سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 1

صفحو ؛ 2

 

قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب پهريون

ملتان. لوهري. الور. بکر. سيوي. شڪارپور ۽ آسپاس

وارو ملڪ

(هاڻوڪا سکر. شڪارپور ۽ سرحد سنڌ جا ضلعا)

سنڌ

سنڌ ملڪ تي نالو سند تان پيو، جيئن هندستان يا هند تي نالو هند تان پيو، سند ۽ هند ٻئي ڀائر هئا ۽ حام بن نوح جا پٽ هئا، حضرت نوح مشهور وڏو نبي هو. جنهن طوفان کان پوءِ دنيا کي آباد ڪيو، منجهانئس جيڪو درياهه وهي ٿو، تنهن کي سنڌو ندي چون ٿا. سنڌو ندي به سنڌ جي نالي تان ٿي سڏجي، پر ڪي چون ٿا ته سنڌ ملڪ تي نالو ئي سنڌو نديءَ تان پيو، جنهن جي معنيَ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ وڏو درياهه آهي. اڳوڻيءَ سنڌ جون حدون پري پري هيون؛ پنجاب ۽ بلوچستان جو ڀاڱو ۽ اتر هندستان جو ڪو ڀاڱو منجهس اچي ٿي ويو. سنڌو نديءَ کي اڳي مهراڻ چوندا هئا ۽ اها اڳي الور يا اروڙ شهر وٽان وهندي هئي، جو وڏو بندر ۽ گاديءَ جو هنڌ هو. جڏهين اهو شهر ڦٽو ۽ ناس ٿيو، تڏهين درياهه به هٽي ويو ۽ لوهري يا روهڙي ۽ بکر جي وچان وهڻ لڳو. جتي اڃا تائين آهي.

سنڌ جي حاڪمن ۽ راجائن ۽ بادشاهن جو قديمي احوال تاريخن مان معلوم ٿيندو، مگر سنڌ جي نسبت قديم وقت ۾ جيڪي خاص عجيب ڳالهيون مشهور هونديون هيون ۽ ڪتابن ۾ لکيل هيون. سي هتي ڏجن ٿيون؛

دنيا جا ست وڏا ڀاڱا ڪيا اٿن، جن کي هفت اقليم چوندا آهن. انهن مان سنڌ ٻئي اقليم ۾ داخل آهي، جنهن ۾ عربستان به آهي، تنهن ڪري سنڌ جو عرب سان خاص واسطو ڄاڻندا آهن ۽ نيٺ عربن اچي سنڌ ورتي. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ عرب ۽ سنڌ جي وچ ۾ رستو سڌو ۽ ويجهو هو، جو پوءِ جبلن ۽ سمنڊن جي ڪري پري ٿيو. هڪڙي ڀيري هڪڙو اٺ سنڌ جي جبلن ۾ گم ٿيو هو، سو ٽن ڏينهن ۾ وڃي حجاز کان نڪتو ۽ اتي هٿ ڪيو ويو. جڏهين محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ آيو. تڏهين بغداد مان ستن ڏينهن ۾ قاصد ايندا هئا. (2) سنڌ ۾ اڳي سچ ڪوڙ معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ ۽ باهه جي آزمائش وٺندا هئا. تهمتيءَ کي باهه جي مچ مان يا وڇايلن ٽانڊن تان هلڻ لاءِ چوندا هئا. جي سچو ۽ بيگناهه هوندو هو ته لنگهي ويندو هو. يا ته لوهه جي ڪوڏر تپائي هٿ ۾ ڏيندا هئس ۽ انهيءَ تي وڻ جا ساوا پن ڪچي سٽ سان ٻڌي رکندا هئا ۽ پوءِ هلڻ لاءِ چوندا هئس؛ سچو هوندو هو ته نه هٿ سڙندا هئس ۽ نه پن ۽ سٽ سڙندو هو يا وري تار پاڻيءَ ۾ هڪڙي ڊگهي ڪاٺي کوڙي. تهمتيءَ کي چوندا هئا ته هيٺ پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي، ۽ ساڳئي وقت ڪمان مان تير يا گز هڻندا هئا. جڏهين ٻيو ماڻهو ڊوڙي اهو کڻي ايندو هو. تڏهين انهيءَ کي نڪرڻ لاءِ چوندا هئس. سچو هوندو هو ته ائين ڪري سگهندو هو. (3) مال وارن ماڻهن جي زالن کي اهڙي اٽڪل هوندي هئي. جو ٻئي جي گهر ٽانڊي کڻڻ يا ڪنهن ٻئي بهاني سان وڃي موٽنديون هيون ته ولوڙيل ڏڌ جي چاڏيءَ مان مکڻ ڪڍي اينديون هيون ۽ پنهنجي مکڻ سان ملائي ڇڏينديون هيون. (4) اتي جي جابلو ماڻهن کي اڳڪٿي يا غيب جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ هي هنر ايندو هو ته هڪڙي ڇيلي کي ڪهي. هڪڙي دستي يا اڳين ران ڪڍي انهن جون ليڪون ۽ نشان ڏسي غيب جي خبر ڏيندا هئا. انهيءَ طرح دشمن جا ڪاهن جي خبر پوندي هين.. (5) ڪي ڏائڻيون به رهنديون هيون. جي ماڻهن جو جگر کائينديون هيون ۽ غيب جي به خبر ڏينديون هيون ۽ ڪي جو ڳڻيون ٻه هيون. جي هٿ ڏسي قيافه سان نصيب يا ڳجهي دل جي ڳالهه  ٻڌائينديون هيون. (6) تتر ۽ ڪن ٻين پکين يا جانورن جي آواز يا اڏامڻ يا لنگهڻ مان سڳڻ وٺي غيب  جي ڳالهه ٻڌائينديون هيون. (7) اتي جا ماڻهو پيرن جي نشانن سڃاڻڻ ۾ نهايت قابل هئا. پيرا کڻي چور يا جانور کي پڪڙيندا هئا.

