سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 10

صفحو ؛ 19

 

باب ڏهون

 

سنڌ جا مشهور امير اُمرا ۽ عالم فاضل

فصل پهريون _ سمن ڄامن جي زماني جا

مٿين بابن ۾ قديم سنڌ جي جدا جدا شهرن ۾ جيڪي نالي وارا بزرگ ٿي گذريا آهن، سي ڏنا ويا آهن. هاڻي جدا جدا حڪومتن ۾ جيڪي مشهور امير ماڻهو ٿي گذريا ۽ جن جو ذڪر سنڌ جي قديم تاريخن ۾ آيل آهي، سي ڏجن ٿا. انهن مان ڪن ٿورن جا نالا شايد مٿي به اچي ويا هوندا. پهرين هن باب ۾ سمن ڄامن جي راڄ جا امير ۽ ٻيا مشهور ماڻهو ڏينداسين.

(1) دلشاد _ هيءُ ڄام نظام الدين جو وزير هو. اصل ان جو گهر ڄاول غلام هو، پر عقل ۽ علم ۽ بهادريءَ جي ڪري وزيريءَ جي درجي تي آيو. ڄام هن کي پهرين بکر ۾ رکيو، جتي نهايت عمدو بندوبست ڪري هن جو زور ڄمايائين. سنه 912هه ۾ ڄام نندي جي راڄ جي پڇاڙيءَ ۾ ٺٽي مان نڪري اُچ تي ڪاه ڪيائين ۽ انهيءَ پاسي وفات ڪيائين.

(2) دريا خان _ پهرين سندس نالو قبولو هو ۽ ڄام نظام الدين جي ديوان لکدير يا لکبير جو غلام هو. ڪن جو چوڻ آهي ته اصل هو سيد زادو هو، جو قيد ٿي پيو ۽ هن کي غلام ڪري آڻي وڪيائون ۽ لکدير انهي کي خريد ڪيو. هڪڙي ڀيري ڄام نظام الدين شڪار تي ويل هو. ڏينهن ڏاڍو تتل هو. سخت اُڃ لڳيس. پاڻي گهريائين. قبولو غلام تڏهن ديوان لکدير جو آبدار هو. تنهن پاڻيءَ جو پيالو آڻي ڏنس، پر انهيءَ ۾ ڄاڻي ٻجهي هڪڙو ڪک وجهي ڏنائينس ته گهڻي اُڃ ۾ هٻڇ ڪري زياده ۽ تڪڙو پي نه وڃي، ٿورو ٿورو ڪري پِئي. جڏهن ڄام کي اها حقيقت معلوم ٿي، تڏهن هن جي سياڻپ پسند آيس ۽ انهيءَ مهل پئسا ڏيئي هن جي ٻانهن لکدير کان ورتائين ۽ دريا خان نالو ڏنائينس. سگهو ئي وڏي درجي کي پهتو، بلڪ دلشاد وزير کان به لنگهي ويو ۽ مدار المهام ۽ اميرالامرا ٿيو ۽ مبارڪ خان خطاب مليس. جڏهن مرزا سيد محمد جونپوري ٺٽي ۾ آيو، تڏهن عالمن جي چوڻ تي ڄام هن تي اعتقاد ڪونه آندو؛ پر دريا خان هڪدم وڃي انهيءَ جو مريد ٿيو ۽ انهي جي دعا سان وڏو درجو حاصل ڪيائين، ايتري قدر جو ڄام هن کي غلام نٿي ڄاتو، پر پٽ ڪري ٿي سڏيائينس، ۽ جڏهن ڄام پاڻ مئو ٿي، تڏهن پٽ جي ٻانهن هن کي ڏنائين ۽ سندس پارت ڪيائينس. سنه 927هه ۾ شاهه بيگ جي لشڪر هن کي ماريو. مڪليءَ تي رکيل آهي. سندس پٽ علاؤالدين به عالمن ۽ اميرن جي قطار ۾ هو ۽ اُهو به شاهه بيگ جي هٿان ماريو ويو. اُن جا ٻيا پٽ محمود خان ۽ متن خان پنهنجي جاگير ۾ رهندا هئا، جا ٽلٽي ۽ ڪاهان ۾ هئي.

(3) سارنگ خان به ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي ناليرن اميرن مان هو. ڏاڍي بهادري ۽ همت ۽ سياڻپ جا ڪم ڪيائين.

