سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ جي تعليم جا اصول

باب: 7

صفحو : 10

باب ستون

 

تاريخ جو استاد

 

تاريخ سيکاريندڙ استاد کان ڪنهن ناممڪن يا دشوار ڪم ڪرڻ جي اميد نٿي رکجي. البت ايتري اميد ضرور رکي وڃي ٿي جو هو پنهنجي ڪم کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ۽ پنهنجي فرض کي سڃاڻي.

تاريخ جي استاد جو پهريون ڪم هيءُ آهي ته هو پنهنجي ڪم کان واقف هجي. جيڪڏهن هن کي تاريخ جي علم جي چڱي واقفيت نه آهي ته اهو استاد هرگز تاريخ پاڙهڻ لاءِ موزون ٿي نه سگهندو. جيڪڏهن تاريخ جو استاد علم تاريخ ۾ گهٽ آهي ته ان جي هن گهٽتائيءَ کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز ڪري نٿو سگهجي، هر هڪ تاريخ سيکاريندڙ استاد لاءِ ضروري آهي ته هو تاريخ جي علم جو چڱو ماهر هجي ۽ سندس تاريخي معلومات به وسيع هئڻ گهرجي. گهڻو ڪري ٽريننگ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تاريخي معلومات کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي. پر تاريخي علم کي گهٽ سمجهيو ويندو آهي يا غير شعوري طور تي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي. پر سچ پچ علم کي هڪ وڏي ٻيلي وانگر سمجهڻ گهرجي. ٺلهي معلومات يا واقفيت ٻيلي جي وڻن جي مثال آهي. تاريخي معلومات جي اندر تاريخ جو علم سمايل نه آهي بلڪل ائين جئين وڻ يا وڻن جي اندر ٻيلو سمايل نه آهي. ٻئي پاسي تاريخ جي علم جي اندر هر قسم جي تاريخي معلومات شامل آهي جئين ٻيلي ۾ وڻ شامل آهن. ائين ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو ٻيلي جا اڪثر وڻ ڏسي اچي، تنهن هوندي به هو ٻيلي جي هوبهو تصوير ٻين ماڻهن جي سامهون چڱيءَ طرح پيش ڪري نه سگهندو هجي. علم جي معنيٰ آهي پهريائين شين جو مشاهدو ڪرڻ پوءِ انهن کي پاڻ ۾ ڀيٽائڻ تنهن کان پوءِ انهن مان صحيح نتيجا ڪڍڻ. مطلب ته تاريخ جو استاد فقط تاريخي معلومات کي ئي پنهنجو مقصد نه سمجهي بلڪ هن جو فرض آهي ته هر تاريخي ڳالهه، شخصيت ۽ واقعي کي عقل جي تارازيءَ ۾ توري پوءِ ان ڳالهه جي قدر قيمت، اهميت يا عيب ثواب جو صحيح اندازو ڪري. تاريخ جي استاد جو فقط ايترو ئي فرض نه آهي ته هو تاريخ جي ڳالهين کان باخبر هجي بلڪ ان کان سواءِ سندس اهم فرض آهي ته هو تاريخي حالتن ۽ واقعن جي سببن، دؤرن ۽ ريت روايت کان به واقف هجي. تاريخ جي استاد لاءِ ضروري آهي ته هو تاريخ جي وڏين وڏين تحريڪن، وڏن وڏن واقعن ۽ انهن جي معنيٰ ۽ نتيجن کان چڱيءَ طرح واقف هجي. هن لاءِ هي ضروري نه آهي ته تاريخ جون ڳالهيون ۽ واقعا ۽ تحريڪن جو احوال طوطي وانگر ياد ڪري ڇڏي، بلڪ هن لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته تاريخ جي ڪنهن به هڪ دؤر جو مطالعو خاص طور سان ڪري ڇڏي ۽ انهيءَ ريت تاريخ پاڙهڻ جي ۽ تاريخي ڪتابن ۽ ماخذن جي مطالعي ڪرڻ جي عادت پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ سان، منجهس علم تاريخ جي سائنسي طريقي تي مطالعي ڪرڻ جي عادت پختي ٿي ويندي ته هو ٻين تاريخي دؤرن جو مطالعو به ساڳيءَ ريت سولائيءَ سان ڪري سگهندو. جڏهن هو پاڻ ائين ٽرينڊ ٿي ويندو تڏهن هو ٻارن جي دماغ جي تربيت چڱيءَ طرح ڪري سگهندو، يعني انهن کي تاريخي واقعن جا سبب ۽ انهن جا نتيجا ۽ اثر پوري اعتماد ۽ ڪاميابيءَ سان ٻڌائي سگهندو.

