سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

باب؛ --

صفحو ؛ 16

 

ضميمو - 2

آهي ڪو اهڙو جو هيٺينءَ لکپڙهه کي ڏسي اسان کي ٻڌائي ته اهي هندستاني حاڪم، جن کي اسان کان تڪليف پهتل هجي، يا جي سمجهن ٿا ته ساڻن ظلم ٿيو آهي، سي ڪهڙو رستو اختيار ڪن. اسان سمجهون ٿا ڪوڙيون شاهديون يا هڪ ٻئي ڏانهن بدگماني يا ڪن ٻين سببن، انهن ماڻهن جي فيصلي تي اثر وڌو آهي، جن هندستاني شهزادن جي خلاف تمام سخت فيصلا ڏنا آهن. اسين اهو به گمان ٿا ڪريون، ته جيڪي پاڻ کي هندستاني معاملي ۾ نهايت هوشيار ٿا سمجهن. اهي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ئي آهن. پر اهي به هندستاني شهزادن بابت افسوس جو اظهار ڪندي چون ٿا ته مٿن مڙهيل فرضن جي ڪري هو عام طريقو اختيار نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ ڇا ڪجي. گمان ڪريو ته اهي سڀ آفيسر جيڪي انهيءَ شهزادي جي درٻار ۾ تمام وڏي عرصي لاءِ موڪليل هجن، ۽ اهي سڀيئي سندن حق ۾ هجن، ته پوءِ اهڙن معاملن لاءِ اپيل جي ڪورٽ ڇو نه ٿي مقرر ڪئي وڃي، جا انهن جي معاملن تي وري نئين سر غور ڪري، يا ته وري اهي معاملا پارليامينٽري ڪميٽين کي سپرد ڪيا وڃن، جي اڳيئي گهڻي ڪم سان سٿيون پيئون آهن. حقيقت هيئن آهي جو ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس پاڻ ئي اپيل جي عدالت ٿي سگهن ٿا، ۽ جيترو به انهن تي گهٽ ضابطو رکيو وڃي اوترو چڱو ٿيندو.

”ٽائيمس“ اخبار جي ايڊيٽر جي نالي جناب! اسان توهان جي ۽ انگلنڊ جي پبلڪ جي اطلاع لاءِ هي عرض ٿا ڪريون، ته اسان کي سنڌ جي ميرن هتي موڪليو آهي، ته اسين سندن معاملو اوهان جي اڳيان پيش ڪريون، ته جيئن ان جو ڪو تدارڪ ٿئي. اهي بدنصيب مير، جي هاڻي حڪومت وڃائي ويٺا آهن، تن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هندستان ۾ سندن داد ٿئي، پر اتي وريو ڪي ڪين. انڪري سخت تڪليف ۾ اچي انهن اسان کي اوهان ڏانهن ڏياري موڪليو آهي. هتي پهچڻ کان پوءِ اسان سر رابرٽ پيل، هندستاني معاملن جي بورڊ آف ڪنٽرول ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سان مليا آهيون، پر ڪنهن به اسان جي نه ٻڌي. ايتريقدر جو هنن اسان جي معاملي ۾ پڇا ڳاڇا به ڪانه ڪرائي، ۽ ائين ئي رُکو جواب ڏيئي ڇڏيائون. جيئن ته اسان جا پئسا کپي ويا آهن، انڪري اسين انگلنڊ ۾ وڌيڪ عرصو نٿا رهي سگهون، ۽ واپس پيا وڃون، پر اسان جي خواهش آهي ته اسان جو معاملو اوهان جي اخبار جي معرفت پبلڪ جي اڳيان رکيو وڃي، ته جيئن اهي انهيءَ جي عيب ثواب تي ويچار ڪري سگهن ۽ انهيءَ تي صاف دليءَ ۽ بنا ڪنهن رياء جي فيصلو ڏين.“

انهيءَ خط جو نقل، جو اميرن هندستان جي گورنر جنرل کي لکيو هو.

                (فارسيءَ تان نقل)

هندستاني صوبن جا گورنر جنرل،   نواب عاليجناب معلي القاب سر هينري هارڊنج بهادر،
شل تنهنجي حڪومت ۽ شاهوڪاريءَ جي باغ جا گل ٽـِـڙندا رهن، شان ۽ دٻدٻو اچي تو وٽ پناهه وٺي، شل خدا توکي سلامت رکي، ۽ پنهنجي لطف جو مينهن اوهان جي مٿان وسائيندو رهي. گهڻن سلامن ۽ نيازن کان پوءِ عرض ٿو ڪجي ته:

اوهان جي مبارڪ آمد جي ڪري، اسان کي اميد هئي ته اسان کي پنهنجي حـُـضور ۾ گهرائڻ جو شرف بخشيو ويندو. پر جيئن ته ڪجهه وقت گذري چڪو آهي، ۽ اوهان ياد نه فرمايو آهي، انڪري اسين گذارش ٿا ڪريون، ته اسان کي انهيءَ عنايت کان سرفراز ڪندا، ته اهو اسان جي لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿيندو. جيتوڻيڪ اسين انگريز سرڪار جا دوست هئاسين، پر جيڪي ظلم لارڊ ايلنبرو ۽ سر چارلس نيپئر اسان تي ڪيا آهن، سي اسين ڀانئيون ٿا ته اوهان کان ڳجها ڪين هوندا. اسان کي تمام وڏي عرصي کان قيد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اسان ذهني طرح ڏاڍي تڪليف سـَـٺـي آهي. پر ان هوندي به اسان کي انگريز حڪومت جي مهربانيءَ ۽ نوازش جي قوي اميد آهي.

