سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 5

 

 

سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا*

[هي طويل تاريخي مقالو سنڌ جي مايه نازعالم سيد حسام الدين راشدي مرحوم، تهران ۾ منعقد ٿيل ايران شناسن جي پهرين بين الاقوامي ڪانگريس (31 آگسٽ – 6 سيپٽمبر 1996ع) ۾ پڙهيو هو. ان موقعي تي راشدي صاحب کي نه رڳو مقرر ڪيل پنجن ڪميٽين (ادبيات، آرڪيالاجي، تاريخ، زبان شناسي، ۽ فلسفو)، مان هڪ ڪميٽي (تاريخ) تي نامزد ڪيو ويو، پر کين ”ايران شناسن جي بين الاقوامي ڪانگريس جي مستقل ڪميٽي“ تي پڻ نامزد ڪيو ويو (ڏسجي: اورينٽل ڪاليج ميگزين، لاهور نومبر 1996ع). اصل مقالو فارسي زبان ۾ هو، جو پوءِ اردو رسالي ”نقوش“ ۾ شايع ٿيو (آڪٽوبر – ڊسمبر 1996ع). مون کي هن مقالي جو فوٽو اسٽيٽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ مهيا ڪيو. ڇاپي متن ۾ لاتعداد غلطيون هيون، جن کي علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽ ڊاڪٽر محمد ايوب قادري مرحوم جي مدد سان درست ڪيو ويو. قادري صاحب سان 25 نومبر 1983ع تي صبح جو رهاڻ ٿي ۽ ان ڏينهن شام جو پاڻ هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. خدا مٿس رحمت ڪري. سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ 4/1984ع ۾ شايع ٿيو. متن جي هيٺان ڪجهه حاشيا آهن، جي مترجم جي طرفان سمجهيا وڃن]

سنڌ هن وقت پاڪستان جو هڪ اهم حصو آهي. مون کي پڪ آهي ته سندس قدامت ۽ شاندار تمدني توڙي علمي ماضيءَ کان ڪوبه پڙهيل لکيل اڻ واقف ڪونهي. موهن جي دڙي واري ان جهوني سرزمين ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ جي ابتدا کان ئي گهرن لاڳاپن جا نشان ملن ٿا(1). تاريخي کنڊرن مان مليل شيون، سماجي ۽ واپاري لاڳپن جو پتو ڏين ٿيون. قديم تخت گاهه بهمن آباد (برهمڻ آباد) (2)، ساساني ساخت وارو رني ڪوٽ، جيڪو ديوار چين جو ننڍڙو نمونو آهي (3)، يا خود پنهنجي تاريخي ڳوٺ ”بهمن“ جي نالي ذريعي، اڄ به ان ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته آڳاٽي زماني کان اسان جا سياسي لاڳاپا ڪيترو نه گهرا پي رهيا آهن. ان کان سواءِ بهرام  گور ۽ شنگل (راءِ چڱل؟) جو واقعو (4)، سنڌ تي بهرام جو اثر ۽ هتان کان هزارن لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي! فردوسيءَ جا هي شعر ڪنهن نه پڙهيا هوندا.

بنزديک شنگل فرستاد کس
چنين گفت اي شاهه فرياد رس
ازان لوليان (لوريان) برگزين دهه هزار
نر و مادهه بر زخم بربط سوار
که استاد بر زخم دستان بود
در آواز او، رامش جان بود!

(2)

اسلام کان پوءِ ايران ۽ سنڌ جا لاڳاپا ايترو ته ويجهو ۽ مستحڪم رهيا آهن، جو چوڏهن سؤ سالن ۾ هي سلسلو ڪڏهن به ٽٽل نه ٿو ڏسجي. سياسي يا ثقافتي، ادبي يا فني، بهرحال ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، هي روابط هر دور ۽ هر وقت قائم ۽ مستحڪم پي رهيا آهن (5). انهن لاڳاپن جي تاريخ کي تعلقات جي گوناگون صورتحال ۽ مواد جي ڪثرت توڙي پکڙيل واقعن جي ڪري، آءُ ڪٿان شروع ڪيان، ڪهڙن ڪهڙن عنوانن هيٺ بيان ڪيان ۽ وري ڪيسين بيان ڪيان، منهنجي لاءِ حيران ڪن ڳالهه آهي.

سراين رشته ندانم، زکجا بکشائم!

داستان طويل ۽ وقت گهٽ آهي. لهذا هتي آءُ ان دلچسپ حڪايت جو فقط هڪ مختصر خاڪو پيش ڪندس.

اوهان سڀني کي خبر آهي ته، سنڌ ۾ اسلام ايران ذريعي پهتو. اگرچه تاريخي رستن ۽ راهن جي ذريعي اسان جي وچ ۾ واپاري آمد رفت آڳاٽي وقت کان موجود هئي (6)، پر شيراز کان ابن قاسم سان گڏ ايراني لشڪري جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿيا، تڏهن عام نوعيت جي تعلق مذهبي رشتي جي صورت ورتي ۽ عربن سان گڏ ايرانين جون بستيون پڻ نئين سر سنڌ ۾ آباد ٿيون. سيستان جي طاهر ذوالمينين (205- 259هه) يا يعقوب بن ليث صفار (253- 265هه) جي زماني ۾، ايراني ڪارندن ۽ حاڪمن جي اچڻ وڃڻ جا، تاريخ ۾ چٽا نشان موجود آهن (7).

عربي دور حڪومت ۾ جتي عربي زبان کي سياسي بناءَ تي، سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو مليو، اتي هي قدرتي امر آهي ته تجارتي تعلقات ۽ ايندڙ ويندڙ قافلن (8)، يا انهن ايرانين جي ڪري جيڪي عربن سان گڏ سنڌ  ۾ آباد ٿيا، ايراني اثر سان گڏ ايراني زبان کي به هتي متعارف ٿيڻ جو موقعو مليو هوندو(9)، جيتوڻيڪ عرب جاگرافيدانن هن ڳالهه کي غير ضروري سمجهي بيان نه ڪيو آهي. پر ان جو سبب به سمجهڻ جوڳو آهي. ايران ۽ ايراني ٻولي ان وقت غلام هئا، ان جي اثرن جو چٽائيءَ سان ذڪر نه ڪرڻ، ڪا غير معمولي ڳالهه نه آهي.

