سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛12

صفحو ؛ 22

 

 (16) جيندل شاه (سيد) _ مير نصير خان جي ڏينهن ۾ هي سيد حيدرآباد شهر جو ڪوٽوال هوندو هو. جڏهن انگريزن جو لشڪر درياهه جي رستي ڪابل ڏي ٿي ويو ۽ آفيسر ڪوٽڙيءَ کان حيدرآباد شهر گهمڻ آيا هئا، تڏهن هن سيد چڱو بندوبست رکيو ته هنن کي تڪليف نه رسي.

(17) حاجي احمد خدمتگار _ هو مير فتح علي خان جو امير هو ۽ سنه 1197هه ۾ جڏهن ڪڪرالي جي هندو ڄام فساد ڪيو هو، تڏهن هو مير جي حڪم سان وڏو لشڪر وٺي ويو ۽ ساڻس قيصر نظاماڻي به موڪليو ويو. ڄام کي شڪست ڏيئي گهڻا ماڻهو ماري هو موٽي آيو. ٻئي سال ۾ هن کي حيدرآباد جي قلعي وٺڻ لاءِ موڪليائين، جتي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جا ملازم ۽ ٻيا ڪلهوڙن جا قبيلا رهندا هئا. حاجي احمد وڏو لشڪر وٺي حيدرآباد تي ڪاهي آيو ۽ گهيرو ڪيائين. ميان عبدالنبيءَ جي پاران غلام حيدر مرڻاڻي ۽ شالمين شيدي حيدرآباد جي قلعي جي سنڀال لاءِ مقرر هئا. حاجي احمد جي اچڻ جو ٻڌي غلام حيدر باروت کي باهه ڏني، جنهن جي ڌڪاءَ کان ڪوٽ جي هڪڙي ڀت ڪري پيئي. حاجي احمد اُتان لشڪر وٺي اندر ويو ۽ قلعو آسانيءَ سان هٿ ڪيائين ۽ ڪلهوڙن جا ٻار ٻچا شالمين جي نظر هيٺ جوڌپور ڏياري موڪليائين، جتي عبدالنبيءَ جو پٽ رهندو هو.

(18) حبيب فقير نائجه _ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو هڪڙو امير هو. سنه 1184هه ۾ ميان هن کي ٺٽي جو حاڪم ڪري موڪليو. هو ٻه ٽي ورهيه اُتي رهيو. انهيءَ کان پوءِ مراد فقير نظاماڻي حاڪم ڪري موڪليو ويو.

(19) خوشي رام (منشي) _ هي مير مراد علي خان جو منشي هو. سڀ سرڪاري يا خانگي خط اهو لکندو هو. هڪ سؤ رپيا پگهار ملندو هوس، جو انهن ڏينهن ۾ وڏو پگهار هو. انگريزن سان لکپڙهه ڪرڻ ۾ هو گهڻو ڪم آيو.

(20) خير محمد ٺوڙو (نواب) _ هي مير مراد علي خان جو امير هو، جو بهادر خان کوکر سان گڏ وٽس هميشه درٻار ۾ حاضر رهندو هو. هو مير صاحب جي خانگي ڪم جو مختيارڪار هوندو هو.

(21) شالمين (شيدي) _ ڪلهوڙن جو هڪڙو امير هو ۽ ميان عبدالنبيءَ جي وقت ۾ جڏهن ڪلهوڙن جا قبيلا حيدرآباد جي ڪوٽ ۾ رهندا هئا، تڏهن هيءُ غلام حيدر مرڻاڻيءَ سان گڏ قلعي جو سنڀاليندڙ هو، ۽ جڏهن مير فتح عليءَ جي لشڪر اچي حيدرآباد جو قلعو ورتو، تڏهن شالمين ڪلهوڙن جا قبيلا وٺي جوڌپور هليو ويو، جتي ميان جو پٽ رهندو هو.