اڳي پنجاب جو گهڻو ڀاڱو سنڌ سان شامل هو. تنهن ڪري ملتان ۽ اُچ ۽ ديرا ۽ ٻيا ڪي وڏا شهر سنڌ سان تعلق رکندا هئا. اسلام جي فتح کان اڳي يعني 92 هجري سن ۾ محمد بن قاسم ثقفي جي اچڻ کان اڳي ملتان هندو رائن يا راجائن جي حڪم هيٺ هوندو هو. ٿورن ورهين کان پوءِ وري به ملتان ۾ هندو راجا ٿيڻ لڳا، جن کان سلطان محمود غزنويءَ اچي اهو ڇڏايو. غزنوي ۽ قرامطي خاندانن کان پوءِ سنه 847 هه تائين. ملتان دهليءَ جي مغل بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. پوءِ ته اچي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيو ۽ جت ڪٿ خودمختيار حاڪم ٿيڻ لڳا. تڏهين ملتان جي زميندارن ۽ وڏيرن. شيخ بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ جي درگاهه جي سنڀاليندڙ شيخ يوسف قريشيءَ کي کڻي اتي جو بادشاهه ڪيو. جو هو انهيءَ وڏي شيخ جا مريد هئا پر سگهو ئي لانگاهن جو هندو سردار راءِ سهيره اچي شيخ جو مريد ٿيو ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ هن کي ڏنائين ۽ پوءِ دغا ڪري شيخ يوسف کي ماري پاڻ سلطان قطب الدين جو لقب وٺي ملتان جو بادشاهه ٿيو. ڪن ورهين تائين انهيءَ خاندان وارن حڪومت ڪئي. پوءِ مرزا شاهه حسن ارغون آيو، جنهن ملتان نذرانو ڪري بابر بادشاهه کي ڏنو. جنهن وري اهو پنهنجي پٽ ڪامران کي ڏيئي ڇڏيو ۽ انهيءَ طرح وري مغلن جي هٿ ۾ رهيو. ۽ پوءِ نادر شاهه اچي هٿ ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ احمد شاهه دراني جي هٿ آيو. جيئن تاريخن مان معلوم ٿيندو.

        جڏهن سڪندر بادشاهه پنجاب تي ڪاهي آيو هو. تڏهين ملتان مالهي قوم جو مکيه شهر هو. گهڻو ڪري اهونالو به انهيءَ کان مليل اٿس. ۽  اهو ماليستان هو. اڃا تائين اهو شهر شيخ بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ جي درگاهه ڪري مشهور آهي ۽ هزارين ماڻهو سنڌ مان ۽ ٻين هنڌان هر سال زيارت لاءِ  اتي ويندا آهن.