سنڌ جي فارسي زبان سان واقفيت ۽ ان سان دلچسپي، جيڪڏهن پهريان کان پيدا ٿيل نه هئا، ته پوءِ عربي زبان جي حاڪميت ختم ٿيڻ بعد، فارسي زبان جو پوءِ جي زمانن ۾، سندس جڳهه وٺڻ ڪهڙيءَ طرح ممڪن هو!

(3)

مختصر مدت جي طوائف الملوڪيءَ بعد عربن کان حڪومت جي واڳ، سنڌ جي هڪ مقامي قبيلي سومرن جي حوالي ٿي. ان دور ۾ قرامطين جو اقتدار (10)، هن ڳالهه جو پتو ڏئي ٿو ته ان زماني جو ايراني فڪر ۽ اثر سنڌ تي تمام گهڻو هو. محمود جڏهن ملتان (401هه) ۽ منصورهه (416هه) کي غلام بنايو، تڏهن ظاهر ۾ قرامطي (11) وجود کي هن شرعي سبب طور استعمال ڪيو هو.

محمود غزنويءَ جي لاڳيتن حملن ۽ سندس سنڌ ۽ پنجاب تي حڪومت قائم ڪرڻ سبب، سنڌ ۾ ايراني اثرن ۽ ان جي ادب ۾ تازگي پيدا ٿي پئي. ان دور ۾ ڪيترن ئي شاعرن، سنڌ کي پنهنجي شعرن ۾ مختلف صورتن ۾ ياد ڪيو آهي، جي سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙن سان سندن گهري واقفيت ۽ دلچسپيءَ جو پتو ڏين ٿا. دقيقي (وفات قبل 384هه)، فرخي (وفات 429هه)، عنصري (وفات 431هه)، قطران تبريزي (وفات 466هه)، ناصر خسرو (وفات 481هه)، مسعود سلمان (وفات 515هه)، عسجدي مروزي (وفات 514هه)، امير معزي (وفات 21- 518هه) ۽ مختيار غزنوي (وفات 535هه) جا شعر هن سلسلي ۾ پڙهڻ جوڳا آهن (12).

غزنوي اثر واري زماني ۾ فارسي شاعرن ۽ ليکڪن جي اچ وڃ سبب، سنڌ ۾ جو ڪجهه پيدا ٿيو، اسان کي ڏک آهي ته زماني جي هٿ چراند اهي سڀ آثار، ڪجهه اهڙيءَ ريت ختم ڪيا، جو اڄ اسين انهن علمي يادگارن مان ڪجهه به پيش نه ٿا ڪري سگهون. بهرحال هي ته اسين اندازو ڪري سگهون ٿا، ته ملتان ۽ منصورهه تي تسلط سبب علمي تخليقون لازمي ٿيون هونديون.

(4)

غزنوين جي دور 401-441هه) جي علمي اثاثي گم ٿيڻ جو اسين ڏک ڇو ڪريون، جڏهن ته اسان وٽ ان دور کان پوءِ ناصرالدين قباچه جي زماني 602- 625هه) جو علمي ذخيرو به محفوظ نه رهي سگهيو. ناصرالدين ۽ سندس علم پرور وزير عين الملڪ اشعريءَ جي علمي سرپرستيءَ ڪري، تاتارين جي غارتگري ۽ خونريزين سبب هجرت ڪندڙ، متعدد عالمن ۽ ناميارن شاعرن کي پنهنجي درٻار ۾ آڻي گڏ ڪيو(13).

مولانا قطب الدين ڪاشاني (14)، قاضي شرف الدين اصفهاني (15)، سيد الندماءَ تاج الفضلاء فخرالقدماءَ شمس الدين محمد بلخي (ڪي بزرگ هن شاعر جو نالو هن ريت به لکن ٿا – شمس الدوله سيد الندماءَ تاج الفضلاءَ فخرالقدماءَ محمد الکاتب بخلي – سنڌيڪار)، فخرالشعرا ضياءَ الدين سجزي، منهاج سراج قاضي (624هه)، سديدالدين عوفي (617هه)، ”بفروش“ شاعر ۽ فضلي ملتاني (16)، جا چند نالا آهن، جيڪي محفوظ رهجي اتفاق سان اسان وٽ پهتا آهن. جن جو نالو گم ٿي ويو، اهي نه ڄاڻ ڪيترا هوندا، جيڪي هن درٻار ۽ دور سان واسطيدار هئا. ”جامع الحڪايات“، ”الفرج بعد شدة“ جو ترجمو، ”طبقات ناصري“ جي تاليف جو آغاز ۽ ”چچ نامہ“ (613هه)، هن سونهري دور جا اهي علمي يادگار آهن، جي خوشقسمتيءَ سان زماني جي هٿ چراند کان بچي اسان تائين پهتا آهن. ”چچ نامہ“ جو فارسي مترجم سنڌ جي هڪ عالم مولانا ڪمال الدين اسماعيل جي لاءِ، جنهن وٽان کيس ”فتح نامہ“ جو عربي متن مليو، لکي ٿو ته: هو فارسي علم ۽ فن ۾ بي مثال هو (17). هي بزرگ اروڙ جو هو، جيڪو شهر سنڌ جي اڳين بادشاهن جو تختگاهه هو.

محمد بن عليءَ جي هن قول مان سنڌ ۾ فارسي علم جي ترويج جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هي فارسي مترجم پاڻ به شاعر هو. ”چچ نامہ“ ۾ به سندس شعر موجود آهن(18).

هيءَ تعجب ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته فارسي شاعرن جو سڀ کان پهريون تذڪرو، جنهن کي ”ديوان“ سڏيو ويو آهي (19)، سنڌ جي سرزمين تي مرتب ٿيو، ۽ پوءِ ٻئي قديم ترين تذڪري ”لباب الالباب“ جي تڪميل جو شرف به سنڌ کي ئي حاصل ٿيو.