خدا شل توهان کي وڏي ڄمار بخشي.

فقط 25- شعبان  1260 هجري مطابق  6- سيپٽمبر 1844ع

مهر مير صوبدار   مهر مير محمد خان       مهر مير محمد نصير خان

انهيءَ خط جو ترجمو، جو هندستاني گورنر جنرل جي سيڪريٽري مسٽر ايف ڪوري سنڌ جي قيدي ميرن مٿان رکيل سپرنٽينڊنٽ کي لکيو هو.

تنهنجي خط جي جواب ۾ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي، ته توکي اطلاع ٿو ڏيان ته گورنر جنرل ميرن کي بارڪپور ۾ ملاقات ڪرڻ جو شرف بخشڻ جوڪوبه ضرور نٿو سمجهي. ان جو مطلب اهو آهي ته گورنر جنرل صاف لفظن ۾ ٻڌائڻ ٿو گهري، ته هو ڪوبه اهڙو لفظ انهن شهزادن سان نٿو ڳالهائي سگهي، جنهن موجب انهن جي حالت ۾ ڪو فائدو يا ڦير گهير اچي سگهي. ان هوندي به جيڪڏهن هو هروڀرو ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ گورنر جنرل ڪو ڏينهن انهيءَ لاءِ مقرر ڪندو.“

ميرن وٽان گورنر جنرل ڏانهن

                (فارسيءَ ۾ نقل)

        هندستاني صوبن جو گورنر جنرل

”نواب عاليجناب معلي القاب سر هينري هارڊنج بهادر شل تنهنجي حڪومت ۽ شاهوڪاريءَ جي باغ جا گل تازا رهن، شان ۽ دٻدٻو اچيو تو وٽ پناهه وٺي، شل خدا توهان کي سلامت رکي، ۽ پنهنجي لطف جو مينهن اوهان جي مٿان وسائيندو رهي. گهڻن سلامن ۽ نيازن جي عرض ته اسين اوهان جي دوستانه رويي جا شڪر گذار آهيون.

اسان جي اڳئين خط جي حوالي سان جيڪو اسان حضور جن کي ڪئپٽن گارڊن جي معرفت موڪليو هو. انهيءَ جو موڪليل جواب اسان کي ڪئپٽن گارڊن جي منشيءَ جي معرفت پهتو، جنهن مان پتو پيو ته حضور جن کي ڪوبه اکر نه چوڻو آهي، جنهن ۾ اسان کي ڪو فائدو پهچي يا اسان جي حالت ۾ ڦير گهير اچي سگهي. اسان سمجهيو ٿي ته حضور جن کي اسان جي انگريز سرڪار سان دوستيءَ جي بدلي ۾ اسان تي ٿيل ظلم ۽ بي انصافيءَ جي پوري خبر هوندي، پر جيئن ته حضور جن کي دخل اندازي ڪرڻ جي سگهه نه آهي، انڪري اسان اوهان کي پاڻ تي ٿيل مصيبتن جي تفصيل کان آگاهه ڪرڻ جي تڪليف ڏيڻ نٿا گهرون، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ تمام گهڻي ظلم ۽ تشدد کان ڪم ورتو ويو آهي. اسان لاءِ هاڻي دادرسيءَ جو فقط هي رستو آهي، ته اسان مان ٻن- ٽن ماڻهن کي اجازت ڏني وڃي  ته اهي وڃي پنهنجو معاملو ملڪه معظمه، حڪومت جي وزيرن ۽ ٻين رئيسن جي اڳيان (سندن فيصلي لاءِ) پيش ڪن. جيئن ته اوهان کي سڄو معاملو نيڪ روشن آهي، انڪري اسان کي اميد آهي ته اوهان عرض ڪيل گذارش جي منظوري ڏيڻ فرمائيندا، جيڪڏهن حضور جن اسان جي معاملي تي، جيئن اوهان کي روشناس ڪرايو ويو هو، غور ڪن ها ته جيڪر اسان کي پنهنجو حق پلئه پوي ها، ۽ اسان کي انگلينڊ وڃڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي ها، جيئن ته اوهان کي اسان جي معاملي جي پوري خبر آهي، انڪري اسان کي اميد هئي ته اسان سان پورو پورو انصاف ٿيندو. پر هاڻي جيئن ته اسان جون زندگيون، ملڪيتون ۽ عزتون انگريزن جي هٿ ۾ آهن، انڪري اسان قوي اميد ٿا ڪريون ته اسان کي لنڊن وڃڻ کان نه روڪيو ويندو. اسان کي پنهنجن پيارن کان پري رکيو ويو آهي، ۽ پڻ اهڙيءَ حالت ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو اسان کي خواب خيال ئي ڪونه هو. اهو سڀ شايد اسان کي انهن خدمتن جي بدلي ۾ مليو آهي، جي اسان وقت بوقت انگريز سرڪار لاءِ سر انجام ڏنيون هيون. اسان سان اهڙي هلت نه ٿيڻ کپندي هئي. اسين اهو ٻڌائڻ گهرون ٿا ته انگريزن جي قاعدي موجب ڪنهن به ماڻهوءَ کي، پوءِ اهو ڪهڙي به وڏي ڏوهه جو ڏوهاري هجي، کيس ٻڌڻ کان سواءِ سزا نٿي ڏيئي سگهجي. هر ڪنهن کي کليل ڪورٽ ۾ پنهنجي ڪيس پيش ڪرڻ جو حق آهي ۽ ڪورٽ جا معزز ماڻهو (جيوري) انهيءَ کي توري تڪي ڪنهن فيصلي تي پهچن ٿا. انهيءَ کان پوءِ ئي ڏوهي يا بيڏوهي هجڻ جو فيصلو ڏنو وڃي ٿو. جيستائين اسان پنهنجي معاملي جو فيصلو لنڊن کان نه ٻڌو آهي، تيسين سمجهنداسين ته اسان کي انهيءَ جي آزمائڻ جو پورو پورو حق آهي. انڪري اسين گذارش ڪريون ته حضور جن اسان جي ڪيل درخواست تي غور ڪرڻ فرمائين. اجازت ملڻ کان پوءِ اسين پنهنجي پارٽيءَ مان ٻن يا ٽن ماڻهن جا نالا حضور جن کي پيش ڪنداسين، جي اسان جو ڪيس کڻي لنڊن روانا ٿيندا.