 

فصل ٻيو _ ارغونن ۽ ترخانن جي زماني جا

(1) سلطان محمود خان بن مير فاضل ڪوڪلتاش بن عادل خواجه اصفهاني_ امير تيمور انهيءَ پاسي ڪاهه ڪئي هئي. عادل خواجه جو پيءُ احمد خواجه مير حسن بصريءَ جي هٿ آيو، جو تيموري لشڪر جو سردار هو ۽ ذوالنون مصريءَ جو پيءُ هو. انهيءَ هن کي پٽ وانگي پالي وڏو ڪيو. سلطان محمود خان چوڏهن ورهين جي عمر ۾ مرزا شاهه بيگ وٽ آيو، جو کيس گهڻو پسند ڪندو هو ۽ ساڻس گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ اتي بکر ۾ حاڪم ڪري رکيائينس ۽ گهڻين جنگين ۾ بهادري ڏيکاريائين ۽ نيٺ مرزا شاهه حسن کان پوءِ بکر جو مالڪ ٿيو ۽ سنه 965هه ۾ شاهه طهماسپ صفويءَ کان خان جو خطاب مليس ۽ اڪبر بادشاهه وري اُچ جي رياست سندس حوالي ڪئي. سنه 969هه ۾ شاهه طهماسب خان خانان جو خطاب ڏنس. سنه 981هه ۾ مبارڪ خان ماٿيلي جو قلعو ورتائين ۽ انهيءَ سال ۾ سندس نياڻيءَ سان اڪبر بادشاهه شادي ڪئي. آخر جلندر جي مرض ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات جو سالدربهشت آسوده“ مان ٿو نڪري يعني سنه 982هه.

(2) امير شاه قاسم بيگ لاري سمرقندي_ بيگ لار جي نسل مان هو ۽ امام زين العابدين سان وڃي ٿي پيڙهي لڳس. زماني جي گردش کان ترڪستان ۾ آيو ۽ ارغون گهراڻي سان واسطو ٿيس. شاه حسن ارغون جي زماني ۾ سمرقند کان سنڌ ۾ آيو. جهيجن جو پرڳڻو جاگير ٿي مليس. عمرڪوٽ جي راڻي جي ڀاڻيجيءَ سان شادي ڪيائين ۽ سنه 947هه ۾ هڪڙو پٽ ڄائس، جنهن جو نالو ابو القاسم رکيائين. هو پاڻ همايون بادشاهه جي پهرينءَ جنگ ۾ سنه 952هه ۾ ماريو. ٽورڪيءَ جي ڳوٺ ۾ قبر اٿس،. سندس پٽ ابوالقاسم خان زمان_ پيءُ جي مرڻ وقت ٽن ورهين جو هو. پنهنجي ماءُ وٽ رهندو هو. اتفاق سان جوڻيجن سندن ڳوٺ تي ڪاهه ڪئي. انهي ۾ هن کي منهن تي زخم ٿيو. انهيءَ حال ۾ هن کي مرزا شاهه حسن وٽ آندائون، جنهن هن جي پرورش ۽ تعليم لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي. ڪاڇي جي ديهه انعام ۾ ڏنائينس. هو درجي بدرجي چڙهندو ويو. ارغونن جي قتل کان پوءِ مرزا باقيءَ وٽان ڀڄي وڃي خان بابا وٽ رهيو ۽ وڏا وڏا ڪم ڪيائين، جي بيگلرنامه ۾ بيان ڪيل آهن. پر نيٺ وري مرزا باقيءَ وٽ آيو ۽ پوءِ مرزا جانيءَ وٽ رهيو ۽ انهيءَ سان گڏ اڪبر بادشاهه وٽ ويو. بادشاهه پڇيس ته تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟ مرزا جانيءَ سندس پاران چيو ته ٻاونجاهه ورهيه. وري پڇيائين ته ڄائو ڪٿي آهي؟ هن چيو ته عمرڪوٽ ۾. تڏهن اڪبر بادشاهه چيو ته آءٌ ۽ هي سيد هڪڙي هنڌ ڄاوا آهيون. پوءِ بادشاهه هن کي هڪڙو عمدو گهوڙو ۽ هاٿي انعام ڏيئي خسرو خان سان گڏي سنڌ ڏي مرزا غازيءَ ڏي موڪليو. انهيءَ گهوڙي جو نالو مرگهه هو، يعني هرڻ ۽ انهيءَ جا ڪم به عرب گهوڙي وانگي مشهور هئا. انهي جي مرڻ تي مٿس قبو ٺهرايائين، جهن کي مرگهه منارو چوندا هئا، شاهه گڙهه وارو قلعو جو سانگره جي ڪناري تي آهي، اُهو به هن سيد جو جوڙايل هو. ابوالقاسم خان زمان جو پٽ وري مير ابوالقاسم سلطان هو، جنهن جو سنڌ جي تاريخ ۾ ذڪر آهي. هن جي شجاعت ۽ سخاوت مشهور هئي. شعر گوئي ۽ شعر فهميءَ ۾ ڏاڍو قابل هو. سندس تخلص بيگلر هو. سنه 969هه ۾ ڄائو هو. ٻئي هڪڙي شاعر ادراڪي بيگلر نالي چنيسر نامه لکيو، جو سندس نالي ڪيائين. منتخب التواريخ ۽ تاريخ طاهريءَ ۾ جو اهو ڪتاب خود مير ابوالقاسم جي تصنيف ڏيکاريل آهي، سو غلط آهي. هن جو ڀاءُ مير قاسم سلطان به مشهور امير هو.

