به اڃا ننڍڙي آهي. ڇهينءَ قطار ۾ ڏاڪڻ طرز تي چؤراسا آهن ۽ اُها قطار در کان ٻئي در ڏانهن هلي وڃي ٿي. سردر تي عربي لکت آهي، جنهن جي مٿان ۽ ڇڄي جي هيٺان گلن جي آڌين جي قطار  آهي. پنجين قطار در جي ساڄي


 

تصوير 63 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڏاکڻين ڀت جي مهاڙيءَ جي مٿئين پاسي وارو حصو، جتي مٿئين حـصي تي اُڪير جي طرز جي فقط هڪ قطار ڏسجي ٿي. جيڪا هلندي وڃي ڇيڙي تائين پهچي ٿي. باقي ٻيون قطارون پوئتي کـُـٽي وڃن ٿيون. چوڌاري ڦري ايندڙ پتيءَ Freeze وارن چٽن جون ٽي طرزون آهن، جيڪي اتر ۽ اوڀر واري پاسي کان ڦري اچن ٿيون. اصل ۾ اهي طرزون هنجن جي جاءِ تي رکيون ويون آهن. پر پوءِ به اڻ پوريون آهن. ڄام نظام الدين جي مقبري جي اوڀارينءَ مهاڙيءَ ۾ نظر ايندڙ لنگهه ۾ رکيل پٿر جو چؤڪاٺو آهي، جنهن کي پٿر جي اوساري ڪري اڌ بند ڪيو ويو آهي. چؤڪاٺي جي پاسن تي گول چٽ، مٿئين پاسي عربي تحرير ۾ چائنٺ وٽ نرم سفيد پٿر moon Stone جو دونو Sill لڳل آهي. چـَـوڪاٺي ڀرسان جارو به رکيو ويو آهي.

 پاسي بيهي وڃي ٿي. چوٿين، ٽين ۽ ٻي قطار در جي کاٻي پاسـي هـلي اتي ختـم ٿي وڃـن ٿيون. (پليٽ 21) ڏاکڻي مهاڙي ڪو سٺو تاثر ڪونه ٿي ڇڏي. مهاڙيءَ ۾ وچ تي ڇڏيل  خال ڏاڍو ٻسو لڳي ٿو. انهن وٿين کي ڀرڻ لاءِ به سامان جي ضرورت هئي. ان قسم جي کوٽ کي وقت ۽ مشڪلات ڏانهن منسوب ڪري سگهجي ٿو. ان پاسي واري دري به اوڀارينءَ دريءَ جيان بلڪل سادي آهي. هيٺان

تصوير 64 - ڏاکڻين لنگهه ۾ لڳل پٿر جو چؤڪاٺو، جنهن کي پٿر جي اوساريءَ سان اڌ بند ڪيو ويو آهي. ان جي وٽ سان امليڪي ڏوريءَ جهڙي اُڪير ۽ سردر تي عربي تحرير ڏسجي ٿي. جڏهن ته چانئٺ وٽ اڇي نرم پٿر جو ”دُونو“ (Sill) لڳل آهي. چؤڪاٺي جي تري ۾ جارو ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ هيري ڪـَـڻِ (Diamond) طرز جي اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي.

چٽن وارو اُڪيريل ڇڄو آهي ۽ ان ڇڄي جي هيٺان اڌ بند ڪيل دروازو آهي64 ان در جو چؤڪاٺو اترئين در جي چؤڪاٺي جهڙو آهي، ان تي چٽيل اُڪير ڪجهه ٻيءَ طرز جي آهي. ان جي سردر تي عربي لکت  آهي. سردر هيٺان چورس داٻڙي تي به ساڳيءَ ريت عربي لکت آهي. هيٺ چانئٺ وٽ گول چنڊ پٿر (Moon Stone) جو داٻڙو لڳل آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن تي سورج مکيءَ جو گل چٽيل آهي. دروازي جي ٻانهينءَ جي هيٺئين پاسي تي مستطيل جارو آهي، جنهن ۾ اڀيءَ طرز تي هيري ڪڻ رکي وئي آهي. مٿان ٻه آرائشي قطارون آهن. اندرئين پاسي ڏوريءَ جي طرز ٻاهرئين پاسي اوڀڙ جي اُڪير جي روايتي طرز ۽ مٿان گلدان جو چـِـٽُ آهي. ڏکڻ ڏِسا کان اڻپوري مهاڙي ان سبب ڪري آهي، جو ڏکڻ پاسي ڀر ۾ سرن جي مقبري جي چوڌاري ٺاهيل هڪ ڪوٽ آهي. آرائشي قطارون به مهاڙيءَ جي اڻ پوري سنجٽ هجڻ جي ثابتي ڏين ٿيون.