استاد جي علميت ۽ تاريخ سان سندس واقفيت کان پوءِ آهي استاد جي پنهنجي تاريخي نظريي جي ڳالهه. جيڪڏهن تاريخ هڪ سائنس  آهي ته پوءِ تاريخ سيکاريندڙ استاد جو نظريو سائنسدان جهڙو ٿيڻ گهرجي. تاريخ جي استاد ۾ نه مڪاني، نه صوبائي، نه قومي، نه مذهبي غرض ته هن ۾ ڪنهن به قسم جو تعصب، يا جانبداريءَ جو جذبو نه هئڻ گهرجي. استاد جو فرض آهي ته تاريخي ڳالهين کي پڙهڻ کان پوءِ کين توري ۽ جاچي ڏسي ته اهي ممڪن ٿي سگهن ٿيون يا نه. جيڪڏهن اهي ڳالهيون يا حقيقتون صحيح هجن ته بلاشڪ استاد منجهائن نتيجا ڪڍي. پر جيڪڏهن استاد کي ڪنهن ڳالهه جو يقين ئي نه هجي ته پوءِ اهڙي ڳالهه ٻارن کي نه ٻڌائي. استاد کي تنگ نظر ۽ تعصب وارو نه هجڻ گهرجي، کيس هميشه هر تاريخ جي ڳالهه جا ٻئي پاسا شاگردن جي سامهون چٽيءَ طرح پيش ڪرڻ گهرجن. استاد کي دنيا جي سڀني ماڻهن جا فقط ٻه قسم ئي سمجهڻ نه گهرجن. بني آدم نيڪيءَ ۽ بديءَ جي آميزش سان پيدا ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به ماڻهو سؤ سيڪڙو نيڪ يا سؤ سيڪڙو بد نه ٿيندو آهي. ساڳيءَ طرح تاريخ جي هر شخصيت ۾ نيڪيءَ ۽ بديءَ ٻنهي جا جزا ٿيندا آهن. تاريخ پاڙهيندي استاد کي گهرجي ته تاريخي شخصيت جي چال ۽ اخلاقي ۽ شخصي خوبين تي زور ڏيڻ بدران هن جي ڪمن ڪارين ۽ خدمتن کي خاص طور سان اهميت ڏيئي پاڙهيو وڃي. تاريخ جي شخصيتن جي شخصي زندگيءَ ۽ چال چلت سان تاريخ جي استاد جو واسطو نه آهي. پر انهن صفتن جو اثر انهن جي تاريخي ڪمن يعني جنگين سماجي يا ملڪي سڌارن تي ٿيو آهي، تڏهن سندس اهي اخلاقي خوبيون يا خرابيون بيان جي قابل سمجهيون وينديون. تاريخ جو استاد شاگردن کي چتونءَ وانگر تاريخي ڳالهيون ياد ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. بلڪ هميشه تاريخ جي تحريڪن ۽ واقعن  جي سببن مقصدن ۽ نتيجن تي بحث مباحثو ڪري ضروري دليلن سان ثابت ڪري ٻارن جي دماغي تربيت ڪندو آهي. يعني انهن تي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ منجهن ڪنهن فيصلي تي پهچڻ جي عادت وجهندو آهي.