خدا شل اوهان کي شاد ۽ آباد رکي.

تاريخ 26- مهينو رمضان 1260  هجري بمطابق 11- آڪٽوبر 1844ع

مهر مير صوبدار خان مهر مير محمد خان مهر مير محمد نصير خان ميرن جون مهرون

گورنر جنرل جي سيڪريٽريءَ مسٽر ڪـُـري جي خط جي فارسي ترجمي جو انگريزي ترجمو، جو هن ڪئپٽن ايم- ايف گارڊن کي لکيو هو، جو قيد ٿيل ميرن جي مٿان سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيل هو:

”اوهان جو خط مؤرخ 15- آڪٽوبر ٻين ڪاغذن سان گڏ جي ميرن جي طرفان گورنر جنرل ڏانهن لکيل هئا، ته انهن مان ٻن ڄڻن کي انگلينڊ اُسهڻ جي اجازت ملي، ته جيئن اهي پنهنجا اهنج وڃي مهاراڻيءَ اڳيان پيش ڪن، پهتو.

جواب ۾ توکي اطلاع ٿو ڏجي، گورنر ان ڪائونسل، انهيءَ درخواست جي منظوري نٿو ڏيئي سگهي.

توکي آگاهه ٿو ڪجي، ته ميرن کي انهن واقعن کان واقف ڪر، جي تمام ويجهڙائيءَ ۾ سرزد ٿيا آهن. دهليءَ جي شهنشاهه ويجهڙائيءَ ۾ پنهنجي معاملي پيش ڪرڻ لاءِ ڪي ماڻهو انگريز سرڪار ڏانهن موڪليا هئا، پر جيئن ته انهن جي منظوري ورتل ڪانه هئي ۽ نه ئي وري اهي ڪنهن صحيح اختياريءَ واري جي معرفت موڪليا ويا هئا، انڪري بورڊ آف ڊائريڪٽرس نه ته انهن کي ملاقات جو شرف بخشيو، ۽ نه وري ڪا انهن جي ڳالهه ٻڌي ويئي.“

---

انهيءَ خط جو نقل، جو سر رابرٽ پيل سنڌ جي ميرن جي موڪليل قاصدن کي جواب ۾ لکيو هو:

”سر رابرٽ پيل آخوند حبيب الله، ديوان ميٺا رام ۽ ديوان ڏيارام کي نياز عرض ٿو ڪري ۽ انهيءَ خط جي پهچ ٿو ڏئي، جو انهن کيس 3- تاريخ لکيو هو.

سرڪاري رواج موجب سر رابرٽ پيل انهيءَ خط کي، ارل آف رپن کي موڪليو آهي، جو مهاراڻيءَ جو وزير ۽ هندستاني معاملن جي شعبي جو صدر آهي“.