 

تصوير 64 - الف - محراب جي اندرئين پاسي چٽساليءَ جو سلسلو.

اندريون صفو:

اندريون مڪعبي صفو پهرين نظر ۾ ئي، اولهه پاسي واري ٺهيل محراب تي بي انتها خوبصورت آهي جڏهن ته گهڻ - رُخي اُڪير دل تي ڏاڍو اثر ۽ رعب ويهاري ٿي. ڪنڊن وارا مقبري جا محراب (نمبر 65) ٻاهر نڪتل پٿرن جي وڌاوڙن تي جوڙيل آهن. محراب جي ونگن ۾ هنيل گهوڙيون ۽ لڏڪڻا آهن، جن سان محرابن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. محرابن مٿان چٽن جي اُڪير جي آرائشي قطار آهي. ان جي مٿان ونگن تي خانا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. معلوم ائين ٿئي ٿو، ته هيٺئين پاسي وارين قطارن تي ڌيان ڪجهه گهٽ ڏنو ويو آهي. انهن مان ڪجهه قطارون اڻ پوريون به رهجي ويون آهن. ساڳيءَ ريت اندرئين صفي ۾ ٺهيل قبرون به مقبري جي مٿئين آرائشي تعمير سان ميل ڪونه ٿيون کائين. ٻئي پاسي جهڙي تهڙي لسي ۽ سادي نموني سان درن کي پٿرن جي اوساريءَ  سان بند ڪيو ويو آهي جنهن سان اندرئين پاسي جو سنجٽي سٽاءُ ۽ هم آهنگي ختم ٿي وئي آهي. مقبري جي محرابن جي هيٺئين پاسي رڳو ٽي چٽساليءَ جون آرائشي قطارون آهن، جن تي ڏاڪڻ طرز جهڙا چؤرسا چٽيل آهن. منجهن گل جي تصوير به اُڪيريل آهي. سندن وچ واريون وٿيون هڪ - ڪـَـريون ڪونه آهن. ٻه قطارون ته هڪ ٻئي جي ڀر ۾ آهن ۽ ٽئين قطار فرش جي سطح کان ٿورو مٿڀرو آهي. گلن جي آڌين جي چوٿين قطار، جيڪا محراب جي کاٻي پاسي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا به جيڪر ساڄي وارو خالي پاسو ڀري ها ۽ وٿيءَ واري مسئلي کي حل ڪري ڇڏي ها، پر ائين ڪونه ڪيو ويو آهي. محرابيءَ ونگون بلڪل لسيون ۽ ساديون آهن پر تنهن هوندي به منجهن چوڪـُـنڊا خانا رکيا ويا آهن، جن جي نـَـڪرن تي گلن جون تصويرون اُڪيريل آهن. اهڙي قسم جا محراب اندرئين پاسي، چوڌاري ۽ اولهه پاسي واري محراب مٿان به جوڙيل آهن. محرابن ۾ لڏڪڻي نموني جهڙو هڪ وڌايل خوبصورت ڊگهو پٿر آهي، جيڪو هڪ نوڪدار تري ۾ کتل آهي. سندس ٻاهرئين ڇيڙي تي گلدان جهڙي اُڪير ٿيل آهي. ان لڏڪڻي جي پٿر يا سنگيءَ مٿان سردر رکيل آهي، جنهن جي وچ تي وڏي گل جو چتر چٽيل آهي. ان سردر مٿان، اندر تي پيٺل ونگ تي هڪ خانو آهي، جنهن جي ونگڙ ۽ ٻاهر نـُـڪرن تي گول گل چٽيل آهن. انهن محرابن جي مٿان اُڪير جون ٽي قطارون آهن. هيٺينءَ قطار ۾ اُڀريل طرز ۾ گول گل جي طرز واري

تصوير 65 - ڄام نظام الدين جي مقبري ۾ اولاهينءَ ڀت ۾ رکيل محراب اندر ڪنڊ واري محراب Squinch ۾ ڇڄي وانگي پٿر رکيل آهن،  جنهن جي آڌار تي محراب جي ونگ بيهاريو ويو آهي ۽ محراب اندر ڇڄي جهڙو هڪ پٿر لڳل آهي، جنهن هيٺان لٽڪڻ Pendentive هنيو ويو آهي.

تصوير 66 - ڄام نظام الدين جي مقبري اندر تعمير ٿيل مکيه محراب جي مٿان جهلن جهڙي ڇڄي جي آڌار تي بيهاريل جارو آهي. جنهن جي اندرئين پاسي به چٽسالي آهي. مٿئين پاسي وَرن وڪڙن وارن جهلن مٿان ڇڄن جي اڏاوت ٿيل آهي. ڄاڻايل جاري جي ٻنهي پاسن کان سڌيءَ سنوت ۾ ونگن سان خانا آهن.

