سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 9

 

 

سنڌي ٻوليءَ کي للڪار

[محترم عبدالغفور ”الستي“ ميمڻ ”ملير ڊائجيسٽ“ حيدرآباد ۾ ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ جي عنوان سان بحث جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو. ان مباحثي جي موٽ سڀ کان اول، راشدي صاحب هڪ خط جي صورت ۾ ڏني، جو مذڪورهه پرچي ۾ جولاءِ 1972ع ۾ ڇپيو هو. هي مختصر مگر يادگار تحرير پوءِ ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ نالي ڪتاب ۾ پڻ شايع ٿي. ايڊيٽر جي نوٽ سان گڏ هي تحرير هيٺ ڏجي ٿي]

اسان سڀ کان اول هن مضمون ۾ سنڌ جي مشهور عالم، مؤرخ، محقق، مقرر ۽ مختلف ٻولين جي وڏي ڄاڻوءَ جناب پير حسام الدين شاهه راشدي جو هڪ خط ڏئي رهيا آهيون، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ”ملير ڊائجيسٽ“ اداري کي سندن طرفان پهتو آهي. پير صاحب جن جو هي خط نه فقط پنهنجي مٺڙي ۽ مادري ٻوليءَ سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار آهي، پر ساڳئي وقت اسان سڀ جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ڀلائي چاهيون ٿا، انهن لاءِ رهنمائي جي حيثيت رکي ٿو.

هي سلسلو شروع ڪرڻ وقت اسان ٻولي جي عام ڄاڻن کان سواءِ، ٻولي جي خاص ڄاڻن کي به اها اپيل ڪئي هئي ته اهو اسان جي هن سلسلي ۾ رهنمائي ڪندا رهن ۽ پير صاحب به انهن خاص ڄاڻن مان هڪ هئا، جن کي اسان اپيل ڪئي هئي. جيئن ته پاڻ ان اپيل جو جواب اسان کي موڪليو اٿن، تنهن ڪري اسان هن مهيني جي سلسلي ۾ ”چئلينج جو جواب ڏيندڙ“ کين ئي سڏيو آهي ۽ چئلينج کي قبول ڪرڻ ۽ ان جوجواب ڏيڻ لاءِ سندن ٿورائتا آهيون.

هن کان پوءِ باقي جيڪي به صاحب خاص ڄاڻن مان رهن ٿا، انهن کي وري اسان جي چوٿون دفعو اپيل آهي ته هو پنهنجي ڄاڻپ سان اسان ، پر ساڳئي وقت اسان سڀ جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ڀلائي چاهيون ٿا، انهن لاءِ رهنمائي جي حيثيت رکي ٿو.

هن کان پوءِ باقي جيڪي به صاحب خاص ڄاڻن مان رهن ٿا، انهن کي وري اسان جي چوٿون دفعو اپيل آهي ته هو پنهنجي ڄاڻپ سان اسان جي اڻ ڄاڻائيءَ کي دور ڪندا رهن. هن طرح به پنهنجيءَ ٻوليءَ جي هن خدمت ۾ اسان جي رهنمائي ڪن.

-------

محترم عبدالغفور صاحب، السلام عليڪم. عرض ته خط ڪيترن ڏينهن کان پهتل هو. پر جواب ۾ دير ٿي، جنهن لاءِ اميد ته بخش ڪندا. سنڌيءَ جي سلسلي ۾ منهنجي راءِ آهي ته:

1. سنڌي اخبارون خبرن ۽ عنوانن ۾ زبان کي خراب ڪري رهيون آهن. لکندڙ اردو اخبارن تان ترجما ڪري يا اردو لٽريچر ۽ اخبارون پڙهي ٻوليءَ ۾ جيڪي لفظي ترڪيبون يا محاورا ڪتب آڻي رهيا آهن، سي ڪنهن صورت ۾ زبان ۾ ٺهڪي نه ٿا بيهن. اوهان هر رسالي ۾ مهيني جي اخبارن ۾ ڪتب آيل ترڪيبون، عنوان، لفظ ۽ محاورا گڏ ڪري ڇاپيندا رهو، جيئن اخبار نويسن کي خبر پوي ته سنڌي زبان جي ڄاڻ يا اڻڄاڻائيءَ سبب هو ڪيئن ٻولي جي ٻيڙي ٻوڙي رهيا آهن. جڏهن اهڙي فهرست گڏ ڪندا ته پوءِ اوهان کي انهيءَ ڪلور جي خبر پوندي.

2. فارسي ۽ عربي اکر گهڻي ۾ گهڻا ڪتب آڻڻ علم جي نه بلڪ جهالت ۽ پنهنجي زبان کان اڻڄاڻائيءَ جي نشاني آهي. آءٌ 1928ع کان 1937ع تائين اخبارن ۾ ابوالڪلام ۽ ظفر علي خان جي پوئواري ۾ فارسي ۽ عربي جا وڏا ڦڙا وسائيندو هوس. ليڪن اڄ جڏهن اهي مضمون پڙهان ٿو ته نه ڇڙو غلطي محسوس ڪريان ٿو. پر شرم ۽ کل اچي ٿي.

3. آسان ۽ نج زبان لکڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي. غالب، سر سيد ۽ عبدالحق اردو کي تمام سليس لکيو ۽ خاص طرز پيدا ڪئي سنڌيءَ ۾ مرحوم گربخشاڻي، ڄيٺ مل پرسرام، پروفيسر شاهاڻي، مولانا فتح محمد سيوهاڻي، مولانا وفائي ۽ دائودپوٽي مرحوم سليس، روان ۽ صاف سنڌي لکي آهي. اڄ به اوهين اهي لکتون پڙهو، ڄڻ لذت پئي ايندي.

4. ڳالهائيندڙن ۾ آءٌ مرحوم علامه قاضي صاحب جي سنڌيءَ جو قائل آهيان، جڏهن ساڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهائبو هو ته جواب ۾ ڪو به لفظ ڌارين زبان جو ڪتب ڪو نه آڻيندا هئا.

