سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 3

 

 

فتاويٰ عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف ۽ سندن بزرگ*

[راشدي صاحب مرحوم جو هي مضمون مشهور اردو رسالي ”معارف“ جي پرچي نمبر6، جلد 59، سال 1947ع ۾ شايع ٿيو هو. مذڪورهه پرچو شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. جتان هن پيپر جو فوٽو اسٽيٽ حاصل ڪري، ان جو ترجمو ڪيو ويو، جو رسالي ”مهراڻ“ 2/1990ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو]

مغل بادشاهه اورنگزيب (1658-1707ع) جي حڪم سان، فقہ جو هڪ مستند ۽ جامع ڪتاب عربي زبان ۾ تيار ڪيو ويو. هي ڪتاب پوءِ فتاوي عالمگيري جي نالي سان مشهور ٿيو. هن علمي ڪم جي پورائي لاءِ شيخ نظام الدين. برهانپوريءَ جي سربراهيءَ ۾ عالمن جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. ساڻس گڏ چار وڏا عالم: قاضي محمد حسين جونپوري، سيد علي اڪبر سعدالله خاني، ملا حامد جونپوري ۽ محمد اڪرم لاهوري شريڪ ڪار رهيا. هرهڪ عالم سان گڏ ڏهه معاون عالم مقرر ٿيا، جن ۾ سيد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽوي به شامل رهيا. فقہ جو هي جامع ڪتاب اٺن سالن ۾ تيار ٿيو ۽ ان تي عالمگيري سڪي جا ٻه لک رپيا خرچ ٿيا. مترجم

معارف جي ڊسمبر 1946ع ۽ جنوري 1947ع وارن پرچن ۾ فتاوي عالمگيري ۽ ان جا مؤلف عنوان سان جو مضمون ڇپيو آهي، تنهن ۾ سنڌ جي ٻن بزرگن سيد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جا نالا به کنيا ويا آهن، جن کي هن جامع فتاوي جي مؤلفن ۾ شامل هجڻ جو شرف حاصل آهي، صاحب مضمون هنن ٻنهي بزرگن جي باري ۾ مولانا رحمان عليءَ جي ”تذڪره علماءِ هند“ کي پنهنجو ماخذ بننايو آهي، جنهن ۾ ٻن ٽن سٽن کان وڌيڪ سندن سوانح حيات موجود ڪانهي. هيٺ ٻنهي بزرگن بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏجي ٿي.

(1) سيد نظام الدين ٺٽوي

نسب:

سيد صاحب جو نسب هن ريت آهي: ”سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد نظام الدين اول بن سيد نور محمد بن سيد شڪرالله ثاني بن سيد ظهير الدين والاسلام عرف سيد جادم اول بن قاضي شڪرالله اول بن سيد وجيہ الدين بن سيد نعمت الله بن سيد عرف شاهه بن سيد امير نسيم الدين محمد المعروف ميرڪ شاهه بن امير عطاءُ الله جمال الدين المحدث بن سيد فضل الله بن سيد مير عبدالرحمان بن سيد عبداللطيف الحسيني الاسڪني شيرازي.“

وطن:

سندن وڏا شيراز ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ هرات ۾ اچي رهڻ لڳا، هتان ئي قاضي سيد شڪرالله اول بن سيد وجيہ الدين سن 906هه ۾ قنڌار ۾ پهتو.

سنڌ ۾ اچڻ:

قاضي سيد شڪرالله قنڌار ۾ 21 سالن تائين رهيو. ان بعد مرزا شاهه بيگ ارغون جي چوڻ تي، واپار سانگي سن 927هه ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ اچي ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هو صاحب علم ۽ فضل سان گڏ، وڏو متقي ۽ ديندار هو. مرزا شاهه بيگ کان پوءِ جڏهن مرزا شاهه حسن ارغون بادشاهه بنيو، تڏهن قاضي صاحب کي ٺٽي جي قضا جي مسند تي فائز ڪيو ويو.

