سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 11

 

 منهنجو علمي ۽ فڪري سفر

[6 مارچ 1974ع تي تهران يونيورسٽي، راشدي صاحب مرحوم کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. هن اعزاز ملڻ تي پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان؛ سندن مان ۾ 14، اپريل 1974ع تي هڪ پروقار ادبي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي همعصر اديبن ۽ عالمن کين ڀرپور خراب عقيدت پيش ڪيو. هت ان تقرير جو متن ڏجي ٿو جا پاڻ دوستن آڏو ڪيائون. هن تقرير ذريعي سندن علمي ۽ ادبي سفر تي خاص روشني پوي ٿي. جلسي جي روئداد رسالي ”مهراڻ“ 1/1974ع واري پرچي ۾ ڇپيل آهي]

 وچ ايشيا ۾ عربي زبان کان پوءِ فارسي زبان اٺن سون ورهين تائين علم جو ذريعو رهندي آئي آهي. انهيءَ سڄي دور ۾ سنڌ جون جيڪي به تاريخون لکيون ويو آَهن، سي زياده تر فارسي زبان ۾ آهن. مون کي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي ۽ تصنيف ۾ انهن تاريخن کي ڏسڻو پيو. چنانچه، مون فارسي زبان ۾ متعدد ڪتاب ايڊٽ ڪيا، جن ۾ اڪثر سنڌي، ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيا. انهن ڪتابن وسيلي سنڌ ٻاهرينءَ دنيا ۾ متعارف ٿي، ڇو ته اڳ ۾ جيڪي قلمي ڪتاب هوندا هئا، سي چند ماڻهن جا ڏٺل يا پڙهيل هوندا هئا. خود ايران جي محققن ۽ عالمن کي به پوري ڄاڻ نه هئي ته، سنڌ ۾ ڪيترو فارسي ادب ۽ علمي سرمايو موجود هو. حڪومت ايران فارسي زبان ۽ ادب جي خدمت جو قدر ڪندي مون کي دنيا جي انهن ڏهن چونڊ عالمن ۽ ماهرن ۾ شامل ڪيو، جن کي سندن سڄيءَ عمر جي علمي ڪم جي اعتراف طور تهران يونيورسٽيءَ طرفان ڊاڪٽريٽ جون افتخاري ڊگريون ڏنيون ويون. ان کان علاوه ايران  سرڪار مون کي ٻيا به اعزاز ڏنا آهن. مثلاً: پهلوي لئبررري، جنهن جي سرپرست ايران جي راڻي آهي، تنهن جا جيڪي ڇهه امين مقرر ڪيا ويا آهن، انهن ۾ مون کي به شامل ڪيو ويو آهي. آءُ انهن مڙني مهربانين لاءِ سرڪار جو شڪر گذار آهيان. پر مون جيڪو به علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو آهي، اهو بنيادي طرح علم سان حب ۽ پنهنجي وطن جي خاڪ پاڪ سان محبت جي جذبي هيٺ ڪيو آهي. هن وقت منهنجي عمر چوهٺ سال آهي. مون کي ان ڳالهه تي خوشي ۽ فخر آهي ته مون عمر عزيز جو وڏو عرصو علمي خدمت ۾ گذاريو آهي. مولانا قاسمي مون لاءِ چيو ته آءُ ننڍي لاءِ کان روايت کان بغاوت ڪندو رهيو آهيان، ۽ سنڌي اديبن جي ذهن ۾ قوميت جو ٻج پوکيو اٿم درحقيقت، سنڌي ادب ۾ قوم پرستيءَ جي تحريڪ جو معمار محمد ابراهيم جويو آهي. آءُ شروع کان تاريخ جو طالب علم رهيو آهيان. مون ڏٺو ته سنڌ جون جيڪي به قديمي تاريخون لکيون ويون آهن، سي سنڌ جي فاتحن جي ثنا ۽ ساراهه ۾ لکيون ويون آهن ۽ انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نيچ ۽ ڪم ذات ڪوٺيو ويو آهي. انهيءَ گناهه ۾ غير سنڌي ۽ سنڌي مؤرخ ٻئي شامل هئا. اهي تاريخون فارسيءَ ۾ لکيون ويون، ڇاڪاڻ ته فارسي، عربي کان پوءِ سنڌ جي ارغونن، ترخانن ۽ ٻين فاتحن جي زبان هئي. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ جڏهن سنڌيءَ کي تسليمي ملي ۽ ان ۾ تاريخ جا ڪتاب لکيا ويا ته، سنڌي مؤرخن ساڳي پراڻي غلطي ڪري فارسي تاريخن جي نقالي ڪئي ۽ سنڌ جي فاتحن کي ”ظل الله“ جي خطاب سان سڏيو.