---

هندستان جي معاملن جي بورڊ آف ڪنٽرول جي صدر جي خط جو نقل، جو هن ميرن جي سفيرن ۽ پڻ خود هڪ مير جي خط جي جواب ۾ لکيو هو:

- انڊيا بورڊ، 7- اپريل 1845ع

حضرات، هندستاني معاملن جي ڪمشنر جي هدايتن پٽاندر، آءٌ اوهان جي انهيءَ خط جي پهچ ٿو ڏيان، جو اوهان هن بورڊ جي صدر کي 3- تاريخ تي موڪليو هو. انهيءَ ۾ اوهان سنڌ جي ميرن مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان پاران وڪيل بنجي پنهنجي مالڪن طرفان اختيار نامو پيش ڪيو هو، ۽ ان سان گڏ اهو به عرض ڪيو هو، ته جنهن مقصد سان اوهان هن ملڪ ۾ آيا آهيو اهو پيش ڪجي.

ڏنل هدايتن مطابق آءٌ اهو مـُـهر ٽـُـٽل لفافو، جنهن ۾ اهي اختيار ناما پيل آهن، اوهان ڏانهن واپس ٿو ڪريان، ۽ اوهان کي اطلاع ٿو ڏيان ته هندستاني حڪومت بابت جيڪي به درخواستون انگلينڊ جي اختياريءَ وارن کي موڪلجن، سي دستور طور ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي معرفت موڪليون وڃن.

اوهان جو نيازمند

جي ايمرسن ٽينيٽ

---

انهيءَ خط جو نقل جيڪو ميرن جي عيوضين ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي لکيو هو.

”معزز صدر ۽ نائب صدر، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ايسٽ انڊيا ڪمپني، معزز حضرات! اسين هيٺ صحيح ڪندڙ سنڌ جي ميرن هزهائينيس مير محمد نصير خان، مير مير محمد خان ۽ صوبدار خان پاران انهن جا وڪيل، اوهان جي معرفت عزت ماب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان مسٽر جي ايمرس ٽينيٽ وٽان ڪالهه شام جو پهتل خط، ۽ پڻ ارل آف رپن  مهاراڻي جي پاران هندستاني معاملن جي ڪمشنر جي خط، اختيارنامن سان، جي لکپڙهه ۾ ذڪر ڪيا ويا آهن، عرض ڪريون ٿا ۽ عزت ماب ڪورٽ کي نماڻائيءَ سان گذارش ٿا ڪريون، ته سنڌ جي ميرن جو اهو معاملو نوازش فرمائي مهاراڻيءَ جي حڪومت اڳيان پيش ڪيو وڃي.

19 هارلي گهٽي ڪئوينڊش اسڪوائر

18- اپريل 1845ع             اوهان جو نيازمند ۽ فرمانبردار نوڪر

آخوند حبيب الله

ديوان ميٺارام

ديوان ڏيارام

---

مٿئين درخواست جي جواب ۾ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان پهتل خط جو نقل:

”ايسٽ انڊيا هائوس، ڪئوينڊش گهٽي

18- اپريل 1845ع

مهربان اوهان جو خط جيڪو اوهان ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي، سنڌ جي اميرن جي وڪيلن جي حيثيت ۽ اختيارنامن سان گڏ موڪليو هو، ۽ جنهن ۾ سندن پاران عرضداشت ڪرڻ لاءِ اجازت گهري هئي، سو پهتو ۽ ان کي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي آڏو رکيو ويو.

انهيءَ جي جواب ۾ مون کي حڪم ٿيل آهي ته اوهان کي ٻڌايان ته ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ڪابه اهڙي درخواست سنڌ جي اڳين ميرن پاران نٿي وٺي سگهي، جيسين اها سنڌ جي حڪومت جي معرفت نه موڪلي وڃي، انڪري آءٌ اوهان جا موڪليل اختيار ناما واپس ٿو ڪريان.

اوهان جو نيازمند نوڪر

جيمس ميلوِل

---

انهيءَ نوٽ جي ڪاپي جا ميرن جي عيوضين طرفان ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي صدر کي پيش ڪئي ويئي هئي:

آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام، سنڌ جي اڳين اميرن جا وڪيل، پنهنجا نياز ايسٽ انڊيا ڪمپني جي صدر کي عرض رکن ٿا، ۽ انهيءَ موقعي لاءِ عزت جي نگاهه واجهائين ٿا، جڏهن کين ساڻن ملاقات جو شرف بخشيو ويندو“.

---

مٿئين نوٽ جو جواب ۽ پڻ ان سان گڏ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان پهتل اطلاع:

”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو صدر پنهنجا نياز آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام کي عرض رکي ٿو. سرڪاري طور ڏنل جواب مان کين سمجهڻ گهرجي ته ڊائريڪٽر کين ملاقات جو شرف نٿا بخشي سگهن،  جنهن لاءِ سندن درخواست ٿيل آهي.

