سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 21

 

 

اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ

[هي انٽرويو محترم ناصر مورائي ورتو ۽ ان کي رسالي ”برسات“ ڪراچي، ڊسمبر1974ع ۾ شايو ڪيو]

سنڌ جي ڌرتي سدا جوان ڌرتي آهي. زرخيزيءَ ۾ ان جو مٽ دنيا جو ڪو مشڪل خطو هوندو. هن ڌرتيءَ پنهنجي ان خوبصورتيءَ، حسن ۽ زرخيزيءَ جي ڪري جيترو ڌارين بگهڙڻ جا حملا سٺا آهن، اوترو دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ نه سٺا آهن. دراوڙ ڪال کان ويندي هن دور تائين هن ڌرتيءَ جي حسن کي لٽڻ لاءِ ڪيئن جارح حملي آور ٿيندا رهيا آهن هن ڌرتيءَ جنهن جي عظمت جا نشان موهن جو دڙو ۽ رني ڪوٽ آهن. پنهنجي سيني ۾ سوين سورمن، هزارين ڪوپن ۽ ڪونڌرن جي ڪوس جا داستان دٻالٽ ڪري رکيا آهن ۽ پنهنجي عظمت ۽ اعلان کي برقرار رکڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين اهڙا ڪونڌر ڄڻيندي ٿي رهي.

سنڌ جي موجوده ٻڪر ٻوساٽ واري دور ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ پير حسام الدين راشدي ئي واحد شخص آهي، جيڪو سنڌين جي تهذيب، ثقافت ۽ سنڌي ٻوليءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڌارين کان ٿيندڙ حملن جو مقابلو ڪري رهيو آهي.

اروڙ جي فرياد جيئن خاموش ۽ اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ سان واسيل پير حسام الدين راشديءَ وٽ بنا وقت مقرر ڪرڻ جي، چند سوال پني تي لکي ۽ هزارين سوال سيني ۾ سانڍي ٽيپ رڪارڊ ڪلهي ۾ لڙڪائي وڃي پهتس ته ”برسات“ جي پڙهندڙن سان پير حسام صاحب جي ملاقات ڪرايان. باريابي حاصل ڪرڻ جي ابتدائي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ ڪمري ۾ پير ڌريم ته پير صاحب هڪ وڏي ميز جي پٺيان ڪرسيءَ تي ويٺو هو. فرش کان ڇت تائين ڪاٺ جي طاقن تي ڪتاب سٿيا پيا هئا. چوطرف سانت ڇانيل هئي. سلام وارڻ کانپوءِ هڪ ٻئي جي خيريت معلوم ڪئي سون. مان پير صاحب جي شخصيت ۽ ڪمري جي وايو منڊل ۾ مبهوت هئس ته پير صاحب پڇيو: ” ابا، ڪر خبر ڪيئن آيو آهين؟ ان وقت مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اروڙ جي صدين کان خاموش ماٿريءَ مان پڙاڏو اڀري رهيو آهي. مقصد بيان ڪيم ته ساڳئي وقت حجت به رکيم، ڇاڪاڻ جو پير صاحب بي انتها مصروف هو، متان ڪو انڪار ڪري وجهي، مون کي پنهنجي ارادي تي پختو محسوس ڪري پير صاحب کي ٻيو چاروئي نظر نه آيو، ان کان اڳ لکڻ ۾ مصروف هو، سو ڪاغذ پٽ سنڀالي پاسيرا رکي، مون ڏانهن متوجه ٿي فرمايائين : ها، چئه، ڇا ٿو پڇڻ چاهين؟ “ مون ان وچ ۾ ٽيپ رڪارڊر کي تيار ڪري رکيو هو. سوال ڪيم ته : ” پير صاحب توهان  سنڌ جي قديم تاريخ کي سهيڙڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، سنڌين تي توهان جو اهو وڏو احسان آهي، ڇاڪاڻ جو تسلسل نه ٿو ملي ۽ جيڪي ڪجهه تاريخ ۾ موجود آهي اهو بگڙيل صورت ۾ آهي. توهان ان مسئلي تي روشني وجهندا؟“ پير صاحب جواب ۾ ٻڌايو ته:

هن وقت تائين جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، انهن ۾ ڪو به خيال يا ڪو موڙ ڏنل ڪونهي. ان کانسواءِ انهن مان عام حالتن جي ڪا به خبر نه ٿي پوي. اهي فقط وڏن ماڻهن، عالمن، بزرگن ۽ شاعرن جون تاريخون آهن. عام ماڻهن جي ڪهڙي حالت هئي، انتظام ڪهڙو هو، اٿي ويٺي ڪهڙي هئي، مالي ۽ سماجي حالت ڇا هئي، نه فقط ان ڳالهه جي خبر نه ٿي پوي پر اها به ڄاڻ نه ٿي پوي ته سنڌ تي آيل ڌارين حڪومتن هتي ماڻهن سان ڪهڙا ڪلور ڪيا، يا فاتح مفتوح سان ڪهڙي نموني هليو، مرحوم مرزا قليچ بيگ توڙي محمد صديق ميمڻ جي دور تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي تاريخون لکيون ويون، انهن ۾ ان شيءِ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي. مون ماڻهن جي عام زندگي ۽ فاتحن جي مفتوح سنڌين سان سلوڪ کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مطالع آيل مختلف ڪتابن مان ٽڪرا ڪڍي هڪ هنڌ گڏ ڪيا آهن.مثال طور اسان کي اها خبر نه هئي ته ارغونن ۽ ترخانن سنڌين تي ڪهڙا ظلم ڪيا. هاڻي اهي بلڪل وائکا آهن. انهن جي ظلمن ۽ ڏاڍ جا جيڪي به واقعا هئا اهي مون سمورا گڏ ڪري تاريخ ۾ ڏنا آهن. پڌرو آهي ته جيئن ته اهي فارسيءَ ۾ آهن، انڪري انهن جو سنڌي ۾ ترجمو ٿيڻ لازمي آهي. جيستائين سنڌ جي تاريخ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿيندو تيستائين عام ماڻهو ان کي سمجهي نه سگهندا. دهليءَ وارن مغلن جو دور هميشه ساراهيو ويو آهي، پر انهن جي زماني ۾ اتفاق سان ” مظهر شاهجهاني“ نالي فارسيءَ ۾ هڪ اهڙي تاريخ لکي وئي آهي، جنهن ۾ مغلن جي گورنرن ۽ خود مغل بادشاهن جيڪي سنڌين سان ظلم، ڏاڍيون ۽ بي انصافيون ڪيون آهن ۽ سنڌين جيڪي اذيتون سٺيون آهن. انهن جو نهايت اندوهناڪ ۽ دردناڪ نقشو چٽيو ويو آهي. اها تاريخ مغلن جي هڪ ڪاردار لکي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ ۾ مغلن جي ٿيل ڪوتاهين کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها مظهر شاهجهاني تاريخ جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ماڻهن جي آڏو اچي ته مون کي يقين آهي ته ان تاريخ پڙهڻ کانپوءِ ڪو به ماڻهو مغل حڪومتن جي ساراهه نه ڪندو. تاريخ ڪو مذهبي ڪتاب نه آهي، تاريخي واقعا الهامي نه آهن. مذهبي فريضو نه آهن. انهن کي سائنسي انداز سان پڙهڻ ۽ پرکڻ گهرجي. تاريخ هميشه پڙهڻ لاءِ آهي، تلاوت ڪرڻ لاءِ نه آهي، سنڌ جي تاريخ تي سڀ کان پهريون ڪتاب ”چچ نامو“ آهي، جيڪو فارسي ۾ لکيل آهي. اسلام کان اڳ جا جيڪي به سنڌ ۾ ڪتاب هئا سي سڀ مسلمانن جي انهن حملن ۾ تباهه ٿي ويا، جهڙي ريت مسلمانن ٻين هنڌن تي مفتوح ملڪن جا ڪتبخانه تباهه ڪيا آهن. سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو هو، جيڪو عربن جي حملن ۾ تباهه ٿي ويو ۽ پوءِ اها ” چچ نامو“ تاريخ لکي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترا غلط ۽ هٿ گهڙيل واقعا ڏنا ويا آهن. مثال طور اهو چيو ويو آهي ته ڪراچيءَ جي ديبل بندر تي مسلمانن کي ڦريو ويو، زائفون لٽيون ويون ۽ قيد ڪيون ويون. اتان ڀڄي نڪتل ماڻهن وڃي حجاج بن يوسف کي ٻڌايو ته سنڌ جي ماڻهن مسافرن کي ڦريو آهي ۽ انهن توکي ”اغشني يا حجاج“ چئي مدد لاءِ پڪاريو آهي. تنهن تي حجاج، محمد بن قاسم کي سنڌ تي حملي لاءِ موڪليو. اهي ۽ ان قسم جا ماڻهو علامتون (Symbol) ٿي اچن ٿا. اها مسلمان مسافرن جي ڦر واري روايت بلڪل غلط آهي. سنڌ تي حملو، مسلمانن جي ڦر جي داد رسي ۽ ڦر جو مال واپس موٽائڻ لاءِ نه ڪيو ويو هو. ان روايت کي ٿوري دير لاءِ کڻي مڃجي ته اهو ڪيئن روا ٿي سگهي ٿو ته رستي ويندي ڪي چور ڪنهن کي ڦرين ته ان ملڪ تي حملو ڪيو وڃي ! ٻئي پاسي ان کان اڳ عربن سنڌ تي ڏهه ٻارهن حملا ڪيا، انهن جو ڪهڙو جواز هو؟