تاريخ جي استاد جو ٻيو اهم فرض هي آهي ته هو دنيا جي تاريخ ۽ دنيا جي اهم قومن جي تهذيب ۽ تمدن سان ڪنهن قدر واقف هجي. ارمان جي ڳالهه آهي ته اسان جي ابتدائي توڙي ثانوي اسڪولن ۾ تاريخ جي علم کي نصاب ۾ شامل ئي نه ڪيو ويو آهي. هيءَ هڪ وڏي ڀـُل آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان يا هندستان جي تاريخ پاڙهيندي استاد لاءِ دنيا جي تاريخ بابت عام واقفيت تمام ضروري آهي. جيڪڏهن تاريخ جو استاد جهونين تهذيبن جهڙوڪ سميرين ايلم مصر فلسطين يونان ۽ روم ۽ عرب وغيره جو ٿورو گهڻو اڀياس ڪيو آهي، ته پوءِ هو پاڪستان ۽ هندستان جي قديم تاريخ ٻارن کي چڱيءَ طرح ۽ اثرائتي نموني پڙهائي سگهندو. اسان جا اڪثر تاريخ لکندڙ تاريخ جا ڪتاب ائين ٿا لکن ڄڻ ته هندستان ۾ تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪرڻي، رسمون ريتون، علم ۽ هنر، صنعت و حرفت سڄيءَ دنيا کان الڳ ۽ هڪ آزاد ۽ جدا گانه ماحول ۾ پيدا ٿيون يا ٿيا، ڄڻ ته انهن جي واڌاري جو دنيا جي ٻين تهذيبن سان ڪو به واسطو نه هو، ڇاڪاڻ ته هندستان وڏن جبلن ۽ سمنڊن جي ڪري ٻيءَ سڄيءَ دنيا کان الڳ هو. پر حقيقت هر گز ائين نه آهي. سچ پچ ته اهو تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي. تاريخ جي استاد کي گهرجي ته دنيا جي تاريخ جي صحيح مطالعي کان سواءِ هندستان ۽ پاڪستان ته ڇا پر ڪنهن به قوم يا ملڪ جي تاريخ ٻارن کي ائين نه پاڙهي، نه ته اهڙا ڪوڙا بيان وڌندا رهندا ۽ تاريخ مان ٻار رهنمائي حاصل ڪرڻ جي بدران سخت جاهل گمراهه ئي رهندا. ڇاڪاڻ ته عالمي تاريخ اسان کي سيکاري ٿي ته اڄ تائين روءِ زمين تي ڪابه قوم يا قبيلو اڪيلو ٿي، ٻين قومن يا قبيلن کان جدا ٿي، جيئرو نه رهيو آهي ۽ نه رهي سگهي ٿو. بني آدم هڪڙو وڏو ڪٽنب آهي هن ڪٽنب جا ڀاتي سڄي دنيا ۾ پکڙيل هئا ۽ آهن ۽ هن ڪٽنب جي هر شاخ جو لاڳاپو ٻيءَ شاخ سان هميشه رهيو آهي. هڪ قوم جي تهذيب جو اثر ٻيءَ قوم تي پيو آهي ۽ جيڪڏهن هڪ قوم ڪڏهن ٻيءَ جي خلاف جنگ ڪئي آهي، ته ڪڏهن ان جي مدد  به ڪئي آهي ۽ جڏهن به ٻه ڌُريون پاڻ ۾ وڙهيون آهن، ته پاڻ ۾ دوستيءَ جا عهدناما به ڪيا اٿن. قومن جي اهڙي قسم جي دوستيءَ يا دشمنيءَ جو اثر انهن جي پاڙيسري قوم تي يا ٻين قومن تي به پڪ پيو آهي. سڪندر يوناني هندستان ۾ آيو ۽ هندستان جي تهذيب تي يونان جي تهذيب جو اثر ٿيو. عرب سنڌ ۾ آيا ته سڄي هندستان تي عربن جي تهذيب جو اثر پيو، بلڪ دين اسلام ۽ پڻ عربي ۽ ايراني تهذيب جو ان تي ايڏو گهرو اثر پيو، جو نيٺ ويهين صديءَ تائين اچي مسلمانن جي آدم شماري نو ڏهه ڪروڙ وڌي ويئي، ۽ انگريز مجبور ٿيا ۽ پاڪستان جي گهر منظور ڪري پنهنجي جند ڇڏايائون. يورپ مان انگريز، ڊچ، فرينچ هندستان ۾ آيا ۽ انهن جي تهذيبن جو اثر جيترو به ٿيو آهي، انهيءَ جي هر ڪنهن کي خبر آهي. يورپي ۽ انگريزي تهذيب جو اثر دنيا جي اڪثر قومن جي ماڻهن جي شڪل، لباس ۽ رهڻي ڪرڻي مان ظاهر ئي آهي.مطلب ته تاريخ جي استاد لاءِ دنيا جي تاريخ جو چڱو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته پوءِ ئي هو ٻارن کي تاريخ جون سچيون ڳالهيون ٻڌائي سگهندو.

