سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 10

صفحو ؛ 14

 

 باب ڏهون

برسات

جيئن ته برساتي موسم ويجهي ايندي ته ويچارا ٿريا آسمان ۾ تِتر کَرڙي، اُٻ ۽ ڪڪر پيا نهاريندا ته ڪڏهين ٿو مينهن وسي. چار ڇَنڊون پيئون ته پوءِ بهار پيا ٿيندا. مينهن وسندو ته خوشيءَ مان هڪٻئي کي واڌايون پيا ڏيندا.

ٿر ۾ برسات جُون مهيني جي پڇاڙي يا جولاءِ جي پهرئين هفتي کان شروع ٿيندي آهي. ان کان اڳ ۾ پيئي ته چوندا آڳاٽي آهي ۽ جي پوءِ پيئي ته چوندا پاڇاٽي آهي. چار مهينا کن برسات جي موسم شمار ڪبي آهي. انهيءَ وچ ۾ جي ٽي چار برساتون پيئون ته ڀَل سَرا يعني سال ڀلو، پر ائين ڪڏهن قسمت سان ٿيندو آهي. برسات به سڄي ٿر تي يَڪِي نه پوندي آهي. ڪٿي اڳ ۾ ڪٿي پوءِ، ڪٿي گهڻي ڪٿي ٿوري، ته ڪٿي پويئي ڪانه. آباديءَ جو مدار برسات تي، تنهنڪري چوندا آهن ته ”وٺو ته ٿر نه ته بر.“ جي برسات پيئي ته ملڪ سرسبز، آبادي جام، گاهه پاڻي جا اُنڇر لڳي ويندا، جنهنڪري ناري مان به ڪيترو مال چاري لاءِ ايندو آهي. کير، مکڻ ۽ گيهه کوڙ. پر جي نه پيئي ته مال مريو وڃي، ماڻهو ڏولائي ۾ اچيو وڃي، ملڪ جي اهڙي حالت ٿئي جو رت جي بُونءِ پيئي اچي، شل مالڪ پير نه رکائي.

سراسري آباديءَ لاءِ مُندائتا ٽي ريج مينهن ڪافي آهن. گهڻي برسات پيئي ته البت نقصان به ٿيندو آهي، پر بلڪل گهٽ. شروعات ۾ پيئي ته فقط ڳوٺن جي ڪن جاين کي نقصان رسندو. بيٺل فصل تي پيئي ته ڪن ڪن ٻنين کي ريٽي ڇڏيندي يا سخت زخمين وارين ٻنين ۾، جتي گهاٽي ٻاجهري بيٺل هوندي، ته سڀ ڪري پوندي. چوندا آهن ته ادا، برسات اهڙي پيئي جو ٻاجهري سڀ آڏي گيڏي، يعني ڪري پيئي.

برسات گهڻو ڪري اتر کان ايندي آهي. اتر ۾ کنوڻ ٿيندي ته ان کي ”ٻڪرار کنوڻ“ چوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اولهه کان به برسات ايندي آهي، جنهن کي ”لاڙي مينهن“ چون، ڇو ته انهيءَ پاسي لاڙ جو ڀاڱو آهي. بعضي جولاءِ يا آگسٽ ۾ برسات ڪنهن وقت گهڻي ڪنهن وقت ٿوري ٻه ٽي هفتا به هلندي آهي، جنهن کي جهڙ چئبو آهي. ان سان گڏ جيڪڏهن ڪنهن وقت سيءُ سان هوا به لڳي ته چون ”لُري“ ٿي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ مال مريو وڃي ۽ ڪَچا گهر ڊهيو پون ڪيتري به برسات پوي ته ڪڪ ڪونه ٿين، چون ته ”مينهن ۽ مزمان ڪيترو وقت؟“ زمين آهي وارياسي، تنهنڪري پاڻي چُهيو وڃي. ٻوڏ جو خطرو اصل ڪونه آهي. سنڌ ۾ گهڻي برسات پوي ته ماڻهن جو منهن لَهيو وڃي، جو سندس فصل تباهه ٿي ويندو آهي ۽ ٻنيون ٻڌي وينديون آهن. ٿر ۾ به جي پوکيل فصل تي برسات پوي ته آسپاس جي واهونگن ۽ هيٺانهين ڏي نَين جي وهڪري جي ڪري فصل لُڙهي ويندو آهي، پر ٿَري اُن جي پرواهه ڪونه ڪن. چون ته برسات پوي سهي پوءِ ٻنيون لُڙهن يا ريٽاڻيون ته فڪر ڪونهي، وري ڀڃي پوکبيون، گاهه ته ٿيندو. مال جو سو سک ٿئي. باقي ٻاجهريون ڪَرمين ڀاڳوين. برسات مان نيٺ به نقصان ڪونهي. ”ٿر آهي تڻ تي نه ڪڻ تي.“ مال لاءِ ٻارهائو گاهه ٿيو ته ماڻهن جي اونَ لٿي.

سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه مينهيون

برسات مان نه رڳو ماڻهو خوش، پر چرند پرند سڀ خوش. ٿري ويچارا پورهئي لاءِ ناري ڏي ويندا آهن. برسات جي موسم آئي ته واپس وري ايندا، نه ته به ڇنڊن جو سُئائون ته پوءِ ناري ۾ هڪ ڏينهن به سال جيڏو ٿي پوندن ۽ يڪدم موٽي ماڳ ايندا. کين پنهنجو وطن بلڪل پيارو آهي جو هڪ پل به دل تان نه وسرندو آهي.

 

برسات لاءِ اڳڪٿيون

برسات ڪڏهن پوندي، ان لاءِ ڪيتريون اڳڪٿيون ڪندا آهن. اهي ڪي هروڀرو سڀيئي سچيون ڪونه ٿينديون آهن، پر وقتي انومان پورا بيهندا آهن، تنهنڪري ماڻهو جو ويساهه آهي.

اُٻَ تائين آسرو، موگهان تائين ميهه،

ساسوُ تائين ساسِرو، سالان ڪوُڙو نيهه.

آسمان ۾ ڪڪر الهندي کان اڀرندي تڪڙو تڪڙو ڊوڙندا ويندا ته آسرو نه سمجهندا، پر جي ڪارا ۽ اڇا ڪڪر، هڪڙا اتر-اوڀر ڏي پيا ويندا ۽ ٻيا ڏکڻ-اولهه ڏي پيا ويندا، جنهن کي ”اُٻ“ چون ۽ موگهون هجن ته سمجهندا ته برسات ايندي.

چنڊ جي چوڌاري پڙ هجي، جنهن کي ”چنڊ جو ڪونڊو“ چوندا آهن ۽ انهيءَ سان گڏ انهيءَ پِڙَ ۾ تجلو هجي، جنهن کي ”جَرهيڙي“ چوندا آهن ته چوندا برسات ايندي. ڪڏهن ڪڏهن پِڙَ اندر تارا هوندا آهن ته جيترا تارا هوندا اوترا دفعا برسات پوندي، پر جي پَڙَ صفا خالي هجي ۽ ڌنڌ سان ڇانئيل هجي ته برسات جو آسرو نه سمجهندا. جي سج جي چوڌاري پِڙ هجي ته برسات جي خاطري سمجهندا.

ميهان موران ڏيڏڪان تيني ايڪي راسَ،

سورج تپي گرمي ڪري تَڏَ وَرسَڻ ڪي آس.

     - (چوڻي)

تاڙو پکي اسر جو تنواري، ڏيڏر ٻولين، يا مور پکي دانهون ڪري ۽ گرمي ٿئي ته برسات جو آسرو سمجهندا.

تتر کَرڙي واڏُري ودوا ڪاجَلَ ريک،

او وَرسي او وَر ڪري، تي مين مينَ نه ميک.

اُڀ جي ڪڪر ۾ تتر پکيءَ جي کنڀڻ وانگر نمونو ٿيو، ان کي تتر کرڙي چون، ته برسات جي اُميد سمجهندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن آسمان اڇاڻ تي مائل ۽ گُهرائي بلڪل اوچائيءَ تي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چوندا ته برسات جي اميد ڪانهي. ڪڏهن وري آسمان جو رنگ نيرو ۽ گهرائي هيٺ ڏسڻ ۾ اچي، تڏهن چوندا آهن ته ”آڀو نميو آهي.“ اهڙيءَ حالت ۾ پڪ ٿيندي ته برسات ڄاڻ آئي: ”روهڻ تپي مگهسر وائي، تو آدر ۾ ميهه اڻ پُڇو آئي.“

هندو ماڻهو برسات کان اڳ نکشترن بابت سوڻ ويچاريندا آهن. هرهڪ نکشتر پندرهن ڏينهن تائين هلندو آهي. روهڻ نکشتر ۾ جيڪڏهن گرمي ٿئي، ۽ ان بعد مرگهه شيرس نکشتر ۾ واءُ لڳي ته آدروا نکشتر ۾ برسات جي پڪ سمجهندا آهن.