منهنجي خدمت اها آهي ته مون سنڌ جي تاريخ جي سمورن مجرمن، سياهه ڪارن، باغين ۽ خونين کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هنن سنڌ ۽ اهل سنڌ جي مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد ڪيو، تنهن کي پنهنجين تصنيفن ۾ آشڪار ڪيو اٿم. ان لحاظ کان مون سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي. جنهن تي مون کي بجا طور فخر ۽ خوشي آهي. اڄ جو نوجوان جيڪو وطن جي جذبي سان سرشار آهي، اهو منهنجي سالن جي تاريخ جي مطالعي ۽ سوچ موجب صحيح راهه تي هلي رهيو آهي. آءُ نوجوانن کي عرض ڪندس ته هو تعليم ۾ چاهه وٺن. مون کي افسوس آهي ته اڄ جي شاگردن ۾ علم سان انس گهٽ آهي ۽ استاد به ڪي قدر فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن. جنهن قوم وٽ علم ۽ عالم لاءِ مان نه آهي، اها اڳتي وڌي نه سگهندي. جرمنيءَ جڏهن روس تي حملو ڪيو ته روسي پنهنجي عالمن کي لڏائي، محفوظ هنڌن ڏانهن وٺي ويا. جڏهن ان تي عوام جي هڪ طبقي طرفان اعتراض ٿيو ته ان کي، حڪومت جواب ڏنو ته عام ماڻهو روزانه ڄمن ۽ مرن ٿا پر عالم روزانه پيدا ڪو نه ٿا ٿين. اهي پوريءَ قوم جي ميراث آهن ۽ انهن جو تحفظ ۽ سلامتي، علم ۽ هنر جو تحفظ ۽ سلامتي آهي، جنهن کان سواءِ اسان جي قوم اڳتي وڌي نه ٿي سگهي. عالمن وانگر علمي ادارن جو پڻ احترام هڪ لازمي امر آهي. ڪابه سجاڳ قوم پنهنجن علمي ادارن کي زوال پذير ڏسڻ نه گهرندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي ڪم ڪيو آهي، انهيءَ سنڌ کي يورپ، وچ ايشيا، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا ۾ شهرت بخشي آهي. اميد ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور مسلسل محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي اوج تي رسائيندا.

 

فردوسي ۽ شاهه نامي جو سنڌ تي اثر*

[جناب سيد حسام الدين راشدي مرحوم جو هي پيپر اسلام آباد مان نڪرندڙ رسالي ”دانش“ نمبر 11 (سرءُ، 1366 هه.ش) ۾ ڇپيو آهي. اصل ۾ هي مقالو مشهد شهر ۾ ٿيل فردوسي ڪانفرنس (14-18 جولاءِ 1975ع) ۾ پڙهيو ويو هو. راقم الحروف جي ڪوشش سان ان جو سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ 2/1989ع ۾ شايع ٿيو]

سنڌ صدين کان فارسي ٻوليءَ ۾ ادب جو مرڪز پي رهي آهي. شعر ۽ سخن، تصنيف ۽ تاليف جو به فارسي زبان ۾ گهڻو رواج هلندو رهيو. عام ماڻهن جي زندگيءَ تي به فارسيءَ جو گهڻو اثر رهيو آهي. اڪثر ڪري علمي گفتگو، سوال جواب، خط و ڪتابت توڙي بحث مباحثا به فارسيءَ ۾ ٿيندا هئا. ايران ۽ ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ به سعدي، رومي، فردوسي ۽ حافظ جو وڏو رتبو ۽ اثر رهيو آهي. ايتري تائين جو انگريزن جي تسلط کان اڌ صدي پوءِ به انهن شاعرن جو نالو ۽ ڪلام محفلن ۽ مجلسن جو سينگار هو. جيتوڻيڪ زمانو بدلجي ويو آهي ۽ ماڻهو به فارسي نه ٿا ڄاڻن، پر اڄ به سنڌ ۾ انهن ادب جي استادن جو نالو وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو.

سعدي، مولوي (رومي)، نظامي، جامي ۽ حافظ جو سنڌ ۾ ڪيترو اثر آهي، اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن مان هر هڪ تي جدا جدا گفتگو ڪري سگهجي ٿي. بهرحال اڄ هن مجلس ۾ سنڌ تي فردوسي ۽ سندس شاهنامي جي اثر متعلق ڳالهه ٻولهه ڪبي.