هڪ ڀيري شاهه حسن ڪجهه واپارين کان چند گهوڙا خريد ڪيا ۽ ڏوڪڙن ڏيڻ ۾ ڄاڻي واڻي ايتري سستي ڪئي، جو واپاري مايوس ٿي قاضي سيد شڪرالله جي عدالت ۾ دعويدار ٿيا. قاضيءَ، بادشاهه کي جوابدار جي حيثيت ۾ عدالت ۾ طلب ڪيو ۽ جڏهن هو آيو ته، کيس فريادين سان گڏ بيهڻ جو اشارو ڪيائين. ڪيس هليو ته بادشاهه دعوي جي درست هجڻ جو اقرار ڪيو ۽ فريادين کي رقم ڏئي راضي ڪري ورتائين. بعد ۾ قاضي مسند تان اٿيو ۽ اڳتي وڌي سلطنت جا آداب بجا آڻي. بادشاهه کي پنهنجي مسند تي آڻي ويهاريائين. مرزا شاهه حسن پنهنجي قبا ۾ لڪل اگهاڙي تلوار ڪڍي، قاضي صاحب جي سامهون رکي ۽ چيو ته: ”اڄ جيڪڏهن اوهين فيصلي کان اڳ سلطنت جا آداب بجا آڻيو ها ۽ مون کي منهنجي درجي کي ڏسي، دعويدارن سان گڏ نه بيهاريو ها ته، هن تلوار سان اوهان جو سر قلم ڪيان ها.“ تنهن تي قاضي پڻ مسند هيٺان رکيل اگهاڙي تلوار ڪڍي ڏيکاري ته مون پڻ اهو خيال ڪيو هو ته متان بادشاهه شريعت جي خلاف هلت ڪري ۽ انهيءَ وقت ڪوبه ماڻهو ويجهو اچڻ جي جرئت نه ڪري ته، مان پاڻ هن ترار سان شرعي سياست بجا آڻيندس. ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب استعفا ڏني ۽ شاهه حسن، سندس جاءِ تي محمد اچيءَ کي مقرر ڪيو.

صاحب تحفة الڪرام لکي ٿو ته: ”قاضي شيخ محمد اچي آل جعفر ڏي منسوب ۽ وقت جي مشهور عالمن مان آهي. پهريان هرات کان اچ پهتو هو. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ جڏهن سيد ميران محمد جونپوري ٺٽي آيو ۽ وقت جي عالمن مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني، تڏهن هن قاضيءَ ان ولي اڪمل جي تڪفير سان تعلق رکندڙ، ظاهر پرست عالمن جي دليلن کي نهايت مناسب رد ڏنو. ڇاڪاڻ ته هيءُ پاڻ حقيقت جو ڄاڻو ۽ حال جي صاحبن جي درجي کان واقف هو. سيد ميران محمد هن جي حال ڏي توجهه فرمائي، سندس اولاد ۾ خوشحالي ۽ بزرگيءَ جي دعا ڪئي. ان ڪري هن خاندان تي ڪنهن به حادثي جو اثر نه ٿو ٿئي. بعد ۾ اچ ۽ ملتان کان پوءِ سکر ۾ رهيو، پر پهرين مشهوريءَ ڪري اچ ڏي منسوب رهندو آيو. جيئن اڳ ذڪر ٿي آيو ته ٺٽي جي قضا تان قاضي سيد شڪرالله استعفا ڏني، تڏهن مرزا شاهه حسن، مٿئين قاضي جنهن سان هن جا اڳئين وطن هرات کان ئي خانداني لاڳاپا هئا، ۽ انهن تعلقات کي برقرار رکڻ لاءِ هت پڻ هڪ ٻئي جي ڀرسان، رهائش ۽ واسطو پيدا ٿي پيو هون، جي رٿ موجب کين گهرائي (شيخ محمد کي) انهيءَ معزز عهدي تي فائز ڪيو، ميران سيد محمد جونپوريءَ جي دعا جي برڪت ۽ قديمي نجابت سبب، هي عهدو مورثي طور تي سندس اولاد لاءِ وقف ٿيل آهي. مرزا عيسيٰ جي حڪومت جي شروعاتي زماني ۾ فوت ٿيو. ٻه عالي گوهر پٽ ڇڏيا اٿس. ان بعد سندس اولاد جو تذڪرو اچي ٿو(1).

