سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: خيرپور رياست

 

صفحو ؛ 9

قصيده مرحبائيه

 

اسان جو شل ھجي ايڊورڊ شھنشاهه سوڀارو

زياده ھوئي سندس شل عمر ۽ اقبال موچارو

رکي ٿو خلق کي سو خوش، رعيت کي سدا راضي

رھي ٿو نت غريبن ۽ اٻوجھن تي سو ٻاجھارو

آھي ھر قوم کي آزادگي ھر قسم جي حاصل،

ڪنهن کي ناھي ڪنهن پر مذھب ۽ ملت جو مونجھارو

ٿيو. علم ۽ ھنر، خواه مال ۽ دولت ۾ واڌارو

اگرچه ڪي ويا ڪن  کان وڌي عملي فضيلت ۾

نه آھي پاسداري ڪا، نه ٿيو نه ڪو  ڪنهن تي ريسارو

ڏسي ھي عدل ٿيا عادل رياست جا سڀئي والي

ھلائي حڪم حڪمت سان وسايو ملڪ تن سارو

الھيٰ اھڙي شھنشاهه کي قائم رکج دائم

سدا شل ھند تي  چمڪي سندس اقبال جو تارو

بجا لک شڪر آڻيون ٿا لمنگٽن لارڊ صاحب جا

بهادر جو گورنر بمبئي جو آھي ناميارو

۽ ليڊي صاحبه جا پڻ اسين ممنون سڀ آھيون

جو آيو خيرپور ۾ پڻ سندن تشريف جو وارو

اپر احسان پڻ ڪيا ڪمشنر صاحب بعمه مڊم

۽ پڻ  پوليٽيڪل ايجنٽ، جو ھت آھي ھاڪارو

خدا يا رک سدائين تون اھي صاحب اسان جو خوش

ڪرم ۽ لطف تنهنجي جو ڍري شل تن مٿي ڍارو

ڏسون سک سھسين شل صاحب گورنر جي حڪومت ۾

ٿئي شل بيڪسن جو ڪس ۽ بيچارن سندسن چارو

رھي پڻ مير سر فيض محمد خان سلامت شل

جنهن تي اصل کان آھي اسان سڀني جو نت آرو

رياست جو آھي والي، سندس درجو آھي عالي

ھميشه خيرپور ۾ جنهن جي نالي نر ھڻن نارو

سڌارا ٿيا اتي بيحد، ھي يارھن سال جي گذريا

وڌيو ڏيڍوڻو آدم ۽ ٿيو ٻيڻو  ٻني ٻارو

جڙيا رستا پليون مڪتب ڌرم سالا شفا خانا

وري ٿيا واھ جاري، جر وھي ٿو جن مان ٿو جلارو

الھيٰ عمر خضري ڏي اسان جي مير صاحب کي

رھي شل آل ۽ اولاد سان خوش سو وڙن وارو

اسان جون ھي مرادون شال سڀ پوريون ڪري پرور

دعا لاءِ سڀ  خدا ڏي ھٿ کڻو يڪجا اوھين يارو


 

باب سورهون

سر مير امام بخش خان جي حڪومت

 

مرحوم مير فيض محمد خان جي وفات تي سندس پٽ مير امام بخش خان تاريخ 6 مارچ 1909ع جي گادي تي ويٺو، مگر جولاءِ جي پھرين تاريخ باقاعدي رياست جو والي مقرر ٿيو. سندس وزير شيخ صادق علي صاحب رھيو، جو اڳ ۾ ئي سندس والد جو وزير ھو. انهيءَ مٿين تاريخ تي ھڪڙي عاليشان دربار ٿي ۽ ھڪڙو جلسو ڪيو ويو، جنهن لاءِ ٻه لک روپيا منظور ٿيا ۽ ٻه ھزار رپيا خيرات جي ماني کارائڻ ۾ لڳا جا وڏي بندوبست سان ڪئي وئي، جھڙو سکرن کي تهڙو غريبن مسڪينن کي کارائي ويئي، جيڪو نئون بنگلو چئن سالن کان  ٺھيو پيو ھو تنهن ۾ اھا دربار ٿي. پير ۽ مير ۽ ٻيا ڪيترا وڏا ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. بلڪ حيدرآباد جو مير صاحب ھز ھائينس مير نور محمد خان به آيو پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب ۽ ٻيا يورپين صاحب حاضر ھئا، انهن جي روبرو پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر لارينس صاحب ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بهادر جو لفافو کولي انهيءَ جو پيغام پڙھي ٻڌايو. اھا تقرير مير صاحب کي مخاطب ٿي ڪيائين ۽ جيئن ته انهيءَ ۾ گذريل تازن سڌارن جو اشارو  ھو، تنهن ڪري انهيءَ جو ترجمو ھيٺ ڏجي ٿو.

ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بهادر جو خط منهنجي حوالي ڪيو ويو آھي، سو آئون ھتي اوھان جي روبرو کوليان ٿو ۽ پڙھان ٿو، انهيءَ کان سواءِ ڪمشنر صاحب جو پيغام به اوھان کي ڏيان ٿو ۽ ھيٺيان لفظ چوڻ پنهنجي لاءِ فخر ٿو سمجھان ته اوھين رياست جي گادي تي پڪي عمر ۾ ويٺا آھيو. ھي رياست روزبروز سڌرندي ٿي وڃي. گذريل چوڏھن ورھين ۾ جيڪي سڌارا ٿيا آھن سي اوھان جي والد جي وقت ۾ ٿيا آھن. اھي اوھان چڱي طرح ڏٺا آھن، انهيءَ جي وقت ۾ باقاعدگي ڪورٽون جاري ٿيون آھن جن مان رعيت جو انصاف ٿئي ٿو. تعليم پکڙي ويئي آھي. ھز ھائينس مير فيض محمد خان صاحب انگريزي تعليم جو ھڪڙو خاص مربي ھو ۽ سندس  سخاوت نه فقط سنڌ تائين محدود ھئي پر ھندستان ۾ علي ڳڙهه ڪاليج تائين پھتل ھئي. سڙڪن ۽ ٻين عمارتي ڪمن تي، خاص واھن تي گھڻو ڌيان ڏنو ويو. چڱا ۽ وڏا واهه ڪڍيا ويا ۽  مير صاحب مرحوم جون خاص شڪار گاھون  آبادي جي لاءِ ماڻھن کي ڏنيون ويون، جنهن جو نتيجو  اھو ٿيو جو جتي سوئر ۽ ڦاڙھا پيا ڏسبا ھئا.اتي ھاڻي ايماندار آبادگارن جا ڳوٺ پيا ڏسجن. سڌاري جو نتيجو ملڪ جي مالي حالت مان معلوم ٿي سگھي ٿو. پيدائش اٽڪل پنجن لکن مان وڌي  پندرھن لکن تي پھتي آھي ۽ اٽڪل ڏهه لک رپيا خزاني ۾ بچت رکيل آھن. ڪئمل ڪورس يا اٺن جو لشڪر جاري ڪيو ويو آھي. اھو رسالو بلڪل ڪامل نموني جو آھي. رياست ۾ پوک صرف ھڪڙي موسم ۾ ٿئي ٿي. مگر درياءُ مان سکر واهه ڪڍڻو آھي. اھو سدا واهه ٿي ٻارنهن ئي مھينا پاڻي پھچائيندو. اميد آھي ته اوھين انهيءَ سڌاري جي ڪم ۾ ضرور مدد ڪندؤ ۽ اوھان جي رعيت کي ھميشھ لاءِ پاڻي جو فائدو حاصل ٿيندو. انهيءَ ڪري رياست جي حيثيت به زياده ٿيڻ جي اميد آھي. گذريل سالن ۾ رياست منجهه جيڪو سڌارو ٿيو آھي سو نه فقط ھز ھائينس مرحوم جي دور انديشي کان ٿيو آھي، پر مدبر وزيرن خان بهادر قادر خان سي. آءِ. اي سردار محمد يعقوب  خان سي. آءِ اي ۽ خان  صاحب شيخ صادق علي صاحب جي حسن خدمتي جي ڪري ٿيو آھي. ھاڻي اميد آھي ته جھڙي طرح اوھان جي والد بزرگوار پنهنجي وڏي عمر تندرستيءَ ۾ گذاري، تهڙيءَ طرح خدا ڪري اوھين به امن امان ۾ گذاريو ۽ حڪومت ڪريو.

تنهن تي مير صاحب اٿي شڪريو ادا ڪيو ۽ ڏنل صلاح موجب حڪومت ڪرڻ جو انجام ڪيائين ۽ جيڪي سڌارا ٿيا ھئا تن کي قائم رکڻ ۽ وڌائڻ جي اميد ڏنائين ۽ پنج ھزار رپيا شڪارپور جي خانگي ھاءِ اسڪول ھوپ فل اڪيڊمي جي عمارت لاءِ ڏيڻا ڪيائين ۽ ٻه ھزار رپيا ساليانو لاڙڪاڻي جي مدرسته السلام کي ڏيڻا ڪيائين ۽ نئين واهه جي ڪڍڻ ۾ به خرچ جو حصو ڏيڻو ڪيائين ۽ پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي رعيت کي اتفاق سان رھڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين ۽ خدا کان  دعا گھريائين ۽ شھنشاهه ايڊورڊ ستين سان ھميشھ وفادار رھڻ جي خواھش ڏيکاريائون. سن 1909ع ۾ ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بهادر بمبئي جو خيرپور ۾ اچڻو ھو  مگر مير صاحب وڏي جي وفات ڪرڻ ڪري ملاقات مھمل ڪئي ويئي ۽ خيرپور  ريلوي اسٽيسن تي صاحبزادي ولي عھد وڃي ساڻس ملاقات ڪئي. ساڳي ئي سال ۾ ھز ايڪسيلينسي وائسراءِ صاحب بهادر بمبئي ۾ آيو، اتي مير صاحب وڃي ساڻس ملاقات ڪئي.

