سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 16

 

 سچل کان پوءِ

[پير حسام الدين راشدي مرحوم 71 جولاءِ 1981ع تي، سچل سرمست جي عرس تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾، صدر جي حيثيت ۾ هي تاريخي تقرير ڪئي، جا ”سرمست“ 2/ 1982ع، ۽ ماهنامه ”پارس“ مئي 1983ع ۾ ڇپي آهي]

جناب غلام محمد صاحب،(1) منهنجا دوست تنوير صاحب ۽ عزيز دوستو.

اردو۽ فارسي ۽ سنڌي ۽ ٻين زبانن ۾ منهنجي قابليت جي تشهير ڏئي، مان کي به هفت زبان ثابت ڪرڻ گهري ٿو پيو تنوير صاحب مان ڏسان ٿو ته هتي توهان وٽ هفت زبان ڪنهن کي چوڻ، يعني هن جي انتهائي قابليت جو دليل شمار ڪيو وڃي ٿو پيو.

بهرحال توهان به اڄ تقريرون ٻڌيون. مان کي ٻيو دفعو آهي، ۽ اها سعادت آهي منهنجي لاءِ، جو هن درگاهه تي آيو آهيان، ۽ سڀني توهان هيءَ ضرورت محسوس ڪئي ته سچل تي ڪم ڪو نه ٿيو آهي، ۽ اها حقيقت آهي. مان اڳئين دفعي به توهان کي عرض ڪيو هو ته ڪم ڪو نه ٿيو آهي. جنهن نموني رسالا ڇپيا آهن، تن مان ڪن جي اسان کي ذاتي طرح خبر آ، ۽ بهرحال جو ڪجهه ڇپيو آ، سو نور اعليٰ نور آ. ليڪن سچل تي تحقيق ڪرڻ جي از حد ضرورت آ، ۽ انهيءَ جي سڀني مقالن ۾ مانهنجن دوستن شدت محسوس ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته توهان جي خيرپور جو علم دوست ڊي. سي صاحب انهيءَ شئي جو احساس ڪندو، ۽ اڳي مان به توهان جي خدمت ۾ ۽ سندن خدمت ۾ عرض ڪيو هو ته لوئر سنڌ ۾ ڪم تمام گهڻو ٿيو آهي. اتي مختلف ادارا آهن. اتي ماڻهن جي نشونما ٿي آهي، اتي اديب پيدا ٿيا آهن، اديبن کي آئوٽ ليٽ مليو آهي ۽ جيسين اسان جي اديبن کي رستو ڪونهي ڪو ۽ پنهنجي جذبات جي اظهار ڪرڻ جو ڪو ابلاغ ڪونهي ڪو، تيسين ڪابه شئي نسري ڪو نه ٿي سگهي.

تنهنڪري، هتي هي ميلائون ملاکڙا سون آهن. اهي اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ ۾ هرسال ڇا، بلڪ سچل جي درگاهه تي روزانو ميلو هوندو هو، ۽ ويهن سالن جي خاموشيءَ ۽ سڪتي کان پوءِ غلام محمد صاحب (ڊي. سي) ۽ ٻين دوستن انهيءَ کي ٽوڙي وري نئين سر ڪيو آهي، پر بهرحال اهو ٺيڪ آ، ميلا ٺيڪ آهن، پر جيڪو دور توهان جي سامهون اچي رهيو آ، اهو فقط ميلن ملاکڙن جو ناهي، هڪڙو نهايت سنجيدي ذهن وارو دور اچي رهيو آ.

توهان کي ياد رکڻ کپي ته اسان جو نوجوان جيڪو اسان پيدا ڪيو آ. جيتوڻيڪ اسان ڳائي گيهه جي ايج (دور) جي پيداوار آهيون، پر اڄوڪو نوجوان ايٽمڪ ايج جي دور جي پيداوار آهي. اهو وڏو ذهين آهي، وڏو سمجهدار آهي، اسان کئون ڪيئي ڪوهه اڳتي آهي، هن جو فهم هن جي فراست، هن جي سوچ.

جيئن مانهنجي محبوب دوست مولانا قاسمي، وري چوندو ته حملو ٿو ڪري مان تي، جيئن اڄڪلهه پيشو اختيار ڪيو اٿن ته ٻه ڪلام مجيد جا ورق ڇپائي، ڪنهن ڊپٽي ڪمشنر کي سڏي، اهو ڏيکاري، وري ڇهه مهينا ڪڍي ٿا وڃن سيرت نمبر ڇپي. توڙي چار سال رسالو (مهراڻ) نه نڪري، پر سيرت نمبر ڇپي، ڪنهن وزير کي سڏي، اهو ڏيکاري، وري ٻارهن مهينا آرام ڪن. انهيءَ قسم جو زمانو قطعاً نه آهي. ماڻهو پڇن نه ٿا چون نه ٿا، اهي ٻيءِ شئي آهي، ليڪن ماڻهو سمجهن ٿا.