 چٽسالي اُڪيريل آهي. هر هڪ گل جي تصوير کي هيري ڪڻينءَ جي اُڀ ڳاٽي چترڪاري نيارو ڪري بيهاري ٿي. ٽيون گول دائرن وارو نمونو آهي، جن جي وچ تي اوڀڙ واري گڏوچڙ طرز آهي. انهن قطارن جي مٿان محرابن جي ٻيءَ قطار جو سلسلو جيڪو لڏڪڻن ۽ سردرن مٿان جوڙيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان کان پوءِ اٺاس بدلجي سورنهن پاسائون منڊپ بنجي پوي ٿو. سڀئي ونگون، ڀتين ۾ ٿورا وڌاوڙا ڏئي بنايون ويون آهن. آخري ونگن جي مٿان ڏوريءَ جي طرز واري چٽسالي جي اُڪير  آهي ۽ هيٺئين پاسي کان جهالر رکي وئي آهي، جيڪا ڀت جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. محرابن ۽ ونگن جي بيهڪ، جن تي اُڪير جي طرزن جي چٽساليءَ جهجهي آهي، تن پٿر جي ڀت جي نهرائپ کي گهڻي ڀاڱي گهٽائي ڇڏيو آهي. اهڙي طريقي اختيار ڪرڻ سان اسلامي اڏاوتي روح کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

اولاهينءَ ڀت تي ڏاڍو نازڪ نفيس ۽ سهڻو ڪم ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي محراب هڪ خوبصورت ونگ جي صورت ۾، انهيءَ ڀت جي ٿولهه ۾ اندر واڌ کائيندي نظر اچي ٿو. سڀني آرائشي قطارن جي مٿان محرابن جي سنوت سمان هڪ جارو آهي،66 جنهن کي خوبصورت چٽيل گهوڙيءَ جي ٽيڪ سان مٿي بيهاريو ويو آهي. ان جو هيٺيون پاسو لڏڪڻي نموني تي آهي، جيڪو گل جي اُڪير سان ختم ٿئي ٿو. اهي  جهلون شينهن جي ڄنگهن جهڙيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، پر شينهن جو مٿو ڪٿي به اُڪيريل نظر ڪونه ٿو اچي. ان هوندي به ونگ ٻڌل مٿئين جاري جو ترو چٽساليءَ سان اُڪيريل آهي. ساڄي ۽ کاٻي طرف ٻانهينءَ واريون قطارون، جن ۾ پاوا لڳل نظر  اچن ٿا، جيڪي مٿي ور وڪڙ کائي ۽ اُڪيريل گهوڙين کي جهليون بيٺا آهن ۽ گهوڙي مٿئين لهنواري ڇڄي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي آهي، جنهن کي ٻنهي پاسي کان جهلون به لڳل  آهن. جاري جي ٻنهي ٻانهين تي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ڇڄي جي هيٺان اوڀڙ چٽن جي اُڪير ٿيل آهي. سڄي جوڙ ۽ بناوت شينهن ويهڪ بنائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، جنهن کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان سينگاريو ويو آهي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته ڄڻ ڪو پينگهو آهي.

محراب

محراب جي ماپ ساڍا ڇهه فوٽ آهي، جيڪو ٽن لاڳيتن ونگن تي ٻڌل آهي. (نمبر 67) پاسن ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاوا لڳل آهن. (نمبر 68) محراب جي مٿينءَ ونگ جي سنوت، مقبري ۾ چؤڏس اٺـاس واريـن ونـگن جـي سنوت جهڙي آهي. ان جي ونگڙ  (Tympanum) ۾ عربي لکت جون چار سٽون آهن. ٻي ونگ چؤڪـُـنڊي بيهڪ (Frame) جي وچ ۾ آهي ۽ پاسي کان ٻاهران عربي لکت

 تصوير 67- اولهه وارو محراب، جنهن مٿان هڪ ٻئي هيٺان ٽي ونگون آهن، محراب جي ٻنهي پاسن کان پٿر جا خوبصورت پاوا ڏسجن ٿا ٽئين ونگ هيٺان ٻٽاپاوا آهن، وچئين ونگ جي بنيادن وٽان هڪ اهڙي شئڀي اڀرندي نظر اچي ٿي جيڪا سڃاڻي ڪانه ٿي سگهجي. هيءُ اهڙو طريقو آهي، جنهن ۾ ديوار ۾ ڇڄي وانگي ٻنوڙو (Corbelled) رکي ونگ ٺاهي ويندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org