سن 1911ع ۾ وري ھز ايڪسيلنسي وائسراءِ صاحب بهادر ڪراچي ۾  آيو، اتي مير صاحب وڃي ساڻس ملاقات ڪئي.

سن 1912ع ۾ دھلي جي دربار ٿي، جنهن تي ھز ھائينس مير صاحب جو وڃڻ ٿيو ۽ بادشاهه سلامت پاڻ اتي تشريف فرما ٿيو ھو. سندس وزير شيخ صادق علي صاحب  ساڻس گڏ ھيو. انهيءَ درٻار جو عجيب نظارو ھو، جنهن ماڻھو اھا دربار ۽ جلسو ڏٺو ھوندو، تنهن کان اھو ھرگز نه وسرندو، دنيا جي سڀ ڪنهن ڀاڱي جا ماڻھو انهيءَ موقعي تي اتي آيل ھئا. يورپ، ايشيا، آفريڪا، آمريڪا، ۽ آسٽريليا جا رھندڙ اتي ڏسڻ ۾ پئي آيا. خاص درٻار ۾ ڪرسي نشينن لاءِ ٻارنهن ھزار جايون ھيون، تنهن کان سواءِ ھيٺ ويھڻ لاءِ به پنجھتر ھزار ٽڪيٽ ماڻھن جي وھڻ لاءِ جاري ٿيل ھئا. انهيءَ درٻار ۾ ھزھائنيس مير صاحب کي سي . آءِ. اي جو خطاب مليو،  ٻلو ۽ ھار بادشاهه سلامت پاڻ پنهنجن ھٿن سان ھز ھائينس کي پارايو. ڪئمپ جو انتظام تمام عمدو رکيل ھو. سنڌ جا گھڻا معزز ماڻھو، رياست خيرپور جا مھمان اچي ٿيا  ھئا جو انهيءَ وقت دھلي ۾ ماڻھن کي آرام جي جاءِ ملڻ مشڪل ھئي.

انهيءَ ساڳي سال 1912 ۾ جي اپريل مھيني جي 19 تاريخ شيخ صادق وزير صاحب لاھور ۾ وفات ڪئي، جو بيماريءَ جي علاج لاءِ اوڏانهن ويل ھو سندس لاش پوءِ اتان کڻائي شڪارپور آندو ويو ۽ اتي دفن ڪيو ويو. خالي ٿيل وزارت جي جاءِ لاءِ گھڻيون ئي درخواستون ٿيون. آخرڪار سردار محمد يعقوب جي ننڍي ڀاءُ ميان محمد ابراھيم صاحب کي وزير مقرر ڪيائون، جو تڏھن ضلع سرحد سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ھو. انهيءَ 22 تاريخ مئي جي وزيري جي  چارج ورتي. ھو پنهنجي ڀاءُ واري اصول تي ھلڻ ۽ سڌاري جي ڪمن ۾ مشغول ٿيڻ لڳو.

1913ع ۾ ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بمبئي، خيرپور ۾ آيو ۽ مير صاحب ساڻس ملاقات ڪئي.

1914 ۾ به وري جناب گورنر صاحب بمبئي جو خيرپور ۾ آيو ۽ مير صاحب جي ساڻس ملاقات ٿي. انهيءَ سال ۾ انگريز سرڪار جي ٻين ڪن بادشاھن سان گڏ جرمنيءَ سان وڏي جنگ شروع ٿي. انهيءَ ۾  ھز ھائينس مير صاحب ا انگريز سرڪار کي ھيٺين مدد ڏني.

1915ع ۾ رياست مان جنگ جي ڪم لاءِ (340822 رپيا) ھوائي جھاز جي لاءِ ڏنا، جنهن جو نالو خيرپور رکيو  ويو ھو ۽ ھزار رپيا ٻيا سپاھين جي حقن ۽ تماڪ لاءِ ڏنا ويا.

1916ع ۾ ڏهه ھزار ٻه سئو رپيا جنگ جي مدد واري فنڊ ۾ ھڪ ھڪ ھزار لارڊ ڪچنر جي يادگيري قائم ڪرڻ واري فنڊ ۾ ڏنا ويا.

1917 ع ۾ پھرئين جنگ جي  قرض ۾ (.-12- 651365 رپيا) ڏنا ويا ۽ پنج ھزار رپيا زخمي سپاھين جي ڪم لاءِ ڏنا ويا.

1918ع ۾ ٻيءَ جنگ جي قرض ۾ (455236 رپيا) ڏنا ويا ۽ ست ھزار رپيا ٻيا سپاھين جي ٻارن جي تعليم لاءِ ڏنا ويا. انهيءَ جنگ جي مدد جي نظر تي انهيءَ سال ۾ سرڪار ھز ھائينس مير صاحب کي ڪرنل جو مليٽري خطاب عطا ڪيو ۽ سندس پٽ مير غلام علي کي ليفٽيننٽ ڪيو، جو اھو اتي  ولايت ۾ تعليم لاءِ ويل ھو ۽ اتان وڃي جنگ جي ڪم ۾ شامل ٿيو.