سنڌ جا ماڻهو بهادر، جنگجو، غيرت مند ۽ پنهنجي تاريخ جا دل سان عاشق آهن. انهن جي تاريخ ئي سندن جنگي داستانن سان ڀرپور آهي ۽ ڏيکاري ٿي ته انهن دشمنن جي آڏو وطن جي خاڪ جو ڪيئن دفاع ڪيو، پر سندن شعر پسندي ۽ لوڪ ادب به تاريخي داستانن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ به تيرن، تلوارن ۽ هٿيارن پنهوارن جو ذڪر آهي. انهن داستانن ۽ بهادرن جي يادگارن مان ظاهر آهي ته سندن ذهني ۽ فڪري پرورش به ساڳي ريت ٿيل آهي. اها به فخر جي صورت آهي ته اهڙي علمي ادبي ذوق شوق سان گڏ هن ملڪ جا ماڻهو، پنهنجي تاريخ ۽ روايتن کي عزيز رکن ٿا ۽ گڏوگڏ فردوسي ۽ سندس شاهنامي کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه سمجهن ٿا ۽ سندس شاعري ۽ راويتن مان فال به ڪڍن ٿا.

هاڻي کان ڪجهه وقت اڳ ڪيترن ئي اهل سخن کي شاهنامي جو ڪو حصو ياد هوندو هو. ان جي رزم آرائيءَ جون ڳالهيون ڪندا ۽ داد شجاعت ڏيندا هئا. انهن مان هڪڙا جنگي داستان سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهندا هئا ته ٻيا وري شاهنامي جا فارسي شعر ياد پڙهندا هئا. اهڙيءَ ريت پنهنجي بهادري ۽ دفاعي طاقت کي ياد ۽ زندهه رکندا هئا. سخن دان ته سڄو فارسي شاهنامو ياد ڪندا هئا. ادبي تاريخ ۾ انهن کي ”شاهنامي جا حافظ“ جي لقب سان به ياد ڪيو ويو آهي. ٺٽي شهر ۾ فارسي گو شاعر لاله آسا رام کي سڄو شاهنامو ياد هو (1). شاهنامي جو بحر خوش رنگ ۽ وڻندڙ آهي، ان ڪري هي وزن سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند هو. ٺٽي جي هڪ ٻئي عالم ابوالبقا وري سعديءَ جي فارسي ڪتاب گلستان کي متقارب مثمن مقصوربحر ۾ آندو هو (2).

سن 999هه عبدالرحيم خانخانان سنڌ ۾ آيو هو ته جيئن ان کي ترخانن جي قبضي مان آجو ڪري، اڪبر جي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري. علامه ابوالفضل، اڪبر بادشاه جو وزير ۽ گهاٽو دوست هو. جن ڏينهن ۾ جنگ جاري هئي، تڏهن ابوالفضل جا ڪجهه خط پهتا، جن ۾ تاڪيد ٿيل هو ته ان وقت شاهنامي جو اڀياس ضروري هو (3). انهن مان هڪ خط ۾ ابوالفضل لکي ٿو:

”توهان جي مجلسن ۾ ظفرنامه، شاهنامه ۽ چنگيزنامه جو ذڪر هجي. جنگ وقت اخلاق ناصري، مڪتوب شيخ شرف منيري، خاقاني ۽ حديقه پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي. ڇو ته انهن ڪتابن ۾ دنيا جي ترڪ ڪرڻ جي گفتگو ڪيل آهي ۽ اسان جو واسطو وري دنيا جي بزم ڪثرت.....“ (4).

ظاهر آهي ته لڙائيءَ جي ڏينهن ۾، ۽ جنگ جي وقت شاهنامي کي پڙهڻ لازمي سمجهايائون ٿي. ان جو سبب اهو ئي آهي ته شاهنامي جي پڙهڻ سان احساس ۾ جوش ۽ ارادي ۾ پختگي پيدا ٿئي ٿي. شاهنامو بهادرن کي به جرئت ڏياري ۽ همٿ وڌائي ٿو.

حقيقت ۾ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ شخصي محفلن جي رونق وڌائڻ ۽ مجلسن مچائڻ ۾ شاهنامي جو مکيه ڪردار آهي. اهي محفلون ۽ مجلسون سومهڻي نماز کان پوءِ اڌ رات تائين متل هونديون هيون. ڪڏهن سعدي ۽ ڪڏهن حافظ، پر زيادهه ۽ گهڻو ڪري ڪچهرين جو موضوع شاهنامو ئي رهندو هو. البته صبح جي وقت روميءَ جي مثنويءَ کي قرآن مجيد جي تلاوت کان پوءِ وڏيءَ عقيدت ۽ محبت سان پڙهندا هئا.

ٽالپور حڪمرانن جون محفلون ته گهڻو ڪري شاهنامي سان ئي آباد هيون. مير فتح علي خان ٽالپور، جنهن سنڌ جي حڪومت ڪلهوڙن سان جنگ ڪري ورتي هئي، پنهنجي جنگي ڪارنامن کي شاهنامي جي حڪمرانن ۽ ڪارنامن جي برابر ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ شاهنامي جي پڙهڻ کي رواج ۾ آندو (5). جيسين ”فتح نامہ“ لکجي تيار نه ٿيو هو، سندس مجلس ۾ شاهنامو ئي پڙهيو ويندو هو. مير فتح علي خان ٽالپور جي فتح ۽ ڪاميابين کي، جڏهن مير عظيم الدين ٺٽوي شاهنامي جي بحر ۾ ”فتح نامہ“ نالي ڪتاب لکيو، تڏهن به شاهنامي جو پڙهجڻ پنهنجي جاءِ تي اهم هو. ان بعد شاهنامو ۽ فتح نامہ ئي موضوع سخن بنيا رهيا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو:

