سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

باب؛ 2

صفحو ؛ 3

 

باب ٻيو

پهريون تاثر - سليمان جو فيصلو - ننگر ٺٽو - حيدرآباد ڏانهن سفر - شڪار گاهه - سيوهڻ - منڇر جي ڍنڍ - نارو درياء- سکر بکر - سکر جو طواف - الور جو سير – درياء جو الور کان وهڪرو ڦيرائي روهڙيءَ وٽان وهڻ جي تاريخ - روهڙيءَ جو وار مبارڪ - بلوچن جون آکاڻيون - کوسا بلوچ

جڏهن ڪو به ماڻهو ڪنهن نئين ديس ۾ وڃي ٿو ته مٿس ڪي اثر ضرور ويهندا آهن. جيڪڏهن چارلس ڊڪنس هتي هجي ها، ته ان تي جيڪي اثر ويهن ها، اهي ستت ئي پڌرا ٿي پون ها ۽ هيل تائين سڄي دنيا پئي سنڌ بابت ڊڪنس جا تاثرات پڙهي ها، ڇاڪاڻ ته جيسين ڪو موڳو ليکڪ ويهي سنڌ جي طبعي حالت ۽ ان جي ختم ٿي ويل مڇين تي ڪو باب لکي، تنهن کان اڳ هو ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري، ايڏي وٺي ڊيگهه ڪري ها، جو اوهان کي سڄا سارا ٽي جلد ڀري ڏئي ها، ۽ معمولي ڳالهين کي اهڙو رنگين بنائي ها، جهڙو شيشي جا ننڍڙا ٽڪر رنگين دوربينيءَ ۾ ڏسبا آهن. منهنجو پهريون تاثر اهو هو ته سنڌين کي چئن ماڻهن جي آواز جيڏو آواز آهي. اُهي اهڙو ته وڏي سڏ ڳالهائيندا آهن، جو مون سمجهيو ته وڙهي پيا آهن. پر پوءِ مون سمجهي ورتو ته اهو سندن فطرت ۾ آهي. ٺٽي کي خيرباد چوڻ کان پوءِ هڪڙي خيرپور جي مير سان منهنجو تعارف ڪرايو ويو، جنهن جي آواز جي ڀيٽ ۾ سندس ملڪ جي ماڻهن جو ڳالهائڻ، ڄڻڪ ڪـنَ جي سـُـسِ پـُـسَ هئي. سفر ۾ هلندي مون انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڻ کان پري رکڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو ٽري. پر هڪ دفعي هن موقعو ڏسي تپ ۾ مون کان طبعيت بابت اهڙي ته زور سان پڇيو جو آءٌ ٻڏي ويس ۽ گهڻيءَ دير کان پوءِ مس سامت ۾ آيس. اوهان انهيءَ تي چوندا ته ان جو مطلب ته سنڌ بابت منهنجو پهريون تاثر نڪي چڱو هو، نه خراب. جهڙيءَ طرح وڏا آواز منهنجن ڪنن کي تڪليف ڏيئي رهيا هئا، اهڙيءَ طرح ٺيٺ واريءَ جي درياءَ وري منهنجي اکين کي پئي ساڙيو، جا سنڌو نديءَ جي ٻيءَ ڀر سان لاڳيتو اسان جي ٻيڙيءَ جي پٺ وٺندي ٿي آئي ۽ جيئن ئي اسين هيٺ لٿاسين، تيئن اسان جي آڌر ڀاءَ لاءِ تيار بيٺي هئي (1). اهو آزار صبح جو اٺين بجي شروع ٿيو ۽ شام تائين هلندو رهيو ۽ پوءِ مس مس وڃي ان جي ٺاپر ٿي. شام جو وري واريءَ جو طوفان استعيفا ڏئي، ماڻهن کي ستائڻ جو ڪم کڻيو بيشمار مڇرن ۽ واريءَ جي مکين کي ڏئي، جن جي ڏنگ کان بچڻ محال آهي. سنڌين وٽ انهيءَ لاءِ هڪ عجيب ڳالهه آهي. چون ٿا ته جڏهن حضرت سليمان (نبي عليه السلام) جنن، ماڻهن ۽ جانورن تي حڪومت ڪندو هو، تڏهن مڇرن اچي هوا جي خلاف فرياد ڪيو ته اها ڌڪار سبب، کين پنهنجي جائز ڌنڌي جي پيرويءَ کان روڪي ٿي. حضرت سليمان نهايت هوشياريءَ سان ڪن ڏيئي سندن فرياد ٻڌو ۽ چيائين ته سندن پڻ اهائي خواهش آهي ته ساڻن انصاف ٿئي. پر انصاف جي اها تقاضا آهي ته ٻنهي ڌرين کي ٻڌو وڃي. سندس حڪم ٿيو ته مدعا اليه کي عدالت ۾ سڏيو وڃي ۽ جيئن ئي هوا اندر ڌوڪي آئي، تيئن ويچارا فريادي ڪک - پن ٿي ويا ۽ سندن ڪيس اتي جو اتي رهجي ويو.

ٺٽو، درياءَ جي ڪپ کان ٽن ميلن جي پنڌ تي آهي پر اتان ڪي به ڪين ٿي ڏٺو. ڪو وقت هو جو سنڌو درياءَ انهيءَ قديم شهر جي ڀرسان وهندو هو، جنهن غورابن جي آمدرفت ۽ واپار مان حاصل ٿيل ناڻو پئي سندس درن تائين پهچايو. پر چئي نٿو سگهجي ته اسان جي انگريز حڪومت وانگر، هن کي ڳري محصول تي، جو اتي اڳاڙيو ويندو هو، ڪاوڙ لڳي (2) يا خالي پور وچان هن ڳچ وقت کان وٺي انهيءَ شهر کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس غربت، بيماري ۽ گندگيءَ جي آزار ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اها هئي ٺٽي جي حالت، جڏهن مون انهيءَ کي ڏٺو هو، جيتوڻيڪ اُتي قبن ۽ گنبذن جي ڊگهين قطارن ۽ پڻ اسان جي ريجمينٽ جي اُڀين بارڪن پري کان ان ۾ آباديءَ ۽ آسودگيءَ جو ڏيکاءُ پئي ڏنو. آخر مون ڏٺو ته اهي سڀ اڏاوتون مئلن مٿان قبا هئا، جن مان هڪڙا پراڻي وضع جا هئا ۽ والاريل هئا ۽ ٻيا وري نوان هئا، جي ويجهڙائيءَ ۾ ڪم آڻڻ لاءِ تيار ڪيا پئي ويا. منهنجي اُتي جولاءِ مهيني جي اڳياڙيءَ ڌاري پهچڻ کان وٺي نومبر جي وچ تائين، انگريز ريجمينٽ جي سورنهن سؤ ماڻهن مان پنجاهه کن به جيئرا ڪونه بچيا هئا، جي ڊيوٽيءَ جي لائق هجن. ٺٽي جا سنڌي رهاڪو، مڙيئي پنجن هزارن کان مٿي هئا، پر منجهن ڪوبه رتبي وارو يا چڱو پڙهيل ڪونه هو. اُتي هڪڙي سيد جو مون سان تعارف ڪرايو ويو- جنهن لاءِ ٻڌم هوم ته فارسي ٿو ڳالهائي، پر ڏٺم ته سندس ڄاڻ انهيءَ ٻوليءَ ۾ ”بسيار“ (يعني ”تمام گهڻي“) لفظن کان وڌيڪ نه هئي، جو هـُـن جدا جدا سـُـرن ۾ هر هر پئي آلاپيو. قبن ۾ اسان لاءِ ڪي قدر دلچسپيءَ جو سامان هو. اُهي سرن سان چڱيءَ طرح ٺهيل آهن ۽ سندن مهاڙيون تمام سهڻي رنگين ۽ لـَـسي ڪاشيءَ سان سجايل آهن. سچ پڇو ته جيئرا، مئلن کان وڌيڪ خراب حالت ۾ رهن ٿا. شهر جا گهر گهڻو ڪري مٽيءَ جا ٺهيل آهن ۽ سندن ڇـِـتيون سنهيون سڌيون آهن. جيئن ته رات جو سڀڪو وڃيو مٿي ڇت تي سمهي، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن اڻوڻندڙ نظارا پيا پسبا آهن. هڪڙي ڏينهن صبح جو اُٿڻ سان اکيون مهٽي جيئن مون ايجنسيءَ جي ڪٽهڙي ڏانهن پئي نهاريو، تيئن منهنجي نظر وڃي هڪ سفيد روپ تي پيئي جا منهنجي هيٺان گهر جي ڇت تي آهستي آهستي گهمي رهي هئي. جيئن ته آئون اهڙي قسم جي ڀوت ڏسڻ تي هريل نه هوس، ان ڪري مون دليل دلائل سان پاڻ کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخر انهيءَ نتيجي تي پهتس ته اها هڪ سـِـنڌڻ عورت هئي، جنهن کي پنهنجي چمڙيءَ کان سواءِ، جا سنڌ جهڙي ملڪ لاءِ نهايت مفيد آهي، ٻيو ڪوبه لباس پيل نه هو (1). جيئن ئي آءٌ انهيءَ نتيجي تي پهتس، تيئن مون تي کنگهه جي دوري غلبو ڪري ورتو، جو وڃي انهيءَ ملوڪ سـِـنڌڻ جي ڪنن تي پيو ۽ هوءَ اک ڇنڀ ۾ نظرن کان غائب ٿي ويئي. انهيءَ جـُـوءِ جي پهلوانن مان مون کي هڪ ڏوهاري ڏيکاريو ويو، جو هڪ پڃري ۾ بند هو (2). صفا اگهاڙو هو ۽ جيئن ته سالن کان وٺي کيس انهيءَ حالت ۾ رکيو ويو هو، ان ڪري جهنگلي جانورن جيان، سندس عقل جو ڏِيو ڪڏهوڪو وسامي چڪو هو. اهو هڪ هيبتناڪ نـِـماءُ هو ڇاڪاڻ ته عقل کانسواءِ ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ درجي جو جانور آهي. سندس ڳالهه هيئن آهي ته ڄائي ڄم سيد ٿي ڪري هـُـن ملڪيت هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيو هو ۽ جڏهن ڏوهاري ثابت ٿيو، تڏهن ميرن کيس عمر قيد جي سزا ڏني هئي. ميرن جو چوڻ آهي ته اسين نبي (سڳوري) جي اولاد کي قتل نٿا ڪري سگهون (1) . ٺٽي ۾ آءٌ فقط ڪي ٿورا ڏينهن رهيس ۽ ايتري تائين جيترو اُتي جي اُڪيچار پريشانين مون کي رهڻ ڏنو ۽ پڻ انهيءَ بخار مان مون کي ڇوٽڪارو مليو، جيڪو مون کي رڻ جي سفر ۾ وائکي رهڻ سبب ٿيو هو.