(3) مير فرخ ارغون _ مرزا شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي مشهور اميرن مان هو ۽ بهادريءَ ڪري نالو ڪڍيائين. ٺٽي واري وڏي جامع سمجد سندس نالي سان مشهور ٿي. انهيءَ کي وري ٻيو ڀيرو شاهه جهان بادشاهه جوڙايو. مير محدم يونس _ ارغون پهرين همايون بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ هو، پوءِ مرزا شاهه حسن جي اميرن ۾ داخل ٿيو ۽ نيٺ پوءِ سلطان محمود خان سان وڃي ڳنڍيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ گوشه نشين ٿي سنه 985هه ۾ وفات ڪيائين. مرڻ کان اڳ ٻه ڏينهن پنهنجي وفات جو سال هي مصرع چيائين_ رُستم از قيد اين و آن اي دل شاه حسين تڪدري_ مرزا شاه حسن جي تڪدري اميرن سان هو. عالم ۽ شاعر هو. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۾ ماهر هو. ڪتاب روضته السلاطين سندس تصنيف آهي. مير عليڪه ارغون_ شاه بيگ ۽ شاه حسن جي ڏاهن ۽ بهادرن اميرن مان هو. مرزا شاه حسن هن کي همايون بادشاهه ڏي خوشامد ڪرڻ لاءِ موڪليو، پر هو اتان بي رخصت موٽي آيو ۽ اچي چيائين ته مون کي ائين عقل ۾ آيو ته سگهوئي هن جي برخلاف منصوبو ۽ فساد ٿيندو. انهيءَ وقت ڪنهن کي به اهو شڪ نه هو، پر سگهوئي شير خان وارو فساد کڙو ٿيو ۽ همايون ملڪ ڇڏي ڀڳو. غضنفر بيگ ارغون_ امير هو، جنهن کي مرزا باقيءَ ٺٽي مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪڇ ۾ گهمدو وتيو. مرزا جانيءَ جي زماني ۾ خسرو خان جي سفارش سان موٽي آيو ۽ خان خانان واري جنگ ۾ سيوهڻ وٽ وڏا ڪم ڪري مارجي ويو.

(4) مرزا شاه بيگ عادل خان ترخان_ ڀائن جي اڻ بڻت کان مرزا باقيءَ جي راڄ مان نڪري اڪبر بادشاهه وٽ وڃي رهيو ۽ جهانگير جي وقت ۾ قنڌار جو والي ٿيو، پر جڏهن قزلباشن سان پُڄي نه سگهيو، تڏهن موقوف ڪيو ويو ۽ مرزا غازي بيگ سندس جاءِ تي مقرر ٿيو. علم پسند ماڻهو هو. مير طاهر تاريخ طاهري سندس لاءِ لکي. مُلا بهبود_ مير عيسيٰ ترخان جي اميرن مان هو. مرزا باقيءَ جي هڪ نياڻيءَ پرڻيو ۽ انهي مان مير علي پٽ ڄائس. پاڻ مرزا باقيءَ جي وقت ۾ خان بابا جي جنگ ۾ مارجي ويو ۽ هي سندس پٽ سندس جاءِ تي علي سلطان جي لقب سان رهيو.