”پاڻ شاعر کي مقرر ڪيائين.... ته سندس ڪارنامن کي فردوسيءَ وانگر شعر ۾ آڻي ۽ ”فتح نامہ“ کي ان جهڙو شاهڪار جاودان سڏيو..... هاڻي درٻار ۾ فتح نامو پڙهجي ٿو ۽ ڪي درٻاري ان مان وڻندڙ شعرن کي بر زبان ياد به ڪن ٿا“ (6).

جنهن وقت ٽالپورن جو حڪمران گهراڻو سٺ سالن جي حڪومت کان پوءِ 1843ع ۾ انگريزن هٿان زوال پذير ٿيو، تڏهن شاهنامي پڙهڻ جو ويتر رواج وڌي ويو، ڇو ته نااميدي ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ شاهنامي جا قصا تنهائي دوران دلجاءِ ۽ قرار ڏيندڙ هئا. ايران جي دليرن جي ڪارنامن، ميرن کي دلداري ٿي ڏني، ته هڪ ڏينهن هٿ مان ويل حڪومت وري موٽي ملندي. قيد ۾ بند ٿيل مير صاحبان، جي اڃا حال حيات هئا، سي شاهنامو ئي پڙهندا هئا. هيءُ سلسلو ڳچ وقت هليو.

ڪجهه روايتون:

سنڌ جي تاريخ ۾ فردوسي ۽ شاهنامي جي باري ۾ ڪجهه روايتون ملن ٿيون. انهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.

مير نصير خان ٽالپور تخلص جعفري (وفات 1261هه) (7)، فردوسيءَ جي هن بيت:

هر آنکس کہ شهنامه خواني کند
اگر زن بود، پهلواني کند

(جيڪڏهن عورت شاهنامو پڙهي ته بهادري ڪرڻ لڳي) جي جواب ۾ چيو آهي:

هر آنکس کہ خود پهلواني کند
چہ حاجت کہ شهنامہ خواني کند (8).

(بهادر انسان کي شاهنامي پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي).

مير صاحب جي طرز فڪر ۽ روانيءَ کي هن مان ئي ڏسڻ گهرجي، جو پاڻ شاهنامي جيڏو ضخيم ڪتاب ”مختيار نامہ“ جي نالي سان 1241 ۾ تصنيف ڪيائين (9).

سيد ثابت علي شاهه (وفات 1225هه) ٽالپوري درٻار جو مرثيه گو شاعر هو. خليل ٺٽويءَ جي قول موجب، پاڻ فردوسيءَ جي هن شعر:

سپر بود پشت شہ ڪامياب
چو ابرسيہ مائل آفتاب

(ڪامياب بادشاهه جي پٺ تي ڍال ائين آهي، جيئن ڪارو ڪڪر سج جي سامهون اوٽ هجي)، جي جواب ۾ ان طرز جو شعر چيو ۽ گوءِ کڻي ويو:

سپر بود بر پشت زوجِ بتول
چو مهر نبوت بدوش رسول (10)

        (حضرت علي عليه السلام (زوج بتول) جي پٺ تي ڍال ائين هجي، جيئن رسول ڪريم ﷺ جي ڪلهي تي نبوت جي مهر).

خبر ناهي ته همعصر ايراني اديبن هن بيت کي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو، پر سنڌ ۾ هيءَ خبر پهتي جا خليل جي زباني ٻڌو: ”جڏهن هي ماڻهو ايران پهتو ته انهن کي حيرت وٺي وئي. چيائون ته سنڌ جو ڄاڻو ڪيئن فردوسيءَ جي رتبي کي پهتو؟“ (11).

سچ يا ڪوڙ، پر هن عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته فردوسيءَ سان برابري جيتوڻيڪ هڪ بيت ۾ آهي، پر ڪمال جي ڳڻي سگهجي ٿي. ان ريت ٻين شاعرن به هن ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. خليل ٺٽويءَ ”يد بيضا“ مان صائب، شفائي ۽ مير محمد مراد هنديءَ جي تتبع جا مثال ڏنا آهن. آخر ۾ پاڻ به فردوسيءَ جي پيرويءَ ۾ هي بيت چيو آهي:

بفرمود تا بر فرس زين کنند
دام اندر دم ناي زرين کنند (فردوسي).
بگفتا کہ بر اسب زين را نهند
نہ زين، بلڪه کشتي بدريا نهند (خليل) 12).

