سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ -

صفحو ؛ 24

 

باب چوٿون

پليٽ 22 -  چؤديواري اندر ٺهيل مرزا باقي بيگ ترخان جي مقبري جو محراب جي اندريون پاسو، جنهن جي صفا مٿئين حصي ۾ ڪنگرا  اڏيل آهن. هيٺئين پاسي اُڪير جي سادي طرز آهي. محراب سادو آهي. پر ان واري خاني جي ڪنڊن ۾ هڪ هڪ گل جي اُڪير ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ محراب جي هر هڪ پاسي تي هڪ پائو موجود آهي. سامهون نظر اندر قبر تي رکيل پٿر ترخاني طرز تي اُڪيريل آهن، جنهن مطابق قبر جا پٿراوان لوڙهٽ مختلف ڀاڱن ۾ ورهائجي ويا آهن (1584ع-1572ع). ص 97

پليٽ 23 - زنانين قبرن جي وانگاڙي جي لنگهه وارو در. هي زنانيون قبرون مرزا باقي بيگ ترخان جي گهراڻي جي عورتن جون آهن. هيءَ زناني چوديواري مرزا باقي بيگ جي مقبري سان بعد ۾ شامل ڪئي وئي آهي. لنگهه جي پٿريلي چؤڪاٺي تي ڏاڍي خوبصورت اُڪير ڪئي وئي آهي، جنهن جي مٿان ڪنگرن جي تعمير ۽ ان جي هيٺان اُڪير جون ٽن طرزن جون ٽي قطارون آهن. ص 98

پليٽ 24 - مرزا باقي بيگ جي وڏي چوديواريءَ اندر مردن جي قبرن جي ننڍي چوديواري جي لنگهه جي در جو چؤڪاٺو، جيڪو سادو نظر اچي رهيو آهي. تعمير جي مٿان ڪنگرا ۽ انهن جي هيٺان اُڪير جون ليٽيل سنوت ۾ ٽن نموني جي چٽن جون قطارون آهن. ص 99

پليٽ 25 - بديع الزمان جي اَٺ - ٿنڀي ڇٽيءَ جهڙي مقبري جو اندريون مٿيون پاسو، جنهن تي هڪ مور جي تصوير آهي، جيڪو نانگ تي چڙهيو بيٺو آهي ۽ ڪاوڙ مان کيس ٺهنگا هڻي رهيو آهي. تعمير جو تعلق 1602 صدي عيسويءَ سان آهي. ص 100

پليٽ 26 - مرزا بديع الزمان جي مقبري جي ٻئي ٿنڀي جو اندريون پاسو، جنهن تي مٿي ٻه بدڪون نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ ٻئي ڏانهن منهن ڪيون بيٺيون آهن. ان کان سواءِ ٻين پٿرن تي به ڪجهه چٽساليءَ جون طرزون اُڪيريل آهن. جيڪي گهڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ ڳري ڇڻي ويون آهن. ڪنهن طرز جو صحيح پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي. ص 100

پليٽ 27 - سلطان ابراهيم خان جي اولهه پاسي اٺ - ٿنڀي چٽيءَ وارو مقبرو آهي. جنهن جي ٿنڀن تي ڪنهن به قسم جي چٽسالي نه آهي. پر ان اندر موجود قبرن تي ترخاني طرز جي چٽسالي ٿيل ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 16 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 101

پليٽ 28 - ٿلهي تي طغرل بيگ جو ڇٽي نما مقبرو، جنهن جي اولهه پاسي تي اُڪيريل مسجد آهي. ان جي ٻنهي پاسن کان ننڍڙا مينارا تعمير ٿيل آهن. ڇٽيءَ جهڙو هي مقبرو ٻارهن ٿنڀن تي بيٺل ڏسجي ٿو، جنهن ۾ اُڪيريل طرز موجود آهي. ص 101

پليٽ 29 - مرزا طغرل بيگ جي مقبري جا هم چورس ماپ جا ٿنڀ، جن تي چٽساليءَ جو خوبصورت نمونو نظر اچي ٿو ۽ سردر ٿنڀن تي رکيل آهن. جڏهن ته ڪنڊن وارن ٿنڀن تي ٽي سردر رکيل ڏسجن ٿا. هن مقبري ۾ اُڪير جي هڪ نئين طرز نظر اچي ٿي. ص 102

پليٽ 30 - مرزا جان بابا جي مقبري جي چوديواري جي ڏاکڻي ۽ اوڀارين مهاڙي. ڏکڻ واري ڀت ۾ ٿنڀن جي مدد سان ڏيڍي تيار ڪئي وئي آهي. لنگهه واري در جو مٿيون پاسو اوچو آهي. ان جي پٺئين پاسي هڪ مقبرو ڏسجي ٿو. جيڪو ڊهڻ کان بچي ويو آهي. ص 103

پليٽ 31 - مرزا جان بابا جي مقبري جي ڏاکڻئين اندرئين پاسي تي نظر ايندڙ اُڪير. لنگهه جي در جي چوڌاري نظر ايندڙ خاني ۾ هڪ بنا اُڪير جي پٿر جو چؤڪاٺو آهي. جنهن جي چوڌاري نهايت اعليٰ معيار جي اُڪير ڏسجي ٿي. ص 104

پليٽ 32 - مرزا جان بابا جي مقبري ۾ تعمير ٿيل محراب جو پٺيون پاسو جنهن تي اعليٰ طرز جي اُڪير واري چٽسالي نظر اچي ٿي. محراب جي اتر - اولهه واري ڪنڊ کي ڪيترن ئي ونگاين ٻارين ۾ ونڊيو ورهايو ويو آهي. جن اندر آکڙي طرز جي اُڀريل اُڪير سان گڏ ٻيون به چٽساليءَ جون گلن جهڙيون طرزون آهن، جيڪي پاڻ ۾ گڏيل وچڙيل آهن. ص 105

پليٽ 33 - مرزا جان بابا جي مقبري جي محراب جي ٻئين پاسي اولاهين پاسي وارو مٿيون حصو، جتي ونگن سان ٽي خانا ڏسجن ٿا ۽ هو هڪ خاني اندر آکڙي طرز سان پوپٽ ۽ گلن جهڙيون مختلف طرزون گڏيل وچڙيل صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ص 106

پليٽ 34 - مرزا جان بابا جي مقبري جي اندرئين پاسي واري ڪنڊ، جتي نظر ايندڙ ونگائن خانن اندر آکڙي طرز واري چٽسالي موجود ڏسجي ٿي. تقسيم ڪرڻ وارن پيٽن ۾ به هلڪي اڀريل آکڙي قسم جي ساڳي طرز رکيل ڏسجي ٿي. ص 106

پليٽ 35 - مرزا جان بابا جي مقبري جي ٻاهرين ديوار ۾ نظر ايندڙ آکڙي طرز جي اُڪير وارا خانا - اهڙي آکڙي اُڪير مٿان پوپٽ رکيو ويو آهي. طرز اڳئين جهڙي آهي. ص 103

