سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 2

صفحو ؛ 5

 

ريل ۽ دشت باران

چانڊڪي ۽ سوستان پر ڳڻن جي اُلهندي جبل تائين جيڪا زمين باراني آهي ۽ ٽين جي پاڻي تي آباد ٿيندي آهي ۽ جنهن کي ڪاڇو سڏيندا آهن.  تنهن کي اڳي ريل ۽ دشت باران چوندا هئا. اتي گهڻا بزرگ ۽ اوليا رهيا ۽ گذريا. جن جا نشان اڃا ظاهر آهن. انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

(1) شيخ موسيٰ، جنهن جي ٻي پيڙهي شيخ ابوالفضل مشهور عالم ۽ مصنف ٿيو. پنهنجي ڪتاب ”ڪجڪول“  ۾ ابوالفضل لکيو آهي ته شيخ موسيٰ سنه 900 هجري ۾ اتي رهندو هو. انهيءَ جو هڪڙو ڏهٽو خضر شاهه سير ۽ سفر تي نڪتو ۽ ناگور ۾ وڃي شيخ يحييٰ بخاري جو مريد ٿيو، جو اُچ واري مخدوم جهانيان جو سجاده نشين هو. انهيءَ کان سواءِ شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌيءَ ٽان به فيض حاصل ڪري موٽي وطن تي آيو. شيخ مبارڪ ولد شيخ موسيٰ سن 911 هجريءَ ۾ ڄائو ۽ اڪبرآباد ۾ وڃي علم جي تحصيل ڪيائين. هڪ سو ويهه ورهيه عمر ٿيس سندس پٽ شيخ ابو الفضل ۽ شيخ فيضي مشهور ٿي گذريا. جي اڪبر بادشاهه وٽ برک هئا. (2) درويش يحي ولد عالم بکري ريل جي اوليائن مان هڪڙو هو. چون ٿا ته هڪڙي رات نماز ۾ مشغول هو ته  سخت مينهن اچي  ڪڙڪيو. ڇت سان مٽي ۽ پاڻي وهي سندس چادر ڀڄائي ڇڏي. اها لاهي نوڪر کي ڏنائين ته وڃي درياهه مان ڌوئي اچ ته ڍڪيان. هن چيو ته سائين. اڌ رات آهي. اونداهي لڳي پئي آهي. ٻاهر قهر جو مينهن پيو پوي. ڪيئن وڃان. ڪيئن چادر ڌوئان ۽ ڪيئن سڪايان؟  بزرگ چيس ته” ابا. تون ٻاهر ته نڪر“ جڏهين ٻاهر نڪتو تڏهين ڏسي ته سج بيٺو آهي. روز روشن آهي. نڪو مينهن نڪو پاڻي. وڃي چادر ڏئي سڪائي کڻي آيو. اندر اچڻ کان پوءِ مينهن جو اڳي وانگي ڪڙڪو لڳو آيو. (3) مخدوم نجيم ۽ درويش ابراهيم به ريل جي بزرگن مان هئا ۽ سندن گهڻا مريد هئا. (4) شيخ هوٿي لاکو دشت باران جي وڏن اوليائن مان هو. اڪثر مٿي کان پيرن تائين ڳاڙهي پوشاڪ ڍڪندو هو ۽ تيرڪمان کنيو وتندو هو ۽ راڳ ڳائيندو ۽ نچندو وتندو هو. اوائل ۾ ماڻهن جو اڃا منجهس اعتقاد ڪو نه هو. هڪڙي ڀيري ڪنهن ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ گم ٿي ويو ۽ پري وڃي نڪتو. هن ڪن درويشن کي سڏي مهماني ڪئي. انهي لاءِ ته دعا ڪن ته اهو ڇوڪر موٽي هٿ اچي. شيخ هوٿي به اتي وڃي نڪتو. پر هن کي چريو فقير ڄاڻي ڪنهن ويهڻ نه ڏنس. تڏهن هنن کي چيائين ته جيسين ڇوڪر نه پيدا ڪريو. جنهن لاءِ اوهان کي هن ويچاري ماني کائڻ لاءِ سڏايو آهي. تيسين ماني اوهان کي حرام آهي. هنن چيس ته تون آڻيندينس. شيخ چيو ته ڇو نه. پوءِ ٿورو ٻاهر وڃي ڇوڪر کي ٻانهن کان وٺي اتي مجلس ۾ وٺي آيو. ڇوڪر چيو ته آئون فلاڻي شهر ۾ بازار مان گيهه وٺڻ ٿي ويس ته ڪنهن پنهنجو هٿ منهنجي ٻانهن ۾ وجهي هتي آڻي ڪڍيو. جڏهن وفات ڪيائين ۽  مٿس جنازي نماز پڙهڻ لڳا. تڏهن هڪڙي شخص خود انهيءَ شيخ کي پنهنجي پاسي ۾ نماز پڙهندو ڏٺو. هن کان پڇيائين ته تون پنهنجي جنازي تي پاڻ ڪيئن ٿو نماز پڙهين؟ هن چيو ته آئون ڪو مئو آهيان ڇا. آئون جيئرو آهيان. منهنجو جسم مئو آهي. سندس قبر مورياڻي جي ڳوٺ ۾ آهي. سندس پٽ شيخ احمد ۽ شيخ محمد به پيءُ وانگي ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا ۽ اهي به اتي دفن ٿيل آهن. (5) درويش ابراهيم هميشه ڏٿ تي گذاريندو هو. ٻيو ڪو به طعام نه کائيندو هو. سندس خادمن مان پڪو ڪاتيار به وڏو درويش هو. سندس وفات کان پوءِ ماڻهو ختمي ۾ سندس نالي هڪڙو ٽويو ڪڻڪ جو هڪڙي هٿ سان پيهي سير ڳڙ ۽ گيهه سان بُسري پچائي خيرات ڪندا آهن ۽ سندن مراد حاصل ٿيندي آهي. سندس پٽ مومن نالي گجرات جي هڪڙي قلعي ۾ وڃي قيد ٿيو. مرڻ وقت چوڻ لڳو ته پٽ مومن. سگهو آءُ، اچي مون کي غسل ڏي ۽ هٿ ڊگهو ڪري هن کي ڏنائين. جو ولي خدا جي قدرت سان هُو انهيءَ قلعي مان نڪري پيءُ جي خدمت ۾ آيو ۽ سندس ڪفن ۽ دفن جو بندوبست ڪيائين. (6) درويش هالو سهتو به هڪڙو وڏو اولياءُ هو. هميشه ٻه ڪؤنرا پاڻي جا ساڻ کڻندو هو، هڪڙو وضوءَ لاءِ ۽ ٻيو استنجا لاءِ. هڪڙي ڀيري ٻئي ڪؤنرا ٺهڪي ڀڄي پيا ۽ پاڻي وهڻ لڳو. انهن کي حڪم ڏنائين ته متان وهو، ته ڪؤنرا سڄا ٿي پيا ۽ ڦڙو به پاڻيءَ جو نه هاريو. مرڻ وقت چوڻ لڳو ته منهنجو کٻو پير ننڍي هوندي ڇيڻي ۾ ڀريو هو. انهيءَ تي غسل وقت ويهه ٽڀا پاڻيءَ جا وجهجو. ائين ڪيائون. اهو درويش آمريءَ جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي. ٻيو درويش اسماعيل ولد قمرالدين به آمريءَ ۾ هو. جو پڻ ڪرامت وارو هو ۽ مرڻ مهل انهيءَ جي مڪاشفه سان مٿئين درويش هاله هڪ ڏينهن جي پنڌ تان اچي کيس غسل ڏنو. ٽيون درويش جکرو نندو به آمريءَ ۾ ڪرامت وارو ٿي گذريو. (7) درويش پنيو ناريجو به دشت باران جي وڏن بزرگن ۽ اوليائن مان هو. هڪڙيءَ رات ڪٿي جهنگ ۾ لڪي ويٺي خدا کي ياد ڪيائين ته ڪي گهوڙيسوار آيا ۽ زور ڪيائونس ته هلي اسان کي رستو ڏيکار ۽ چهبڪ هڻي گهوڙن جي اڳيان ڪيائونس. فقير جا پٺا ۽ سينو ڦٽجي پيو. اڳڀرو هليو ته هنن جا گهوڙا ٿاٻڙجي ڪرڻ لڳا. سنئينءَ زمين تان ٿي آيا. اوچتو انهيءَ هنڌ ٽڪر ڏسي حيران ٿيا. اتي فقير گم ٿي ويو ۽ هو اتي رُلي هلاڪ ٿيا. هن درويش سن 900 هه ۾ وفات ڪئي ۽ هن جي قبر  ريڻ ني جي ڪنڌيءَ تي ريده ڳوٺ جي آمهون سامهون آهي. (8) قاضي سڌو ولد حماد- هو سهڙن جي قاضين جي اولاد مان هو. دشت باران جي اوليائن مان هو. هڪڙي شخص وٽ هڪڙي عمدي گهوڙي هئي. جا ڍُڪي