(22) طاهر خدمتگار _ هيءُ مير غلام علي خان جو امير هو ۽ لشڪر جو سردار هو. سنه 1803ع ڌاري جڏهن مير ٺاري خان ميرپور واري ڪنهن خسيس ڳالهه تان تڪرار ڪيو ۽ لشڪر گڏ ڪري وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو، تڏهن طاهر خدمتگار کي مير لشڪر سان موڪليو، جنهن وڃي مير ٺاري کي شڪست ڏني ۽ کيس پڪڙي وٺي آيو. اها لڙائي نندي جي ڳوٺ وٽ ٿي. ۽ گهڻا ماڻهو ماريا ويا ۽ مير ٺاري خان کي زخم رسيا. جڏهن حيدرآباد ۾ چڱو ڀلو ٿيو، تڏهن عزت آبروءَ سان تحفا ڏيئي روانو ڪيائونس. وري جڏهن مير مٿئين جو هڪڙي اُچ جي سيد جي دانهن تي بهاولپور جي نواب صادق خان سان تڪرار ٿيو، تڏهن طاهر خدمتگار کي مير لشڪر سان روانو ڪيو. نواب شڪست کاڌي ۽ صلح ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جو ڪو ڀاڱو ڏنو ۽ پنهنجو پٽ اول ڏنو، جو وٺي طاهر حيدرآباد آيو. حيدرآباد شهر ۾ قلعي جي ويجهو جيڪا طاهر بازار آهي، سا هن شخص جي نالي پٺيان ٿي سڏجي.

(23) غازي خان دودائي _ سنه 1111هه ۾ جڏهن ميان يار محمد سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ شڪارپور ورتائين ۽ ملڪ بختاور خان کي ڀڄائي ڪڍيائين ۽ هو بادشاهه معزالدين وٽ ويو، تڏهن بادشاهه پاڻ لشڪر وٺي آيو ۽ بکر ۾ اچي لٿو ۽ سيويءَ جو پرڳڻو جو بختاور خان جي هٿ ۾ هو، سو غازي خان دودائيءَ کي ڏنائين؛ پر بختاور خان جي جنگ ۾ مرڻ ڪري، سندس پٽ ملڪ الهه بخش کي سيويءَ ۾ رکيائين ۽ غازي خان کي برطرف ڪري ڇڏيائين.

(24) فريد ڀڳت _ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ هو. ميان جو خاص ماڻهو هو ۽ کيس گهڻي ڪم آيو. هن ڀڳت جي وسيلي ميان موري جو مڪان هٿ ڪيو ۽ پوءِ اُتي موري جو شهر ٻڌائين، ۽ ساڳئي وقت ۾ فيروز ويرار ميان جي حڪم سان ساهتي پرڳڻو هٿ ڪيو ۽ اُتي هڪڙو شهر ٻڌائين، جنهن جو نالو نوشهرو رکيائين، جو سندس نالي پٺيان اڃا تائين سڏبو اچي.

(25) فقيرو خدمتگار _ مير غلام علي خان ٽالپر جو امير هو. انهيءَ جي راڄ ۾ ڪڇ ۾ سخت ڏڪار اچي پيو. ڪڇ جا ماڻهو پنهنجا ٻار سنڌ ۾ آڻي وڪڻي اَن خريد ڪندا هئا. مير صاحب تمام گهڻو اَن هٿ ڪري غريبن  کي ورهائي ڏنو ۽ سندس حڪم سان فقيري خدمتگار بلوچن سردارن ۽ ٻين ماڻهن کان ڪڇي ٻار، جي هنن وڪيا هئا، سي وري هٿ ڪري انهن کي انهن جو ملهه خزاني مان ڏيئي راءِ ڏي ڏياري موڪليائين ته سندن مائٽن کي موٽائي ڏئي. مير ڪرم علي خان جي ڏينهن ۾ سنه 1230هه ۾ وري فقيري جو پٽ علي بخش ميرن وٽ برک هو ۽ حيدرآباد شهر جو ڪوٽوال هو. جڏهن بادشاهه شجاع الملڪ حيدرآباد ۾ آيو، تڏهن انهيءَ جي بندوبست لاءِ هو مقرر ڪيو ويو هو.