پليٽ 36 - مرزا جان بابا جي مقبري جي محراب جو خوبصورت اندريون پاسو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت پاوا رکيل آهن. بتي ٻارڻ لاءِ ڇڄي جهڙي ڏياکي تعمير ڪئي وئي آهي. ونگ جي اندرئين پاسي پٿر جي ڏندڙي ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ اليڪي (Geometrical)، امليڪي، (Foral) ونگائون (Arched)  ۽ آکڙي (Oval) طرزون به آهن. ص 107

پليٽ 37 - مرزا جان بابا جي قبي جهڙي مقبري جي ڇت جو اندريون پاسو، جنهن تي گول نموني جا خانا آهن صفا وچ تي مٿي گل جي چٽسالي ڏسجي ٿي، جنهن جي چوڌاري ڏندڙيءَ جهڙو چٽ موجود آهي. ص 108

پليٽ 38 - مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري جي چوديواري ۾ ونگ سان لنگهه وارو در، جنهن ۾ پٿر جو چؤڪاٺو ڪتب آندو ويو آهي. جنهن جي چوڌاري هڪ چؤڪنڊي ٻاري آهي. ٻنهي پاسن کان ديوار کان ٻاهر تي نڪتل جارا ڏسجن ٿا. هر هڪ جارو چؤڪنڊي ٻاريءَ سان ونگ جي وچ تي آهي. پٿر تي ڪيل ٽڪ يا اُڪير مٿاڇري آهي. اهو سنه 1054هه/1744ع. ص 108

پليٽ 39 - مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري واري چوديواري جي اتر واري ڀت جو اندريون پاسو، جنهن ۾ وچ تي وڏيءَ ونگ سان لنگهه آهي. در جي ٻنهي ٻانهين جي پاسي سان هڪ هڪ جارو آهي، جيڪو ڀت کان ٻاهر نڪتل آهي. ان کان سواءِ ڀت ۾ گهرا اُڪيريل چٽساليءَ وارا جارا به نظر اچن ٿا. ڀت تي ٿيل اُڪير به مٿاڇري آهي. ص 109

پليٽ 40 - مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري جي چوديواري ۾ الهندي پاسي ٺهيل محراب جي اندرئين پاسي هڪ چؤڪنڊي اڏيل آهي، جنهن ۾ پڻ مٿاڇري اُڪير ڏسجي ٿي. محراب جي وچ تي پٿر مان گهڙيل ڄارين واري دري آهي. سامهون واري هر پاسي تي هڪ پائو لڳل ڏسجي ٿو. ص 109

پليٽ 41 - مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري جو سامهون وارو ٻاهريون پاسو، جنهن ۾ ٿنڀن سان ورانڊو آهي، جيڪو چوڌاري ڦري اچي ٿو. ساڳئي قسم جو ورانڊو مٿينءَ ماڙ تي به آهي. وچ تي اوچي چؤڪندي ٻاري جڙيل آهي، جنهن تي عربيءَ تحرير جون ٽي قطارون آهن. مٿان قبو آهي جنهن جا پاسا ٿورو ٻاهر تي نڪتل آهن. جنهن جي چوڌاري ننڍڙيون قبرون تعمير ٿيل آهن ۽ هر هڪ قبو ٻن ٿنڀن جي وچ واري ورانڊي جي حصي تي ٺهيل آهي. جڏهن ته وڏو سفيد قبو اَٺ ڪنڊي مٿان تعمير ٿيل ڍيڍي (Drum) تي جوڙيل ڏسجي ٿو. هن تعمير جو تعلق 1054 هه : 1644ع سان  آهي. ص 110

پليٽ 42 - مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري جي ڏاکڻي ڀت ۾ تعمير ڪيل ٽن ونگائن جي پهرين اڏاوت آهي. هر در جي اوچائي ٻن ٿنڀن جيتري آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ٿنڀ هڪ ٻئي مٿان رکيا ويا آهن. ونگن جي اندرئين پاسي پٿر جي ڪنگري يا ڏندڙي لڳل آهي. هن پاسي ڇڄي وارو پلويڙو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. تنهنڪري اٺن ڪنڊن وارو مرزا عيسيٰ خان ترخان II جو مقبرو ڍيڍيءَ سوڌو چٽيءَ ريت نظر اچي رهيو آهي. ص 111

پليٽ 43 - هيٺئين ورانڊي جي ڇت ٿنڀن جي آڌار تي بيٺل سودرن تي تعمير ٿيل آهي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته چٽ هم چورس خانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر خاني ۾ گل جي چٽساليءَ ڏسجي ٿي. هن قسم جي تعمير اسلام کان اڳ واري سنڌي دور سان لاڳاپو رکي ٿي. ان زماني ۾ هال يا منڊپ تعمير ڪرڻ جو اهو طريقو هوندو هو. ص 112

پليٽ 44 - مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري جي ورانڊي جو ٻاهريون منظر، جنهن ۾ صفا آخر ۾ ٻئي ورانڊي جي ٿنڀن جي هار قطار پڻ نظر اچي رهي آهي. هي ٻن ورانڊن تي ٻڌل اهم اڏاوت آهي. جنهن جا ٻئي ورانڊا مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري جي چوڌاري ڦري اچن ٿا. ص 113

پليٽ 45 - مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري ۾ هڪ نراليءَ طرز جو ٿنڀ جنهن تي مٿي تاج (Capital) وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ هم چورس ٿنڀ واري حصي تي امليڪي چٽسالي به نظر اچي رهي آهي، جنهن جي اُڪير هيٺ گهري نه پر مٿاڇري آهي. ص 114

تصوير 72 - ارغون دور جو هڪ مقبرو، جنهن بابت ڪا ڄاڻ نه آهي ته اهو ڪنهن تعمير ڪرايو ۽ منجهس ڪير دفن آهي؟ هن تعمير ۾ ونگ سان لنگهه آهي، جيڪو پٿر جي ڪام جي مدد سان جوڙيو ويو آهي. هن لنگهه جي ٻنهي پاسن کان ڀت ۾ گهرو اُڪيريل هڪ هڪ جارو آهي. هن مقبري جي تعمير جو تعلق 16 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 117

تصوير 73 - هڪ قديم دور جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن ۾ ڪنڊن تي محرابون جوڙي تعمير کي اَٺ ڪنڊي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن مقبري ۾ اندرئين پاسي اُڪير جو فقط هڪ نمونو آهي، جنهن ڪارنس (Cornice) کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. ص 117

تصوير 74 - ساڳي تعمير جي ٻاهرئين پاسي اڌ جيترو مٿي اوچائي تي اُڪيريل پٿرن جي هڪ قطار آهي، جنهن ۾ ڪجهه وٿي تي اُڪيريل چٽساليءَ وارو  پٿر ڪتب آندو ويو  آهي. اهڙي اُڪير نه ابتدائي سما دور نه وري پوئين ترخان دور ۾ نظر اچي ٿي. ص 117

تصوير 75 - امير سلطان محمد جي مقبري جي چوديواري، جنهن جي محراب ۾ جاري واريون دريون ۽ ٻنهي پاسن کان سامهون پاوا رکيل آهن. هن تعمير جو دور 963 هه : 1556 عيسويءَ  آهي. ص 120