هن دور جي فارسي شاعريءَ جو نمونو اسان کي ”لباب الالباب  ۾ ملي ٿو.، خود عوفيءَ جو اهو قصيدو، جيڪو بکر جي قلعي جي فتح تي هن لکيو، اسان وٽ هڪ قيمتي ادبي اثاثو آهي (20).

بهرحال هي سڀ علمي آثار ۽ نشان غزنوي دور کان پوءِ جو بچي ويل سرمايو آهن.، جيڪو ڪجهه ختم ٿي ويو، ان جو نقصان نه فقط سنڌ جي لاءِ، پر فارسي ادب جي تاريخ لاءِ هڪ ابدي نقصان جي حيثيت رکي ٿو.

شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني (وفات 666هه)، هن دور جو جيد صوفي ۽ صاحب حال بزرگ هو. وٽس سماع جو رواج هو، جتي اڪثر ڪري فارسي شعر پڙهيا ويندا هئا (21). هڪ ڀيري هن شعر شيخ کي ڊگهي عرصي تائين وجد جي حالت ۾ بي حال رکيو:

مستان که شراب ناب خوردند
از پهلو ئي خود کباب خوردند (22).

شيخ بهاءُ الدين ذڪريا وٽ، فخرالدين عراقي (وفات 688هه) وارد ٿيو. سندس غزل:

نخستين بادهه کاندر جام کردند
ز چشم مست ساقي وام کردند

۽ هي غزل:

در کوکي خرابات ”کسي را که نياز“ است
هوشياري و مستيش همه عين نماز است

هتي جا ياددگار آهن(23).ڪم پي رهيا آهن (5). انهتان کان هزارن لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي! ڳوٺ ”

شيخ عثمان قلندر لعل شهباز مروندي، جنهن جي خانقاهه سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ اڄ تائين زيارتگاهه بنيل آهي. پاڻ مرند کان سنڌ، بلبن جي دور ۾ پهتو، جڏهن خان شهيد ملتان جو حاڪم هو (668- 683هه) ڏانهس ڪيئي فارسي غزل منسوب آهن (650هه) (24).

هي ياد رکڻ گهرجي ته جلال الدين خوارزم شاهه جو اچڻ ۽ سڄو سال سنڌ ۾ رهڻ (18- 619هه) يا ديبل جي اردگرد جامع مسجد ٺاهي وڃڻ، بحث هيٺ آيل دور جي شروع جو اهم سياسي واقعو آهي.

(5)

سنڌ تي تخلقن جا حملا 752هه/ 1351ع کان شروع ٿيا، جڏهن ته هتي سومرن جي جاءِ تي، سمن جو گهراڻو حاڪم ٿي چڪو هو.

هن دور ۾ فارسي شعر چوڻ جو، مقامي طور تي رواج جو اهڃان پڻ ملي ٿو. هن سلسلي ۾ اسان وٽ ان فارسي شعر جي هڪ مصرع ثبوت جي لاءِ موجود آهي، جا سنڌي نسل سنڌ جي حاڪم، فيروز تغلق آڏو پڙهي هئي.(1)

شاهه بخشندهه توئي بندهه شرمندهه منم (25).

ملتان جي حاڪم عين الملڪ ماهرو جي خطن جو مجموعو ”انشاي ماهرو“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته، هن دور ۾ فارسيءَ کي سرڪاري زبان جي حيثيت حاصل هئي ۽ سنڌ جي سلسلي  ۾، لکپڙهه لاءِ به ”فارسي“ کان ڪم ورتو ويندو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي بادشاهن جي نالي جيڪي خط آهن، اهي هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا. (26).

سنڌ ۾ هي رواج به ان زماني ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته، ماڻهو پنهنجن بزرگن جي مقبرن تي فارسي ڪتبا ۽ شعر لکائي نصب ڪندا هئا. چنانچه حاجي ترابيءَ جي مقبري تي ڪتبو 782هه (27)، ۽ محمد تغلق جي عارضي قبر تي سيوهڻ جا ڪتبا (28). هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا.

ننڍي کنڊ ۾ ڪلام پاڪ جا ٻه پهريان فارسي ترجمان به سنڌ ۾ ئي ٿيا آهن، هن دور جو يادگار آهي، ۽ ٻيو (جيڪڏهن شهاب الدين دولت آباديءَ جي تفسير ”بحر مواج“ کي تفسير جي حيثيت ڏجي ته پوءِ) ڏهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم نوح هالائيءَ جو ڪيل فارسي ترجمو آهي، جو هند و پاڪ جي سڀني فارسي ترجمن ۾ آڳاٽو آهي (30).

اگرچه اها ڳالهه موضوع کان ٻاهر آهي، پر هڪ عجيب اتفاق جو هتي ذڪر ڪرڻ دلچسپ هجڻ سبب، منهنجي خيال ۾ برو نه ٿيندو. هي عجيب اتفاق آهي، ڪلام پاڪ جو پهريون ترجمو، جو ڪنهن به غير ٻولي ۾ ٿيو، اهو به سنڌ ۾ ئي هتي جي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي (31).

(6)

اٺين صدي هجريءَ ۾ يا ان کان پوءِ، اسان کي ڪيترا ئي علمي گهراڻا اهڙا ملن ٿا، جن ايران کي ڇڏي سنڌ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، جن جي اٿي ويٺي مجلسن ۽ صحبتن جي ڪري، سنڌ ۾ فارسي زبان جي اشاعت ۽ اضافي کي وڏي تقويت حاصل ٿي.

هن سلسلي ۾ شيراز جي انجوي ساداتن جي هڪ شاخ جي بزرگ سيد محمد جو نالو کڻي سگهجي ٿو، جيڪو 786هه ۾ شيراز کان نڪري سنڌ ۾ اچي رهيو. خاندان جي تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته، حافظ شيرازي هن سيد محمد جو بي حد معتقد هو ۽ ان به ساڻس گڏ وطن ڇڏيو. تاريخ ۾ اچي ٿو ته حافظ:

”گريه ميکرد و ميرفت“ (32).