نٿي ٿي. قاضيءَ کان دعا گهريائين. قاضيءَ کي انهيءَ مهل ليمو هٿ ۾ هو. سو کڻي ڏنائينس ۽ چيائينس ته گهوڙيءَ کي کارائي ڇڏ. خدا جي قدرت سان گهوڙي پيٽ سان ٿي ۽ وڇيرو ڄڻيائين. جڏهين اهو وڏو ٿيو. تڏهين انهيءَ جي لاءِ تمام ڳرو ملهه هن کي آڇيو ويو. اتفاق سان قاضي انهيءَ مهل اتان اچي لنگهيو. انهيءَ شخص جو جيڪو نذرانو ڏيڻو ڪيو هو. سو نه ڏنو هئائين ۽ هاڻي به نٽائڻ لڳو. قاضيءَ کي هن جي ارادي جي خبر پيئي. سندس اشاري سان انهيءَ جو پٽڪو نانگ ٿي پيو ۽ هن کي ڏنگي وڌائين. هن جي سنگتين نانگ کي ماريو ۽ انهيءَ شخص کي کڻائي قاضيءَ وٽ آيا. قاضيءَ هن کي دعا ڪئي ۽ هو چڱو ڀلو ٿيو. ايتري هوندي به هن ڪمبخت کي  پنهنجو نذرانو ياد نه پيو. تڏهين قاضيءَ انهن ماڻهن کي چيو ته وڃي انهيءَ وڇيريءَ کي منهنجي طرفان چئو ته اها اسان جي امانت اسان کي موٽائي ڏي. هنن ائين وڃي چيو. وڇيري هڪدم لڏ ۾ اهو ليمو ڪڍيو ۽ پاڻ اتي جو اتي مري پيو. پوءِ چيائين ته هاڻي اهو ماريل نانگ کڻي اچو. هو اُهو کڻي آيا ته اهو اصل وارو پٽڪي جو ڪپڙو ٿي پيو. ٻئي دفعي سندس عزيزن سميجن مان ڪن مڙسن ۽ زالن کيس ستايو. تنهن تي هنن کي چيائين ته اوهين گڏهن جو گلو آهيو. ايتري چوڻ  سان مڙس گڏهه ۽ زالون گڏهيون ٿي پيون. زالون دانهون ڪرڻ لڳيون. تنهن تي سندن مڙس قاضيءَ جي پيرن تي اچي پيا. هن دعا ڪين ۽ اهي وري زالون ٿيون. هن سنه 900 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. وهيره جي ڳوٺ ۾ دفن ڪيل آهي. (9) درويش رڪن الدين ولد ديئه خدا جي مقبول ٻانهن مان هو. هميشه رياضت ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو. هڪڙي ڏينهن مسجد ۾ ستو پيو هو. مسجد جو امام نماز پڙهي پنهنجي چادر ڇنڊي اٿي هلڻ لڳو. ڇنڊڻ ۾ مٽيءَ ۽ ڪک هن درويش تي وڃي پيا. هڪدم ٽنگون سڪي پيس ۽ هلي نه سگهيو. فقير کي ته خبر ئي ڪا نه هئي پر مُلي هڪدم معلوم ڪيو ته هي ڪو ڪرامت وارو آهي. تنهن جي بي ادبي ٿي آهي. جاڳائي پيرين پيس ۽ دعا گهريائينس. تڏهين چڱو ڀلو ٿيو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ هن درويش جي وجد ۽ حال جي اها حالت هئي. جو جڏهين ڪو وڏو آواز ٻڌندو هو. تڏهين هو اندر مان آهه ڪڍندو هو ته اهو آواز ڪندڙ مري پوندو هو. هن سنه 988 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. ( 10) درويش علاوالدين ڀڪيو – دشت باران جي اوليائن مان هو. جيڪي وات مان نڪرندو هوس. سو ٿيندو هو. سنه 900 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. (11) مخدوم محمد امين به وقت جو ڪامل مرد هو ۽ واسوري جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. مخدوم سيدنه نصرپور وارو سندس مريدن مان هو.