ٽينءَ ڳالهه جا تاريخ جي استاد ۾ هئڻ ضروري آهي سا هيءَ آهي، ته هو علم حياتيات ۽ نسل بني آدم جي تاريخ ارتقا کان به واقف هجي. هن کي خبر هئڻ گهرجي ته بني آدم ڌرتي تي ڪڏهن کان ٿو رهي ۽ انسان ذات اڄ تائين ڪهڙين ڪهڙين واڌارن جي منزلن مان لنگهي آئي آهي. استاد کي نسل بني آدم جي مختلف قسمن بابت ۽ سندن رنگن بابت ۽ دنيا جي مختلف ڀاڱن ۾ انهن جي آدم شماري ۽ ٻين نسلن سان سندن تعلقات بابت به واقف هجڻ گهرجي.

تاريخ جي استاد بابت مٿئين بيان ۾ هن جي علمي لياقت تي بحث ڪيو ويو آهي، ۽ سندس علمي قابليت کي تاريخ جي سکيا سيکارڻ لازمي ثابت ڪيو ويو آهي. ان لاءِ ناقابل انڪار دليل هيءُ ئي آهي  ته اڄ ڪلهه جي ناڪام سکيا جو مکيه سبب استاد ۾ پنهنجي ڪم جي پوري واقفيت جو نه هئڻ ئي آهي. ۽ اڄ جي ناڪام تعليم جو ٻيو سبب استاد جي دل ۾ نه پڙهائڻ جو شوق آهي ۽ نه هن جو ٻارن سان ئي ڪو پيار ڪا عزت ۽ همدردي آهي. تنهنڪري تعليمي عملڪاريءَ تي زور ڏيڻ ۽ استاد جي علميت کي نظر انداز ڪرڻ درست ڳالهه نه آهي. استاد ۾ پنهنجي ڪم بابت چڱي واقفيت ۽ علم ۽ شوق ۽ ٻارن سان همدرديءَ جو جذبو موجود هوندو ته پوءِ اهڙي استاد جي سيکارڻ جو عمل ناڪام ۽ طريقو بيڪار ڪڏهن به نه ٿيڻو آهي.

تاريخ جو واسطو خاص طور سان سببن ۽ نتيجن سان ڳنڍيل آهي ان ڪري تاريخ ۾ پهرين اهو سمجهڻ لازم آهي ته اڪبر تي سندس ماضيءَ جو ڪهڙو اثر پيو ۽ خود پاڻ مستقبل تي ڪهڙو اثر وڌائين. هيءَ هڪ تاريخي اهميت رکندڙ ڳالهه آهي. اڪبر هڪ تاريخي شخصيت آهي، جيڪڏهن ماڻهن جي شخصي خوبين ۽ ذاتي صفتن ۽ اخلاق کي تاريخ جي حوالي سان يا تاريخ جي لحاظ کان سمجهڻ بيڪار آهي ته پوءِ ڪنهن به ماڻهو يا ڪن به ماڻهن يا قومن جي حياتيءَ بابت سندن انفرادي يا گڏيل ڳالهين يا آکاڻين کي سمجهڻ جي به ڪا اهميت ڪانهي.