(26) فوجو فقير _ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو خاص مريد ۽ خدمتگار هو. جڏهن سندس پيءُ ميان شاهل محمد جي مارجڻ کان پوءِ هو پنوهرن جي ملڪ ۾ آيو ۽ کاريءَ جو شهر ٻڌائين، تڏهن هٽڙيءَ جو ڳوٺ ۽ ديهه هن فوجي فقير کي ڏني ۽ ڪاڇي جي زمين ٻئي فقير عنايت شاهه کي ڏنائين. انهن اميرن جي مدد سان ميان بکر جي حاڪم مير يعقوب خان سان وڙهيو ۽ فتح ڪيائين ۽ ملڪ وڌايائين.

(27) قيصر خان مگسي هو گنجابه يا گندا واهه جو زميندار ۽ سردار هو ۽ تمام زور وارو هو. سنه 1142هه ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي مراد ڪليري، جنهن کي گنجو چوندا هئا، تنهن کي سيويءَ جو حاڪم مقرر ڪيو. انهيءَ آسپاس جي سردارن کي ماري مات ڪيو ۽ ميان جو تابعدار ڪيو. انهن مان هڪڙو قيصر خان مگسي هو ۽ ٻيا شورن جو سردار ميرو رند ۽ ڪاڇيءَ جو سردار ميرو بلدي ۽ لهڻو ماڇي ڀاڳ ناڙيءَ جا زميندا رهئا.

(28) قيصر فقير نظاماڻي _ مير فتح علي خان جو هڪڙو امير هو. جڏهن عبدالنبي ڪلهوڙو ڀڄي قلات جي خان وٽ مدد لاءِ ويو، تڏهن قيصر نظاماڻي کي مير وڪيل ڪري اوڏي موڪليو ۽ مير صاحب جي خواهش موجب چڱو ٺهراءَ ڪيو ويو. قيصر جو ٽنڊو، جو حيدرآباد کي ويجهو آهي، سو هن قيصر نظاماڻيءَ جو ٻڌل آهي. انهيءَ جو اولاد اڃا اُتي رهي ٿو.

(39) گدومل (ديوان) _ ديوان گدومل، پيلي مل جو پٽ هو. هن جو ڏاڏو اڏيو مل شاهواڻي هو، جو اصل سيتپوريا حاجي پور جو رهاڪو ۽ کتري هو. هو سنڌ ۾ آيو ۽ سکر ۾ ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ اچي نوڪر ٿيو. پوءِ لڏي شڪارپور ويو ۽ اتي هڪڙي وڏي شاهوڪار جي گهران پرڻيو ۽ ٻه پٽ ڄاوس. جن کي گهڻو اولاد ٿيو، جو اڃا حيدرآباد ۾ آهي ۽ اُهي سڀ گدواڻي ٿا سڏجن. حقيقت ڪري گدواڻي گدومل جي ڀائن جو اولاد آهن، خود کيس اولاد ڪونه هو. گدو مل ڪلهوڙن وٽ ديوان هو ۽ وڏو درٻاري ۽ صلاحڪار هو. جڏهن ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر آيا، تڏهن انهن وٽ به ساڳي عزت لڌائين ۽ هنن جي طرفان دهليءَ جي شهنشاهه وٽ وڪيل ٿي ويندو هو. پر مير غلام علي خان کي منجهس دغا جو شڪ پيو، تنهن جي اشاري سان ڪن ماڻهن هن کي سندس گهر ۾ لٺين سان ماري ڇڏيو. گدوءَ جو ٽنڊو يا گدو بندر ۽ حيدرآباد جي گدواڻي گهٽي ٻئي هن جي نالي جي پٺيان ٿا سڏجن.