(5) قاضي خميسه _ هي شخص رواجي ماڻهو هو. قاضيءَ جي لقب جو لائق نه هو، ليڪن قاضين جي نسل مان هو.پر نصيب چڱو هوس. مرزا باقيءَ جي سنگت ۾ زور ورتائين ۽ انهي جي حڪومت ۾ سندس ڀاءُ مرزا صالح جون جاگيرون هٿ ڪيائين ۽ ساري ملڪ جو مدار المهام ۽ وڪيل ٿيو. هزارين گهوڙا ۽ لشڪر سندس حڪم هيٺ هئا. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن ٺٽي جا بزرگ سيد علي شيرازي ۽ شيخ عبدالوهاب پُوراني ۽ ٻيا ڪي اڪابر ڪنهن ضروري ڪم لاءِ وٽس ويا، پر هو ڏاڍي حقارت سان ساڻن هليو ۽ هنن کي مُلا ڪري سڏيائين. قاضي نعمت الله، جو هنن بزرگن سان هو، تنهن مُلا لفظ جي معنيٰ پڇيس، پر ڪوبه جواب نه ڏيئي سگهيو. زمين تي پهرين گول ۽ پوءِ ورن وڪڙن وارا ليڪا ڪڍي هنن کان پڇيائين ته پهرين اوهين هنن شڪلين جي مون کي معنيٰ ٻڌايو. پر هنن چيو ته انهن ليڪن جي معنيٰ اسان کي نه ٿي اچي. آخر هو بيزار ۽ رنج ٿي اُٿي ويا ۽ وري سندس منهن ڪونه ڏٺائون.

(6) خواجه خليل_ اصل غريب ماڻهو هو، پر مرزا باقيءَ کي مدد ڪيائين ۽ بچايائين، تنهن ڪري وڏي درجي کي پهتو ۽ مُهردار ٿيو. مڪليءَ ۾ سندس رانڪ آهي، جا پاڻ جوڙايائين ۽ سخت تاڪيد ڪيائين ته ڪاريگرن ۽ مزورن مان ڪنهن جو به حق نه رهائجو ۽ نه گهٽ ڪجو. انهي کان ٻاهر منهنجي قبر ٺاهجو. پوءِ ائين ئي ڪيائون.

(7) خسرو خان چرڪس _ جنهن کي چرڪس خان به چوندا هئا، سو چنگيز خان جي اولاد مان هو. مرزا عيسيٰ ترخان هن جو ذاتي جوهر ڏسي هن کي پرڳڻن جو عملدار ڪيو. مرزا باقيءَ ۽ مرزا جانيءَ جي راڄن ۾ وڌي وڏو دولتمند ۽ زور وارو امير ٿيو. ايتريون نشانيون ڇڏيائين، جو ڪنهن بادشاهه يا امير نه ڇڏيون. ٽي سؤ سٺ جامع مسجدون ۽ رانڪون ۽ پُليون ۽ کوهه ۽ تلاهه ٺٽي جي شهر ۾ ۽ آسپاس ۽ مڪليءَ تي ٺهرايائين، جن تي تمام گهڻا پيسا خرچ ٿيا. خدا هن شخص کي ايتري توفيق ڏني، تنهن جو سبب هي ڏيڻ ۾ آيو آهي ته هڪڙي ڏينهن پنهنجي گهر جي ماڙيءَ تي بيٺو هو ته اوچتو سندس نظر ڪنهن پاڙي واري زال تي پيئي، جنهن غسل پئي ڪيو. تنهن تي پنهنجون اکيون ڪڍي اُڇلائڻ جي ٿي ڪيائين، پر عالمن منع ڪيس ۽ انهيءَ ڪفارت ۾ هن گهڻي خيرات ڪرڻ گهري. سندس مرڻ کان پوءِ ڪنهن ڪشف واري صاحب خواب ۾ ڏٺس ۽ حال پڇيائينس. چيائين ته جيڪي به دنيا ۾ ڏٺم ۽ ڪيم، سو منهنجي اصل ڪم نه آيو، فقط هڪڙي ڳالهه منهنجي بخشش جو سبب ٿي. اها هيءَ هئي ته هڪڙي ڏينهن مون ويٺي لکيو. هڪڙي مک اچي منهنجي قلم تي ويهي مس چوسڻ لڳي. مون کي مٿس قياس آيو. ڳچ تائين هٿ جهليو بيٺو هوس. جڏهن مس پي ڍوَ ڪري اُڏامي ويئي تڏهن وري لکڻ لڳس. مرزا غازي بيگ جي زماني ۾ سندس صدقي سندس اولاد سرڪشي ڪئي، تنهنڪري مرزا هن کي موقوف ڪيو ۽ سندس جاءِ تي هندو خان کي مقرر ڪيائين. سگهوئي پوءِ مرزا غازي مري ويو ۽ پٽ ڪونه هوس. مُلڪ تيموري اميرن جي هٿ آيو ۽ خسرو خان ٺٽي مان نڪري لاهري بندر ڏي ويو ۽ اتان ايران ڏي هليو ويو. هن جي نالي جي سجع خسرو دهلويءَ جي هيءَ مصرع هئي: خسرو از تو پناه مي طلبد. هن جو پٽ ڀائي خان هو، جنهن جو سچو نالو لطف الله هو. مرزا غازيءَ سان گڏ قنڌار ۾ هو ۽ افغانن سان وڙهڻ ۾ بهادري ڏيکاريائين. انهيءَ جو پٽ فتح الله ڏاڏي جي حڪومت ۾ سرڪار چاچڪان جو صوبه دار هو. خسرو خان جا ڏهٽا، يعني شيخ ڪاله جو اولاد، جو شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جو پوٽو هو، سي ٺٽي ۾ سندس حويليءَ ۾ رهندا آيا.