ڪاري پِڇَ ڪَرَوَرو، اَڇي اَنتَ سُڪار،

جي اُگي نِرمِرو تو پَڙي ڏيس ۾ ڏُڪار.

اڱاڙ مهيني جي چانڊوڪي پونم تي چنڊ اڇي ڪڪر ۾ اُڀري ته سُڪار، ڪاري ڪڪر ۾ اُڀري ته ورهيه وچولو ۽ جي بنا ڪڪر جي اڀري ته ان کي چون اُگهاڙو ۽ سال به ٿئي اُگهاڙو، يعني ڏڪار پوي.

آساڙ سُڏ نوم گهَڻ بادل گهَڻ بيجهَ،

تو نيڙا راکو بَڙِڌيا، کوري راکو ٻِيجَه.

آکاڙ مهيني جي چانڊوڪي نَم تي بادل ۽ بجلي ڏسجي ته برسات جي ايتريقدر پڪ سمجهندا جو چيو اٿن ته پوک لاءِ ڍڳا ويجها رکجو ۽ ٻج کوري يعني پلاند ۾ هجي.

سُڪي زمين سان ٽانگڙو (انڊلٺ) ڏسڻ ۾ اچي ته برسات جي پڪ سمجهن. پر جي برسات پوڻ ۽ آلي زمين تي انڊلٺ ٿئي ته سمجهندا ته وري ٻي برسات تڪڙي نه پوندي.

آسمان ۾ ڪڪر ٿين ۽ ڏکڻ جو هوا لڳي ته برسات جي اميد سمجهن، پر جي اُڀرندي جي هوا لڳي، جنهنکي اڳتيو واءُ چئبو آهي، ته ٺهيل مانڊاڻ ڊهي پوندو.

جهرڪيون پٽ تي ويهي پَر پکيڙي واريءَ ۾ ڦٽ ڦٽ ڪنديون آهن. ماڻهو چوندا آهن ته جهرڪيون وهنجن ٿيون ۽ هاڻي برسات جلد ايندي. بلائون ڪڏهن ڪڏهن وڻن تي چڙهيل ڏسڻ ۾ اينديون آهن ته چوندا ته برسات ايندي.

ٿر ۾ وڏي اڏوهي ٿيندي آهي، جا ڪاٺين جا ننڍڙا ٽڪر ۽ وڻ جا ننڍڙا پن کڻي پنهنجن ٻرن ۾ وجهندي آهي ۽ پوءِ مٿان واريءَ سان بند ڪندي آهي. ماڻهو چوندا آهن ته اڏوهي پنهنجا گهر ٿي ڍڪي، يا سانڊو پنهنجا ٻر ڍَڪي ته برسات جو سعيو سمجهجي.

ڪن ڪن ماڻهن ڪن خاص ڳالهين تي آزمائشون ڪري ڇڏيون آهن، جيئن ته ڪي چوندا آهن ته سيم ۾ پيروُن گهڻا ٿيا ته برسات گهڻي وسندي يا ڪن خاص وڻن جي لاءِ چوندا آهن ته فلاڻي ڄار ۾ پيرون ٿيا يا فلاڻي ڄار ۾ پيرون ٿيا يا فلاڻي ڪنڊيءَ ۾ سڱر ٿيا ته ڳوٺ جي اها سيم ڀلي ٿيندي. ڪنهن خاص وڻ تي ڪانءُ پکيءَ جا آنا هجن ته برسات جي اُميد سمجهن ۽ جيترا آنا هجن ته برسات جي اميد سمجهن ۽ جيترا آنا هجن اوتريون برساتون تصور ڪن.

اڱڻ ٽيج جي ڏينهن صبح جو ماڻهو ڪچي مٽيءَ جون چار ڪُلهڙيون ٺاهي، انهن تي وسڪاري جي چئن مهينن آکاڙ، ساوڻ، بڊي ۽ آسؤ جا نالا رکي پاڻيءَ سان ڀري رکندا آهن. چوند اهن ته جيڪا ڪُلهڙي پهريائين ڳري ته برسات انهيءَ مهيني کان شروع ٿيندي. جي جلد ڳريون ته برسات آڳاٽي، جي دير سان ڳريون ته پڇاٽي تصور ڪن.

ڏياري جي ٻئي ڏينهن يعني پڙهه راجا جي صبح جو ماڪ پوي ته ايندڙ سال ڀلو سمجهن. چوماسي ۽ وڻن جي پنن ۾ ڪينئون پوي ۽ پن کائي ته برسات جو سعيو سمجهن.

ٻائوريءَ جي ٻوٽي مان پڻ چڻن، رات جو وٿاڻ ۾ ڍڳيون ذري ذري ڪنن سان ڦڙڦڙ ڪن ۽ وٿاڻ اتر ڏانهن وڌائين، يا ٻڪريون وثاڻ ۾ اتر ڏي اوسارو ڪن، ماڪوڙيون آنا ڪن ته برسات جا اهڃان سمجهن.

مينهن وسي اوڪامڻ بعد جي گوڙ جا ڪڙڪا ٿيا ته چوندا ته هاڻي برسات ترت نه ايندي، اها مينهن جي موڪلاڻي آهي. هاڻي اُٻريو ڏنو اٿس يعني وري دير سان پوندي.

آڙيون اَبَرَ آسري ٿاڙا تُنوارين.

ڄيٺ جو مهينو شروع ٿيو ته آر جي تنوار پيئي پوندي. آر تڏ جيترو هڪ ڪارانجهڙو جيت آهي پر اُن جو آواز ڏاڍو تکو آهي. ٿري چون ته آر مينهن لاءِ پڪاري ٿي، پر جڏهن تارو پکي تنواريندو آهي تڏهن مينهن جي پڪ ٿيندي ته اجهو آيو ڪي آيو. تاڙي تنواريو ته ڄڻ مينهنجي واڌائي ملي.

 

برسات لاءِ ساٺ سوڻ

برسات جي مند جي شروعات ۾ ڏينهن جو گرمي ٿي ۽ اُتر کان ڪڪر ڏسندا ته چوندا اڄ آرنگ ٿيو آهي ۽ اُتر ۾ شهر ڪڍيا اٿس، ڄاڻ ته برسات آئي. ويچارن کي خوشي ٿيندي. گهر گهر مان ڪجهه ان گڏ ڪري واٽ خدا جي، يا بادشاهه پير دستگير جي، يا ڳوٺ ۾ ڪنهن پير، فقير، سيد يا درويش جي قبر يا لوڙهي ڏنل جاءِ (جا اڪثر ڳوٺن ۾ ٿيندي آهي) هوندي ته ان هنڌ، نه ته ترائي تي وڃي ديڳيون رڌي ڳوٺ جي غريب ماڻهن کي کارائيندا آهن، جنهن کي ”ڪُني“ چوندا آهن.

آڙنگ ڏسي ڳوٺ جا ننڍا ٻار پاڻ ۾ گڏجي ٽولي ٺاهي جهوليون ٻڌي گهر گهر مان وڃي خير گهرندا آهن. خير گهرڻ آهن هڪ قسم جو مٺو رسيلو گڏيل آواز ڪندا آهن ۽ سڀيئي سُر ملائي ڏاڍي دلچسپ انداز سان هيئن چوندا آهن. ته ”ڪارڙو ڪمارڙو، ان ڏيو ته مولا مينهن وسائي.“ يا چوندا اهن، ”آکوپايو، گهر گهر ٺولايو.“ هر ڪو گهر کين ڪجهه ان ڏيندو آهي، جو گڏ ڪري هڪ هنڌ مٺو ڀت رڌي کائيندا آهن.

وڏن ڳوٺن ۾ جتي هندو ججهي انداز ۾ آهن، اتي مندرن ۾ يا تلائن تي هَوَنَ ڪندا آهن ۽ مسلمان مسجدن ۾ دعائون گهرندا آهن ۽ خيراتون ڪندا آهن. ڌڻودي ماڻهو پنهنجي مال جو کير ڏهي گڏ ڪري سڀني ماڻهن کي ورهائي ڏيندا آهن، جنهن کي ”ڏوجهه ڏيڻ“ چئبو آهي.