وڏا بزرگ:

سيد شڪرالله ٺٽي جي انصارين مان شادي ڪئي، جنهن مان سيد ظهيرالدين پيدا ٿيو، سيد ظهيرالدين جي باري ۾ ”تحفة الڪرام“ جي صاحب لکيو آهي ته: ”والد بزرگوار جو جاءِ نشين ٿيو. هو فضيلت ۽ چڱي حالت جو مالڪ هو، ظاهر ۽ پرهيزگاري، شريعت جي پابندي ۽ درس توڙي تدريس ۽ باطن ۾ فقيريءَ جي واٽ ۽ وڏن جي طريقي تي هلڻ ۾ مشغول هو(2).

تاريخ طاهريءَ جو مصنف کيس هن ريت ياد ڪري ٿو: عزت ۽ سيادت جي درياءَ جو موتي، فصاحت ۽ بلاغت جي کاڻ، سڀني علمن ۽ معنائن جو جامع مير ظهيرالدين(3). کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ شڪرالله ثاني، ٻيو سيد عبدالرحمان. سيد شڪرالله بابت ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي. ته: پيءُ ۽ ڏاڏي جي وصفن سان سينگاريل هو ۽ زماني ۾ نالي ۽ نيڪيءَ سان گذاريائين.“ هڪ يادگار مسجد به پنهنجي محلي ۾ ٺهرايائين. کيس چار پٽ ٿيا. سيد محمد حسن، سيد نور محمد، مير سيد ظهيرالدين جادم ثاني، ۽ سيد لطيف الله.

سيد نور محمد بابت ”تحفتة الڪرام“ ۾ آهي ته پنهنجي وقت ۾ علم ۽ معرفت جو پورو پورو مظهر ۽ دين ۽ يقين وارن جو مرجع هو. کيس هڪ پٽ سيد نظام الدين ٿيو، جو تحفته الڪرام موجب علم ۽ ڪمال ۾ منظم ۽ حال توڙي قال ۾ توفيق جو صاحب هو. کيس چار پٽ ٿيا: سيد نعمت الله، سيد نور محمد ثاني، سيد فضل الله ۽ سيد محمد شفيع.

سيد نظام الدين ثاني:

سيد نور محمد ثانيءَ کي ٻه پٽ ٿيا. سيد ابوالقاسم ۽ سيد نظام الدين ثاني، هيءَ سيد نظام الدين ثاني ”فتاويٰ عالمگيري“ جي مؤلفن مان هڪ آهي. مير علي شير قانع سندس متعلق لکي ٿو: سيد نظام الدين ثاني فقہ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽ ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو. طبيعت جي جذبي جي وس ٿي جهان آباد (دهلي) ڏي هليو ويو. اتي ٻين عالمن جون ”فتاويٰ عالمگيري“ بابت ڪيئي مشڪلاتون حل ڪيائين. بادشاهه کي خبر پئي ته کيس عهدي قبول ڪرڻ جي آڇ ڏنائين. ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي قاعدي موجب علم وارن کي نوڪر جي نالي سان نه سڏيندا هئا. سيد ان عهدي وٺڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي بادشاهه وظيفي قبول ڪرڻ جي تڪليف ڏني، ته به سيد راضي نه ٿيو. نيٺ جلد ئي اتي آخرت جو سفر اختيار ڪيائين.(4)

کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد عرب شاهه ۽ ٻيو سيد احمد. سيد عرب شاهه پڇاڙيءَ ۾ مجذوب ٿيو ۽ ڪوبه اولاد نه ڇڏيائين. سيد احمد کي هڪ پٽ سيد عطاءُ الله ٿيو، جنهن شادي ڪئي ۽ اولاد وارو به ٿيو. ليڪن عين جوانيءَ ۾ هي به مجذوب ٿي ويو.

پويان بزرگ:

سندس پوين بزرگن ۾ امير نسيم الدين ۽ عطاءُ الله جمال الدين ۽ پڻ سندس چاچي بزرگوار مير اصيل الدين جو تذڪرو، قاضي نورالله شوستري ”حبيب السير“ جي حوالي سان ”مجالس المؤمنين“ ۾ ڪيو آهي. وڌيڪ هي ته ”روضة الصفا“ ۽ ”هفت اقليم“ ۾ به سندن ذڪر آيو آهي. ٻئين جلد ۾ ”تحفة الڪرام“ جي صاحب به، انهن حوالن سان سندن حالات بيان ڪيا آهن.