ملتان ۾ هيٺيان مشهور ماڻهو ٿي گذريا:

(1) جعفر، جنهن جو لقب المويد من المساءَ هو ۽ عمر بن حضرت علي مرتضا جي اولد مان هو. سو پهرين اتي آيو ۽ اچي رهيو. کيس پنجاهه پٽ هئا. جي هند ۽ ڪرمان ۽ فارس ۾ وڃي ويٺا. انهن مان هڪڙِ عبدالحميد نالي اُچ ۾ حڪومت  ڪئي. (2) شيخ بهاوالدين زڪريا بن شيخ ابو محمد جعفر بن حضرت ابوبڪر خليفي جي اولاد مان هو ۽ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي مريدن مان هوءَ *شيخ جي حڪم پٺيان ملتان ۾ اچي رهڻ لڳو ۽ اتي شيخ الاسلام ٿيو. پنجاب ۽ سنڌ ۾ سندس گهڻا مريد ٿيا. وڏيءَ ڪرامت وارو اولياءُ ٿي گذريو. سنه 360 هه ۾ وفات ڪيائين. ملتان جي قديم ڪوٽ ۾ دفن ڪيو ويو. ان جي وڏن مريدن مان شيخ فخرالدين عراقي ۽ امير  حسيني آهي. جو ڪتاب ”ڪنزالرموز“ ۽ ”زادالمسافرين“ ۽ ”نزهته الارواح“ جو مصنف آهي. شيخ بهاءُالدين جي مسند تي سندس وڏو پٽ شيخ صدرالدين محمد ويٺو ۽ پوءِ انهيءَ جو پٽ شيخ رڪن الدين. پوءِ انهيءَ جو پٽ شيخ اسماعيل مسند نشين ٿيو. انهيءَ طرح اهو سلسلو هليو. انهيءَ جي اولاد مان شيخ اسماعيل ملتان جو شيخ الاسلام ٿيو ۽ سنه 748 هه ۾ ملتان جو حاڪم ٿيو ۽ ٻن ورهين کان پوءِ شهيد ٿيو. هن خاندان جو اولاد سنڌ ۾ گهڻن هنڌن تي پکڙيل آهي. (3) فضلي وقت جي اڪابرن مان هو ۽ ناصرالدين قباچه جي ۾ گذاريندو هو. (4) مخدوم حسام الدين شريعت وارو ماڻهو ۽ جنهن ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين. تنهن کي حسام پور نالو مليو. (5) سعيد قريشي شاهزادي مراد بخش بن عالمگير جو ملازم هو ۽ مشهور شاعر ٿي گذريو.

اُچ

        ملتان جي پرڳڻي جي وڏن شهرن مان اُچ جو شهر به هڪڙو آهي. راءِ ساهسيءَ جي راڄ ۾ ستن وڏن شهرن ۾ مضبوط قلعا هوندا  هئا. جيئن ملتان ۾ قلعو هو. تيئن اُچ ۾ به هو. جو پوءِ ڊهي ويو. اُچ ۾ ست مشهور ڳوٺ هوندا هئا، پر انهن مان هاڻي باقي ٽي بچيا آهن. هڪڙي کي اُچ مخدوم جهانيان جي چوندا آهن ۽ ٻئي کي اُچ مغليه ۽ ٽئين کي اُچ گيلاني؛ ڇا لاءِ جو پهرئين ۾ مخدوم جهانيان جي درگاهه آهي ۽ انهي جا مريد ٿا رهن. ٻئي ۾ مغل ماڻهو ۽ ٽئين ۾ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي نسل مان پير ۽ انهن جا مريد رهندا آهن. انهيءَ هنڌ جي زمين مٿانهين ۽ ٽڪرائتي ۽ اوچي آهي، تنهنڪري انهيءَ کي اُچ جو نالو مليو. اتي هڪڙو وڏو قبرستان آهي. جتي گهڻا بزرگ دفن ٿيل آهن. اڳي هن شهر جو نالو اسڪنداه هو ۽ اتي هڪڙو حاڪم رهندو هو.