                                        ايسٽ انڊيا هائوس

                                        18- اپريل 1845ع

---

انهيءَ خط جي ڪاپي جا سنڌ جي ميرن جي ايلچين ارل آف رپن کي پيش ڪئي:

”آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام سنڌ جي اميرن پاران وڪيلن جي حيثيت ۾ ارل آف رپن کي، انهن خطن جون ڪاپيون موڪلين ٿا، جن جو عزت ماب جي حڪم موجب کين مسٽر ايمرسن ٽينيٽ جواب ڏنو آهي، ۽ پڻ ٻيو خط، جو انهن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي صدر کي لکيو هو، ان جو به مسٽر ميلول کان پهتل جواب عرض رکجي ٿو.

انهن وڪيلن کي قوي اميد آهي، ته حضور جن انهن جي ننڍڙين ڳالهين کي، جي ڌارئين هئڻ سبب کين معلوم نه هيون، درگذر ڪندا، ۽ انهيءَ ڪيس تي پورو غور ڪرڻ فرمائيندا، جنهن لاءِ هنن ڏاڍي تڪليف سـَـٺي آهي.

                                        19- هارلي گهٽي

                                          30- اپريل 1845ع

---

مٿئين جي جواب ۾ پهتل خط جو نقل.

”انڊيا بورڊ، 30- اپريل 1845ع

حضرات: هندستاني معاملن جي ڪمشنرن جي ڏنل هدايتن پٽاندر، آءٌ اوهان کي انهيءَ نوٽ جي رسيد ٿو ڏيان، جو اوهان بورڊ جي صدر کي انهيءَ لکپڙهه جي نقل سان موڪليو هو، جا اوهان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن سان ڪئي هئي.

بورڊ جي حڪم موجب اوهان کي اطلاع ٿو ڏجي، ته جيڪو خط اوهان کي 18- تاريخ مليو آهي، انهيءَ تي بورڊ جي اڳواٽ منظوري مليل هئي.

معزز حضرات

آءٌ اوهان جو نيازمند

جي ايمرسن ٽينيٽ

---

ميرن جي ايلچين جو سنڌ جي اميرن پاران هائوس آف ڪامنس کي ڪيل درخواست جو نقل:

”گريٽ برٽن ۽ آئرلنڊ جا پارليامينٽ ۾ گل ٿيل ڪامن حضرات
”ميرن جي پاران آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام، نماڻائيءَ سان هيءَ عرضداشت پيش ڪن ٿا، ته اوهان جا هي مسڪين عرضدار هڪ ڏورانهين مـُـلڪ کان آيا آهن، جنهن کي ڌڻي سڳوري برطانيا سرڪار جي قبضي ۾ آندو آهي، کين انهيءَ لاءِ موڪليو ويو آهي، ته اهي ميرن سان ٿيل ظلم جو احوال اوهان جي اڳيان رکن ۽ پڻ قوي اميد اٿن ته اوهان وچ ۾ پئي عزت ماب مهاراڻيءَ کان، ميرن کي انصاف وٺي ڏيندا.

۽ انهيءَ قديم قوم جي ماڻهن جي حال تي غور ڪندا، جي خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جي بلنديءَ تان ڪـِـري مصيبت ۽ مفلسيءَ جي اوڙاهه ۾ وڃي پيا آهن.

دنيا جي خلقيندڙ، ڪن قومن کي طاقت ڏني آهي، ته جيئن اها پنهنجي هم جنس انسانذات جي ڀلائيءَ ۾ ڪم آڻين. پر جيڪڏهن انهيءَ طاقت کي غلط نموني ۾ استعمال ڪيو ويندو، يا غريبن ۽ ڪج بختن ڏانهن لاپرواهي ڏيکاري، کين نه ٻـُـڌو ويندو، ته پوءِ رب سائين پاڻ اچي انهيءَ ستايل جي مدد ڪندو آهي، ۽ کيس انهيءَ مصيبت ۽ پيڙا مان اچي جند ڇڏائيندو آهي.

ته اوهان جا عرضدار ڏاڍي ادب سان عرض ٿا ڪن، ته بنگال جي آبهوا ميرن جي طبيعت سان موافقت نٿي رکي. بمبئيءَ ۽ پوني مان کين ڪڍڻ وقت انهن انهيءَ باري ۾ ڏاڍو اعتراض ورتو هو، پر ڪنهن به سندن ڪانه ٻڌي، ۽ کين زبردستيءَ ڪلڪتي نيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو قيد ۾ هئڻ ڪري ۽ پڻ ڏک سبب مير نصير خان جو روح، هي خاڪي پڃرو ڇڏي وڃي پنهنجي خالق سان مليو. باقي رهيل مير به بيمار رهن ٿا، ۽ جيڪڏهن اڃا به کين زبردستيءَ، اُتي رهايو ويندو ته پوءِ اهي به جلدي گذاري ويندا، انڪري انهن جو هن معزز هائوس کي عرض آهي ته کين يا ته بمبئيءَ موڪليو وڃي يا پوني ڏانهن موڪلجي، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي هنڌن جي آبهوا سندن طبيعت لاءِ موافق ڏسڻ ۾ آئي آهي.