(1) امير جمال الدين عطاءُ الله بن فضل الله المحدث الاسڪني الشيرازي، سيد نظام الدين ثانيءَ جو ٻارهون ڏاڏو آهي. سندس متعلق ”تحفة الڪرام“ ۾ اچي ٿو: عقلي ۾ شرعي علمن سان سينگاريل، علم حديث جو ڄاڻو: تحفة الاحباء، رياض السير ۽ روضة الاحباب – سندس لکيل ڪتاب آهن(5).

اڳتي هلي ”حبيب السير“ جي حوالي سان لکي ٿو: هيءُ بزرگ پنهنجي چاچي امير اصيل الدين وانگر زماني ۾ علم حديث جو بي مثال ڄاڻو، سڀني ديني ۽ يقيني علمن جو ٻين کان وڌيڪ ماهر ۽ پنهنجي چاچي جو شاگرد آهي. ڳچ سال مدرسه شريفيه سلطانيه جي گنبذ ۾ جتي حضرت خاقان منصورهه جو دو قبو آهي، ۽ ان کان پوءِ خانقاهه خلاصيه ۾ درس ۾ مشغول رهيو. هفتي ۾ هڪ ڀيرو جامع هرات ۾ وعظ ۽ نصيحت جي مجلس به ڪندو هو. سلطان ۽ حاڪم سندس خدمت ۾ وڃڻ کي واجب ڄاڻندا هئا(6).

هفت اقليم ۾ امين رازي لکي ٿو ته: سيد اصيل الدين، عبدالله جو ڀائٽيو آهي. پنهنجي وقت جي اڪابرن ۾ نالي وارو هو. سندس دل، ڪتاب الاهي ۽ حضرت رسالت پناهه ﷺ جي حديث مبارڪ سان روشن آهي.

زبانش مظهر اسرارِ تحقيق
ضميرس مظهر انوار توفيق
جمال دين مزين ز اهتمامش
علوم شرع واضح ز ڪلامش

مطلب ته ان جي زبان تحقيقي اسرار جو مظهر آهي. سندس دل به توفيق جي نور جو مظهر آهي. سندس ئي ڪوشش سان دين جي سونهن آهي. سندس ڪلام مان شرعي علم چٽو آهي. سندس ڪتابن مان ”روضة الاحباب“ زماني ۾ مشهور آهي(7).

(2) امير نسيم الدين، امير جمال الدين جو پٽ ۽ سيد نظام الدين جو يارهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو آهي. ان جي لاءِ مير علي شير لکيو آهي ته، حديث جي علم ۾ زماني جو وڏو ماهر هو، پنهنجي والد بزرگوار جي مسند تي مٿئين مدرسي ۾ مقرر هو. سندس پٽ سيد عرب شاهه والد وارين صفتن سان سينگاريل هو. ان بعد سيد وجيہ الدين سندس قائم مقام ۽ يادگار آهي. سندس پٽ شڪرالله شيرازي ٿيو، جنهن جو احوال ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾ ٺٽي جي بيان ۾ آيل آهي(8).

هي اهو ئي قاضي سيد شڪرالله شيرازي هو، جو سن 906هه ۾ هرات کان قنڌار ۾ آيو ۽ سن 927هه ۾ قنڌار کان سنڌ پهتو.

(3) امير جمال الدين عطاءُ الله جي چاچي سيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله الحسيني الاسڪني الشيرازيءَ جي سلسلي ۾ ”تحفتة الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو ته: علم تفسير، حديث، انشا ۽ تاليف ۾ سندس ڪو به ثاني نه هو. پاڻ سلطان ابو سعيد جي زماني ۾ (855- 872هه) شيراز کان هرات ۾ اچي رهيو، هر هفتي هڪ ڀيرو مدرسي مهد عليا گوهر شاد آغا ۾ خلق کي وعظ ڪندو هو. ان طرح سان ربيع الاول مهيني ۾ حضرت رسول الله ‌ﷺ جي مجلس بيان ڪندو هو. سندس تصنيفات مان: شرح درج الدرر برسير سينہ خيرالبشر ۽ مزارت هرات – اهم آهن. تاريخ 17 ربيع الاول سن 803 هه ۾ فوت ٿيو. کيس ٻه ناليرا پٽ: صفي الدين محمد ۽ برهان الدين محمد آهن(9).