(8) مُلا محمد علي _ مرزا جاني بيگ جو ديوان هو ۽ مغل کُهَڙ جو ناٺي هو ۽ ٺٽي ۾ هڪڙو محلو سندس نالي پٺيان مشهور هو. سندس پٽن مان محمد  قاسم شاهه جهان بادشاهه جي وزير جعفر خان جو منشي هو. انهيءَ جو پٽ محمد مقيم پيءُ جي مرڻ تي انهيءَ جو جانشين ٿيو. ۽ ٻيو پٽ محمد عارف شاهزادي محمد ڪام بخش جو منشي هو. انهيءَ جا پٽ دهليءَ ۾ هئا. مگر سندن پوٽا ٺٽي ۾ آيا. مُلا گدا علي ڀائي خان مرزا جانيءَ جي اميرن مان هو ۽ مهتر عَسيل جو پٽ هو. مرزا غازيءَ سان گڏ زهر سان ماريو ويو ۽ ٺٽي جو ڀائي خان وارو محلو سندس نالي پٺيان مشهور آهي. محمد امان ترخان_ مرزا جاني بيگ جي اميرن مان هو. عام ماڻهو انهيءَ کي ملڪ مان سڏيندا هئا ۽ شهر جو چؤنڪ ملڪ مان سندس نالي پٺيان هو. امير بيگ_ ارغونن مان هو ۽ مرزا جاني بيگ جي لشڪر جو بخشي هو ۽ ساڻس گڏ بادشاهه وٽ ويو. امير بيگ واري بازار سندس نالي پٺيان آهي. مير احمد بيگ اصل فرنگي هو. مرزا جانيءَ جو خاص نوڪر هو ۽ انهيءَ کي سلطان جو لقب ڏنائين ۽ وڪيل ڪيائين. هو قنڌار جي صوبي تي مقرر ٿيو  ۽ اعتماد خان خطاب مليس. سندس پٽ منعم بيگ ۽ سندس پوٽو مير شرفي ٺٽي ۾ مشهور ماڻهو هئا. پير پٺي جي درگاهه تي جيڪا ڏاڪڻ کٽه سڏبي آهي، سا مير شرفوءَ جي جوڙايل آهي. انهن جا پٽ مير منو ۽ مير ڇتن به ٺٽي جا مشهور ماڻهو هئا. هڪڙي وڏي محلي ۾ رهندا هئا. انهيءَ م پوءِ امير خاني رهڻ لڳا.

(9) شيخ ميرڪ ولد ابوسيد پوراني ۽ مير محمود جو پيءُ اصل عرب جي سيد بادشاهن جي نسل مان هو. سندس ماءُ شيخ جلال الدين پورانيءَ جي ڌيءَ هئي. وڏو عالم ۽ پرهيزگار هو. سنڌ ۾ گهڻا ورهيه شيخ الاسلام ٿي رهيو. خوش نويس به هو. سنه 962هه جي محرم مهيني ۾ وفات ڪيائين. ابو سيد پورانيءَ جا پوٽا، مير بايزيد جا پٽ ۽ شيخ ميرڪ جا ڀائٽيا شيخ مير محمد ۽ شيخ عبدالوهاب سمن جي حڪومت ۾ نالي وارا هئا ۽ سنه 970هه ۾ وفات ڪيائون. شيخ ميرڪ جا پٽ عبدالباقي ۽ عبدالرحمان، جي مير ڪان جي نالي سان مشهور هئا، سي نهايت مشهور عالم ۽ فاضل ٿي گذريا. پهرئين سنه 983هه ۾ وفات ڪئي ۽ ٻئي جي شهادت سنه 991هه ۾ رمضان جي عيد جي ڏينهن ٿي. هنن جون فتوائون ٺٽي ۽ بکر ۾ مشهور آهن. شاهه طيب جو پوٽو شاه محمود جو پٽ شاه قطب الدين خراسان جي وڏن سيدن مان هو؛ جي سنڌ ۾ بکر جي ڪوٽ ۾ اچي رهيا. شاهه قطب الدين سنه 977هه ۾ وفات ڪئي. هو هميشه جمعي جي ڏينهن وعظ ڪندو هو. سندس وفات جو سال به لفظ وعظ مان ٿو نڪري.