ڪوهستان

ريل ۽ دشت باران جي اُلهندي جيڪا جبلن جي قطار سمنڊ تائين ٿي وڃي ۽ جا سنڌ جي اُلهندي جي حد آهي. تنهن کي ڪوهستان سڏيندا هئا. انهيءَ ۾ به گهڻائي ناليرا مڪان آهن. جتي ڪي بزرگ رهند اهئا. جي رياضت ۽ عبادت ۾ مشغول رهندا هئا ۽ انهن جون قبرون اتي آهن. انهن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:

مهر جبل  جي  پاسي ۾ هڪڙي ٽڪري آهي جا صُفي جي صورت ۾ آهي. انهيءَ جي ڇت مان پاڻيءَ جو ڦڙو پيو ٽمي ۽ هيٺان هڪڙي کڏڙي آهي. جنهن ۾ اهو گڏ پيو ٿئي. اٽڪل ڏيڍ سانداري جيترو پاڻي گڏ ٿو ٿئي. نڪي وڌي نڪي گهٽي. ماڻهو توڙي ڍور انهيءَ مان پاڻي  پيا پيئندا آهن. انهيءَ صفي جي  پاسي ۾ مٿي هڪڙي پهڻ جي ديڳ لڙڪيل  ڏسڻ ۾ ٿي اچي. جنهن ۾ چوندا آهن ته خزانو آهي ۽ اڳي هو ۽ اها ديون اتي رکي آهي، پر انهيءَ کي پهچي ڪو نٿو سگهي. جبل جي نزديڪيءَ ۾ واهي آهي، جا وهي هيٺ هڪڙي چشمي ۾ ٿي پوي، جو هڪڙي جاءِ جي وچ ۾ آهي. جا جاءِ ٿنڀن تي بيٺل آهي. انهيءَ ۾ هميشه چيلهه جيترو پاڻي بيٺو آهي. اهو به جنن ۽ ديون جو ٺاهيل ڄاڻندا آهن.

لڪيءَ جي سامهون جبل جي پاڙ ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما آهن، جتي ماڻهو وهنجڻ ويندا آهن. ڌارڻ جا چشما سڏبا آهن. هندو ماڻهو انهن کي ڌارا تيرٿ چوندا آهن.

مانجهندن جي  سامهون ٽڪريءَ تي شاهه اويس جو قبو آحي. جتي ماڻهو زيارت جي لاءِ ويندا آهن.

رنيءَ جو ڪوٽ_ سن  جي شهر کان ٽن چئن ڪوهن تي جبل ۾ آهي. اهو سنه 1812ع ڌاري مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان ٺهرايو هو. جو اتي پاڻيءَ جي واهي آهي. اهو انهيءَ لاءِ ٺهرايو ويو ته مشڪلات جي وقت انهيءَ ۾ وڃي پناهه وٺجي پاسي کان رنيءَ جي نئي ٿي وهي.

پير پٺو ٺٽي جي ڏکڻ ڏي ڇهن ڪوهن تي آهي  وڏي زيارتگاهه آهي. اتي مسجد ۽ عيدگاهه به آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اتي ڪنهن وقت ڪو وڏو شهر هو. جنهن کي مسلمان پير پٺو ٿا چون. تنهن کي هندو راجا گوپي چند ٿا چون. اهو پير شيخ سعديءَ جو همعصر چوڻ ۾ ٿو اچي. سندس وفات سنه 650 هجريءَ ۾ ٿي. ربيع الاول مهيني جي وچ  ڌاري اتي ميلو لڳندو آهي.

کير ٿر جبل_  ڪوٽڙي ۽ سوستان ۽ لاڙڪاڻي جي اُلهندي ڏي جبلن جي قطار. جا ڪوهستان ۾ داخل آهي. انهيءَ جي جدا جدا ڀاڱن جا نالا آهن. جيئن ته ڪڪريو. ڪارو ڏاڙهيارو وغيره. سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ ڏاڙهياري تي آهي. جا ڇهه هزار فوٽ مٿي آهي ۽ جتي ڪتي جي قبر آهي. پراڻا ڪوٽ به اتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جن کي ڪافر ڪوٽ سڏيندا آهن. ڏاڙهياري جبل جو بيان اسان ڌار هڪڙي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. اتي ڏسڻ گهرجي.

 پٻ جبل  ۾  واهيون آهن. جن تي انب ۽ انجير ۽ ڏاڙهون ۽ ڪيوڙا ۽ نارنگيون جهنگلي ٿيون ٿين. شاهه بلاول اولياءَ جو اتي عمدو مڪان آهي. انهيءَ جي نزديڪيءَ ۾ هڪڙو جبل جو صفو آهي. جنهن کي لاهوت ٿا چون. اوستائين پهچڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ماڻهو رسا ٻڌي اٽڪائي چڙهندا آهن. هڪڙي هنڌ ڇت ۾ ڳئن جي ٿڻن جهڙا پهڻ جا ڳوڙها آهن. جن مان چون ٿا ته اڳي کير وهندو هو ۽ هاڻي پاڻي ڦڙا ٿي ڪري ٿو ۽ اندر هڪڙو وڏو غار آهي، جو چون ٿا ته اندران ئي اندران عربستان يا حجاز تائين وڃيو نڪري ۽ اڳوڻا فقير انهيءَ رستي کان آيا ويا آهن. اتي هڪڙو تغاريءَ جي شڪل جو پهڻ به آهي. جنهن تي قديم وقت ۾ چاليهن فقيرن هڪڙو تر جو داڻو گٺو هو ته سڀني جو قوت انهيءَ مان پيدا ٿيو هو.