توهان جا هي مرڪز، ياد رکي ڇڏيو ته قومون نه حڪومتن تي مدار رکنديون آهي. ۽ نه جاين، عمارتن ۽ ٻين عظيم الشان تعميرن تي آبرو ۽ عزتمند ٿينديون آهن. قومون هميشہ فنڪارن، سائنسدانن، مفڪرن ۽ شاعرن جي آڌار تي دنيا ۾ عزت پائينديون آهن. مان کي ياد آهي، جنگ جي زماني ۾ جيڪا ٻي جنگ ٿي تڏهن هڪڙي ملڪ جڏهن ان ۾ جنگ شروع ڪئي، تڏهن پنهنجا سڄا فنڪار، پنهنجا سڄا شاعر ۽ سائنسدان ملڪ جي هڪ اهڙيءَ ڪنڊ کڻي وڃي محفوظ ڪيا، جاتي جڏهن صفا ملڪ تباهه ٿي وڃي، تڏهن اوستائين دشمن پهچي سگهي. هنن چيو ته ڀئي هي اسان ساڻ ڇاهي؟ هنن چيو ته بابا ماڻهو هر وقت ماءُ ڄڻي سگهي ٿي پئي، فنڪار ۽ اهل فن ۽ هنر ۽ شاعر ۽ فلاسافر اهي روز روز پيدا ڪو نه ٿيندا. توهان وٽ شاهه کنئون پوءِ ڪو ٻيو شاهه آيو آهي؟ سچل کان پوءِ ڪو ٻيو سچل پهتو آه؟ صدين ۾ ڪو هڪڙو ماڻهو پيدا ٿيندو آهي، جيڪو پيغام آڻيندو آهي ۽ قوم کي بيداري ڏيندو آهي، ۽ قوم کي هڪڙي دولت بخشي ڇڏيندو آهي. دائمي ۽ ابدي.

زمانو بيحد ڏکيو ٿو اچي. توهان کي ياد رکڻ کپي ته حڪومتن جي ذريعي انتظام ته امڪان آهي ته هلي سگهي ٿو، ليڪن مذهب قائم رهي نه ٿو سگهي، نه مذهب ڦهلجي سگهي ٿو. جيڪڏهن مذهب حڪومت جي ڏنڊي سان ڦهلجي سگهي ها ته (اڄ) دهليءَ ۾ يا هندوستان ۾ هندن جي ميجارٽي قلطعاً نه هجي ها. اٺ سؤ ورهيه هتي مسلمانن حڪومت ڪئي آ. مذهب يا انسانيت يا اوچو اخلاق ۽ انساني وحدت هنن صوفين ۽ بزرگن جي ذريعي آئي آهي ۽ انهن جي پيغام تي توهان قائم رهو.

صوفي سچل سرمست هو يا مست الست هو. ڪو انهيءَ سان واسطو ڪونهي. زمانو اهڙو ڏکيو اچڻ وارو آهي جو انهيءَ شئي کي ڪو ڪونه ليکيندو. تنهنڪري، هن جو جيڪو پيغام آهي، هن جيڪا دولت توهان کي ڏني آهي، جنهن بناءَ تي توهان اڄ اچي هت ڪٺا ٿيا آهيو، انهيءَ جي سلسلي ۾ توهان کي پورو پورو قدم اڳتي وڌائڻ کپي.