(10) مخدوم محمود فخر پوٽو _ وڏو عالم هو. شيخ الاسلام جو سنگتي هو ۽ انهيءَ جي مرڻ کان پوءِ ڪاهن ۾ رهيو ۽ خواجه خضر جي ملاقات ڪندڙ هو. هن جا شاگرد وڏن وڏن درجن تي رهيا. هو اصل هرات کان سنڌ ۾ آيو. مولوي عبدالعزيز هراتي ابهري ٻن پٽن سان هرات مان سنڌ ۾ آيو ۽ ڪاهان ۾ اچي رهيو ۽ علم جي تعليم ڏيڻ لڳو. مخدوم ميان وڏو عالم هو. يعقوب جو پٽ هو. مرزا شاهه حسن جو اُستاد هو. گهڻن ٻين کانئس علم جي تحصيل ڪئي. سنه 949هه ۾ ٺٽي ۾وفات ڪيائين. سندس تاريخ وارث الانبيا آهي. مولوي ضياء الدين ولد مخدوم صدرالدين راهوٽي_ وڏو فاضل ۽ عالم هو. پهرين مدرس هو، پر پوءِ گوشه نشين ٿي عبادت ۾ عمر پوري ڪيائين. قاضي شيخ احمد اوچه ولد شيخ يعقوب_ وڏو عام هو. اُچ ۽ ملتان مان بکر ۾ آيو ۽ اُتان پوءِ ٺٽي ويو ۽ اُتي قاضي ٿيو. مرزا عيسيٰ ترخان جي زماني ۾ وفات ڪيائين. مولوي مصلح الدين لاڙي عالم ۽ ڏاهو هو. مرزا شاه حسن کي به پڙهايائين. سنه 961هه ۾ حج تي ويو. ڪتاب شرح شمايل نبوي ۽ حاشيه تفسير  بيضاوي ۽ شرح فارسي منطق ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب لکيائين. شيخ عبدالله پرهيزگار ولد مولوي سعد سنڌي_ ٻيلي جي ڳوٺ ۾  مدرس هو. تفسير ۽ حديث جي علم ۾ ڀڙ هو. سنه 947هه ۾ گجرات ڏي ويو ۽ قاضي عبدالله سان گڏ رهيو ۽ قاضي قاضن سان گڏ مديني ۾ گذاريائين ۽ گهڻا ڪتاب جوڙيائين.

(11) قاضي ڏتو سيوهاڻي_ پنجين پيڙهي قاضي صدرالدين جو اولاد هو. هو پنهنجي پيءُ قاضي شرف الدين جو شاگرد هو، جنهن کي مخدوم راهوُ چوندا هئا. حديث جو علم مخدوم بلال ٽلٽيءَ واري کان پڙهيو ۽ ٻيا علم مخدوم محمود فخر پوٽي ۽ عبدالعزيز هراتيءَ وٽ پڙهيو. ارڙهن تفسير پڙهيائين. جعفر جو علم ۽ ٻيا گهڻا مخفي علم ڄاڻندو هو. ترڪي به ڄاڻندو هو. ذهن تمام چڱو هوس. گهڻا ڪتاب ياد هئس. مرزا شاهه حسن وٽس گهڻو ايندو هو ۽ کيس گهڻو مان ڏيندو هو. قاضي قاضن ولد قاضي زين الدين ولد سعيد_ سيوهڻ ۾ رهندو هو. سندن وڏو ڏاڏو قاضي ابوالخير بکر ۾ رهندو هو. هي قاضي ياد حافظ هو ۽ حديث ۽ تفسير ۽ اصول فقه ۽ تصوف ۾ قابل هو. سيد محمد جونپوري، جنهن کي ميران مهدي چوندا هئا، تنهن جو مريد هو. مرزا شاهه بيگ ۽ مرزا شاهه حسن مٿس گهڻو مهربان هئا. بکر ۾ قاضي مقرر ٿيو. جڏهن ٻڍو ٿيو، تڏهن پنهنجي جاءِ تي پنهنجي ڀاءُ قاضي نصرالله کي وهاري پاڻ گوشه نشين ٿيو ۽ سنه 958هه ۾ گذريو.