تصوير 76 - سلطان سليمان پٽ مرزا عيسيٰ I ترخان جي مقبري جي وانگاڙي اندر قبرن جا پٿر سلطان سليمان جي قبر جي سيرانديءَ هڪ اوچو پٿر نصب ٿيل ڏسجي ٿو. جنهن ۾ ونگائون جارو آهي. شايد اهو چراغ ٻاري رکڻ لاءِ ڏياٺيءَ طور تعمير ڪيو ويو هوندو. ان جي مٿئين پاسي تاج (Crown) جي اُڪير ڏسجي ٿي. سلطان سليمان 1557ع ۾ وفات ڪئي هئي. ص 123

تصوير 77 - مرزا صالح پٽ مرزا عيسيٰ خان ترخان I جي مقبري جي چوديواريءَ اندر پٿر جون قبرون، معلوم ائين ٿئي ٿو، ته جنهن قبر لاءِ پاسي سان ٻه ڊگها پٿر کـُـتل آهن، سا مرزا صالح جي آهي. قبر کي چئن ڪنڊن تي پاوا لڳل آهن. هن 970 هه/1563ع ۾ وفات ڪئي هئي. هتي هڪ ٻي به قبر آهي، جنهن کي چئن ئي ڪنڊن تي پاوا لڳل آهن. شايد اها مير زاهد محمد ترخان جي آهي، جنهن 966 هه/1559ع ۾ وفات ڪئي هئي. ص 123

تصوير 78 - مرزا باقي بيگ جي مقبري جي چوديواري جو لنگهه، جيڪو چؤڪـُـنڊو ۽ اوچو آهي، مٿان ڪنگرا تعمير ٿيل اٿس. هيٺان پٿر جو چؤڪاٺو لڳل آهي. پاسي وارين ڀتين ۾ جافريءَ سان دريون آهن، هن تعمير ۾ خاص فرق واري ڳالهه هيءَ آهي، ته اُڪير جي طرز بلڪل نئين آهي، جيڪا ترخان دور سان تعلق رکي ٿي. هن 1586ع ۾ وفات ڪئي هئي. ص 124

تصوير 79 - هبشاد ٻائي اهنسا ٻائي (Ahinsa Bai) جو پٿر سان جوڙايل مقبرو چوديواريءَ ۾ ٺاهيل محراب جي اوچيءَ اڏاوت تي اُڪير واري چٽسالي ٿيل ڏسجي ٿي. ونگائين محراب جي چؤڪـُـنڊي خاني جي ڪنڊن تي ٻه گل چٽيل آهن. محراب جي هر هڪ پاسي تي خاني سان ونگ آهي، جنهن جي مٿئين پاسي وچ تي هڪ گل اُڪيريل آهي. ان کان پوءِ ٻنهي پاسن کان ڀت ۾ جافريءَ تي ٻه دريون ڏسجن ٿيون. هن تعمير جو تعلق 1000 هه/1591ع جي دور سان آهي. ص 126

تصوير 80 - ترخان دور جو هڪ گمنام اٺ - ٿنڀي ڇٽي جهڙو مقبرو، جيڪو مرزا باقي بيگ ترخان جي وسيع چوديواريءَ اندر آهي، جنهن جي ٿنڀن جو ڪنڊون ساديون آهن. هن اڏاوت جو لاڳاپو 17 هين صدي عيسويءَ جي ابتدائي دور سان آهي. ص 126

تصوير 81 - مرزا بديع الزمان جو اٺ - ڪنڊائون ڇٽي جهڙو مقبرو، جنهن جي اندر سڌيءَ سنوت واري هڪ قبر آهي. مٿان مـخروطي قسم جا قبا اڏيل آهن، جنهن کي گول بار ڏئي جوڙيو ويو آهي، جيڪو قبائين تعمير جو پراڻو طريقو آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 1602ع سان آهي. ص 127

تصوير 82 - مرزا بديع الزمان جو اَٺ ڪنڊائون ڇٽيءَ جهڙو مقبرو، جنهن جي اٺ ڪنڊائين ٿنڀن تي اُڪير جي هڪ نئين طرز واري چٽسالي نظر اچي ٿي. قبر واري پٿر تي اُڪير جي زنجيري رکي وئي آهي، جنهن سان قبر جي ان پٿر جي مهاڙين کي مختلف خانن ۾ ونڊي ڇڏيو آهي. ص 127

تصوير 83 - مرزا مرزا عيسيٰ ترخان I جي مقبري واري چوديواري اندر خوبصورت اُڪير سان اٺ ڪنڊائون مقبرو، جنهن جي ٿنڀن تي ترخان دور سان لاڳاپو رکندڙ نئين طرز جي اُڪير ڏسجي ٿي. هيءَ 17 هين صدي عيسويءَ جي اڏاوت آهي. ص 127

تصوير 84 - ساڳئي مقبري سان واسطو رکندڙ ڇت واري اُڪيريل چٽسالي، جيڪا سما دور جي چٽ کان بلڪل الڳ آهي. ص 128

تصوير 85 - عبدالله شاهه اصحابي جي مزار کان اولهه پاسي اٺ - ٿنڀي ڇٽي  جهڙو مقبري جي اڏاوت، جنهن جي اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڪيتريون ئي قبرون آهن. سڀيئي ترخان اڏاوتي طرز جون آهن. هن مقبري جا ٿنڀ به اٺ ڪنڊا ۽ لسا آهن. تعمير جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ جي ابتدا سان آهي. ص 130

تصوير 86 - هم چورس ماپ جو اٺ - ٿنڀي ڇٽي جهڙو هڪ مقبرو، جنهن جي ٿنڀن تي ڪنهن به قسم جي اُڪير نظر ڪانه ٿي اچي. هر هڪ ٿنڀو پاسن جي وچ تي آهي ۽ اڏاوت چئن ڪنڊن واري ڏسجي ٿي. هتي قبي جي تعمير جي نئين طرز ڏسجي ٿي، جنهن ۾ ونگ سان خانا رکيا ويا آهن ۽ قبي جو بنياد به ان ترتيب سان رکيو ويو آهي. تعمير 17 هين صدي عيسويءَ جي وچئين دور سان تعلق رکي ٿي. ص 131

تصوير 87 - مرزا جان بابا جي مقبري جي ڏکڻ ڏسا تي هڪ گمنام مقبرو، جيڪو ڇٽي جهڙو آهي، جنهن جي هم چورس لسن ٿنڀن جي تاجن (Capitals) وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي چٽسالي اُڪيريل ڏسجي ٿي. هن تعمير جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ جي وچئين دور سان آهي. ص 133

تصوير 88 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جي ڏکڻ پاسي هڪ گمنام مقبري جي ڇت، جتي جافريءَ سان ونگون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هيءَ تعمير 17 صدي عيسويءَ جي وچ واري زماني سان تعلق رکي ٿي. ص 133