هن دور ۾ دارالسلطنت ٺٽي ۾ توڙي سنڌ جي ٻين وڏن وڏن شهرن ۾، ڪثرت سان مدرسا موجود هئا (33)، جن ۾ عربيءَ سان گڏوگڏ فارسي ڪتاب به پڙهايا پي ويا.

(7)

خراسان جو آخري تيموري سلطان حسين بايقرا (863-912هه) ۽ سنڌ جو والي ڄام نظام الدين (866-914هه) نه فقط همعصر هئا، بلڪ هم ذوق به هئا. علمي ۽ ادبي سرپرستيءَ ۾ هڪ جهڙا هئا، جنهن ڪري هرات ۽ ٺٽو هڪ ئي وقت ۾ شاعرن ۽ عالمن جو ڳڙهه بنيل هئا (34)، ۽ سندن درميان هڪ جهڙائيءَ جو هي به هڪ عجيب اتفاق آهي ته، جنهن وقت تيمورين جي هن آخري سلطنت جي طاقت ختم ٿي، ته عين ان وقت سنڌ ۾ سمن جي سلطنت جو ڏيئو به گل ٿي ويو. آزاد سنڌ حڪومت جو هي آخري ادب پرور بادشاهه ڄام نظام الدين سمون نه فقط علم دوست ۽ هنر پرور هو، ليڪن خود به فارسيءَ جو شاعر هو. هي رباعي سندس آهي:

اي آنکه ترا نظام دين مي خوانند
تو مفتخري کہ مرا چنين مي خوانند
گر در رهه دين از تو خطائي افتند
شک نيست کہ ترا کافر لعين مي خوانند(35).

مولانا عبدالعزيز ابهري پنهنجي خاندان سان گڏ، هن دور ۾ ئي سنڌ پهتو ۽ مستقل طور هتي ٽڪي پيو (36). هن هتي علم جي اشاعت ۽ واڌاري لاءِ، هڪ وڏي مدرسي جو بنياد رکيو. علامه جلال الدين دواني (908هه) به، هن سلطنت جي علم پروريءَ جي هاڪ ٻڌي هتي اچڻ ٿي گهريو، ليڪن سندس ٻه شاگرد مير شمس ۽ مير معين، سلطان نظام الدين کان سفر جو خرچ وٺي جيسين اتي پهتا، ان کان اڳ علامه دواني آخرت جي سفر تي روانو ٿي چڪو هو (37).

901هه ۾ مشهد مقدس کان سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق هت پهتا، جن جو خاندان مشهدي سادات“ جي نالي سان ٺٽي ۾ اڃا هلندو اچي (38). مشهدين جو ٻيو گهراڻو ٻن ڀائرن سيد احمد ۽ سيد محمد ولد سيد عباد مشهديءَ تي مشتمل هو، سو 906هه ۾ اچي هتي پهتو (39).

مڪليءَ جي قبرستان ۾ خواجه شرف الدين شيرازيءَ جي قبر به ان دور جو يادگار آهي، جنهن تي هي ڪتبو موجود آهي:

وفات مرحوم الواصل الي رحمته الله
خواجه شرف الدين شيرازي
في تاريخ شهر جمادي الاول سن 911هه(40).

هي بزرگ به انهن ايندڙن مان هڪ آهي، جن کي نظام الدين جي علم نوازي ايران کان سنڌ گهلي آئي.

ٺٽي ۾ مغلپورهه هن سلطان جو يادگار آهي. هي محلو ان ڪري سرڪاري خرچ سان ٺاهيو ويو ته، جيئن ايران مان ايندڙ مشاهير ۽ عالم آساني سان ۽ آرام سان، اچڻ شرط هتي آباد ٿي وڃن. هي ياد رکڻ گهرجي ته هن دور ۾ ايرانين جي لاءِ ”مغل“ ۽ ”ولايت زاد“ لفظ استعمال ڪيا ويندا هئا. مغل لفظ شايد ان ڪري ايرانين جي لاءِ مشهور هو، ڇو ته ان زماني ۾ ايران جا مختلف ٽڪرا، تيموري مغلن جي قبضي ۾ هئا.

ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات جهڙيءَ ريت ايران لاءِ ڏک ۽ ڏڦيڙ جو سبب بني، اهڙيءَ ريت سنڌ جي لاءِ به، هن صديءَ جي ابتدا مستقبل جي. مستقل سياسي نڀاڳ جو سبب بني. ايران ۾ تيمورين جو ڏيئو گل ٿيڻ شروع ٿيو هو. شيباني، صفوي ۽ بابري قوتون هڪ ٻئي خلاف ميدان ۾ هيون. هتي سنڌ ۾ سلطان نظام الدين جي وفات خانداني جهڳڙي جو اهو سلسلو پيدا ڪيو، جنهن سنڌ جي آزاد مستحڪم ۽ وسيع سلطنت جون پاڙون پٽي ڇڏيون.

ايران شاهه اسماعيل ( 906_930هه) صفويءَ جي ذريعي، جلد ئي نه فقط هڪ مستقل گهراڻي جي هٿ ۾ انتشار ۽ طوائف الملوڪيءَ جي تباهه ڪارين کان بچي ويو. پر نئين سر آزادي حاصل ڪري پنهنجي ٽڙيل پکڙيل حصن کي گڏ ڪري، مستقل بادشاهت جو بنياد وجهي صحيح رستي تي گامزن ٿي ويو. ليڪن سنڌ جي حالت ٺيڪ نه ٿي سگهي. ڇو ته ٽن چئن ماڻهن تي مشتمل ارغون گهراڻو، جيڪو سلطنت هرات جي پاران قنڌار، ڪابل ، بست ۽ زمين داور تي نيابت ڪندو هو، اهو بابر جي قنڌار ۽ ڪابل، تي قبضي ڪرڻ بعد، سنڌ جي ان گهرو جهڳڙي مان فائدو وٺي، سنڌ تي قبضو ڪري ويٺو.

