سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :23

 

باب پنجون

 

سومرن ۽ سمن جي وقت جا بزرگ ۽ درويش

شيخ المشائخ حضرت بهاءُ الدين ذڪريا

شيخ المشائخ حضرت بهاءُ الدين ذڪريا تاريخ 27 رمضان المبارڪ سنه 566 هه (1170ع) ۾ ملتان جي نزديڪ هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ڪروڙ لعل عيسن ۾ تولد ٿيو هو، جڏهن سنڌ ۾ عمر پهريون سومرو حاڪم هو، تاريخ تحفة الڪرام، تاريخ تذڪره الڪرام ۾ هن بزرگ جي مائٽن جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعالى عنہ سان ملايو اٿن، مگر ”انوار غوثيه“ ڪتاب، جو ملتان جي موجوده سجاده نشين خانبهادر مخدوم حسن بخش صاحب تصنيف ڪيو آهي. تنهن سندن سان ثابت ڪيو آهي، ته هي بزرگ هاشمي هو، يعني سندن شجرو حضرت رسول اڪرم ﷺ جن جي پڙ ڏاڏي هاشم بن عبدمناف سان لڳايو اٿس.

حضرت ذڪريا جو والد صاحب شيخ محمد غوث(1) هڪڙو خدا پرست درويش هو ۽ دنيا جو سير ڪندي ڪندي جڏهن ملتان جي نزديڪ حضرت عيسى جيلاني جي ملاقات لاءِ ان جي ڳوٺ ۾ ويو، تڏهن ان پاڻ وٽ ترسائي وڌس ۽ پنهنجي نياڻيءَ سان شادي ڪرايائينس، جنهن مان ذڪريا پيدا ٿيو.

حضرت ذڪريا اڃا ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد وفات ڪئي، جڏهن هو وڏو ۽ سمجهه ڀريو ٿيو، تڏهن بخارا سمرقند ۽ ٻين شهرن جي عالمن ۽ درويشن جون صحبتون ڪندو وڃي بغداد کان نڪتو، اتي شيخ شهاب الدين سهروردي جو وڃي مريد ٿيو. ڳچ وقت اتي گذاري پوءِ حج ڪري وري جڏهن پنهنجي مرشد وٽ آيو، تڏهن ان حڪم ڏنس، ته ”وڃي ملتان ۾ رهه ۽ انهيءَ ملڪ کي روحانيت سان سيراب ڪر“.  تنهن ڪري وري اچي ملتان ۾ رهيو. پنهنجي سفر ۾ ان حضرت شيخ سيد عبدالقادر جيلاني (عليہ الرحمة) شيخ سعدي شيرازي شيخ حميد الدين ناگوري، جلال الدين تبريزي ۽ ٻين به گهڻن بزرگ درويشن سان صحبتون ڪيون هيون.

ملتان ۾ اچي رهڻ بعد شادي ڪيائين ۽ ست فرزند ٿيس، جن ۾ وڏو ۽ جاءِ نشين شيخ صدر الدين ٿيو.

ملتان ۾ اچڻ بعد شيخ ذڪريا جي فقيريءَ ۽ علميت جو ناماچار ملڪان ملڪ پکڙجي ويو ۽ لکين مسلمان خواهه هندو اچي سندس مريد ٿيا. شيخ فريد شڪر گنج سندس خاص صحبتي هو. مخدوم عثمان مروندي (قلندر شهباز رحمة الله عليہ)  جڏهن سنڌ ڏانهن ٿي آيو. تڏهن ملتان ۾ شيخ ذڪريا سان گهڻو وقت صحبت ۾ رهي، پوءِ سنڌ ۾ آيو هو. سيد جلال الدين بخاري، جنهن کي مخدوم جهانيان سڏيندا آهن. سو به شيخ ذڪريا جو مجلسي هو.

شيخ بهاءُ الدين ذڪريا، جيئن ته هندستان جي ٻين طرفن ڏي پنهنجا خليفا روحانيت جي تبليغ لاءِ موڪليا. تيئن سنڌ ڏي به پنهنجا خليفا موڪليائين، جن سنڌ ۾ ملتان کان وٺي ڪڇ جي رڻ تائين روحانيت جي تبليغ ڪئي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پهرين پهرين ”سهروردي طريقي“ جي فقيري پکڙجي وئي، پوءِ ٻيا طريقا سنڌ ۾ آيا. شيخ بهاءُ الدين ذڪريا کان پوءِ سندس جاءِ نشين به سنڌ ۾ پنهنجا خليفا موڪليندا آيا. شيخ بهاءُ الدين ذڪريا هڪ سؤ ورهين جي ڄمار ۾ رحلت ڪئي.