ڪٿي ڪٿي پيرن فقيرن جي قبرن تي يا تراين تي گهيٽن ۽ ڇيلن جي قرباني ڪندا آهن. اڇوت قومون ان گڏ ڪري، (جنهنکي براڙ چوندا آهن) ترائي يا ڪنهن درويش جي آستان تي وڃي ڀڄن ڪري رڌي لائيندا آهن. اهڙن موقعن تي چانور ورلي ڪم آڻيندا آهن، پر گهڻو ڪري ٻاجهري پسائي ڇڙهي ڳڙ وجهي مٺو ڀت رڌيندا آهن، جنهن کي ”گُگهريُون“ چوندا آهن. اهو سٺو سوڻ ڪري ليکين، ڇو ته ٿر جي پيدائش ۾ کاڌو به ٻاجهري آهي.

 

چوماسي جي شروعات

هرهڪ مند جي اچڻ کان اڳ انهيءَ موسم جون ڪي نشانيون نمودار ٿينديون آهن. اهي ڳالهيون اڳين ماڻهن گهڻي وقت جي آزمائش بعد مقرر ڪيون آهن، جي گهڻي ڀاڱي ٺيڪ معلوم ٿين ٿيون. آسمان ۾ سنهن تارن جو هلندڙ ميڙ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کي ٿري ماڻهو ”ڪرتيون“ ۽ سنڌيءَ ۾ ڪَتيُون چوندا آهن. انهن جي پٺيان وري چار تارا قطار ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جن کي ”ٽيڙو“ يا ”لوڌي“ چئبو آهي. ڪي ماڻهو انهيءَ جهڳٽي کي ”هرڻ“ چوندا آهن.

 

ڪتيون ڪپار آئيون، ٽيڙو اُڀا ٽيئي.

ڪتيون ڪپار جي مٿان هونديون آهن، تڏهن ٽيرو اُڀا هوندا آهن. ڪتيون ڪجهه ڪَر موڙينديون آهن ته لوڌي لڙي ويندا آهن ۽ نيٺ لهيو وڃن.

 

ڪَتين ڪَر موڙيا، لوڌي ويا لَڙي.

ڪَتيون سدائين ڪونه ڏسبيون آهن، ويساک جي سڄي مهيني ۽ ڄيٺ جي پهرين ڏهن ڏينهن تي لڪي وينديون آهن، جنهنڪري انهن چاليهن ڏينهن کي اونهاري جو چاليهو چئبو آهي. ڄيٺ جي يارهينءَ کان پوءِ پرهه ڦٽڻ مهل آسمان تي اوڀر طرف کان ڪتيون اڀرنديون آهن، جنهن کي ڪتين جو اوڀار چئبو آهي. پرهه ڦٽيءَ جو ڪتين کي آسمان ۾ ڏسي تاڙو پکي تنواريندو آهي ۽ مينهن جي موسم شروع ٿيندي آهي. تاڙي جي تنوار ٻڌي ٿرين کي پڪ ٿيندي آهي ته هاڻي برسات ترت ايندي. تاڙي کي ”مينهن جو موهري“ (اڳواڻ) چوندا آهن.

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار،

هارين هر سنڀائيا، سرها ٿيا سنگهار.

هاري ويچارا ٻاجهري پوکڻ لاءِ هرن جا سانباها ڪندا آهن ۽ برسات وسڻ شرط پوک شروع ڪندا آهن. ڄيٺ ۾ مينهن جو وسڻ نيڪ فال سمجهيو ويندو آهي، چوندا آهن ته ”پوڻيٺو پٽ ۽ ڄيٺو مينهن، ڪن ڀاڳ وارن کي ملن.“

ڪنهن به جوڙي جي شادي ٿيڻ کان پوءِ پهريون ٻار جيڪڏهن پٽ ڄائو ته ان کي ”پوڻيٺي جو پٽ چئبو آهي.

وسڪاري جي موسم ۾ سج لهڻ وقت آسمان ۾ اولهه پاسي کان هڪ چمڪندڙ تارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کي ”سانجهي تارو“ چوندا آهن. عام طرح سانجهي ”مينهن جو مانجهي“ سڏيو ويندو آهي. ڪي هن کي ڏسي چوندا آهن ته مينهن جو ضامن بيٺو آهي، مينهن اجهو آيو ڪي آيو. البت اهو سانجهي تارو ڪنهن ڪنهن سال گم ٿي ويندو آهي، جنهنڪري چوندا آهن ته هن سال مينهن وسڻ جي پڪ ڪانهي، پر جي وُٺو به ته ٽڪرين ٽرين، يعني ڪٿي وسندو ته ڪٿي ڪونه وسندو.

 

مينهن جو مانڊاڻ

ٿر ۾ برسات گهڻو ڪري اُتر اوڀر جي ڪنڊ کان شروع ٿيندي آهي. اتان کنوڻ ٿيندي آهي ته ان کي ”ٻڪرار کنوڻ“ چوندا آهن. چون ٿا ته اڳي ٻڪرار کنوڻ ڏسي ماڻهو کٽولا کڻي جاين ۾ مس وجهندا هئا ته مٿان برسات اچي ڪڙڪندي هئي. ان لاءِ ماڻهو مزيدار ڳالهه ٿا ڪن ته اڳي ڪچي جي ڏونگر ۾ هڪ واسينگ نانگ هوندو هو. کنوڻ ٿيندي هئي ته نانگ ڄڀ ٻاهر ڪڍي لٻرڪا ڪندو هو ته کنوڻ يڪدم مٿس ڪاهي ويندي هئي، جنهنڪري ترت برسات اچي ويندي هئي. ڀرئي گاروڙي نالي هڪ مشهور جوڳي اهو نانگ ماري وڌو، تنهنڪري هاڻي برسات به تڪڙي نٿي اچي. ٿري کنوڻ ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن.

سا وڄ پَسيو وندران، مون رُئندي رات وهاءِ.

چوڌاري بجليون چمڪاٽ ڪنديون آهن، تڏهن روح مان خوشيءَ وچان لهرون پيون اُڀرنديون آهن.

پهري ڪيا پٽن ۾ وڄڙين وڌاڻا،

سُر اُنهيءَ جا سومرا مون کي اندر اُڌاڻا.

پُورب يعني ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ کان ٿورڙي هوا جي ڦڙڪ لڳڻ به مينهن جو اُهڃاڻ آهي، جنهن لاءِ چوندا آهن ته ”پورب جيڪو وڻ چوري، سو ئي وڻ ٻوڙي“ يعني پورب جي هوا جتي به لڳي اتي برسات پوندي. ڪاڇيل يعني ڏکڻ طرف کان گهڻو ڪري مينهن نه ايندو آهي، اُن کي ”ڪاڇي مينهن“ چون، پر جي آيو ته زوردار ايندو آهي ۽ ڪافي ملڪ ٻوڙيندو آهي.

ڏکڻ مينهن نه وَسڻا، وسي ته ٻوڙي،

ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته جهوري.

 (ڪانئر ماڻهو ڊپ جي ڪري ڌڪ نه هڻندو، پر جي هنيائين ته هڪڙي سان ئي ڍيري ڪري ڇڏيندو، اهڙيءَ طرح ڏکڻ کان ڪاڇي مينهن ايندو ئي ڪونه، پر جي آيو ته ملڪ ٻوڙي ڇڏيندو.)

ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ جي واءُ کي ”رٻ ٺار“ يعني ڏڪار جو اڳواڻ ۽ مينهن لاءِ نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي. ڪامهه، يعني اتر اولهه واريءَ ڪنڊ جي هوا يا ته آيل مينهن ٽوڙي ڇڏيندي يا ته ماڳهين ڏينهن جا ڏينهن مينهن وسندو رهندو، يعني جهڙ ٿي پوندو. چوندا آهن ته ”ڪامهه ٽوڙي يا جوڙي“، جي صبح جو ٿورو سيڪ (ٿوري ماڪ) ۽ ڪنهن ڪنهن مهل سنهي بوند پوي ته اهو برسات لاءِ بَد سمجهبو آهي. چوندا آهن ته ”ٿڌو مٺو واءُ، جنهن ۾ لاءُ نه ساءُ.“

مينهن سان گڏ گوڙ ۽ کنوڻ جو هجڻ لازمي آهي، جنهن مينهن ۾ گوڙ ۽ کنوڻ نه هوندي، ان کي ”گونگو مينهن“ چوندا آهن. پرهه جي گوڙ کي ”صبح جا ٻول“ يا ”باسِي گوڙ“، ٿورو سج اڀرڻ بعد گوڙ ٿئي ته ان کي ”ڏهائي جا ٻول“ يعني ٻوڏ جو دليل چون.

اکاڙ سڄو مهينو آڙنگ ٿيندو آهي، جنهنڪري گُهٽ (هوا بند) ۽ ڪاڙهو ٿيندو آهي. منجهند جو ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ کان ڪڪر ڪنگرا ۽ چوٽيون ڪڍي نروار ٿيندا آهن.