11 - جولاءِ تي مون پنهنجا پير درياءَ جي غير مهذب ڪناري تي ڇنڊيا ۽ وڃي وڏي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيس، جنهن کي ڪکن جي ٿلهي ڇت پيل هئي. اها ٻيڙي ڇهن هفتن تائين اتر سنڌ ڏانهن. منهنجي ڊگهي ۽ ڏکئي سفر جي لاءِ منهنجو رهائشگاهه هئي. ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾، جا هن کان وڏي هئي، مون پنهنجا گهوڙا ۽ نوڪر وغيره چاڙهيا، جي منهنجي پهچڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ اچي ٺٽي پهتا هئا. منهنجي گهوڙن واري ٻيڙي اها ساڳي هئي، جنهن ۾ سر اليگزينڊر برنز پنهنجي پهرين مهم اتر طرف درياءَ جي رستي سر ڪئي هئي. انهيءَ ٻيڙيءَ کي پنهنجي لاءِ نه چونڊڻ ڪري مون پوءِ پڇتايو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ منهنجي ٻيڙيءَ جي بنسبت سفر چڱيءَ طرح پئي گذريو. پڳهه ڇوڙڻ وقت، واءُ اڻائو هو ۽ ايرين (2) جي چوڻ موجب جيئن اتي سڪندر جي ٻيڙيءَ جي چوگرد لهرون اٿلندڙ پٿلندڙ ۽ منڌل هيون، تيئن اسان لاءِ به منجهن ڪا مروت ڪانه هئي. قصو ڪوتاهه، جيئن ته مون واري ٻيڙي اتر سنڌ جي هئي، ان ڪري پاڻيءَ جي مٿاڇري کان هيٺ پئي لڳي، خاص ڪري انهن لهرن کان، جي اتي پئي هيٺ مٿي ٿيون. نتيجو اهو نڪتو جو منجهس پاڻي ڀرجڻ لڳو ۽ ٽنڊيل ۽ سندس ماڻهو، جي پنجابي هئا ۽ جن کي انهيءَ سڌائيءَ ۾ اهڙي حادثي جو ڪوبه گمان ڪونه هو، وائڙا ٿي ويا. آخر ناکئن ٻيڙيءَ کي وهڪري مان ڦيرائي ٻاهر ڪڍيو ۽ هڪ منٽ ۾ اسان اچي زور سان ڪناري تي ڦهڪو ڪيو. ساڳئي وقت هوا اسان جي ڪکائين ڇت کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪندي اسان جي سڙهه ۽ ڪمان کي پاڻ سان کنيو ويئي. سکانُ به ڀڄي پيو ۽ ممڪن هو ته اسان جي ٻيڙي اونڌي ٿئي، پر اسان واري ٽنڊيل وٺي ڪناري تي ٽپ ڏنو. انهيءَ هنڌ تي چار فوٽ پاڻي مس هوندو. هن اتي ٻئي هڪ ماڻهوءَ جي مدد سان ٿوڻي کوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. آئون عجب ۾ هوس ته ٽنڊيل جي انهيءَ ڪوشش مان اسان کي ڪهڙو فائدو ٿي پهچي سگهيو، ڇاڪاڻ ته اسين سڪيءَ کان اٽڪل اڌ ميل پري، ذري گهٽ درياءَ جي وچ ۾ هئاسين. آخر هن چاڙهو ڪونه ڏيکاريو، جو رسو ٽٽي پيو ۽ اسين ڌڪجي وڃي ٻئي ڪپر تي پهتاسين. اسان وارو ٽنڊيل ۽ سندس ساٿي چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ رهجي ويا ۽ آئون خاطريءَ سان ٿو چوان ته جيڪڏهن هو اتي ڊگهيون لٺيون کوڙي بچاءُ نه وٺن ها ته تيز وهڪري سبب سندن پير ڪونه ڄمي سگهن ٿا. جڏهن هي سڀڪجهه ٿي رهيو هو، تڏهن مون واري ٻي ٻيڙي اسان جي مصيبت کان بيخبر ۽ بيپرواهه، اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويئي. اسان سمجهيو ته اسان جا ٻه ماڻهو ضايع ٿي ويا، ان ڪري اسان سڄي رات انهيءَ خفي ۽ ڏک ۾ گذاريو. پر ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اسان درياءَ اُڪري ٺٽي وياسين، تڏهن اهي ماڻهو اچي اسان سان مليا ۽ ٻڌايائون ته هڪ ٻيءَ ٻيڙيءَ وارن اچي کين انهيءَ مصيبت مان بچايو. اسان پنهنجي ٿيل نقصان جي مرمت ڪئي ۽ وري نئين سر هلڻ لاءِ تيار ٿياسين. انهيءَ سفر ۾ اسان کي مسٽر اسڪاٽ کان ڪافي مدد ملي، جو هندستاني بحريه ٽولي مان هو ۽ کيس آمريڪا ۾ ڇوهي پاڻي ۽ ندين جي سفر جو تجربو هو، پر سندس چوڻ هو ته ٻوڏ وقت، سنڌو درياءَ انهيءَ سڀن وهڪرن کان خراب ٿيو پوي، جي هـُـن ائٽلانٽڪ جي ٻيءَ ڀر ڏٺا هئا (1). انهيءَ همت ڏياريندڙ خاطريءَ کان پوءِ، سڻائو واءُ ڏسي اسان وري سڙهه کوليا، ۽ گذريل حادثي واري جاءِ کان گذرندي، اهڙي ملڪ ۾ اچي گهڙياسين، جنهن کي گهاٽي جهنگ جو لباس پيل هو. حقيقت ۾ هتان جي شڪار گاهه يا حيدرآباد جي ميرن جي شڪار جون جـُـويون شروع ٿي ٿيون. اهي شڪار گاهه ٻن سببن ڪري رکيا ويندا آهن. هڪ ته شڪار جي حفاظت ٿئي ۽ ٻيو ته سڄي ملڪ کي سٺو عمارتي ڪاٺ ميسر ٿئي، جو ٻيڙين ۽ گهرن ٺاهڻ، ٻارڻ ۽ ٻئي ڪم ۾ ايندو آهي.

چيو وڃي ٿو ته اهي ٻيلا جهازراني لاءِ وڏو اٽڪاءُ آهن. جيئن ته مهاڻا ٻيڙين جو وهڪري جي خلاف رسو ڇڪي هلڻ تي هريل آهن، ان ڪري اڻائو واءُ ڏسي، خلاصي تانگهي پاڻيءَ ۾ لهي پوندا آهن ۽ ٻيڙيءَ سان گڏ وڌندا رهندا آهن. افسوس آهي جو مير انهيءَ اهنج کي نه سمجهي سگهيا آهن. انهن شڪار گاهن لاءِ به اسان جي پاليسي کل جهڙي هئي، ڇاڪاڻ ته اسان نه فقط بنا قيمت جي انهن ٻيلن مان حاصل ڪاٺ مان پنهنجون ايجنسيون ۽ ڇانوڻيون ٺاهيون، پر پنهنجي مرضيءَ موجب پارسي واپارين کي ڪيترائي قيمتي وڻ مفت ۾ ڏياري ڇڏيا ۽ ڌڻين کي هڪ رپيو به نه ڏياريو. اسان پوءِ انهن سڀني وڻن تي انهيءَ عذر سان قبضو ڪري ورتو ته اهي وڻ واپار جي لاءِ نقصانڪار آهن، ۽ مذاق طور ضد ڪيو ته اُهي ماڻهو يعني ”ٽالپر“ حڪومت ڪرڻ جا لائق نه آهن، ڇاڪاڻ ته اُهي پنهنجي وندر جو ته گهڻو خيال ٿا ڪن، پر پنهنجي دشمن کي آرام پهچائڻ جو منجهن ڪوبه سليقو نه آهي. نه فقط ايترو پر عقليه (1) جو چوڻ آهي ته مير، شڪار گاهه جي ڀر ۾ سڄا سارا ڳوٺ ناس ڪريو ڇڏين، ڇو ته ڪڪڙن جون ٻانگون سندن شڪار ڦٽايو وجهن. دوست عقليه! جيئن ته تنهنجو سنڌ ۾ ڪڏهن به رهڻ نه ٿيو آهي، ان ڪري توکي اُتي جي ماحول جي ڪابه خبر نه آهي. سنڌو نديءَ جي ڪناري تي جيڪي ڳوٺ آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري ڪي ٿوريون مٽيءَ جون ٺهيل جهوپڙيون هونديون آهن، جن جي ڇت هوندي آهي کجيءَ جي پنن جي. جيڪڏهن مير ڪرم علي خان اهڙيون ڪي ٿوريون جهوپڙيون پنهنجي ملڪيت جي هڪ حصي مان ڊهرائي ٻئي هنڌ وڃي اڏرايون ته انهيءَ ۾ ڪا اربع خطا ڪا نه ٿي پيئي. انهيءَ کان وڌيڪ زبردستي ته هڪ آئرش ۽ پڻ انگريز لارڊ ڪندو آهي، جو پنهنجي ڌڪاريل هاريءَ کي ڪنهن به وقت بنا ڪنهن معاوضي جي، زمين تان هڪاليو ڪڍي، ته وڃي پـِـني کائي. 13- جولاءِ 1834ع تي اهي شڪار گاهه ميرن جي مـِـلڪ هئا ۽ جيئن ئي اسين اچي سندن ڀر مان لانگهائو ٿياسين، تيئن انهن ٻيلن پنهنجي گهاٽين سائين ٽارين سان منهنجا نيڻ ئي ٺاري ڇڏيا. ان وقت هوا تازي ۽ هلڪي هئي ۽ اسين وهڪري جي اُبتڙ تمام تکا گذرندا وياسين، پر جيتريقدر ٿي سگهيو اوترو درياءَ جي وچ سير کان پاسو ڪندا وياسين. انهيءَ ساڳئي ڏيهاڙي اسين جهرڪن پهتاسين، جو منهنجي خيال موجب سنڌ ۾ ڇانوڻيءَ لاءِ سٺي جڳهه آهي. سندس بيهڪ حيدرآباد ۽ ٺٽي شهرن جي وچ ۾ آهي ۽ هڪ اهڙي مٿاهين پٽ تي ٺهيل آهي، جنهن جي ڀر ۾ درياءَ وهي ٿو ۽ چوڌاريءَ ساوڪ به آهي.

آخر 14 - تاريخ: مون کي حيدرآباد ڪڍيائون، جتي مون ست ڏينهن منزل ڪئي. اُتي 19- تاريخ تائين ساندهه مينهن پئي وٺو، جا سنڌ جهڙي ملڪ لاءِ هڪ غير معمولي ڳالهه آهي. نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي گهر ۽ پڻ قلعي جي ديوار جو ڪجهه حصو ڪـِـري پيو. اهو واقعو ٺيڪ انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن اميرن تيرهن فقرن واري عهدنامي تي صحيحون پئي ڪيون، ان ڪري سندن خيال موجب اهو خراب سنئوڻ هو. ٿرماميٽر هڪ سؤ ڊگرين تان ڪـِـري وڃي ڇاهتر ڊگرين کي پهتو، پر پوءِ پاڻ سنڀالي ويو، ڇاڪاڻ ته ٿڌڪار جي ٿوري وقفي کان پوءِ وري سخت گرميءَ اچي منهن ڪڍيو. حيدرآباد ۾ مون سپاهين جون ٻه ڪمپنيون ڏٺيون ۽ ٿورن بيقاعدي سوارن جو جـَـٿو، جي ايجنسيءَ جا چوڪيدار هئا. تپ جي هڪ تکي اُلر مون کي سڄي هفتي لاءِ وڃي هنڌ ڀيڙو ڪيو ۽ مون کي انهيءَ تڪليف جو اتساهه ڏيئي ڇڏيائين، جو مون کي ان کان پوءِ ڀوڳڻو هو.

22 - تاريخ: آءٌ وري وڃي ٻيڙيءَ تي چڙهيس. مون کي انهيءَ وقت تائين سنڌي ناکئن جي ڪردار جي چڱيءَ طور سکيا ملي چڪي هئي، جي آءٌ دعويٰ سان ٿو چوان ته نه فقط آزمودگار روسيءَ کي ٺڳي وڃن، پر زوريءَ پئسا کسي وٺندڙ يهوديءَ کان به گوءِ کڻي وڃن. منهنجو ٽنڊيل موسيٰ هڪ ڳنڀير ۽ ماٺيڻو شخص هو. هن پنهنجو ڳالهائڻ اتفاقي ڳالهين تائين محدود رکيو، جن جو موضوع سياڻپ، خدا جي وڏائي ۽ مهرباني هئي. پر هن بنا ڪنهن سبب جي بخشيش يعني انعام يا سوکڙيءَ طور پئسا ڏيڻ جي طريقن تي به پئي ڳالهايو. انهيءَ ڏينهن اسان جي سفر جي رفتار هيڻي هئي، جو ڏهه ميل ڪري مس وڃي پير جي ڳوٺ تائين پهتا هئاسين. شام جو ٽي ناکئا ڀڄي ويا. اها موسيٰ لاءِ هڪ مصيبت هئي. مون کان ڪجهه رپين جي پيشگي جي گهر ڪيائين، ته جيئن نوان ماڻهو هٿ ڪري سگهي. مون کيس پنج رپيا ڏيئي خبردار ڪيو ته مسافريءَ جي ختم ٿيڻ تي اهي پئسا ڪاٽي وٺندس، جنهن تي هن ڪوبه جواب نه ڏنو.