اُچ جي بزرگن ۽ مشهور ماڻهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

سيد عبدالحميد بن جعفر (مويد من السماءَ) جنهن جو نالو مٿي ملتان هيٺ آيو. اهو اُچ جو حاڪم ٿي گذريو. (2) مخدوم شيخ عبدالقادر ثاني پيران پير جي اولاد مان هو. وڏو عالم ۽ فاضل هو. اُچ جيلانيءَ ۾ رهندو هو. انهيءَ جي هٿان گهڻا ڪافر مسلمان ٿيا. هن جي خليفن مان شيخ ابراهيم خليل خدا. مرزا شاهه حسن ارغون جو همعصر هو. سندس پٽ گنج بخش شاهه به مشهور ۽ ڪرامت وارو ٿي گذريو. (3) مخدوم  جهانيان، سيد جلال بخاري ته وڏو اولياءُ ٿي گذريو، جنهن کي جهان گشت چوندا هئا. شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جو يار هو ۽ شيخ رڪن الدين جو مريد هو. هن جون ڪرامتون مشهور آهن. مڪي مان دهليءَ آيو هو ۽ شيخ نصيرالدين چراغ دهلويءَ جو مريد ٿيو ۽ اُچ ۾ سندس حڪم موجب اچي رهيو ۽ سنه 785 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ شيخ برهان الدين قطب عالم سندس جانشين ٿيو، جو پڻ وڏيءَ ڪرامت وارو هو. سندس اولاد گجرات ۽ ٻين پاسن ڏي گهڻو آهي. (4) سيد راجو قتال، سيد جلال بخاريءَ جو پوٽو هو ۽ سنڌ جي بلوچن مان هو. شاهه عيسيٰ عبدالوهاب به مخدوم جهانيان جي اولد مان هو. (5) سيد اسماعيل بخاري، شيخ يحييٰ آچي، شيخ ضيائي، شيخ فضل الله، شيخ جماد قرڍش، شيخ جمال درويش. اهي سڀ مخدوم جهانيان جا مريد هئا ۽ مشهور ٿي گذريا. (6) قاضي ابوالخير ۽ قاضي عبدالرحمان مشهور قاضي هئا. شيخ شجاع بخاري. ملتان جي حاڪم حسين لانگاهه جو ناٺي هو. ميان سڄڻ صديقي ۽ سندس پٽ مخدوم بهاوالدين مشهور هئا. وري انهيءَ جو پٽ مخدوم عثمان ٺٽي ۾ اچي رهيو. انهيءَ سيد جو مريد سيد نصيرالدين ۽ شيخ جمال ڪوري ۽ شيخ محمد بن بازيد به اهل الله مان هئا. (7) محمد علي بن شيخ عبدالواسع صوفي وڏو بزرگ هو ۽ شاعر هو ۽ بخاري سادات جو شجرو شعر ۾ آندو اٿس.

بکر

 فارسيءَ ۾ هن کي بهڪر يا ڀڪر ڪري لکندا آهن ۽ انهيءَ جو اصلوڪو نالو فرسته آهي. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو ئي ڪونه هو، تڏهين الور (هاڻوڪو اروڙ) وڏو شهر هو. جڏهين اهو ڦٽو؛ تڏهين بکر آباد ٿيو. ۽ پوءِ الور پاڻ انهيءَ جي ٻهراڙي جو ڳوٺ ٿيو. پهرين پهرين سيد محمد مڪئي مشهدي اتي آيو. جو سيد محمد شجاع جو پٽ هو ۽ جنهن جي مآءٌ مشهور شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي نياڻي هئي ۽ مڪي ۾ ڄائو هو. جڏهين هن پريندي اچي انهيءَ فرسته شهر ۾ پير پاتو؛ تڏهين فجر جو وقت هو؛ جنهن کي عربيءَ ۾ بُڪرة چوندا آهن. سيد لهڻ سان چيو ته جعل الله بُڪرتي في بقعـﺔ المبارڪ يعني خدا تعاليٰ منهنجو صبح.  هن برڪت وري ڳوٺ ۾ ڪيو. انهيءَ کان پوءِ فرسته کي بڪره سڏڻ لڳا، جو پوءِ بکر سڏجڻ لڳو. اتي جا سيد انهيءَ سيد محمد مڪئيءَ جو  اولاد آهن. سيد حيدر حقاني، جنهن جي قبر  پڻ اتي آهي. سو به انهيءَ جي اولاد مان هو ۽ انهيءَ جو به اولاد گهڻو آهي. مير ميران لوهريءَ وارو به انهيءَ جي اولاد مان هو.