هاڻي مکيه مسئلو آهي ته تاريخ سيکارڻ لاءِ ڪهڙين ڪهڙين تاريخي شخصيتن کي چونڊيو وڃي ۽ انهن شخصيتن بابت ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٻارن کي پاڙهيون وڃن. انهي ڳالهه بابت تاريخ پاڙهيندڙ استاد کي هي اصول ياد رکڻ گهرجي ته تاريخ جي لحاظ کان ڪو به ماڻهو يا واقعو تيستائين اهميت نه ٿو رکي جيستائين ان ماڻهوءَ يا واقعي جو اثر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪنهن تاريخي، تحريڪ يا واقعي تي نه پيو هجي، ماضيءَ ۾ گهڻائي بادشاهه، راڻيون، درويش ۽ ٻيا وڏا ماڻهو ٿي گذريا آهن، پر جيڪڏهن منجهانئن هڪ به اهڙو ٿيو آهي جنهن جي ڪم يا ڪمن جو اثر ڪنهن تاريخي تحريڪ (يعني سماجي سڌاري، مذهبي  يا سياسي انقلاب، عوام جي بهبوديءَ، جنگ يا صلح، علمي يا سائنسي ڳولا ۽ ترقي وغيره) تي ٿيو آهي  تڏهن اهڙي شخصيت  کي تاريخي شخصيت ۽ اهڙي واقعي کي تاريخي واقعو چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سماج کي وساري پنهنجي لاءِ شان شوڪت ۽ عيش عشرت جي زندگي بسر ٿو ڪري، تاريخدان لاءِ اهڙو ماڻهو بلڪل اهميت رکندڙ نه آهي. تاريخدان جو واسطو فقط اهڙين شخصيتن سان ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙين تاريخي تحريڪن ۽ واقعن سان هئڻ گهرجي، جن جو مقصد سماجي بهبودي ۽ واڌارو هو يا آهي. تنهنڪري تاريخ جو استاد سائنسدان جي حيثيت ۾ هميشه اهڙين شخصيتن جي ماضيءَ جي احوال ۽ انهن جي ڪمن جو حال مستقبل تي اثر بابت تحقيق ڪري صحيح راءِ قائم ڪندو آهي. ۽ پوءِ پنهنجي سکيا شروع ڪندو آهي.

ڪي ماڻهو پڇن ٿا ته ڇا تاريخ ۾ پنهنجي ملڪ يا قوم جي وڏن ماڻهن ۽ ويرن ۽ سورمن سان همدردي رکڻ غلط آهي؟ ڇا تاريخ جي سکيا ۾ دلي جذبن جو دخل ڪونهي؟ ان سوال جو جواب هي آهي ته حقيقت ۽ حسن الڳ الڳ شيون نه آهن بلڪ هر سچي ڳالهه يا سچو ماڻهو هميشه حسين ۽ چڱو ٿيندو آهي. سچائيءَ کي خوبيءَ ۽ ڪاريگري سان لکڻ يا ٻڌائڻ نه ڏوهه آهي ۽ نه ناممڪن. جيڪڏهن تارخ جي استاد نصاب ۾ شامل ٿيل تاريخي واقعن کي چڱيءَ طرح تحقيق ڪرڻ کان پوءِ سمجهي ڇڏيو آهي ته هو آزاديءَ سان پنهنجي پاڙهڻ جو انداز جيئن  وڻيس ٺاهي ٿو سگهي ان جو طريقو مصورانه، شاعرانه يا ڪنهن به ٻئي عقلمندانه قسم جو  ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته تاريخ سائنس به آهي ۽ هنر به آهي.