23 - تاريخ: اسان کي وڃي مازندا پهچايائون، جو چاليهن ميلن تي هو. بعد ۾ مون ڏٺو ته انهيءَ ساڳئي فاصلي کي ميجر بي. جي ڪمان هيٺ اسان جي پيادل فوج جي ٻيڙي پنجويهن ڏينهن ۾ طئي ڪيو هو. اسان درياءَ جي وچ سير کان پاسو ڪندا وياسين، ڇاڪاڻ ته اها اوڀاري سفر لاءِ ڏاڍي ڏکي هئي. انهيءَ ڪري اسان درياءَ جي تانگهي پاڻيءَ مان سفر ڪيو. ڪن هنڌن درياءَ جي لڳ چڱي وڻڪار هئي، پر ڪٿي ته رڳي ٻوٽا هئا، جن مان ڪاري تتر جي مٺڙي ڌتاريندڙ ٻوليءَ جو آواز پئي آيو. جتي جتي مهاڻن جا ڳوٺ هئا، اتي اسان کين ڊگهيءَ قطار ۾ ماٽين تي ترندي، پـَـلي مارڻ ۾ مشغول ڏٺو. پـَـلو، مڇيءَ جو هڪ قسم آهي جو شبيهه ۽ سواد ۾ سالمن جهڙو آهي. اهي (مهاڻا) هڪ ڊگهي ڇڙهه کي پاڻيءَ ۾ هيٺ ٽنبيندا آهن، جنهن کي پڇڙيءَ ۾ ڳوٿريءَ وانگر هڪ ڄار هوندي آهي. جڏهن مڇي اچيو ڄار ۾ ڦاسي تڏهن مهاڻو ڇڙهه کي لوڏو ڏيئي مٿي ڇڪي، مڇي ڪڍي وٺندو آهي. مون کي هڪ وڏي مڇيءَ بابت خبر آهي جا مهاڻي کي ڄار سوڌو هيٺ کنيو ٿي ويئي، نيٺ سندس رڙين  تي ويجهڙائيءَ جي مهاڻن رسي کيس بچايو. تليڳو ٻوليءَ ۾ مهاڻي کي ”پليوادو“ سڏبو آهي، جو آءٌ ڀانئيان ٿو ته سنڌي اکر ”پلي - وارو“ سان لاڳاپو ٿو ڏيکاري (1).

24 - تاريخ: اسين وڃي سن پهتاسين، جو چڱيرڙو شهر آهي. سندس چمڪندڙ اڇي مسجد پري کان چڱو ڏيکاءُ پئي ڏنو. سن ۾ اسان جو پهچڻ هڪ وڏيءَ لهر جي اثر هيٺ ٿيو هو. اسان جي ٻيڙيءَ جو رسو ٽٽي پيو، ان ڪري البت ڪجهه دير به ٿي ويئي. خلاصين جي جماعت ۾ مون کي وهم ڏسڻ ۾ آيو، جو هو ڪانگ کي ٻيڙي تي ويهڻ ڪونه ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو سندن خيال موجب هڪ بد سئوڻ آهي. هتان سيوستان جا جبل پهريون دفعو ڏسبا آهن. جيئن ته انهيءَ جي آڏو جيڪو ميدان آهي سو جبل جي پاڙ تائين آهي، ان ڪري اهي وڌيڪ اُڀا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر سندن اوچائي ٻارهن سؤ فوٽن کان ورلي وڌيڪ هوندي. گانئچي ۽ ٻين ننڍن ڳوٺن کان گذرندي اسان سيوهڻ کان ويهه ميلن جي پنڌ تي وڃي لنگر هنيو. اسين جيڪر سيوهڻ تائين پهچي وڃون ها، پر مٽيءَ جو هڪ طوفان سوساٽ ڪندو اسان کي وڪوڙي ويو. گجگوڙ ۽ کـِـنوڻ جا به چمڪاٽ هئا ۽ مينهن اسان کي ڇٽڪار سان ڀـِـڄائي ڀـَـت ڪري ڇڏيو. اسان هوا جي رخ وارو ڪنارو ڇڏي ٻيڙيءَ کي اُونهي پاڻيءَ ۾ڪاهي وياسين. هوا جي سامهون جيڪي ٽڪر هئا سي کڙٻڙ وارا، اُڀا ۽ گنجا هئا. اهي هالار جبل جي هڪ شاخ آهن. هتي درياءَ جي اونهائي سٺ ڦيدم يا هڪ سؤ ويهه گز هئي  ۽ پاڻيءَ جو رنگ ميرو ۽ اونداهو هو. هن جاءِ تي ٻئي ڪناري جي اُڀي هئڻ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب، اکيون عجيب طرح ٺڳجيو وڃن. درياءَ جو ٻيو ڪنارو اهڙو ته ويجهو پيو ڏسجي جو ڀانئجي ته هڪ ئي ٽپ سان وڃي ٻيءَ ڀر پهچجي، جيتوڻيڪ اهو فاصلو ٻن سـَـون والن کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه ٿيندو. مون ڪيترائي درياهي گهڙيال ڏٺا، جن کي هتي ماڻهو ٻـُـلهڻ ڪري ڪوٺين. اهي متارا ۽ لـَـسا جانور آهن، جن جي ڊيگهه چار فوٽ کن ٿيندي ۽ کين تمام ڊگهيون ڄاڙيون آهن، جن ۾ اڇا ۽ تکا ڏند ٿين ٿا. انهن جانورن جي شڪل مون کي ڊالفن مڇيءَ جو نقش ياد ڏياريو، ڇاڪاڻ ته جي کين ڊگهي سنهي سونڊ  نه هجي ته پوءِ ٻيئي جانور هڪجهڙا آهن. اهي واڳن جو کاڄ آهن، پر پنهنجي ڀيري هيءُ به پـَـلي کي هڙپ ڪيو وڃن، جو سنڌوءَ جو سالمن آهي. هتي پلو جام ٿئي پر ٻي سوادي مڇي گهٽ آهي. درياءَ ۾ لـُـڌڙا ۽ ڪـُـميون به جام آهن. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته آءٌ پنهنجي خدمتگار جعفر کان درياءَ ۾ترڻ سکي رهيو هوس. جعفر به ڪو گهٽ ٻٽاڪي ڪونه هو ۽ پنهنجي هنر جو ڪرتب ڏيکاري پاڻ پڏائي رهيو هو. اوچتو هن هڪ تـِـکي رڙ ڪئي ۽ سندس مٿو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي هڪڙي هنڌ اهڙي طرح بيهي رهيو، جهڙوڪ لنگر لڳي ويس. مون ڀانئيو ته ڪنهن واڳوءَ جي وات ۾ اچي ويو آهي، پر اها هڪ بدمعاش ڪـُـمي هئي جنهن شايد سندس الٽيبازي کان ڪـَـڪ ٿي کيس پير جي آڱوٺي وٽان چڪ پاتو هو. مون کي سنڌو درياءَ تي هفتن رهڻ جو موقعو مليو ۽ پڻ سالن جا سال. ڪيترا ڏينهن لاڳيتو مٿس مسافري ڪئي هئم، پر مون ڪڏهن به منجهس واڳون ڪونه ڏٺو ۽ نه وري ڪو اهڙو حادثو ڪنهن کان ٻڌم. جيئن ته درياءَ ۾ اهڙي قسم جو ڪوبه ڊپ نه آهي، ان ڪري درياءَ جي ٻي پار تارو ماڻهوءَ هٿان خط پٽ موڪلڻ جو هتي عام رواج آهي. اهو ماڻهو (يعني قاصد) ڪاغذ وجهندو آهي پٽڪي جي ور ۾ ۽ پوءِ ڪپڙا لاهي، سيڻا ساڻ ڪري، پاڻيءَ ۾ گهڙي پوندو آهي. کـَـلي رکندو آهي ڇاتيءَ جي هيٺان ۽ پوءِ ان تي ترندو وڃي منزل مقصود تي پهچندو آهي. اهو هڪ مزيدار آزمودو آهي ڇاڪاڻ ته اهو قاصد پنهنجي فرض جي پوئيواري ۾ پاڻيءَ جي هرهڪ ڇوليءَ سان گڏ، هيٺ - مٿي ٿيندو وڃي پنهنجي ماڳ پهچندو آهي.

26 - تاريخ: اسين سيوهڻ کان ميل پنڌ تي وڃي پهتاسين، جتي ٻيڙي جي ناکئن ڊاٻو ڪرڻ ۽ اتي جي درويش لعل شهباز جي زيارت ڪرڻ تي زور رکيو. جيئن ته اتي سخت گرمي هئي، ان ڪري آءٌ ٻيڙي تان ڪونه لٿس. مون کي سڪندر جي ٺاهيل پراڻن کنڊرن ۾ ڪي ڪين ڏسڻ ۾ آيو. ايرين جيڪو سنڌ بابت بيان ڏنو آهي، انهيءَ جو ڪوبه منجهه نٿو نڪري، ڇاڪاڻ ته مقدونيا جي پاڳل (1) شخص جي وقت وارو وهڪرو، درياءَ ڪڏهوڪو بدلائي ڇڏيو آهي. سيوهڻ وٽ اسان درياءَ جي هڪ شاخ اڙل جي رستي، ٿورن ميلن جي مسافري کان پوءِ منڇر وڃي پهتاسين. هن ڍنڍ ۾ نارو يا نانگ ور (ور وڪڙن جي ڪري ائين سڏبو آهي) اچيو پوي جو درياءَ جي هڪ شاخ آهي. اسان انهيءَ ناري جي رستي پنهنجو سفر جاري رکيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ موسم ۾ درياءَ جي وهڪري مان سفر ڪرڻ ڏاڍو اڻائو ڪم هو.

27 - تاريخ: اسان چڱو سفر ڪيو، منڇر جي آرپار گهٽ ۾ گهٽ ويهه ميل ڪري وياسين. ڏينهن جو اهڙي ته سخت گرمي هئي جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. شام جو ڪجهه هوا گـُـهلي ۽ فقط ڪي ٿورا مهاڻا وڃي ٻيڙين ۾ رهيا. مون، انهن مان ڪن کي ٻيڙي هلائڻ لاءِ چيو ۽ کين ڪجهه پئسا ڏنا، جي کين تمام گهڻا لڳا. ڇاڪاڻ ته اهي اڌ -اگهاڙا ۽ بکيا آهن، انهن جهڙي پوئتي پيل قوم مون ٻي ڪانه ڏٺي آهي: اهي صفا اگهاڙا هئا ۽ سندن بدن تي هڪ سنهي چولي کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين هو: سندن مهانڊا اهڙا هئا جهڙيون لڪڙ جي مٺئي ته گهڙيل شڪليون. اهڙن سـُـونهن مان برائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي به نصيب نٿو ٿئي ۽ ٿيو به ائين. اسان وڃي هڪ اهڙي جهنگ ۾ ڦاٿاسين، جتي وڏو گاهه ۽ ناڙي جام هئي. ناکئن ٻيڙيءَ کي سوگهو ڪري بيهاريو. مون ٽنڊيل کي ٻڌايو ته هوا جو ٿورو جهوٽو لنگر ٽوڙي ڇڏيندو، پر موسيٰ کي هو پنهنجو ضد، سو ڪونه ٻڌايائين. رسا ٻڌي مس سوگها ڪيا هئائون ته سخت طوفان وڏي گوڙ ۽ گهمسان ۾ وڄ جي چمڪاٽ سان گڏ اچي وارد ٿيو. اسان جي ٻيڙي به گهمرا کائيندي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڦرندي وتي. اوندهه به اهڙي هئي جو ڪي ڪين ٿي ڏسڻ ۾ آيو، پر ڪنهن ڪنهن وقت کنوڻ جي چمڪاٽ تي پاڻي پئي نظر آيو. ڍنڍ جو پاڻي هونئن ته ڏاڍو ماٺيڻو هوندو آهي پر ان وقت اهڙي جوش ۽ آواز سان اٿلڻ پٿلڻ لڳو، جهڙوڪر ڏائڻ جو ڪـُـنو! اسان هر هر وڃيو ٿي ناڙيءَ ۾ ڦاٿاسين. اهڙيءَ طرح جو ٻيڙي ذري گهٽ ٿي اونڌي ٿي. مون وارا پنجابي، معمول مطابق الله کان دعا گهرڻ لاءِ گوڏن ڀر ويهي ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا ۽ هر هر ڌڻيءَ کي پئي سڏ ڪيائون، جيڪو فقط ان وقت کين ياد آيو هو. مون وري انهيءَ جي ابتڙ کين گهٽ وڌ ڳالهايو. آخر انهن مان هڪڙي اچي سـُـکان کي جهليو. ٻيڙيءَ جي ڇت هوا ۾ ايڏو ته ڦڙڪي جو اسان سمجهيو ته اجها ٿي اونڌي ٿئي. سچ پڇو ته اهڙي حالت ۾ ان وقت ٻيڙيءَ وارن لاءِ ڪناري تي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. خير، ڍنڍ ۾ ڪي ڪلاڪ پئي ٽلڪياسين. آخر هوا بيهي ويئي. صبح جو جان کڻي اک پٽيان ته ڏٺم ته ڪيان نالي ڳوٺ وٽ پهتا هئاسين ۽ اسان جي همراه گهوڙن واري ٻيڙي به گڏ بيٺي هئي.