ڪن جو چوڻ آهي ته لهڻ کان اڳي سيد محمد مڪئيءَ کان سندس ماڻهن پڇيو ته ”ڪٿي بار لاهيون؟“  چيائين ته ”جتي صبح وقت ڍڳي جي رنب ٻڌو“. ڍڳي کي عربيءَ ۾ بقر چوندا آهن.انهيءَ هنڌ تي هنن اهڙو آواز ٻڌو ۽ اتي لهي پيا. انهيءَ کان پوءِ ڳالهائڻ ۾ بکر ٿي ويو. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاهه  ڦِٽل الور جي سِرن مان اتي قلعو ٺهرايو ۽ سکر ۾ منارو به جوڙايائين ۽ اهو قلعو پوءِ نادر شاهه اچي ويران ڪيو. بکر جو قلعو پهرين پهرين شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو. جنهن اهو شهر ورتو. انهيءَ جي قبر  گُجي ۾ آهي. جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي. انهي تي سنه  171 (=787ع) لکيل آهي. انهيءَ جي مرمت وري شاهه بيگ ارغون ڪئي. جنهن سيد ۽ ٻيا ماڻهو لڏايا.

بکر ۽ ان جي آسپاس لوهري يا روهڙي سميت جيڪي مشهور ماڻهو ٿي گذريا ۽ جن جون قبرون اتي آهن. تن مان ڪي مٿين (1) سيد محمد مڪئي ۽ (2) حيدر حقانيءَ کان سواءِ هيٺ ڏجن ٿا؛ (3) شاهه حاجي دريائي. انهيءَ جي نسبت ۾ چوڻ ۾ ٿو اچي ته انهي هنڌ هڪڙي انڌي قلندر مڇي مارڻ لاءِ ڪنڍي وڌي هئي. هڪڙيءَ صندوق ۾ ڪنڍي وڃي اٽڪيس. آخر اها ڪڍيائين ته اکين کان سڄو ٿيو ۽ ڏسڻ لڳو. صندوق کوليائين ته انهيءَ ۾ هڪڙي لاش پيئي هئي. جا کڻي پوريائون. خواب ۾ هن کي معلوم ٿيو ته انهيءَ فوتيءَ جو نالو شاهه حاجي آهي ۽ عرب مان هليو هو. انهيءَ لاءِ ته پنهنجي مرشد بهاءَالدين جي پاسي ۾ دفن  ٿئي. انهيءَ بزرگ جي قبر به اتي درياهه جي ڪنڌيءَ تي هئي. هن جي لاش به خدا جي قدرت سان اتي اچي نڪتي. اهي ٻئي قبرون اتي گڏ آهن. (4) شاهه مقصود. جنهن جو لقب ”موجود“ هوندو هو.. انهيءَ جي قبر اُمرڪس جي هن ڀر آهي.  هر سال هر مهيني جي 14 تاريخ آچر جي ڏينهن ميڙو لڳندو آهي. انهيءَ رات چوندا آهن ته غيبي بازاريون اتي لڳنديون آهن. هڪڙي ڀيري ڪنهن شخص انهيءَ غيبي بازار جي هڪڙي دڪان واري وٽ پنهنجي ترار گروي رکي. صبح جو بازار جو نشان ئي اتي ڪو نه هو. جڏهين انهيءَ مٿينءَ حقيقت جي خبر پيس، تڏهين ٻئي مهيني تائين منتظر رهيو. جڏهين ٺهرايل رات آئي. تڏهن انهيءَ ساڳئي دڪان تي وڃي پنهنجي ترار ڇڏايائين. شاهه مقصود جي ڀآءٌ حاجي غيب جي به اتي قبر آهي. (5) شيخ نوح بکري هڪڙو وڏو شيخ ٿي گذريو آهي. جو شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو مريد هو. فرسته يا بکر ۾ رهندو هو. جڏ هين شيخ بهاوالدين زڪريا ملتاني شيخ شهاب الدين جو مريد ٿي  سندس حڪم سان سنڌ ۾ آيو ۽ حڪم موجب شيخ نوح کي ڏسڻ آيو، تڏهن اتفاق سان شيخ نوح به وفات ڪئي. (6) مير ابو الغيث بکر جي وڏن سيدن ۽ اميرن مان هو. نهايت پرهيزگار شخص هو. جڏهين امير تيمور  جو پوٽو مرزا پير محمد بکر وٺڻ لاءِ آيو. تڏهين هن سيد پنهنجي ڏاڏي حضرت پيغمبر صلعم کان عزت آبروءَ جي پناهه گهري انهيءَ رات مرزا خواب ۾ حضرت پيغمبر صلعم