ساڳئي سيد جي باري م ”هفت اقليم“ جو صاحب لکي ٿو ته: سيد صاحب شرافت ۽ جلالت جي حقيقت ۾ مشهور هو. علم تفسير ۽ حديث ۾ به بي مثل هو. سلطان ابو سعيد جي زماني ۾ شيراز کان لڏي، هرات ۾ اچي ٽڪيو. هفتي ۾ هڪ ڀيرو بادشاهه جي تحريڪ تي وعظ ڪندو هو. سندس لکيل ڪتاب – درج الدرر برسير سينہ خيرالبشر ۽ مزارات هرات – جڳ مشهور آهن(10).

هن خاندان جي ڪجهه ٻين بزرگن جو تذڪرو به آيو آهي. مير اصيل الدين جي سوٽ سيد الحڪماء امير صدرالدين محمد شيرازيءَ جي باري ۾ ”هفت اقليم“ ۾ اچي ٿو ته طبيعت جي رواني ۽ ذهني فراواني جي ڪري سڀني متبحر عالمن ۽ پوئين دور جي فاضلن ۾ ممتاز ۽ نالي وارو هو. تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد، درس تدريس شروع ڪيائين. ان بعد تصنيف ۽ تاليف تي همت ۽ ڪوشش ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب مشهور آهن: رساله تحقيق علم واثبات واجب، حاشيه شمسيه ۽ مطالعه وحاشيه تجريد، سندس وفات سلطان يعقوب جي وفات کان پوءِ سگهوئي ٿي(11). هن ڏس ۾ ”تحفة الڪرام“ ۾ پڻ ساڳي عبارت آرائي ٿيل آهي.(12)

امير صدرالدين جي پٽ خاتم الحڪماء، غوث العلماءَ، امير غياث الدين منصور شيرازيءَ جي لاءِ ”هفت اقليم“ جو صاحب لکي ٿو ته: هو چنڊ جي روشني ۽ وڻ جو ميوو آهي. پيءُ کان پوءِ علم ۽ فضل ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس حڪمت ۽ رياضيءَ جي علمن جي مهارت جو، غلغلو ويجهي ۽ پري جي عالمن جي ڪنن تائين پهتو ۽ پڻ سندس علم و فضل جو آواز به هرطرف گونجڻ لڳو.

وصف خورشيد ازنگويد هوشمند

فيض نور اوبود مدحش پسند(13).

هن متعلق وڌيڪ تفصيل ”تحفة الڪرام“ ۾ اچي ٿو: سندس ولادت سن 900هه ۾ ٿي. پنهنجي والد بزرگوار امير صدرالدين کان علم جي تحصيل ڪيائين. چوڏهن سالن جي عمر ۾ علامه دوانيءَ سان مناظرو ٿيس. ويهن سالن جي عمر ۾ سڀني علمن کان فارغ ٿيو. ڪجهه وقت صدارت جو عهدو ماڻيائين. عراق کان مجتهد الزمان شيخ علي بن عبدالعالي تختگاهه ۾ آيو ته، ڪن فسادين شيخ ۽ سيد جي وچ ۾ مناظرو ڪرائي وڌو. بادشاهه مجتهد الزمان جي حمايت ڪئي ۽ سيد صاحب ناراض ٿيو. ان بعد صدارت جو عهدو ڇڏي شيراز هليو ويو، جتي سن 948هه ۾ فوت ٿيو(14).

تحفة الڪرام ۾ حبيب السير جي حوالي سان سندس تصنيفات جي هڪ ڊگهي لسٽ موجود آهي. حبيب السير جي صاحب سندس هي تصنيفون ڏٺيون. ڪتاب حجة الڪلام، ڪتاب محڪمات شرح هياڪل انوار، شرح رساله الثبات واجب، ڪتاب تعديل الميزان يعني منطق شفا جو خلاصو، ڪتاب معيار الافڪار،  خلاصه تعديل الميرازن، ڪتاب لوامع، معارج علم هيئت ۾ (هي ڪتاب سترهن سالن جي عمر ۾ لکيائين)، ڪتاب تجريد برحڪمت، رساله معرفت قبله، معالم الشفا طب ۾، معالم الشفا جو خلاصو شافيه، سفرو يه هيئت، حاشيه برالاهيات شفا، حاشيه براشارات، حاشيه برحڪمت العين، رساله در باب خلافت فرزند مير صدرالدين محمد، رد برحاشيه، تهذيب رد حاشيه شمسيه علامه دواني، رد حاشيه خلاصته التحقيق، رد برانموذج، رساله در تحقيق جهات، رد برساله زدار(؟)، رساله مشارق در اثبات واجب، ڪتاب اخلاق مغفوري، حاشيه براوائل ڪشاف، تفسير سورهه، ڪتاب مقامات العارفين (هي رسالو تصوف ۽ اخلاق ۾ پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)، رساله قانون السطنت، هنن ڪتابن کان علاوه هي ڪتاب به سندس چيا وڃن ٿا: رياض الرضوان، ۽ ڪتاب اساس در علم هندسہ وغيرهه. حبيب السير جي ليکڪ پڻ سندس ڪتابن جو تفصيل آندو آهي(15).