مان اڳي به توهان کي عرض ڪيو هو ته انهيءَ شئي جي لاءِ توهان وٽ اڪيڊمي جو هجڻ بيحد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اهو بيحد مشڪل آهي. اسان وٽ ٻه ادارا آهن، ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي. بيحد مشڪل آ. ايڏو وڏو اسڪوپ آ، ايڏو وڏو ڪم آ، جو امڪان ڪونهي. مان کنئون هڪڙي دفعي هڪڙي وڏي بزرگ ۽ شفيق دوست خدابخشيندس. هاڻي مرحوم ٿي ويو آهي. پڇيو ته سنڌ تي اڃا، حسام الدين، گهڻو ڪم آهي؟ مان چيو، سائين. جيڪڏهن سؤ ماڻهو هجن ۽ سؤ ورهيه ڪم ڪندا رهن ته سورس مٽيريل فقط ڇپجي. سنڌ جو، انهيءَ جي لاءِ ناڪافي آهي! تنهنڪري انهيءَ منجهائون اندازو ڪيو ته ڪيڏو ڪم آهي. منهنجو عرض اهو آهي ته ايڏو وڏو اسڪوپ آهي، توهان وٽ ٻه ادارا ڪنهن به حالت ۾ ڪافي ٿي نه ٿا سگهن پيا. توهان کي هتي ”سچل اڪيڊمي“ ۽ خدا جي واسطي انهيءَ سان ”سرمست“ جو لقب نه ڏجو، ڇاڪاڻ ته سرمست جي به معنيٰ جي نڪا توهان کي خبر آهي ۽ نه انهيءَ جا جيڪي مفهوم آهن اهي توهان سمجهي سگهو ٿا. توهان سمجهو ٿا ته سرمستي هڪڙو خدا وٽ پهچڻ جو ذريعو آهي. قطعاً غلط آهي. سچل سرمست جو قائم رکڻ ۽ شاهه لطيف کي قائم رکڻ ۽ شاهه عنايت کي سنڀالڻ ايهو توهان جو، جيڪڏهن غيرتمند قوم آهيو ۽ زندهه آهيو ۽ جيئرا رهڻ ٿا چاهيو، ته انهن کي قائم رکو. ڇاڪاڻ ته اهي مرڪز آهن توهان جي زندگيءَ جا، توهان جي وحدت جا، توهان جي تاريخ جا. توهان فقط انهن ساڻ زندهه رهي سگهندؤ. انهن کان علاوه توهان ڪا شئي ڪونهيو.

تنهنڪري، منهنجا دوستو. مان اڳي به عرض ڪيو آهي ته اپر سنڌ صفا خالي آهي ۽ ڪم ڪرڻ جو ميدان تمام وسيع آهي. مان کي افسوس آهي، چوڻ جي لاءِ گهڻو مواد آهي، پر هاڻي اسان پوڙها ماڻهو، بئٽري ڊسچارج ٿي چڪي آهي چار ڪلاڪ ويهاري، توهان به ٿڪا آهيو، تنهنڪري مختصراً عرض ڪندو ٿو وڃان، سرسي عرض ڪندو ٿو وڃان. توهان کي انهن شين تي سوچڻ گهرجي، جڏهن توهان کي فرصت ملي.

سچل پنهنجي سر هڪڙو ماڻهو ڪونهي ڪو. سچل هڪڙو پيغام آ، جيڪو هتي سون شاعرن انهيءَ تي عمل ڪيو آ ۽ پنهنجو ڪلام چيو انهن سڀني تي توهان کي تحقيق ڪرڻ گهرجي. خود سچل جي سوانح تي اڃا تائين تحقيق ٿيل ڪانهي ڪا. مان کي ياد آهي چڱي طرح ته مرحوم گربخشاڻي جڏهن شاهه جو رسالو شايع ڪيو، جڏهن پهريون دفعو آرائش ۽ تزئين جي لحاظ سان آغا صوفي مرحوم، جيڪو هتان جي درگاهه جو ايترو ئي عقيدتمند، ايترو ئي عاشق ۽ ايترو ئي وارفتہ ۽ جان فدا هيو، جيئن اسان جو اڄ علي اڪبر درازي ڏسو ٿا پيا، انهيءَ ويچاري تمام سٺي نموني رسالو شايع ڪري ۽ هيءَ تسڪين ڏيڻ دل کي گهري ته گويا گربخشاڻيءَ جي مقابلي تي هن شايع ڪيو هو، سچل جو رسالو.

از اين قسم، جڏهن اسان شايع ڪيو هو مرحوم انصاريءَ جو رسالو، تڏهن مان کي ياد آهي ته هن مرزا قليچ بيگ جو يا ڪنهن جو رسالو بهترين ڪاتب کئون نقل ڪرائي، سهڻو جلد ٻڌرائي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ پاڻ ڀي ميمبر هيو، ۽ ظاهر آهي. جيئن ميمبر ميمبر جي پرده پوشي ڪري ٿو پيو اهو عيناً نقل آهي. جيئن اسان جي پهرين دوست نهايت خوبصورت ۽ نهايت فڪر انگيز ۽ مان کي واقعي خوشي ٿي آهي ته خاموشيءَ سان ڪيترو ڪم ٿي رهيو آهي. اهو اسان ڪن مجبورين جي هيٺ انصاريءَ جو شايع ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين هليو اچي ٿو پيو. اهو ڪو تحقيقي ڪونهي ڪو، نه انهيءَ کي مستند نسخو چئي سگهجي ٿو.