ظاهر آهي ته عربن جو ٻين ملڪن وانگي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو باقاعدي پروگرام هو، تاريخ ۾ ان حملي کي جائز ڪرڻ ۽ ملڪ گيري کي قاعدي اندر ڄاڻائڻ لاءِ اهو هڪ هٿ گهڙيو واقعو ٺاهيو ويو، جيڪو منطق ۾ بلڪل نه ٿو اچي. اهڙيءَ ريت ”چچ نامو“ تاريخ نه آهي، محض ڏند ڪٿائون آهن. جيڪا به حاڪم قوم ايندي آهي، اها پنهنجي غلط قدمن ۽ عملن جي جواز لاءِ تاريخون لکرائيندي آهي، جنهن ۾ هٿ گهڙيا واقعا درج ڪرائيندي آهي. اهڙي نموني سان اسان جي هر دور جي تاريخ کي بگاڙيو ويو آهي.

ٽيپ رڪارڊر پير صاحب جو آواز محفوظ ڪري رهيو هو ۽ مان سندس زبان مان نڪتل تاريخ جي شفاف جهرڻي جيان وهندڙ ڌارا جي لئه ۾ گم هوس. پير صاحب جيئن بيان پورو ڪري مون ڏانهن سوال ڪرڻ لاءِ نهاريو ته ڇرڪ ڀري پاڻ کي سنڀاليم ۽ آڏو رکيل ڪاڳر تي نظر ڌري ٻيو سوال ڪيم: ”سائين، سنڌ جي قديم تاريخ بگاڙڻ جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن؟“ پير صاحب وراڻيو:

قديم دور کي ايندڙ دور يا حال، ماضيءَ کي بگاڙي، اهو ته سدائين رهيو آهي. ڪنهن به ملڪ جي ڪا به تاريخ صحيح ڪانه لکي وئي آهي. جنهن بادشاهه يا حاڪم تاريخ لکرائي آهي، يا جنهن دور ۾ لکي وئي آهي، انهي بادشاهه کي جائز ثابت ڪرڻ يا ان حاڪم جي حڪومت کي جائز ثابت ڪرڻ يا حاڪم جي حڪومت کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ گذريل بادشاهن يا حاڪمن جا گناهه لکبا ويندا آهن ته جيئن پڙهندڙ ائين سمجهن ته هيءُ بادشاهه يا حاڪم رحمت جو فرشتو آهي، باقي اڳين بادشاهن يا حاڪمن مصيبتون پي پيدا ڪيون آهن.

هندوستان ۾ جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، اهي ٻن نوعيتن جون آهن، هڪڙيون تاريخون اهي آهن، جيڪي مغلن ۽ ٻين بادشاهن سرڪاري طور لکرايون، جيڪي ظاهر آهي ته يڪ طرفيون آهن.

ان کان پوءِ جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي ته هتي گروهه پيدا ٿيا. هڪ هندن جو ته ٻيو مسلمانن جو. انهن گروهن پيدا ڪرڻ ۾ انگريزن جو پنهنجو مقصد به هو. ان دور ۾ جيڪي به تارخون لکيون ويون، انهن ۾ ڪي بت اهڙا بنايا ويا، جن جو مسلمان احترام ڪن ته ڪي بت اهڙا کڙا ڪيا ويا، جن کان هندو نفرت ڪن. انهن ۾ محمود غزنوي ۽ اورنگزيب عالمگير ۽ ڪي ٻيا بادشاهه سرفهرست آهن. اهي تاريخون تاريخي لحاظ کان نه جواب در جواب طور لکيل تاريخون آهن. مثال طور هندن کي چيڙائڻ لاءِ محمود غزنوي کي مسلمانن جو وڏو سورمو، غازي، هندن جو وڏو ڪٽر دشمن ۽ اسلام جي علامت ڪري لکيو ويو آهي. حالانڪ محمود غزنوي هندوستان تي جيڪي به ڪاهون ڪيون، اهي سڀ هن ذاتي ۽ دولت لٽڻ لاءِ ڪيون. اهي اسلام جي سربلندي يا مسلمانن جي ترقي ۽ فائدي لاءِ نه هيون. هندوستان تي حلا ڪري رڳو لٽ مار ۽ قتل غارتگري ڪئي ۽ سمورو لٽيل خزانو غزنيءَ کڻي ويو.

منصورهه جي حڪومت ظاهر آهي ته اسلامي علامت سمجهي ٿي وئي. اهو شهر اتان جا ماڻهو، انهن جي اٿڻي ويهڻي مطلب ته سڀ ڪجهه اسلامي نمونو هو، جنهن کي محمود غزنوي تباهه ڪيو. ڪنهن هندو راجا يا مڪاني بادشاهه نه ڪيو هو. هن ملتان سان به ساڳي ڪار ڪئي، تنهن ڪري اهڙي شخص کي اسلامي علامت يا اسلام جو علمبردار ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟

حقيقت ۾ هو هڪ عام غاصب ۽ ظالم بادشاهه هو، جنهن جو اسلام سان ڪو به واسطو نه هو. جيڪي به مسلمان بادشاهه ٿي گذريا آهن، تاريخ مان انهن جي ڪردار جو جيڪڏهن ايمانداريءَ سان تجزيو ڪبو ته انهن مان ڪوبه بادشاهه مسلمانيءَ جي نقطي تي يا اسلامي علامت بنجڻ تي پورو ڏسڻ ۾ نه ايندو. هي بادشاهه به ٻين قومن جي بادشاهن ۽ فاتحن جهڙا هئا.

