سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 3

صفحو ؛ 12

 

 

تصوير 68 - ڄام نظام الدين جي مقبري ۾ ٺاهيل محراب جي ٻاهرين پاون جا خوبصورت، نازڪ ۽ نفيس اُڪيريل چٽ ۽ هم چورس بنياد تي بيٺل ونگن وارا خانا نظر اچي رهيا آهن. پاون جا مٿيان پاسا مٿي رکيل ٻن ٿانون جهڙي چٽن واري طرز وٽ پهچي ختم ٿين ٿا. پاون جي هيٺئين پاسي تاج جهڙي طرز جو چٽ آهي، جيڪو گلن جهڙي طرز جي اُڪير جو هڪ تسلسل آهي.

تصويرون آهن. ونگ گهوڙيءَ جي تاج مٿان شروع ٿئي ٿي ۽ ونگ شروع ٿيڻ واري هنڌ تي ڪناريءَ سان، هيري ڪڻيءَ جي طرز جي اُڪير ٿيل آهي، جيڪا ونگ جي هيٺان گڏ ان

جي چوڌاري ڦري اچي ٿي ۽ ٻئي پاسي ونگ واري شروعات واري جاءِ ۽ تاج وٽ پهچي ٿي.  ونگ واري گهوڙيءَ مٿان رکيل تاج واريءَ جاءِ تي عام طور مندرن ۾ هنج پکيءَ جي مورتي اُڪيريل هوندي  آهي. پر ان جي بدران هتي گل جي طرز جي چٽسالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٽينءَ ونگ جي ڪنارين وارين پٽين تي به هيري ڪڻين جي اُڪير ٿيل آهي، جيڪي ونگ جي

تصوير 68 - الف - محراب جي اندرئين پاسي چٽساليءَ جو تسلسل.

۽ نـُـڪرن ۾ گلن جون بنياد يعني لڏڪڻ وارين گهوڙين وٽان شروع ٿين ٿيون. ونگ جي شروعات واري هنڌ وٽ گل جي شڪل جهڙي اُڪير آهي. نـُـڪرن تي گلاب جي گل جي ٽـُـڪ ٿيل آهي. ان کان سواءِ ٻي ڪابه آرائش ۽ سنجٽ نه آهي. ونگ جي اندر لکت سان هڪ چؤڪـُـنڊوڍانچو آهي، جيڪو مٿي گل جهڙي لڏڪڻي وٽ ختم ٿئي ٿو.

ٻاهريون پائو، (نمبر 68) کٽ جي پائي وانگر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو آرائشي هجڻ سان گڏ سادو پڻ آهي، پر ان  جي اڏاوت ۾ ڪوبه تعميراتي مقصد رکيل نه آهي. کيس ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هم چورس مهاڙيءَ وارو

تصوير 69 - محراب جي ڏاکڻين مهاڙيءَ جي ٻئين ۽ ٽئين ونگ جي وچ وارو حصو جنهن ۾ مٿين ٻن ڀتين تي عربي تحرير ڏسجي ٿي. هيٺئين پاسي به اُڪير جون مختلف طرزون آهن. وٽ واريءَ مٿئين چٽسالي ۽ هم چورس طرز جي اُڪير جي وچ تي وڻ - چٽ آهي. ان کان سواءِ هم چورس چٽ جي وچ ۾ گل جي طرز واري چٽسالي ڏسجي ٿي.

بنياد، ٻٽيءَ ونگ وارو اُڪيريل خانو، ان جي مٿان ڳٽا، ان کان پوءِ سنجٽ سان سنهي ڳچي آهي، جنهن جي مٿان هم چورس ڏيڍي رکيل ڏسجي ٿي. ان ڏيڍيءَ مٿان اُڪيريل بـُـونبو آهي. پائو هيٺئين پاسي کان اٺاس آهي. هر هڪ پاسي تي ونگن وارن ٻن خانن جي وچ تي اوڀڙ جي طرز جي اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي. کين جدا ڪرڻ لاءِ وچ تي لهريدار ليڪون آهن. وچ تي هيري ڪڻي ۽ مانڌاڻيءَ جي طرز جي چٽسالي پڻ آهي. مٿئين گول حصي ۾ گلدان آهن. جن جا منهن هڪ ٻئي جي ڀرسان آمهون سامهون آهن. اهڙي قسم جا پاوا، سنڌ ۾ عام جام ڏٺا ويندا آهن. ٻي ونگ هم چورس پائي مٿان شروع ٿئي ٿي، جنهن تي اوڀڙ جي روايتي چٽساليءَ واري اُڪير ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ اندرئين پاسي تسبيح جي مڻين جهڙي ٽـُـڪَ ٿيل آهي. جيڪا ٽئين ونگ جي ٻـِـٽـَـنِ پاون وٽان شروعات ٿئي ٿي. حقيقت اها  آهي، ته ٻاهرئين پائي، چؤڪنڊي اڏاوت جي بار کي ٽيڪو ڏنو آهي ۽ اندرئين پاون تي ونگ جو بنياد رکيل آهي. ٻئي پاوا هڪ نموني جا آهن. اُڪير واري سنجٽ ۾ ٻاهريون پائو مختلف آهي. اهي پاوا اُڀيءَ ترتيب ۾ چئن ڀاڱن ۾ ورهايل ڏسجن ٿا، جن مان ٽي اٺـاس ۽ هڪ چـؤراس پاسو آهي، جيڪو وڌيڪ چئن