اها شئي بلڪل غلط آ ته سچل جا نسخا نه ٿا ملن. توهان ڳوليا ڪاٿي آهن؟ هن تر ۾ جيڪڏهن توهان قديم لئبرريون ڏسندو ته قطعاً توهان کي نسخا ملندا. جڏهن اسان جي گربخشاڻيءَ ڪم شروع ڪيو، تڏهن ٻه ٽي نسخا معلوم ٿي سگهيا هئس. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جڏهن ڪم شروع ڪيو، جيڪو افسوس آهي مڪمل نه ٿي سگهيو، ته ڇٽيهه نسخا هن کي شاهه جا مليا هئا. ته توهان وٽ جڏهن ڪو ادارو ٺهي ٿو، توهان وٽ اهو مستقل آهي ۽ انهيءَ ۾ جان آهي ۽ انهيءَ ۾ ماڻهو فداڪار يعني ڪم ڪندڙ آهن، ته توهان کي ڪيترا نسخا هن تر منجهئون ملندا، ۽ انهن تي توهان ڪم ڪري سگهو ٿا. جان الله شاهه رضويءَ تي ڪم ڪونهي ٿيل. بيدل بيڪس تي ڪونهي. ٻڍڙي فقير تي ڪونهي. ٻڍڙي جي درگاهه مان وڃي ڏٺي آهي. سندس سجادهه نشين نهايت نازڪ نفيس،  جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ڊيل وانگر، سڀ صحيح، ليڪن ٻڍڙي فقير جي درگاهه جيڪا آهي، سا ويران ۽ بيحد ضرورت آهي ته ان جي ديوان ۽ ان جي سوانح شايع ٿئي. يعني تعجب آهي ته ٻڍڙي فقير ۽ سندس والد جو نالو ملي ٿو پيو، پوٽو ۽ پڙپوٽو يا سندس ڏهٽا موجود آهن، ليڪن ڏاڏي جو ناهي. هاڻي اهي سڄيون شيون آهن.

شڪارپور جو شهر توهان وٽ بيحد تاريخي ۽ هن وقت مان کي معلوم آهي ته هن ۾ قيمتي ذخيرو ۽ نسخا ۽ فرامين تاريخ جا موجود آهن. روهڙيءَ جي شهر جو هر هڪ گهر ڀريل آهي تاريخي نسخن سان، ۽ تاريخي آثارن سان. اهي سڄيون شيون توهان جي ملڪيت آهن ۽ توهان جي عزت ۽ توهان جي ملڪ جو بقا ۽ قيام جيڪو آهي، اهو انهن شين تي آهي.

هن کان اڳتي دنيا اها نه ڏسندي ته سچل پنج وقت نماز پرهندو هو يا ڏهه وقت يا مورڳو پڙهندو ئي ڪونه هو، يا ڀنگ پيئندو هو يا چرس ڇڪيندو هو، يا عابد زاهد هو. انهيءَ شئي کي قطعاً تسليم نه ڪندي. زمانو اهڙو ڏکيو ۽ تيزيءَ ساڻ اچي رهيو آ. ايڏيءَ تيزي سان اچي رهيو آ. جو توهان تصور به نه ٿا ڪري سگهو. انهيءَ ايٽمڪ ايج ۾،  انهيءَ ۾ جيڪڏهن ڪابه شئي توهان کي قائم رکي سگهندي ۽ آبرومند بڻائيندي ته اها فقط اها شئي آ، جيڪا بزرگ اوهان جا يا بحيثيت انهن جي جانشين جي پيدا ڪري ويا ۽ جا ڏيو ٿا اوهين ايندڙ نسل کي ائين نه ٿئي جو ايندڙ نسل جيڪو اسان جو ٿئي. توهان کان نهايت واضح ذهن آ ان جو ۽ ان کي هڪڙو نصب العين آهي اڳتئون اهو پڇاڙيءَ ۾ اسان تي لعنتون وجهي ۽ اسان تي چار قل به نه پڙهي! زندگي بيحد معمولي ۽ حقير آ، انهيءَ جي ڪابه قيمت ڪانهي ڪا. انهي کي قائم ۽ آبروءَ جهڙي رذيل شئي قائم رکڻ جي لاءِ ماڻهو در در جا جانا ڪري، وقت ضايع ڪري، قومي خزانو اڪارت ڪري، ۽ انهيءَ ڌوڪيبازيءَ کان ڪم وٺي. مان سمجهان ٿو انهيءَ کئون، جيئن اڳي منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چاڙهي شهر ۾ ڦيرائيندا هئا، پنهنجو پاڻ کي ماڻهو سمجهي ۽ پنهنجي گناهن جي دامن ڀرپور ڏسي پاڻ کي ائين ڪري اهو ڌوڪو، اهو فريب، ممڪن آ ته ڪجهه وقت تائين مهلت ڪنهن کي ڏئي به سگهي. ليڪن وقت ايڏو گذرندو ٿو وڃي پيو، جو وقت ته توهان موٽائي ڪونه سگهندو نه؟ ۽ آخر توهان کي مرڻو آ. آبرو ڇا ٿيندي آ، پئسو ڇا ٿيندو آ، انهيءَ کي ٿڪ به ڪونه هڻي انهيءَ جي لاءِ ماڻهوءَ کي خدا ڪونه خلقيو آ، ڪنهن ڪم ۽ مقصد جي لاءِ خدا خلقيو آ.