اڃا گهرو لڙائي هلي رهي هئي ته، هرات جي تيموري بادشاهت جو ڀٽڪيل شهزادو بديع الزمان (41)، سنڌ ۾ آيو ۽ ڄام فيروز وٽ پناهگير بنيو. ( 18_ 919هه) ليڪن پوءِ جلد ئي هتان جا ترڪي ليڪن پوءِ جلد ئي هتان ترڪيءَ ڏي راهي ٿيو. هر معاملي جا ٻه پهلو ٿين ٿا. ارغوني تسلط جي تصوير جو سياسي پهلو جنهن جي تاريخ (927هه) ” خرابي سنڌ“ مان نڪري ٿي. (42) بلاشڪ اونداهو نه پر تاريڪ تر رهيو. ليڪن ٻيو پهلو جيڪو خاص علمي ۽ ادبي هو. اهو روشن بلڪ روشن تر گذريو.

جيتوڻيڪ سنڌ گذريل دور ۾ ئي فارسي زبان کي درٻاري ۽ علمي زبان قبول ڪري چڪي هئي، ليڪن هن خاص فارسي گو گهراڻي جي تسلط بعد، ايران سان اسان جا لاڳاپا زياده مضبوط ٿي ويا، شيراز، مشهد سبزوار ۽ ٻين ايراني شهرن مان سوين روحاني ۽ علمي گهراڻا سنڌ ڏي لڏي آيا، جنهن ڪري فارسي ٻوليءَ ۽ فارسي تمدن جي جهڙوڪر، هڪ مڪمل دنيا سنڌ ۾ پيدا ٿي پئي.

هن زماني ۾ غياث الدين منصور دشتڪيءَ جي گهراڻي مان سيد شڪر الله شيرازي (43) ، سنڌ ڏي لڏي آيو، جنهن جي گهراڻي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ناميارن عالمن، فارسي گو شاعرن، طريقت  جي صاحبن ۽ اهل قلم فاضلن کي جنم ڏنو. شيرزاي ساداتن جو ٻيو خاندان سيد ڪمال ۽ سيد جمال نالي ٻن ڀائرن تي مشتمل، سيد شڪر الله سان گڏ ٺٽي پهتو، جنهن جي گهراڻي به ڪيئي مشاهيرن کي پيدا ڪيو. (44).

مولانا جامي رحه جي دوست ۽ روحاني رفيق شيخ جلال الدين بايزيد پورانيءَ کان هر اهو پڙهيل لکيل واقف آهي، جنهن ”نفحات الانس“ پڙهيو آهي. هن شيخ جلال الدين پورانيءَ جو ڏوهٽو ميرڪ شيخ محمود سنڌ ۾ هن زماني ۾ پهتو. (45)، ۽ ٻن سون سالن تائين سندس خاندان سنڌ ۾ عالمن، شاعرن ۽ ليکڪن کي پيدا ڪندو رهيو. سنڌ ۾ هي گهراڻو عرب شاهي، سبزواري ميرڪ سيد جي نالي به مشهور آهي ۽ پوراني سادات پڻ سڏائي ٿو.

مير غياث الدين محمد معروف، سلطان رضائي عريضي سبز واري صاحب ”حبيب السير“ يعني خواند مير جو ڏوهٽو (46)، هي به پنهنجي اولاد کي وٺي هن دور ۾ لڏي آيو. سندس سنڌي اولاد به سنڌ ۾ فارسيءَ جا ڪيئي پائدار علمي آثار ڇڏيا آهن. هي معلوم هجڻ گهرجي ته ”حبيب السير“ واري ليکڪ جا ارغون گهراڻي سان تمام ويجها ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن. خواند مير پاڻ هتي آيو هو، پر پوءِ هندوستان ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين (47).

مولانا مصلح الدين لاري (48)، مولانا عبدالخالق گيلاني (49)، مولانا يار محمد ياري هروي (50)، ۽ مولانا يونس سمرقندي (51) به هن دور ۾ آيا ۽ حيدر ڪلوچ به هن دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي فوت ٿيو(52).

شاهه جهانگير هاشمي ڪرمانيءَ جي مثنوي. ” مظهر الآثار“ (940هه) (53)، فخري هرويءَ جو تذڪرو ”روضته السلاطين“ (958هه) (54)، شاعريءَ جي فن  ۾ ”صنايع الحسن“ (55)، ۽ خواتين شاعرن جو تذڪرو ”جواهر العجائب“ (56)، يا وري ”فتاوي پوراني“ (57) ۽ ”آداب المريدين“ (58)، هن دور ۾ اسان جي مٿي ذڪر ڪيل خاندانن جون چند علمي نشانيون آهن.

هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ”روضته السلاطين“ فارسي شاعرن جو ٻيو جهونو تذڪرو آهي، جيڪو سنڌ ۾ لکيو ويو ۽ ان ريت فخري هرويءَ جو ”جواهر العجائب“ خواتين شاعرن جو پهريون تذڪرو آهي، جيڪو هتي لکيو ويو.

هند جي مغل بادشاهه همايون جو ايران وڃي پناهه وٺڻ، هن دور جو مکيه سياسي واقعو آهي. هن ڏس ۾ هي ياد رکڻ گهرجي ته اهو شاهه حسين ارغون ئي هو. جنهن سنڌ ۾ همايون کي (47_950هه) رهڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي سمورين ڪوششن ناڪام ٿيڻ بعد، ٻيو رستو نه ڏسي هو ايران ڏي ”صراط مستقيم“ (950هه) ذريعي روانو ٿيو (59). شاهه طهماسپ صفويءَ کي همايون بادشاهه جيڪو خط لکيو، ان ۾ شاهه حسن ارغون جي سياست ڪاريءَ ڪري، کيس پهتل تڪليفن جو اشارو هن ريت ڪيو آهي. ”از فضائي سواد اعظم هند، بتنگنائي ظلم سندهه، رسيدهه شد.“

بگذشت از سرما آنچه گذشت
چه بدريا و چه کهسار و چه دشت (60).

(9)

        ارغونن کانپوءِ (962هه) سنڌ کي، ترخانن جي ٻن اميرن تقسيم ڪيو. هيٺئين سنڌ (ٺٽو) ميرزا عيسيٰ ترخان ۽ اتر سنڌ (بکر) سلطان محمود بکريءَ جي حصي ۾ آئي.