ته هز هائينيسز جي ديرن ۽ سندن خاندان کي اجازت ڏني وڃي، ته اهي اچي کين ملن، ۽ انهيءَ لاءِ مير عباس علي، مير محمد علي يا ٻئي ڪنهن ننڍي مير کي انهن معزز عورتن کي ميرن ڏانهن وٺي وڃڻ تي مامور ڪيو وڃي. جيئن ته انهن سامونڊي سفر ڪونه ڪيو آهي، ۽ انهيءَ کان اڻواقف آهن، انڪري کين هڪ اِسٽيمر ڏياريو وڃي، جو کين وڃي ميرن تائين پهچائي. جيڪڏهن انهن مان ڪي سامونڊي سفر اختيار نه ڪن، ته پوءِ کين خشڪيءَ جي رستي موڪليو وڃي، ۽ انهيءَ سفر ۾ پردي جو انتظام ۽ سندن رتبي ۽ سقيم حالت جي مدنظر سندن سنڀال ۽ آرام جو بندوبست ڪيو وڃي. انهن عورتن مٿن ٿيل مصيبت جو داستان هن درخواست جي رستي، جا هنن اسان کي سونپي ڏني هئي، عرض رکون ٿا ته جيئن انهن بدنصيبن جا دوست، انهيءَ کي مهاراڻيءَ جي اڳيان پيش ڪري سگهن.“

---

”شال مهاراڻيءَ جي شان ۽ شوڪت جو پاڇو پاڪدامن بلقيس جيئن وڌندو رهي انهيءَ واقعي کي گذرئي ٻه سال ٿيندا، جو سر چارلس نيپئر فوج ۽ توبخانو وٺي سنڌ ۾ آيو هو، ۽ اچي اسان جي گهرن کي لـُـٽيائين ۽ جيڪي به قيمتي شيون جهڙوڪ پئسا ڏوڪڙ، زر زيور يا هيرا جواهر هن اتي ڏٺا، سي اسان کان کسي ويو. نه فقط ايترو، اسان جا مرد ماڻهو، يعني ته مير ۽ اسان جا ٻار اسان کان کسي، انهن کي قيدي بنائي، هندستان موڪلي ڇڏيائين. اسان کان هاڻي اها طاقت کسجي ويئي آهي، جا سر چارلس نيپئر جي اچڻ کان اڳ اسان وٽ هئي. انڪري اسين هاڻي بيوس ۽ لاچار ٿي وييون آهيون. اهو ڪهڙو طريقو آهي، جو هو اسان جي گهرن ۾ گهڙي آيو، ۽ اسان جي الهه - تلهه ڦري ويو، ۽ ايترو به نه ڇڏيو اٿس، جنهن مان اسين پنهنجو گذر سفر ڪري سگهون. ٻن سالن کان وٺي اسان کي پنهنجي اصلوڪي شهر ۽ گهر کان پري جهوپڙين ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. اسان کي ايترو ته بيوس ۽ لاچار ڪيو ويو آهي، جو اسان کي پورو کاڌو به نٿو ملي. جيڪو ڀـُـتو اسان کي مهيني لاءِ ڏياريو وڃي ٿو، سو هڪ هفتي ۾ ختم ٿيو وڃي. اسان کي جيڪا کاڌي ۽ ڪپڙي جي تنگي آهي، انهيءَ جي خدا کي ئي خبر آهي. ۽ جيئن ته اسان کي ميرن کان پري رکيو ويو آهي، انڪري اسين ڏک ۽ عذاب ۾ آهيون ۽ جيئڻ مان ڪـَـڪ ٿي پيون آهيون. ماڻهو جيڪڏهن خدا جي حڪم سان مري ٿو، تڏهن ان ۾ ڪوبه مهڻو نه آهي، پر هتي ته روزانو نئين موت جي تڪليف ڏسڻي ٿي پوي، جا ڏاڍي بڇڙي شيءِ آهي. جيئن ته تون راڻي آهين ۽ اسين به تو وانگر ڪنهن وقت راڻيون هيونسين، انڪري اميد ڪريون ٿيون ته اسان تي ڪهل آڻي، اسان سان همدرديءَ جو سلوڪ ڪيو وڃي، ۽ اسان کي اهي سڀ شيون واپس ڏياريون وڃن، جي سر چارلس نيپئر اسان کان ڦريون آهن. جيئن ته اسان جون دليون ميرن ۽ پنهنجن پٽن جي جدائيءَ ۾ ڦٽجي چڪيون آهن، انڪري اسين عرض ٿيون ڪريون ته اسان کي انهيءَ آزار کان نجات ڏياري وڃي، نه ته  پوءِ اسين پنهنجي حياتي ختم ڪرڻ کي هڪ ثواب جو ڪم سمجهنديونسين. شل خدا توکي وڏي ڄمار ڏئي.

27- شوال 1260 هجري جي حيدرآباد سنڌ ۾ لکيو ويو.