تنهنڪري، منهنجا دوستو، هاڻ ڏسان ٿو ته ڪو ڪتاب جو جهلڪو ٿو ويٺو هڻي، ڪو پکو ٿو پاڻ کي ويٺو هڻي پگهر ۽ پسينو، بک به لڳي هوندي، جيڪي روزائت نه هوندا. خدا ڪري سڀني کي روزو هجي. پر، بهرحال مان هاڻي توهان سڀني کان اجازت ٿو وٺان پيو. ڳالهيون جڏهن يار گڏجن ٿا، دوست گڏجن ٿا ته گهڻيون ڪرڻ جون آهن. ليڪن هاڻي نه وقت آهي ۽ نه مان سمجهان ٿو مناسب آهي. مان چند معروضات اوهان جي آڏو رکيا آهن. يونيورسٽي توهان وٽ فعال هجڻ کپي. يونيورسٽيءَ ۾ مان نه ٿو ڏسان ته ڪوبه ڪم هتي ٿئي ٿو پيو. توهان انهيءَ کي فعال ڪيو. سچل اڪيڊمي ٺاهيو. يونيورسٽيءَ ۾ سچل جي چيئر رکو، جتي خود تحقيق ۽ تخليق ٿئي. انهيءَ سڄي پراجيڪٽ تي. ٻيو توهان کي مان صرف عرض هي ٿو ڪري ڇڏيان، خبر ناهي ته هيءَ درگاهه اوقاف جي حوالي آهي يا مالڪن جي حوالي آهي؟ حافظ شيرازي جو هڪڙو شعر آهي:

فقيہ مدرسہ وي مست بود و فتوي داد،
مي حرام ولي به ز مالِ اوقاف ست

(شراب حرام آهي پر اوقاف جي مال کئون وري به چڱي شيءِ آهي).

اوقاف جيڪا  عقوبت اسان جي مڪليءَ جي تاريخ سان ڪئي آهي، خدا شاهد آهي ته انهيءَ تي جيڪڏهن ڪو ملڪ ۾، اهو داد فرياد، ڪو حاڪم هجي ته انهيءَ تي، انهن ماڻهن، اوقاف جي تجاوز ۽ ڏاڍ تي دانهنجي!

يعني جن قبرن تي ڪتبا هئا، انهن جي رپيئر ۽ انهن کي اسلامي رنگ ڏيڻ لاءِ ان جي اصلي، ۽ اهو ياد رکي ڇڏيو ته تاريخي جاين جي حقيقت مٽائڻ، اوريجنلٽي (اصلي) کي تباهه ڪرڻ، اهو تاريخي هاڃو آهي: هنن ان کي رنگ سائو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته حضور صه جن جي روضي جو رنگ سائو آهي، تنهنڪري هر وليءَ جي قبر سائي هجڻ کپي. بابا، هرون ڀرون توهان ڇو.

هڪڙي ڪنهن دوست چيو ته ڏنڊو پيو آ يار محمد جي مقبري تي. ڀائي ڏنڊو ته اڃا ڪنهن بهادريءَ جي نشاني آ، پيو آ. قلندر لعل شهباز جي سيوهڻ تي، هر عورت ۽ مرد وڃي ٿو ان کي چمي ڏي. اهو ڇاهي؟ ۽ انهيءَ نموني سان، اها سڄي غلط ڳالهه آهي. سڄيون تاريخان مٽائي ڇڏيون ٿئون، رنگ ڏئي ۽ انهن جي چوڌاري ڪٽهڙا ڪڍيا ٿئون، جيڪي اڳي نه ها. شاهجهاني مسجد حالانڪ شاهجهاني نه آ، پر بهرحال شاهجهاني آهي. انهيءَ جي رپيئر ڪرائڻ ۽ ان تي پنهنجي حسن خدمتي ڏيکارڻ لاءِ صفا قطعاً تباهه ڪري ڇڏيو اٿئون. هاڻي در به ڏسندؤ، ونگان به ڏسندؤ ليڪن ڪا شئي ڪانهي.