شهرن ۾ رهي رهي ڌارين سان اٿي ويهي اسان ماڻهن جي زبان خراب ٿي وئي آهي. سچ پڇو ته اسان کان پنهنجي زبان وسري وئي آهي. اڳتي هلي، جنهن جا نتيجا ڏاڍا ڏکوئيندڙ نڪرندا. سنڌي زبان جي صورت بدلجي ويندي ۽ اهو هاڃو اسين پنهنجو پاڻ ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ آءٌ گهڻي ۾ گهڻو جوابدار سنڌي اخبارن کي سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي زبان ۾ سندن مطالعو ڪو نه آهي. اردو اخبارون پڙهن ٿا، جڏهن لکڻ ويهن ٿا، تڏهن اها ئي زبان استعمال ڪن ٿا، جيڪا هنن صبح جو اردو اخبارن ۾ ڏٺي آهي. تڙ تڪڙ ۾ اهي ئي عنوان ۽ لفظ سندن دماغ سوچي ٿو.

ڪراچي واري ”هلال پاڪستان“ ۾ ٻولي جي صفائي جو بيحد خيال ڪيو وڃي ٿو. سندس روش کي پنهنجو ڪرڻ هرهڪ لکندڙ جو فرض آهي.

5. اوهان جيڪي مقابلي ۾ لفظ ڏئي رهيا آهيو، تن کي اڃا آسان ڪرڻ گهرجي، اهي ٺهڪن نه ٿا.

6. سنڌي زبان جهڙي شاهوڪار زبان ۾ ڌارين ٻولين جا لفظ آڻڻ آپگهات ڪرڻو آهي. غلط آهي، ناجائز آهي. گناهه آهي ۽ آخر ۾ اهو طريقو لکندڙ لاءِ ۽ زبان لاءِ گهاتڪ ٿيندو.

-------

 

 

سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ صفويءَ جا لاڳاپا*

[هي پير محترم سيد حسام الدين راشدي سال 1972ع ۾، ايران شناسن جي ٻين بين الاقوامي ڪانگريس تهران ۾ پڙهيو هو، جو تازو اسلام آباد مان نڪرندڙ رسالي ”دانش“ نمبر؛9 بهار 1366 شمسي هجري) ۾ ڇپيو آهي. نطريئه ضرورت تحت رسالي جي اهلڪارن هن مقالي جو عنوان تبديل ڪري ”ايراني درٻار ۽ سنڌي جي درٻار جا ڏهين صدي هجريءَ ۾ تعلقات“ موضوع سان ان کي ڇاپيو آهي. هن مقالي جو سنڌي ترجمو ”مهراڻ“ 1/1988ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو آهي]

ڏهين صدي هجري (قمري) ۾ بخرا کان دهليءَ تائين، قديم گهراڻا ختم ٿيا ۽ ٻين خاندانن انهن جي جاءِ والاري. قديم حڪومتون ختم ٿيون ۽ نيون قوتون نسري نروار ٿيون. شيبانين جو خاتمو (906هه/1500ع)، صفوي سلطنت جو قيام (907هه/1502ع)، هرات جي تيموري خاندان جو زالن ۽ اولاد جي ڪثرت سبب گل ٿيڻ (913هه/7_1506)، بابر جو فرغانه کان ڀڄي ڪابل ۽ قنڌار تي قابض ٿيڻ (928هه/1521ع)، شاهه بيگ جو قنڌار ۾ بابر هٿان شڪست کائڻ ۽ سنڌ طرف اچي سمن جي خاندان کي ختم ڪري نئين حڪومت ٺاهڻ (927/1520ع)، شير خان سوريءَ هٿان همايون جي شڪست ۽ سنڌ ۾ پناهه نه لهڻ (1 رجب 947هه/2 نومبر1540ع)- 9 ربيع الثاني 950هه/ 17 جولاءِ 1543ع) (1)، ۽ شاهه طهماسپ جي درٻار ۾ پهچي، تخت ۽ تاج جو هن بادشاهه جي مدد سان واپس وٺڻ، هي سڀ واقعا ڏهين صدي هجريءَ جي ابتدائي چوٿائيءَ ۾ ٿي گذريا. ان ڪري ايران جون قديم سياسي، ملڪي ۽ علمي حالتون، توڙي هند پاڪ ننڍي کنڊ جو نقشو بندلجي ويو. اهو ئي سبب آهي جو پوءِ ننڍي کنڊ تي، صدين تائين ايران جي برتري جاري رهي. هتان جي ملڪي ماحول ۽ اجتماعي سياست کي جن به اميرن، عالمن ۽ مدبرن تشڪيل ڏنو ۽ نئين زندگي بخشي، اهي يا ته ايراني يا وري توراني هئا.

سلطان محمود بکري ۽ سندس خاندان به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي، جن ڏهين صديءَ جي ابتدا کان وٺي آخر تائين هرات، ڪابل ۽ قنڌار توڙي سر زمين سنڌ تي مهمون سرانجام ڏنيون. امير ذوالنون ارغون ۽ شاهه بيگ جي وقت سلطان محمود جو پيءُ مير فاضل ڪوڪلتاش ڪابل، قنڌار، بست ۽ زمين داور تي قائم رهيو (2). ان بعد هي ان ملڪ مان تڙيا ويا ۽ اچي سنڌ تي قابض ٿيا. هن خاندان جي ڪجهه ماڻهن خاص ڪري والد جي موت کان پوءِ سلطان محمود ملڪي معاملن جي لاهن چاڙهن ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا (3). شاهه حسن ارغون جي وفات (962هه/1555ع) تي جڏهن سندس ڪو وارث نه رهيو، سلطان محمود اتر سنڌ ۾ سيوهڻ کان سبيءَ تائين پنهنجي الڳ سلطنت جو بنياد رکيو.