اڄ به رسيلا رنگ، بادل ڪيا بُرجن سين.

ٿوري وقت ۾ ئي ڪاراڻ شروع ٿي ويندي آهي، جنهن کي ”لهاڻ“ چون. پوءِ پهريائين تيز هوا شروع ٿيندي آهي، جنهن کي ”وانئور“ چئبو آهي، جا ڪڏهن ٿوري ڪڏهن گهڻي ٿيندي آهي ۽ بعضي چونرن ۽ ڇنن جي مٿان ڏنل ڪک ا(وائي ويندي آهي، ۽ اُڀرا وڻ به ڪري پوندا آهن. ان سان گڏ گوڙ ۽ بجلي جا چمڪاٽ شروع ٿيندا آهن. انهيءَ ساري مانڊاڻ کي ماڻهو، مال، ڇکي ڏاڍي سڪ سان اکيون ڦاڙي نهاريندا آهن.

ويچارا ڌنار ۽ مالدار ڊوڙي دڙن تي چڙهي ’ڀيڄ مولا، ڀيڄ مولا‘ پيا چوندا آهن. ننڍن ٻارن لاءِ ته هڪ قسم جي خوشيءَ جو رونشو ٿي پوندو آهي ۽ پاڻ ۾ گڏجي پيا ڊوڙندا آهن. اهڙيءَ طرح هرڪو پنهنجي موج ۾ مست هوندو آهي. ڪڪرن جو اهو منظر روح کي ڏاڍي راحت ڏيندو آهي ۽ دل خوشيءَ وچان ٽپا پئي ڏيندي آهي. چوندا آهن ته:

جهر ڪر جهپٽ ڪر، آهلي ڪر الله،

هاري ڀرين حقا، ۽ ٻڙڌ ڏئين ٽلا. (چوڻي)

اي خدا! جهر ڪر ۽ زمين آهِلي يعني آلي ڪر ته پوءِ هاري به اونا ٿي حقا ڀري پيا پيئن ۽ ڍڳا خوشيءَ مان ٽلن يعني گهمن ڦرن.)

 

برسات جو وسڻ

مينهن جي مانڊاڻ بعد ڪڏهن وانئور کان پوءِ، ڪڏهن بناوانئور جي برسات شروع ٿيندي آهي، جا اڃا پري ئي هوندي آهي ته سُوساٽ پيو ٻڌبو آهي، جا ٻڌي سڀڪو چوندو آهي ته اها مينهن جي سوڪر آهي. اڳ ۾ ٿوري ٿڌي هوا لڳندي آهي، جنهن کي ”وُٺي جو واءُ“ چون، جو روح کي پيو وڻندو آهي.

اُٺي بوند باران، ڪرم سان ڪڪر مان،

اچي بوءِ بر مان ٿڌي هير ٿر مان.

ننڍا ٻار خوشيءَ مان ڊوڙندي چوندا آهن: ”گهر تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي“، ”جنڊ تي مڪڙو، مينهن آيو تڪڙو“، ”ڪرڙ ۾ گهوٻاٽو، مينهن آيو گهاٽو“، ”وس وس ڙي مينهن، تنهنجي وسڻ جا ڏينهن“ وغيره ڪڏهن ٿورو ته ڪڏهن نارا ٿي وسندو آهي. ٿورو وسي اوڪاڻو ته چوندا ته اهو آهي ”ڌَڙڪي وارو مينهن.“ گهاٽو وسيو ته چوندا ”روُهي وارو مينهن“. هوا ۽ سيءُ هوندو ته چوندا ”لُري“، جنهنڪري ڪجهه مال ۽ جهنگلي جانور مريو وڃ. ٻه چار ڏينهن يا وڌيڪ رات ڏينهن ساندهه يا ٿورو وقت رکي رکي پيو وسندو ته چوندا ته ”جهڙ“ ٿيو آهي. هروڀرو ٿر جا ماڻهو مينهن مان ڪڪ ڪونه ٿين، پر گهڻي جُهڙ ۽ لُريءَ جي ڪري نقصان ٿيو پوي، تڏهن ڌڻيءَ کي وينتيون ڪندا آهن ته هاڻي برسات بند ڪر.

ٽوڙ پِڇان ڪَرَ تارا، سيءَ تا مَرين گَريب بچارا.

-چوڻي

 (اي ڌڻي! ڪڪر ٽوڙي تارا ڪر، جو غريب ويچارا هاڻي سيءَ ٿا مرن.)ان لاءِ ڪي اُپاءَ به ڪندا آهن، جيئن ته برسات ۾ گڏ ٿيل بيٺل پاڻيءَ کي ڏنڀيندا يعني منجهس ٽانڊا اُڇليندا. گيهه ڀرڻ جي ٽِپريُن سان پاڻي ڀريندا، چوٿاين سان پاڻي ڀريندا، ڪنهن ٿانءُ ۾ پاڻي وجهي پوءِ ساهميءَ ۾ توريندا وغيره. مڙيئي دل کي ڏڍ ڏيڻ لاءِ اهي اپاءُ ڪندا آهن.

برسات سان گڏ بجلي ڪرڻ جو امڪان هوندو آهي، تنهنڪري اَڪ جون ٽاريون پٽي جاين جي درين تي رکندا آهن. انهن جي اهو اعتقاد آهي ته هڪ دفعي بجلي ڪري پيئي هئي، تنهن کي ڀيم نالي پانڊو اڪ جي ٽارين سان مار ڏني هئي، تنهنڪري اڪ تي بجلي نه ڪرندي آهي، سو گوڙ ٻڌي چوندا آهن ته ”ڀيم سَرَ آڪان ري گوڍي“

چندڻ ڳوهه جي ان وقت ڪٿان نڪتي ته اُنکي ڪوشش ڪري ماري ڇڏيندا يا ڀڄائي ڪڍندا. ماڻهن ۾ اهو وهم آهي ته چندڻ ڳوهه تي بجلي ڪرندي آهي. چوندا آهن ته بجلي اڳي واسينگ نانگ تي ڪرندي هئي جو مارجي ويو، تڏهن هاڻي هن تي ٿي ڪري. اها ڪهاوت عام آهي ته ”واسينگ نانگ مري ويو، تڏهن چندڻ ڳوهه تي ٽيلو آيو.“

ڪڏهن ڪڏهن مينهن جي ڦڙين سان گڏ برف جا ننڍا ٽڪر وسندا آهن، جن کي ڳڙا چون. ماڻهو اهي ڳڙا چونڊي شيشي ۾ وجهي رکندا آهن، جي پوءِ جيتوڻيڪ ڳري پاڻي ٿي ويندا آهن ته به اُن پاڻيءَ ۾ سُرمو لساڙي رکندا آهن جو سندس خيال موجب اکين ۾ وجهڻ سان گرمي نه ٿيندي ۽ ٿڌو آهي. اهڙي مينهن کي ”وڙن وارو مينهن“ چون.

جنهن مينهن جون وڏيون ڦڙيون هونديون آهن ۽ جيڪو جهٽ ۾ زمين تي پاڻي ڪري ڇڏيندو آهي، تنهنکي ”وڏڦڙو“ چون. جنهن جون ڦڙيون سنهيون هونديون آهن ۽ آهستي آهستي وسندو آهي، ان کي ”راسو مينهن“ چون. جيڪو سنهي بوند سان اچي، ان کي ”ڦونهاري وارو مينهن“ چون. جيڪو مينهن گهڻو نه هجي، مگر جاءِ کان ٻاهر هجڻ جي حالت ۾ ڪپڙا پُسي پون ته ان کي ”ڪپڙيوس“ يا ”جهينگار“ وارو مينهن چون. جنهن مينهن جي وسڻ سان زمين تان پاڻي ريلا ڪري وهي ته ان کي ”ريلي ڀُون“ مينهن چون. انهيءَ کان وڌيڪ پاڻي ڪندڙ مينهن کي ”ٻاري ٻڌ“ مينهن چون. نه گهڻو نه ٿورو، سانتيڪي نموني سان مينهن پوي ته ان کي ”راسُو مينهن“ چون. ايتري برسات پوي، جنهن تي آبادي ڪري سگهجي ته ان کي ”ريج مينهن“ چون. تمام گهاٽي ۽ وڏين ڦڙين واري مينهن کي ”اوٽي پلٽ مينهن“ چون. گهاٽا ۽ وڏڦڙا مينهن ملڪ تان وسيو وڃن، تنهن کان پوءِ رهيا کهيا ڪڪر گهاٽو ۽ وڏڦڙو مينهن وسائيندا رهن. مگر ٿورن ٿورن ٽڪرن تي، اهڙي مينهن جون پري کان لاٽون پيون ڏسبيون آهن ته اهڙي قسم جي مينهن کي ”اوهيرا“ چون. اوهيرا گهڻو ڪري ساوڻ ۾ وسندا آهن، تنهنڪري چوندا آهن ته ساوڻ جو مينهن چونري جو هڪ پاسو پُسائي ته ٻيو سُڪو رهي. ساوڻ جو سارو مهينو ٿڌين هوائن بوندن جي بهاري، مينهن جي موج ۽ رسيلي رم جهم ۾ گذريو وڃي.

اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪيا بُرجن سين،

ساز سارنگيون سُرندا، وڄائي برچنگ،

صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام تي.

مينهن وسي اوڪامندو آهي يا ٿوري بوند هوندي آهي ته صبح جو سج اُڀرڻ کان ٿورو پوءِ ۽ شام جو سج لهڻ کان ٿورو اڳ ڪارن ڪڪرن تي سج کي سامهون ستن رنگن جي ڪمان عجيب نظارو ٺاهيندي آهي، جنهن کي ٿري ”ڏانگڙو“ چون ۽ سنڌيءَ ۾ انڊلٺ پئجي.

ڪڪر ڪوٽ، پرين برج، جت سڄڻ سهرون ڪن

آءٌ مٿان تن، شل انڊلٺ ٿي اُڀران.

بڊي واري مهيني ۾ ڪڪر ڏينهن جو ٿوري ٿوري وقت بعد نوان نوان رنگ ۽ روپ ڪندا رهندا آهن، تنهنڪري چوندا آهن ته ”بڊو آهي روپ وارو مهينو.“

اَسوءَ واري مهيني ۾ بعضي ڪڪرن مان گوڙ ۽ رکي رکي بجليءَ جا چمڪاٽ ٿيند آهن ۽ ٽڪرن ٽڪرن تي اوهيرا ٿي برسات وسندي آهي.

مند تي منڊل منڊيا، ڪئي اوهيرن اوڪ،

ڇاڇر ٿي ڇُنن ۾، مينهون چرن موڪ.

ڪٿي ٿوريون ڇنڊون ڪٿي گهڻيون. ڪٿي زمين جو پُڙ مس پُسندو آهي، ان کي ”پُڙپوس“ چون. ڪٿي ٻنين ۾ اوڙون پاڻيءَ سان ڀربيون آهن، ان کي ”اوڙيهر مينهن“ چون. اهو به هڪ مَڙهي ۾ هوندو ته ٻئي ۾ ڪونه هوندو. بعضي ته اڌ ٻنيءَ ۾ وسي ته اڌ ۾ ڪونه وسي، انهيءَ کي ”اَسُوءَ جا ڌاروڙا“ به چون.

ڪَتيءَ واري مهيني ۾ برسات ڪانه پوي يا نالي ماتر. باقي ڏينهن تپندا آهن ۽ گرمي ججهي ٿئي، ان کي ”ڪَتي جا ڪاڙها“ چون. بعضي سج جي آڏو ڪڪر اچي ويندا آهن، تڏهن زمين تي اُس جي بدران ڇانو ٿيندي آهي، ان کي ”ڇانهولو“ چون.

برسات وقت مٽيءَ جي کُڏن (ڪوٺين) تان ته پاڻي يڪدم نيسارن رستي وهيو وڃي، پر چَونرن ۽ ڇَنن جي ڪکن مان ڦڙا ڦڙا پيا ڪرندا آهن، جن کي ”ڪوئاڪا“ چون.

ٽمن نيڻ رت وهي، چُئاڪا ڪيو،

مون کي ڏَنءُ ڏيو، آئين ٿا وڃو اوٺيا.

چوندا آهن ته ”پل پهر مينهن ۽ ڇهه پهر ڇنو.“ يعني برسات ٿورو وقت وسيو اوڪاميو وڃي ته به ڇَنو ڪافي وقت ٽمندو رهي.

برسات پوڻ وقت زمين پُسي پوندي آهي ۽ هيٺ مٿانهين هئڻ ڪري پاڻي هيٺاهينءَ ڏي لهيو وڃي ۽ وارياسي هئڻ ڪري زمين چُهي وڃي. ان وقت واريءَ جو رنگ ڳاڙهسرو ميرانجهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. فقط ڪن ڪن هنڌن تي، جتي ڪجهه ڏاڍيري زمين هوندي آهي، ٿورو وقت پاڻي بيهندو آهي. پُسيل زمين وقت چوندا آهن ته ”ڀنوئاري“ ٿي آهي. ان وقت پُسيل زمين تي گلابي رنگ جا ڄوي جهڙا، پر سهڻا ۽ دل کي وڻندڙ جيت سُرندا نظر ايندا آهن. جن کي ”ميهه جاماڻا، چون. سنڌيءَ ۾ ان کي ”مينهن وساڙا“ چون. اُهي هونئن ڪڏهن به ڪونه ڏسبا آهن، مگر هن مند ۾ مينهنوسڻ کان پوءِ ٻه-چار ڏينهن قدرتي طور ظاهر ٿيندا آهن ۽ پوءِ وري گم ٿيو وڃن. ڏسڻ ۾ بلڪل وڻندڙ ۽ هڪ لائڻ سان نازڪ معلوم ٿيندا اهن. ڳوٺاڻا سهڻي زال کي هن جيت سان مشآبهت ڏيندا اهن. جيئن ته چوندا اهنت، فلاڻي زال اهڙي سهڻي آهي جهڙي ”مينهن جو مامو.“

برسات بعد پُسيل واريءَ تي ننڍا ٻار قسمين قسمين رانديون ڪندا آهن، جيئن ته ڪي ٻار ننڍا هَرڙا ٺاهي ريٽن تي اوڙُن ڪڍندا آهن هڪرو هر ڇڪيندو، ٻيو پويان جهليندو. ڪي وري پُسيل واري4 مان گهوڙا ٺاهيندا آهن. گول چونرا ٺاهي، مٿان وريءَ جا لَڏَوُن رکندا اهن. واري4 جون ڀِتيون ٺاهي مٿان سنهيون ڪاٺيون ۽ اَڪ جا پن رکي پوءِ مٿان واريءَ سان ڍڪي هڪ پاسي کان دروازو چڏي ڪوٺيءَ وانگر ٺاهيندا آهن ۽ چوڌاري واريءَ جو ڪَپر ٻڌي لوڙهو بنائيندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻار پاڻ وندرائيندا آهن.

 

ٿر جو وسڪارو

برسات جا چار مهينا جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر آهن، جنهن کي ”چوماسو“ چئبو آهي. جون مهيني جي ڏهين تاريخ کان پوءِ برسات پوي ته آڳاٽي، جولاءِ جي پهرئين هفتي ۾ پوي ته مُندائتي، آگسٽ ۾ پوي ته پاڇاٽي، آگسٽ سڄو خالي وڃي ته ڏڪار سمجهبو. مٿين موقعن تي جڏهن به وسي آڳاٽو يا پاڇاٽو، ته اها برسات جي موسم آهي.

وسي تهين وَسَ، مُند مِڙوئي ميهَه جي.

آبادي ۽ مال لاءِ برسات کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. اونهاري جو سخت لُڪ ساڙيندي آهي جنهن ڪري ٿري ويچارا سدائين اُڀ ڏي نهاري نهاري اکين ۾ لِڦون پئجي ويون ۽ هر هر پڪاريندا آهن:

مٿان منج ڪي ميگهه ملار، مينهن گهرن ٿا مالن وارا،

تو مان وِرچن ڪين ويچارا، لالڻ ڪو رنگ لاءِ،

ســــــــرهــــــــــا ســـــــــــاوڻ ڏيــــنــــــهــــن ســــــنــــــــداءِ.

جڏهن ڪو آڙنگ جو نمونو ٿيندو آهي تڏهن خوش ٿيندا آهن ۽ دل ۾ اُميد ٿيندي اٿن ته هاڻي مولا جي مهر ٿيندي.

مهر جا مينهن پوندا ۽ ترايون تار ٿي وينديون،

وطن جون واديون گلپوش ۽ گلزار ٿي وينديون،

مسرت سنا مليرياڻيون مڙئي سرشار ٿي وينديون،

نئين رُت ساڻ نوورنيون سڀئي گلنار ٿي وينديون.

(گدائي)

جڏهن برسات پوندي آهي، تڏهن چوڌاري پتن تي پاڻيءَ جي اڇ ٿي ويندي آهي.

پلر جي پالوٽ سين پٽن جهليا پاهه.