(30) گل محمد (خليفو) _ هيءُ پراڻن هالن جي سانوڻي ملن مان هو ۽ سنه 1226هه ۾ ڄائو هو. چڱو پڙهيل ماڻهو هو ۽ صوفي فقيرن جي صحبت ۾ گذاريائين. ڪنگريءَ واري پير جو خليفو هو ۽ قادري طريقي جو هو. کيبرن ۾ سندس مريد هوندا هئا. مير صاحبن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ انگريزن جي صاحبيءَ جي شروعات ۾ هو. سنڌي ٻولي تڏهن تازي لکڻ پڙهڻ ۾ آئي. انهي ۾ هن فارسي بحرن تي نج سنڌي لفظن جو هڪڙو ديوان لکيو، جنهن کي ديوان گل چوندا آهن. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ هو حج تي ويو ۽ اُتي سنه 1273هه ۾ وفات ڪيائين. سندس عمر ڇائيتاليهن ورهين جي هئي.

(31) محمد حسن کهاوڙ_ هو ميان غلام نبي ڪلهوڙي جو خاص امير هو. اُهو ۽ ڪي ٻيا سردار جيئن ته تاجو ليکي، الهه بخش جهنجڻ، پيروز پتافي ۽ محراب جتوئي، ميان جي پاران مير بجار سان وڙهيا ۽ شڪست کاڌائون. پوءِ جڏهن لانياريءَ واريءَ جنگ ۾ به ميان شڪست کاڌي، تڏهن محمد حسن ۽ ٻيا ڦري مير جي پاسي ٿيا؛ پر پوءِ وري به ميان جي پاسي موٽيا. جڏهن مدد خان سندس مدد لاءِ آيو ۽ پيسن جي تنگ طلبي ڪيائين، تڏهن محمد حسن ميان کي توڙي مدد خان کي گهڻو ڪمائتو ٿيو. هالاڻيءَ واريءَ جنگ ۾ ميان عبدالنبيءَ جي پاران وڙهندي محمد حسن مارجي ويو ۽ ميان شڪست کاڌي ۽ سنڌ مير فتح علي خان کي هٿ آئي.

(32) محمد صديق وينس _ ميان غلام شاهه جو امير هو ۽ لشڪر جو سردار هو ۽ سنه 1173هه ۾ جڏهن ميان شاهه ڳڙهه ڏي ويل هو ۽ ڪڪرالي جو ڄام ڏيسر وڙهڻ لاءِ ڪاهي آيو، تڏهن محمد صديق ڪن ٻين اميرن سان گڏ هن سان وڙهيو ۽ هن کي شڪست ڏنائين ۽ ڄام ڪڇ ڏي ڀڄي ويو ۽ سندس پٽ هردارجي نظربند ڪري رکيو ويو.

(33) مراد فقير نظاماڻي _ ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي وقت ۾ ٺٽي جو حاڪم هو ۽ چئن ورهين تائين يعني سنه 1188هه تائين اتي رهيو. هو حيبب فقير نائچ جي جاءِ تي ويو هو.

(34) مرزا خان پِني _ هيءُ سيويءَ جو حاڪم هو. سنه 1108هه ۾ ميان نصيرمحمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ جڏهن بکر جا مغل ساڻس وڙهيا، تڏهن هيءُ ۽ مير پنوهار هن سان وڙهيا ۽ ميان نصير محمد کي قيد ڪري بادشاهه اورنگزيب ڏي نيائون؛ پر هو اتان ڀڄي آيو، پوءِ ميان جي پٽ ميان دين محمد جي ڏينهن ۾ بادشاه جي حڪم پٺيان هو ڪلهوڙن سان وڙهيو، پر پڄي نه سگهيو. تڏهن هن کي موقوف ڪري بادشاهه امير شيخ جهان کي مقرر ڪيو، جو مير پنوهار سان گڏ ڪلهوڙن سان وڙهيو، جن جو سردار فيروز ويرار هو. ڪلهوڙن هنن کي شڪست ڏني ۽  بکر جي حاڪم الهيار خان کي ڀڄائي ڪڍيائون.