سلطان محمود جا وڏا خوارسڪان جا هئا، جيڪو اصل ۾ تحصيل ”جي“ جو هڪ ڳوٺ هو (4). مير محمد معصوم بکري پنهنجي ”تاريخ سنڌ“ ۾ سندس خانداني سلسلو هن ريت لکيو آهي: ”سلطان محمود بن مير فاضل بن مير عادل بن احمد خواجه“ (5). وڌيڪ لکي ٿو ته: احمد خواجه جو واسطو ٽن پيڙهين ذريعي ملڪ محمود نان دهه (ماني ڏيندڙ) سان لڳي ٿو. جو اصفهان ۾ پهچ ۽ سخا جي ڪري مشهور هو، جنهن وقت امير تيمور اصفهان کي تاراج ڪيو (789هه/1387ع) (6)، ان وقت محمود جو وڏو ڏاڏو احمد خواجه، امير ذوالنون ارغون جي پيءُ امير حسن جي هٿ چڙهيو ۽ ان وقت کان شاهه حسن ارغون (پوٽو امير ذوالنون) جي وفات تائين هي خاندان ساڻن گڏ رهيو.

ارغونن سان گڏ تر خان به سنڌ ۾ آيا، جن جو تعداد گهڻو هو، جڏهن تهمير فاضل ڪوڪلتاش، جو خاندان چند ماڻهن تي مشتمل هو (7). ان جي باوجود به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، تر خانن جي دشمني ۽ رقابت هوندي به، سلطان محمود اڌ سنڌ تي مسلط ٿي ويو. وٽس جانباز ۽ وفادار سپاهي هئا، جنهنڪري پاڻ ترخانن جي حاوي رهيو. پاڻ مشڪل ڪمن کي سمجهڻ ۽ مسئلن حل ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. سندس شخصيت نهايت دلچسپ هئي. سنڌ جي تاريخ ۾ جهڙس سياسي بصيرت جو مثال گهٽ ملي ٿو.

پاڻ جنهن وقت حڪومت جي واڳ ورتائين. اهو دور خطرن سان پر هو. ٺٽي جو حاڪم مرزا عيسى ترخان سندس سخت دشمن هو ۽ سندس وجود کي ختم ڪرڻ جي ڪڍ هو. هندوستان ۾ همايون بادشاهه، شاهه حسن جي موت کان هڪ مهينو اڳ (9 جمادي الاول 962/10 اپريل 1555ع)، لاهور تي قبضو ڪيو هو (3 ربيع الاخر 962هه/24 فيبروري 1555ع ۾ ٽي مهينا پوءِ (2 شعبان 962هه/22 جون 1555ع)، سرهند وٽ سورين کي شڪست ڏئي، ٻيو ڀيرو سرزمين هند تي مغلن جو جهنڊو ڦڙڪايو. همايون بادشاهه پڻ سلطان محمود جو دشمن هو. جڏهن هو شير شاهه سوريءَ هٿان شڪست کائي، سنڌ پهتو هو (28 رمضان 947هه/24 فيبروري 1541ع- 7 ربيع الثاني 950هه/17 جولاءِ 1543ع)، تڏهن سلطان محمود پنهنجي ولي نعمت، شاهه حسن ارغون جي حڪم موجب، هر جاءِ تي سندس مزاحمت ڪئي هئي ۽ کيس ڪٿي به آرام ڪرڻ نه ڏنائين. ايتري تائين جو مجبور ٿي کيس ايران وڃڻو پيو. مير معصوم موجب، سلطان محمود هٿان جيڪا شڪست بادشاهه همايون کي آئي، ۽ سندس بهترين امير ڪتب آيا، ان ڪري هو سنڌ ڇڏي ايران طرف پناهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿيو(8).

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سلطان محمود خان پنهنجي اباڻي وطن سان نسبت برقرار رکي. شاهه حسن جي دور ۾ (930هه/1524ع- 962هه/1555ع)، جڏهن پان اڃا بکر جو نائب حاڪم هو، ايرانين ۽ خاص ڪري ديني بزرگن سان رستو پيدا ڪري، خط و ڪتابت جو تبادلو جاري ڪيائين. جڏهن ارغونن ۽ تر خانن ۾ ٺٽي ۾ شاهه حسن جي پڄاڻيءَ ڌاري بغاوت جو جهنڊو بلند ٿيو (محرم 962هه/نومبر 1554ع)، تڏهن سلطان محمود بکر مان فوجي جٿا ساڻ ڪري، پنهنجي ولي نعمت جي مدد لاءِ خود روانو ٿيو. سيد جعفر مشهدي ٻي منزل تي اچي ساڻس مليو ۽ روضهءَ رضويه جي نقيبن پاران، نقارن جو هڪ جوڙو پيش ڪيائين (9). ان کي پنهنجي حڪومت لاءِ سٺو سوڻ سمجهي وڏي احترام سان قبول ڪيائين.

جنهن وقت سلطان محمود ايران سان لاڳاپا پي وڌايا، تڏهن پاڻ هن حقيقت کان غافل نه هو، ته جيسين همايون بادشاهه جي دل ۾ ڪدورت باقي هوندي، تيسين پاڻ اطمينان سان حڪومت نه ڪري سگهندو. مرزا شاهه حسن جي وفات وقت اتفاق سان، ترڪ اميرالبحر سيدي علي رئيس به موجود هو، سو عيسى تر خان جي بجاءِ سلطان محمود جي ويجهو اچي ويو. سلطان محمود به هن لاڳاپي مان فائدو ورتو ۽ جڏهن اميرالبحر هندوستان جو ارادو ڪيو، تڏهن کيس صورتحال کان واقف ڪري صلح جي درخواست ڪيائين.