ملتان وارن صاحبن جو سنڌ ۾ پکڙيل اولاد

حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا جو اولاد غوث پوٽا قريشي پير سڏبا آهن.

(1) شيخ صوبدار شاهه مست

ملتان وارن بزرگن جي خاندان مان شيخ صوبدار شاهه مست، بدين تعلقي جي غوث پور ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جتي انهن ڏينهن ۾ سومرن جو زور هو. ڪيترائي ان بزرگ کان فيضياب ٿيا. سندس مقبرو به اتي آهي. شيخ صوبدار شاهه مست جي اولاد مان ڪي سنڌ مان لڏي ڪڇ ملڪ جي تاڙاپي ڳوٺ ۾ ويا، جتي انهن جون درگاهون اڄ تائين قائم آهن ۽ ڪي اڃا تائين بدين تعلقي ۾ پنهنجن وڏن جي مقبرن تي رهن ٿا ۽ پنهنجا مريد خادم اٿن.

(2) شاهه عبدالله

 شاهه عبدالله عرف ابن شاهه جنهن جي نالي ابن شاهه جا ٽڪر گوني تعلقه ۾ درياءَ جي ڪناري سان مشهور آهن، سو بزرگ به ملتان وارن بزرگن جي خاندان مان روحانيت جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو.

(3) شاهه عبدالصمد ملتاني

هن بزرگ جو مقبرو ڳوٺ ٻاول تعلقه ٽنڊوالهيار ۾ آهي.

(4) شاهه جلال الدين ابن شاهه علاءُ الدين ملتاني

هن بزرگ جو قبو مخدوم محمد حافط شاهه جي قبي جي نالي سان مشهور ڳوٺ نورائي تعلقه حيدرآباد سنڌ ۾ آهي، جتي ٻين قادري طريقي جي پير صاحب جون درگاهون به آهن.

(5) شاهه اسماعيل ملتاني

هي بزرگ مخدوم شهر الله ملتان جي سجاده نشينن جو فرزند هو. روحانيت جي تبليغ لاءِ ڳوٺ نوتيار تعلقه بدين ۾ اچي رهيو هو، پر وفات وري شال پرڳڻي ۾ وڃي ڪيائين. سندس مقبرو نئن بارڻ جي ڪپ تي آهي.

(6) مخدوم فاضل شاهه ڪلان ملتاني

هي بزرگ، مخدوم عماد الدين ملتان درگاهه جي سجاده نشين جي اولاد مان پنهنجي پاڪن ۽ هاٿين گهوڙن سان وڏو اٽالو وٺي پهريائين ڪشمور ۽ پوءِ ڳوٺ بڪيرا تعلقه ٽنڊوالهيار ۾ اچي ساڪن ٿيا هئا ۽ گهڻو روحاني فيض سنڌ ۾ اچي پکيڙيو هئائون. هن بزرگ جا ٻه فرزند هئا، جيڪي گذاري ويا هئا، تنهن ڪري پنهنجي عزيز مخدوم شهر الله ڪيبراڻي کي گهرائي پنهنجو جاءِ نشين ڪيو هئائون. اها بڪيرن واري گادي سنڌ ۾ غوث پوٽن پير صاحبن جي وڏي ۾ وڏي گادي ليکجي ٿي ۽ اڄ تائين پشت به پشت هلي اچي ٿي.

سنڌ ۾ پکڙيل غوث پوٽن پير صاحبن مان ڪن ٿورن بزرگن جا بيان مٿي ڏنا ويا آهن. حقيقت ڪري انهن پير صاحبن جو تعداد سنڌ ۾ گهڻو آهي.

ملتان وارن پير صاحبن جا سنڌ ۾ پکڙيل خليفا

ملتان وارن بزرگن جا ڪيترائي خدا رسيده سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن، جن مان ڪيترن جي مقبرن تي ته زبردست ميلا به لڳندا آهن. ڪن خليفن جا نالا ۽ مختصر احوال هيٺ ڏجن ٿا:

(1) مخدوم عبدالله

 جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان پٽ راجڪمار حضرت غوث بهاءُ الدين جي بيعت حاصل ڪري مسلمان ٿيو، جنهن کي روحاني فيض سان مالا مال ڪري پوءِ حڪم ڪيائون، ته ”سنڌ ۾ وڃي رهه ۽ روحانيت جي تبليغ وڃي ڪر“. پوءِ مخدوم عبدالله جي نالي سان پراڻن هالن ۾ اچي رهيو ۽ وڏو فيض بخش بزرگ ٿي گذريو آهي. هالن پراڻن وارا بزرگ ڀٽي انهيءَ مخدوم عبدالله جو اولاد آهن، جن ۾ خلافت جو درجو اڄ تائين پشت به پشت هليو اچي ٿو.