تنهنڪري، توهان کي مان هڪ عرض ڪري ٿو ڇڏيان ته مانهنجو تجربو اوقاف جيڪو حافظ جو شعر مان ڏسيو مانوَ ته شراب بيشڪ پيئو، ليڪن اوقاف جو مال نه کائو! اهو توهان اوقاف وارن کي ٻڌائي ڇڏيو.

سچل سرمست جي روضي تي ساخت مان مان ڀي سڄي دنيا ڏٺي آهي، اسلامي ۽ انهيءَ جي آرڪيٽيڪٽ جو مطالعو ڪيو اٿم، مانهنجو سبجيڪٽ ڀي آهي. اهڙي يعني خصوصي حيثيت رکي ٿي پئي تعمير ۾، ۽ هندن جي وڃڻ کئون پوءِ اها ڊهي خراب ٿيندي ۽ زبون ٿيندي پئي وڃي، انهيءَ جي رپيئر نه ٿي ٿئي. مان توهان کي عرض ڪندس ته توهان اڪيڊمي ٺاهيو، جڏهن وڻيو ٺاهيو، توهان مالڪ آهيو، مگر روضي جي نه ٺهڻ ڪري جيڪو نقصان پهچندو، انهيءَ جو اندازو آئندهه نسل اچي ڪري سگهي ٿو پيو. ممڪن آهي اسان کي نه ٿئي، ليڪن اوقاف جي ذريعي هن جي رپيئر ڪنهن حالت ۾ نه ٿيڻ کپي! ڇاڪاڻ جو اهو رهيل کهيل نور به هن جو وڃائي ڇڏيندو. تنهنڪري، آرڪالاجيءَ جي ذريعي يا ڪم از ڪم انهن جي سپرويزن ۾. هي روضو تعمير جي لحاظ کان، توهان سڄي سنڌ گهمو، پنهنجو مثال پاڻ آهي.

سڄيءَ شئي غلط آهي ته ڪوٽ ڏجي ميرن ٺهرايو يا رني ڪوٽ ميرن ٺهرايو. ميرن جنگ ڪهڙي ڪئي، جنهن جي لاءِ انهن اڏاوتن جي ضرورت هنن کي هئي؟ ڀائي، خيرپور ۾ فيض محل کان سواءِ مير سڄيءَ پنهنجيءَ حڪومت ۾ ڪا عمارت نه ٺهرائي سگهيا. حيدرآباد غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڪوٽ ۾ اچي ويٺا، ڀائي رني ڪوٽ کي، ڏجي ڪوٽ کي ٺهرائڻ جي هنن کي ڪهڙي ضرورت هئي؟

تنهنڪري، اهي سطحي مسئلا آهن ته سچل، سرمست هو يا الست هو، يا نماز پڙهي ٿئين يا نه اهي سطحي شيون هن، اهي مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ تي ڇڏي ڏيڻ کپن. ليڪن، بهرحال، هن جي رپيئر ۽ هن روضي جو تحفظ، اهو توهان کي سڀ کان اول ڪرائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته مان ڏسان ٿو پيو ڪرندو پيو وڃي.