سلطان محمود سان بخت ياوري ڪئي. سيدي علي رئيس کيس بادشاهي مهر سان خوشنوديءَ جو فرمان موڪلي ڏنو (10). ان وقت موجود خطرو ٽري ويو ۽ چند مهينن کان پوءِ همايون بادشاهه به فوت ٿي ويو (10 ربيع الاول 963هه/28 جنوري 1556ع).

سلطان محمود ان دوران شاهه طهماسپ کي پنهنجو مددگار ۽ دوست سمجهي، چند ڀيرا پنهنجو سفير موڪلي بخشش ۽ لقب حاصل ڪيو. مير معصوم جي تاريخ سنڌ ۾ اچي ٿو ته سال 965هه (57_1558ع) ۾ شاهه ايران، سلطان محمود کي ”خان“ لقب عطا ڪيو (11). هن لقب کي گورگاني (مغليه) مؤرخن سطحي سمجهي اهميت نه ڏني، ۽ هميشہ کيس سلطان محمود بکري ڪري لکيو اٿن. سنڌ ۾ هي لقب سندس نالي جو حصو بنجي ويو ۽ سڀني سنڌي تاريخ دانن کيس سلطان محمود خان بکري طور ياد ڪيو آهي. هن لقب سان گڏ کيس علم، نقاري، سروپاءِ ۽ ٻين تحفن سان نوازيو ويو(12).

همايون جي وفات سان ختم ٿيل خطرو وري موٽي آيو. سندس جاءِ نشين اڪبر جوان بلڪ نوجوان هو. جڏهن همايون جي لاءِ سلطان محمود خان تڪليف پيدا ڪئي، تڏهن عمرڪوٽ ۾ اڪبر ڄائو (5 رجب 949هه/15 آڪٽوبر 1542ع). هي ٻار ڇهن مهينن جو هو ته همايون سنڌ ڇڏي ايران ۾ پناهه ورتي. جيتوڻيڪ پيءُ هن واقعي کي وساري ڇڏيو، ليڪن پٽ ان کي فراموش نه ڪيو هو. هو انتقام وٺڻ لاءِ تيار هو. انهن خاص ماڻهن جي اڪثريت اڃا زندهه هئي، جن تڪليفون ڏٺيون هيون ۽ اهي ڳالهيون ڪري سندس (اڪبر) ياد کي تازو ڪندا هئا. اڪبر جو استاد سپهه سالار خانخانان بيرم خان ۽ اڪبر جي پڦي گلبدن بيگم انهن ڏينهن جا ڏکويل زندهه هئا. ان ڪري مصيبت اچڻ جو خطرو هر وقت موجود هو.

سلطان محمود خان اهي خطرا ڏسي، ڏاهپ ڪري خانخانان بيرم خان جي هڪ عزيز، تردي بيگ جي ڌيءَ گوهر تاج خانم سان شادي ڪري ورتي. مير معصوم لکي ٿو: عجيب طريقو رٿي شهر ۽ بازار ۾ هڪ دستور سان قبا تيار ڪرايائون ۽ متعدد مجلسون ڪري قسمين قسمين مزا ورتائون (13). ظاهر آهي ته ڪو ماڻهو ستهٺ سالن جي عمر ۾ شاديءَ جو اهڙو جشن نه ٿو ڪري. کيس نه ته مباشرت جي ضرورت هجي ٿي ۽ نه وري نبوي سنت جو طريقو پورو ڪرڻ مقصد هو. هن واسطيداري پيدا ڪرڻ جو هڪ ئي سبب هو، ته جيئن بيرم خان تان ناگوار ۽ اڻ وڻندڙ صورتحال کي دفع ڪجي. اڪبري درٻار جو هي پراڻو ملازم جڏهن عتاب ۾ آيو ۽ منصب تان معزول ٿيو ۽ ڪعبته الله جي زيارت تي سنبريو، تڏهن ڪجهه وقت بکر ۾ ٽڪڻ گهريائين ٿي. سلطان محمود خان موقعي جي نزاڪت ڏسي، مٽي مائٽيءَ جو واسطو ترڪ ڪري، ٻٻرلوءِ جي ”چهار باغ“ کي ويران ڪرائي ڇڏيو، ته جيئن بيرم خان ان سرسبز ۽ شاداب جي جاءِ تي رهي نه پوي (14). همايون بادشاهه به ان جاءِ کي گهڻو پسند ڪيو هو. هي عمل سندس حالت سمجهڻ جو هڪ وڏو دليل آهي.

اڪبر سان گهڻي ويجهڙائيءَ کي سلطان محمود خان پسند نه ٿي ڪيو، ڇو ته ان ريت پنهنجي حڪومت وڃڻ جو امڪان هئس. هن کان پري ٿيڻ به نه ٿي چاهيائين، جنهن ۾ پڻ حڪومت وڃڻ جو خطرو ڏٺائين ٿي، ان ڪري سياسي طرح شاهه ايران کان، خاص عنايتون حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪيائين.

محمود کي ”خان“ لقب عطا ٿيڻ بعد، شاهه طهماسپ جو ايلچي حق بردي بيگ هيرن جو هار، تاج، جڙاءَ دار ڪمربند، قيمتي سروپاءِ، ڇٽ، اتاغه، جيغئه زلف، عقار ۽ ٻيون قسمين قسمين نوازشون ۽ بادشاهي انعام کڻي بکر ۾ حاضر ٿيو (15). سفير جو جوڳو استقبال ڪري، سلطان محمود کيس گهڻي عزت ڏني. هي عمل بادشاهه اڪبر جي ڏيکاءَ کان علاوهه پنهنجي پراڻي دشمن مرزا عيسى ترخان تي رعب وجهڻ لاءِ پڻ هو. مير معصوم لکي ٿو: حق بردي بيگ سڄو سال بکر ۾ رهيو ۽ جڏهن واپسيءَ جو ارادو ڪيائين، تڏهن سلطان محمود خان ساڻس گڏ سيد ابوالمڪارم سبزواريءَ کي سفير ڪري موڪليو (16). هن صفوي دربار ۾ مهربانيون حاصل ڪيون. سال 971هه/1563ع جي باري ۾ صاحب عالم آر اي عباسي لکي ٿو: ”سن نو سؤايڪهتر ۾ سلطان محمود خان بکر ۽ سنڌ جي حاڪم پنهنجي سفير ابوالمڪارم کي موڪليو. هن گهڻي وفاداري، عقيدت ۽ موروثي سچائي ڏيکاريندي، قيمتي تحفا به موڪليا هئا (17).