سيد غياث الدين کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد شرف الدين. ٻيو سيد مير صدرالدين. هن خاندان جي ٻين ٻن بزرگن جو ”تحفة الڪرام“ ۾ ذڪر آيو آهي. يعني سيد نظام الدين احمد ۽ مير حبيب الله. هي ٻئي بزرگ به علم ۽ فضل جي لحاظ کان زماني ۾ بي مثال هئا.

شڪرالاهي سيد:

قاضي سيد شڪرالله شيرازيءَ جي نسبت سان، مير نظام الدين جو خاندان، ٺٽي ۾ شڪر الاهي شيرازي سيدن جي نالي سان مشهور ٿيو. هن خاندان جا گهڻو ڪري سڀ ماڻهو، علم و فضل ۾ ديني مرتبي جي ڪري، زماني ۾ مشهور ٿيندا آيا آهن. اڄ به هي خاندان پنهنجي قديم محلي ۾ آباد آهي. موقعي جي مناسبت سان آءُ هن خاندان جي چند بزرگن جو به ذڪر ڪندس، ته جيئن اندازو ٿئي ته هن گهراڻي جي مختلف ماڻهن، سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ علم ۽ ادب توڙي مذهب جون ڪهڙيون ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون.

سيد شاهه ولي:

سيد شاهه ولي بن سيد ابوالقاسم بن سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪرالله ثاني. علامه مخدوم رحمة الله جهڙي مشهور بزگ جو شاگرد هو. هو املا، انشا، ۽ شعر ۾ صاف طبيعت جو ۽ ڪافي ذهنيت جو مالڪ هو(16).

”تحفة الڪرام“ جو صاحب، مير علي شير قانع مقالات الشعرا ۾ سندس ذڪر هن ريت ڪري ٿو: تقوي، پرهيزگاري ۽ علمي ڪمالات جي فنن سان سينگاريل، پنهنجو وقت ڪتابن جي اڀياس ۾ گذاريندڙ ۽ طالبن کي درس ڏيندڙ هو. وڏن جي پيرويءَ تي پورو ۽ بزرگيءَ سان سينگاريل، حسن خلق ۾ وڏن ننڍن ۾ مصروف هو. (17).

سيد شاهه ولي ”تحفة المجالس“ نالي هڪ ڪتاب لکيو آهي. شوال جي 13 تاريخ سن 1150هه رات جي وقت پنهنجي جاگير جڳت پور، تعلقي ڪڪرالي (سنڌ) ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش اتان آڻي، 15 تاريخ سندس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان جي هڪ شاگرد لطف الله قدفات في عشقہ (يعني هو الله جي عشق ۾ وفات ڪري ويو)، مان هن جي وفات جي تاريخ ڪڍي آهي.

سندس ٻه فارسي شعر ”مقالات الشعرا“ ۾ نموني طور ڏنل آهن. ”تذڪره علماءَ هند“ ۾ صفحي 250 تي به سندس ذڪر ملي ٿو. کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد محمد ناصر ۽ ٻيو سيد محمد سراج الدين.