(35) مرزا خسرو بيگ ۽ ٻيا مرزا_ مرزا خسرو بيگ اصل گرجستان جو هو. ايرانين ۽ روسين جي جنگ ۾ سندس والد مارجي ويو ۽ هيءُ ستن ورهين جي عمر ۾ قيد ڪيو ويو ۽ ايران جي سپهه سالار حاجي محمد ابراهيم خان هن کي پالي وڏو ڪيو. جڏهن فتح علي شاهه بادشاهه جي راڄ ۾ اهو سپهه سالار قيد ٿيو، تڏهن بادشاهه  جي وزير جي اجازت سان مُلا محمد اسماعيل مير ڪرم علي خان جي وڪيل هن کي پاڻ سان سنڌ ۾ آندو. تڏهن هو پندرهن ورهين جو هو. مير کي اولاد ڪونه هو، تنهنڪري هن کي پٽ سڏيائين ۽ پنهنجي وزير ۽ خاص امير وانگي رکيائين. سنه 1827ع ۾ مير ڪرم علي خان جي وفات کان پوءِ گوشه نشين ٿي رهيو، مگر پوءِ به مير ساڳي عزت ڏيندا آيس. انگريزن سان عهدنامي ڪرڻ ۾ هو وڪيل هو. مياڻيءَ واري جنگ ۾ هو به ٻين ميرن سان گڏ قيد ٿيو، پر پوءِ هن کي ميرن جي حرمن جي سنڀال لاءِ حيدرآباد ۾ ڇڏي ڏنائون. هن سنه 1860ع ۾ وفات ڪئي. مرزا خسرو بيگ کي چار پٽ هئا، جن مان ڪي وڏن عهدن تي هئا. انهن جو اولاد اڃا هليو اچي، جو ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهندو اچي. مرزا فريدون بيگ ۽ مرزا قربان علي بيگ به گرجي هئا، جي پڻ جنگ ۾ پڪڙجي هتي آيا ۽ مرزا خسرو بيگ سان گڏ رهندا آيا، انهن جو به اولاد اڃا موجود آهي. مرزا محمد باقر بيگ به ساڳيءَ طرح گرجستان مان سنڌ ۾ آيو. هو مير مراد علي خان جو خاص درٻاري هو. انهي جو اولاد به اڃا آهي. مرزا خسرو بيگ جو اولاد نواب محمد خان ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ رهندو اچي ۽ مرزا محمد باقر بيگ جو مانجهوءَ ۾.

(36) مرزو فقير _ هي ڪلهوڙن جو هڪڙو وڏو امير ۽ بهادر شخص هو ۽ سلطان جنگ جو لقب هوس. مير فتح علي خان ۽ مير عبدالله خان جڏهن ميان صادق علي خان ڪلهوڙي کي گاديءَ تي ويهاريو، تڏهن جوڌپور جي راجا سان جيڪا جنگ ٿي، تنهن ۾ مرزو فقير ۽ سندس پٽ باغو فقير، نظاماڻي ۽ جمالي ۽ لغاري ماڻهن جي لشڪر سان راجپوتن سان خوب وڙهيا ۽ هنن کي شڪست ڏنائون. جڏهن ميان عبدالنبي بروهي لشڪر مدد لاءِ وٺي آيو، تڏهن به چالڪ پُل وٽ جيڪا جنگ لڳي، تنهن ۾ به هو چڱو وڙهيا. پوءِ وري جڏهن هو مدد خان سردار جي مدد وٺي آيو. تڏهن به ميرن سان گڏ انهيءَ سان وڙهيا. مطلب ته ميرن جي سنڌ فتح ڪرڻ تائين مزو فقير ۽ سندس پٽ باغو فقير ميرن سان شامل رهيا.