شاهه طهماسپ ٻيو ڀيرو به حق برديءَ کي سلطان محمود خان جي درٻار ۾ موڪليو ۽ مير معصوم موجب هن ڀيري کيس ”خانخاني“ لقب عطا ڪيو ويو. هو لکي ٿو: ”ٻيو ڀيرو حق برديءَ کي مير ابوالمڪارم سان گڏ ڏياري موڪليو. سلطان محمود خان کي ”خان خاني“ لقب ۽ طرحين طرحين نوازشن ۽ مهربانين سان نوازيو (18). سلطان محمود خان وٽ حق برديءَ جي اچڻ ۽ هن لقب ملڻ جو سال مقرر ڪرڻ ذرا مشڪل آهي، ڇو ته مير معصوم واقعاتي تسلسل ۽ تاريخن جي درستگيءَ ۾ لاپرواهه ڏسجي ٿو. هن ڏس ۾ ”تاريخ معصومي“ سن 970هه/1563ع لکي ٿي (19). جڏهن ته ”عالم آر اي عباسي“ سال 971هه/1563ع ڏنو آهي. مير ابوالمڪارم جي واپسي ”احسن التواريخ“ پڻ هن سال ۾ ڄاڻائي ٿي. جيئن اچي ٿو ته: سن نو سو ايڪهتر ۾ شاهه عالم پناهه جي درٻار ۾ قاصد ۽ سوکڙيون موڪليائين. سلطان محمود خان بکر جي حاڪم ابوالمڪارم هٿان تحفن جا ڪئين قسم موڪليا..... شاهه دين پناهه. قاصدن (سفيرن) کي قيمتي خلعتون بخشي واپس موڪليو(20).

بهر حال سلطان محمود خان لقب ”خانخاني“ سان مشهور نه ٿيو (21)، ۽ اهڙو اشارو به ايراني تاريخن ۾ نه ٿو ملي. حقيقت ۾ هي لقب ايراني نه هو. بلڪ خاص گورگاني (مغليه) درٻار جو هو. هن ڏس ۾ مير معصوم غلطي ڪئي آهي. اهو سلطان محمود خان ئي هو، جنهن گهريو ٿي ته بيرم خان جي وفات بعد، گورگاني درٻار جو هي اعلى ترين لقب کيس ڏنو وڃي. سندس خيال هو ته ان لقب ملڻ سان، هو پاڻ کي پنهنجي داخلي دشمنن، مرزا عيسى ترخان ۽ پوءِ سندس پٽ مرزا محمد باقيءَ کان محفوظ رهندو. ان ريت ان منظوريءَ لاءِ مير ابوالمڪارم (22)، کي صفوي درٻار ۾ موڪلي ڏنائين. ايراني بادشاهه وٽان سفير حق برديءَ جي منزل اڪبري دربار ڏي هئي. هو چند ڏينهن بکر ۾ رهي پوءِ اڪبري درٻار ڏي روانو ٿيو ڏسجي ٿو.

اسان کي خبر آهي ته شاهه طهماسپ ۽ اڪبر بادشاهه ۾، قنڌار جي معاملي ڪري رنجش موجود هئي. ان هوندي به ٻنهي بادشاهن ۾ چڱا تعلقات هئا. هي اندازو شاهه طهماسپ کي موڪليل جواب مان ٿئي ٿو، جيڪو ابوالفضل ”اڪبر نامه“ ۾ محفوظ ڪيو آهي. هو لکي ٿو: سن 972هه/1564ع ۾ شاهه طهماسپ جو ايلچي يڪجهتيءَ جي گلدستي ۽ هن درٻار جي تحفن سان گڏ پهتو. سلطان محمود خان بکري ٻانهپ جو اظهار ڪيو ۽ سندس خواهش هئي ته هو خانلرخاني يعني ”خانخاني“ جو لقب هن درگاهه مان حاصل ڪري. اڳ ۾ منصب، روڪڙ ۽ سفارش تي ملندا هئا پر جڏهن اڪبر مسند تي ويٺو ته هن اهي لقب اهليت جي بنياد تي ڏيڻ شروع ڪيا ۽ سفارش کي رد ڪيو ويو. ان صورتحال ۾ جڏهن هي لقب منعم خان کي مليل هو، انهيءَ ڪري عذر ڪيو ويو ۽ ايلچيءَ کي واپس موڪليو ويو. (23). هن عبارت مان اڪبر ۽ طهماسپ جي لاڳاپن جي صورتحال سامهون اچي ٿي.

منهنجي تحقيق موجب حق بردي هي پيغام آندو ۽ ابوالمڪارم سان گڏ بکر پهچي پوءِ اتان اڪبري درٻار ڏي ويو. هن سفارت کي مير معصوم صحيح طرح نه سمجهيو، ان ڪري شاهه طهماسپ جي سفارش جي حوالي سان گفتگو ڪندي، هن لقب ڏيڻ کي مذڪورهه بادشاهه ڏي منسوب ڪيائين.