ٽالپورن کان اڳ ۾ به اهو رواج هو ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ فردوسيءَ جي پيروي لاڳيتو هلندڙ هئي. جنهن وقت ميان نور محمد ڪلهوڙو گذاري ويو ۽ سندس پٽ محمد مراد ياب خان تخت تي ويٺو، تڏهن منشي چتر ڀوڄ (وفات 1171هه) ماده تاريخ فردوسيءَ جي هن مصرع مان ڪڍيو:

تقلب نيست در مصرع فردوسي
کہ مرگ خرد بود سگ را عروسي (13).

ابراهيم خليل مؤلف ”تڪلمه مقالات الشعرا“ جي مقدمي ۾ فردوسيءَ بابت هڪ لطيفو بيان ڪري ٿو: ”شاهنامي“ جي مقدمي ۾ نقل ٿيل آهي، ڪنهن بزرگ فردوسي طوسيءَ کي خواب ۾ ڏٺو ته هو بهشت جي باغن ۾ گهمي رهيو آهي. ان بزرگ کانئس پڇيو ته هي شرف ڪيئن مليو اٿئي؟ فردوسيءَ چيو الله تعاليٰ جي حمد ۾ بيت چيو هوم، جو رب پاڪ جي بارگاهه ۾ قبول پيو ۽ هي فائدو پيو ۽ اهو هن ريت آهي:

جهان را بلندي و پستي تو اي
ندانم چہ اي هرچہ هستي تو اي

(جهان جي بلندي ۽ هيٺاهين تون آهين. نه ڄاتم ڇا آهين، سڀڪجهه تون ئي آهين). ٻئي ڪتاب ۾ ڏٺم ته فردوسي هي ٻه حمد جا بيت پڙهيا هئا:

ستايش کنم ايزد پاڪ را
کہ گويا و بينا کند خاڪ را
بموري دهد مالش نره شير
کند پشہ بر پيل جنگي دلير

شايد جدا جدا خواب آهن، جو هڪ ۾ هو بيت پڙهيائين ۽ ٻئي ۾ هي ٻه بيت چيائين (14).

جيتوڻيڪ سنڌ جي شاعرن ڪجهه مثنويون شاهنامي جي بحر کان سواءِ ٺاهيون آهن، پر هرجاءِ تي انهن فردوسيءَ جو نالو ادب ۽ احترام سان ورتو آهي. مثال طور مير عظيم الدين ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”هير رانجهو“ جداگانه بحر ۾ ٺاهي آهي. چوي ٿو:

گر از فردوس آيد روح طوسي
بہ بزم دل درين جشن عروسي
خط تهنيتش در محفل شاهه
نويسانم بہ مهر مهر تاماهه.(15)

سنڌ جي ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۾ فردوسيءَ جي شعرن کي تضمين ۽ مثال طور به آندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي شاعرن ۽ مصنفن جي فڪر تي فردوسي ڪهڙو نه اثر چٽيو آهي. تنهن کان پوءِ هي سڀ مثال ان جو دليل آهن ته ليکڪن ۽ شاعرن جا بجاءِ پنهنجي تائيد لاءِ شاهنامي مان شاهد طور مثال ڏنا آهن. ”مظهر شاهجهاني“ سنڌ جي سياسي تاريخ ”سياست نامہ“ وانگر آهي. ان جي پهرئين جلد ۾ ملڪداري ۽ سلطنت جا آداب ڏنل آهن. مصنف ڪيترين جاين تي فردوسيءَ جي شعرن مان به استفادو ڪيو آهي.

فردوسيءَ جي طرز جي پيروي:

سنڌ جي شاعرن فردوسيءَ جي نموني ۽ تتبع تي گهڻيون مثنويون چيون آهن، جي گهڻو ڪري ڪلهوڙن جي دور کان انگريزن جي اوائلي زماني تائين جون آهن. هن ئي دور ۾ هت فارسيءَ جو گهڻو رواج هو. جيتوڻيڪ گهڻيون مثنويون زماني جي ڏاڍاين کان محفوظ نه رهيون آهن. البت جن تائين اسان جي رسائي ٿي سگهي آهي، انهن جو تذڪرو هيٺ ڪجي ٿو.

(1) نامہء نغز (1155هه) از باغ علي خائف: هن مثنوي ۾ 6473 بيت آهن. ميان نور محمد خدا يار خان عباسي ڪلهوڙي جي زماني ۾ لکي وئي ۽ ان ۾ نادر شاهه جي سنڌ ۾ اچڻ جا اکين ڏٺا واقعا تفصيل سان ڏنل آهن. هي مثنوي تاريخي واقعن سان سينگاريل آهي. هن مثنويءَ ۾ نادر شاهه جي باري ۾ جيڪي شعر آهن، اهي مون ”منشور الوصيت“ ۾ ضميمي طور شامل ۽ شايع ڪري ڇڏيا آهن. مثنويءَ جي ابتدا هن ريت آهي:

خدايا تواي آفريننده جان
تو داننده آشڪار و نهان
ز تو شادماني ز تو غم بود
ز تو بر فزوني ز تو کم بود

پڄاڻي هن ريت آهي:

زمين را ز اسپان زغم در ستوه
زسم ستوران دزم دشت وکوه
عنان سپہ گر بہ ايران کنم
بلشکر، زمين، کوه ويران کنم

۽ فردوسيءَ بابت هن ريت چيل آهي:

چو ديدم بمردانگي استوار
دلاوردم از کار او در نگار
کہ بندم بہ نامش يکي نامہ يي
گرانمايہ گوهر چو ”شهنامہ“ يي
چہ گفتہ است داناي ديرينہ طوس
بيا راست ”شه نامہ“ چون نو عرس
بدور سپہ دار محمود شاه
کہ او بود باتاج و تخت و کلاه
شہ غزنوي شاه نيکو نهاد
ز هي نام محمود فرخ نزاد
پزوهندگي را بيا راست کار
 بہ........ هوشمندان ديار
بگيتي نهان دوست بودش يکي
نشان کيان دادش آن بي شکي
و را بود از موبدان سال خرد
يکي چند اجزايي پيشش ببرد
چو ديد آن خرمند روشن نهاد
گذشتہ زمان را زسر کرد ياد
بگوهر شرفنامہ را کنده کرد
عجم را بدين پارسي زنده کرد
ازو گشت روشن دلي هوشمند
کہ بر خواند ديرينہ اجزايي چند
سخن را بسنجند از هر دري
ز هر موبدان و ز هر کشوري
بسي رازهاي نهان کرد باز
پراکنده گفتار را داد ساز
چہ گفت آن گرانمايہ شيرين سخن
بہ شهنامہ فردوسي راي زن
نخستين خديوي کہ کشور گشود
سر تاجداران کيومرث بود

***

سخنگوي فردوسي هوشمند
بلندي گرفتہ ز راي بلند
پسنديده هو گوهر و لعل و دُر
ببرد آن شرفنامہ را کرد پر
گرانمايه گوهر بتاراج برد
پس افتاده بر ديگران بر سپرد
بگفت آن کہ بودش سخن دلپذير
بخوانند گان گشت ور بينظير

***

پس آن گہ شد اين نامہء ارجمند
کزو گشت خوانند گان فيض مند
مرا آرزو در دل آمد يکي
کہ سازم يکي نامہء بي شکي
چو ”شهنامہ“ ديدم سکندر دگر
پسند آمدم در دل پر هنر
کہ بندم يکي نامہ يي از نگار
بنام خدايار خان نامدار
بدين داستان شغل را ساختم
يکي ”نامه نفز“ پرداختم
بعهد خدا يار خان شيرنر
سپہ دار عباسي نامور
هزار و صد و سال و پنجاه و پنج
کشيدم سہ سال اندرين نامہ رنج(16).

هي ڪتاب جيتوڻيڪ شاهنامي جي تتبع تي لکيل آهي، تاهم ان جي فارسي ڪمزور ۽ شعر ڪچو آهي.

(2) حملهء حسيني (1163هه) از محسن ٺٽوي (وفات 1163): حقيقت ۾ هي مثنوي حملهء حيدريءَ جو تڪلمه يا ضميمو آهي ۽ ڪربلا جي سانحي کي نظم ۾ آندو ويو آهي. هن مثنويءَ جو ٻيو نالو ”اعلام ماتم“ آهي. هن مثنويءَ جو بحر شاهنامي جو بحر متقارب آهي.

ابتدا:

سپاس خرد صانع پاڪ را
همان جان دهي پيڪر خاڪ را

(پيدا ڪندڙ پروردگار جو شڪر آهي، جنهن مٽيءَ جي بوتي کي جان بخشي).

پڄاڻي:

ڪہ تا ڪرد مختار ثقفي خروج
ڪنون حال اورا ببخشم عروج

(مختيار ثقفي خروج ڪيو. هاڻي ان جي حال کي عروج بخشيم).

مختيار جي داستان جو آغاز اڃا مس ٿيو هو، ته پاڻ شاعر هن جهان مان موڪلائي ويو ۽ هن اڌوري مثنويءَ کي مير علي شير قانع ٺٽويءَ ”مختارنامہ“ جي نالي سان پورو ڪيو. حمله حسينيءَ ۾ 9 هزار بيت آهن (17).

(3) نادر نامہ شاهنامہ نادري (1172هه): هيءَ مثنوي فردوسيءَ جي شاهنامي جي طرز تي چيل آهي ۽ ان جو شاعر معلوم ڪونهي. ساڳئي نالي سان هڪ وڌيڪ ”شاهنامہ نادري“ محمد علي طوسيءَ جو به لکيل آهي، جيڪو انجمن آثار ملي ايران طرفان ڇپيل آهي. شاعر جو مختصر احوال ”مقالات الشعرا“ ۾ آيل آهي (18).