ڏٺو. جنهن چيس ته منهنجي اولاد جي تعظيم رکجانءِ ۽ انهن سان چڱو سلوڪ ڪجانءِ. نون ڏينهن کان پوءِ جڏهين مير ابوالغيث. مرزا جي ملاقات تي ويو. تڏهين هو اٿي ڀاڪر وجهي گڏيس ۽ پنهنجي پاسي ۾ وهاريائينس ۽ ساڻس چڱي صحبت ڪيائين ۽ موڪلائڻ مهل الور جو پرڳڻو انعام ڏنائينس. (7) مير ابوالبقا به بکر جي وڏن ساداتن مان هو. همايون بادشاهه جڏيهن اتي آيو. تڏهن هو اتي اچڻ وڃڻ لڳو ۽ وڏي عزت حاصل ڪيائين؛ پر بکر جي ڪامورن انهيءَ ڳالهه ڪري هن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ همايون کي هن جو ڏاڍو ڏک ٿيو (8) شاهه قطب الدين بن شاهه محمود اصل خراسان جو هو. جو پوءِ بکر ۾ اچي رهيو. نهايت خدا پرست ماڻهو هو ۽ جمعي جي ڏينهن وعظ ڪندو هو. مرزا شاهه حسين ارغون هن کي بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو هو. نيٺ سنه 977 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وفات ڪيائين. (9) شاهه جهانگير هاشمي مٿئين شاهه قطب الدين جي عزيزن مان هو ۽ مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ خراسان مان آيو هو. چکو شاعر هوندو هو. مثنوي ”تحفته الحرار”  جي جواب ۾ مثنوي ”مظهر الاثار“ جي چيائين ۽ سنه 940 هجريءَ ۾ حج ڏي ويندي رستي ۾ ڪيچ مڪران وٽ شهيد ٿيو. (10) سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ ترمذي. هو سيد شير قلندر بن بابا حسن ابدال مشهور اولياءَ جي نسب مان هو. وڏي علم ۽ عمل وارو ماڻهو هو. مٿئين قطب الدين جي مرڻ کان پو3 سلطان محمود خان هن کي بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو ۽ سنه 991 هجريءَ ۾ وفات  ڪيائين. هن جو پٽ مير معصوم جنهن جي ”تاريخ معصومي“ مشهور آهي. سو پهرين سلطان محمود خان وٽ ۽ پوءِ اڪبر بادشاهه وٽ وڏي درجي تي هو ۽ خان خانان  سان گڏ سنڌ جي فتح ڪرڻ ۾ وڏا ڪم ڪيائين. بکر جي آسپاس هن جون گهڻيون عمارتون جوڙايل هيون. سندس منارو مشهور آهي. چڱو شاعر هوندو هو. ”نامي“ تخلص ڪندو هو. سندس هڪڙو خلاصو ديوان آهي. تاريخ سنڌ جي لکيائين. طب جو هڪڙو ڪتاب لکيائين. جنهن جو نالو ”طب نامي“ آهي. ”مثنوي نازو نياز“ ۾ ”سسئي پنهونءَ“ جو قصو لکيو اٿس. سندس پٽ مير بزرگ هو ۽ انهيءَ جو اولاد گهڻو ٿيو ۽ اڃا آهي. جو بکر ۽ سکر ۾ رهندو اچي. (11) مير قاسم خان هروي – هو ملا مير سبزواريءَ جو پٽ هو. جو امام موسيٰ رضا عليه السلام جي روضي جو متولي هو. اوزبڪن جي تفرقي ۾ هرات  مان نڪري قنڌار ۾ آيو ۽ اتي شهيد ٿيو. سندس هي پٽ مير قاسم لاهور ۾ اڪبر بادشاهه جو  ملازم ٿيو ۽ چار هزاري منصب مليس. بکر ۾ اچي رهيو. نيٺ قنڌار جي جنگ ۾ شهيد ٿيو ۽ لوهريءَ جي جبل تي دفن ڪيو ويو. هن جو پٽ امير خان به مشهور هو. انهيءَ جو اولاد ٺٽي ۾ وڃي رهيو. (12) قاضي معروف بکر جو مشهور قاضي هو. نهايت قابل ماڻهو ۽ خويش طبع هو. ڄام سنجر سمي کي معلوم ٿيو ته هو مدعي ۽ مدعاعليه ٻنهي کان رشوت ٿو وٺي. قاضي کان انهيءَ بابت پڇيائين. هن قبول ڪيو ۽ هيترو به چيائين ته ”شاهدن کان به ولڻ جي ڪوشش ۾ آهيان. پر هو مقدمي جي فيصلي کان اڳ نڪريو وڃن.