شاهه طهماسپ کي اڪبر جي پهتل جواب مان ظاهر ٿئي ٿو ته سلطان محمود کي اڪبر ”اعتبار خان“ جو لقب ڏنو هو ۽ مستقبل ۾ پڻ وڌيڪ نوازشن جو واعدو ڪيو (24). هن حوالي کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪو به ماخذ هن لقب جو ذڪر نه ٿو ڪري، تاريخ مير معصوم، اڪبر نامه ابوالفضل ۽ پوين ڪتابن مان تذڪرة الامرا ڪيولرام، سڀئي هن متعلق خاموش آهن. پويون ڪتاب خاص انهن اميرن بابت آهي، جن کي بادشاهن وٽان لقب مليل هئا. ان ۾ به سلطان محمود خان کي ”اعتبار خان“ جي لقب سان ياد نه ڪيو ويو آهي. چئي نه ٿو سگهجي ته بادساهه اڪبر جي خط ۾ ڇو ۽ ڇا لاءِ اهڙو اشارو ٿيل آهي؟

ميرزا عيسيٰ ترخان سن 973هه/1565ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس ظالم ترين پٽ مرزا محمد باقي مسند نشين ٿيو (25)، جنهن کي سلطان محمود سان دشمني پنهنجي پيءَ کان ورثي ۾ ملي ۽ هن به ان کي برقرار رکيو.

سلطان محمود خان ۽ شاهه طهماسپ ۾، سن 973هه/1565ع کان پوءِ تاريخن ۾ سفيرن جي اچ وڃ جو احوال ڪو نه ٿو ملي. پر ان زماني جي واقعن مان اهڙا اشارا ملن ٿا، ته سلطان محمود جو ايران سان خاص تعلق آخر تائين برقرار رهيو. مرزا باقي سن 974هه/1566ع ۾ اڪبر بادشاهه کي هڪ درخواست موڪلي ۽ شڪايت ڪئي ته سلطان محمود، سندس حدن ۾ قنڌار جي قزلباشن جي لشڪر سان، دخل اندازي ڪري ٿو، جنهن لاءِ کيس تنبيهه ڪئي وڃي (26). هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سلطان محمود، جو شاهه طهماسپ جي ڀائٽي قنڌار جي والي سلطان حسين ميرزا (984هه/1576ع) ولد بهرام ميرزا سان ويجهو واسطو هو.

پرآشوب ۽ پر خطر زندگيءَ جا اسي سال پورا ڪرڻ بعد، هاڻي سلطان محمود خان ڪمزور ۽ ٿڪل هو. پيري مٿس حاوي ٿي چڪي هئي، کيس پٽاڻو اولاد نه هو، جو کانئس پوءِ حڪومت جي واڳ سنڀالي. هڪ نياڻي ”بکري بيگم“ نالي هيس، جا سال 980هه/1572ع ۾ اڪبر کي نڪاح ۾ ڏنائين (27)، ۽ گهريائين ته باقي حياتي آرام ۽ سڪون سان گذاري. ليڪن موت کيس ٻن سالن کان وڌيڪ مهلت نه ڏني ۽ 8 صفر 982هه/30 مئي 1574ع تي جلندر جي مرض وگهي چوراسي سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو (28). ٻه سال پوءِ 984هه/1576ع ۾ سندس مربي ۽ محسن شاهه طهماسپ به مري ويو. اهڙيءَ ريت خير سان هنن ٻن شخصن جا لاڳاپا به پورا ٿيا.

سلطان محمود جي تعريف ڪندي مير معصوم لکي ٿو ته: گهڻين صفتن جو مالڪ هو، بهادر ۽ سخي هو، سندس همت مشهور آهي ۽ سندس طبيعت ۾ ڏاڍي تکائي هئي. جڏهن ڪاوڙبو هو ته آپي مان نڪري ويندو هو، خونريزيءَ کان به ٽارو نه ڪندو هو، بلڪ ٿوري وهم ۽ بدگمانيءَ تي ماڻهن جو گهرٻار برباد ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي شخص جي تاريخ وفات به ”در بهشت آسود“ مان لڌائين (29).

             982هه

حوالا ۽ حاشيا:

(1) همايون اِن پرشيا، ص 1_49، ڪلڪته، 1948ع.

(2) ڏسو 920هه جو ڪتبو، جيڪو مير فاضل ڪوڪلتاش، بابا حسن ابدال (بابا ولي) قنڌاريءَ جي مزار تي نصب ڪيو (مجله، آريانا، ڪابل، ش 10، سال 6) ۽ تحفة الڪرام (حصه اول، ص 95_192)، راقم الحروف جو مرتب ڪيل (1971ع). پڻ ڏسو مولانا صبحي جي حڪايت، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، مير فاضل ’ڪزيو‘ زمين داور جو جڏهن صوبيدار هو، ان وقت ايترا ته ظلم ڪيائين جو ماڻهو دانهون ڪرڻ لڳا (بدايع وقايع واصفي، ماسڪو، ص 57_1156، ۽ تحفة الڪرام، ص 495).

(3) شاهه بيگ جي دور ۾ سلطان محمود بکر جو عملدار هو (مير معصوم ص 122). شاهه حسن جي وقت ۾ محمود جي حدن ۾ بکر، سبي ۽ شال (ڪوئيٽه) شامل هئا (طاهري، ص 72) محمود نالي سان بکر جي نسبت ان ڪري ٿي جو سندس سمورو دور هتي گذريو. تاريخ ظاهري لکيو آهي ته، شاهه حسن ملتان جي فتح (933هه) کان پوءِ ملڪ جو هي حصو پوري طرح سندس عملداريءَ ۾ ڏئي ڇڏيو: بکر پهتو. محمود خان بن فاضل ڪوڪلتاش کي اتي جو (بکر) قائم مقام ڪري، سيوهڻ جي سرحد کان ملتان ۽ سبي ۽ گنجا واهه تائين جون مهمون کيس سپرد ڪيائين (ص 72).