تصوير 89 - مرزا طغرل بيگ جو مقبرو ۽ اولهه پاسي تعمير ٿيل مسجد، جيڪا اوڀر - اتر پاسي کان نظر اچي رهي آهي. مقبرو يارهن ٿنڀن تي بيٺل ڇٽيءَ جهڙي تعمير آهي. هن جڳهه جو لاڳاپو 1059 هه/1649ع سان آهي. ص 134

تصوير 90 - مرزا طغرل بيگ جو مقبرو، جنهن ۾ خانا ۽ گڏيل وچڙيل قسم واريون ونگون آهن. قبي جي تعمير ۾ نواڻ نظر اچي ٿي. هن تعمير جو دور 1059 هه/1649ع وارو آهي. ص 134

تصوير 91 - مرزا طغرل بيگ جي مقبري جي اولاهين ڀت ۾ ٺاهيل خوبصورت مسجد، جنهن جي اُڪيريل ٿنڀن تي ٿيل ڪم ٽـُـڪَ جيان گهرو آهي. ص 135

تصوير 92 - مرزا طغرل بيگ جي مقبري جي هم چورس ٿنڀن جي تاجن (Capitals) وٽ ماکيءَ جي مانارن جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ آکڙي طرز تي هيٺان ۽ مٿن پوپٽ جهڙا چٽ ڏسجن ٿا. هيءَ اڏاوتي طرز ترخان دور سان تعلق رکي ٿي. ص 136

تصوير 93 - هڪ پٿرائين لوڙهٽ (Cenotaph) جنهن جي وچ تي بيد مشڪ جو وڻ اُڪيريل آهي ۽ هيٺ هڪ چؤپائي جانور (Quadrupeds)  جي تصوير ڏسجي ٿي. صفا مٿئين پاسي بدڪون آهن، سيراندي کان لڳل پٿر تي هم چورس اُڪير جي وچ تي هڪ گل موجود آهي. تعمير جو تعلق 948 هه/1542ع سان آهي. ص 136

تصوير 94 - هڪ ٿلهي تي چؤکنڊي نموني جهڙيون قبرون، جن جي پٿرن کي هر ڪنڊ تي پاوا لڳل آهن. عورتن جي قبرن جي پٿرن تي ٻن چوڙين جي اُڪير ڏسجي ٿي. تعمير جو واسطو 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 137

تصوير 95 - چؤکنڊي طرز جي قبرن جي پليٽ فارم تي اُڪير جا نمونا، هيٺئين لوڙهٽ تي ور وڪڙ ليڪون، پٺين سان چٽسالي ۽ ڪونج چٽ (Sigmas) جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. مٿئين ٻن تختين تي ڏاڪڻ جي ترتيب تي هم چورس ٽڪ کي قطار ۾ رکيو ويو آهي. اها طرز پڻ پراڻي آهي جنهن کي نئينءَ ترتيب سان اُڪيريو ويو آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 137

تصوير 96 - ٻن مان هڪ قبر جي تصوير، جيڪا ڪنهن عورت سان لاڳاپو رکي ٿي، جنهن تي سنڌ جي نون (None) طرز جي ڳهڻ اُڪير ٿيل آهي. وچ تي چندن هار (Torque) ۽ پاسن تي ڪنگڻ (Armlet) ان کان هيٺ منڊيون (Finger Rings) مٿان پنڙا (Ear rings) ۽ قبر جي پاسي تي پٽيون يا ڪڙيون (Anklets) اُڪيريل آهن. ص 137

تصوير 97 - ٻن مان هڪ مرداڻي قبر، جنهن تي هٿيار بند گهوڙيسوار جي تصوير اُڪيريل آهي. گهوڙو مڪمل طور سنجيل ڏسجي ٿو ۽ مٿي اڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سوار جي مٿي تي پٽڪو ٻڌل آهي. هن جي ساڄي هٿ ۾ گهوڙي جي واڳ جهليل آهي. جڏهن ته سندس کاٻو هٿ تلوار جي مـُـٺئي تي رکيل ڏسجي ٿو. ص 138

تصوير 98 - مرزا جان بابا جي مقبري جو ٻاهريون ڏاکڻو - اولاهيون پاسو، جنهن ۾ اولهه واري ڀت جي خوبصورت اُڪير نظر اچي رهي آهي. ڏاکڻين ڀت ٿنڀن جي مدد سان ٺهيل ڏيڍيءَ تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ لنگهه واري در سان اوچي اڏاوت نظر اچي ٿي. هن تعمير جو 17 هين صدي عيسويءَ جي ابتدا سان لاڳاپو آهي. ص 139

تصوير 99 - مرزا جان بابا جي مقبري جو ڏاکڻيون سامهون وارو پاسو، جنهن ۾ ٿنڀن جي مدد سان ڏيڍيءَ جي اڏاوت ڏسجي ٿي. چوديواري جي ٻاهرئين پاسي ونگن سان خانا آهن. خوبصورت ا ُڪير وارو اهو پاسو ايترو اوچو آهي جو پٺيان وارا ٽي ڇٽيءَ جهڙا مزار نظر نٿا اچن. ص 139

تصوير 100 - مرزا جان بابا جي مقبري جو نقشو ۽ تعمير جي رٿا بندي، جنهن ۾ مقبري جي پٿرن سان جوڙايل وانگاڙو ڪاري رنگ ۾ ليڪيل آهي، جنهن تي هڪ ننڍڙي زناني چوديواري جو به نشان آهي. ڏکڻ پاسي ٿنڀن جي مدد سان ڏيڍي پڻ ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ اولهه پاسي کان محراب جي اوچي اڏاوت پڻ ڏيکاري وئي آهي. ص 139

تصوير 101 - مرزا جان بابا جي مقبري اندر تعمير ٿيل محراب وارو حصو به ان جي اوچائي، مکيه محراب جي مهاڙي ۾ ونگائين اڏاوت ڏسجي ٿي. ان ونگ جي شڪل ذري گهٽ گول آهي. پاسي سان ٻه چؤڪنڊا خانا آهن، جن ۾ گول قسم جي اُڪير موجود آهي. محراب واري خاني جي نـُـڪرن ۾ هڪ هڪ اُڪيريل گل چٽ ڏسجي ٿو. اندرئين پاسي اُڪير جون ليٽيل سنوت ۾ پٽيون ڏسجن ٿيون. هن جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت سنڌي اڏاوتي طرز جا پاوا آهن. ص 140

تصوير 102 - مرزا جان بابا جي مقبري جي ديوار ۾ نظر ايندڙ خانا، جن ۾ آکڙي طرز وارن چٽن سان پوپٽ نظر اچن ٿا ۽ مٿان گل جهڙي اُڪير آهي. خانن کي الڳ ڪرڻ وارن پٽين تي به ساڳئي قسم جي اُڪيريل چٽسالي آهي. مٿي ڪارنس تي اُڪير جون ٽي پٽيون آهن. ص 140

تصوير 103 - محراب جي پٺئين طرف وارو اولاهيون ۽ ڏکڻ - اولهه وارو پاسو، جن تي خوبصورت خانن واري طرز موجود آهي. جنهن ۾ آکڙي اُڪير واري طرز سان گڏ رکيل پوپٽ آهن، جيڪي گڏوچڙ گلڪاريءَ سان گڏ نظر اچي رهيا آهن. ص 142