ديرن جون صحيحون

بيگم مير ڪرم علي خان    بيگم مير محمد نصير خان

بيگم مير نور محمد خان     بيگم مير مير محمد خان

بيگم مير صوبدار خان

---

”اوهان جون عرضدارڻيون وڌيڪ هي به عرض ٿيون ڪن ته: جيڪو الائونس ميرن کي ڏياريو وڃي ٿو، سو سندن لاءِ ۽ سندن وفادار نوڪرن لاءِ، جن ديس - نيڪاليءَ ۾ به ساڻن ساٿ ڏنو آهي، بلڪل اڻپورو آهي، انڪري نوازش روءِ انهيءَ تي غور ڪيو وڃي، ۽ سندن رتبي ۽ وڏائيءَ موجب وڌائي ڏنو وڃي،“ پڻ ميرن ۽ سندن ديرن کي سندن ملڪ جي رواج موجب رهڻ لاءِ چڱا گهر مهيا ڪري ڏنا وڃن.

جيڪي هيرا ۽ جواهر، ۽ ٻي خانگي ملڪيت، جا ميرن ۽ سندن ديرن کان ڦري ويئي آهي، کين واپس ڏياري وڃي. پڻ سر چارلس نيپئر کي حڪم ڏنو وڃي ته هز هائينيسز جا خانگي ڪاغذ ۽ سامان جون فهرستون، کين واپس ڪيا وڃن ته جيئن اهي انهن کي ڏسي پنهنجي ملڪيت واپس وٺي سگهن.

اهي سڀ امير، جيڪي جدا جدا هنڌن، جهڙوڪ پونا، سورت، هزاري باغ ۽ ڪلڪتي وغيره ۾ نظر بند آهن، تن سڀني کي هڪڙي هنڌ گڏ رهايو وڃي.

ٻيو ته مير ڪرم علي خان جي گهر جي معزز عورتن کي ڪجهه جاگيرون هيون، جي سر چارلس نيپئر انهن کان کسي ورتيون آهن. جيئن ته ڪيترن ٻروچ سردارن کي سندن جاگيرون واپس ڏنيون ويون آهن، انڪري انهن عزت ماب عورتن کي به، جي هاڻي ٽالپر خاندان جون سردار آهن، سندن اصلوڪيون زمينون سندن جواهرن ۽ خانگي ملڪيت سان گڏ واپس ڪيون وڃن.

وڌيڪ ته انهن بدنصيب بيواهن کي، رهڻ لاءِ موزون جايون ڏنيون وڃن، (ڇاڪاڻ ته سندن اصلوڪا گهر سر چارلس نيپئر جي هٿ ۾ آهن) ۽ کين اجازت ڏني وڃي، ته اهي باقي حياتيءَ جا ڏهاڙا سنڌ ۾ گذارين، ۽ کين پنهنجي ملڪ کان پري، ڌارئين هنڌ رهڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي.

انهيءَ لاءِ تنهنجا عرضدار هر وقت دعا ڪندا.“

---

درخواست جو نقل

 ”شل حضور اعليٰ کي هيءُ عرض قبول پوي“  ”عزت ماب مهاراڻي وڪٽوريا، گريٽ برٽن ۽ آئرلنڊ جي راڻي، اسين آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام، سنڌ جي شهزادين پاران موڪليل ايلچي، حضور اعليٰ کي هيءَ گذارش ٿا ڪريون ته ڌڻي سڳوري بادشاهن کي پنهنجي خلق مٿان وڏائي بخشي آهي، ۽ حڪومت جون واڳون سونپي ڏنيون آهن. روءِ زمين جا تخت سندن حوالي ڪيا آهن، ۽ کين ماڻهن لاءِ انتظام ٺاهيندڙ بنائي موڪليو ويو آهي، ته جيئن اهي خدا جي مخلوق جي سنڀال رکن، ته جيئن هڪ ماڻهوءَ ٻئي ماڻهوءَ تي ظلم ۽ زبردستي نه ڪري. جيئن ته اسان کي برٽش سرڪار هٿان سخت ظلم ۽ بي انصافي نصيب ٿي آهي، انڪري اسان هڪ ڏورانهين ملڪ کان هن شهر ۾ انهيءَ مقصد سان آيل آهيون ته اسان سان ٿيل ظلمن جو تدارڪ ٿئي.

اسان هن روشن ضمير تخت ڌياڻيءَ جي ڄاڻ لاءِ هيءُ عرض ڪنداسين ته 1809ع کان 1839ع تائين، سنڌ جي دربار جا ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نوڪرن سان جيڪي به عهدناما ٿيا هئا، انهن سڀني جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي، ۽ هزهائينس تي سخت شرط مڙهيا ويا هئا، اهي به ميرن ضرورت جي مدنظر قبول پئي ڪيا آهن. اهڙو ڪوبه مثال ڪونه آهي، جنهن ۾ اسان جا حاڪم ڪنهن به انجام يا عهدنامي کي پاڙڻ کان ٿـڙيا هجن.