1919ع ۾ وري به ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بمبئي جو خيرپور ۾ آيو ۽ مير صاحب جي ساڻس ملاقات ٿي ھن سال ۾ خيرپور ۾ آل انڊيا محمد ايڊويوڪيشنل ڪانفرنس گڏ ٿي. ھڪڙو وڏو عمدو مانڊئو جوڙايو ھو. پري پري جا ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. ميان محمد ابراھيم وزير صاحب  نهايت عمدو بندوبست رکيو ھو.

1920ع ۾ ڪمشنر صاحب بهادر ھڪڙو ڀيرو ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ ھڪڙو ڀيرو خيرپور ۾ آيا. انهيءَ سال ۾ مير صاحب ۽ وزير صاحب جي ڪن ڳالھين تي ناسازي پيدا ٿي، جنهن ڪري ميان محمد ابراھيم وزيري ڇڏي 15 تاريخ جولائي جي موڪل تي ويو ۽ سندس جاءِ تي بمبئي مان شيخ قادر صاحب آيو. ساڳئي وقت ۾ جھوني نائب وزير گل حسن خان به استعيفا ڏني ۽ سندس جاءِ تي شيخ شير علي ولد صادق علي نائب وزير ٿيو. ساڳئي سال جي آگسٽ مھيني ۾ مير صاحب بمع ديره سيوھڻ ۾ قلندر شھباز جي درگاهه تي زيارت لاءِ ويا.نومبر مھيني ۾ ڪمشنر صاحب بهادر جي ملاقات لاءِ ڪراچي ويا. انهيءَ سال مئي مھيني ۾ صاحبزادو ولي عھد خان صاحب  جي ٿوري عرصي کان پنهنجي والد  کان رنج ٿي دھلي جي پاسي ويل ھو سو موٽي پنهنجي والد سان پرتو ۽ خيرپور آيو.

1921ع جي جنوري جي پھرين تاريخ مڪاني سلاميءَ لاءِ ٻه توبون وڌيڪ ھميشھ لاءِ موروثي طرح سرڪار مان مليون ۽ فيبروري مھيني جي 8 تاريخ مير سر امام بخش خان خيرپور ۾ وفات ڪئي. ڪيترن ڏينهن کان ضعيف ۽ پيٽ جي خلل کان بيمار رھيو آخر مٿين تاريخ وفات ڪيائين. خبر ملڻ تي پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب اچي حاضر ٿييا. سندس لاش امانت طور قادر بخش جي قبن واري مقام ۾ رکي ويئي ۽ سترھن توبون دستور موجب ڇوڙيون ويون، ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ سندس لاش وصيت موجب ڪربلا ۾ دفن ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليو ويو. انهيءَ سان گڏ مير فيض محمد خان جو لاش به اوڏانهن موڪليو ويو. گھڻن نوابن ۽ راجائن ۽ سرڪاري آفيسرن کان معذرت جون تارون پھتيون. دستور موجب پنج ڏينهن ماتم جو پٿر رھيو ۽ سنڌ جا مير،  پير، زميندار ۽ ٻيا وڏا ماڻھو اچي گڏ ٿيا. 13 تاريخ فيبروري جي سڀني جي آڏو صاحبزادي ولي عھد مير علي نواز خان کي پڳ ٻڌايائون ۽ دستار بندي جي رسم ادا ڪئي وئي ۽ سگھو ئي پوءِ فيض محل ۾ مير صاحب جي مسند نشيني جي رسم ادا ڪئي ويئي. جا پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر مانٽگامري حاضر ٿي ڪئي. ھن پنهنجي  تقرير ۾ چيو ته ”صاحبزادو، معزز صاحبو، اڄ آئون دل جي خوشيءَ سان پنهنجو ھڪڙو فرض ٿو ادا ڪريان. ٽيو ڏينهن جڏھن آئون ھتي خيرپور ۾ آيو ھئس تڏھن منهنجي حالت خوشيءَ جي نه ھئي جو سڀئي مير صاحب مرحوم جي ماتم ۾ ھئا، جنهن ٻارھن ورھين رياست تي حڪومت ڪئي. ھو اھڙو چڱي دل وارو ۽ سچو ماڻھو ھو جو سڀ دوست ته منجھانئس خوش ھئا پر سندس دشمن به ساڻس پرچي ويا ھئا ھن وقت آئون ٻيو ڪجهه چئي نٿو سگھان، صرف بمبئي جي سرڪار جي طرفان ۽ انڊيا سرڪار جي به اميد منظوري مرحوم مير صاحب جي ولي عھد کي سندس گادي تي وھارڻ  آيو آھيان. سر مير امام بخش خان پاڻ پنهنجي والد جي مرضيءَ جي برخلاف گادي تي ويٺو ھو ۽ وڏي عمر جو ھو ۽ سڀني کي سندس نسبت ۾ فڪر ۽  ڳڻتي ھئي، پر پوءِ سگھو ئي ھن اھڙي ھلت ڪئي سڀ منجھانس راضي ۽ خوش ٿيا.“