(37) مسوُ فقير سامٽيو _ هيءُ ڪلهوڙن جو هڪڙو امير هو ۽ ميان نور محمد جي ڏينهن ۾ چڱي بهادريءَ ڏيکاريائين. هن جو پيءُ سلطان سامٽيو به نالي وارو امير هو ۽ اُن جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ جاءِ تي رهيو. سنه 1157هه ۾ ڪڪرالي جي ڄام سان ميان نور محمد جيڪا لڙائي ڪئي، تنهن ۾ هن بهادري ڏيکاري.

(38) مقصودو فقير _ هيءُ به ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ميان دين محمد ۽ نورمحمد جو امير هو. هي ۽ سندس ڀاءُ بهارشاهه ٻئي جنگين ۾ وڙهيا. مقصودو فقير دهليءَ جي بادشاهه جي لشڪر سان وڙهيو، جنهن ۾ ميان دين محمد قيد ٿي پيو. ڪڪرالي جي ڄام سان وڙهڻ ۾ بهار شاهه بهادري ڏيکاري. جڏهن ميان غلام شاهه جو پنهنجي ڀاءُ سان تڪرار ٿيو، تڏهن مقصودو فقير ميان غلام شاهه سان شامل رهيو، پر پوءِ وڃي عطر خان جو پاسو ورتائين ۽ سنه 1173هه ڌاري جڏهن عطر خان ۽ مقصودو فقير لشڪر وٺي اُٻاوڙي آيا، تڏهن مان غلام شاهه وڃي انهن کي شڪست ڏني ۽ شاهپور جي نئين ٻڌل شهر ۾ اچي منزل ڪيائين ۽ اُتي رهي پيو. آخر جڏهن مقصودو فقير مري ويو، تڏهن سنه 1178هه ۾ عطر خان ميان غلام شاهه وٽ اچي پيش پيو.

(39) موُسو ارمني _ هيءُ ماڻهو اصل ارمني هو ۽ مير صوبدار خان وٽ نوڪر هو ۽ سندس خاص خدمتگار هو. جڏهن انگريزن جي سنڌ ۾ دخل ڪرڻ وقت مير صوبدار خان ٻين ميرن کان ڇڄي ڌار ٿي ٿيو، تڏهن منشي آوتراءِ سان گڏ موُسي ارمنيءَ کي به سرچارلس نيپئر ڏي پيغامن آڻڻ نيڻ ۾ شامل ڪيائين.

(40) مهراب جتوئي _ سنه 1189هه ۾ جڏهن ميان سرفراز جي ڀڄي وڃڻ تي مير فتح خان سندس ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو، تڏهن مهراب جتوئي هن کي وزير ڪري ڏنو ويو هو. خداآباد تڏهن سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هو جتوين جو سردار هو ۽ زور وارو ماڻهو هو. مهراب پور ڪنڊياري تعلقي واري انهيءَ جي ٻڌايل آهي. پوءِ جڏهن مير بجار آيو، تڏهن مهراب جتوئي تاجي ليکي ۽ ٻين سان گڏ ميان غلام نبيءَ جي طرفان تاجي ليکي ۽ ٻين سان گڏ ميان غلام نبيءَ جي طرفان ميرن سان وڙهيو ۽ لانياريءَ واري جنگ ۾ شڪست کاڌائين. پوءِ ڦري مير جي پاسي ٿيو، جيئن ڪن ٻين سردارن به ڪيو. پر وري جڏهن ميان عبدالنبي قلات جي خان جي مدد وٺي وڙهڻ آيو، تڏهن مهراب  ۽ ٻيا وڃي ساڻس شامل ٿيا ۽ چالڪ جي پل واريءَ جنگ ۾ وڙهيا ۽ مير عبدالله خان انهن کي شڪست ڏني ۽ مهراب انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو. سندس مرڻ کان پوءِ سندس پٽ تاجو فقير ۽ انهيءَ جو مائٽ ڌگاڻو جتوئي هالاڻيءَ واري جنگ  کان پوءِ جڏهن مير فتح علي خان سنڌ ورتي، تڏهن پشيمان ٿي اچي ساڻس شامل ٿيا.