تصوير 104 - مرزا جان بابا جي مقبري جي چوديواري اندر ڀتين وسيلي ٺهيل ٽي مقبرا جن جا ٿنڀا هم چورس ۽ لسا آهن پر سندن مٿئين پاسي تاجن وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي. هنن ٽنهي مان فقط وچون مقبرو صحيح سلامت آهي. ص 142

تصوير 105 - مرزا جان بابا جي مقبري جي چوديواري اندر موجود صحيح سلامت مقبري جي ڇت، جنهن ۾ ونگ وارن خانن جون گهڻيون قطارون ۽ مٿي هڪ ورن وڪڙن جي طرز جي سهيڙ آهي. ص 144

تصوير 106 - جان بابا جي مقبري اندر گول دائرن جي هڪ ٻئي کي پائيندڙ ۽ ورن وڪڙن واري اُڪير جي طرز جيڪا قبي جي وچ تي مٿي نظر اچي رهي آهي. ص 145

تصوير 107 - مرزا جان بابا جي مقبري اندر ونگ سان خانو، اهڙا خانا ڪنڊ واري محرابيءَ جو ڪم به ڏيندا آهن. انهن محرابن جي تعمير کان پوءِ هم چورس منڊپ، اٺ ڪنڊي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي. ان اٺ ڪنڊي کي وري آسانيءَ سان سورنهن ڪنڊو به بڻائي سگهجي ٿو. ص 145

تصوير 108 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جي رٿابندي ۽ زمين تي نقشو، هن مقبري جي ٻاهران وانگاڙو ڏنل آهي، جنهن ۾ خوبصورت خانا ٺاهيل آهن. مکيه لنگهه اوڀر پاسي کان آهي. اتر ۽ ڏکڻ طرف کان به ٻه لنگهه آهن، جيڪي بند آهن ۽ محراب اولهه پاسي تعمير ڪيو ويو آهي. مکيه مقبرو ٿنڀن جي آڌار تي بيٺل آهي، جنهن کي پاسي واريون ديواريون ڏئي تيار ڪيو ويو ٿو ڏسجي. ان کان سواءِ ٿنڀن جي آڌار اڏايل ٻه ورانڊا آهن. اڏاوت جو هي فن، گجرات جي اڏاوتي فن سان لاڳاپو رکي ٿو. ص 146

تصوير 109 - مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري جو هڪ اوچو حصو، جنهن ۾ ٻن پاسن کان اوچو پلويڙو ڏنل آهي. ٿنڀن واري ورانڊي ۾ ننڍڙيون قبيون تعمير ڪيون ويون آهن. اتاهون قبو گڏيل ونگن تي بيهاريو ويو آهي. ص 147

تصوير 110 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جي محراب کان ٻئي پاسي جيڪڏهن ترڇو ڏسبو، ته الهنديءَ ڀت ۾ هڪ وڏو ۽ گهرو جارو نظر ايندو. ان کان سواءِ ڀت ۾ ونگن سان خانا به ڏسڻ ۾ ايندا. ص 147

تصوير 111 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مکيه مقبري جي اوڀر پاسي واري ڀت جي سامهون کان بيهي جيڪڏهن اولهه ڏانهن نهاربو، ته ٿنڀن جي آڌار تي بيٺل ورانڊا، وچ تي ڀت ۾ ونگن وارن درن جو لنگهه، مٿي ڇت تي ننڍڙيون قبيون ۽ سفيد قبو ڏسڻ ۾ ايندو ۽ چوڌاري ٺهيل قبيون ڦول - پتين وانگي ڏسجن ٿيون. ص 148

تصوير 112 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جي وانگاڙي جي ڏاکڻئين پاسي موجود ڪوڙي لنگهه
(False entrance) کان بيهي جيڪڏهن اولهه ۽ اوڀر پاسي نظر ڪبي ته مکيه لنگهه جي اوچيءَ تعمير جي هيٺين ٻن حصن ۾ ونگن وارا خانا ۽ مختلف طبقا آهن، جيڪي اصلي ماپ کان ڪجهه گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا. ص 149

تصوير 113 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جي چوديواري جي اُترئين ۽ ڏاکڻئين ڀت ۾ تعمير ڪيل ڪوڙن لنگهن کان بيهي نظر ڪبي ته اولهنديءَ ڀت ۾ محراب جو وڏو، گهرو جارو ۽ ڀتين ۾ ونگن وارا خانا ڏسڻ ۾ ايندا. ص 149

تصوير 114 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جو، ڏکڻ - اولهه کان بيهي ڏسڻ ۾ ايندڙ منظر، جنهن ۾ ڏکڻ واري لنگهه سان گڏ ٻيون، به ڪيتريون مٿيون موجود آهن. ان کان سواءِ مقبري جو قبو ۽ ٿنڀن جي آڌار تي بيٺل ورانڊا به واضح نموني سان نظر اچي رهيا آهن. سن 1054هه/1644ع ص 150

تصوير 115 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جي اتر - اولهه پاسي نظر ايندڙ ٿنڀن جي آڌار تي بيٺل هيٺيون ۽ مٿيون ورانڊو ڏسجي ٿو. ان کان سواءِ مقبري جي اڇي قبي سان گڏ ڇت تي مٿي ننڍڙيون قبيون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، مٿئين پاسي وارن ٿنڀن جي قطار ۽ اُڪيريل همچورس ٿنڀن تي مٿي تاجن وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. ص 151

تصوير 116 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جي اٺ ڪنڊي ڍيڍيءَ (Drum) جي ٻاهرئين پاسي تي نظر ايندڙ خوبصورت اُڪير، جنهن ۾ ترخاني قسم جي هڪ مخصوص طرز ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ص 151

تصوير 117 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جي مٿينءَ ماڙي تي ڪتب آندل هم چورس ٿنڀن ۽ سردرن تي ڏسڻ ۾ ايندڙ خوبصورت اُڪير آهي جنهن ۾ مخصوص ترخاني طرز جا امليڪي (Floral) گڏوچڙ نمونا ڏسجن ٿا. ص 152

تصوير 118 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جي ٻاهرئين پاسي نظر ايندڙ ونگ سان هڪ خانو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ ننڍو ٿنڀ آهي هنن ٻنهي ٿنڀن تي پيچيده اُڪير ڏسجي ٿي. جڏهن ته چؤکٺي جي ٻنهي ٻانهين کان مٿاڇري اُڪير آهي. پر ونگائين خاني اندر آکڙي طرز جي ٻنهي پاسن کان رکيل هڪ هڪ پوپٽ، ان طرز جي اُڪير چئن ئي پاسن کان مٿي ۽ هيٺ گل جهڙي گهري  اُڪير آهي. ص 152

تصوير 119 - مرزا عيسيٰ ترخان II جي مقبري جي ڇت جو هيٺيون پاسو، جتي اُڪير جي ڀانت جي طرز جي چٽساليءَ جا ڊگها سلسلا موجود آهن. ص 154