”مير علي نواز خان پور جوانيءَ ۾ پنهنجي والد مرحوم جو جاءِ نشين ٿئي ٿو، جنهن لاءِ سندس والد اڳي ئي راضي ٿي منظوري ڏني ھئي. ھن کي ھاڻوڪي تعليم چڱي مليل آھي ۽ سندس ڀائر، سوٽ ۽ ٻيا صاحبزادا سڀ سندس دوست ۽ خير خواهه آھن. آئون گھڻي خوشيءَ سان کيس دعا ٿو ڪريان ته ھن وڏي درجي تي اچڻ ڪري رياست کي خوش نصيبي حاصل ٿئي ۽ مون کي يقين  آھي ته انهن کي منجھانس گھڻو فائدو حاصل ٿيندو. آئون وڏي سرڪار جي به اميد منظوري کيس سندس بزرگن جي گاديءَ تي وھاريان ٿو. ”پوءِ ھز ھائينس جي مسند نشينيءَ جي پڌرائي لاءِ سترھن توبون ڇوڙيون ويون.

تنهن کان پوءِ مجلس برخاست ٿي ۽ مير صاحب رياست جو والي ٿي حڪومت جو ڪم ڪار شروع ڪيو.

 

باب سترهون

هزهائينس مير علي نواز خان جي مسند نشيني ۽ سندس حڪومت جو شروع ٿيڻ

 

ھز ھائينس مير علي نواز خان، خيرپور جو ھاڻوڪو والي 13 تاريخ فيبروري 1221ع ۾ پنهنجي والد مير سر امام بخش خان جي وفات تي سندس جاءِ نشين ٿيو، جيئن مٿي چيو ويو. ساڳئي سال جي جون مھيني جي 24 تاريخ مسند نشيني جي رسم سرڪاري طور دستور موجب ادا ڪئي وئي، انهيءَ ڪم لاءِ پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر پوپ خيرپور ۾ آيو. ھڪڙي وڏي درٻار ڪئي وئي انهيءَ لاءِ ته انهيءَ ۾ سڀني جي اڳيان ھز ايڪسيلينسي وائسراءِ جو خريطو مير صاحب کي ڏنو ويو، جنهن ۾ ھز مئجسٽي شھنشاهه مير صاحب کي سندس والد جي جاءِ تي مسند نشين مقرر ڪيو ھو. انهيءَ ڏينهن صبح جو نائين وڳي ھز  ھائينس مير صاحب چئن گھوڙن واري شاھي گاڏيءَ ۾ چڙھي پنهنجي باڊي گارڊ سميت محلات ۾ آيو.

وزير صاحب  ۽ ٻه صاحبزادا ساڻس گڏ ھئا. پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر پوپ سکر جي پوليس سپرنٽينڊنٽ سان گڏ سگھو ئي پوءِ آيو. جڏھن سڀ ويھي ويا تڏھن وزير صاحب ھز ھائينس جي اجازت سان اٿي ظاھر ڪيو ته درٻار کلي ٿي ۽ ڪار گذاري شروع ٿئي ٿي، تنهن تي پوليٽيڪل ايجنٽ ھز ايڪسيلينسي وائسراءِ جو خريطو ڪڍي پڙھيو، جنهن ۾ ھيئن لکيل ھو:

بطرف ھز ھائينس مير علي نواز خان ٽالپر والي خيرپور

منهنجا معزز دوست، اوھان جي والد ھز ھائينس مرحوم مير امام بخش خان جي وفات جي درد انگيز خبر بمبئي جي سرڪار اڳوڻي وائسراءِ لارڊ چيلمسفرڊ کي ڏني، جنهن بمبئي سرڪار ڏي لکيو ته سندس طرفان مرحوم مير صاحب جي ڪٽنب سان معذرت ڪري انگريز سرڪار کي گھڻو افسوسس آھي ته اوھان جي والد جي وفات ڪري ان کان  ھڪڙو نهايت وفادار دوست ھليو يو آھي ۽ ھن ڏک جھڙي موقعي تي آئون پنهنجو غم ۽ ارمان سان اوھان جي والد جي ڪٽنب جي ٻين ڀاتين سان سچي ھمدردي ظاھر ٿو ڪريان. انهيءَ کان پوءِ آئون خوشي سان اوھان کي اطلاع ٿو ڪريان ته ھزيمپيريل مئجسٽي بادشاهه ھندستان جي شھنشاهه مھرباني ڪري اوھان کي رياست خيرپور جي مسند تي مرحوم مير جو جانشين مقرر ڪيو آھي ۽ انهيءَ لاءِ پنهنجي دل و جان سان اوھان کي مبارڪون ٿو ڏيان. آئون ڏاڍي خيال سان سماءَ پيو رکندس ته اوھين ڪيئن حڪومت ٿا ھلايو ۽ اميد ٿو رکان ته اوھين گھڻي مدت تائين پنهنجي رياست جا والي ٿي رھندو، جيڪي ماڻھو اوھان جي سنڀال ھيٺ ڏنا ويا آھن، تن کي اھڙو فائدو پھچائيندو جو انهيءَ جي زبان مان اوھان جي تعريف ۽ تحسين نڪرندي. اوھان جو سچو دوست ريڊنگ انڊيا جو وائسراءِ ۽ گورنر جنرل.