(41) نائون مل سيٺ _ هيءُ سيٺ هوتچند جو پٽ هو ڀوڄي مل جو پوٽو هو، جنهن ڪري هو ۽ هن جو اولاد اڄ تائين ڀوڄواڻي سڏجن ٿا. اصل هن جا وڏا خدا آباد جي ويجهو رهندا هئا. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هيءُ سيٺ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو ۽ سمنڊ جي رستي ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪندو هو. ڪراچي تڏهن قلات جي خان جي هٿ ۾ هئي ۽ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هو، جنهن ۾ مهاڻن جا گهر هوندا هئا. جڏهن ٽالپرن ڪراچي هٿ ڪئي، تڏهن به هي سيٺ اُتي رهندو آيو. ميرنصيرخان جي ڏينهن ۾ جڏهن انگريز سرڪار پنهنجو لشڪر شاه شجاع جي مدد لاءِ سمنڊ جي رستي آندو ۽ ميرن هنن کي روڪ ڪئي، تڏهن سيٺ نائون مل انگريزن کي گهڻي مدد ڪئي ۽ جڏهن منوهڙي جو ڪوٽ ڊاهي زور سان ڪراچيءَ ۾ لهي درياهه جي رستي لشڪر وٺي ٿي آيا ۽ سرسات ملڻ ۾ هنن کي مشڪلات هئي، تڏهن سيٺ سرسات وٺڻ ۾ گهڻي مدد ڪَيَن. جڏهن انگريزن سنڌ کٽي، تڏهن سيٺ کي گهڻو مان ڏنائون ۽ جاگير به ڏنائون ۽ سي.ايس.آءِ جو خطاب به ڏنائون، جهڙو مير شيرمحمد خان کي ڏنو هئائون، جو ساڻن دٻي جي جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهيو هو.

(42) نواب ولي محمد خان لغاري _ هيءُ نواب وڏن ميرن جي ڏينهن ۾ سندن وڏو وزير ۽ صلاحڪار هو ۽ ٽالپرن کان پوءِ ٻئي درجي جي عزت هوندي هيس. هو لغاري بلوچن جو سردار هو ۽ وڏيءَ هلنديءَ وارو هو ۽ ميرن کي سنڌ وٺڻ ۾ گهڻي مدد ڏنائين. انگريزن سان هو ميرن جي دوستي قائم ڪندو آيو. تمام وڏيءَ عمر ۾ هن سنه 1832ع ۾ وفات ڪئي. هن کان پوءِ مير صاحبن جا صلاحڪار مير اسماعيل شاهه ۽ مرزا خسرو بيگ رهيا.

هي نواب غلام محمد خان جو پٽ هو، جو ٽين پيڙهي منگهن جو پٽ هو، جو لغارين جو وڏو سردار هو. نواب ولي محمد خان ۽ پوءِ سندس پٽ نواب احمد خان ميرن سان شامل رهيا. جڏهن ميرن ميجر آؤٽرم تي ڪاهه ڪئي، تڏهن نواب احمد خان به ساڻن هو. انهيءَ جو اولاد اڃا هليو اچي ۽ تاجپور ۾ ٿو رهي. نواب محمد خان ٺوڙهو به هنن لغاري نوابن جو مائٽ هو. ٺوڙهن جو ڏاڏو ڄام جيند هو، جيئن لغارين جو منگهن هو. ڄام جيند جي ڏوهٽي منگهن جي گهر ۾ هئي. نواب محمد خان جي چاچي خير محمد خان ۽ نواب ولي محمد خان جون مائون پاڻ ۾ ڀيڻون هيون. نواب محمد خان الهه بخش خان جو پٽ هو، جو خير محمد خان جو ڀاءُ هو. نواب محمد خان کي پٽ ڪونه هو. خير محمد خان جو پٽ دوست علي خان هو، جو پڻ مياڻيءَ واريءَ جنگ ۾ ميرن سان گڏ وڙهيو. نواب ولي محمد خان جي نياڻي دوست علي خان جي گهر ۾ هئي. انهن جو اولاد به لغاري نوابن سان گڏ تاجپور ۾ رهندو اچي ۽ ٻئي وڏا جاگيردار آهن. سندن احوال ۽ شجرو سنڌ جي تاريخ ۾ ڏنل آهي. ٺوڙهي جو ٽنڊو انهيءَ نواب محمد خان ٺوڙهي جو سڏبو آهي، جو حيدرآباد جي ويجهو ڦليليءَ تي آهي.