باقي رهيو سوال اهو ته مولانا غلام مصطفيٰ، توهان کي معلوم آهي، ته هي اسان جو وڏو معتبر ۽ معزز، محترم اسان سڀني جي لاءِ آهي. مذهبن جي ۽ تاريخ جي لحاظ کان به اسان وٽ سند آهي. سندس قول اهو آهي، يا راءِ اها آهي، ته سچل جو انتقال هن مهيني ۾ ۽ هنن ڏينهن ۾ ڪونه ٿيو هو. تحقيق طلب اها ڳالهه آهي، تنهنڪري مان انهيءَ شئي کي اسان جي علي اڪبر درازيءَ تي ڇڏيان ٿو. يعني مولانا جو چوڻ اهو آهي ته سياري جي موسم هئي اها ممڪن آهي! يعني گرمي هجي يا سردي هجي، اسان جيسين غلام محمد صاحب يا تنوير صاحب آهن، تيسين حاضر پيا ٿينداسي. صحت جو ڪهڙو حال به هجي. پر اهي شيون، سڀ نقطا، سوچڻ ۽ تحقيق جي قابل آهن. انهن تي تحقيق ڪيو. ۽ ڄمڻ جي سلسلي ۾ به چون ٿا ته 25 ڊسمبر سچل جي آهي. پر اهي مسئلا اهڙا آهن، جن  تي توهان کي توجهه ڏيڻ کپي، سوچڻ کپي. خدا شاهد آهي، مون کي مان سڄيءَ سنڌ ۾ ۽ ٻاهر ڦران ٿو، ۽ ڏسان ٿو پيو. توهان وٽ ماڻهو سوچيندڙ، لکندڙ، تحقيق ڪندڙ ڪلهه تنوير مان کي ببليو گرافي ڏيکاري آهي، جيڪا هتان جي توهان جي هڪڙي ماڻهو، ماستر ويچاري اڪيلي سر ويهي سچل تي ٺاهي آهي(1). مان سمجهان ٿو ته توهان جي ڪنهن اداري اهو ڪم نه ڪيو هوندو، جيڪو تنها واحد ماڻهو هتي ٻهراڙيءَ ۾ ويهي اهو ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح، توهان ڏٺو ته جنهن پهريون اهو مقالو پڙهيو هتي سائين، اوهان ته افضل آهيو. عرض ٻڌو، قاضي صاحب (علي اڪبر درازيءَ) توهان کان بغير هنن جو ڪم هلي نه سگهندو. قاضي صاحب، اهو ته هنن کي شامل ڪرڻو پوندو توهان کي. توهان جي عشق ۽ توهان جي جيڪا تحقيق ۽ توهان جي جيڪا خدمت ٿيل آهي، تنهنڪري توهان کي وسارڻ هنن جو جرم آهي، تنهن ڪري توهان مطمئن رهو، توهان کان سواءِ ڪو به ڪم نه هلي سگهندو.

منهنجي گذارش اها هئي ته توهان وٽ خام مواد جنهن کي را مٽيريل چئجي ٿو، اهو گهڻو آ. انهيءَ کي فقط ڊيولپ ڪرڻو، انهيءَ کي آئوٽ ليٽ ۽ انهيءَ منجهئون ڪم وٺڻ جي ڪا سوچ ۽ ترڪيب ڪريو.

باقي مان توهان جي مهمان نوازي ۽ توهان جي محنت ۽ توهان جو هتي گڏ ٿيڻ ۽ هن اجتماع، انهن سڀني جي لاءِ توهان جا لکين احسان ۽ ٿورا آهن. لفظن ۾ جن جي ڪابه گنجائش ڪانهي. خدا توهان سڀني کي سلامت رکي!

 

------------

 

 

چار خط

[انساني زندگي توڙي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ جي مطالعي ۾ خط وڏي مدد ڪن ٿا. ليڪن اسان وٽ سنڌ ۾ هن موضوع تي اڃا توجهه نه ڏنو ويو آهي. هت راشدي صاحب مرحوم جا اهي چار خط ڏجن ٿا، جي پاڻ عمر جي آخري حصي ۾، هن ڪتاب جي مرتب (غلام محمد لاکو) ڏانهن لکيا هئائون. انهن خطن ۾ همعصر سنڌي ساهت بابت، اسان جي هن عالم جي سوچ سامهون اچي ٿي، ۽ پڻ سندن زندگيءَ جي آخري لمحن متعلق به مواد مهيا ٿئي ٿو]

 

خط نمبر 1

23 ڊسمبر 1980ع

عزيزم غلام محمد صاحب

بعد سلامن جي عرض ته اوهان جو محبت نامون ۽ ٻه ڪتاب پهتا. وڏي مهرباني، خدا اوهان کي سلامت رکي ۽ تاريخي ذوق اوهان جو ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهي. سنڌ کي اوهان جهڙن باذوق نوجوانن جي اشد ضرورت آهي. جن کي پنهنجي وطن ۽ وطن جي تاريخ سان اُنس ۽ لڳاءُ هجي.

آءُ ڪيتري وقت کان ناخوش رهان ٿو. صحت اطمينان بخش نه آهي. لکڻ پڙهڻ بند آهي. دعا ڪريو رب ڪريم توفيق عطا فرمائي. جيئن چند ڪم ذهن ۾ آهن، اهي پورا ڪريان.

”سنڌ صدين کان“ سرسري ڏٺو اٿم. انداز آهي ته ڪتاب بيحد مفيد ۽ منجهس استدلال جو اندازي بلڪل صحيح آهي. يقين آهي ته هي ڪتاب بيحد مفيد ٿيندو. پڙهي وڌيڪ پوءِ لکندس!

تصوير آءُ جلدي موڪلي ڏيندس. ڪو ڪم ڪار هجي ته بلا حجاب لکندا.والسلام.