هر قوم ۽ جماعت جا پنهنجا تاريخي هيرا سورما يا مک ماڻهو ٿيندا آهن، ۽ تاريخ جي استاد کي قدرتي طور تي انهن بابت ٻارن کي سکيا ڏيندي پنهنجي جذبي ۽ اُمنگ کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ ائين ڪرڻ ۾ ڪو ڏوهه ڪونهي پر شرط هيءُ آهي ته زير بحث شخصيت يا ڳالهه ۾ ڪوڙ جو رنگ پيدا نه ٿئي ۽ تاريجيَ شخصيت جي زندگيءَ جي ڪنهن به پهلوءَ کي اجائي اهميت نه ڏني وڃي. سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ڪري نه ڏيکاريو وڃي. هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ پاڙهيندڙ استاد جو ڪم هن لحاظ کان ٿورو ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي سـُورمن ۽ سندن زندگيءَ جو احوال تاريخي حقيقتون نه آهن ڇو جو اسان وٽ هيستائين علمي ۽ تاريخي ڳولا ۽ تحقيق جو ڪم پوريءَ طرح نه ڪيو ويو آهي، هر ڳالهه بابت شڪ ۽ شبها باقي آهن. ۽ اسان غير جانبدارانه ۽ منصفانه طور تي پنهنجي تاريخي شخصيتن جو مطالعو ڪري نه ٿا سگهون، جنهن جو نتيجو هيءُ ٿئي ٿو ته فرقي وارانه فساد ۽ سماجي رنجشون اسان جي قوم جي فردن کي پاڻ ۾ ڦٽائينديون رهيون آهن. تاريخ پاڙهيندڙي هيٺ ڏنل هدايتن تي عمل ڪيو وڃي ته تاريخ جو استاد پنهنجي سکيا جي عمل کي وڌيڪ ڪارائتو بنائي سگهندو.

(1)  تاريخ پاڙهيندي ذاتي اعتقاد ۽ تعصب کان ڪم نه وٺڻ گهرجي.

(2)   هر هڪ شخصيت جي زندگيءَ جا ٻئي پاسا ڏيکاريا وڃن، يعني چڱايون ۽ بـُڇڙايون ۽ انهن جي ثابتين جا حوالا ڏنا وڃن ۽ ماخذ پيش ڪيا وڃن.

(3)  جيڪڏهن تاريخ پاڙهيندڙ استاد پاڻ مسلمان هجي ۽ کيس پنهنجي سڳوري پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جي ڳالهه شاگردن کي ٻڌائڻي هجي ته هي ضروري نه آهي ته هندن، ٻڌن يا سکن جي وڏن يا ديوتائن کي ذليل سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته  اسان پنهنجي وڏن کي ٻين قومن جي وڏن جي تذليل ڪرڻ بغير ئي ساراهي سگهون ٿا.

(4)  تاريخ جو استاد ڪهڙي به مذهب يا ملت جو هجي، ته به هن جو فرض آهي ته سچائيءَ کان ڪڏهن به پري نه وڃي ۽ هميشه پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو خيال رکي، پنهنجي وڏن سان گڏو گڏ ٻين فرقن ۽ قومن جي وڏن جو به احترام ڪري ۽ انهن جي خوبين کي مڃي.

تاريخ جي استاد کي گهرجي ته هميشه ٻارن کي پاڙهيندي پاڻ ڪنهن به شخصيت جو پاسو نه وٺي، ۽ سبق شروع ڪرڻ کان اڳ مختصر سڌي ۽ صاف آکاڻي ٻڌائي ٻارن جي ذهن کي ڪم جي لاءِ تيار ڪري. جيڪڏهن سبق جي وچ ۾ هو ڏسي ته شاگرد ڪنهن ڳالهه تي رنج ٿيا آهن يا جوش ۾ اچي ويا آهن ته سبق هڪدم بند ڪري. استاد کي، شاگرد کي ٻڌائڻ گهرجي ته اهي پنهنجي جذبات کي قابو ۾ رکن ڇاڪاڻ ته مون گذريل ماڻهن جي ڳالهه اوهان کي ٻڌائي آهي. جيڪڏهن اوهان کي ڪا ڳالهه نه وڻي آهي ته اوهان پاڻ ڪتاب پڙهي يا ٻين کان معلوم ڪري پنهنجي دلجاءِ ڪريو! ان ريت شاگردن ۾ صبر ۽ تحمل جي عادت پيدا ٿيندي.