جڏھن خريطي پڙھڻ کان پوءِ  ھو ھز ھائينس کي ڏنو ويو، تڏھن 17 توبون سلامي لاءِ ڇٽيون، جنهن مان سڀني کي معلوم ٿيو ته ھز ھائينس  خيرپور جي مسند تي ويٺو. تنهن کان  پوءِ پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جو فارسي مراسلو ڪڍي انهيءَ جو انگريزي ۾ ترجمو پڙھيو، جنهن جو مضمون ھي ھو.

منهنجا دوست ھزامپيريل مئجسٽي بادشاهه انڊيا جي شھنشاهه مھرباني ڪري اوھان کي رياست خيرپور جو مسند نشين ڪيو آھي. تاريخ 25 جون 1921ع جي ھز ايڪسيلنسي انڊيا جي وائسراءِ گورنر جنرل جو خريطو انهيءَ ڳالهه کي ظاھر ڪرڻ لاءِ پوليٽيڪل ايجنٽ درٻار ۾ اوھان کي ڏيندو. اھڙي موقعي تي آئون اوھان کي دلي مبارڪ ٿو ڏيان ۽ اميد ٿو رکان ته اھو موقعو خيرپور رياست جي لاءِ توڙي اوھان جي لاءِ سڀاڳو ٿيندو اوھين اھڙي شخص ۽ والي جا جانشين ٿا ٿيو، جنهن پنهنجي اعليٰ قسم جي چال ۽ ھلت ۽ عقل وري حڪومت ۾ انگريزن سرڪار سان وفاداري ۽ مددگار جي ڪري رياست خيرپور جو درجو ۽ انهيءَ جو ناموس گھڻي قدر وڌايو ھئو. اھڙي جھوني ۽ ڪمائتي دوست جي بيوقت گذاري وڃڻ ڪري مون کي گھڻو افسوس ٿيو آھي. اوھين حڪومت جي ڪم ۾ تازا داخل ٿا ٿيو، جنهن لاءِ  اوھان جي تعليم ۽ ٻاھرين دنيا جي واقفيت گھڻي قدر اوھان جي فائدي ۾  آھي، جي ڳالھيون اوھان جي والد ۾ نه ھيون،تنهن ڪري آئون اڳواٽ اميد رکي سگھان ٿو ته اوھان جي حڪومت رياست خيرپور ۽ ان جي ماڻھن لاءِ خاص طرح سڀاڳي ۽ مفيد ٿيندي. مون کي خبر آھي ته اوھان جا خيال اعليٰ آھن ۽ اوھان جي مشھور وڏن بزرگن جو جيڪو ڪم اوھان کي مليو آھي، تنهنجي پوري طرح سان ادا ڪرڻ لاءِ اوھين سچي دل سان  خواھشمند آھيو، تنهن ڪري مون کي قوي اميد آھي ته خدا تعاليٰ جي مدد سان اوھان جي حڪومت نه فقط اوھان جي قديم ٽالپرن جي خاندان جي ناموس قائم رکندي ايندي، پر ھاڻوڪي زماني جي سڌاري جي نظر تي رياست جي حالت اڳي کان بهتر ٿيندي ۽ ان جي پيدائش به زيادھ ٿيندي ۽ ماڻھن جو سک به اڳي کان وڌيڪ بهتر ٿيندو، پڇاڙيءَ ۾ آئون دعا ٿو ڪريان ته شل اوھين گھڻي وقت خيرپور جي حڪومت ھلايو ۽ حياتي خوش گذاريو. اوھان کي خاطري ٿو ڏيان ته آئون ھميشھ اوھان  جو دوست ۽ مددگار ٿي رھندس. ههڙي سڳوري وقت آئون دل جان سان اوھان کي مبارڪباد ڏيڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته اوھان جي حياتي وڏي ٿيندي ۽ اوھين چڱا ڀلا رھندؤ  ۽ اوھان جو ملڪ اھان جي حڪم ھيٺ خوش ۽ سکيو گذاريندو. تنهن کان پوءِ پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب ھيٺين تقرير ڪئي: - يوئر ھائينس، اوھين رياست خيرپور جي مسند تي اھڙي وقت ٿا ويھو، جڏھن تاريخ ۾ نهايت وڏي جنگ پوري ٿي ويئي آھي. اھڙي جنگ جنهن ۾ دنيا جون سڀئي قومون شامل آھن ۽ جنهن جي ڪري تمام وڏيون قومي ۽ ڪفايتي ڦيريون گھيريون ٿيون آھن، جنهن جو اثر ٿورو يا گھڻو سڀني قومن تي ٿيو آھي. آئون خوشي سان ظاھر ٿو ڪريان ته انهيءَ جنگ ۾ رياست خيرپور جيڪو حصو ورتو آھي سو سندس گذريل ل نالي ناموس جو ھر طرح لائق آھي. خيرپور جي امپيريل مائونٽيڊ سروس رئفلس ۽ ڪئمل  ٽرانسپورٽ برٽش اڀرندي آفريڪا، مصر ۽ ھندستان جي اتر الھندي سرحدن تي جيڪو تعريف جھڙو ڪم ڪيو، توڙي جيڪا اتان پيسي جي مدد ڏني، تنهنجي ڪري اوھان جو والد مرحوم ھز ھائينس مير سر امام بخش خان ٽالپر جي امپيريل مئجسٽي ھندستانجي شھنشاهه ڏانهن پنهنجي سچي وفادار جي پوري ثابتي ٿي ملي. مون کي پڪي اميد آھي ته اوھين انهيءَ عمدي مثال تي ھلندو. مٿي مون چيو ته انهيءَ وڏي جنگ جي پٺيان سڀني سڌريل قومن ۾ ٿوريون يا گھڻيون قومي يا ڪفايتي ڦيريون گھيريون ٿيون آھن. ھاڻوڪي زماني جي حڪومت ۾ سڀني کاتن جي سرڪاري ڪمن جو خرچ وڌي ويو آھي. انهيءَ جي پورائي ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته رياست جي پيدائش جي اپائن جي سنڀال ۽ ڪفايتي بندوبست ڪرڻ گھرجي ۽ اتي جي رھندڙن  جي سک ۽ آسائش جي نهايت گھڻي ڳڻتي رکڻ گھرجي. مون کي اميد آھي ته اوھان جي سڌريل حڪومت ھيٺ خيرپور جي رياست درجي بدر جي ترقي ڪندي رھندي. خوشيءَ جي ڳالهه آھي ته سکر واري وڏي واهه جي رٿ جا جلد پوري ٿيڻي آھي. سا رياست کي تمام گھڻو فائدو پھچائيندي ۽ انهيءَ جي پيدائش وڌائيندي ۽ ماڻھن جي حالت ان جي ڪري بهتر ٿيندي. جيڪي ھاڻي تازو ئي گذريو آھي يا جيڪي جلد ٿيڻو آھي، تنهن تي نظر ڪجي ٿي ته خيرپور جي ماڻھن کي اوھان جي حڪومت ھيٺ سک ۽ خوشيءَ لاءِ گھڻي اميد ٿي ڏسجي. آئون  دعا ٿو ڪريان ته شال اوھين گھڻي مدت تائين رياست جو ڪم ڏاھپ ۽ تجويز سان ھلايو، جنهن ڪري اوھان  جي رعيت اوھان جي احسانمند رھي ۽ اوھان کي پيار ڪري.“