خيرانديش

حسام الدين

 

خط نمبر 2

7 فيبروري 1981ع

عزيزم

آءُ چند ڏينهن ٻاهر يعني ڳوٺ ويل هيس. توهان جو خط پهتو. ڪتاب به مليو. ذخيرت الخوانين لاءِ هاڻي خط لکيو اٿم. جيئن ڪتاب پهتو خدمت ۾ موڪلي ڏيندس. تسليٰ فرمائيندا.

آريسر صاحب جو ڪتاب به موڪليو مهرباني. آريسر جي جذبات ڏسڻ کپي. جيڪي ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ سختيون سهن ٿا، انهن کي حق پهچي ٿو ته اسان جهڙن سهل پسندن جي غلطين تي تنبيهه ڪن.

اوهان ميدان ۾ هاڻي پير وڌو آهي. نوان آهيو، ڪنهن جي غصي ۽ ڪاوڙ تي دلگير نه ٿيندا. اڃا ته اڳتي الائي ڇا رکيو آهي. رستو اڙهانگو، سفر طويل ۽ دشوار. ڪم ڪندا هلو. ڪاڏنهن توجهه نه ڏيو. هڪ ڪن کان جيڪڏهن ٻڌو ته ٻئي کان ڪڍي ڇڏيو.

والسلام

حسام الدين

 

خط نمبر 3

2 اپريل 1981ع

عزيزم

السلام عليڪم. ٻه ڪتاب ۽ مضمون پهتو. مضمون ”اردو“ ڏانهن تاڪيدن موڪلي ڇڏيو اٿم. اميد آهي ته شايع ٿي ويندو.

شاهه عنايت پڙهان ٿو. دلچسپ ڪتاب آهي. خاص طرح نقطئه نگاهه قابل ستايش ۽ صحيح آهي. جنهن لاءِ لکندڙ کيرون لهڻيون. ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيم. طارق اشرف جو پهريون ڪتاب پڙهيو اٿم. ختم ڪرڻ بعد ارمان ٿيو ته اسان جا رهبر جيڪڏهن ميرو ڌاڙيل جي ڪردار ۽ اصولن جا هجن ها ته، هن حالت تي اسان نه پهچون ها.

اصول، ڪردار، وفا، نباهه ۽ سانڃاهه جا مثالي نمونا هن ڪتاب ۾ موجود آهن. طارق اشرف وڏي خدمت ڪئي آهي. اهو ڪتاب ڇپي.

سر ۾ سانجهي وير پڙهي ڇڏيم. لکندڙ نهايت ئي ذهانت ۽ ديانت سان تاريخ مان نڪتا ڳولي مرتب ڪيا آهن.

آءُ سنڌ جي لکندڙن مان نا اميد نه آهيان. ذهني ڦيرو جنهن جا اسان متلاشي ۽ آرزومند هياسين سو اچي ويو آهي. اهو زندهه رهڻ جو نشان آهي.

ڊاڪٽر رياض الاسلام کي مضمون لاءِ چيو اٿم. عنقريب ڳولي ڏيندو ۽ آءُ اوهان ڏانهن موڪلي ڏيندس. اطمينان رکندا.

خدا اوهان کي خوش رکي ۽ علمي خدمت ۽ ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏئي.

حسام الدين راشدي

 

خط نمبر 4

9جولاءِ 1981ع

عزيزم غلام محمد صاحب

خط پهتو. اهو ڪتاب پاڪستان جي پهرين يا ٻي حڪومت جي چوڻ تي لکيل ويو هو. سرسري ۽ نامڪمل آهي. ازان سواءِ جديد دور جنهن صورت ۾ شروع نه ٿيو هو، تنهنڪري اهو نظرانداز ٿيل آهي. تاهم ڪتاب مقبول ٿيو، يورپ ۾ ان مان استفادو ڪيو ويو ۽ روس ۾ ان جو ترجمو شايع ٿيو. ارادو هو ته انهيءَ ۾ اضافا ڪري جديد دور به شامل ڪري نئين سر ترتيب ڏيان. ليڪن اڄ تائين اها آس پوري ٿي نه سگهي ۽ نه اميد آهي. توهان ڀلي انهيءَ جو ترجمو ڪيو ۽ شايع ڪيو. بهرحال ڪتاب مفيد آهي. اميد ته اوهان بخيريت هوندا.

والسلام

حسام الدين راشدي


(1)  ان وقت جو ڊي سي، خيرپور

(1)  هي ببليو گرافي محمد علي حداد مرتب ڪئي، ۽ سال 1982ع ۾ ڇجي چڪي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org