“ سبب هي ڏنائين ته ”مون کي م گهڻو ۽ عزيز خوبش ۽ ماڻهو گهڻا ۽ پيدائش بلڪل ڪانهي“ ڄام کي هن جو جواب ڏاڍو وڻيو ۽ قاضيءَ توڙي بين ڪامورن جي لوازمن جو بهتر بندوبست ڪيائين. (13) قاضي ابوالخير به مشهور قاضي هو. انهيءَ جي اولاد مان قاضي قاضن سيوهاڻي مشهور ٿيو. جنهن جو ذڪر سيوهڻ ۾ ايندو. )14) مير غياث الدين رضائي سبزواري. مشهور ڪتاب ”حبيب السير“ جي مصنف آخوند مير جو هي ڏهٽو هو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو پوٽو هو.  هو شاهه بيگ ارغون جي مقربن مان هو ۽ انهيءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو ۽ بکر ۾ اچي رهيو هو. هن جو پٽ مير ابوالمڪارم هو. جنهن جو ذڪر ٺٽي ۾ ايندو. مرزا شاهه حسن ارغون ۽ سلطان محمود خان جي اميرن مان هو. سلطان محمود جي پاران وڪيل ٿي شاهه اسماعيل صفوي وٽ ويو هو. نهٿايت فضيلت ۽ قابليت وارو ماڻهو هو. (15) سيد يعقوب خان رضوي. مير ميران ۽ حيدر حقانيءَ جي اولاد مان هو. جن جا نالا مٿي آيا آهن. عالمگير بادشاهه جي ڏينهن ۾ بکر ۾ عهديدار ٿي رهيو. سندس مرڻ تي وري سندس پٽ سيد صاد قعلي خان سندس جاءِ تي مقرر ٿيو. انهيءَ جو اولاد اڃا تائين آهي. جن کي روهڙي ۾ ڪوٽائي سيد چوندا آهن. (16) مير جانشملهوي. مير حيدر شاهه جي اولاد مان هو ۽ شاهه عنايت الله صوفيءَ جو مريد ۽ خليفو ٿيو، شعر چوندو هو ۽ سندس تخلص ”مير“ هو. چڱو ديوان اٿس. سندس پٽ مير قلندر علي به مشهور هو ۽ پيءُ جي جاءِ تي هو. (17) مخدوم  روح الله وڏو بزرگ هو، جنهن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي  دعا ڪرڻ جي لاءِ محمد آباد ۾ گهرايو هو. تڏهن سنه 1166 هه ۾ ”تحفته الڪرام“ واري صاحب ڏلو هو. اهو لکي ٿو ته  صحبت ڪندي مخدوم چيو ته نادر شاهه جي جلوس وقت سندس لاءِ هي تاريخ ڪڍيائون؛ ”الخير فيما وقع“. پر مخدوم چيو ته ”الاخير فيما وقع“. آخر ٿيو به ائين ۽ نادر شاهي قتلعام مشهور آهن. جڏهن ته نادر شاهه وفات ڪئي. تڏهن هيءَ تاريخ لڌائون: الخير فيما هو واقع يعني جيڪو ٿيو سو چڱو ٿيو هي بزرگ شعر به چوندو هو. هن جا ڀائر ۽ پٽ به مشهور ٿي گذريا.


*  هي احوال ڪتاب ”تحفة الڪرام“ تان ورتل آهي. پر اسان جي ڌيان تي آندو ويو آهي ۽ ڏٺو ويو آهي ته اهو بزرگ اصل اسدي هاشمي قريشي آهي نه حضرت ابوبڪر جي اولاد مان. اها ڳالهه هيٺين ڪتابن مان ظاهر آهي. انوار غوثيه، اخبار الاخيار، خزينته الاصفيا، خلاصته العارفين ۽ ماه المناقب. بڪيرن جي شهر وارا پير صاحب، جي پڻ غوث بهاء الدين جي اولاد مان آهن، تن جي بزرگ عمر شاه قائم الدين قلندر جي سوانح عمري ۾ به ائين آهي، جا سنڌي ڪتاب اذڪار قلندريءَ ۾ ڏنل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org