(2) مخدوم اسحاق ڀٽي

 هي هالن پراڻن جو ويٺل، مخدوم عبدالله جي اولاد مان هو. سندس ٻه فرزند مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد وڏا نامور درويش ٿي گذريا آهن. ”تحفة الڪرام“ ۾ لکيل آهي، ته هڪڙي زميندار ماڻهوءَ جو پٽ تمام بيمار هو. ان مخدوم احمد بن مخدوم اسحاق ۽ ٻين ڪن نيڪ انسانن کي دعوت ڏئي، پنهنجي گهر آندو. جڏهن مانيءَ جا ٿانوَ آڻي دعوتين جي اڳيان رکيائون، تڏهن مخدوم احمد هر هڪ ٿانو تي ٻه ٻه ماڻهو ويهاريا، باقي پاڻ اڪيلو رهجي ويو. پوءِ پنهنجي نوڪر بهره کي چيائين ته: ”ميزبان رئيس جي پٽ کي سڏي اچ ته مون سان اچي گڏجي کائي”. قضا را ماني وڌجڻ وقت ميزبان رئيس جو اهو بيمار ڇوڪرو رضا ڪري چڪو هو. پر ميزبان بزرگن جي اچي سهڙڻ ڪري اها ڳالهه لڪائي ڇڏي هئي. سو چوڻ لڳو، ته ”سائين! ڇوڪرو هينئر بي آرام آهي، تنهن ڪري ان کي ڇڏي ڏيو ۽ اوهين ويهي کائو“.  پر مخدوم احمد پنهنجي نوڪر کي موڪلي ڏنو. بهره اچي سڏ ڪيو ته ڇوڪرو اٿي مجلس ۾ هليو آيو ۽ اچي چيائين، ته ”منهنجو روح قبض ڪري چوٿين آسمان تي وٺي ويا هئا، پر مخدوم احمد صاحب مون کي اتان سڏي ورتو آهي.“

مخدوم احمد، سماع ڪرڻ وقت وجد ۽ جنون ۾ اچي ويندو هو. پڇاڙيءَ ۾ مخدوم احمد نيرون ڪوٽ ۾ هڪڙي سماع جي مجلس ۾ حاضر هو، اتي هڪڙي سوناري ڇوڪري سماع وقت اهڙو دردناڪ بيت آلاپيو، جو مخدوم صاحب ان جي اثر ڪري وجد ۾ اچي ويو ۽ سندس روح جو پکي جسم جي پڃري مان اڏامي ويو. سندس جنازو هالن پراڻن ۾ آڻي دفن ڪيائون. جنازي مان ساري واٽ ذڪر جو آواز پئي آيو. اهو واقعو سنه 830 هه جو آهي، جڏهن ڄام نندو سمو سنڌ جو حاڪم هو.

(3) مخدوم محمد

هيءَ مخدوم اسحاق ڀٽيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو. هي بزرگ جهڙو ظاهري علمن ۾ اڪابر هو، تهڙو باطني علمن ۾ به. هو سدائين سائلن جي مشڪل ڪشائيءِ لاءِ وقت جي حاڪمن وٽ ايندو ويندو هو. هڪڙي ڀيري ڪنهن سائل جي ڪم لاءِ ٺٽي ۾ ڄام نندي وٽ آيو. ڄام نندي چيس. ”مون کي اوهان جي ڀاءُ مخدوم احمد جي زيارت ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي، ان کي جيڪڏهن ڪنهن طرح مون وٽ آڻيو ته ڏاڍي مهرباني”. مخدوم محمد چيو، ته ”هو نڪا منهنجي پرواهه رکي ٿو نڪا اوهان جي.“ انهيءَ گفتگو منجهه هئا، ته مخدوم احمد اچي اتي ٺڪاءُ ڪيو. ڄام نندي نهايت خوشي ۽ صدق سان مخدوم احمد جي دست بوسي ڪئي ۽ جنهن ڪم لاءِ مخدوم محمد ويو هو، سو به بروقت پورو ڪري ڏنائين. اتي مخدوم احمد پنهنجي ڀاءُ  کي چيو، ته ”جيئن هينئر هت پهتو آهيان، تيئن هل ته هينئر ئي هالن هلي پهچون ۽ وچين نماز اتي هلي پڙهون“.  مخدوم محمد چيس، ته ”مون جيئن في سبيل الله هت اچڻ جي تڪليف ڪئي آهي، تيئن وري به ساڳي تڪليف سهي هالن پهچندس، باقي توهان وس وارا آهيو.“ (تحفة الڪرام جلد 3)