مير سراج الدين:

هي به سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. تاريخ گوئيءَ ۾ ان کي خاص ملڪو حاصل هو. ”تحفظ الڪرام“ ۾ آهي ته وڏن جي وصفن سان سينگاريل، وڏن جو يادگار ۽ جاءِ نشين، سهڻن اخلاقن جو مالڪ آهي......طبعيت ۾ شعر جو چڱو جذبو هوس ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو(18)

سيد غلام اوليا:

سيد غلام اولياءَ بن عنايت الله بن اسد الله بن سيد عنايت الله بن سيد عبدالرحمان بن سيد ظهير الدين و السلام عرف مير جادم بن سيد شڪر الله اول. هي سيد تمام وڏو بزرگ ۽ اهل دل انسان ٿي گذريو آهي. ان بابت مير علي شير لکي ٿو ته ؛ سيد غلام اوليا ڦوهه جوانيءَ ۾ ظاهري توڙي باطني علمن جي تحصيل ڪري، تقوى ۽ پرهيزگاريءَ ۾ وڏو درجو حاصل ڪري، هميشه جي دستور موجب هر روز سيد عبدالله  جي زيارت تي ويندو هو ۽ پنهنجو برڪت ڀريو وقت چڱن ڪمن ۾ صرف ڪندو هو. هو ڪرامتن جو صاحب به هو ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ هن فاني دنيا کي رخصت چئي، مريدن جي خاص جماعت پٺيان ڇڏيو ويو.، هر مهيني جي 21 تاريخ سندس وفات جي تاريخ تي، مريدن جي جماعت مزار جي زيارت تي پهچي ختمو خيرات ڪري مشڪل حل ڪرائيندي آهي(19).

سيد محمد ناصر

سيد محمد ناصر بن سيد عطاءُ الله بن سيد نعمت الله بن سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد شڪر الله ثاني بن سيد ظهير الدين بن سيد قاضي شڪر الله اول. هي سيد زهد ۽ تقوي ۾ زماني ۾ عجوبو هو. تحفته الڪرام ۾ آهي ته، هن ڪڏهن به ڪنهن عورت جو منهن نه ڏٺو. ايتري تائين پاڪ هو جو جانورن ۾ نر ۽ ماديءَ ۾ فرق نه ڪري سگهندو هو. پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ ڪامل هو. سندس پوئلڳن جي گهڻائي هئي. جن جي حاجت روائي ڪندو رهندو هو.

هڪ ڀيري ٺٽي ۾ اچي ڏڪار پيو. ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ مهانگائي ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿي، وڃي ولين جي قبرن تي دعائون گهرڻ لڳا. ڪنهن ماڻهو خواب ۾ ڏٺو ته، جيڪڏهن ڪو اهڙو پرهيزگار جنهن عمر ڀر ڪنهن عورت جو منهن نه ڏٺو هجي، سو ٻاهر مينهن لاءِ نماز پاڙهيندو ته، پوءِ دنيا تي رحمت جي مينهن جي پالوٽ ٿي سگهندي. ماڻهو هن سيد وٽ پهتا. پنهنجي والد جي چوڻ تي، ٽي ڏينهن باران نماز پڙهائي دعائون گهريائين. رحمت جو ڪڪر جوش ۾ آيو. آخر مينهن وسيو.

سيد نظام الدين جي ٻئي ڏاڏي يعني سيد نور محمد جي ڀاءُ سيد ظهير الدين جادم ثانيءَ جي اولاد مان گهڻا ڪمال وارا بزرگ پيدا ٿيا.

سيد محمد ڪاظم:

سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين ثانيءَ بابت تحفته الڪرام ۾ آهي ته، سيد محمد ڪاظم عجيب حالتن جو مالڪ هو. ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن ننڊ ۾ جنهن کي عين بيداري سمجهڻ گهرجي. خلوت ۾ پيو هوندو هو ۽ ماڻهو هن جو قلبي ذڪر ٻڌندا هئا. آخر پاڻهي جاڳندو هو. اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ڪماليتون هيس جن جو شمار مشڪل آهي(20).

تحفته الڪرام جو صاحب:

مير عليلطان يعقوب جي وفات کان پوءِ سگهوئي ٿي(11). عه وحاشيه تجريد. از ۽ نالي وارو هو. ي مهد عليا گوهر شاد آغا ۾ خلق کي وعظ ڪندو ه ئي ته کيس عهدي قبول ڪرڻ جي آڇ ڏنائين.  ين ثاني فقہ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽ ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو.  شير بن سيد عزت الله بن سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين به هن سلسلي جو هڪ چمڪندڙ موتي هو. پاڻ : تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعرا- ۽ ٻيا به ڪيترائي يادگار ڇڏيا اٿس. پاڻ خاص ڪري ذڪر ڪيل هي ٻه ڪتاب نه لکي ها ته ، اڄ اسين سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کان بلڪل بي خبر هجون ها.