هن منثويءَ ۾ نادر جي حملن، سندس آغاز ۽ پڄاڻي تفصيل سان منظوم ٿيل آهي (19). هن نسخي جو پهريون صفحو گم آهي، البته ٻئي صفحي جو پهريون بيت هن ريت آهي:

جهان خيزد از جا بہ رقص و سماع
چو آن اختبر از مهر در آرد شعاع

اڳين شاعرن جو ذڪر ساقي نامي جي شعر سان شروع ڪيل آهي ۽ انهن جي تعريف ڪيل آهي. فردوسيءَ متعلق چوي ٿو:

ز گفتار فردوسي نامدار
دو بيتي بہ وصف سخن گوشدار
کہ کافيست مارا درين انجمن
همان چار مصرع بہ وصف سخن
”بناهاي آباد گردد خراب
زباران واز تابش آفتاب
سخن را بنايي برافگن بلند
کہ از باد و باران نگردد نزند
نخستين کہ از فيض ارزندگي
قلم رزدم ازچشمہء زندگي
ز اعجاز فردوسي نکتہ سنج
سر مار کلک، از سخن ريخت گنج
ازو بود، چرخ سخن را مدار
ازو پايہء نطم شد استوار
زبان دار گلشن بہ دست شکوه
بہ ”شهنامہ“ ميزد دم از تيغ کوه
کسي را نيامد برون از زبان
ازان دور تا حال نظمي چنان
بہ بزم سخن تا مقدم نشست
کہ منصوبہء کس چنان کم نشست
بہ بحر تقارب درين داوري
براو، ختم باشد سخن پروري
ازو نام محمود شوکت مدار
بهر صورتي مانده در روزگار
ازو گرنمي يافت يکره گزند
همين شد بہ نيکيش نام بلند

ان بعد پنهنجي شاعريءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته مثنوي ”شاهنامہ ۽ فردوسي“ جي بحر ۾ چيل آهي:

ز ايام فردوسي نامدار
کہ گرديد آسان سخن استوار
عزيزان پيشين ز بستان فکر
همہ چيده گلهاي مضمون بکر
بتاراج رفتہ است گل هاي باغ
ازان مي کشان خشک مانده اياغ

***

شد از کلک فردوسي پر هنر
در ايام رستم چنين نامور
شد از مشرق کلک آن آفتاب
جهانگير خورشيد افراسياب
ازان نکتہ پرداز شيرين کلام
ملوک عجم را بلند است نام

***

بعرض يکي سال فرخنده فال
سراينده از راستي اين مقال
همانا کہ ابياتش اندر شمار
کہ از هفده باره بود يک هزار
بہ شهنامہ فردوسي نکتہ سنج
کہ سي سال در نظم آن برد رنج
نہ بد پيشتر شصت باره هزار
کہ از کلک او بر ورق شد نگار
دوباره هزار از زبان قلم
بسالي فزون تر نکرده رقم (20).

هن نسخي ۾ 289 صفحا آهن ۽ هر هڪ صفحي تي 52 بيت آهن (21). هي مثنوي سيال ڪوٽ جي نظام الدين جي مثنوي ”شهنشاهه نادري“ جا 1162هه ۾ لکي وئي، ان کان ڏهه سال پوءِ تصنيف هيٺ آئي.

(4) مختار نامہ (1194هه) از مير علي شير قانع: هن نظم ۾ قانع ست هزار بيت ”تڪمله حمله حسيني“ نالي سان آندا آهن.

بہ نام جهان داور کرد گار
کہ بر قدرت اوست مختار کار
 

پڄاڻي:

بماني بہ اين حشمت واعتلا
بہ حق محمد بہ آل عبا (22).

(5) فتح نامہ (1199هه) مير عظيم الدين ٺٽوي: شاعر مير فتح علي خان ٽالپور جي درٻار سان لاڳاپيل هو. هن ۾ ان جنگ جو داستان آهي. جنهن ۾ ميرن ٽالپورن، ڪلهوڙن کان حڪومت کسي پاڻ هٿ ڪئي هئي. ان جنگ بابت هي پهريون ڪتاب آهي. ابتدا:

بنام خداوند هر دوجهان
شہ هفت گيتي و نہ آسمان
خداوند کم گير و بسيار بخش
خرد بخش و دل بخش و ديدار بخش

(ٻنهي جهانن جي مالڪ جي نالي سان شروع، جو نون آسمانن ۽ ستن زمينن جو بادشاهه آهي. رب پاڪ گهٽ وٺندڙ ۽ گهڻو بخشيندڙ آهي).

خاتمو:

خداوند عالم نگهدار شان
بہ هر دو جهان ياور و يارشان
بہ شان بام دايم دعاي عظيم
تو بشنو بفضل، اي خداي عظيم

(جهان جو مالڪ نگهبان ۽ ٻنهي جهانن جو مددگار آهي. اي خدا، تون فضل ۽ ڪرم سان ٻڌي دعا قبول ڪر).