28 - تاريخ: اسان جي ٻيڙيءَ کي چئن ڊونڊين گهلي منڇر ڍنڍ مان ٻاهر ڪڍيو. انهيءَ نڀاڳي هنڌان ٻاهر نڪرڻ تي آئون ڏاڍو خوش ٿيس ۽ پٺ ورائي هيءُ فارسي پهاڪو اچاريم:

”اي خدا چون منڇر داشتي، چرا دوزخ ساختي!“

يعني ته اي خدا جيڪڏهن منڇر تو وٽ آهي ته پوءِ دوزخ ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ بيجا لفظ استعمال ڪرڻ جي عادت ٿيو پوي. هي پهاڪو جيتوڻيڪ فارسيءَ ۾ آهي پر ان ۾ انگريزي لچائيءَ جي به ڪافي سڻڀائي آهي. منڇر سان هي پهاڪو بلڪل ٺهڪيو ڦهڪيو اچي. ڇاڪاڻ ته سندس پاڻي بيٺل آهي ۽ ان مان ڪـِـني اُٻ نڪرندي رهي ٿي. سياري ۾ ته ڪي ڪي هنڌ سڪل نظر ايندا آهن. منڇر جون وڏيون ايراضيون گاهه ۽ ڪکن سان ڀريل هونديون آهن، جن ۾ مڇرن جو وڏو تعداد پيو پلبو آهي. قديم نيل جي ڪينئن وانگر هتي به اُگري هوا ۽ ڪـِـني گپ ۾ ڪيترائي زهريلا جيت پيدا ٿين ٿا. ڏيهي ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهيءَ ڍنڍ جي ڊيگهه پنجويهه ميل ۽ ويڪر پندرنهن ميل آهي. سندس الهندو ڪنارو مڙيئي سائو آهي پر آهي اُها به سـُـڃ جي ساوڪ. پري کان اُڀا ۽ وڏا جبل پيا ڏسجن ۽ وڻن جي جهڳٽن ۾ مسجد پنهنجي اڇي چلڪندڙ مناري سان پيئي ڏسبي آهي.

منڇر جو ٻيو ڪنارو سنئون سڌو آهي پر آهي گندو. ڍنڍ ۾ مڇي ۽ آڙي جام ٿئي. اهي پنهنجا آنا اونهي پاڻيءَ ۾ ڪنول جي ويڪرن پـَـنن تي لاهين. مون انهن مان ٽن بيضن جو معائنو ڪيو، جي ڪڪڙ جي مـُـني آني جيترا ٿيندا ۽ سندن رنگ گهاٽو خاڪي هو. رات جو اسان ناري (شاخ) ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪيو، جو انهيءَ ڍنڍ کان ڇهن ميلن جي پنڌ تي آهي. اها هڪ عجيب رات هئي - اُهي ماڻهو جيڪي انگلينڊ جي ٿڌي ۽ صاف ملڪ ۾ آرام سان رهن ٿا ۽ فقط پردي چورڻ جي به تڪليف نٿا ڪري سگهن يا تڙ تڪڙ ۾ مڇردانيءَ واري بستري ۾ وڃيو داخل ٿين، تن کي آئون عرض ڪندس ته ڪجهه انهيءَ ڳالهه تي غور ڪن ته هندستانين سان ڪهڙي ويڌن ٿي ٿئي. بروس جو چوڻ آهي ته افريڪا ۾ ڪي اهڙا هنڌ به آهن، جتي اهڙي ته سخت گرمي آهي، جو ماڻهو بنا ڪپڙن جي، چـُـرڻ پرڻ کان سواءِ، پگهر ۾ شل ٿيو وڃي. سچ پڇو ته اسان جو به اهڙو ئي حال هو. سڄي رات پکي جي هوا ۾ رهندي گهـُـٽ کان ته جان بچي پر ننڊ پوءِ به ڪانه آئي، جو رات جا چارئي پهر ڏيڏرن جي ڪڪر ۽ بيشمار مڇرن جي ڀون ڀون ٻڌندي گذري ويا. هتي وري ٻيءَ نئينءَ بيماريءَ اچي منهن ڪڍيو. اها هئي ڪـُـت. مڇر هڪ ڊگهو ۽ ڏٻرو وچڙندڙ جيو آهي جو هڪڙي طرف پنهنجي ڀون ڀون سان ۽ ٻئي طرف ڏنگ سان بيزار ڪندو رهي ٿو. پر ڪـُـتِ هڪ کـِـل جهڙو ننڍڙو پسون آهي، جو پنهنجي مزي ۾ لامارا ڏيندو اوهان کي عذاب ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي.

29 - تاريخ: هن ڏينهن تي اسان سورنهن ميل پنڌ ڪري ڳوٺ غلام حيدر وٽ پهتاسين. جيئن ته اڪيلائيءَ جو وقت هو، ان ڪري سڄو ملڪ هڪ ڍنڍ مثل ڏسڻ ۾ پئي آيو. ملڪ سڄو هڪجهڙو هو پر ڪٿي ڪٿي ٻٻر ۽ ڪانهه جا جهنگ هئا ۽ ڪن هنڌن تي وري پوکيل ٽڪر به پئي ڏٺا.

30 - تاريخ: ويهه ميل پري بهاولپور پهتاسين جو وٿاڻن، مٽيءَ، ٻارن ۽ ڪتن سان ڀريل ڳوٺ هو. ناري جي ڀر ۾ ٻين ڳوٺن جيان هتي به تازي پيل مينهن جا آثار پئي ڏٺا، جنهن ۾ ڪيتريون جهوپڙيون ڪـِـري پـَـٽ پيئون هيون. اُتي ماڻهو گهڻو ڪري پيهن تي سمهن، جي چئن ٿوڻين تي هوندا آهن. انهن تي چڙهڻ لاءِ ڪافي آزمودو درڪار هوندو آهي، خاص ڪري عورتن لاءِ. ويچار ڪريو ته هڪ ٿوڻيءَ تي مڙس پيو چڙهي ته ٻيءَ تي وري سندس ڪنوار. اندازو ڪريو ته ڪهڙو نه مزيدار ۽ رومانوي هوندو اهو نظارو! هيڏانهن اسان جو وري اهو حال هو جو هڪ ته مصيبت جي گرمي ۽ مڇرن جي آزار ۽ ٻيو وري ٻيڙيءَ جي ننڍي ڪئبن به هئي مکين ۽ گند سان ڀريل، انهيءَ کي مفلسيءَ جو ڪمال کڻي چئجي. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهو ناکئن کي تڪڙو هلائڻ ۽ پنهنجي ڦڦڙن کي ورزش ڏيڻ لاءِ ڪا نئين ايجاد ڪندو آهي، ۽ انهن کي انجام ۽ ڌڙ دلاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندو. اهي جهنگلي به موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي سوالن يا گهـُـرن ۾ وڌندا ويندا آهن. ڪنهن مهل سوايو اٽو، ڪنهن مهل مڇي ته ڪنهن مهل وري ٻڪريءَ جي به گهر ڪندا آهن. هن ملڪ ۾ سدائين هڪڙوئي آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي- ڏي ۽ ڏي! جيڪڏهن اوهان ڪنهن ڳوٺ جي ڀر ۾ لنگر هڻندا ته هڪ ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو فقير مٿي چڙهي ايندو ۽ اچي رسول جي نالي تي اوهان کي سوال ڪندو ۽ چوندو ته، ”جيڪي مون کي ڏنوَ اهو ڄڻڪ خدا جي واٽ ۾ ڏنوَ.“ جيڪڏهن اوهان کيس ڪجهه ڏنو ته اهو به منهن ۾ گهنڊ وجهي ناراضگيءَ ۾ اوهان کان وٺندو، پر جي اوهان ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ جيڪي به بددعائون وٽس هونديون، اهي اوهان تي وسائڻ شروع ڪندو.

31 - تاريخ: هن ڏينهن تي اسان ڪيترن ئي ڳوٺن، جهڙوڪ سونمياڻي، کنڀاريا وغيره جي پاسي مان لنگهياسين، ٽيهه ميل مٿي جمڀوسيا جو ڳوٺ آهي جو مڙيئي چڱيرڙو پئي ڏٺو. اها هڪڙي ئي جاءِ آهي جتي مون عورتن کي ڌارين ماڻهن سان ڳالهائيندي ڏٺو، پر جن سان ڳالهايئون پئي، اهي شايد واقف هئا. انهيءَ جاءِ تي جيئن ئي مون پنهنجو  منهن ڪئبن مان ڪڍيو تيئن منهنجي نظر وڃي هڪ موهڻي مورت تي پيئي، جا پنهنجو گـَـهڙو پاڻيءَ سان ڀري رهي هئي. سندس منهن موڪرو هو ۽ اکيون هرڻيءَ جي اکين جهڙيون هيون. سچ پڇو ته سندس شڪل مئڊونا (1) جهڙي هئي. هـُـن وڏيءَ اڪير سان مون فرنگيءَ ڏي نهاريو. ان وقت مون کي پنهنجو دوست پوسٽن ياد پيو، ته جي اهو هجي ها ته سندس خاڪو ڪڍي وٺي ها.

11 - آگسٽ: اسان ڏهه ميل مٿي خيرپور ۽ فتحپور وياسين، جتي تمام سهڻا ڳوٺ هئا. هتي جو پـَـٽُ سڪل هو ۽ آبهوا به چڱيرڙي هئي. ڇاڪاڻ ته هي خـِـطو انهيءَ زهريلي ماحول کان آجو هو، جو ناري جو لڳ ڍنڍ کان چاليهن ميلن تائين محسوس ڪبو آهي. هتي اسين 26- ن- 1، اسڪارٽنگ اسٽورس سان ملياسين، جن کي ٺٽي کان هن جاءِ تائين پهچڻ ۾هڪ مهينو ۽ اَٺ ڏينهن لڳي ويا هئا. اسان هڪ سنڌيءَ کي کير آڻڻ لاءِ ڪجهه پئسن جي آڇ ڪئي، پر هـُـن نه ورتا ۽ سير چانورن تي کير ڏيڻ قبول ڪيائين. ٻئي وري ڪڪڙين جي بدلي، اسان کان ٻاٽليءَ جي گهـُـر ڪئي. هتي ڪڪڙيون ڏاڍيون سستيون آهن، ڇاڪاڻ ته هرهڪ جي قيمت چئن پئسن کان مٿي نه آهي، جا پنجن فارڊنگس جي برابر آهي. ڪڻڪ رپئي ۾ اَٺ پاٽيون وڪامي ٿي، جا چاليهه پئسن جي تور ۾ سورهن سيرن جي برابر آهي.

2 - تاريخ: باٽا ۽ پالو ڳوٺ کان لنگهندي ٿرلي پهتاسين، جتي اسان نوان همراهه هٿ ڪيا ۽ پوءِ راڌڻ کان گذرندي ميراتو باريجو ڳوٺ وٽ لنگر هنيوسين. ٿرلي هڪ سهڻو ڳوٺ آهي. ڪن سنڌين اسان کان پڇيو ته اوهان ٻيڙيءَ ۾ توب آندي آهي ڇا؟ پر ڪيترا وري دوا داروءَ لاءِ آيا. هتي هڪڙو ناکئو ٽنڊيل جي ڦٽڪار سبب ڀڄي ويو. انهيءَ تي ٽنڊيل موسيٰ وري به پيشگيءَ لاءِ هٿ ڊگهيريو ۽ چيائين ته خدا ٿو ڄاڻي ته مون وٽ پئسو ڪونهي. ساڳئي ڪار هئي جمعدار سان، جنهن وٽ مون لاءِ سر اليگزينڊر بورنس جو سفارشي خط هو. انهن ماڻهن مان هرهڪ وٽ سيوهڻ ۾مون ڳوٿري ڏٺي هئي، جنهن ۾ ڪي سوين رپيا هئا. پر هنن سمجهيو ته مون کي انهيءَ ڳالهه جي خبر نه آهي. منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي پهرين سياحن هتي جي ماڻهن کي گهڻي پئسي ڏيڻ ۾ وڏي غلطي ڪئي آهي، انهيءَ ڪري هاڻي کين اهو يقين ٿي ويو آهي ته هرڪو فرنگي هڪ ننڍو پلوٽس (1) آهي.