سر چارلس نيپئر سنڌ ۾ پهچڻ سان، سکر مان هڪ نئون عهدنامو اسان جي حاڪمن ڏانهن ڏياري موڪليو، جو هينئر اسان وٽ موجود آهي. اسين نهايت نئڙت سان عرض ڪنداسين، ته حضور اعليٰ جن (ڪائونسل ۾) انهن عهدنامن تي ڌيان ڏيئي، نظر وجهندا، ۽ ڏسندا ته حقيقت ۾ انهن انجامن جي ڪنهن ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

سر چارلس نيپئر جي اها دعويٰ آهي، ته کيس ڪي خط مير نصير خان جي مهر ٿيل هٿ لڳا آهن، جي مير نصير خان بيبرگ بگٽي (بلوچ ٽڪريون) ۽ ملتان جي گورنر ديوان وسڻ مل کي لکيا هئا. اهوئي سبب ڏيکاري، هن ميرن تي زيادتيون ڪرڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب سمجهيو. اسان انهيءَ ڪري نهايت نئڙت سان عرض ڪنداسين، ته اسان مان ئي هڪڙي ديوان ميٺارام کي محمد نصير خان سر چارلس ڏانهن روهڙيءَ ڏياري موڪليو هو، ته انهن ضبط ٿيل خطن بابت پڇا ڳاڇا ڪري. سر چارلس نيپئر ان تي جواب ڏنو ته ’مون کي خطن وغيره جي ڪابه خبر نه آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي خبر لارڊ ايلنبرو کي هجي. آءٌ به تو وانگر هڪ موڪليل وڪيل (نائب يا عيوضي) آهيان ۽ جيڪي به وٽانئس هدايتون پهچن ٿيون، تن جي مون کي پوئواري ڪرڻي آهي’. انهيءَ کان پوءِ جڏهن اسان جا حاڪم شهزادا، ڪرنل آئوٽرام حيدرآباد جي پوليٽيڪل ايجنٽ سان مليا، تڏهن هن به اهوئي ٻڌايو ته کيس ڪابه خبر ڪانه آهي. ۽ اهو معاملو هن سر چارلس نيپئر ڏانهن ڏياري موڪليو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن اهي شهزادا قيد ٿيا، تڏهن هنن ڪئپٽن گارڊن کان انهن خطن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن وراڻيو ته کيس پوري خبر آهي. ته اهي خط گورنر جنرل وٽ هن پاڻ ڏٺا هئا. آخر ۾ جڏهن اهي قيدي شهزادا ڪلڪتي پهتا، تڏهن هنن گارڊن تي زور آندو ته انهن خطن ۾ مهرن بابت پوري پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي، جن جي ڪري کين تڪليف پهتي آهي. ‘آءٌ انهيءَ بابت پوري پڇا ڳاڇا ڪندس ۽ اعليٰ مرتبت شهزادن کي ٻڌائيندس‘. ٻن ڏينهن کان پوءِ هن اچي ٻڌايو ته اهي خط لارڊ ايلنبرو انگلنڊ ڏانهن اختياري وارن کي موڪليا آهن. انهيءَ واقعي کان ٿورو پوءِ لارڊ ايلنبرو کي واپس گهرايو ويو، ۽ سندس جاءِ نشين سر هينري هارڊنج اچي ڪلڪتي پهتو.

انهيءَ مانَ واري صاحب کي به اسان جي شهزادن خط لکي موڪليو، ته سندن معاملي تي غور ڪيو وڃي، پر هن به هڪ مختصر جواب ڏياري موڪليو، ته جيئن اهو معاملو سندس اختيار کان ٻاهر آهي، انڪري هو سندن ڪابه مدد نٿو ڪري سگهي. جيئن ته اسان جي رئيسن جو هندستان ۾ڪوبه داد نه ٿيو، انڪري هنن اسان کي هن ملڪ ڏانهن ڏياري مـُـڪو آهي، هاڻي جيئن ته لارڊ ايلنبرو به هتي انگلنڊ ۾ آهي، انڪري اسان اها اميد رکنداسين ته کانئس انهن خطن ۽ مهرن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي، ۽ اسان جي شهزادن جي بيگناهه ثابت ٿيڻ کانپوءِ مٿن ٿيل ظلم ۽ ستم پڌرو ٿي پوندو، اسان ارل آف رپن، بورڊ آف ڪنٽرول جي صدر، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس وغيره کي درخواستون ڪيون آهن، پر هنن اسان کي ٻڌڻ کان نابري واري آهي. اسان لاءِ انڪري هاڻي فقط مهاراڻيءَ جي رحم جي آرزو آهي. اسين انهيءَ ڪري عرض ٿا ڪريون ته هيءَ بختاور تخت ڌياڻي انهيءَ معاملي تي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم صادر فرمائيندي ته جيئن اسان کي انصاف پلئه پوي.

اسان اوهان جي تخت ۽ بخت جا خير خواهه. شل ڌڻي سائين اوهان کي هن گذارش ٻڌڻ جي توفيق عطا فرمائي.

                              اسين آهيون اوهان جا نوڪر

لنڊن 19- هارلي گهٽي     آخوند حبيب الله

30- مارچ 1845ع          ديوان ميٺارام

                               ديوان ڏيارام

---------------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org