مير عظيم الدين:

        هن خاندان جي ٻي هڪ عظيم شخصيت مير عظيم الدين جي آهي. سندس سلسلو هن ريت آهي: سيد عظيم الدين بن سيد يار محمد بن سيد عزت الله بن سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين ثاني. هي سيد به وڏي درجي وارو شاعر ۽ اديب هو. هڪ ديوان، هڪ مثنوي هير رانجهو ۽ هڪ منظوم تاريخ ”فتح نامه“ سندس يادگار آهن.

        مطلب ته سيد نظام الدين مؤلف ” فتاوي عالمگيري“ جو سڄو خاندان شيراز، هرات ۽ قنڌار کان وٺي سنڌ تائين، ڪيئي صديون برابر علم جو درياءَ وهائيندو ۽ دين جي خدمت انجام ڏيندو رهيو.

(2) قاضي ابو الخير ٺٽوي

        سيد نظام الدين ٺٽويءَ کانپوءِ ”فتاوي عالمگيري“ جي مؤلفن ۾ قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جو نالو اچي ٿو. هي بزرگ سنڌ جي مشهور مردم خيز ۽ تاريخي شهر ٺٽي جو رهاڪو هو. پاڻ ٺٽي جي مشهور عالم ۽ بزرگ علامه مخدوم فصل الله جو فرزند هو. جنهن بابت ” تحفته الڪرام“ ۾ آهي ته پاڻ فضيلتن جو جامع، انساني علمن جو ماهر، پرهيزگاري ۽ تقوي جي زيور سان سينگاريل هو. هميشه علم پاڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو (21). ٿوري ڦير ڦار سان تاريخي معصومي (22)، ۽ ماثر رحيمي (23) ۾ به سندن ذڪر اچي ٿو. پاڻ مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي ترخان جو همعصر هو. هن فضل الله جي فرزند مخدوم ابو الخير ٺٽويءَ ( فتاوي عالمگيريءَ جي مؤلف) جي لاءِ ” تحفظ الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو ته، پنهنجي وقت ۾ هڪڙو ڪامل طالب علم پيدا ٿيو. فتاوي عالمگيري جي مسئلن جي چونڊ ۾ شريڪ رهيو(24)

        تحفته الڪرام موجب سندس پٽ ملا اسحاق به ڪمالات جو صاحب هو. سندس هڪ پٽ ڪمال الدين هو، جنهن کي ڪو به اولاد نه ٿيو.

حوالا ۽ حاشيا:

تحفته الڪرام، قلمي، ص 615.

تحفته الڪرام، قلمي، ص 543.

طاهري، قلمي، ص 11.

تحفته الڪرام، قلمي، ص 543.

تحفته الڪرام، جلد 2، ص 71، مطبوعه بمبئي.

تحفته الڪرام، جلد 2، ص 71

هفت اقليم، مطبوعه بنگال ، ص 261

تحفته الڪرام، جلد 2، مطبوعه بمبئي، ص 71

تحفته الڪرام، جلد 2، مطبوع بمبئي، ص، 70

هفت اقليم، ص 261، مطبوعه بنگال

هفت اقليم، ص 261 مطبوعه بنگال

تحفته الڪرام، جلد 2، ص 71

هفت اقليم، ص 259 ۽ 260 مطبوعه بنگال.

تحفته الڪرام، جلد 2، ص 72

تحفته الڪرام، جلد 2،ص  72 ۽ 73

تحفته الڪرام، جلد 3، ص 195، مطبوعه بمبئي.

مقالات الشعرا، قلمي، ص 304

تحفته الڪرام، جلد 3، ص 196، مصبوعه بمبئي.

تحفته الڪرام، جلد 3، ص 196، مطبوعب بمبئي.

تحفته الڪرام، قلمي، ص 556.

تحفته الڪرام، قلمي ص 620.

تاريخ معصومي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه، ص 217

ماثر رحيمي، ص 328، مطبوعه بنگال.

تحفته الڪرام، قلمي، ص 620


* ترجمو: عبدالرسول قادري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org