3 - تاريخ: اسان ويهه ميل نديءَ ۾ اڳتي وڌي وياسين، پر انهيءَ ۾ هئا رڳي ور وڪڙ. نقشي ۾ درياءَ جو وهڪرو سنئون ۽ سڌيءَ ليڪ ۾ سڏبو آهي، جو ويجهو ۽ سولو سمجهبو آهي. ڪمپاس سان ماپ ڪرڻ ۾ انهيءَ وهڪري جي ماپ وڃيو اَسي ميل بيهي، ويهه ميل ڳنڍيوس ورن وڪڙن جا، تڏهن به وڃي ٿيا سؤ ميل، پر حقيقت ۾ اهو سڄو مفاصلو ڪنهن به حالت ۾ ٻن سوَن ميلن کان گهٽ نه ٿيندو. وڏي خرابي وري منجهس هيءَ آهي جو هونئن هوا چڱي پيئي لڳندي، پر وڪڙن وٽ اوچتو ٻـُـوسٽ ٿيو وڃي، جنهنڪري ڪيتري به محنت ڪجي يا ٻيڙيءَ کي تيز هلائڻ جي ڪوشش ڪجي، تڏهن به ڏسبو ته اصل ماڳ کان انهيءَ فاصلي جي چوٿين پتي به مٿي ڪانه هوندي. اسين هاڻي ٻن ڳوٺن وٽان اچي لنگهياسين، جن کي ڄٽاليا ڪري سڏيو وڃي ٿو. انهن مان هڪڙي ڳوٺ ۾ مير نور محمد جي گهوڙن جو طنبيلو هو، جنهن ۾ ويهن کان مٿي گهوڙا نه هئا.

4 - تاريخ: ويهه ميل ناري ۾ ڪري وياسين. ڪنارن تي مهاڻن جا ڳوٺ پئي ڏٺا، جن کي مياڻي سڏجي ٿو. سنڌو درياءَ تي جيڪڏهن واپار زور وٺي وڃي ته پوءِ اهي ڳوٺ ناکئن جو چڱو انداز مهيا ڪري ڏيندا. باقرو نالي هڪ وڏي ڳوٺ وٽ اسان کي ٻنهي پاسن وڏي ايراضيءَ ۾ وونئڻن جو فصل ڏسڻ ۾ آيو ۽ هر هنڌ هـُـرلا (نار) پئي هليا. گرمي البت گهٽ ٿي ويئي هئي.

5 - تاريخ: پندرنهن ميل ڪري، مهرپور ۽ مـَـڏ وٽان گذر ٿيو. مـَـڏ لاڙڪاڻي جي سڌائيءَ ۾ آهي. مهرپور ۾ سومر نالي هيڊ خلاصي پنهنجي همراهن سميت ٻيڙي ڇڏي هليو ويو ۽ منهنجي دڙڪن ۽ دهمانن جي ڪابه پرواهه نه ڪيائين.

6 - تاريخ: ڏهه ميل سفر ڪري خاليجو وٽ پهتاسين، جو هڪ صاف ڳوٺ هو. منجهس مينهن، ڍڳين ۽ ٻڪرين جا گهڻيئي ڌڻ هئا. اهو ڳوٺ خوشحال ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هتي جيئن آءٌ ناري جي ڪناري تي پسار ڪندي پنهنجي سفر متعلق سوچي رهيو هوس، تيئن هڪ قاصد شڪارپور مان اچي پهتو ۽ هڪ خط آڻي مون کي ڏنائين.

7 - تاريخ: ناري ۾ ڏهه ميل وڌيڪ ڪري وياسين. رستي تي ڪيترن ئي ڳوٺن وٽان اسان جو لنگهڻ ٿيو. هن ڏينهن موسيٰ جا ماڻهو ڀڄي ويا ۽ رات جو فقط چار يا پنج ميل کن مـَـس سفر ڪيوسين. هتي وهڪرو اونهو ۽ تيز هو جنهن مان ثابت ٿي ٿيو ته درياءُ يا تازي پاڻيءَ جو سمنڊ (جيئن سنڌي کيس سڏين) ويجهو آهي. اسان جي ٻيڙي به ٻين ٻيڙين وانگر بار جي گهڻي هئڻ ڪري انهن سان قطار ۾ بيهي رهي. مسٽر ووڊ جيڪا ٻيڙيءَ مون لاءِ تجويز ڪئي هئي، اها ڇڏي وڃي گهوڙن واريءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيس، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ٻيڙي جي ناکئن پنهنجي بيجا هلت سبب مون کي ڪـَـڪ ڪري وڌو هو. هتي اسان لاڙڪاڻي واهه ۾ گهڙياسين ۽ هڪ وڏي ڳوٺ مديجي وٽان گذرندي، سهراباڻين جي ڳوٺ ۾ اچي لنگر هنيوسين. هتي به سخت گرمي هئي.

9 - تاريخ: ٻه ميل ڪري مڪانه واهه جي منهن وٽ پهتاسين، جتي اڻائي واءَ اسان کي سڄو ڏينهن بيهاري ڇڏيو. انهيءَ واهه جي منهن وٽ پاڻي اهڙو ته ڇوهو هو، جو وهڪري کي چيريندي وڃي ٿي ڪناري کي لڳو. اهڙو خوفائتو وهڪرو مون شايد ڪونه ڏٺو هجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ وڻن جا ٿـُـڙ، ٻوٽا ۽ مئل چوپايو مال لڙهندا نظر پئي آيا. اُتي هڪ ڳوٺ آهي جنهن کي غلام حسين جو ڳوٺ ڪري ڪوٺين، جتان مون هڪ قاصد سکر ڏي موڪليو. هن جاءِ تي مون ٻيڙيءَ وارن ۾ وري ٻيو وهم ڏٺو، جنهن موجب هو سفر ۾ ڪڍيل ڏينهن جو تعداد نه ڳڻيندا آهن. اُهي ڪڏهن به پورا ڏينهن ڪونه ٻڌائيندا، ڇاڪاڻ ته سندن خيال آهي ته جي ائين ڪبو ته پوءِ يا ته ڪو نقصان رسندو يا سفر ڊگهو ٿي ويندو.

10 - تاريخ: رات وچ ۾ مون واري ٻيڙي به اچي پهتي ۽ صبح ٿيندي ئي جيئن اُن تيز وهڪري کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن اُها ڌڪجي واپس اچي پهتي. اسان ان ڪري ٻيڙيءَ، تان لهي انهيءَ کي گهلڻ شروع ڪيو، جيئن وهڪري جي تيزيءَ کان پري رهي ۽ انهيءَ کي پار ڪري سگهجي. اسان ته اُڪري ماٺيڻي پاڻيءَ، ۾ وياسين، پر ڪي ٻيڙيون انهيءَ وهڪري يا لهر جي ٿورن والن اندر وڃي تري کي لڳيون پر پوءِ ڇڪي تاڻي انهن کي به ٻاهر ڪڍيو ويو. جيئن ئي اسين اڀين ۽ گجيءَ سان ڀريل لهرن ڀيڙا ٿياسين، تيئن ناکئن وٺي نعرا هڻڻ شروع ڪيا. جتي جتي خوفائتو هنڌ ٿي آيو اتي ”دم بهاوالحق“ جو نعرو هڻي پئي اڪرياسين. مون کي به درويش حـَـقَ جي مهربانيءَ جو احساس ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن اسان لاءِ ايترو ئي ڪيو جيترو سينٽ جارج (1) يا ڪو ٻيو بزرگ ڪري ها. سچ ته مون اهڙو ڇوهو وهڪرو يا اهڙيون وڏيون ڇوليون ڪٿي به ڪونه ڏٺيون. اسان سالياني، ساوتري ۽ جالي کان گذرندي سعيد آباد پهتاسين، جتان بکر جو سڄو قلعو چٽو ڏسڻ ۾ پئي آيو.

11 - تاريخ: هن تاريخ جي صبح جو آئون اچي سکر منجهه لٿس. جتي قسمت جي بدنصيبيءَ سبب 10- نومبر تائين گرمي ۾ رجهندو رهيس. مون ڏٺو ته اسان جا سياسي آفيسر درياءَ جي ڪپ سان کجين جي جهڳٽي اندر ٺهيل تنبن ۾ رهندا هئا، جن جي ٻنهي پاسن ننڍڙن ۽ ٺوڙهن ٽڪرن جي قطار هئي. انهن ٽڪرين جي مٿان ڪچري جا ڍڳ لڳا پيا هئا، جو گهڻو ڪري ويران ٿيل قبن، قبرن ۽ مسجدن جو ڀنجو هو، جو کنڊرن وانگر پئي ڏٺو. انهيءَ قطار جي ڏاکڻينءَ ڪـُـنڊ وٽ هڪ اُڀي ديوار هئي، جنهن تي سهڻيون ۽ رنگين سـِـرون لڳل هيون، انهيءَ مان ٻه ڏيڍيون ٻاهر نڪتل هيون، ٻڌڻ ۾ آيو ته اهو اصل ۾ هڪ مغل شهزادي جو قبو هو. ڀنجو کي پاسي ڪري جيئن مٿي پهتس، تيئن مون کي خيال ٿيو ته هيٺ تنبن ۾ رهڻ جي بدران جيڪر هتي جاءِ ٺاهي وجهجي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته تنبوءَ ۾ روزانو ٿرماميٽر 105 ڊگرين کان هيٺ نه ٿي ڏٺو ۽ پڻ تپ جي حملي مون کي خبردار ڪيو ته اَجهي خاطر ڪا چڱي جاءِ ڳولجي. سڀ ڪنهن پئي چيو ته اهو ڪـِـن جو ميڙ صاف ٿيڻ مشڪل آهي، پر دل ۾ اهي به خوش هئا ته اهو صاف ٿئي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ هنڌان ڪـِـنـِـي ڌپ پئي ايندي هئي، جا Araby the blest جي بلڪل ابتڙ هئي (1) . ناکئن ۽ ٻين رولاڪ ماڻهن هٿان مون انهيءَ ويرانيءَ جو ڪجهه حصو صاف ڪرايو ۽ پوءِ ٻنهي ڏيڍين جي وچ ۾ ڇت ڏيئي، ان کي پنهنجي رهڻ جي لائق بنايو. آئون ٽي سال سنڌ ۾ رهيس ۽ انهيءَ عرصي ۾مون ڏٺو ته ڪونه ڪو ماڻهو منجهس رهندو آيو ۽ اڄ به انهيءَ ۾ ماڻهو رهن ٿا. سکر ۾ جيتوڻيڪ سخت گرمي آهي پر ان هوندي به اها دلچسپ جاءِ آهي. ٿوري غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌو درياءَ جي هن موڙ وٽ ٽي شهر آباد ٿيا آهن. بکر جو ٻيٽ، جنهن جي چوڌاريءَ اونهو ۽ ڇوهو پاڻي آهي، سو ايشيا جي ماڻهن جي نظر ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي، جنهن تي مشڪل سان قبضو ٿي سگهي ٿو. جيئن ته انهيءَ ٻيٽ تي قلعو ٺهيل آهي، ان ڪري سندس مشهوري وڌي ويئي آهي ۽ پوءِ کيس ”سنڌ جي ڪـُـنجي“ ڪري سمجهيو ويندو آهي. انهيءَ مشهوريءَ جي ڪري سندس ٻنهي پاسن کان سکر ۽ روهڙيءَ جا شهر ٺهي ويا آهن. واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ مون کي انهن مسجدن ۽ ويران ٿيل جاين جي ڏسڻ جو شوق ٿيندو هو، جي انهن شهرن جي چوڌاريءَ ڏٺيون ٿي ويون. مون انهن پراڻن دفترن مان قديم دؤر جي معلومات گڏ ڪرڻ چاهي، پر وريو ڪي ڪين. سچ پڇو ته نه فقط سکر ۾ پر سڄي سنڌ ۾ قديم دؤر تي تحقيقات ڪندڙ لاءِ تمام گهٽ مواد آهي ۽ فقط يادگار اهڙا هوندا، جي تاريخ- نويسن جي ڪتب اچي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ هن ملڪ مان قديم سنڌوءَ جو پاڻي وهي ٿو ۽ پڻ انهيءَ کي هندستان تي ڪاهه ڪندڙ هرهڪ غنيم جي فوجن لتاڙيو آهي پر ان هوندي به اتان ڪو جهونو ڪتاب يا ڪتبو نٿو ملي جو هن ملڪ جي قديم تاريخ تان پردو لاهي انهيءَ کي صاف ڪري بيهاري. نه فقط ايترو پر سنڌ جي ڪيترن شهرن جي بيهڪ ۽ انهن جو موقعو به اڃا زير بحث آهي. پري ڇو ٿا وڃو، الور يا برهمڻ آباد کي ئي وٺو، سندن اوج کي اڃا اٺ صديون ئي ڪونه گذريون آهن، پر اتي جي رهاڪن بابت ڪوبه مواد نٿو ملي. هاڻي فقط هڪ ڏند ڪٿا پئي ٻـُـڌجي ته جتي هينئر ڀنجو ۽ سـِـرن جا دڙا آهن اتي ڪنهن وقت هزارين ماڻهو رهندا هئا ۽ اهو هڪ وڏيءَ سلطنت جو مرڪزي شهر هو. چچنامي ۽ معصومنامي ۾ سڪندر جي ڪاهه کان وٺي خليفن جي جرنيلن جي سوڀ تائين ڪو به مواد نٿو ملي. فقط بادشاهن جا ڪي نالا ۽ ٻاراڻيون ڏند ڪٿائون آهن. ان ڪري وقت جي بدلجڻ يا حالتن جي مٽاسٽا جي ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي. انهيءَ ڪري سنڌ يا سنڌ سان لاڳو ملڪن جي قديم جاگرافيءَ تي سوچڻ بيڪار آهي ۽ فقط پنهنجن ٺاهيل ڌُڪن تي ئي گذارو ڪرڻو پوندو. الور بابت، جو ڪنهن وقت سنڌ جي هندو راجائن جو تختگاهه هو، ڪجهه معلومات گڏ ڪري سگهجي ٿي ته ڪهڙي وقت سنڌو درياءَ پنهنجو وهڪرو انهيءَ قديم شهر وٽان بدلائي، وري انهيءَ هنڌ تان وهڻ لڳو جو هاڻي سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ آهي. خواجه خضر عليه (1) جي ننڍڙي ٻيٽ ۾ روهڙيءَ جي بلڪل آمهون سامهون هڪ مسجد آهي، جا ڏسڻ ۾ ئي پراڻي ٿي اچي ۽ انهيءَ عمارت ۾ هيٺيون ڪتبو لکيل آهي، جو مون کي پنهنجي هڪڙي مهم ۾ ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ جي هي معنيٰ آهي:

اوهان جي ڄاڻ لاءِ هيءُ لکجي ٿو ته جڏهن هيءَ درگاه ٺهي، تڏهن خضر جو پاڻي سندس چوڌاريءَ هو. درگاهه جي ٺهڻ بابت خضر هيءَ سهڻي مصرع لکي، جا خدا جي گهر مان پڙهي سگهجي ٿي- اها آهي: ”341 هجري“.

جيڪڏهن هيءَ تاريخ 341 هجري صحيح آهي ته پوءِ مسجد 952 عيسويءَ ۾ ٺهي هوندي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته اها مسلمانن جي حملي کان اڍائي سؤ سال پوءِ ٺاهي ويئي آهي. انهيءَ ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي به آهي ته اها اڳيئي سوچيل سمجهيل آهي، ڇاڪاڻ ته اکرن ۾ ڏنل تاريخ انگن اکرن سان بلڪل ٺهڪيو ڦهڪيو اچي. هر هڪ عربي لفظ کي هڪ خاص انگ جي برابر سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري جڏهن به ڪو ڪتاب لکبو آهي يا قبو ٺهرايو ويندو آهي، ته انهيءَ کي ڪو لقب يا نالو ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ استعمال ڪيل اکرن مان انهيءَ قبي جي ٺهڻ يا ڪتاب جي لکجڻ جي تاريخ نڪريو اچي. اهو ساڳيو طريقو جيڪڏهن يورپ ۾ استعمال ڪيو وڃي ته پوءِ جيڪر ماڻهو گهڻيءَ مٿا- ڪٽ کان بچي وڃي، ڇاڪاڻ ته پوءِ فقط ديول جي نالي وٺڻ سان ئي سندس ٺهڻ جو سال معلوم ٿي ويندو. ساڳيءَ ريت، ڪوبه ماڻهو ڪنهن نظم پڙهڻ مهل انهيءَ جي مرتب ٿيڻ جو وقت سولائيءَ سان ٻڌائي سگهي ها.

هن ڪتبي جي تائيد روايتن مان پڻ ملي ٿي. چون ٿا ته روهڙيءَ جي انهيءَ حصي ۾، جنهن کي هاڻي باجي محلو ڪري سڏيو  وڃي ٿو- باجي نالي هڪ ريڍار جهوپڙي ٺاهي اچي ويٺو هو. هڪ رات جو کيس ويجهڙائيءَ ۾ روشني ڏسڻ ۾ آئي. هن سمجهيو ته اها باهه ڪنهن مسافر ٻاري آهي، ان ڪري هن پنهنجي زال کي ٽانڊي آڻڻ لاءِ اوڏانهن موڪليو. پر جيئن ئي اها مائي روشنائيءَ جي ويجهو ويئي ته اها روشنائي غائب ٿي ويئي. زال اچي مڙس کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، پر مڙس اعتبار ئي ڪونه ڪيو ۽ پاڻ انهيءَ روشنيءَ کي ڏسڻ ويو. نيٺ جڏهن کيس اها پڪ ٿي ته اهو قدرتي مشاهدو آهي، تڏهن انهيءَ کان متاثر ٿي هو اتي اوتارو ٺاهي پاڻ فقير بنجي ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ درياءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو ۽ الور جي ديوارن کي ڇڏي، اچي باجي جي تڪيي جي چوڌاريءَ وهڻ لڳو، جنهن کي هاڻي ”خواجه خضر“ جو ٻيٽ ڪري سڏيو وڃي ٿو.

چچنامي ۾ وري ٻي آکاڻي آهي، جنهن ۾ روايت آهي ته الور جي راجا کي، اُتي رهندڙ هڪ سوداگر جي سهڻيءَ ڌيءَ کي هٿ ڪرڻ جي خواهش ٿي. ڏکايل پيءُ راجا جي مرضيءَ جي مخالفت نه ڪري سگهيو ۽ کانئس اٺن ڏينهن جي مهلت گهريائين. اهي اٺ ڏينهن روزي ۽ نماز ۾ گذاري ڪرامت سبب پنهنجي ڌيءَ ۽ ملڪيت سان اچي خضر جي ٻيٽ ۾ پهتو ۽ درياءُ به الور جي شهر جي ڀرسان وهڻ ڇڏي ڏنو ۽ اهڙيءَ طرح اهو شهر پنهنجن حاڪمن جي ظلم سبب اُجڙ ٿي ويو.

سچ ڇا به هجي پر اها حقيقت آهي ته انهن ڪتبن بابت اسان جي اعتقاد کي پڪي ڪرڻ ۾ ڏند ڪٿائن جو وڏو هٿ آهي. سکر ۽ روهڙيءَ جا قبا گهڻو ڪري اڪبر جي دؤر جا آهن، پر انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن، جن جي قدامت مٿئين ڪتبي ۾ ڏنل تاريخ ۾ وڃيو پهچي. بکر جي ٻيٽ جي سامهون ستين جو ٻيٽ آهي، جنهن کي ستن ستين جو ٻيٽ به ڪري ڪوٺبو آهي. (خبر نه آهي ته اهي ستيون آيون ڪٿان؟) هيٺيون ڪتبو ان ٻيٽ تان مليو:-

”سيد الدين، جو هڪ وڏ- گهراڻي ۾ ڄائو هو ۽ ڏاهپ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، انهيءَ جو روح جڏهن هن مٽيءَ جي گهر مان نڪري ويو، تڏهن هـُـن جنت کي وڃي پنهنجو گهر بنايو.

”مون جڏهن سندس وفات جي تاريخ دريافت ڪئي تڏهن دل جواب ڏنو ته اهو منهنجي دل جو مالڪ مير وڃي جنت ڀيڙو ٿيو“.

مٿين اکرن مان جيڪا تاريخ ملي ٿي، اها 384 هه آهي،جا هڪ تمام قديم تاريخ آهي. مون انهيءَ تي وري وري سوچيو ۽ ڀانيم ته ڪو جهونو سنڌي منهنجي غلطيءَ کان متاثر ٿي ضرور مون کي ٽوڪيندو، پر ڏٺم ته ڳالهه مڙيئي هڪ آهي. منهنجي منشيءَ، جو مسلمان آهي ۽ پڻ منهنجي ٿڪل هندو خزانچيءَ، جو ذري جو حساب به هوشياريءَ سان ڪندو آهي، ٻنهيءَ انهيءَ جي صحيح هجڻ جي تصديق ڪئي، انهيءَ ڪري اسين انومان ڪڍي سگهون ٿا ته اهو ضرور سچ هوندو. هونئن به اهو قبو پراڻو پيو لڳي. اهوئي سبب آهي جو اسان انهيءَ تاريخ ۾ اعتبار ٿا ڪريون. اهو ٻيٽ جي اڀرندي ڪنڊ تي ٺهيل آهي ۽ تمام خسته حالت ۾ آهي. خواجه خضر جي مسجد جي ڪتبي ۾ ڏيکاريل سن مان ظاهر آهي ته سنڌو درياءَ پنهنجو وهڪرو الور کان روهڙيءَ ڏانهن 341 هه ڌاري ڦيرايو هوندو. درياءَ جي وهڪري بدلائڻ سبب الور جي ماڻهن روهڙيءَ ڏانهن لڏڻ شروع ڪري ڏنو ۽ انهيءَ لڏپلاڻ ۾ سيدن جو خاندان به هو. اهوئي سبب آهي جو انهن مان هڪڙي سيد جي قبي تي جيڪا تاريخ ڏنل آهي، اها خواجه خضر جي مسجد ۾ ڏنل تاريخ کان پنجاهه سال پوءِ جي آهي. سکر يا روهڙيءَ کي اٺ صديون پراڻي سمجهڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڏسجي پيو ته ڪئين صديون اڳ هي شهر اوج ۽ شاهوڪاريءَ تي رسيل هئا. انهيءَ ڳالهه جي تصديق انهن انيڪ قيمتي عمارتن مان ٿئي ٿي، جي اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ ۽ ان کان اڳ ٺاهيون ويئون هيون ۽ پڻ سيدن جي انهن ديرن مان پتو پوي ٿو، جن تمام ڏورانهن ملڪن مان هجرت ڪري هتي بود و باش اختيار ڪئي هئي. اڪبر سن 1572ع ۾ سنڌ فتح ڪئي هئي ۽ جيتوڻيڪ سندس ٺهرايل عمارتن کي ٽي سؤ سال گذري چڪا آهن، پر ان هوندي به اهي درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي ٽڪريءَ مٿان اهڙو ته ڏيکاءُ ٿيون ڏين، جو ڄڻ ته ويجهڙائيءَ جون ٺهيل آهن. روهڙيءَ جي جامع مسجد تي ڏنل ڪتبو، مثال طور، هيٺ ڏجي ٿو:

”وقت جو خسرو، دين پناهه، اڪبر، جيڪو تاج ٿو پائي ۽ ملڪن کي زير ٿو ڪري، اهو شاهه جنهن جون فوجون ايتريون آهن، جيترا آسمان ۾ تارا ۽ جنهن جو تخت آسمان وانگر بلند آهي، اهو قانون جو رکوالو ۽ وقت جو اڳواڻ آهي، جنهن جا نوڪر (شان ۽ دٻدٻي ۾) قيصر ۽ شهنشاهن جي برابر آهن.

”اي شاهه، تنهنجو ادنيٰ ۾ ادنيٰ نوڪر، جو جمشيد جهڙو تخت ڌڻي ۽ امير آهي.“

اهو دل جي سوجهري وارو ۽ سمنڊ جيان سخي، آزاد خياليءَ جو ٿنڀو ۽ نفع بخش هستي فتح خان آهي، جنهن جي رت ڳاڙيندڙ ترار خدائي ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ بي انصافيءَ جي پاڙ پٽي ڇڏي، ۽ انهيءَ اميد ۾ هيءَ مسجد ٺهرائي،ته خدا کيس جنت ۾ چڱي جاءِ ڏيندو. ”اها ڪعبي (جي مسجد) وانگر دل جو ڏڍ ۽ عدن جي باغ جيان دل کي فرحت ڏيندڙ آهي. خدا ڪري ته هيءَ وقت جي اثر کان محفوظ رهي، سدائين قائم ۽ دائم رهي. مون پنهنجي دل کان اهڙي لفظ جو سوال ڪيو، جو سندس تاريخ سان ٺهڪي ڦهڪي اچي ته يڪدم هي جملو تري آيو:

خان هي مسجد ٺهرائي ۽ دنيا مان موڪلائي ويو“.