ٿر ۾ ماڻهن ۽ مال جي هلڻ ڪري گس ٺهي پوندا آهن، جنکي واٽون چوندا آهن. جتي سخت زمين هوندي آهي اتي اهي واٽون ڀرجي پونديون آهن.

وسايو واتڙين تي ٿو خالق کنڊ ڀري.

هرڻ اهو واٽڙين جي پاڻي پِي سڄي سال جي اُڃ اُجهائيندا آهن. واٽون ڀربيون آهن تڏهن چئبو آهي ته ”هَرڻيا پياريا اٿس“. پوءِ گهڻي پاڻي ٿيڻ تي مٿاهن هنڌن تان پاڻي ريلا ڪري وهي هيٺاهن هنڌن ڏي ويندو آهي، جتي گهڻي ٿيڻ ڪري وڏيون نئيون ٺاهي گڙ گڙ ڪري ڏهرين ۽ هيٺاهن هنڌن ڏي ويندو آهي. ترايون ۽ تليون ڀرجي وينديون آهن.

ٿيُون لَبالَب، بَس تَرايُون ۽ تَليُون،

پَلَ جون جاري نَديون ٿي ڪئين هليون.

(فدا)

اوڏيءَ مهل ٻار ۽ وڏا نڪري وهنجندا به پيا آهن ۽ نظارو به پيا ڏسندا آهن. اونهاري جو گرميءَ جي ڪري بدن تي آرايون ٿينديون آهن سي لر پاڻيءَ سان سنان ڪرڻ ڪري گم ٿي وينديون آهن. ٻار ته خوب رانديون ڪندا آهن ۽ خوشيءَ مان پيا ڊوڙندا آهن. اٺن-ڏهن ڏينهن بعد چوڌاري ساوا گاهه ۽ ٻوٽا وڌي ايندا آهن، جن جا ڪيترائي قسم آهن. سڄي زمين تي ڄڻ ته سائو غاليچو وڇائجي ويندو آهي، بلڪ گس به گاهه سان ڀرجي ويندا آهن.

واحد وڏائي ڪيا مٿي گسن گاه.

ڀَٽن واري زمين مٿي ٿيندي آهي، پر وارياسي آهي جنهنڪري گاهه سان ڀرجي ويندي آهي. پري کان اُن جو نظارو اکين کي طراوت پيو ڏيندو آهي.

ڀٽن تي پاساڙن ۾ انيڪ قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا هوندا آهن آهن، سي گونچ ڪڍي موربا آهن. اونهاري جو جي ٽاريون سُڪي وينديون آهن ۽ پن ڇڻي ويندا اٿن، سي سرسبز ٿي پنن سان ٽمٽار ٿي وينديون آهن.

سبز ساوا ٿا ڪَنڊا ڪُونڀٽ وڻن،

ٿا کِپُون ۽ ٻُوهه ڪانڪهه دم کڻن،

ڦُڳ ٿوهر ۾ به ڦُلريون ٿيون ڦٽن،

ٿا کٻڙ ڄاريون ۽ گگلڻ گونچ ڪن،

باغ روهيڙا بنائين ٿا هــي بــر،

شاد بــاد اي خطئــه صحراءِ ٿـــر.

-(فدا)

ڪيتري به برسات پوي، ڪابه ڊپ جهڙي حالت ڪانه ٿئي. وساڪري جو برپٽ، ڏهريون، دڙا، مڙها ۽ ڀٽون ساوڪ سان ڍڪجي وينديون آهن. ڪنهن ڀٽ تان بيهي ناربو ته ڪشمير جي سيڪ لهي ويندي.

جي پوي بارش، ته بس ڪشمير تون،

رشڪ جنت آرام جــي تصويـر تــون،

تنهنجي واري سون ۽ اڪسير تون.

- (فدا)

برسات کان پوءِ ٿر جو نظارو اهڙو ٿيندو آهي، جو سنڌ جو ٻيو ڪوبه ڀاڱو اُن سان مَٽ پئجي نه سگهندو. اهو ئي سبب آهي جو ٿري ماڻهن کي پنهنجو وطن پيارو آهي.

وسڪاري جو وڻن، ٻوٽن ۽ گاهن ۾ قسمين قسمين گل ٿيندا آهن، جي ڪيترن ئي رنگن جا هوندا آهن ۽ ڪيتريون سُرهيون ٻوٽيون پڻ پيدا ٿينديون آهن، جن ۾ دل کي وڻندڙ خوشبوءِ ايندي آهي، انڪري اولدار واسجيو وڃن ۽ دل کي فرحت پيئي ايندي آهي، مارئيءَ جو پٿر، جنهن کي جُونٺِي چون، بلڪل سُرهو ٻوٽو آهي. ٿري ماڻهو انهيءَ سان ڏُڌ ۽ کير جا ٿانءَ ڏهندا ۽ اُڪراسيندا آهن ته ٿانو صاف ۽ خوشبودار ٿي ويندا آهن، جنهنڪري منجهن کير ڪونه ڦِٽي ۽ ڌؤنرو ۽ لَسي سلامت پيا رهن. ٻيا به انيڪ قسمن جا سُرها گاهه ٿيندا آهن ۽ ڪيتريون قيمتي ٻوٽيون پيدا ٿينديون آهن. جي حڪيم ۽ طبيب سڃاڻي ان مان دوائون جوڙيندا آهن.

ڀٽن تي پاسارن ۽ ڏهرن ۾ مال پيو چرندو آهي. ڌنار ۽ ٻڪرار ڀٽن تي چڙهيو پاوا، چنگ، بئنسريون وڄائيندي، ٿر جا لوڪ گيت ۽ ڪيترن ئي نمونن جون ڪافيون ۽ بيت پيا چوندا آهن. ڀٽ تي چڙهي بهبو ته آسپاس چوڌاري ڪيترو سارو مفاصلو، دور تائين ڏهرن ۾ ساوڪ جو نظارو ۽ چَرندڙ مال، ٻنيون، ايندڙ وپيندڙ ماڻهو، ڀنوئارڻيون، ڪٿي وڻن جا جهڳٽا، ڪٿي گاهه جو نظارو ڇٻر وانگر ڏسي، اکين کي آرام، روح کي راحب ۽ من کي مون پيئي ايندي.

ٿي اڇي لَڪ لَڪ مٿي جنت جي هير،

چوطرف منظر عجائب بي نظير،

ڏسڻ سان جن جي ٿين سينا سڌير،

ٿي پون مرده به ٿا زنده سرير.

ڀٽن تي ۽ پاسن ۾ خاص ڪري ڪونڀٽ جا وڻ ٿيندا آهن، جي مڃر سان ڀرجي ويندا آهن. انهن جي مٿان واري ڪَٽَ اهڙي آهي جو پري کان ڌوپ پَٽي وانگر پيا ڏسبا آهن. ڳاڱا به جام ٿيندا آهن، جي ڌنار ۽ ٻڪرار کائيندا آهن. ننڍا ننڍا ٻار نرم ۽ ٿڌي واريءَ تي ليٽيا پيا هوندا آهن ۽ ڪي ڀٽن جي چوٽيءَ کان سِرڪڻ شروع ڪندا آهن. جڏهن هيٺ پهچندا آهن تڏهن وري شرطون رکي ڊوڙ پائي مٿي ڀت جي وٽيءَ تي ويندا آهن. ڀٽ جي اڌکڙ ۾ وڻن جون پاڙون ظاهر بيٺيون هونديون آهن. ٿڌي ڇانو ۽ کليل هوا اهڙي هوندي آهي جو هيٺ ٿورو وقت ويهڻ سان سڄي ڏينهن جو ٿڪ لهي ويندو آهي ۽ ماڻهو تازو توانو ٿيو پوي.

هن مند مارو سزا، ساڻيهه منجهه سڌير.

ٿري ماڻهو وسڪاري جو پنهنجي ڳوٺ مان پير به ٻاهر ڪونه ڪڍندا آهن ۽ وطن ۾ ئي خوش گذاريندا آهن.

مند تي مڊل وڄيا، آيو جهڙ جهاٽِي،

هڪ ارزان اَن ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽِي.

ڀلي وسڪاري جي ڪري ٻنهين ۾ ان جام ٿي پوندو آهي ۽ سائو گاهه چرڻ ڪري مال به کير وڌائيندو آهي، جنهنڪري مکڻ ۽ گيهه جو اُپراسو وڌيڪ ٿئي، ٿري ماڻهو کير ڪونه وڪڻن پر گيهه جام وڪڻن. شهرن ۾ تور جو رواج آهي، مگر ٻهرارين ۾ ڀرپ جو. لوهه جي ٽِپريءَ سان ڀري ڏيندا آهن، جا ڪٿي پنج تولا، ڪٿي ڇهه يا سوا ڇهه تولا تور جي ٿئي. ٿر ۾ گيهه سٺو ٿئي ٿو، جو ٻاهر وڪري لاءِ جام ويندو آهي. وسڪاري جو جهڻ (لسي) گهڻي ٿئي، جا پاڻ کائين ۽ ٻين کي به جام ڏين.