(43) هوش محمد حبشي _ هو حبشي غلام هو ۽ مير صوبدار خان جو خاص خدمتگار هو ۽ ڏاڍي همت ۽ جرات وارو هو. جڏهن مير صوبدار خان پنهنجن چاچن سان رُسي فساد ڪيو، تڏهن هوش محمد ۽ منشي پرتاب راءِ مير کي گهڻي مدد ڪئي ۽ سندس زيور وڪڻي گهڻا پيسا هٿ ڪري لشڪر تيار ڪيائون. پر مير مراد علي هن کي شڪست ڏني ۽ مير صوبدار کي نظربند ڪري وٺي آيو. وري سنه 1259هه (سنه 1843ع) ۾ مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ جڏهن مير شير محمد خان انگريزن سان دٻي وٽ جنگ ٿي ڪئي، تڏهن هو هوش محمد به انهيءَ مير سان گڏ وڙهيو ۽ مارجي ويو ۽ مير پاڻ بچائي نڪري ويو. انهيءَ جو پٽ ڪريم داد ۽ انهيءَ جو پٽ بچل ۽ انهيءَ جو پٽ هوش محمد ۽ ٻيو سندس اولاد اڃا ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهندا اچن.

(44) مختيار خان لغاري _ هيءُ مير نصير خان جي اميرن مان هو ۽ سندس صلاحڪار هو. جڏهن انگريزن سان ميرن جي اڻ بڻت ٿي، تڏهن هن مير کي انگريزن جي برخلاف صلاح ڏني، جنهن ڪري ڪرنل آؤٽرام تي ڪاهيائون ۽ پوءِ مياڻيءَ جي جنگ ۾ به هيءُ مختيار خان ۽ سندس مائٽ گل محمد خان وڙهيا ۽ شڪست کاڌائون.

(45) يوسف خدمتگار _ هيءُ مير نصير خان جو خاص خدمتگار هو ۽ جڏهن مير جو انگريزن سان تڪرار ٿي پيو، تڏهن هو مرزا خسرو بيگ ۽ غلام علي نظاماڻيءَ سان گڏ وڪيل ٿي سرچارلس نيپئر وٽ ٺهراءُ جي لاءِ ويو، پر آخر ٺهراءُ ڪونه ٿيو. جڏهن مياڻيءَ جي جنگ ۾ ميرن شڪست کاڌي ۽ مير قيد ٿيا، تڏهن هي ميرن جي ديرن سان گڏ حيدرآباد جي ڪوٽ مان نڪري ڦليليءَ جي ڪناري تي آغا جي ٽنڊي جي پاسي ۾ اچي رهيا، جتي يوسف پاڻ رهندو هو ۽ جنهن کي يوسف جو ٽنڊو ٿا چون. ميرن جي ۽ ديرن جي خزاني کڻڻ پائڻ ۾ هن کي وڏي دولت هٿ آئي ۽ نهايت دولتمند ٿي پيو، پر سگهوئي پوءِ اُها دولت گم ٿي ويس ۽ سندس اولاد غريب مسڪين ٿي رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org