تاريخ جي استاد لاءِ آخري ضروري ڳالهه آهي، سندس تاريخ پاڙهڻ جو طريقو. تاريخ پاڙهڻ جو طريقو ڪا آسماني شيءِ ڪانهي، بلڪ ائين آهي ته اڳئين زماني جا استاد پنهنجي شاگردن کي تاريخ جا سبق پاڙهي ويا ۽ ڪي خاص طريقا تدبيرون ۽ رستا سندن تجربي موجب ڪارائتا ثابت ٿيا. جيڪڏهن اڄوڪو تاريخ جو استاد انهن جي تجربن مان فائدو وٺي ٿو سگهي ته بهتر، نه ته هو پنهنجا طريقا پاڻ ڳولي ڪڍي. هروڀرو جهونن طريقن جو پابند هئڻ ضروري نه آهي. جنهن طريقي کي استاد سمجهي نٿو سگهي، بلڪ کيس رواجي يا رسمي طور تي اختيار ٿو ڪري، ان طريقي تي هلڻ مان استاد پنهنجي سبق کي دلچسپ نه بنائي سگهندو، بلڪ هن جو سبق اڻ وڻندڙ ۽ بي فائدو رهندو. تاريخ پاڙهيندڙ خاص طور هيءَ غلطي ٿا ڪن ته سبق پاڙهيندي سندن ڌيان تعليمي طريقي ڏانهن وڌيڪ ۽ سندن شاگردن ۽ انهن جي ذهني لاڙن ڏانهن اصل نٿو رهي، ۽ جيڪڏهن ڪو شاگرد گهربل جواب جي خلاف جواب ڏيئي ڇڏيندو آهي ته پوءِ استاد جو سڄو سبق ئي خراب ٿي ويندو آهي. استاد کي سبق جي تياري بيشڪ ڪرڻ گهرجي پر ضرورت موجب پنهنجي طريقي کي بدلائڻ يا ڦيرائڻ لاءِ به تيار رهڻ ضروري آهي. اڪثر غير تربيت يافته استادن جو خيال آهي ته تعليمي اصول ۽ طريقا ۽ انهن تي پابندي فقط تربيت يافته ماسترن لاءِ آهن. هيءُ خيال بلڪل غلط آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هر ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪو نه ڪو طريقو يا ڪي نه ڪي طريقا ٿيندا آهن. پوءِ ڪم ڪندڙ تربيت يافته هجي يا غير تربيت يافته هجي. ٻار کي ماني کائڻ ڪير ٿو سيکاري؟ جيڪڏهن سندس وڏا نه سيکاريندا آهن ته هو ٻين کي ڏسي ڏسي رفته رفته پاڻيهي سکي ويندا آهن. ۽ سکڻ کان اڳ به هروڀرو وات جي بدران گرهه ڪن ۾ نه وجهندوآهي! تنهنڪري ڪن استادن جو هيءُ خيال ته سکيا خاص طريقن کان سواءِ ئي هلائي سگهجي ٿي، درست نه آهي، بلڪ هر استاد جو فرض آهي ته هميشه ويچار ڪري، جانچي ڏسي ته سندس لاءِ ڪو تعليمي طريقو ڪارائتو آهي يا نه. استاد تربيت يافته هجي يا نه، کيس مختلف طريقن مان ڪم وٺڻو پوندو ۽ انهن طريقن کي هوشياريءَ ۽ عقل منديءَ سان ڪم آڻڻو پوندو. پر کيس کپي ته طريقن کي فقط اوزارن وانگر سمجهي ڪم ۾ آڻي. ائين نه سمجهي ته هڪ ئي طريقي تي هلڻ ئي سکيا جي ضرورت آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org