رات لڌو مون سُهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،

اُٺڙا مينهن ۾ ٿيو تڙ تڙ تماشو.

مطلب ته برسات پوڻ بعد سڄي ٿر ۾ سڀ ڪنهن هنڌ موج لڳي ويندي آهي، ڳڻتيءَ جو ڪٿي نالو ئي ڪونه هوندو آهي. هر ڪنهن جي منهن تي مرڪ پيئي ڏسبي آهي.

 

ترايون ۽ تلاءَ

ٿر ۾ آهن واري ۽ ڀٽون، جنهنڪري ڪا ندي، نئن، واهه يا ڍنڍ ڪانهي. ماڻهو پيئڻ لاءِ کوهن ۽ ويرين جو پاڻي ڪم آڻين، جنهن جي سخت تڪليف آهي. جون ۽ جولاءِ ۾ برسات پوڻ وقت تراين ۾ پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي، تڏهن وڃي سک جو ساهه کڻندا آهن. ترين کي تلاءُ به چون. پارڪر ۾ تلاءَ بلڪل گهڻا آهن، جن ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو، جو اتي ڪيترن تلائن ۾ ڪارونجهر ٽڪريءَ جو پاڻي لهي اچي پوي ٿو. ازان سواءِ اتي جي زمين ٽاڪرو اهي جنهن ڪري پاڻيءَ کي ايترو چُهي ڪانه ٿي. باقي ٿر واري ڀاڱي ۾ تلاءَ ۽ ترايون بلڪل ٿوريون آهن، سي به ڪن ڪن ڳوٺن ۾ يا ڀرسان آهن. تراين جي پاڻيءَ جي ڪٿ ڏينهن ۽ مينهن سان ڪبي آهي، يعني چئبو آهي ته فلاڻي ترائيءَ ۾ پاڻي هيترا ڏينهن يا مهينا ٿيندو. ڪن ۾ ٻه، ٽي، ڪن ۾ پنج، ڇهه مهينا يا وڌڌيڪ وقت پاڻي رهندو آهي. پارڪر ۾ ڪي تلاءَ اهڙا به آهن جن ۾ وقتي ٻارهن مهينا به پاڻي رهندو آهي.

ڪي تلاءَ تانگها، ڪي اونها ٿيندا آهن، خاص ڪري ترو اونهو ٿيندو اٿن. پاڻيءَ جي اونهائيءَ جي ماپ لاءِ چوندا آهن ته گوڏا، چيلهه يا ڪُلهي جيترو آهي. اڃا وڌيڪ هوندو ته چون ”مُڙسا ٻوڏ“ يا ”مٿوڙا تار“ آهي. اڃا وڌيڪ هجي ته چوندا ”اوٺي ٻوڏ“ آهي، يعني ايترو آهي جو اُٺ ٻڏيو وڃي.

ڪٿي ڪٿي ته ننڍا ٻوڀا آهن، جن ۾ پنج-ست ڏينهن کن مس پاڻي رهندو آهي. ٿر جا مکيه تلاءُ هن ريت آهن.

سانگاهه جو تلاءُ: هي ڳوٺ ويراواهه جي ڏکڻ طرف وڏي ۾ وڏو تلاءُ آهي، جتي ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو. سڪي وڃڻ بعد اُتي پوک به ڪبي آهي.

ڀوڏيسر جو تلاءُ: ڀوڏيسر ڳوٺ وٽ آهي، جنهن جي ڊيگهه چار سئو فوٽ ۽ ويڪر ٻه سئو فوٽ آهي. ان ۾ ست اٺ مهينا پاڻي رهندو آهي. هي ڀوڏي سوڍي ڇهين صدي عيسويءَ ۾ کڻايو هو.

لور لائي ۽ ڀڻا سر تلاءُ: هي تلاءُ ڳوٺ گهرٽياري وٽ آهن، جن ۾ پنج – ڇهه مهينا کن يا وڌيڪ وقت پاڻي رهي ٿو. لورالائيءَ ۾ وقتي گهڻو وقت به پاڻي رهي ٿو.

نرياسر تلاءُ: ڳوٺ ڏونگري وٽ آهي، ان ۾ ڇهه مهينا پاڻي رهي ٿو. ان جي چوڌاري سنئون ميدان آهي، ڪوبه وڻ ٽڻ ڪونهي. ڀرسان ڪيترا ننڍا ننڍا تلاءُ آهن، جن ۾ ٿورو گهڻو پاڻي رهي ٿو.

ڀَڪُو تلاءُ: ڳوٺ مُندري جي اُتر طرف ۽ ڀوڏيسر کان الهندي طرف آهي. ان ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو.

راڻاسر تلاءُ: انهيءَ نالي سان ٽي تلاءَ آهن.

(1) ننگرپارڪر شهر جي الهندي پاسي آهي. ڀرسان اڳي پارڪر جي راڻن جون جايون هيون، جنهنڪري مٿس اهو نالو پيو. هن تلاءُ ۾ چئن کان اٺن مهينن تائين پاڻي رهي ٿو.

(2) لاڪڙ کڏئي وٽ آهي، جتي چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

(3) ڳوٺ چيلهار جي ڀرسان ڏکڻ اولهه طرف آهي، هن ۾ چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو. ٻيو تلاءُ ڳوٺ ڳوٺ قابل شاهه جي اوڀر طرف ڇڇيءَ جي ڏهر ۾ آهي. هن ۾ ٻه چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

ڇَڇِي تلاءُ: چيلهار جي ڀرسان ڏکڻ اولهه طرف آهي، هن ۾ چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو. ٻيو تلاءُ ڳوٺ قابل شاهه جي اوڀر طرف ڇڇيءَ جي ڏهر ۾ آهي. هن ۾ به چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

اُڻند جي ترائي: گڍڙي کان ٻه ميل ڏکڻ طرف ننگرپارڪر ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هن ۾ ٽي چار مهينا پاڻي رهي ٿو.

گڍڙي جو تلاءُ: گڍڙي شهر جي ڀرسان ڏکڻ طرف آهي. هن ۾ ڇهه مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

ڪاٺو تلاءُ: چارنور ڳوٺ جي اوڀر طرف ميل کن پنڌ تي آهي. هتي چار مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

کينئسر جو تلاءُ: کينئسر ڳوٺ ڀرسان اوڀر طرف آهي. ٽي ميهنا پاڻي رهي ٿو.

مٺيءَ جي ترائي: مٺي شهر ۾ ڏکڻ طرف ڀرسان آهي. هن ۾ ٽي مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

وڪوڙي تلاءُ: ڳوٺ وَڪڙئي وٽ آهي، جتي ٻه مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

چيڀڙن جي ترائي: دلن جي تڙ جي ڏکڻ طرف، چيلهار کان پارڪر ڏي ويندڙ وات تي اهي. هتي اڍائي مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

ميهوُئَرَ جي ترائي: ڳوٺ نهٽي کان اوڀر طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي ميهوئر جي ڏهر ۾ آهي. هتي ٻه اڍائي مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

بَڙُ تلاءُ: ڳوٺ ٻِهراڻي جي اولهه طرف آهي. هتي چار – پنج مهينا پاڻي رهي ٿو.

کوڙٻِي تلاءُ: چيلهار کاڻ ٽي ميل اوڀر طرف پارڪر ڏي ويندڙ رستي تي گوڙچي ڳوٺ وٽ آهي. هتي ٽي مهينا پاڻي رهي ٿو.

ڀِرمي تلاءُ: روهج ۽ مٺڙئي ڳوٺن جي وڍ ۾ آهي. هن ۾ اڍائي مهينا پاڻي رهي ٿو.

روهِلي ترائي: پيلُو جي تڙ جي اولهه طرف روهلي ڏهر ۾ آهي. ان ۾ ٽي مهينا پاڻي رهي ٿو.

روهِيڙو يا ڪيرلو تلاءُ: ڳوٺ سمن جي تڙ ۽ صالح جي تڙ جي وچ ۾ آهي. هتي اڍائي مهينا کن پاڻي رهي ٿو.