        هي اهو ئي ميرزا عيسيٰ ترخان آهي، جنهن جي زال ماهه بيگم جي نالي فخري ”جواهر العجائب“ منسوب ڪيو هو، ليڪن جڏهن اڪبر تخت تي ويٺو (963هه)، تڏهن معمولي امير جي زال جي ڀيٽ ۾، هڪ وڏي بادشاهه جي دائي ماهم انگه جي نالي، هن پنهنجي انستاب کي تبديل ڪري ڇڏيو.

        ميرزا عيسيٰ ۽ سندس پوين (962_1000هه) جا لاڳاپا، ايران سان اهڙيءَ ريت ٺيڪ رهيا. جهڙيءَ ريت اسان ارغوني دور جو اڀياس ڪيو. هن دور ۾ به ڪيئي ايراني خاندان، پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي سنڌ پهتا. سيد بدرالدين مازندراني (61)، هن دور ۾ لڏي ايندڙن مان هڪ آهي. تاريخ ”نگارستان“ جو مؤلف قاضي احمد غفاري قزويني، هن زماني ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ هتي ئي فوت ٿيو. (975هه) (62).

        مشهد (آستان قدس) سان، ميرزا عيسيٰ ترخان جي گهري وابستگي هئي. چنانچه عقيدت جي اظهار طور هن خاص اهتمام سان سنڌي مشعل ٺهرائي، اوڏانهن موڪلي ڏنا. مرزا عيسيٰ سياسي طور تي به ايران سان لاڳاپي جي لاءِ مجبور هو. هو سنڌ ۾ هڪ پاسي بکر جي حاڪم سان سلطان محمود بکريءَ کان ڊنل هو، ته ٻئي طرف اڪبر کان به کيس خوف هو ، جيڪو نئون نئون فتوحات جي تازي جذبي ۽ ارادي سان تخت نشين ٿيو هو. لهذا ميرزا جي لاءِ بيحد ضروري هو ته، هو پنهنجي پاڙيسري سلطنت بلڪه عظيم تر مملڪت يعني ايران سان لاڳاپو پيدا ڪري. ليڪن سندس مشهد ڏي لاڙو پڪ آهي ته سياسي نوعيت جو هو.

        محمود بکري جنهن جو نالو اسان هاڻي کنيو آهي، سو ان وقت نه رڳو لاثاني بهادر ۽ جنگجو امير هو. بلڪه سياست ۽ ڏاهپ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هو. ايران ڏي ميرزا عيسيٰ جو لاڙو ڏسي، هن به پنهنجا سفير موڪلي شاهه طهماسپ سان پنهنجا تعلقات پيدا ڪري ورتا هئا (63).

        مير ابوالمڪارم بن غياث الدين سبزواري، جنهن جي خاندان جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، محمود بکريءَ پاران ۽ تردي بيگ يا حق بردي بيگ ايراني درٻار مان سنڌ ايندا ويندا رهيا (967هه) (64) شاهه طهماسپ نه رڳو پاڻ کيس ”خان“ ۽ ”سلطان“ جو لقب ڏنو، بلڪه محمود جي ئي درخواست تي، اڪبر کي به خط لکيو، ته محمود کي پنهنجي درٻار مان به ”خان خانان“ جو خطاب ڏنو وڃي. هندوستاني درٻار ۾ جيئن ته هڪ وقت ۾ صرف هڪ ”خان خانان“ هوندو هو، ۽ ان وقت منعم خان هن منصب تي فائز هو، لهذا اڪبر ، شاهه طهماسپ کي معذرت جو خط لکيو(65).

(10)

        ارغون ۽ ترخان ڏهين صديءَ تائين سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا، ۽ سال 1000هه ڌاري سنڌ، هندي مغلن جي سلطنت جو حصو بنجي وئي، جن ايندڙ ڏيڍ سئو سالن تائين هتي پنهنجو تسلط قائم رکيو.

’       يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ جيڪو سفير ايراني درٻار ۾ پهتو، سو هڪ سنڌي هو، يعني اڪبر جو مشهور امير، مورخ ۽ شاعر مير معصوم بکري ”نامي“ هو. سندس پاران (11_1013هه) شاهه عباس ڪبير صفويءَ (985_1038هه) جي درٻار ۾ پهتو. هن نه رڳو سفارتي ڪاميابي حاصل ڪئي. بلڪه ذاتي طور تي به ايران ۾ پنهنجا مستقل تاريخي ۽ ادبي يادگار ڇڏيا. حڪيم شفاعي اصفهاني (وفات 1027هه) (66)، محمد رضا فڪري ۽ تقي اوحديءَ جهڙن شاعرن سان سندس صحبتن ۽ مشاعرن جو ذڪر، ايران ۽ سنڌ جي ادبي لاڳاپن جو هڪ مستقل عنوان آهي. (67). اصفهان جي مسجد علي جو ڪتبو (68)، ڪاشان ۽ مورچه (مورچئه خورت) جي وچ ۾ ڪاروان سراءِ عباس جو ڪتبو (69)، يا احمد جام زنده پيل جي مزار جو ڪتبو (70)، هي ۽ ٻيا ڪي ڪتبا جيڪي مير معصوم ايران ۾ هر هنڌ هنيا، سي اڄ به موجود آهن. مير معصوم (وفات 1014هه) فارسيءَ جو بهترين شاعر، ”تاريخ سنڌ“ جو مولف (1009هه) ، صاحب ديوان ۽ هڪ ”خمسه“ جو مصنف آهي. خواجه نظام الدين”طبقات اڪبري“ (1003هه)، سندس ئي تحرڪ ۽ مدد سان لکي هئي (71).