(12) مخدوم رڪن الدين، جنهن کي مخدوم مطوع به چوندا هئا، سو مخدوم بلال جي خليفن مان هو. وڏو عالم ۽ پرهيزگار شخص هو. هن شرح گيلاني ۽ ٻيا ڪي ڪتاب لکيا. تفسير ۽ حديث جي علم ۾ قابل هو ۽ گهڻن کي سيکاريائين. سنه 949هه ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪيائين. مولوي يونس سمرقندي_ مرزا شاه حسن جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو. اصل ماوراء النهر جو هو. وڏو عالم هو. سنه 951هه ۾ وفات ڪيائين. مخدوم يوسف طيوبه_ وڏو عالم ۽ فاضل ۽ قرآن جو قاري هو ۽ ڪرامتن وارو به هو. سنه 938هه ۾ وفات ڪيائين.

(13) قاضي عبدالله ولد قاضي ابراهيم _ وڏو فاضل ۽ عالم شخص هو. مخدوم عبدالعزيز هراتي ابهريءَ جو شاگرد هو. پهرين ٻيلي جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، پوءِ جڏهن مرزا شاهه بيگ سنڌ فتح ڪئي، تڏهن باغبان ۾ اچي رهيو ۽ پوءِ سنه 934هه ۾ گجرات ڏي ويو ۽ اُتان مديني ۾ ويو ۽ اُتي وفات ڪيائين. سندس پٽ شيخ صالح ۽ شيخ رحمت الله ۽ شيخ حميد هئا، جي سڀ عالم ۽ فاضل هئا. سيد حيدر سن ڳوٺ ۾ رهندو هو. ٽن ورهين جي ڄمار ۾ مولوي عمر هليه ۽ مخدوم بلال جو وڃي شاگرد ٿيو ۽ وڏي درجي ۽ ڪرامت وارو ٿي گذريو سنه 937هه ۾ وفات ڪيائين. مخدوم عربي هالڪنڊي ولد داؤد وڏو عالم سالڪ هو. گهڻا سندس شاگرد ٿيا ۽ انهن مان مخدوم نوح هالن وارو هڪڙو هو. شاه جهانگير هاشمي شاه طيب هراتيءَ جي اولاد مان هو. مرزا شاه حسن جي زماني خراسان کان سنڌ ۾ آيو. چڱو شاعر هو. ڪتاب مظهر الاثار تحفته الاحرار جي جواب ۾ لکيائين. سندس ديوان هاشمي به مشهور آهي. سنه 946هه ۾ گذريو. حج ڏي ٿي ويو ته ڪيچ مڪران وٽ مري ويو. مير شاهه مسعود ۽ مولانا فخري ۽ حيدر ڪلو خجو انهيءَ وقت جا تمام چڱا شاعر هئا. پونئين جو ديوان حيدري مشهور آهي.

(14) سيد علي شيرازي انجوي _ هن جي وڏن جو بيان مٿي سيدن ۾ آيو آهي. هي سيد نهايت سخي هو. سال ۾ ڪڙو ڀيرو قاضين ۽ مفتين ۽ ٻين کي ماني کارائيندو هو. سماع هڻڻ جي رسم هن پهرين سنڌ ۾ وڌي. گهڻا ماڻهو هڪٻئي جي چيلهه کان وٺي گڏ ڳائيند اهئا، ۽ انهن جو آواز ڪوهه پنڌ تي ويندو هو. سنه 961هه ۾ هن وفات ڪئي، جو سال لفظ ”فات الحانم“ مان ٿو نڪري، يعني ته حاتم مري ويو. انهيءَ جو پٽ سيد جلال الدين به مشهور ٿي گذريو.

(15) مولوي عبدالخالق گيلاني سنه 992هه ۾ قنڌار کان بکر ۾ آيو ۽ مير معصوم بکريءَ جي گهر ۾ پاڙهيندو هو. پوءِ ٺٽي ۾ ويو. مير ڪلان ۽ شيخ ميرڪ سندس سنگتي هئا ۽ وٽس پڙهيا. قاضي محمود به سندس شاگرد هو. مولوي عبدالرحمان ۽ مولوي ڪريم الدين ۽ مولوي يوسف ۽ مخدوم فضل الله ۽ قاضي شيخ احمد ۽ قاضي ڪاشاني_ اهي سڀ بزرگ انهيءَ وقت جا هئا.