(4) خوارسڪان (فرهنگ جغرافياي ايران، جلد 10، ص 216_80). (گنجينه تاريخي اصفهان، ص 303). اصفهان ۽ يزد جي رستي تي واقع آهي. خراسگان به لکيو ويو آهي (فرهنگ آباد هاي ايران، ص 170). جَي (فرهنگ جغرافياي ايران، جلد 10، ص 216_60، فرهنگ آباد هاي ايران، بخش اول، ص 126). جَي، اصفهان سان لاڳو هڪ ديهه جو نالو آهي. شعر ۾ هن ريت آيو آهي:

چهار شهر عراقش هميشه باد مقام
به چار فصل که نبود زوالش اندر پي
ربيع در قم و هنگام صيف همدان
خريف در جَي فرخندهه و شتا در ري

قابوس نامه جي تي ختم ڪيو ويو آهي:

نوشت دفتر قابوس نامه بخطي
چو آفتاب هويدا و در نظر چو جدي
بروز بيست و هفتم ز ماهه زيقعدهه
سال شش صد و هفتاد وسه بخطئه جَي

ان ريت ”ڪليله ودمنه“ جو قديم نسخو (673هه) جَي ۾ ڪتابت ٿيو:

بسال ششصد و هفتاد و سه بخطئه جي
که شد تهي زبد انديشي و جفا کيشي

(از سعدي تاجامي، ص 45_144)

جي جو قصبو راقم الحروف مارچ 1974ع ۾ ڏٺو ۽ ان تي هڪ مقالو به لکيو (هلال پاڪستان، ڪراچي)، اصل ۾ هي عبارت غلط لکي وئي آهي ۽ ڪتابت جي غلطي آهي. ساڳي غلطي ”منتخب التواريخ“ اٽڪي کان به ٿي آهي: اصل ايشان از ملوک جرهه من اعمال اصفهانست (قلمي). جره جي جاءِ تي جي هجڻ کپي. تاريخ سنڌ، مير معصوم ۾ عبارت هن طرح غلط ٿي وئي آهي: موضع خراسان واصل ايشان از ملوک چين من اعمال دارالسطنت اصفهان (ص 218). جڏهن ته ٿيڻ ائين کپي: موضع خراسکان واصل ايشان ازملوک جي من اعمال دارالسطنت اصفهان.

(5) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 218.

(6) عراق ۽ عجم تي تيمور جو هي ٻيو حملو هو (798هه_1387ع)، جنهن ۾ اصفهان جي سڀني باشندن کي نشانو بنايو ويو (هسٽري آف دي ارغونس ائنڊ ترخانس آف سنڌ، ص 251، 1972ع، ايم. ايڇ. صديقي، بحوالئه: توزڪ تيموري، ظفر نامه، روضته الصفا، حبيب السير).

(7) سلطان محمود جو سلسلو هن ريت آهي:

 

 تفصيل لاءِ ڏسو تاريخ معصوم، تحفته الڪرام، راقم الحروف جو ڇاپو (ص 200). اهي چند ماڻهو هئا، جن تي هي سلسلو پورو ٿيو. سکر يا بکر ۾ ڪنهن جي قبر يا مدفن گاهه جو پتو نه ٿو پوي. ڪنهن دور ۾ مير معصوم شاهه جي مناري جي سامهون، جتي ڊاڪٽر مس الفريڊ جو مڪان هو ۽ اولهه طرف فوجي عمارتون هيون، ڪاشيءَ سان سينگاريل هڪ خوبصورت قبر موجود هئي. ان کي سلطان محمود جي قبر سڏيو ويندو هو پر هاڻي نوان مڪان ٺهڻ سبب اها به گم ٿي وئي آهي.

(8) همايون ۽ شاهه حسن ارغون ۾ جون جي ويجهو خونريز جنگ ٿي، جنهن ۾ سلطان محمود جي هٿان همايون جا اڪثر نامور امير مارجي ويا. مير معصوم جي لکت موجب: از حدوث اين امر خاطر پادشاهه بغايت محزون گرديد..... لاجرم دل از سند سرد ساخته راهه توجهه بجانب قندهار مصمم ساختند (ص 179). تاريخ طاهري، محمود جي ان ماراماريءَ تي سندس لاءِ لکيو آهي ته: محمود نامسعود، اوباش، بدمعاش کوکلتاش (ص 74).

(9) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 189.

(10) ڏسو ”مرات الممالک“ سدي علي رئيس (1313 جو ڇاپو). سنڌ واري حصي کي راقم ترجمي ۽ حاشين سان رسالي ”مهراڻ“ نمبر1، سال 1971ع ۾ شايع ڪيو آهي. سدي علي رئيس سنڌ ۾ 20 ربيع الاول کان ڪري اڌ شعبان 962هه تائين رهيو (پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن).

(11) خان جي لقب لاءِ ڏسو؛ انسائڪلوپيڊيا آف اسلام، جلد 2، ص 898_897. صفوين جي دور ۾ ننڍي صوبي جي حاڪم کي سلطان چوندا هئا. سلطان، خان جو زيردست هوندو هو، جو ان کان وڏي صوبي جو والي هوندو هو (بارتول). تيموري ترڪن وٽ خان جو لقب سلطان کان وڌيڪ اهم هوندو هو ۽ وڏن وڏن اميرن کي ڏنو ويندو هو. لقب خان ازبڪن وٽ بادشاهه جو متبادل خيال ڪيو ويندو هو. ان ريت صفوي بادشاهه ”خاني“ جو لقب فقط اهم ترين اميرن کي ڏيندا هئا يا ولايت جي حڪمران يا والي جي لاءِ مخصوص هوندو هو. (دائرة المعارف، غلام حسين، جلد 1، ص 879). وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”لغت نامه دهخدا“ (س اکر، ص 152).

(12) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 223، متن ۾ لفظ ”اقوا“ ڪتابت جي غلطي آهي. اصل ۾ هي اکر قور آهي، جنهن جي ترڪيءَ ۾ معنى آهي: جبه ۽ سلاح.

(13) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 223.