سنڌ جا هيٺيان اولياءَ  به جناب غوث بهاءُ الدين ذڪريا عليہ الرحمة ۽ ان جي جاءِ نشينن جا مقرر ڪيل خليفا هئا، جن سنڌ ۾ روحانيت جي تبليغ ڪئي هئي:

(1) ڄام صاحب

هن کي ڄام ڏاتار به ڪري سڏيندا آهن. سندن مقبرو ڳوٺ کڏڙي تعلقه سنجهورو جي نزديڪ آهي، سندس مقبري تي زبردست ساليانو ميلو لڳندو آهي. سندن متولي به ڄام سڏبا آهن، جيڪي وڏي پدوي وارا زميندار ۽ مريدن خادمن وارا آهن.

(2) سخي دادواهي

هن درويش کي به خلافت جو درجو مليل هو. سندس درگاهه دادواه جي ڪناري تي نوشهروفيروز تعلقه ۾ آهي.

(3) خليفو وهيون

هن بزرگ جو مقبرو نصرپور شهر ۾ آهي.

(4) درويش سيهڙو

هي بزرگ سيهڙو معرفاڻي جي نالي سان مشهور آهي. سندس مقبرو ٽنڊوالهيار جي ڀرسان آهي.

(5) مخدوم عبدالرحمان

هي بزرگ وڏو خليفو هو، پهريائين هندو ٺڪر هو، پوءِ ملتان جي صاحبن کان روحاني فيض مليس ۽ خلافت به مليس. هن بزرگ کي عام طرح رام جاڳو به سڏيندا آهن. سندس وڏو ساليانو ميلو ساماره شهر جي نزديڪ لڳندو آهي.

(6) پير پٿورو

هي بزرگ چون ٿا، ته اصل مينگهواڙ قوم مان هو، پر سندس اعتقاد ۽ صدق ملتاني بزرگن سان تمام گهڻو هو، تنهن ڪري اتان فيض به مليس ۽ خلافت به مليس. سندس مقبرو اسٽيشن اڪڙي تعلقه پٿوري کي ويجهو آهي. وڏو ساليانو ميلو لڳندو آهي. ميلي جي وقت درگاهه تي هزارن جي ليکي رجوعات ٿيندي آهي، جنهن جو خاص حصو بڪيرن وارن پير صاحبن کي ملندو آهي.

(7) شيخ عيسى

هي بزرگ ملتان وارن صاحبن جو خليفو هو. ڳوٺ شيخ پور نزديڪ لنواري تعلقه بدين ۾ سندس مقبرو آهي. لاڙ مان جڏهن به ملتان فقيرن جي ڪا جماعت ملتان شريف ويندي آهي يا اتان موٽندي آهي. تڏهن هن درويش جي مقبري جي زيارت ان کي ضرور ڪرڻي پوندي آهي.

(8) مخدوم نور الله عرف مخدوم نورنگ

هيءُ بزرگ ذات جو سومرو، وڏو عالم ۽ درويش ۽ ملتان وارن صاحبن جي پاران لاڙ لاءِ خليفو مقرر ٿيل هو. سندس مقبرو ڳوٺ ٽنڊو غلام حيدر تعلقه گوني ۾ آهي. ان جو اولاد نورنگ زادا سڏائيندا آهن.


(1)  تحفة الڪرام ۾ شخ محمد غوث جي بدران شيخ ابو محمد بن شيخ ابراهيم لکيل آهي (جلد 3 صفحه 118) چچنامه به ان جو نقل ڪيو آهي (جلد 2 صفحه 287) مگر تزڪرة الڪرام ۾ حضرت ذڪريا جي والد جو نالو قطب الدين محمد بن ڪمال الدين قريشي لکيل آهي. (صفحه 459)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org