باب پنجون

پليٽ 46 - پڪسرائين ست چڙهڻي جي تعمير. ست چڙهيڻون معنيٰ ”ست ڏاڪڻيون“ آهي. پر ڏسجي ٿو، ته هن اڏاوت ۾ ستن بجاءِ اٺ ڏاڪڻيون آهن. سڀ چڙهڻيون ڊهي کنا کيڙا ٿي ويون آهن پر هن اٺ ڪنڊيءَ جڳهه جو مکيه نقشو اڃا به محفوظ آهي. ان سان گڏ چئن لنگهن جي مٿئين پاسي ۽ اڏاوت جي چئن ڪنڊن ۾ چار چار هـُـريون (alcoves) اڃا به محفوظ آهن. هيءَ تعمير 16 هين صدي عيسويءَ جي وچئين دور سان تعلق رکي ٿي. ص 155

پليٽ 47 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جاري جي پڪسرائين مقبري جو اندريون حصو، جنهن جي آڳنڌ ۾ ڪجهه قبرون ڏسجي رهيون آهن ۽ ونگن وارن خانن سان اولاهين ڀت ۾ قبائين مسجد به تعمير ڪئي وئي آهي. مقبرو، مسجد جي اوچي پيش طاق جي اوٽ ۾ اچي ويو آهي، جنهن ۾ ڪاشيءَ جون چمڪدار سرون لڳل آهن. هن تعمير جو تعلق 1050 هه ۽ 1640ع سان آهي. ص 155

پليٽ 48 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جي مقبري واري اڌ قبائين مسجد ۾ ڪاشيءَ جي سرن جي سونهن ۽ سنجٽ ڪنڊن وارين محرابين مٿان پاڻ ۾ گڏيل وچڙيل پيچيده ونگن جي ترتيب سان آهي. جڏهن ته ڇت ۾ ڪـُـنڊڙي (Zig Zag) جهڙي چٽسالي ڏسجي ٿي. ص 156

پليٽ 49 - مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي مقبري جي چوديواري جو منظر، جنهن جي اوڀرپاسي واري ڀت ۾ تعمير ٿيل لنگهه ڏسجي رهيو آهي. مکيه مقبرو وچ تي آهي، جڏهن ته کاٻي منڊپ ڏانهن امير محمد سلطان جو مقبرو ۽ زبون ٿيل مسجد نظر اچي رهي آهي. هن تعمير جو تعلق 966 هه : 1550ع سان آهي. ص 157

پليٽ 50 - سلطان ابراهيم جو اٺ ڪنڊو مقبرو جنهن جي اٺن ئي پاسن کان هريون (Alcoves) تعمير ٿيل آهن. وچ تي اوچو ۽ ويڪرن پاسن سان مخروطي قسم جو قبو ڏسجي ٿو. هن جڳه کي ٺهڻ وقت ڪاشيءَ جي نيريءَ سرن سان سينگاريو ويو ٿو ڏسجي. ص 157

پليٽ 51 - سلطان ابراهيم جي مقبري ۾ ڪـُـنڊ واري هڪ هريءَ جو ويجهو منظر جنهن ۾ در جي چؤڪاٺي ۾ ڳڙکين وارو پٿر هنيو ويو آهي. مٿئين پاسي ونگائين دري ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ هڪ عربي لکت آهي، جيڪا نيري رنگ جي ڪاشيءَ جي سرن تي اڇي رنگ سان خطاطي ٿيل آهي ۽ تباهيءَ کان بچي ويل سونهن ۽ سنجٽ به آهي، جيڪا وڏي ونگ واري خاني جي نـُـڪرن ۾ ڏسجي ٿي. ص 158

پليٽ 52 - مرزا جاني بيگ جو پڪ سرائون اٺ ڪنڊو مقبرو، جنهن جي پٿر جي چوديواري جي اندرئين اولاهين پاسي ڀت سان مسجد جوڙي وئي آهي. هن تعمير جو تعلق 1009هه : 1601ع سان ڏسجي ٿو. ص 159

پليٽ 53 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جي ٻاهرئين پاسي هڪ هريءَ جو ويجهو منظر، جنهن ۾ ڪاشيءَ جي سرن جا خانا آهن، ڳڙکين سان هڪ پٿرانهين دري ۽ نيري رنگ جي تر تي اڇي عربي لکت ڏسجي ٿي. ص 160

پليٽ 54 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن ۾ ونگن سان خانا، هڪ ٻئي سان گڏيل وچڙيل ونگن جو هي سلسلو، جن سڀني ۾ ڪاشيءَ جي سر جي سونهن واري سنجٽ رکي وئي آهي. ص 161

پليٽ 55 - ديوان شرفا خان جو پڪسرائون مقبرو، جنهن ۾ هـُـرين بدران ڪنڊن تي گول قسم جا منارا تعمير ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ ويڪرن پاسن وارو قبو به ڏسجي ٿو، جنهن کي هلڪي نيري رنگ جي سرن سان سينگاريو ويو آهي. اولهه پاسي کان ڀت ۾ مسجد جي اڏاوت ٿيل آهي. هن اڏاوت جو تعلق 1048هه : 1638ع سان آهي. ص 159

پليٽ 56 - ديوان شرفا خان جي مقبري جي قبي جو اندريون مٿيون پاسو، جنهن ۾ ونگائن خانن کان مٿان ڏنگڙي (Zig Zag) چٽسالي آهي. ص 161

پليٽ 57 - ديوان شرفا خان جي مقبري جي وانگاڙي جي اولاهينءَ ڀت لڳ تعمير ٿيل مسجد جو محراب ڏاڍو چمڪيلو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ونگاوان خانا آهن، جن اندر ڪاشيءَ جي سر ڪتب آندي وئي آهي. ص 162

پليٽ 58 - پڪ سرائين دبگير مسجد، جنهن ۾ اوڀر طرف ٽي ونگاوان لنگهه ڏسجن ٿا. سامهون واري پاسي ٻنهي ڏسائن کان مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. مسجد جو اڱڻ پٿرن سان جڙيل آهي. ڇت تي قبا ٽي ڏسجن ٿا. تعمير جو سال 1588ع آهي. ص 162

پليٽ 59 - دبگير مسجد جي وچين لنگهه جو ويجهو ڏيک، جنهن جي هر هڪ پاسي ونگاوان خانا آهن، جن ۾ ڪاشيءَ جي سر ڪتب آندي وئي آهي. ص 163

پليٽ 60 - محراب واري وچين قبي جي فرش تي بيهي اتر پاسي نظر ڪبي ته ونگن جي ۽ ونگائين خانن جي وٿيءَ ۾ ڪاشيءَ جي سر ڪتب آندي وئي آهي. ص 163

پليٽ 61 - دبگير مسجد جو وچيون محراب، جنهن جي سامهون واري پاسي تي پٿر تي ٿيل اُڪير وڃي اڌوگابري بچي آهي. هوا لاءِ پاسي کان ونگن سان دريون رکيون ويون آهن. مٿئين پاسي تي ڪاشيءَ جي سرن جو استعمال ڏسجي ٿو. ص 164