هيٺيان ماڻهو خاص سلطان محمود خان جي حڪومت جا هئا:

(16) مير سيد صفائي ولد سيد مرتضيٰ حسين ترمذي، وڏو بزرگ هو ۽ قطب الدين محمد ولد شاهه طيب هراتيءَ کان بکر جو شيخ الاسلام مقرر ٿي آيو. سنه 991هه جي ذوالقعد مهيني ۾ وفات ڪيائين. هن جو ذڪر مٿي بکر ۾ به آيو آهي. شيخ مير غورماني_ هو علاوالدوله سمناني شيخ رڪن الدين جي اولاد مان هو ۽ شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي ڀيڻ سان شادي ڪيائين. علم موسيقيءَ ۾ هوشيار هو. سلطان محمود جي حڪومت ۾ ٺٽي کان بکر آيو ۽ پوءِ هندستان ۾ ويو ۽ سنه 980هه ۾ اتي وفات ڪيائين. مولوي عبدالله مفتي ملتان مان بکر ۾ آيو. وڏو فاضل ۽ عالم هو. سنه 917هه ۾ وفات ڪيائين. قاضي داؤد، اصل سيويءَ جي ويجهو فتح پور ۾ رهندو هو. پوءِ بکر ۾ آيو ۽ اُتي قاضي مقرر ٿيو. وڏو ديندار ۽ امين هو ۽ فقير به هو. سنه 981هه ۾ شوال مهيني ۾ وفات ڪيائين. مير محمود پوراني پهريائين هرمز بندر جي رستي ٺٽي ۾ آيو ۽ شيخ بايزيد پورانيءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. پوءِ اچي بکر ۾ رهيو. ڪنهين وٽ ڪين ويندو هو. فقط عيد جي ڏينهن سلطان محمود خان کي وڃي گڏبو هو. سنه 917هه ۾ وفات ڪيائين. مير يونس ارغون پهرين همايون بادشاهه ۽ محمد زمان مرزا وٽ هو، پوءِ مرزا شاه حسن ۽ سلطان محمود خان وٽ وڃي رهيو. ترڪي ۽ فارسي شعر چڱو چوندو هو. سنه 985هه ۾ وفات ڪيائين. مولوي يار محمد هرات کان آيو ۽ انشا جي علم ۾ هوشيار هو. شاعر به چڱو هو. سلطان محمود هن کي وڪيل ڪري بادشاهه ڏانهن موڪليو. سيت پور ۾ مري ويو. مخدوم قاضي عثمان وڏو عالم ۽ فاضل ۽ پرهيزگار هو. سنه 1002هه ۾ وفات ڪيائين. مخدوم عباس هڱورجو اصل پاٽ جو ويٺل هو، پوءِ سنه 947هه ۾ هڱورجن ۾ اچي رهيو. تفسير ۽ حديث ۽ فقه ۾ قابل هو. حديث پڙهندي هميشه رئندو هو. سنه 998هه جي شعبان جي مهيني جي چوڏهين تاريخ ڇهانوي ورهين جي عمر ۾ گذريو. مولوي ابراهيم ولد مولوي جمال الدين مفتي_ وڏو عالم هو. سنه 989هه ۾ وفات ڪيائين. مولوي قاسم ديوان، مخدوم ميران جو شاگرد هو ۽ ٻيا وڏا وڏا بزرگ سندس شاگرد هئا. جڏهن سلطان محمود سيويءَ جو حاڪم مقرر ٿيو، تڏهن هن کي پاڻ سان وٺي ويو. وٽس قرآن پڙهندو هو ۽ بکر ۾ وٽس گهڻا ڪتاب پڙهيائين. سنه 977هه ۾ وفات ڪيائين.

(17) عرب گاهي _ مرزا شاهه حسن جي راڄ جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن پاڻ بيمار ٿي پيو ۽ ڪم هلائي نٿي سگهيو، تڏهن ڪي خراب ماڻهو خلق کي تڪليف رسائڻ لڳا. سنه 960هه ۾ هن عرب گاهيءَ کي ٺٽي جو حاڪم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙين تي چڙهيو درياهه تي هوا کائيندو رهيو. انهيءَ ارغونن ۽ ترخانن کي ڏاڍو ستايو. ساڳيءَ طرح نصرت آباد وري شنبه ۽ رفيق غلامن جي حوالي ڪيائين. آخر مغلن مرزا عيسيٰ ترخان جي مهنداريءَ سان فساد ڪيو ۽ انهن ٽنهين ماڻهن کي ماري ڇڏيائون ۽ شاهه حسن جي زال کي کڻي قيد ڪيائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org