مغل بادشاهن ۾ اڪبر جون ڪمزوريون معلوم آهن. جهانگير جون اخلاقي ڪمزوريون بيحد گهڻيون آهن. حالانڪ تاريخ ۾ هن کي عادل ڪري پيش ڪيو ويو آهي. پر سندس پنهنجي ڀائرن يا اولاد سان جيڪا روش هئي، ان جي ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي. پيءُ سان بغاوت ڪيائين. هڪ ايراني عورت تي عاشق ٿيو ته ان جي مڙس کي مارائي هن کي هٿ ڪيائين. شراب بي انتها پيئندو هو. آفيم به کائيندو هو. گهڻي شراب پيئڻ ۽ آفيم کائڻ ڪري سندس پويان ڏينهن مايوسي ۽ بي چيني ۾ گذريا ۽ Narves Breakdown  ڪري موت ٿيس. ان کان پوءِ شاهجهان تخت تي ويٺو، تنهن به پنهنجا ڀائر مارايا. هاڻي اها ڪهڙي اسلامي خدمت هئي يا هندوستان ۾ شاهجهان جي انهن خوني ڪاررواين کان پوءِ اسلام جو ڪهڙو واڌارو ٿيو؟ ان کان سواءِ هو اخلاقي طور تي به تمام ڪمزور هو. اهو سڀ ڪجهه تاريخن ۾ موجود آهي. هاڻي جي تاريخ کي عقيدي سان پڙهبو ۽ لازمي طور اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته مغل بادشاهه فرشته سيرت هئا ته پوءِ ان جو ڪو علاج ڪونهي!

اورنگزيب تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏن ڀائرن سان وڙهيو. داراشڪوهه ۽ ٻين ٻن ڀائرن کي مارايائين. پيءُ کي ڪاٺ ۾ وڌائين. وچئين ڀاءُ جون اکيون ڪڍرايائين، وڏي ڀاءُ کي قتل ڪرائي ان جو سر پيءُ ڏانهن بندي خاني ۾ موڪليائين. مطلب ته اورنگزيب تخت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون خونريزيون ڪيون. ڪيترا دفعا سنڌ ۾ اچي وڙهيا. اها انگريزن جي ڪوشش هئي ته اورنگزيب کي اسلام جو علمبردار ڪري پيش ڪن ته جيئن هندو اورنگزيب کان ڇرڪن ۽ نفرت ڪن ۽ مسلمان هن کي سورمو ۽ اسلام جي علامت سمجهن. اورنگزيب جي ڪردار ڏسجي ته اخلاقي طور بيحد ڪمزور هو، شڪي ۽ بدمزاج هو. هن کي دکن جي چئن مسلمان رياستن کي ناس ڪرڻ لاءِ پنهنجي حياتيءَ جا پنجيوهه سال خرچ ڪيا. هاڻي سوال ٿو اٿي ته اونگزيب جنهن کي اسلام جو علمبردار سڏيو ٿو وڃي، دکن جي انهن چئن ئي رياستن کي ڇو ختم ڪيو؟ کيس گهرجي ها ته انهن مسلمان رياستن کي مستحڪم ڪري ها! پر ائين نه ڪيائين انهن مسلم رياستن سان ساندهه پنجويهه سال جنگيون جوٽيو ويٺو رهيو ۽ مئو به اتي ئي.

شاهجهان توڙي اورنگزيب جي زماني ۾ سنڌ ۾ شورشون هيون. سنڌي بهرحال ڌاين جي حڪومتن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهندا رهيا آهن. ارغونن سان مقابلا ڪيائون. پر سنڌين ۾ جيڪي ذاتي نفاق ۽ عداوتون هيون ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ناڪام به ٿيا آهن ۽ گهڻو ڪري سنڌين کي جيڪا شڪست آئي آهي اها سڌي سنئين وڙهڻ جي ڪري نه آئي آهي پر ڌارين جي سازش ڪري آئي آهي. مثلاً ڄامن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ فيروز شاهه تغلق جو موقعي مان فائدو وٺي سنڌ تي حملو ڪرڻ. جنهن ۾ هن ڄامن کي شڪست ڪانه ڏني پر سازش ڪئي. جهانيان جهان گشت بخاريءَ کي دوکو ڏئي وچ ۾ آڻي ڄام کي صلح تي راضي ڪري پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. مغل، شاهه عنايت سان ويڙهه ۾ پڄي نه سگهيا. مغل گورنر وچ ۾ قرآن مجيد آڻي صلح ڪيو. پوءِ کيس ٺٽي ۾ آندو ويو ۽ قتل ڪيو ويو. هاڻي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌين جڏهن به شڪست کاڌي آهي يا حڪومت وڃائي آهي ته هميشہ سازشن ۽ دوکن سان وڃائي آهي. باقي لڙائي جي ميدان ۾ سنڌين کي ڪڏهن به زير نه ڪيو ويو آهي.

ارغونن ڄام فيروز ۽ صلاح الدين کي ويڙهائي سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي. ارغونن سان درياهه خان وڙهندي شهيد ٿيو ته پوءِ به درياهه خان جا پٽ ۽ راجپوت ارغونن سان هر قدم، هر جاءِ تي مقابلا ڪندا رهيا. هاڻي اهي تاريخي حقيقتون هڪ پاسي آهن ته ٻئي پاسي تاريخن تي جيڪي ڪتاب، اسان ننڍي هوندي کان پڙهيا آهن، انهن ۾ ٻئي قسم جا تذڪرا ڪيل آهن. اهڙي ريت تاريخ کي بگاڙيو ويو آهي. اهو سڀ ان ڪري جو هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ لاءِ انگريزن اهڙيون تاريخون تيار ڪرايون، سنڌ ۾ جيڪي ابتدائي تاريخون لکرايون ويون، انهن ۾ ڪو به علم، قوميت، يا وطن سان محبت جو ڪو احوال نه ڏنو ويو آهي. اهي سڀ تاريخون انگريزن پنهنجي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ لکرايون آهن ۽ انهن ۾ انتهائي غلط مواد ڀريو ويو آهي ۽ افسوس آهي جو اسان جي ئي مؤرخن انهن تاريخن کي لکيو آهي. انهن ۾ يا ته هو اٻوجهه هئا يا لکڻ لاءِ مجبور هئا. هنن هر ٻاهرئين حاڪم کي ”ظل الله“ يعني خدا جو پاڇو لکيو آهي. پوءِ کڻي ان ٻاهرئين بادشاهه، سنڌ جي مسلمان بادشاهه کي قتل ڪيو هجي، جنهن لاءِ کيس ڪو به اسلامي جواز، نه ئي ڪو حق هو، ته به انهن حاڪمن جي ساراهه ڪئي اٿن. انهن کي ڌوئي ڇڏڻ گهرجي. انهن تاريخن سان ذهن صاف نه ٿيندو ۽ اسان جي تاريخ نئين زماني سان هلي نه سگهندي. ان ڪري ضروري آهي ته تاريخن کي نئين سر پڙهڻ گهرجي، نئين سر تدوين ڪرڻ گهرجي ۽ جتي جتي تسلسل ٽٽي پيو آهي، ان کي ڳنڍڻ گهرجي. جنهن لاءِ اسان وٽ تمام گهڻو مواد موجود آهي. فقط اسان کي ڪوشش وٺڻ گهرجي. پيسو گهرجي ۽ پنهنجي ادارن کي فعال ڪرڻ گهرجي.