منگهو جبل يا طوق_ ڪراچيءَ کي ويجهو آهي. اتي حاجي منگهي جو قبو آهي. اهو شيخ بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ جو همعصر هو. ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن. گرم واهي ۽ سرد واهي جا چشما آهن. جن کي ڪشتيون ڪري سڏيندا آهن. هڪڙي کڏ ۾ تمام گهڻا واڳون آهن. جن مان سڀ کان وڏي کي مور صاحب سڏيندا آهن. هندو ماڻهو انهيءَ کي لالا جسراج ڪري سڏيندا آهن ۽ ان جي زيارت لاءِ ايندا آهن. اتي هڪڙي مسجد به آهي. اهو بزرگ انگريزي تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري اتي اچي رهيو هو ۽ وفات به اتي ڪيائين.

جهم پير ۽ جهرڪ_ جهم پير وٽ امير پير جو قبو آهي. جو هڪڙي ٽڪڙيءَ تي آهي. جتان سونهري ڍنڍ پيئي ڏسجي. پير جي سچي پچي قبر جبل جي هڪڙيءَ غار ۾ آهي، جتي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن ۽ هر سال ميڙو لڳندو آهي. خواجن جي پير هز هائينس آغا خان جو هڪڙو مڪان ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي، جو جڏهين آغا خان پهرين سنڌ ۾ آيو هو. تڏهين جهرڪن ۾ اچي رهيو هو. تنهن ڪري اڃا تائين خواجا اتي رهندا اچن. جهرڪن ۾ هڪڙيءَ ٽڪريءَ تي هڪڙو ڦٽل ڪوٽ آهي. جنهن  کي ڪافر ڪوٽ يا راجا ماجي راءِ جو ڪوٽ چوندا آهن. نزديڪيءَ ۾ ٻڌ ڌرم جو هڪڙو قديم ٺلهه به آهي.

ڪوهستان جا ٻيا ڪي ٽَڪَر آهن، جي ڪن وڏن شهرن کي ويجها آهن، تن جو بيان اُنهن شهرن جي بيان ڪندي ڏنو ويندو، جيئن ته مڪليءَ جو ٺٽي سان، گنجي ٽڪر جو حيدرآباد سان وغيره.

متفرقه ۽ مجمل احوال

چانڊڪي پرڳڻي ۾ يعني لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اڪثر چانڊيا بلوچ گهڻا آهن، جي قديم وقت کان اتي جا رهاڪو آهن. مگسين سان انهن جون جنگيون ٿينديون هيون، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ اهو پهاڪو ٿي ويو ته ”هي پاڻ ۾ چانڊيا مگسي آهن.“ سندن سردار ولي محمد چانڊيو هو، جنهن کانپوءِ سندس پٽ غيبي خان ٿيو. جيئن مگسين جو سردار وري قيصر خان هو ۽ هاڻي به آهي. انهيءَ چانڊئي سردار کي سرڪار مان وڏي جاگير مليل آهي ۽ انهيءَ سان گڏ نذراني ملڻ جو به حق آهي. سيوهڻ جي پاسي وري رند بلوچ به آهن. جن جو سرادر يار محمد خان هو ۽ جمالي بلوچ آهن. جن جو سردار حيات خان هو. انهن جون جاگيرون پشت به پشت قائم آهن. لغاري بلوچ ۽ کوسا بلوچ به گهڻا آهن. کوسا ته خاص ڪوهستان جي بند ويراهه واري پاسي آهن. لڪيءَ ۾ ته اصل کان سيد آهن. جن جو ذڪر مٿي آيو آهي. قلندر شهباز جو ڪنجيدار به انهن منجهان ٿيندو آيو آهي. ڪوٽڙيءَ ۾ ٿاڻي بولا خان واري ڪوهستان ۾ وري نومڙيا رهندا آهن. جن کي فارسيءَ ۾ نهمردي چوندا آهن. اهي سمن ۾ داخل آهن. انهن جي سردارن کي ملڪ چوندا آهن. پونين سردارن ۽ جاگيردارن مان ملڪ صوبدار خان ۽ ملڪ دودو خان آهن. جي ٻئي هاڻي مري ويا آهن.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org