چوتيار جي ترائي ڳوٺ هريار کان چار ميل ڏکڻ طرف، پَڌريون تلاءُ چيلهار کان مٿي ڏي ويندڙ رستي تي کاريو نَرا ڳوٺ کان الهندي طرف، ڄَٽِي ترائي ڳوٺ واگهي جي ويريءَ جي اولهه طرف، سادلا ترئي ڳوٺ ڀوڄاٻو وٽ، لائٻڙي ترائي ڳوٺ ڌوڙڪيون جي اتر طرف ۽ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا تلاءَ ۽ ترايون آهن، جن ۾ ٿورو ٿورو وقت پاڻي رهي ٿو.

تراين جو پاڻي

ٿر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو بلڪل ڏکيو آهي. وڏن وڏن ڳوٺن ۾، سي به ٿورن هنڌن تي پاڻيءَ جا سٺا تلاءَ يا ترايون آهن، جتي برسات جو پاڻي ٽي-چار مهينا رهندو آهي. ڪٿي هڪ-ٻن هنڌن ڇهن مهينن تائين به رهندو آهي، جنهن کي ”پلر پاڻي“ چوندا آهن، نه ته گهڻو ڪري ڳوٺن جي ڀرسان ننڍا ننڍا ٽوڀا هوندا آهن، جن ۾ پنج – ست يا ڏهه – پندرهن ڏينهن پاڻي هوندو آهي ۽ پوءِ سُڪيو وڃي.

ترايون اڳ جون کوٽيل آهن جن جي تري ۾ سخت پٿر هوندو آهي، جنهن کي روهه چئبو آهي ۽ پاڻيءَ جي ڪري مٽي ٿي پوندي آهي جنهنڪري پاڻي ڪجهه وقت جٽاءُ ڪندو آهي. ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجين جاين ٺاهڻ لاءِ سال بسال اُتي مٽي ڪڍندا آهن، جنهنڪري کوٽائي ٿيندي رهندي آهي. نه ته ڪڏهن ڪڏهن ڏڪار وقت ماڻهو کي سهائتا ڏيڻ جي ارادي سان گورنمينٽ تراين جي کوٽائي به ڪرائيندي آهي.

برسات وقت ترايون ۽ ٽوڀا ڀرجيو پون. پاڻيءَ جي رکپ ڪانهي، يعني ماڻهو پيئڻ جو پاڻي به اتان ڀرين ته ڪپڙا به اتي ڌوئن. سنان به تلائن اندر ڪن ۽ مال کي به اتي پيارين، جنهنڪري مال ڇيڻا ۽ لِڏ به اتي لاهي ته پيشاب به اتي ڪري، جنهنڪري ڪجهه وقت بعد پاڻي سائو ڀنگ جهڙو ٿي خراب ٿيو وڃي ۽ پونئرا به پئجو وڃن ۽ منجهانئس ڌَپ پئي اچي، جنهنڪري ڏسڻ سان ڪراهت پئي ايندي. ٻاهريون ماڻهو اهڙو پاڻي پيئڻ پسند ڪونه ڪندو، پر ٿري ماڻهو مجبواً اهو پاڻي پيا ڪم آڻيندا آهن، جيستائين صفا سڪيو وڃي.

پاڻي چُڪڻ بعد به ڪن ڪن تراين جي تري ۾ يا ڀرسان پنج – ست فوٽ کڏون کڻندا آهن، جن کي ”گروُئا“ چئبو آهي. انهن ۾ زمين جو چوسيل پاڻي ڇڻجي صفا ٿي ايندو آهي. اهو به تراين ۾ پاڻي چُڪڻ بعد پنج – ست ڏينهن هوندو، پوءِ بس.

ٿري ماڻهو اهو سائو خراب پاڻي ڇو پيئندا آهن، ان لاءِ هيٺيان سبب آهن:

1- ٿر ۾ پاڻيءَ جو ٻيو وسيلو آهي کوهن جو پاڻي. کوهه ڪٿي اونها آهن، ڪٿي ڳوٺن کان پري آهن. کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ سڀ ڪنهن وٽ پنهنجو سَنتو (ڪوس، ورت، وهٽ ۽ ماڻهو) ڪونه هوندو آهي. وسڪاري جي مال ۾ به ماڻهو کپي، جو ٻنين جي ڪم سبب ايترو وقت به مشڪل ملندو آهي جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ صرف ڪن.

2- پيهائيءَ تي ان وقت ڪوبه ماڻهو پاڻي نه پياريندو آهي ڇو ته تراين ۾ جيستائين پاڻي صفا نه سُڪندو آهي، تيستائين تڙ نه واريندا آهن. ازان سواءِ پيهائيءَ جو رواج وڏن شهر ۾ آهي، جتي سڀ ڪنهن کي پنهنجو سنتو نه هوندو آهي. ٻهراڙين ۾ به ڌڻودين کي پنهنجو سنتو هوندو آهي. پر مال ۾ به ماڻهو کپي ۽ ٻنين جي ڪم جي ڪري واندڪائي نه هوندي آهي.

3- اتفاق سان جي ڪنهن ماڻهو وارو واريو ته ڳوٺ جي باقي گهرن جون زالون به پاڻي ڀرڻ لاءِ دلا کنيو اينديون، جي ٺلها ڇڏڻ ٺيڪ نه سمجهندا آهن، ۽ ضرور ڀرڻا پوندا اٿن، جنهنڪري ڪيترو وقت ضايع ٿيو وڃي.

4- ڪن ڪن هنڌن تي کوهن ۾ پاڻي گهٽ ٿيندو آهي يا کارو هوندو آهي ته مٿان برساتي پاڻي وجهندا آهن. ان خيال سان ته جيڪو وقت اڳتي تڳجي اهو ٺيڪ، ته چار ڏهاڙا پاڻي وڌيڪ ڪم اچي.

5- ماڻهن جي اڪثريت غريب طبقو آهي، جنهنڪري  پاڻيءَ جي لاءِ پئسو خرچڻ انهن لاءِ مشڪل آهي. تراين ۾ جيتوڻيڪ پاڻي خراب ٿي ويندو آهي ته به مفت ته آهي.

6- جتي پيهائيءَ جو رواج آهي، اتي پئسو خرچ ڪرڻو پوي ٿو. تراين جو پاڻي مثال طور کڻي سمجهو ته چار مهينا هوندو آهي. پيهائيءَ جو رواج في دلو في مهينو هڪ رپيو، اُٺ، گانءِ وغيره في مهينو هڪ رپيو. جي سراسري هرهڪ ڪٽنب لاءِ چار دلا روزانو پاڻي ۽ چئن وهٽن جي پيهائيءَ جو حساب لڳائجي ته 4+4 رپيا يعني 8 رپيا ماهوار. انهيءَ حساب سان چئن مهينن ۾ هڪ ڪٽنب جو خرچ 32 رپيا، يا کڻي اڃا به گهٽ 20 رپيا سمجهو ته اٺن مهينن ۾ 40 رپيا هڪ ڪٽنب جو خرچ. جي چيلهار ڳوٺ جو کڻي مثال وٺجي، جنهن ۾ ڇهه سئو کن گهر ٿيندا، ته پوءِ انهن جي پيهائيءَ جو خرچ اٺن مهينن جو چوويهه هزار رپيا ٿيندو. جتي تلائن ۾ پاڻي ٿورو وقت رهي ٿو يا برسات نٿي پوي ته ان وقت پيهائيءَ جو خرچ پاڻ وڌيڪ ٿئي ٿو، سو ڀانئين ته جيترو وقت پندرهن – ويهه ڏينهن يا مهينو تلائن جي پاڻي جي ڪري گذري سو چڱو.

7- ڪٿي ننڍيون ويريون آهن، جن کي ”پار“ چون. اتي پاڻي ڪڍڻ جي ايتري تڪليف ڪانهي ته به صرفو ڪن. ڇو ته ويرين ۾ سيمي جو برساتي پاڻي هوندو آهي، جو ڪڏهن برست گهٽ پوي يا گهڻو ڪڍڻ ڪري گهٽجيو وڃي ۽ بعضي اونهاري جو سڪيو به وڃي، تنهنڪري پاڻيءَ جي ڪفايت جي خيال کان به ائين ڪندا آهن.

مٿين تڪليفن جي ڪري شهرن ۾ پڄنديءَ وارا ماڻهو گهرن ۾ پَڪين سِرن ۽ سيمينٽ جون هوديون ٺهرائيندا آهن، جي برساتي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن، يا وڏا پائيپ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن.

ڪٿي ڪٿي جتي ترايون يا توڀا ڪونه آهن، اتي ماڻهو برسات وقت جاين جي نيسارن هيٺان پاڻيءَ جا دلا ۽ مَٽ رکندا آهن. اهڙيءَ طرح گهر جا سڀ دِلا، مَٽ وغيره ڀري ڇڏيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org