پير صاحب سوال جو جواب ڏئي پورو ڪيو ۽ مان سوچي رهيو هوس ته: ”سنڌين کي ڪمتريءَ جي احساس ۾ مبتلا ڪندڙ انهن تاريخن کي بلڪل ڌوئي ڇڏڻ گهرجي، جنهن لاءِ سنڌ جي موجودهه نسل کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي آهي.....“ مون سوال ڪيو ته: سائين، سنڌ جي موجودهه تاريخ کي اصلي صورت ۾ رکڻ لاءِ ته جيئن آئيندي جا مؤرخ سنڌ جي هلندڙ دور جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪن، ڪهڙيون ڪوششون وٺڻ گهرجن؟ ”پير صاحب وراڻيو ته:

انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ، اسان جي هن وقت جيڪا تاريخ آهي، انهيءَ لاءِ هر ماڻهوءَ کي اخبارن جي ڪٽنگس، يا اڙدوا خبار ۾ سنڌين تي جيڪي حملا ٿي رهيا آهن، انهن جون ڪٽنگس گڏ ڪرڻ گهرجن، مون کي حيرت آهي ته اردو اخبارون اهي مطالبا ڪري رهيون آهن ته : ”نصابي ڪتابن مان دودي چنيسر جو احوال ڪڍي باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو احوال ڏيڻ گهرجي“ ڇا اسان جي سورمن، اسان جي مشاهيرن کي حق نه آهي ته اسان جي تاريخ ۾ لکيا وڃن؟ ڪراچيءَ جو مثال وٺو، جيڪا سنڌ پرڳڻي جو گادي هوندي به، ڪنهن به سورمي جو نالو رستن تي نه لکيو ويو آهي. سڀ ٻاهرين جا نالا لکيا ويا آهن. هڪڙو شاعر هو. ڄائو به هندوستان ۾ ته مئو به هندوستان ۾، سندس وفاداريون به هندوستان سان هيون ته به سائين ان جو نالو هڪ تمام وڏي ۽ مکيه رستي تي رکيو ويو آهي: ”جگر مراد آبادي روڊ !“ ته منهنجو چوڻ آهي ته هن وقت جي تاريخ تمام آسان آهي ڇاڪاڻ جو اها اسان جي اڳيان هلي رهي آهي. اسان تي جيڪي ناجائز حملا ڪيا ٿا وڃن ۽ جيڪي اسان جا حق ڦٻايا ويا آهن. انهن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ گهرجن.روزمره جي واقعن جي باري ۾ جيڪي اخبارن ۾ ڇپجندو رهي ٿو اهو محفوظ ڪرڻ گهرجي. اهو هر سنڌيءَ جو فرض آهي ۽ وقت ايندو جو انهن اخبارن جون ڪٽنگس ۽ ٽڪرا اسان جي تاريخ بنجندي. ان کان وڌيڪ ٻي تاريخ ٿي نه سگهندي. ڇاڪاڻ جو اسان جي انهن روزمره جي واقعن ۾ عجيب غريب شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. نوڪرين، واپار، زمين، قرضن ۽ شهرن ۾ سنڌين جي دخل هئڻ جي سلسلي ۾ اسان سنڌين تي جيڪي ملڪ دشمنيءَ جا الزام ڌريا ٿا وڃن. ايتري قدر جو هڪ مسلمان ڪنهن ڪافر تي جيڪي الزام هڻي، اهڙا الزام اسان تي هنيا ٿا وڃن، ان سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه مواد هٿ اچي اهو سڀ محفوظ ڪيو وڃي. جنهن مان اسان جي تاريخ جڙندي، سنڌين سان ناحق ٿي رهيو آهي. ڏاڍ ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ جو قوت هنن جي هٿ ۾ آهي. اخبارون هنن جون رهيون آهن ۽ اسان سنڌين کي پٺتي رکيو پيو وڃي. اسان موجوده تاريخ کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اسان ماضيءَ جي تاريخ کي پرکي سگهون ٿا ته جيڏو هن وقت اسان تي ٻاهرين طرفان ڏاڍ ٿي رهيو آهي. ايڏو ئي ماضيءَ ۾ ٻاهرين حاڪمن طرفان سنڌين تي ظلم ۽ ڏاڍ ٿيو هوندو. ان ڪري ماضي ۽ حال سنڌ جي تاريخ لاءِ بلڪل ڳنڍيل آهن. نا انصافين ۽ ڏاڍائين جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي. اڄ جيڪي ڪجهه سنڌين سان وهي واپري رهيو آهي،ا ن کي گڏ ڪري جيڪڏهن ڪو تاريخ لکي ته ان کي گذريل دورن ۾ ٻاهرين حڪمرانن جي سنڌين سان ڪيل هلت سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ان ڪري اسان کي اخبارون پڙهي اڇلائڻ نه گهرجن. اخبارن ۾ درج ٿيل اهي سموريون ڳالهيون ۽ واقعا ڪوري ڪاغذ تي رکڻ گهرجن. مثال طور سنڌي ٻوليءِ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ جيڪا پندرنهن سالن کان هلچل ڪئي وئي آهي، اها ڪنهن کي به ياد نه هوندي. پر مون وٽ اخبارن جون ڪٽنگس آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته فقط اهو مواد سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ لاءِ ڪافي آهي.

مون پير صاحب کان سوال ڪيو:

سائين سنڌ جي سرزمين تي صوفين جي پرچار جو گهڻو اثر آهي. ان تصوف مان سنڌي قوم جي مجموعي سرت ۾ واڌارو ٿيو آهي يا نه _ توهان ان بابت ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ پير صاحب وراڻيو:

سنڌ تي صوفين جو وڏو اثر آهي جيڪو نه فقط مسلمانن تي پر هندن تي به يڪسان آهي. توهان کي معلوم هوندو ته هندو مسلمان بزرگن ۽ صوفين جا مريد هئا. شآهه عنايت، شاهه لطيف، سچل، ٻڍڙي فقير، بيدل بيڪس، ڪنڊڙي وارن توڙيِ اڏيري لال جا هندو به مسلمانن وانگي مريد هئا. مطلب ته تصوف جي سلسلي سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن مان مذهبي ويڇوٽي کي هڪ طرف ته مذهبي ڪٽرپڻي کي ٻئي طرف ختم ڪري ڇڏيو آهي. هندن ۽ مسلمانن ۾ اقتصادي فرق برابر هو، جيڪو به سنڌي مسلمانن جي عملن جي ڪري هو. اسان ۾ جيڪا انساني همدردي آهي. انساني قدر آهن، دلين ۾ نرمائي، اکين ۾ حياءُ، شرم، پاڙي وارن سان مهر محبت جو سلوڪ ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه اسان کي تصوف جي ڪري حاصل آهي. پر هاڻي جيئن حلوو وڌيڪ کائي وڃجي ۽ پوءِ بدهضمي پيدا ٿئي، تيئن جيڪڏهن اسان سئو سيڪڙو تصوف تي هلنداسين ته ظاهر آهي ته اسان کي تڪليفون پهچنديون. تصوف ۽ صوفين جي تعليم اسان سنڌين لاءِ ترياق ۽ اڪسير آهي. باقي جيڪو چيو وڃي ٿو ته اسان جي قوم جي سستي ۽ ڪاهلي صوفين جي اثر ڪري آهي. بلڪل غلط آهي. ان سستي ۽ ڪاهليءَ جا ٻيا ڪارڻ آهن. ان جو هڪ ڪارڻ سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ زمينداري سرشتو آهي. جنهن هيٺ زميندار سنڌ ۾ وچولو طبقو پيدا ڪرڻ نه ٿو ڏئي ته جيئن اهو وچولو طبقو ڪرسين تي ويهي سندن مقابلو نه ڪري. ان ۾ پاڪستان کان اڳ هندو ۽ پاڪستان کان پوءِ ٻاهرئين ڪاموري ملي، سنڌ جي زميندار جو ساٿ ڏنو آهي ۽ سرپرستي پي ڪئي آهي. ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته هر دور ۾ سنڌ تي ڪا نه ڪا ڌارين طاقت رهندي آئي آهي، جنهن سنڌين کي اڳتي وڌڻ ۽ خوشحالي ماڻڻ کان محروم پي رکيو آهي. جيئن هلندڙ دور ۾ اسان کي چيو پيو وڃي ته توهان تي هندن جو قبضو هو ۽ انهن توهان کي غلام بنائي رکيو هو ۽ هاڻي توهان آزاد آهيو. اسين چئون ٿا ته اقتصادي طرح اسان اڃا به بدحال آهيون، جيئن هندن جي زماني ۾ هئاسين. ته جواب ۾ چيو پيو وڃي ته توهان ۾ اهليت ئي نه آهي. توهان سست ۽ ڪاهل آهيو، اڳتي وڌڻ جي ڪا به ڪوشش نه ٿا ڪريو. مان ٿو پڇان ته انهن هندوستان مان لڏي آيل مسلمانن تي به ساڳي طرح هندوءَ جي بالادستي هئي ۽ هتي اچي هو پاڻ کي اهل ۽ لياقت وارو پيا سڏائين ته پوءِ انهن هندوستان ۾ ڇو نه ٿي پنهنجي اهليت ۽ لياقت جا جوهر ڏيکاريا؟ ڳالهه پڌري آهي. اهي هندوستان مان لڏي آيل مسلمان اتي اسان وانگر اقتصادي بدحالي ۾ مبتلا هئا ۽ هتي اچي جوهر ڏيکاريا اٿن. اهڙي ريت سنڌين جي پوئتي پوڻ جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت سواءِ هڪ ڄڻي جي، ٻي پوري حڪومت ٻاهران ٺهي آئي هئي. ان ڪري هتي سنڌ ۾ هندن جون ڇڏيل نوڪريون، واپار ۽ ٻيون ملڪيتون هنن جي هٿ ۾ اچي ويون. اسان ساڳي بدحالي ۾ رهجي وياسين. اهڙي ريت سنڌين جي ترقيءَ جا پورا وسيلا ۽ رستا هنن روڪي ڇڏيا آهن ته پوءِ اسان موڳا ۽ سست نه ٿينداسين ته ٻيو ڇا ٿينداسين ! ان ۾ تصوف جو ڪو به ڏوهه نه آهي. هيءُ هندوستاني مسلمان هتي لکين ايڪڙ زمين، هر اداري ۾ نوڪرين ۽ هر هنڌ تي بنگلن جا ڌڻي ٿي ويٺا آهن. اسان کي خبر آهي ته هندوستان ۾ انهن وٽ ڪجهه به ڪو نه هو. اهو سڀ ڪجهه ڪوڙن ڪليمن جو ڪرشمو آهي. حڪومت سندن ئي هئي پوءِ ناني رڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا وارو حساب هو. حسام الدين کي هتي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لاءِ جاءِ ڪانهي ۽ هيءُ جيڪي هٿين خالي هئا، هٿين خالي آيا هئا، اهي پنج پنج، ڇهه ڇهه بنگلن جا مالڪ آهن. مطلب ته بئنڪن ۾ ، ميونسپالٽين ۾ سندن ماڻهو آهن. ريهبليٽيشن (آبادڪاري) کاتو سندن هٿ ۾ هو، سو وٺي کڻي پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن يارن يا ڳوٺ وارن کي ورسايو اٿن. جيڪي آساميون نڪرن ٿيون، اهي پاڻ ۾ ورهايو ويٺا آهن. سنڌين کي نه ڪا نوڪري ٿي ملي، نه قرض ٿو ملي ۽ نه ئي ڪو پلاٽ ٿو ملي جو جاءِ ٺهرائي سگهن. اخبارون هنن جون آهن ٿوري گهڻي ڳالهه تي وٺي ٿيون واءِ ويلا مچائين، ان ڪري هنن اسان کي منجهائي رکيو آهي. اسان سست نه آهيون. اسان جسماني توڙي دماغي لحاظ کان فقط پاڪستان ۾ نه پر هندوستان ۾ برک آهيون. توهان ڏسندئو ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسان جا ذهين ماڻهو موجود آهن. لکندڙن ۾ به اسان هنن کان تمام مٿي آهيون. هنن وٽ لکندڙن به نه آهن، جيڪي سٺا لکندڙ آهن سي به پنجاب سان تعلق رکن ٿا. هنن ۾ ڪا به لياقت نه آهي. پوءِ اسان اقتصادي طور تي بدحال آهيون ته اهو سنئون سڌو حساب جو معاملو آهي ۽ اهو هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته اسان کي اڳتي وڌڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

مون سوال ڪيو: ”پاڪستاني ثقافت بابت ڪراچي ٽيليويزن تي ٿيل مذاڪري ۾ توهان جيڪي ڪجهه چيو، ان جي خلاف اردو اخبارون باقاعدي لکي رهيون آهن. توهان مهرباني ڪري ان تي تفصيلي روشني وجهندا “ پير صاحب وراڻيو:

ادا ڳالهه هيءَ آهي ته انهن جو دماغ خراب ٿيو آهي. انهن جو نه مطالعو آهي نه سمجهه اٿن. هندوستان مان جيڪي اهي اسان جا ڀائر آيا آهن، اهي گهرن ٿا پيا ته جيڪي ڪجهه هنن وٽ هندوستان ۾ هو، اهو هتي ٿئي، ۽ ان جو نالو اسلام ، ان جو نالو پاڪستان ۽ ان جو نالو پاڪستاني ثقافت ٿئي. جيڪڏهن اسان کي اها صورت هتي اختيار ڪرڻي هئي ته پوءِ هندوستان کان جدا ٿيڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي! ظاهر آهي ته هتان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت، هندوستان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت کان بلڪل جدا آهي. پنجاب، سنڌ، سرحد ڳ ي لکي رهيون آهن۽ بلوچستان انهن سمورن پرڳڻن کي پنهنجون مخصوص ثقافتون، تاريخون ۽ روايتون آهن. پاڪستان کي وجود ۾ آئي مس ڇويهه ورهيه گذريا آهن. جيڪي سياسي خلفشار ۾ گذريا آهن ۽ هاڻي ويهي پاڪستاني ثقافت بابت مذاڪرا ڪرائڻ، منهنجي خيال ۾ وقت کان اڳي ۽ اجايو آهي. ڪا به ثقافت، تهذيب ۽ تمدن ويهن پنجويهن سالن اندر پيدا نه ٿيندي آهي. ثقافت ٺاهي نه ويندي آهي پر خود نسلن گذرڻ کانپوءِ غير شعوري طور پنهنجي صورت اختيار ڪندي آهي. مثال طور مون انگريزي لباس اوڍيو ته انگريز ڪو نه ٿي پوندس ! مان سمجهان ٿو ته هتي ڪنهن نئين ثقافت ٺاهڻ جو ڪو ضرور ناهي. هتي جي چئن ئي پرڳڻن جو مجموعو پاڪستان آهي ته پوءِ اسان جي سنڌي ثقافت به پاڪستاني ثقافت شمار ڪري سگهجي ٿي. هاڻي پاڪستاني ثقافت جو نعروبلند ڪرڻ ۾ سواءِ ان جي ته هندستاني ثقافت جي اسان جي چئن ئي پرڳڻن جي ثقافتن تي بالادستي قائم ٿئي، ٻيو ڪو مقصد نه آهي. فطرت جو قانون آهي ته جيڪڏهن ڪي ٻاهريان ماڻهو ايندا آهن ته انهن کي زماني جي رفتار سان هتي جي اصلوڪي ثقافت ۾ جذب ٿي وڃڻو پوندو آهي، مون کي تعجب لڳو ته هي ماڻهو ان شيءِ تي مذاڪرا ڪرائي قومي پيسي ۽ وقت جو زيان ڪرائي رهيا آهن. جنهن جو نه ئي ڪو وجود آهي، نه ئي وجود ۾ اچڻ جو ڪو امڪان آهي. هتي پنجين ثقافت پيدا ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. باقي جيڪو مغل ثقافت جو راڳ ڳايو پيو وڃي، اها ثقافت مون کي ته نظر ئي نه ٿي اچي. مغل ثقافت کي، اسلامي ثقافت ته درڪنار، انساني ثقافت به چئي نه ٿو سگهجي ۽ اهڙي مغل ثقافت جو اسان جي حالتن ۽ ڪيفيتن سان ڪو به ٺهراءُ ٿي نه ٿو سگهي. مغل فقط بادشاهه هئا. فرد هئا ۽ جيئن ته ڏاڍا بادشاهه هئا، ان ڪري انهن جو عوام سان ڪو به لاڳاپو نه هو. سندن اٿڻي ويهڻي فقط سندن تائين يعني، بادشاهن شهزادن ۽ اميرن تائين محدود هئي. هاڻي اسان جڏهن عوام جو نالو پيا ٿا وٺون ۽ مٿئين طبقي کي گڏي آڻي عوام سان شامل پيا ڪريون ۽ طبقاتي فرق مٽايون ٿا پيا ته پوءِ ان زبون ٿيل بادشاهي ثقافت جو راڳ ڇو! ان بادشاهي ثقافت ۾ ڪيتريون ئي بيهودگيون هيون. مثال طور واجد علي شاهه لکنو جي ثقافت! واجد علي شاهه جو هڪ بادشاهه هو. بيحد ڪمزور هن ۾ گهڻيون ئي اوڻايون ۽ عيب هئا. هن جي اها حالت هوندي هئي جو ٻه مهينا پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو، چي: بادشاهه کي حمل ٿيو آهي، سو هاڻي اسقاط ٿيندو. يا محمد شاهه رنگيلي جيڪي درٻار ۾ ميراثي گڏ ڪيا هئا ۽ هڪ نئين ثقافت جو مظاهرو ڪيو هئائين. هاڻي واجد علي شاهه جي لکنوءَ جي ثقافت، محمد شاهه رنگيلي جي ميراثن جي ثقافت ۽ مغلن جي راجپوت راڻين جي ثقافت، پاڪستاني ثقافت آهي؟ ڇا اسان  اها پاڻ تي مڙهي سگهنداسين!

اها مغل ثقافت هڪ قسم جي مجهول، غير اسلامي ۽ غير انساني آهي ۽ منهنجي خيال ۾ موجوده حالتن ۾ اسان لاءِ زهر آهي. مغل انتهائي عياش، ظالم ۽ عوام جي دولتن مان عيش عشرت ڪندڙ هئا. انهن جو عوام سان ڪو به واسطو نه هو. پوءِ اهڙي ثقافت جو راڳ آلاپڻ، اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ هندوستاني ثقافت مڙهڻ جي ڪوشش کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. باقي رهيو اردو اخبارون، سي گهڻو ڪري بي سروپا ڳالهيون لکنديون آهن. انهن کي پنهنجو وڪرو وڌائڻ ۽ اردو دانن جي رت کي گرم رکڻ لاءِ ڪو نه ڪو  شوشو ڇڏڻو پوندو آهي. سنسي خيزي ته انهن اخبارن جو ڌنڌو آهي. منهنجي خلاف ته اهي اخبارون زبان جي مسئلي کان وٺي لکنديون رهيون آهن ۽ مان انهن ڏي ڌيان نه ڏيندو آهيان. مان جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته تاريخ کي هڪ الهامي يا مذهبي ڪتاب جي حيثيت سان پڙهڻ نه گهرجي. ان کي هڪ تاريخ جي حثيت سان پڙهڻ گهرجي. مون مغل ثقافت لاءِ ”حرامي“ جو لفظ ڪتب نه آندو آهي. ان مذاڪري ۾ جڏهن اهو ذڪر نڪتو ته مغل تهذيب پاڪستان جي ثقافت ٿيڻ گهرجي ته مون کي سخت تعجب لڳو ته ڪاڏي مغل ڪاڏي اسان ! مغلن جو پاڪستان سان ڪهڙو واسطو؟ مغلن جو واسطو هندوستان سان هو. چيو ويو ته مغل اسلام جا اڳواڻ هئا. مون چيو ته بابر کي ڪهڙو ٿي حق پهتو جو ابراهيم لوڌيءَ تي حملو ڪري. بابر ته شرابي هو. خود لکيو اٿن ته هن هتي اچي شراب جا دنگ ڀڄارايا. ابراهيم لوڌي کائنس وڌيڪ پڪو مسلمان هو. شريف النفس هو. مسلمان بادشاهن کان ملڪ کسڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ ته پري رهيو پر مغلن جيڪي هڪٻئي جون، ڀائرن ۽ اولاد جون خونريزون ڪيون. ان سان اسلام جي ڪهڙي خدمت ٿي؟

تاج محل کي حرامي چوڻ ته منهنجو ڪم نه آهي. ڇاڪاڻ جو اها هڪ بهترين عمارت آهي ۽ بحيثيت عمارت جي فنون لطيفه ۾ ان کي وڏو درجو حاصل آهي. پر مسئلو هو ته آيا اهڙي عمارت، هڪ عورت جي قبر تي اڏڻ جو اسان کي هتي پاڪستان ۾ حق پهچي ٿو يا نه ؟ اهو پيسو قومي ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ٿيڻ گهرجي. مون کي يقين آهي ته اسان جي قوم انهن عمارتن کي پنهنجي ثقافتي علامت ڪري ڪڏهن به قبول نه ڪندي. باقي مون اتي اهو چيو هو ته مغلن جيڪي هندو راڻيون پنهنجي حرمن ۾ شامل ڪيون هيون، انهن مان پيدا ٿيل اولاد کي توهان ڪهڙي شرعي حيثيت ڏيندا؟ ڇاڪاڻ جو هندو اهل ڪتاب نه آهن، انهن اسلام به نه قبوليو هو. انهن سان نڪاح جائز نه هو ته اهڙي حالت ۾ جيڪي مغل شهزادا ۽ بادشاهه هندو راڻين جي پيٽ مان پيدا ٿيا. انهن کي ڇا سڏيو ويندو؟