(14) مير معصوم لکيو آهي ته: سال 966هه ۾ هي خبر پهتي ته بيرم خان مڪي وڃڻ لاءِ سنڌ مان گذرڻ وارو آهي. سلطان محمود خان ٻٻرلو جي چهار باغ کي ويران ڪرائي ڇڏيو. کيس خيال آيو ته هي خطو همايون کي گهڻو پسند هو ۽ هو هتي گهڻو وقت ٽڪي پيو هو...... ممڪن آهي ته بيرم خان به هتي ٽِڪي پوي. ولي بيگ سان محمود خان جي رشتيداري هئي، ان ڪري واقعي بيرم خان جو ارادو هن رستي سان اچڻ جو هو. پر جڏهن برباديءَ جي خبر ٻڌائين تڏهن پٽن گجرات جو رستو اختيار ڪيائين. (ص 224). مير معصوم حسب دستور سال غلط لکيو آهي. 966هه بجاءِ هي واقعو 968هه ۾ ٿيو، جڏهن هو اڪبر کان ڏکوئجي مڪي معظم وڃي رهيو هو، تڏهن گجرات ۾ مارجي ويو (مقالات الشعرا، ص 99، راقم الحروف جو ڇپرايل).

(15) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 225.

(16) ساڳيو حوالو.

(17) عالم آرائي عباسي، جلد 1، ص 116، طبع ايران.

(18) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 225.

(19) ساڳيو حوالو.

(20) احسن التواريخ (ڇاپ بڙودهه، ص 422، 1931ع).

(21) بيورج جو قول آهي ته: خان خانان، جو لقب بابر جي دور کان هند ۾ رائج ٿيو. پهريون شخص جو ”خان خانان“ جي لقب سان سرفراز ٿيو، اهو دولت خان پٽ دولت خان (؟) هو. هي لقب هندي مغلن لاءِ مختص هو ۽ سندن ايجاد ڪيل هو (انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام، جلد 2، ص 898). ”لغت نامه دهخدا“ ۾ ”انندراج“ ۽ ٻين ڪتابن جي حوالي سان آيو آهي ته: چين جي بادشاهه وٽ به خان لقب هو. نظاميءَ جو شعر آهي:

خان خانان روانه گشت ز چين
تا شود خانه گير شاهه زمين

هر ترڪي قبيلي جو جدا جدا سردار هوندو هو ۽ وري انهن سڀني سردارن جو هڪ وڏو سردار هوندو هو، جنهن جي تابع اهي هوندا هئا. هن سردارن جي سردار کي ”خان خانان“ چوندا هئا (رودڪي، سعيد نفيسي). مقدم ۽ اميرن کي ”گورخان“ چون ٿا. يعني خان خانان (جهان ڪشائي جويني). ذڪر ڪيل دولت خان کي دلاور نالي ڪو به پٽ نه هو ۽ نه وري منهنجي ڄاڻ موجب، هن نالي واري ڪنهن شخص کي ”خان خانان“ جي لقب سان نوازيو ويو هو.

(22) مير ابوالمڪارم ولد مير غياث الدين محمد سبزواري، ميرزا شاهه حسن ۽ پوءِ سلطان محمود جي اميرن ۾ شامل هو. محمود خان کيس شاهه طهماسپ بادشاهه جي خدمت ۾ سفير ڪري موڪليو هو. بادشاهه کيس ”سلطان“ جي لقب سان نوازيو هو. گهڻو خوش طبع ۽ علمي ڪمالات سان سينگاريل هو. شعر به چوندو هو (مير معصوم، ص 239). مقالات الشعرا، مان ظاهر ٿئي ٿو ته ابوالمڪارم ”سلطان“ جو لقب محمود خان لاءِ کڻي آيو هو: برسم رسالت......... فرستاد، تا از برائي وي بانواع نوازش و خطاب سلطان مراجعت کرد (ص 17). ان ريت متضاد بيان ملن ٿا. ليڪن درست هي آهي ته پاڻ سلطان جو لقب محمود خان لاءِ آندائين (ڏسو ٻيا ڪتاب: ماثر رحيمي، 2، ص 337_489، تحفة الڪرام، قديم ڇاپو، 3، ص 28_127، عالم آرائي عباسي ۽ احسن التواريخ روملو). جتي ابوالمڪارم جو ذڪر آيو آهي، اتي لقب ”سلطان“ جو اشارو به ڪونهي. هن لقب جي تنزل لاءِ ڏسو: دائرة المعارف، غلام حسين (1، 22_1323، ڇاپو 1345).

(23) اڪبر نامہ: 2، 237، تحفة الڪرام، ص 197، راقم الحروف جو ڇاپو.

(24) رياض الاسلام: انڊو پرشين رليشنس، ص 49_50، بنياد فرهنگ ايران، 1970ع. عالم آرائي عباسي، جي ورق 178 تي خط جو متن لکيل آهي. عالم آرائي عباسي، جو هي نسخو برٽش ميوزم ۾ Add 7654 موجود آهي. خط جو پورو متن مون پهريون ڀيرو ”تحفة الڪرام“ ۾ ڇاپي ڇڏيو آهي. (ص 495).

(25) تاريخ سنڌ، مير معصوم، تاريخ طاهري، حاشيا مڪلي نامہ، تحفة الڪرام.

(26) اڪبر نامہ، 2، 79_278، ڪلڪتو؛ بدايوني، 2، ص 91، ڪلڪتو، 1931ع. عبارت هي آهي: درين ولا سلطان محمود والي بهکر بمعاونت قزلباش کہ در قندهار ميباشند، اطراف ولايت بندهه را مزاحمت مير ساند (پڻ ڏسو: تحفة الڪرام، ص 495).

(27) 15 رجب 980هه تي بکر مان رواني ڪيائين (تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 230).

(28) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 235، بدايوني 2، ص 76_135.

(29) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 237.

------


*  ترجمو: غلام محمد لاکو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org