تصوير 70 - محراب جي اندرئين ٻئين ۽ ٽئين ونگ جي وچ واري حصي جي خوبصورت چٽسالي، جنهن ۾ طرز جون اهي ساڳيون قطارون ڏسجن ٿيون، جيڪي ڏاکڻين پاسي آهن، پر هن پاسي وڻ جي اُڪير جا وڌيڪ نمونا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ڪنهن حد تائين گجراتي اُڪير سان ويجهڙائي رکن ٿا.

ڀاڱن ۾ ونڊيل آهي. انهن ونڊيل ڀاڱن تي مختلف قسم جي اُڪير جي چٽسالي ٿيل آهي. ٻيو ڀاڱو اٺاس آهي، جنهن تي خانا، چؤرس ۽ گــُـل، واري وَٽيءَ سان اُڪيريل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٽئين خاني ۾ ٻن سوڙهن منهن سان ٻٽا ٿانوَ آهن. مٿي تاج تي اُڀائيءَ ۾ هم چورس پٿر جا داٻڙا لڳل آهن. هيٺئين داٻڙي ۾ اسان ٻٽين ليڪن ۾ اڻ چٽي انساني تصوير ڏسون ٿا. اهڙي ساڳي قسم جي تصوير اسان کي مبارڪ خان جي مقبري ۾ به نظر اچي ٿي. ٻيءَ ۾ مانڌاڻي چـِـٽَ جي چوڌاري خانيدار طرز جي اُڪير آهي. ٽئين ۾ اوڀڙ جي هم چورس طرز وارو نمونو چٽن ۾ اُڪيريل آهي.

محراب کي ٽي مهاڙيون آهن. اتر ۽ ڏکڻ واريون 3x3 فوٽ آهن. ٻئين ۽ ٽئين ونگ جي وچ تي اولهه واري محراب جي هـُـري وڌيڪ ويڪري آهي. پهرين ٻن مهاڙين تي مٿي عربي لکت ۽ اُڪير جون چار قطارون آهن. ٻن مهاڙين جي چوٿين ۽ ٻئين قطار، نموني ۾ هڪ جهڙيون آهن. مٿينءَ قطار ۾ اوڀڙ طرز جي

تصوير 71 - محراب جو صفا اندريون پاسو، جنهن جي هر پاسي تي ٻٽا پاوا رکيل آهن. هڪ پاسي اهي ٻٽاپاوا هڪ ونگ کي ٽيڪ ڏيون جهليو بيٺا آهن، ته ٻئي پاسي ونگ جي مٿان نظر ايندڙ خانو به انهن جي آڌار تي بيٺل ڏسجي ٿو. سامهون وارو پاسو ونگن وارن ٽن خانن ۾ ورهايل آهي. جيڪي اُڀيءَ طرز جا آهن. ليٽيل سنوت ۾ اُڪير جي طرز جون قطارون ڏسجن ٿيون، جن کي سنهڙا ٻنوڙا يا وٿيون ڏئي الڳ ڪيو ويو آهي.