مان سمجهان ٿو ته هندو راڻين کي زوريءَ حرمن ۾ داخل ڪرڻ ڪري، مغلن ۾ جيڪي اسلام جا جزا هئڻ گهربا هئا. اهي منجهائن نڪري ويا. اڪبر بادشاهه تي ان جو وڏو اثر هو، جنهن اسلام ڇڏي نئون مذهب ” دين الاهي“ ٺاهيو. جهانگير جي ماءُ هندو هئي، ان ڪري جهانگير تي اثر ٿيو. هندو راڻين جي ڪري مغلن ۾ گڏيل سڏيل مذهبي جذبو پيدا ٿيو، جيڪو اسلامي جذبو بلڪل نه هو. درشن يا جڳهن ۾ جهروڪا ٺهرائڻ، سج ۽ پاڻي جي پوڄا ڪرڻ مغلن جي اٿڻي ويهڻي ۾ شامل آهن. جيڪو اسلام ۾ بلڪل ناجائز ۽ غير شرعي آهي. ان کانسواءِ انهن مغل بادشاهن جي اعمالن ۽ پرڪارن جي ڪري، باوجود چار سئو ورهيه هندوستان تي حڪومت هئڻ جي به مسلمان اقليت ۾ رهيا ۽ اڃا تائين اقليت ۾ آهن. هاڻي جن بادشاهن جي پرڪارن سان نه ته اسلام کي تقويت پهتي. نه ئي مسلمان وڌي سگهيا ته پوءِ انهن بادشاهن کي اسان ڪهڙي نموني سان اسلام جو علمبردار سڏي سگهون ٿا ! انهن جا اعمال توڙي ڪردار ڪنهن به صورت ۾ تقليد جي قابل نه آهن. منهنجو خيال آهي ته اسان جي مهاجر دوستن کي ”فسانه آزاد“ ۽ ”طلسم هوشربا“ جي ماحول مان نڪرڻ گهرجي. تاريخ ۽ تاريخي واقعن کي تورڻ گهرجي. تاريخ کي مذهب نه بنائڻ گهرجي. هر شيءِ جي تور تڪ ڪري پوءِ لکڻ گهرجي، جيڪي مسئلا آهن، اهي مون کي گاريون ڏيڻ سان، يا سنڌين کي گاريون ڏيڻ سان، يا اردو جي برتري ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت گهٽائڻ سان، يا سنڌي ثقافت کي تسليم نه ڪرڻ سان نبيرجي نه سگهندا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي، جو اسان جا مهاجر دوست حقيقتن کي مڃڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا آهن. ٻيو ته هنن ۾ هن وقت نه ڪو مورخ آهي نه ڪو اديب ۽ عالم آهي. نه ڪو ڪتاب ٿو پڙهي نه ڪو ڪتاب خريد ٿو ڪري. هنن ۾ مطالعي جو شوق بنهه نه آهي. هو مست ٿيا پيا آهن. دولت ۽ ثروت ۾ ، هو فقط گاريون ڏئي ڄاڻن. مغل گڏيل هندوستان جا حاڪم هئا، سندن مٽ، مائٽ، پڦاٽ، ماسات ته ڪو نه هئا، پوءِ انهن بابت ڪنهن ڳالهه تي مون کي چڙ نه ٿي وٺي کين چڙ ڇو ٿي وٺي؟ مان سمجهان ٿو هو ته پنهنجي محدود علم ۽ ڄاڻ جي ڪري بلڪل معذور آهن.

مون سوال ڪيو ته: ”اردو جا اهي هٿ ٺوڪيا دانشور نه فقط توهان ۽ ٻين سنڌي سياستدانن ۽ دانشورن جي خلاف بدڪلامي ڪن ٿا پر روسي عالم پروفيسر گانڪو وسڪي تي به ڏاڍو ڪاوڙيل آهي، جنهن ” هسٽري آف پاڪستان“ ۽ ”پيپلس آف پاڪستان“ جهڙا ٻه شاندار ڪتاب لکيا آهن. توهان ڪجهه ان تي روشني وجهو؟“ پير صاحب جواب ۾ چيو ته:

ادا، اسان جا هيءُ جيڪي مهاجر دوست آهن، انهن جو هڪ ته علم محدود آهي ٻيو ته پاڪستان ۾ اچڻ کانپوءِ هنن پنهنجي چوڌاري هڪڙو دائرو ڪڍي ڇڏيو آهي ان جي اندر جيڪا شيءِ کين پسند آهي اها برحق آهي ۽ ان کانپوءِ ٻاهر جيڪو آواز آهي اهو ڏکيو ٿو لڳين. هنن پاڪستان کي شيشي جو گهر سمجهيو آهي، جنهن کي ڄڻ ڪو ٻاهريون پٿر يا ڪنڪر لڳندو ته ڀڄي پوندو يا ڪا هوا لڳي ته ڊهي پوندو. هنن پاڪستان کي نه ئي ڪو ملڪ سمجهيو آهي نه ئي ڪا مضبوط شيءِ سمجهي آهي.

علمي دنيا ۾ جيئن مان توهان کي ٻڌائي آيو آهيان ته تنقيد ۽ تبصرو برحق آهي ۽ ڪرڻ کپي. ان منجهان واقعن ۽ حالتن جي صحتيابي ٿئي ٿي. تنقيد ۽ تبصري کان باليٰ خدا جي ذات ۽ رسول ﷺ جي رسالت آهي. باقي دنيا جي سمورين شين تي تنقيد ۽ تبصرو ٿيڻ گهرجي. جيستائين اسان کي پنهنجي اوڻاين ٻڌڻ جي جرئت نه آهي تيستائين اسان پاڻ کي سڌاري نه سگهنداسين. پروفيسر گانڪو وسڪي، منهنجو ذاتي طرح به دوست آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته نون لکندڙن ۾ هن جو مرتبو چڱو آهي.

هتي جيڪي پاڪستان جون تاريخون لکيون ويون آهن. اهي تاريخون نه پر مسلم ليگ جا ٺهراءَ (Resolutions)  آهن. پر ٻاهريان عالم هڪ بي طرفدار جي حيثيت سان واقعن کي ڏسن ويٺا. هو نه اسان جا محڪوم آهن، نه مائٽ آهن. اهي نه پاڪستاني آهن ۽ نه مسلمان آهن. مسلمان ۾ پاڪستاني مسلمان! ڇاڪاڻ جو هيءُ جيڪو پاڪستاني مسلمان آهي، ان جي نوعيت ۽ هيئت ٻين مسلمانن کان جدا آهي. جنهن سان نه اسلام ٺهڪي اچي ٿو نه ئي ٻين مسلمانن سان هن جو ڪو تعلق آهي. هيءُ خدا جي هڪ خاص مخلوق آهي، جنهن جي عمر آهي ستاويهه سال !

پروفيسر گانڪو وسڪيءَ اهي ٻئي ڪتاب هڪ بي طرفدار مورخ جي حيثيت سان لکيا آهن، جنهن ۾ سندس آڏو ڪا به مصلحت نه هئي ۽ نه ئي هن تي ڪا بندش هئي. کيس تاريخ جي واقعن ۽ نوشتن ۾ جيڪي ڪجهه ڏسڻ ۾ آيو آهي، اهو برملا لکي ڇڏيو اٿس. جيڪڏهن ان ۾ ڪا اسان جي اوڻائي بيان ڪيل آهي ته ان جي لکڻ جو کيس پورو حق آهي ۽ اسان کي وڏيءَ دل سان ان اوڻائيءَ کي پڙهڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ سڌارو آڻڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اها اوڻائي نه آهي ۽ هن بدنيتي سان لکيو آهي ته ان جو علمي جواب ڏيڻ گهرجي. باقي عالي صاحب جي نه ايڏي وڏي علمي حيثيت آهي نه ئي هو تاريخ ڄاڻي ٿو، نه ئي کيس ڪو ايڏو تاريخي شعور آهي. عالي صاحب، هن عالم ۽ مورخ کي ڪافر ۽ شيطان جا لقب ڏئي رهيو آهي ته ان مان سندس سفا مزاجي هڪ طرف ته پاڪستان جي رسوائي ٻئي طرف ٿئي ٿي. عالي صاحب جا اهي نوشتا باعث شرم آهن. اسان کي اهڙين ڳالهين کا پاسو ڪرڻ گهرجي. اهو عالي صاحب جو مسئلو آهي، اسان جو مسئلو ڪونهي.