تصوير 120 - شيخ جيئي جي پڪ سرائين ۽ گچ جو ليپو ڏنل مقبري جو ڏاکيڻون ٻاهريون پاسو، جنهن جي کاڄي ويل ڇت ۾ اڀيءَ طرز جا خانا ۽ هم چورس جارا آهن. در ۾ پٿر جو چؤڪاٺو لڳل ڏسجي ٿو. ان سان گڏ هڪ ننڍو ونگائون لنگهه به آهي، جتان گذري ڏاڪڻ تائين پهچي سگهجي ٿو. صفا مٿي محرابيءَ جهڙو اڌ - قبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ص 166

تصوير 121 - ارغون دور جو هڪ گمنام مقبرو، جنهن جي ٻاهرئين پاسي هڪ ٻئي اندر چؤڪنڊا خانا جوڙيا ويا آهن. ان کان سواءِ بنيادن کان وٺي وچئين حصي تائين پٿر جي اوساري ڏسجي ٿي. ڀت جي پٺئين پاسي محراب جي اوچي اڏاوت موجود آهي. هن تعمير جو تعلق 16 هين صدي عيسويءَ جي شروعات سان آهي. ص 166

تصوير 122 - ارغون دور جي هڪ گمنام مقبري جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو، جنهن وچ تي لنگهه ڏسڻ اچي  ٿو. هن جي هر هڪ پاسي تي هڪ ٻئي مٿان ونگن سان خانا آهن. ونگائين لنگهه مٿان دري آهي، جيڪا ڀڳل آهي. هتي وڏيءَ ونگ جي نئين طرز ڏسجي ٿي. هي 16 هين صدي عيسويءَ جي شروعات سان لاڳاپو رکي ٿي. ص 167

تصوير 123 - ارغون دور جي گمنام مقبري اندر پٿرانهين لوڙهٽ آهي، جنهن جا ٻه طبقا آهن. هن قبر تي اُڪير جي ٻن نموني چٽساليءَ جي وچ تي عربي تحرير آهي. ص 168

تصوير 124 - ست چڙهڻي جو ڏکڻ  - اولهه پاسو، جنهن جي مکيه لنگهه واري ڏاڪڻ کي ست ڏاڪا آهن، جيڪي وچ تي نظر اچي رهيا آهن. بنيادن وٽ پٿرن جي اوساري ڏسجي ٿي. ڪنڊن وٽ ٽي محرابي لنگهه آهن. هن اڏاوت جو واسطو 16 صدي عيسويءَ جي آخري حصي سان آهي. ص 169

تصوير 125 - ست چڙهڻيءَ جي اٺ ڪنڊي منڊپ (Hall) جنهن جي فرش تي گچ سان لنبيل قبرون آهن، هر ڪنڊ تي هڪ وڏو محراب موجود آهي. هنن محرابن کي ڪاشيءَ جون سرون هڻي خوبصورت بڻايو ويو آهي. هتي ونگ سان هڪ لنگهه آهي. جتان گذري ڀر واري ڪمري ۾ وڃي سگهجي ٿو. مکيه لنگهه واري ونگ واري خاني جي نـُـڪرن ۾ ڪاشيءَ جون چمڪدار سرون لڳل ڏسجي ٿيون. ص 171

تصوير 126 - دبگير مسجد جي مکيه ونگائين لنگهه جي ٻاهرئين پاسي واري ونگائين خاني ۾ سونهن سنجٽ لاءِ ڪاشيءَ جون چمڪڻيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن، جيڪي ڏندائين ونگ (Multicusped Arch) ۾ موجود ڏسجن ٿيون. هن چٽساليءَ طرز جي مرڪزي تصوير ائين آهي ڄڻ ڪا ڪوراڙ بلا وڪڙ هڻندي وڃي رهي آهي. هن اڏاوت جو دور 1588ع آهي. ص 171

تصوير 127 - مرزا جاني بيگ جي مقبري واري چؤديواري ۾ در جهڙو لنگهه، جنهن تي عربي لکت آهي، جيڪا در جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. ان سان گڏ خانن جو هڪ سلسلو آهي. اهڙيءَ ريت هڪ چهنبدار ونگ اندر گلن جي طرز واري چٽسالي رکيل ڏسجي ٿي. ص 172

تصوير 128 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جو نقشو، جنهن ۾ اٺ ڪنڊي مقبري کي پٿر جي چؤديواري وانگاڙو آهي، جنهن کي اوڀر کان لنگهه ۽ اولهه پاسي کان ڀت ۾ محراب جوڙيو ويو آهي. هن مقبري کي چار لنگهه آهن. ٽن ڪـُـنڊن ۾ ٽي هر ٻئين ۽ چوٿينءَ ڪنڊ ۾ ڏاڪڻ جوڙيل ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو زمانو 1601ع آهي. ص 172

تصوير 129 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جو اڌ حصو، جنهن ۾ سونهن ۽ سنجٽ لاءِ خانن ۾ ڪاشيءَ جي سر کي ڪتب آندو ويو آهي. ڇت ۾ گڏيل وچڙيل ونگون ۽ ڪنڊڙو (Zig Zag) چٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ص 173

تصوير 130 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جي مقبري جي چوديواري ۾ اولهه پاسي تعمير ڪيل قبائين مسجد جي محراب جو پٺيون پاسو، جنهن ۾ اٺ ڪنڊي ڍيڍيءَ (Drum) جي مٿان نبات جهڙو جو قبو تعمير ڪيو ويو آهي ۽ ڪارنس وٽ ڪنگرين يا ڏندڙي جي قطار آهي. هن تعمير جو تعلق 1050هه / 1640ع آهي. ص 174

تصوير 131 - مرزا باقي بيگ ازبڪ جي مقبري جي چوديواري جو مجموعي منظر، جنهن ۾ اوڀر پاسي واريءَ ڀت ۾ لنگهه تعمير ڪيو ويو  آهي. اولهه پاسي کان ديوار ۾ خانا آهن، ديوار سڄي ڪري ڀڄي ڀـُـري وئي آهي. ص 174

تصوير 132 - ديوان شرفا خان جي مقبري جي چوديواريءَ جو نقشو، جنهن ۾ اولهه پاسي کان مسجد جي تعمير ڏيکاري وئي آهي. هن مقبري جي هرڪنڊ تي هـُـري رکڻ بدران گول قسم جا منارا جوڙيا ويا آهن. هن اڏاوت جو دور 1048هه / 1638ع آهي. ص 178

تصوير 132 - الف - دبگير مسجد جي چوڌاري موجوده دور جي تعمير ڪيل ڀت. ص 182

باب ڇهون

پليٽ 62 - امير محمد خان جي هڪ قبي تي مشتمل هم چورس ۽ پڪسرائين مسجد. لنگهه اوڀر پاسي کان اٿس جنهن ۾ اُڪيريل پٿر جو چؤڪاٺو لڳل ڏسجي ٿو. هن اڏاوت جي اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڪاشيءَ جي چمڪدار سر ڪتب آندي وئي هي. هن اڏاوت جو تعلق 1039 هه / 1629ع سان آهي. ص 164