تنهن کان پوءِ ھز ھائينس مير صاحب ورندي ۾ ھيءَ تقرير ڪئي: -

”منهنجا دوست، آئون اوھان جو گھڻو شڪر گذار آھيان جو اوھان ھر ايڪسيلنسي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل آف انڊيا جو خريطو ۽ ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جو مراسلو مون کي ڏنو آھي، جن ۾ اھا خوش خبري آھي ته ھر امپيريل مئجسٽي بادشاهه ۽ انڊيا جي شھنشاهه مھرباني ڪري مون کي رياست خيرپور جي مسند تي پنهنجي والد جي جاءِ تي ويھاريو آھي، ۽ اسان جي خاندان جي عزت ۽ قدرداني بابت ۽ منهنجي والد مرحوم جي نسبت ۾ جيڪي ھنن چيو آھي ته تنهن جو منهنجي دل تي گھڻو اثر ٿيو آھي، جيڪي دلي مبارڪون اوھان مون کي ڏنيون آھن ۽ جيڪي دعائون اوھان مون کي ڪيون آھن، تن جي لاءِ آئون احسانمند آھيان. مون کي انهيءَ ڳالهه  تي فخر آھي ته منهنجن بزرگن انگريز سرڪار جي چڱي خدمتگذاري ڪئي ۽ ھندستان جي ٻين رياستن جي والين کان وفاداري ۾ ھو پوئتي نه پيا آھن. گذري ويل جنگ، جا ھاڻي پوري ٿي، تنهن ۾ خيرپور جي رياست جيڪا مدد ڪئي، تنهنجي قدردانيءَ جا اشارا ٻڌي آئون گھڻو خوش ٿيو اھيان. انهيءَ ڳالهه جي يادگيري مون کي پنهنجن بزرگن جي پٺيان قدم بقدم ھلڻ تي ھمٿائڻ لاءِ ڪافي آھي. آئون اوھان کي يقين ٿو ڏيان ته آئون شھنشاهه جي جان ۽ تخت سان وفادري ۽ محبت ۾ ٻئي ڪنهن کان گھٽ نه رھندس ۽ جنهن جي شھنشاھت ۾ آئون فخر سان رھان ٿو، انهيءَ جي لاءِ خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ آئون ڪين گھٽائيندس. ڪمشنر صاحب بهادر مھرباني ڪري منهنجي نسبت ۾ تعليم ۽ ٻاھرين دنيا جي  واقفيت جو اشارو ڏنو آھي، جنهن سان حڪومت جي ڪم ۾ داخل ڪار ٿيو آھيان. انهن لفظن مان مون کي چڱي طرح معلوم ٿي سگھي ٿو ته رياست جي والي ٿيڻ ڪري مون تي ڪھڙيون ڪڙيون جوابداريون ٿيون عائد ٿين. آئون خدا ۾ اميد ٿو رکان ته اھي ڳرا فرض جي مون تي رکيل آھن، سي آئون پوري طرح ادا ڪندس. منهنجا دوست، جنهن خطرناڪ زماني ۾ اسين رھون ٿا، تنهن جو اوھان باربار پورو  ذڪر ڪيو آھي. انهيءَ وڏي جنگ بيشڪ دنيا کي پيسي جي مشڪلاتن ۾ وڌو آھي ۽ ترقيءَ کي روڪي ڇڏيو آھي. ھيءَ رياست جا انگريزي وڏي شھنشاھت جو ھڪڙو ڀاڱو آھي، سا به انهن ڦيرين گھيرين جي اثرن کان ڇٽي نه سگھي آھي، پر آئون اميد ٿو ڪيان ته خدا جي فضل سان پيدائش جا اُپاءَ سڌاري ۽ ڪفايت سان ڪم ھلائي آئون رياست جي حالت وري بهتر ڪري سگھندس، جنهن لاءِ اسين سڀئي دل جان  سان ڪوشش ڪندڙ آھيون. 13 تاريخ فيبروري جي، جڏھن آئون بااميد منظور گاديءَ تي ويھاريو ويو ھئس، تڏھن کان وٺي آئون انهيءَ پنهنجي مدعا جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو اچان ٿو، يعني پنهنجي پياري رعيت جي سک ۽ خوشي ۽ راضپي موجود ڪرڻ لاءِ، انهيءَ ارادي سان مون ڇيڙ جي رسم بند ڪرائي ڇڏي آھي، انهيءَ جي عيوض ٿورا نقد پيسا وٺڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ ڇيڙ مان جيڪي تڪليفون پيدا ٿيون ٿين تن جي انهن کي خبر ھوندي جي انهيءَ رسم جا چڱي طرح واقف آھن، اُھا ھڪڙي تمام وڏي نقصان ۽ خرابيءَ واري رسم ھئي جا مُني صديءَ کان ھلندي آئي آھي. انهيءَ ضروري ڦير گھير جو نتيجو مون ھاڻي ئي پنهنجين اکين سان ڏٺو آھي. منهنجي رعيت مان سوين ماڻھو، جي ڇيڙ جي تڪليف کان رياست مان نڪري ٻين پاسن ڏي ويا ھئا،  سي موٽي آيا آھن ۽ ھزارين ٻيا جلد موٽي ايندا. تنهن کان سواءِ غريب ھارين  جي لاءِ مون ڪوآپريٽو سوسائٽيون جاري ڪرايون آھن. اھڙيون ارڙھن سوسائٽيون ته اڳيئي ھنن چئن مھينن جي عرصي ۾ قائم ٿي ويون آھن، سکر واري واهه جي جاري ٿيڻ بابت جيڪي اوھان چيو تنهن مان بيشڪ ھن رياست کي سارو سال آباديءَ جو فائدو پيو پھچندو. آئون خوشيءَ سان چوان ٿو ته خيرپور کي آباديءَ جي لاءِ اڳئي پاڻي پورو ھو، فقط ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ گھڻي آباديءَ لائق غير آباد زمين پيل آھي، جتي پاڻي گھٽ آھي، تنهن ڪري آبادگار به گھٽ آھن، پھرين ڳالهه جو علاج ڇيڙ جي معافي آھي ۽ ٻي ڳالهه بابت مون انهيءَ وڏي واهه مان نڪرڻ واري شاخ سڌارڻ جي منظوري ڏني آھي، جا پنجويھن ميلن تائين ويندي ۽ مٿس اٽڪل ھڪ لک رپيا خرچ ٿيندا. پوءِ اٽڪل ڏهه ھزار ايڪڙ نئين غير آباد زمين آباد ٿي ويندي، پڇاڙيءَ ۾ آئون خدا کان دعا ٿو گھران ته ھو ھن نئين حالت ۾ مون کي ھدايت ڪري ۽ مون کي طاقت ۽ ھوش ڏئي ته پنهنجي ھن نئين عھدي جا فرض اھڙي ايمانداريءَ ۽ انصاف سان بجا آڻيان، جو منهنجي رعيت کي فائدو رسي، جنهن جي سک ۽ آسائش جي ھميشه مون کي ڳڻتي رھندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org