پير صاحب کي ڏاڍي ناراضگي هئي. پر مون عرض ڪيو ته ” سائين ان ۾ اسان جو مسئلو ان ڪري آهي، جو انهن ڪتابن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو ذڪر ڪيل آهي“ پير صاحب وراڻيو:

سنڌ  به ته آخر پاڪستان جو جزو آهي. پاڪستان جي تاريخ ڪير لکندو ته سنڌ جو ذڪر ضرور ايندو. ”پيپلس آف پاڪستان“ ڪير لکندو ته سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين جو ذڪر ضرور ايندو. ان تي عالي صاحب کي مٺيان ڇو ٿي لڳي. ڳالهه صاف آهي ته جيڪي هنن جي لڪير تي نه هلن، يا هنن جي طبعيت تي نه پون يا جيڪي هنن جي غلط مقصدن ۽ نيتن جي آڏو اچن ٿا. اهي سڀ غلط ماڻهو ۽ پاڪستان جا دشمن، هي جيڪي هندوستان مان آيا، تن کي هيءُ ملڪ وڌيڪ پيارو آهي. جڏهن جو پاڪستان جي سرزمين اسان جي ملڪيت آهي، اسان سنڌي هتان جا اصلوڪا باشندا آهيون. هتي اسان جون پيڙهيون دفن ٿيل آهن. اهي ٿياسين غدار، ملڪ دشمن، ڪافر، ايجنٽ ، نه معلوم ڇا ڇا الزام آهن اسان تي ! هيءُ ٿيا محب وطن ! ان تي ويهي بحث ڪرڻ بيڪار آهي.انهن تي توجهه ئي نه ڏيو.

پير صاحب کي هاڻي وڌيڪ ڪاوڙ پي آئي. پر مون جو سندس دل پسند موضوع تاريخ تي سوال ڪيو ته ڏٺم ته پير صاحب جي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي، ائين جيئن ڪو محبوب جو ذڪر ٻڌي خوش ٿئي. مون پڇيو ته : ” سائين، توهان جيئن مٿي ذڪر ڪيو آهي ته تاريخ تي جيڪي توهان ڪتاب ڇپيا آهن. اهي فارسيءَ ۾ آهن ۽ انهن کي سنڌي ترجمي ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ان ڏس ۾ توهان ڪهڙيون ڪوششون وٺي رهيا آهيو؟“ پير صاحب جواب ڏنو ته:

ادا منهنجي ڄمار هن وقت چوهٺ ورهيه آهي. جيڪي فارسي ماخذ آهن، انهن جي جيڪڏهن ڇپائڻ جي ڪوشش ڪريان ته منهنجي زندگي جا چند سال ته ڇڏيو ( مون وچ ۾ چيو ته الله توهان کي وڏي حياتي ڏي) اڃا پنجاهه سال گهرجن. منهنجو ڪم متن شايع ڪرڻ آهي. ان ۾ مون ٽي چار ڪتاب سنڌي ۾ لکيا آهن. مون تاريخ کي نئون موڙ ڏنو آهي. مونکان اهو ٿي نه سگهندو ته انهن ڪتابن جا ويهي سنڌي ۾ ترجما ڪريان. ان لاءِ ڪو ٻيو شخص تيار ٿئي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي کي انهن ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ گهرجن. اهي ٻئي ادارا ڪم ڪو نه ٿا ڪن. سست ٿي ويا آهن. سنڌ جي تاريخ تي ماخذ شآيع ڪرڻ ڪم نه آهي.اهو ته ٿيو بنياد وجهڻ ، ڪم اڃا ٻي شيءِ آهي. اسان جو فرض آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ جي تاريخ تي الڳ شعبو قائم ڪرايون. سنڌ جي قديم تهذيب جيڪا پنج هزار ورهيه پراڻي آهي ۽ جيئن هر ملڪ کي پنهنجي تهذيبن تي فخر هوندو آهي، تيئن اسان کي به پنهنجي تهذيب تي فخر ڪرڻ گهرجي، ان ڪري بلڪل ابتدائي تعليم جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي قديم تهذيب، تاريخ ۽ ناليرين شخصيتن جا ذڪر اذڪار آڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌي ٻار کي ننڍي هوندي کان پنهنجي تهذيب۽ تاريخ جي ڄاڻ حاصل ٿئي. پر ادا، اسين آهيون پرائي وس ! سنڌيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي چند نامور هستين جو ذڪر آيو آهي ته اردوءَ جي اخبارن ۽ لکندڙن محشر مچائي ڏنو آهي ۽ اسان جا صاحب قدرت ماڻهو معاملي جي تهه ۾ ڪو نه ٿا وڃن. فقط اخبارن کي ڏسي متاثر ٿا ٿين. هاڻي جي چند ماڻهن جي لکڻ تي اسان ڦاهيءَ جا سزا وار آهيون ته پاڻ هرتو ڪم ڪيئن ڪري سگهنداسين. اهو ته سرڪار ۽ سنڌين کي فيصلو ڪرڻو آهي.

باقي سنڌ جي تاريخ جا ترجما، سنڌ جي سلسلي وار تاريخ لکرائڻ، تاريخ، ثقافت ۽ علم جي ٻين ڪيترن ئي شاخن تي تحقيق ٿيل نه آهي، اها تحقيق ڪرائڻ، سنڌ جي قديم تاريخي جڳهن ۽ آثارن کي محفوظ ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي. ٻيو ته جيڪڏهن تاريخ کي سنڌيءَ ۾ نه آندو ويو ته ان جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي ڪيئن خبر پوندي. ڪيئن سرت ۽ جاڳرتا پيدا ٿيندي ۽ ڌارين جا سنڌي قوم تي ٿيل ظلم هن جي نگاهه ۾ ڪيئن ايندا. پنهنجي ۽ پرائي ۾ جيڪو شرافت ۽ همدرديءَ جو فرض آهي، ان جو هن کي ڪيئن احساس ٿيندو؟ ان ڪري تاريخ کي سنڌي ٻولي ۾ آندو وڃي، جيڪو اسان جي قومي زندگيءَ جو ثبوت ٿيندو. اسان کي هٿ وٺي پوئتي رکيو ويو آهي. گذريل ويهن سالن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڪا نه ڏني ويندي هئي. هاڻي اسان ڪوشش وٺي اهو ڪم ڪرايو آهي، جنهن ڪري غلام علي الانا ۽ ٻين ٻن ٽن کي سنڌي ۾ ڊگريون مليون آهن. ٻئي پاسي ساڳي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ٽيهن کان وڌيڪ شخصن کي اڙدو ۾ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون ڏياريون آهن. ان ۾ جيڪي هن ٿيسس Thesis پيش ڪيون آهن. اهي هتي ڪراچي ۾ پيسن تي لکرايون ويون آهن. اڄ به اهي جيڪڏهن منهنجي سامهون اينديون ته مان نه ٿو سمجهان ته اهي ڪو تاريخي ۽ علمي ترازو تي پوريون لهي سگهنديون. مطلب ته اهو سڀ ڪجهه پنهنجن کي ورسائڻ آهي. اسان ورسائڻ ڪو نه ٿا گهرون، اسان ته حق ٿا گهرون ته جڏهن ته سنڌي زبان ۾ لکندڙ موجود آهن ته پوءِ ڇو نه تحقيق ڪرائي وڃي، اسان جي حڪومت کي انصاف کان ڪم وٺڻ گهرجي. هڪ قوم کي ائين قربان ڪرڻ ڪو ٺهي ٿو !“ پير صاحب خاموش ٿي مون ڏي نهارڻ لڳو.

اروڙ جو اهو خاموش فرياد آهي. مون کي يقين آهي ته سنڌ جو نئون نسل ان فرياد کان خاموشي ڦري وٺندو ۽ سنڌي قوم کي قربان ٿيڻ نه ڏيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org