ٻيو مثال وري هڪ ننڍي گنبذ واريءَ عمارت مان ملي ٿو، جو هاڻي سکر ۾ اسان جي ايجنسيءَ جو هڪ حصو آهي. اها به اڪبري دؤر جي آهي، پر ڏيکاءُ اهڙو اٿس ڄڻڪ هاڻي ٺهي آهي. انهيءَ تي هي ڪتبو لکيل آهي:

”شاهه وڏي جي خلافت جي دؤر ۾، دين کي روشن ڪندڙ، عزت ماب بادشاهن جي بادشاهه محمد اڪبر شاهه، جو ڪافرن جو ڪـُـهندڙ آهي. شل خدا سندس حڪومت قائم رکي.“

”هيءَ عمارت امير مير معصوم ولد سيد صفا بکريءَ چڱن ڪمن لاءِ ٺهرائي ته جيئن مسلمانن کي فائدو پهچي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو انهيءَ تي قبو اڏائيندو ته پوءِ خدا، رسول، ملائڪن ۽ مومنن جي لعنت مٿس رهندي- فقط 1008 هجري“.

انهيءَ عمارت جي آمهون سامهون وري هڪ ٻي عمارت آهي، جنهن تي هيٺين مصرع لکيل آهي:

”اها سهڻي جاءِ، جا فردوس جي باغ جهڙي آهي، جنهن جي مهاڙي بهشت جي هٻڪاريل خوشبوءِ سان ڀرپور آهي. سڀاڳي جاءِ، ڀل ته مسافر توکي سلام ڪرڻ وقت تنهنجي تاريخ کان واقف ٿين. اي دل جا عدن- 1006 هجري“.

انهن عمارتن جي ڀيٽ ۾ جيڪي قبا ٽڪريءَ تي ايجنسيءَ جي مٿان پيا ڏسجن، سي ڀانئجي ٿو ته تمام گهڻا قديم آهن. انهن کنڊرن ۾ڪنهن به هندو مندر جا نشان ڏسڻ ۾ نه آيا. اتي ته ٺهيو پر الور ۾، جتي ڪنهن وقت هندو گهراڻي جو راڄ هو، اتي پڻ هندو عمارت سازيءَ جو ڪوبه نمونو نٿي ڏٺو. اتي ڪي گول برج آهن، جي تمام قديم ڏسڻ ۾ ٿي آيا. انهن تي نقش ۽ چٽساليءَ جو عمدو ڪم ٿيل آهي، پر ان هوندي به اهي مسلمانن جا قبا پيا ڏسجن، ڇاڪاڻ ته هڪ ته انهن ۾ تربتون آهن ۽ ٻيو ته انهن جو اندريون حصو ڪعبي ڏانهن مڙيل آهي. جتي چون ٿا ته راجا جو ڪوٽ ۽ محلات هئا، اتي هاڻي سڃ ۽ مٽيءَ جا ڍير آهن، جن جي صحيح سڃاڻپ نٿي ڪري سگهجي. مير رستم خان، خيرپور جي واليءَ هڪ هنڌ کوٽائي ڪرائي هئي. اتي اڃا به ڀت جو ڪجهه حصو کليل آهي. اها ڀت گهڻي ويڪري آهي. منهنجو خيال آهي ته اُها ويهه فوٽ موڪري آهي. ويچاري مير کي پنهنجي محنت جو ڪوبه اجورو نه مليو ۽ پڻ ڪن وهمن سبب کيس کوٽائي بند ڪرائڻي پئي. الور روهڙيءَ کان پنجن ميلن جي پنڌ تي آهي. اوڏانهن وڃڻ جو رستو هڪ پـُـل مٿان وڃي ٿو، جنهن کي اروڙ واري ٻنڌ ڪوٺين ٿا. ڪي ان کي تمام پراڻو سمجهن ٿا، پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها ٻه صديون پراڻي آهي ۽ منهنجي به راءِ اها آهي ته اها ٻنڌ يا پل انهيءَ عرصي کان وڌيڪ پراڻي ٿي نٿي سگهي. ظاهر آهي ته اها پل درياءَ جي سڄي وهڪري تي نه ٺاهي ويئي آهي، پر هڪ شاخ تي ٺاهي ويئي آهي، جا درياءَ جي الور ڇڏڻ کان پوءِ درياءَ جي پراڻي ڀڏي ۾ الور جي لڳ وهندڙ هجي. سڀ کان وچ واري ڪمان جي اوچائي فقط چوڏهن فوٽ آهي ۽ سڄي پل جي ڊيگهه ڇهه سؤ فوٽن کان مٿي نه ٿيندي. منهنجي خيال موجب ته اها پل مير معصوم يا وقت جي ٻئي ڪنهن نيڪ امير جي ٺهرايل ٿي ڏسجي. پل اُڪرڻ کان پوءِ اوهان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پهچندا، جنهن ۾ سٺ ماڻهو رهن ٿا. انهن مان ٻه حصا مسلمان ۽ ٽيون حصو هندو آهن. جيئن ته امير کانئن ڪابه ڍل وصول ڪونه ڪن، ان ڪري هي پنهنجي پيدائش گنج شڪر شاهه جي پوئلڳن يا مريدن کي وڪڻندا آهن. هن ڳوٺ کان وٺي ويرانيءَ تائين کنڊرن جي قطار آهي، جا انهيءَ جي اتر - اوڀر طرف گهڻي تائين پکڙيل آهي. انهن کنڊرن ۾ ڪوبه ڪتبو وغيره نه مليو آهي ۽ نه وري منجهن ڪا ٻي اهڙي عمدي شيءِ آهي. اُتي جي نظاريدار کنڊرن مان عالمگير جي مسجد ۽ ٻن سيدن شڪر گنج شاهه ۽ خليفي قطب الدين شاهه جا قبا آهن. شڪر گنج شاهه جو قبو هڪ مشهور زيارت آهي، جتي مهيني ۾ ٻه دفعا ويجهڙائيءَ جا ماڻهو زيارت ڪرڻ ويندا آهن. انهيءَ تي ڪابه وڏي عمارت وغيره نه آهي، پر اها هڪ سادي ۽ سفيد تربت آهي، جنهن جي ڪناري تي زنگي گل جهڙا گل ٻوٽا اُڪريل آهن. مون اتي ڪجهه شيون ٽنگيل ڏٺيون، جن ۾ شراب جي بوتل جا ٻوچ به هئا، جي عقيدتمندن کان اڻڄاڻائيءَ ۾ ٽنگيا ٿا ڏسجن، ڇاڪاڻ ته جڏهن مون کين ٻڌايو ته اهي اصل ۾ شراب جي شيشن جا آهن، تڏهن اهي مجاور کي بـُـرا لڳا. هن اهي يڪدم ٻاهر اڇلايا ۽ مون کي ٻڌايائين ته اهو سندس زال جو ڏوهه آهي، جنهن اهي اُتي ٽنگيا هئا. الور ۾ مون کي ٻن پٿرن کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين هٿ آيو. اهي درياهه جي پراڻي ڀڏي ۾ پيل هئا ۽ انهن تي لکيل هو ته اهي مير معصوم درياءَ جي وهڪري جي نشان قائم ڪرڻ لاءِ اتي لڳايا آهن. هي نيڪ سيد ڪيترن ئي عمارتن جو معمار آهي، جي روهڙيءَ جي ڀر ۾ آهن. سندس تربت سکر ڇانوڻيءَ ۾ آهي، جنهن جي ڀر ۾ هڪ نوي فوٽ ڊگهو منارو آهي، جو هن پاڻ ٺهرايو هو ۽ جنهن تان ڪيترن ميلن ۾ سڄو ملڪ پيو ڏسجي. سندس پوين مان جيڪو پاڻ کي سندس وارث پيو سڏائي، تنهن ساڳئي قبرستان ۾ پنهنجي لاءِ، مرڻ کان اڳ، هڪ قبر ٺهرائي ڇڏي آهي.

روهڙيءَ ۾ دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته اتي پيغمبر اسلام جو وار مبارڪ آهي جو جواهرن سان سجايل سونيءَ نڙي ۾ آهي. مجاور مون کي انهيءَ بابت هيٺيون بيان ڪري ٻڌايو:

”952 هجريءَ ۾ وار مبارڪ جو مجاور، مخدوم ميان عبدالباقي صديقي، استنبول (قسطنطنيه) مان سکر پهتو، ۽ انهن سڀاڳن نشانن (يادگارن) بابت اهڙيون ته ثابتيون پيش ڪيائين جو بزرگ ۽ ڀلارا ماڻهو مٿس اعتبار ڪري تبرڪات جي زيارت ڪرڻ لڳا. انهن ۾ شاهه حيدر حقاني ۽ مخدوم عبدالمالڪ جا نالا قابل ذڪر آهن. کانئس پوءِ حاجي محمد عبدالستار صديقي مجاور ٿيو ۽ اهو عهدو هـُـن اسي سال ماڻيو. هن کان پوءِ شاهه حافظ محمد اسحاق مجاور ٿيو ۽ پوءِ حاجي محمد جا ٻه پٽ حافظ محمد رضا ۽ حافظ محمد مراد. هاڻي اهو عهدو حافظ محمد اسحاق جي پيڙهيءَ ۾ هلندو اچي“.

سکر ۾ آءٌ ٽڪيو ئي ٿورا ڏينهن هوس، ان هوندي به مون اتي جي رهندڙ ڦورو قبيلن کي پرکڻ شروع ڪيو. منهنجي اتي پهچڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ رحمان بڙديءَ نالي هڪ مشهور ڦورو پنجاهه رپيا مهيني تي اچي اسان وٽ نوڪريءَ ۾ بيٺو. هو قد جو ڊگهو ۽ ڳنڀير مڙس هو، پر هئس هڪ ٻانهن، ڇاڪاڻ ته کيس سيکت ڏيڻ لاءِ سنڌي حڪومت سندس ٻي ٻانهن وڍائي  ڇڏي هئي. پر رحمان تي انهيءَ سزا جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، پاڻ پنهنجي ڌنڌي ۾ وڌيڪ چاهه ورتائين. جيئن ئي سندس ٻانهن چڱي ڀلي ٿي، تيئن وڃي پنهنجي ڪميت گهوڙي تي چڙهيو ۽  سندس سڀ کان پهريون ڪارنامو هو اسان جي منشيءَ تي حملو ڪرڻ، جنهن ۾ هـن غـُـريب کي ماري وڍي ڪيرائي ڇڏيائين. سندس خيال هو ته منشي مري ويو آهي ۽ هئو به ائين. پنج خطرناڪ زخم رسايا هئائينس، جنهن مان ڪو مشڪل بچي ها! پر اسان جو منشي به ته واڻيو هو، ان ڪري ڌڪ جهلي ويو. انهيءَ ۽ ٻين اهڙن ظلمن جي ڪري رحمان ايڏو ته بدنام ٿيو، جو کيس پڪڙڻ لاءِ مٿس انعام رکيو ويو. ڪجهه وقت اڳ بڙدي قبيلي جو رئيس شير محمد خان سلام ڪرڻ خاطر اسان جي هڪ سياسي آفيسر وٽ لنگهي آيو. ڳالهين ڪندي رحمان جو ذڪر هليو، جنهن تي آفيسر دلي خواهش ڏيکاري ته انهيءَ بدمعاش کي جهليو وڃي. رئيس جي همراهن مان هڪ سٺي پوشاڪ واري ٻروچ- جنهن انهيءَ بحث ۾ چڱو حصو ورتو هو، جي اها راءِ هئي ته رحمان جهلجي. پر وري ڪنڌ ڌوڻي ڳنڀير ٿي چيائين ته، ”افسوس، اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته رحمان اهڙو حرامزادو آهي، جو کيس جهلي نٿو سگهجي“. اهڙيءَ طرح سوچ ويچار کان پو”، اها ميٽنگ برخواست ٿي ۽ اسان کي تيسين خبر ڪانه پيئي، جيسين رحمان اچي اسان وٽ نوڪر بيٺو. تڏهن اسان سڃاتو ته رحمان اهو ساڳيو ٻروچ هو، جنهن خود پنهنجيءَ گرفتاريءَ لاءِ اشتياق پئي ڏيکاريو. لارڊ برليهه وانگر رحمان جو ڪنڌ ڌوڻڻ به اهڙو هو، جو انهيءَ حرڪت سندس ٻروچ ساٿين کي پوءِ ضرور کلايو هوندو، پر ٻروچ ٻين ماڻهن وانگر جانور ڪونه آهن. اخلاقي طور ڳنڀير ۽ سخت آهن ۽ ڪٿي به ڪا خوشي يا عجب جي ڳالهه ڏسندا ته جيڪو کين احساس ٿيندو، انهيءَ جو اظهار فقط ٻن لفظن ّ”واهه واهه“ کان وڌيڪ نه ڪندا. عجيب ڳالهين ٻڌڻ جو کين ڏاڍو شوق هوندو آهي، پوءِ اهي ڀل ڪيتريون به ڪوڙيون هجن، پر جيڪڏهن ٻڌائبو اٿن ته اهي ڪنهن جن يا درويش جون ٻڌايل آهن، ته پوءِ شڪ ڪونه ڪن. هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ مون کي قسمت جي باري ۾- جنهن جي کيس پنهنجي سر ڄاڻ هئي، هڪ آکاڻي هن ريت ٻڌائي:

”پيارو خان نالي هڪ ننڍيءَ عمر جو جمالي ٻروچ هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته تلوار هلائڻ ۾ ورلي ڪو سندس مقابلو ڪري سگهندو. انهيءَ پهلوان جو ڪنهن سبب ڪري مڪران وڃڻ ٿيو. سندس مرشد کيس اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو هو ۽ چيائينس ته جي ويندين ته وري نه موٽندين. پيارو انهيءَ نصيحت تي کليو، پر ايترو واعدو ڪيائين ته هروڀرو پاڻ کي مصيبت ۾ ڪونه وجهندو. وطن واپس موٽڻ مهل هو جيئن کجين جي وڻن جي هڪ جهڳٽي مان لنگهي رهيو هو، تيئن هن کي ڪنهن ماڻهوءَ جي رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مٿي جو کڻي ڏسي ته هڪ ماڻهو رس ڪڍڻ لاءِ کجيءَ جي وڻ جي چوٽ تي چڙهي ويو آهي. پر هڪ نانگ به وڃي کيس ويجهي پهتو آهي ۽ ذري گهٽ ان کي ڏنگڻ تي آهي. پياري پنهنجي بندوق کڻي اُڀي ڪئي، پر مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جي بدن جو ڪجهه حصو نانگ جي بلڪل آمهون سامهون هو، ان ڪري گمان هو ته ماڻهوءَ کي ڌڪ لڳي. اهو ماڻهو، جو پاڻ بچائڻ لاءِ وڻ جي ڏار کي چهٽيو پيو هو، تنهن وٺي دانهون ڪيون، جنهن تي پياري چشت رکي اهڙي ته پوري نشاني تي ڌڪ هنيو، جو گولي وڃي نانگ جي منڍيءَ کي لڳي ۽ اهو بروقت مري ويو. وڻ تي چڙهيل ماڻهو تڪڙو تڪڙو هيٺ لٿو ته جيئن هن چڱي مڙس جو ٿورو مڃي، پر سندس حيرت جي حد نه رهي، جڏهن هن پياري کي اُتي مئل ڏٺو! بندوق جي گولي لڳڻ سبب نانگ جي ڄاڙيءَ جو ڪجهه حصو، جنهن ۾ زهريلو ڏند هو، منڍيءَ مان جدا ٿيڻ کان پوءِ اچي پياري جي مـُـنهن تي ڪريو ۽ زخم ڪري وڌائين. انهيءَ ۾ اهڙو ته موتمار زهر هو، جو جيستائين اهو مڪراني وڻ تان لهي ئي لهي، تنهن کان اڳ قسمت جو ماريل (پيارو) وفات ڪري ويو.“

مون پنهنجي منشيءَ کي چيو ته اها ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي! تنهن تي هن وراڻيو ته صاحب، سندس قسمت ايتري هئي، وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي! ٻروچن کي عجيب ڳالهين ٻڌڻ لاءِ ڏاڍو چاهه ٿو ڏسجي ۽ انهيءَ ۾ هو اسان ڇسن فرنگين جي ابتڙ - جي هر ڪنهن ڳالهه تي ويهي ضد ڪندا آهيون - تاريخ، وقت يا عدد جو ڪوبه خيال ڪونه ڪندا آهن. انهيءَ لاءِ هي مثال ڪافي آهي. اسان جي ايجنسي ٺاهڻ ۾ ڪي مزور سرون کڻي رهيا هئا، انهن ۾ هڪڙو پوڙهو رند قبيلي جو ٻروچ به هو. انهيءَ ٻروچ کي اسان جي هڪ سياسي آفيسر روڪي، افغانستان مٿان اسان جي حملي بابت رايو پڇيو. پوڙهي ڪنڌ لوڏي چيو ته، ”منهنجي خيال ۾ اوهان جي فوج ڪڏهن به ڪانه موٽندي- هن کان اڳ ست لک ماڻهو هندستان مان ڪابل ويا هئا، پر رڳا هڏا ڇڏي آيا ۽ اوهان جو به ساڳيو حشر ٿيندو.“ اسان جي آفيسر جڏهن کانئس ٻيو سوال ڪيو ته، ڀلا اسان ڪيترا ماڻهو موڪليا آهن؟ تڏهن جواب ڏنائين ته ٽي لک. اهو آهي حساب ڪتاب ۾ ٻروچن جي ڄاڻ جو هڪ مثال. ٻئي موقعي تي مون هڪ بيرگ نالي بگٽي رئيس (ابوبڪر) کان سندس عمر بابت پڇيو، ته هن بي ڌڙڪ چئي ڏنو: 120 سال. کيس ڏسڻ سان معلوم پئي ٿيو ته سندس عمر وڌ ۾ وڌ 70 سال هوندي، ڇاڪاڻ ته اڃا سندس وار ڀورا ۽ اک ڪـَـڪـِـڙي هئي. ٻروچن کي انهن آفيسرن لاءِ ڏاڍي حب هوندي آهي، جي منجهن ٿوري به دلچسپي ڏيکاريندا آهن. ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماٺ ڪريو اسان جي ڪئمپ جي ڪاروائي پيا ڏسندا آهن. جيڪي به اسان وٽ وهيو ۽ واپريو، سو کين سڀ نئون پئي لڳو ۽ پڻ جدا جدا قبيلن ۽ ذاتين جي ڪئمپ ۾ هجڻ به کين وندرايو پئي. انهيءَ نسبت هڪ ٻروچ پنهنجي ماڻهن کي هيئن ٻڌايو ته، ”فرنگين جي فوج ۾ ڪيترن ئي قسمن جا شيطان آهن. انهن مان هڪڙا ڪارا بت پرست آهن، ٻيا رنگ جا اڇا آهن، پر وٽن ڪو مذهب ڪونهي ۽ ٽيان وري چڱا مسلمان آهن، جي اسان وانگر نماز پڙهن“. انهيءَ مان سندس مراد هيءَ هئي ته پهريان هندو، ٻيا يوروپي ۽ ٽيان مسلمان هئا. ٻروچن بابت اسان کي روزانه خبرون ملنديون هيون ته اهي ماڻهن تي اوچتو حملا ڪري نه فقط ڦريندا آهن پر قتل به ڪريو ڇڏين، انهيءَ ڪري اسان کي سندن لاءِ ڪو چڱو خيال ڪونه هو. پر رحمان کان سواءِ اسان کي سکر ۾ جيڪي ٻيا ٻروچ نظر آيا، تن سندن نسل بابت مڙيئي اسان تي چڱو اثر ڇڏيو. سکر جي ڀر وارا قبيلا پنهنجو ٻروچڪو ڪردار وڃائي چڪا هئا، جهڙوڪ کوسا، جنهن جي لفظي معنيٰ ئي آهي ڌاڙيل. (1) اهي اڃا به پنهنجو خوفناڪ ڏيل کنيو پيا هلن ۽ ترار جي استعمال ڪرڻ کي به ڪونه وساريو اٿن پر هاڻي منجهن ٺاپر اچي ويئي آهي. جيڪڏهن وڙهن به کڻي تڏهن به پنهنجي اُٺن يا ڳوٺن جي حفاظت لاءِ وڙهن، نه ته اصل ڪونه وڙهن. قادر بخش نالي سندن رئيس هڪ سهڻو جوان آهي، جنهن جو آواز هلڪو ۽ عادتون وڻندڙ آهن. منجهانئس جنگ ڪرڻ جي صلاحيت نڪري چڪي هئي، ان ڪري پنهنجي خوشيءَ سان اسان سان عهدنامو ڪيائين، جنهن موجب هـُـن پنهنجي راڄ مان اسان کي گهوڙيسوارن جو جٿو ڏيڻ قبول ڪيو، جنهن کي اسان سکر ۽ شڪارپور جي وچ ۾ ٽپال ورهائڻ ۾ لڳايو ۽ پڻ کانئن انهيءَ ضلعي ۾ سوار - پوليس جو ڪم به ورتو. اهي ماڻهو اسان لاءِ بيحد ڪمائتا ثابت ٿيا، ۽ سچ ته اهو آهي، ته جيڪي کين ملي ٿو، انهيءَ کان وڌيڪ لهڻن. کين ڏسي ٻين ڏيهي ماڻهن ۾ به ٺاپر اچي ويئي آهي ۽ اهي به چڱيءَ چال جي ضمانت تي نوڪري ڪرڻ ۽ چڱي پگهار لاءِ اسان ڏانهن پيا واجهائين. اهڙيءَ طرح، ۽ ساڳين سببن ڪري، اسان پوليس جي هڪ جماعت ٺاهي ورتي، جا نه فقط رستن تي عام ماڻهن جي اچ وڃ جي حفاظت ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي، پر ان ڪري انهيءَ ايراضيءَ ۾ پراڻي دؤر ۾ جيڪي خون خرابا ٿيندا هئا، انهن جي بند ٿي وڃڻ جي به اميد ٿي ۽ اهڙيءَ ريت سڄي علائقي تي صلح ۽ سانت جي برڪت نازل ٿي. اهي اميدون ڪيئن اجڙ ٿيون، انهيءَ لاءِ ايندڙ باب ۾ ڪافي ذخيرو موجود آهي.

---------------


(1) لکندڙ جو مطلب آهي ته واري اچي اکين ۾ پئي جيئن ڪر عموما درياءَ جي ڪپ تي ٿيندو آهي.

(2) انگريز پاڻ ته ميرن کي ڪوبه محصول ڪونه ڏيندا هئا پر سندن مرضي اها هئي ته برٽش انڊيا جي ٻين واپارين کان محصول نه ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته هنن انهيءَ محصول کي پاڻ هضم ڪرڻ ٿي چاهيو.

(1) شايد ٺٽي ۾ ان وقت رات جو اگهاڙي سمهڻ ۾ ڪوبه عيب نه سمجهيو ويندو هو.

(2) ميرن جي دؤر ۾ عمر قيد جي سزا واري کي سڄي عمر هڪ پڃري ۾ رکيو ويندو هو.

(1) مير جيئن ته شيعا هئا، ان ڪري سيدن جو ڏاڍو خيال ڪندا هئا.

(2) ايرين، يوناني ليکڪ آهي، جنهن سڪندر جي ڪاهه ۾ سنڌوءَ مان سندس دريائيءَ سفر جو بيان ڏنو آهي.

(1) اهوئي سبب آهي جو انگريزن مٿس Mighty Indus (زور آور سنڌو) نالو رکيو آهي.

(1) عقليه شايد مصنف جو دوست يا واقفڪار هو.

(1) اهو ڏيکاري ٿو ته سنڌ جو دراوڙي ٻولي ۽ تهذيب سان گهڻو لاڳاپو رهيو آهي.

(1) ايرين ”مقدونيا جو چريو“ لفظ شايد سڪندر لاءِ استعمال ڪيا آهن.

(1) مئڊونا: ماءِ - ڊونا مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي منهنجي معزز خاتون. هي لفظ ڪرستان بيبي مريم لاءِ استعمال ڪندا آهن.

(1) پلوٽس: هڪ گرهه جو نالو آهي، جو نيپچون کان به پري آهي. پلوٽس حقيقت ۾ شاهوڪاريءَ جي ديوتا کي سڏبو آهي.

(1) سينٽ جارج: ڪرستانن جو وڏو سنت ٿي گذريو آهي، جنهن کي ايڊورڊ ٽئين آرڊر آف گارڊ ڏيئي انگلينڊ جو وڏو پادري بنايو هو.

(1) Araby the blest جي معنيٰ آهي عرب جي وڻندڙ هـِـير.

(1) خواجه خضر: هن کي پهتل هستين جي قطار ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. پر جيئن ته هن آب حيات پيتو آهي، ان ڪري هي قيامت تائين جيئرو رهندو. سنڌين جي خيال موجب بکر وٽ خواجه خضر عليه جو آستان آهي، جنهن جي خاطر درياءَ جو پلو اوڀارو روهڙيءَ تائين ويندو آهي.

(1) کوسا: حقيقت ۾ڪازخ آهن ۽ توراني نسل جا آهن، کين بلوچستان ۾ اڄ تائين کوسغ سڏيو وڃي ٿو جو ڪازخ يا ڪوزخ جو بگڙيل نمونو آهي. مصنف شايد ڪازڪ کي قزاق سان تشبيهه ڏني آهي، جنهن جو مطلب آهي چور يا ڌاڙيل. - مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org