چٽسالي ٿيل آهي. هر هڪ اوڀڙ واريءَ اُڪير ۾ مرڪز جي چوڌاري منجهيلا گول آهن. هيٺينءَ قطار ۾، چوڪنڊن اندر چئن پنکڙين وارن گلن جي چترڪاري وارو اُڪيريل سلسلو آهي. ڏکڻ پاسي واري ٽينءَ قطار ۾ ٽي اُڀا خانا آهن، جن جي وچ تي هارن جي لڙهي اُڪيريل آهي. وچئين قطار ۾ وڻ چٽيل آهي، جنهن جون ٽاريون مٿي ۽ پاسن تي پکڙيل نظر اچن ٿيون ۽ چئن ڪنڊن ۾ چار سورج مـُـکي چٽيل آهن. ساڄي پاسي اوڀڙ طرز جو گهاٽو نمونو آهي. کاٻي پاسي واري خاني ۾ آکڙي چؤڪنڊي اندر چئن ئي ڪنڊن تي چار گل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ساڻن گڏ ڇهن پنکڙين وارن چٽن جي طرز به موجود آهي. پهرينءَ قطار ۾ ونگن وارا خانا اُڪيريل آهن. کاٻي پاسي زنجير ۽ گلدان جي طرز سان گڏ ٻنهي پاسي گل اُڪيريل نظر اچن ٿا. وچينءَ تي وڻ جي طرز چٽيل آهي، جنهن جي هر هڪ پاسي تي زنجير ۽ گل اُڪيريل آهي. آخري خاني جي مٿئين حصي ۾ وڏو سورج مکي چٽيل آهي. هيٺئين حصي ۾ اوڀڙ طرز سان لاڳاپو رکندڙ ٻه پن آهن، جي هيٺ تي وريل نظر اچن ٿا، ڏاکڻي مهاڙيءَ جي ٽئين قطار جي چؤڪنڊي ۾ ٽي خانا آهن. پهرين ٻن قطارن ۾ مختلف ٻوٽن وارا گلدان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٽئين ۾ وڻ جي طرز آهي، جنهن جون ٽاريون وڪڙ کائي ڦري ٿيون اچن ۽ مٿان ڄڻ ته ورن واري ونگ (Scalloped arch) بڻجي پوي ٿي. پهرينءَ قطار ۾ به ونگن وارن خانن ۾ چٽن جون ٽي طرزون موجود ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پهرئين چٽن جي طرز ۾ هڪ سنگهر ۾ لڙڪندڙ گلدان ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان مٿان گلن جي اُڪير ٿيل آهي. وچئين خاني ۾ به لڙڪندڙ سورج مکيءَ جو گل آهي. هيٺان وڻ جا ٽي ٿـُـڙ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٽئين ۾ ٻٽو گل چٽيل آهي، جنهن جي وچ تي چئن پنکڙين وارو گل ۽ سورج مکي پاڻ ۾ ملندا ڏيکاريا ويا آهن. خانن جي آرائش کي ٽئين ونگ جي پائي کان جدا ڪرڻ لاءِ وڏي نموني جي گلن جي سلسلي کي قائم رکيو ويو آهي. ساڳيءَ ريت پهرينءَ ونگ کي جدا ڪري بيهارڻ واسطي اُڀ ڳاٽيون اُڪيرون آهن، جن مان هڪ مکڙين جي قطار ۽ ٻيءَ ۾ چئن پنکڙين وارن گلن جي لڙهه آهي.

تصوير 71 - الف - محراب جي مٿئين پاسي عربي تحرير جو هڪ نمونو.

 محراب جو مکيه اندريون پاسو (نمبر 71) اڃا به وڌيڪ ٻن اڀن ونگن وارن خانن ۾ ورهايل آهي، جن کي محراب جي وچ تي هڪ گڏيل ويڪري پٽي پاڻ ۾ ملائي ٿي، جيڪا محراب جي وچ تي چوڌاري ڦري اچي ٿي. وچ تي ٻه ونگون ٽئين ونگ جي معرفت ڳنڍيل نظر اچن ٿيون، جنهن جي وچ تي گول گل ۽ باقي حصو اوڀڙ جي چترڪاريءَ سان ڀريل آهي، جيڪا مٿي وڃي محراب جي پاسيرين جهڙي چئن واري اُڪير واري قـُـبيءَ تائين پهچي ٿي، جتان مٿان اُڪيريل لڏڪڻو نظر اچي ٿو. چؤنڪي ونگن کان وٺي هيٺ تائين، محراب جي اندرئين سڄي مهاڙي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. هڪ اڀي قطار وچ تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا هيٺ فرش جي سنوت تائين پهچي ٿي. هر هڪ ونگ واري خاني کي ٽن ونگن واري خاني ۾ بدلائي ڇڏي ٿي. اندرئين پاسي تي، وَٽِ واري ڪناريءَ کان سواءِ ست اڀيون قطارون آهن. ٻن ونگن جي ونگڙ ۾ جهڪيل پاسن سان چؤرس ۽ ڪنڊن وريل پورَ وڇوٽي مانڌاڻي طرز چٽيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا ننڍڙي گل سان گڏ مـِـسُ ٿي وئي آهي. ونگڙ کان هيٺان مهاڙيءَ ۾ ٻه کسڪيدار پٽيون (Moulded bands) آهن. هيٺئين کسڪيدار پٽي پهرين چؤڪـُـنڊي قطار جي مٿان آهي. مٿئين پٽي ڇهن خانن جي وچ تي آهي، يعني ٽي خانا هيٺان ۽ ٽي خانا مٿان آهن ۽ اهڙيءَ ريت ڪل 49 خانا آهن. سڀني کان هيٺين خانن کان هيٺ پٽين جون ڪيئي قطارون آهن. مٿان کين پنن واري چٽن جي اُڪير سان خوبصورت بنايو ويو آهي. هيٺ ديوار جي بنياد مٿان سنوت تي هيري ڪڻين ۽ گلن جي طرز جي هيٺان گلن جي آڌين جي قطار ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ليٽيل سنوت وارين قطارن ۾ هنيل 49 خانن هيٺان ڇهه خانا هڪ جهڙي چٽساليءَ واري اُڪير جي طرز سان لاڳاپيل آهن. سڀ کان هيٺئين چئن پنکڙين وارن گلن جي قطار آهي. ان کان ٻيءَ قطار ۾ گلدستي جي طرز واري چٽسالي پڌري آهي. ٽينءَ قطار ۾ ونگن وارن خانن اندر گول گل اُڪيريل آهن. چوٿينءَ قطار ۾ ٻه اڌ گول هڪ ٻئي کي ڇـُـهن ٿا. پنجينءَ قطار ۾ سورج مـُـکي گل اندر اُڪيريل آهن. ڇهين قطار ۾ لڪدار پاسن وارا چورسا آهن. ستينءَ قطار ۾ مختلف قسم جون اليڪي چٽساليءَ واري اُڪير جون طرزون آهن. اهڙو گهڻ - رُخو سنجٽ وارو محراب، سياحن جو ڌيان هڪدم پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿو. مختلف نمونن جون ايڏيون ساريون قطارون شايد ماڻهن کي خلقڻهار  جي ياد ڏيارڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن.