پليٽ 63 - ٺٽي جي جامع مسجد، جيڪا دهلي جي شهنشاهه شاهه جهان جي حڪم سان تيار ڪئي وئي هئي. مسجد جي سامهون باغيچو آهي، جنهن لاءِ ٽي لنگهه آهن. هي ٻئي موجوده دور جو واڌارو آهن. سامهون ڦوهارو، پاڻيءَ جي ڪسي ۽ راهدارين سان بيد مشڪ جا وڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن اڏاوت جو لاڳاپو 1054هه/1644ع-1057هه/1647ع سان آهي. ص 183

پليٽ 64 - مسجد جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو، جنهن ۾ ٽي ونگاوان لنگهه آهن، جن مان وچيون وڏو آهي. اتان گذري قبي واري منڊپ ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. پر اهو پاسو هاڻي ڪاٺ جا در هڻي بند ڪيو ويو آهي. سامهون پوئين دور جي هڪ قبر آهي. هر هڪ لنگهه جي پاسي ۾ دريون آهن جن ۾ گـِـرل (gril) لڳل آهي. هنن سڀني ۾ موجوده دور جون چمڪدار ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. ص 183

پليٽ 65 - جامع مسجد جي مکيه دروازي جو اندريون پاسو، جنهن ۾ ڪاٺ جا در لڳل آهن. بنيادن کان وٺي وچ واري حصي تائين ڀتين تي مينا ڪاري جو ڪم ڏسڻ جهڙو آهي. هن ننڍي قسم جي قبي اندر ۽ هيٺئين پاسي گڏيل وچڙيل ونگن ۽ محرابيءَ جي چٽساليءَ ۾ موجوده دور جي ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. ص 184

پليٽ 66 - جامع مسجد جي مکيه لنگهه جي پٺئين پاسي قبائين اڏاوت هيٺان ڪمري واري ڇت ۾ ڪاشيءَ جي سرن کي ڪم آندو ويو آهي، جنهن ۾ گڏيل وچڙيل پيچيده قسم جون ونگون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. صفا مٿي وچ تي سورج مـُـکي گل جو چٽ آهي. منظر مان ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ آڪاس ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هجن. ص 185

پليٽ 67 - جامع مسجد جي ٻئي قبي جي ڪمري جي ڇت، جنهن ۾ موجوده دور جي ڪاشي ڪتب آندي وئي آهي. هتي معلوم ٿيندو، ته پراڻي دور جي چٽساليءَ کي ورجايو ويو آهي.ان کان سواءِ وچ واري حصي کي اڇين ليڪن سان سجايو ويو آهي. ص 185

پليٽ 68 - جامع مسجد اندر واري آڳنڌ جنهن ۾ اولهه اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارين ايوانن جي مهاڙين جي چٽسالي ڏسجي رهي آهي. هتان کان اولهه ۾ اوچو مقصوره ڏسجي رهيو آهي. تنهنڪري مسجد جي محراب وارو مکيه مرڪزي قبو اوٽ ۾ اچي ويو آهي ۽ نظر ڪونه ٿو اچي. ص 186

پليٽ 69 - جامع مسجد جي اندرئين اترئين ايوان جي مهاڙي، جتي ونگايون اڏاوتون ۽ اتر وارو قبائون مرڪزي لنگهه نظر اچي ٿو. جنهن ۾ سونهن ۽ سنجٽ لاءِ ڪاشيءَ جون سرون ۽ ونگن جي هيٺئين ۽ اندرئين پاسي پٿر جا ڊگها ٽڪر ڪتب آندا ويا آهن. وچ تي گچ سان ٺهيل اڇي قبر ننڍي ماپ جي پلويڙي کان مٿي چٽي نظر اچي ٿي، جنهن جي هيٺان ٻين جي مقابلي ۾ وڏي ونگ ڏسجي ٿي. ص 186

پليٽ 70 - مسجد جي اترئين حصي، ٿنڀن وسيلي جدا ڪيل پاسي کان بيهي جيڪڏهن نهاربو، ته ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل هڪ منظر ڏسڻ لاءِ  پڪل ڳاڙهين سرن جي ونگن جو سلسلو نظر ايندو. ص 187

پليٽ 71 - محراب جي اولهه پاسي واري مهاڙي، جنهن ۾ ڪاشيءَ جي سر جي استعمال جو ڏانءُ ۽ ڏات جو سدا بهار نظارو موجود آهي، اڌ قبي جهڙي محراب اندر سفيد رنگ جي ليپي جي تر تي Talac tite چٽ  آهي. پٺئين پاسي ڳڙکين واري دري ڏسجي ٿي. ص 187

پليٽ 72 - محراب جي ڪنڊ ۾ هڪ محرابيءَ اندر ڪاشي جي سرن جا خانا ٺاهيا ويا آهن، جيڪي بنيادن کان وٺي محرابيءَ جي وچ تائين آهن. اندرئين مٿي پاسي به ونگون ٺاهيون ويون آهن. ص 188

تصوير 133 - مسجد محمد بن قاسم، جنهن ۾ ٽن قبن واريون ٻه جڳهون شامل آهن. ڏاڪڻ ٻنهي مسجدن جي وچ واري حصي ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. قبن جي چوڌاري پٽي ڏسجي ٿي. لنگهه ونگ سان آهي، جتان گذري ڪري چوديواري اندر پهچي سگهي ٿو. اها اڏاوت 17 هين صدي عيسويءَ جي آخري دور جي آهي. ص 192

تصوير 134 - مسجد محمد بن قاسم جو پٺيون پاسو، جنهن ۾ محراب واري ٻاهر ڏانهن نڪتل اڏاوت ۾ ونگن سان دريون آهن. ص 192

تصوير 135 - مسجد محمد بن قاسم جي چوديواريءَ جي اتر - اوڀر پاسي تعمير ڪيل منارو، جيڪو گول ۽ ٻن منزلن تي ٻڌل آهي. صفا مٿان قبي جهڙي شڪل اٿس. هيءَ اڏاوت 17 هين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي سان لاڳاپيل آهي. ص 193

تصوير 136 - مسجد محمد بن قاسم جي مناري ۾ ڪاٺ جون ٻاهر نڪتل جهلون، جنهن جي آڌار تي جهروڪو بيهاريو ويو آهي. قوي امڪان آهي، ته ڄاڻايل جهروڪو آذان ڏيڻ لاءِ ڪتب ايندو هجي. ص 193

تصوير 137 - شاهجهان مسجد جي هڪ قبي جي ڇت، جنهن ۾ وچ تي هڪ گول نشان آهي، جنهن جي چوڌاري ستارا چمڪندي ڏيکاريا ويا آهن. هن منظر مان معلوم ائين ٿئي ٿو، ته اهو گول نشان سج جو آهي. ص 198

تصوير 138 - شاهجهان مسجد، جنهن ۾ بنيادن کان وٺي وچ حصي تائين هڪ خانو ڏسجي ٿو. جنهن ۾ سفيد ليڪن جي وچ تي گل جو چٽ رکيل آهن، اهي گل به مختلف اليڪي شڪلين ۾ ڏسجن ٿا. ص 202

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org