        سنڌ ۽ ايران جي سياسي لاڳاپن کي قائم رکڻ وارو، ٻيو سنڌي امير ترخاني گهراڻي جو آخري حاڪم ميرزا غازي وقاري هو، جنهن جي شخصيت نه فقط دلچسپ آهي، بلڪه رنگا رنگ خوبين جي ڪري بي انتها دلڪش پڻ آهي. جڏهن هو قنڌار ۾ مغلن جو نائب هو. (1017_1021هه)، ان وقت سندس ذاتي درٻار، سندس غير معمولي علم پروريءَ ۽ شخصي ڪشش جي ڪري ايراني شاعرن سان ڀريل هئي. طالب آملي پهريان سندس درٻار جو شاعر هو، جنهن سندس مدح ۾ ايڏا ته سٺا قصيدا لکيا، جو کيس (طالب آملي) ”ملڪ الشعرا“ بنائڻ کانپوءِ به جهانگير کي اهڙا قصيدا نصيب نه ٿيا. شمساي زرين رقم، مرزا فصيحي هراتي، ملا شاني تڪلو، مير الاهي اسد آبادي، سنجر ڪاشي، محوي اردبيلي، بزمي کوز، مير نعمت الله وصل شيرازي، ملا اسد قصه خوان، شيدا اصفهاني، مرشد بروجردي، عتابي تڪلو، مولانا صوفي مازندراني صاحب بتخانه، سروري يزدي، مير عبدالباقي ”قصہ خوان“. حڪيم فغفور لاهيجاني (72)، مرزا غازيءَ جي بزم ادب سان واڳيل ۽ سندس مدح خوان هئا.

        ميرزا غازيءَ جا شاهه عباس ڪبير سان گهرا لاڳاپا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ ايلچي نياپو نڙو کڻي ايندڙ هئا. مرزا غازيءَ جي پاران، سيد عبد الله سلطان عريضي سبز واري هي فرض بجا آڻيندو رهيو (73).

        پهريان ته سياسي لاڳاپا رهيا پر وري جلد ئي شاهه ۽ ميرزا جي وچ ۾ شخصي تعلقات پيدا ٿي ويا ۽ اهي ان حد تائين وڌيا، جو جهانگير وانگر شاهه عباس به پنهنجي خطن ۾ مرزا کي ”فرزند“ جي لقب سان مخاطب ٿيڻ لڳو. مرزا غازيءَ، شاهه عباس جي مدح ۾ جيڪي قصيدا لکيا آهن. ان مان هڪ قصيدي جو هڪ ئي شعر اسان تائين پهتو آهي.

ز زهر مار زمان، در امان بود آن ڪس
ڪه شاهه مهرهه مدح تو، در دهن گيرد (74).

        ميرزا رستم صفوي (وفات 1051هه)، شاهه اسماعيل ڪبير جو پڙ پوٽو هو. ايران کان ڀڄي جڏهن سنڌ پهتو، ان وقت (1000هه) اڪبر جي سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان ۽ سنڌ جي حاڪم ميرزا جاني بيگ ترخان درميان لڙائي ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ واسطيدار تاريخن ۾ ڪو به حوالو منهنجي نظر مان نه گذريو آهي. ليڪن ”عالم آرائي عباسي“ ۾ آهي ته، هنن ٻنهي ۾ مرزا رستم صفويءَ ذريعي صلح ٿيو (75).

        ميرزا غازي ڦوهه جوانيءَ ۾ فوت ٿيو (1021هه)، تڏهن مغلن سڌو سنڌ تي صوبيدار موڪلڻ شروع ڪيا ته، سڀ کان اول مرزا رستم صفوي صوبيدار ٿيو، جيڪو 1022هه ڌاري ٺٽي پهتو. حقيقت ۾ مرزا رستم کي موڪلڻ کان اڳ ۾ مرزا غازيءَ جي ئي هڪ مائٽ مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) کي، صوبيدار ڪرڻ جي رٿ غور هيٺ آئي. ليڪن کيس هيڏي موڪلڻ کان ان ڪري ٽارو ڪيو ويو ته، متان هو قديم لاڳاپن جي ڪري، شاهه عباس جي مدد سان سنڌ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي مسند واپس وٺي وڃي ۽ هندي مغلن کان سنڌ کي آزاد ڪري وڃي (76). چند سال اڳ شاهه عباس جي پاران قنڌار تي حملو ٿيو هو، جنهنڪري شاهه ۽ جهانگير جي وچ ۾ لاڳاپا سٺا نه هئا، جيتوڻيڪ ٻنهي طرفن کان نياپي نڙي جو سلسلو جاري رهيو (77). جهانگير سنڌ جي مسئلي ۾ مناسبت ۽ چڱائي ان ۾ ڏٺي ته، سنڌ کان ايران جي لاڳاپن جي خاتمي لاءِ مرزا رستم صفويءَ کي موڪلي، جيڪو شاهه عباس جو مخالف هو ۽ ان مخالفت جي ڪري وطن ڇڏي هتي پهتو هو.

        هن يارهين صدي هجريءَ ۾ جيڪا مغلن جي صدي آهي، ڪيئي ايراني شآعر هندوستان پهچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ٽڪيا. مثال طور صائب تبريزي ۽ سندس شآگرد ملڪ تعظيما قمي (78)، هندوستان پوءِ پهتا، سنڌ ۾ پهرين ترسيا ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي مثال سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ موجود آهن.

        ڪاشي شهيد (1070هه)، جيڪو هن دور ۾ ايران کان ٺٽي پهتو هو، سو ڪافي وقت هتي ٽڪيو (79). ٺٽي جي ئي هڪ فرزند کيس پاڻ پڻي جي حد کان ٻاهر ڪڍي، معرفت جي دنيا ۾ پهچايو هو. اهو ترڪ نه پر هندو ٻچو ”ابي چند“ هو. جنهن لاءِ سرمد چيو هو:

خدا ئي کيست اي سرمد! درين دير
نمي  دانم ابي چند است، يا غير !

        ايران ۽ فارسي زبان توڙي ادب جو اثر صدين جي ڳانڍاپي جي ڪري سنڌ ۾ ان حد تائين داخل ٿي چڪو هو ۽ سنڌي فطرت جو حصو بنجي ويو هو، جو هن يارهين صديءَ ۾ جڏهن رضائي ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”زيبانگار“ (1053هه) لکي. تڏهن هن عشق جو پورو مواد جيتوڻيڪ سنڌ مان کنيو، ليڪن عاشق ۽ معشوق جا مقامي نالا ان ڪري بدلائي ڇڏيا، ڇو ته فارسيءَ جي نرم فطرت انهن نالن جي ڌاريائپ واري وزن کي پهچي نه ٿي سگهي. باوجود ان جي ته هو پنهنجي مادري زبان سنڌي کي بهترين ۽ شيرين سڏي ٿو:

زبان سندهه شيرين است شيرين
بجاي خويش رنگين است رنگين!