نتيجو

مجموعي طور تي ڄام نظام الدين جو مقبرو سنڌي ڪاريگرن جي پٿر جي اُڪير جي فن ۾ ڪلا ۽ ڏات جو نادر نمونو آهي. ڪجهه نمونا جهڙوڪ: وڻ جي طرز يا گلدان ساڳي نموني سان گجرات جي اسلامي اڏاوتن ۾ به استعمال هيٺ رهيا آهن. اهڙيءَ ريت اولهه پاسي کان محراب جي پٺئين پاسي تي پشتي جي تعمير جو مثال به گجرات جي اسلامي اڏاوت ۾ ملي ٿو، پر مقبري جي تعمير جو سڄو نقشو سنڌي ذهن جي پيداوار  آهي. شڪل ۽ خيال ۾ سڄي اڏاوت اسلامي آهي. ان جي اڏاوت جو طريقو، ڀت مان اڳتي وڌيل ونگ، ڇڪن، گهوڙي ۽ سردرن جو استعمال ۽ سچي پچي گول ونگ، هن جڳهه کان سواءِ ڪٿي به نٿا ڏسون، جيڪي عام طور تي مقبرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هتي اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو، ته هتان جو ماڻهو اهڙو ونگ ٺاهڻ جي ڄاڻ رکي ٿو ۽ ڪڏهن اهي پراڻي هنر مطابق بنايون به وينديون هيون. پراڻي هنر جي بنيادي ڪمزوري چئبي جو هيڏي وڏي ڪمري جي مٿان قبو تعمير نه ٿي سگهيو. ان هوندي به هتان جا ڪاريگر واڌايون لهڻن جو انهن اڏاوتيءَ جي فن واري هر ڀانت جي طرز ۾ ڪمال حاصل ڪيو. انهن هڪ اسلامي طرز جو مقبرو تعمير ڪيو، ان ۾ مثالي قسم جي نواڻ آندي ۽ پنهنجي اصلي سنڌي تعميراتي فن ۽ اصولن کي به هٿان ڪونه ڇڏيو  آهي. ساڳئي وقت پنهنجي خيال کي ايتري قدر ته وسعت ڏني  آهي، جو انهن بنهه پراڻي اڏاوتي نقشي ۽ خاڪي تي بلڪل نيون ۽ اُچت شيون آنديون آهن. نه فقط ايترو پر هو ڀت جي مٿاڇري کي سنجٽ ۽ سونهن ڏيڻ ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن. انهن وڏين ڀتين جي لسائيءَ، ٻـُسائپ ڀريل سادگيءَ ۽ هڪ جهڙائيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو  آهي. اسلامي اڏاوت جي حيثيت ۾ ڄام نظام الدين جو مقبرو، سنڌ جي پراڻي اڏاوتي روايتن جي خيالن مان اڀري ۽ اُسري نڪتو آهي. هن تعمير پراڻن اڏاوتي اصولن کي اسلامي تعمير جو نئون اصطلاح ڏئي اڏاوت جي گم ٿي ويل روايتن کي ڄڻ وري زندهه ڪري ڇڏيو آهي.

تصوير 71 - ب - مسجد اندر محراب جو هڪ نادر نمونو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org