فردوسيءَ بابت چوي ٿو:

بہ فردوس من بين، چہ خوش منظر است
کہ هر مصرعہ اش موجئہ کوثر است
بہ اين حجت امروز، فردوسيم
و ليکن، نه فردوسي طوسيم
کہ او بود مردي بسا نامدار
بہ شعر معاني نکو شهزيار
بلند آمد ش در سخن دستگاه
قلم راند بر صفحہ مهر وما
بہ بزم سخن قدرت نام داشت
زبان يک درخشنده صمصام داشت
ميان من و اوست، بسيار فرق
چہ فرقيکہ دارد بهم غرب و شرق
کہ او عقل بستود من عشق پاک
سلامت پسنديده او، من هلاک
گرفت آن خردمند سر در سپر
من بي خرد تيغ را داده سر
بدامان کشتي زد او دست خويش
نہ چون من بہ دريا بپيوست خويش

***

مضامين شهنامہ اش ديده ام
در افشاني خامہ اش ديده ام
چہ گويد ز فردوسي و نطم او
کہ عزمم کجا و کجا عزم او
وي آراست، اکليل از گوهران
ببزم خسيسان بي جوهران
بہ عهد لواي سخن بر فراشت
کہ عهد سلاطين، وفايي نداشت
ز مسکين گرفتند گنج گهر
ندادندش اندر عوض مشت زر
وفا کرد شان وعدهء زر و سيم
نہ گشتند بر وعدهء خود کريم
چو گنج سخن ديد آن سيم را
بہ آرنده ها داد زان نيم را
دگر نيم داده بگرما بہ آن
کہ در خدمتش گرم بود آن زمان
عجب شاه دل مرد درويش بود
کہ درهمت از شاه خود بيش بود
دل بند، باري چوبيدار شد
خداوند خود را خريدار شد
نہ محمود ماند و نہ سيم و زرش
نہ آن تخت ماند و نہ آن افسرش
مگر سستي عهد او يادگار
بمانده است برصفحهء روزگار (23).

(6) شاهنامہ (1249هه) محمد عالم: هن مثنويءَ ۾ جنگ جو احوال آهي، جا خيرپور جي والي مير علي مراد خان ۽ شاهه شجاع افغانيءَ جي وچ ۾ ٿي هئي. حملي آور شاهه شجاع شڪست کاڌي هئي. هن جنگ جي باري ۾ سنڌي زبان ۾ به ڪجهه مثنويون چيل آهن. محمد عالم ان کي 340 بيتن ۾ آندو آهي. سندس شعر البته ڪچو آهي.

ابتدا:

سپاس است مر حضرت ذوالجلال
ڪريم الرحيم است تا در ڪمال
 

خاتمو:

همان دم بخوان باعث حفظءِ!
بہ تصديق او را ولي خمسهءِ!

هن مثنويءَ کي مير علي مراد خان لاءِ ڪاتب، فتح چند پٽ ديوان ٽهلرام سيوستاني ڪتابت ڪيو آهي. ڪتابت جي تاريخ 29 رمضان المبارڪ ڏينهن آچر سن 1286هه آهي. شاعر فردوسيءَ کي هن ريت ياد ڪيو آهي:

عجب عالما تست خوش جامہ يي
چو شهنامہ تست شهنامہ يي
نه شهنامہ او است پيشينگان
کہ فردوسي اش گفت وصف شهان
بمن است شهنامہ شاهزاد
چوشهنامہ، شهنامہ نامش نهاد

(7) فتح نامہ 1254هه) مير صوبدار خان: هن مثنويءَ جو شاعر مير فتح علي خان ٽالپور جو فررزند مير صوبدار خان آهي. شاعر هي مثنوي ڪلڪتي ۾ تڏهن لکي هئي، جڏهن هو وطن کان پري هو. هيءَ مثنوي تاريخ جو هڪ ماخذ آهي. مير فتح علي خان جي سوين ۽ ڪلهوڙن سان ڪيل لڙاين بابت، هن مثنويءَ ۾ 16300 بيت آهن ۽ ”جنگ نامہ“ جي نالي سان به مشهور آهن.

آغاز:

بنام خداوند فتح و ظفر
فزاينده عقل و بخت و هنر
خداوند مهر و خداوند ماه
خداوند جان و جهان را پناه

خاتمو:

بيا مطربا لحن دل کش بباغ
بہ مضراب بيفروز چون شب چراغ
سرودي کہ باشد پر از رنگ و بو
چو داود نرم آهن آيد ازو
پس از هجرت مرسل کرد گار
هزار و دو صد رفت و پنجاه و چار
کہ شد نظم اين نوبهار شگرف
بمعني پراز در چو درياي زوف (24).


*  مُترجم: عبدالرسول قادري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org