نمي سازم بيان را سنهي آميز
نيام از زبان سندهه پرهيز!

ز ملک پارس آدم پرنيان را
بيو شانم عروس داستان را
چو حرف از عاشق و معشوق دائم
بلفظ فرس هريک را بخوانم
بگويم نام هريک تابداني
به هنگام که اين دفتر بخواني
چور در معشوق حسن و زيب ديدم
پي او نام ”زيبا“ بر گزيدم!

همان شهري که مي باشد مقامش
زادم شهر حسن آباد نامش
”نگار“ از بهر عاشق ساختم نام
که نقش اوست زيب لوح ايام (80)

(11)

ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ مان مغل تسلط جي پڄاڻي ٿي ۽ ڪلهوڙن جو مشهور سنڌي نسل گهراڻو، حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. جيتوڻيڪ هي خالص سنڌي هئا ۽ سندن دور سنڌي زبان ۽ ادب جو سونهري دور سڏجي ٿو، پر جيئن ته فارسي گو مغلن کان تازو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هئائون، ان ڪري فارسي زبان ۽ ادب کي هنن باقاعدي پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو. ان ڪري ان دور ۾ سنڌ ۾ نه صرف فارسي زبان ۾ سڀني علمن تي قابل قدر ڪتاب لکيا ويا، بلڪه ڪيئي صاحب ديوان شاعر اهڙا پيدا ٿيا، جن جو درجو ان دور ۾ هند ۾ رهندڙ شاعرن کان ڪنهن ريت به گهٽ نه هو. تحفة الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ وغيرهه، هن دور جون اهم ترين علمي نشانيون آهن.

نادر شاهه جو دهليءَ کان موٽندي سنڌ ۾ اچڻ، هن دور جو ايران جي حوالي سان مکيه سياسي واقعو آهي (1152-1153هه). ميان نور محمد (1132-1167هه) ساليانو ڏن ڏئي، ايران سان پنهنجن لاڳپن کي ٺاهيو ۽ نادري تلوار جي رتو ڇاڻ کان پنهنجي وطن ۽ وطن واسين کي بچائي ورتو، جيڪا محمد شاهه جي اڻ ڄاڻائيءَ ڪري دهلي ۽ دهليءَ وارن کي ڏسڻي پئي!

سنڌ ۾ نادر شاهه جي آمد مستقل علمي ۽ ادبي آثار ڇڏيا آهن. هي علمي آثار سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد جي تصنيف ”منشور الوصيت“ (81)، ۽ تاريخ تي متعدد ڪتابن تي مشتمل آهن ۽ ادب ۾ اهي مخالف توڙي موافق قصيدا آَهن، جيڪي نادر شاهه جي آمد تي سنڌ جي شاعرن چيا آهن. سنڌي شاعرن تلميح جي طور تي به نادر شاهه کي پنهنجي شعرن ۾ ياد ڪيو آهي. مثال طور:

کرد غارت دهلي دل آن شهه، مهه پيکران.
شوخ من اندر ستم کمترز نادرشاهه نيست (82).

ان دور ۾ سرڪاري يا غير سرڪاري طور تي ايران جا ڪيئي امير، عالم ۽ شاعر سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن مان عاشق اصفهاني (83)، مرزا جعفر شيرازي (84)، ۽ ٻيا ڪيئي شاعر ۽ حڪومتي ڪارڪن آيا، جن جو ذڪر ”مقالات الشعرا“ ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾ موجود آهي. شيخ علي حزين (85)، ۽ ايران جو مشهور مرثيه گو شاعر ملا مقبل (86) (وفات گجرات، 1158هه) پڻ ان دور ۾ سنڌ پهتا هئا.

نادر شاهه 11 محرم 1153هه تي سنڌ مان ايران لاءِ موٽندي ميان نور محمد کي ”شاهه قلي خان“ جو خطاب ڏنو، جنهن جي تاريخ سنڌي درٻار جي شاعر هن ريت چئي:

اي آنکه تو ئي بملک دولت قائم
از خوان تو افطار کند هر صائم
تا مملکت ”سند“ شهنشاهت داد

تاريخ توشد ”شــــاهه قـلـي خــان دائــم“  (1152هه (87).

جيسين نادر شاهه جيئرو هو، ايران سان اسان جا سياسي لاڳاپا برابر قائم رهيا. سنڌ جا سفير ۽ خود سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم جا ٻه پٽ مستقل طور تي نادر شاهه جي قتل (1160هه) تائين ايران ۾ رهيا. جڏهن محمد مراد (1164هه) سنڌ واپس پهتو ته، شاعرن سندس آمد جي موقعي تي قصيدا ۽ تاريخون چيون. مثال طور:

با مزدهه رسيد، خان عالي به وطن (جعفر)
بافضل خدا، خان جوان بخت رسيد
از راهه خراسان، به وطن باز رسيد (محسن) (88).

        شيخ غلام محمد پڻ ايلچيءَ طور نادري دربار ۾ آخر وقت تائين رهيو (89). مير ابراهيم شاهه حيدرآبادي ٻيو سفير هو، جو سنڌ مان ايراني درٻار ڪيئي ڀيرا آيو ويو (90).

سنڌ جي والي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ايران پرستيءَ جو هڪ ٻيو مستحڪم ۽ مقدس نشان پڻ آهي، جو اڄ به اسان کي انهن ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. هي مشهد مقدس جي ڪتبخاني جي ميوزم ۾ اهو لاثاني ڪلام مجيد آهي، جيڪو هن نادر شاهه جي اچڻ کان اڳ (1148هه) ”مقدس آستان“ ڏي موڪليو هو، جنهن جي سينگار ۽ سونهن جو مثال شايد ئي دنيا جي ڪتبخانن ۾ ملي (91).


* ترجمو: غلام محمد لاکو

(1)  نئين تحقيق موجب هي سٽ امير حسن سجزي (603-738هه) جي هڪ غزل جي آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صه 413).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org