سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ترخان نامو

 

صفحو ؛ 3

 

ترخان نامو

 

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

رب يسر ولاتعسر   

وتمم بالخير و الظفر

 

حقيقي حمد، شڪر ۽ نياز، بلڪ عاجزي ڪيل شڪرئي سان، جيڪو، فڪر ۽ قياس جي انداز کان ٻاهر اهي ۽ اها (الله تعاليٰ) جي تعريف، جيڪا سراسر، عجز، نياز سان ڪرڻ کان پوءِ- پڻ بادشاهن جون تعريفون ۽ بادشاهي اوصافن کي مڪمل طور تي بيان ڪرڻ واريون خوبيون- جن کي الله تعالي پنهنجي قدرت ڪامله سان (ربع مسڪون) زمين تي يعني صاحبانِ اقتدار بادشاهن کي غلبو عطا ڪيوآهي. جن کي شجاع ۽ معدلت شعار بنايو آهي. تن مان جيڪي ڪثرت سان وحدت جي طرف رجوع ٿيا آهن. تن کي ڪثرت جي لازمي اختلافات کان رهائي بخشي آهي ۽ پوءِ وري انهن جي عالي مقدار وزيرن ۽ نامدار اميرن جي وجود سان نوازيو- جن، چمڪندڙ تلوارن سان وڍي، ڪٽي، امن و امان پيدا ڪيو- سو انهن جي ئي وجود کان پڻ بادشاهن کي تائيد بخشي وئي آهي- انهي نعمتِ بيڪران جو شڪريو ڪرڻ هر شخص تي لازمي ۽ فرض آهي. بس انهن نعمتن جي ئي ڪري فقط الله تعاليٰ جو حمد ڪرڻ واجب آهي.

۽ صلوات ناميات ۽ پاڪيزن تحيات جناب سرورِ ڪائنات فخرِ موجودات تي هجن، جيڪو سڄي مخلوقات ۾ ”لولاک لما خلقت الافلاک“ جي لقب سان ممتاز آهي ۽ پڻ جنهن کي سمورن نبين ۽ رسولن کان مٿي ڪري، ”وما ارسلناک الا رحمت للعالمين“ جي نويدي خطاب سان الله تعاليٰ سرفراز فرمايو آهي.

اُن تي صلواتون ۽ سلام هجن ۽ ان جي ڀائرن (انبياء ماسلف) تي ۽ ان جي طاهر ۽ طيب آل تي ۽ ان جي هدايت يافته اصحابن تي- جي صديق، شهداء- ”- صالحين آهن.

اما بعد - هن بياض جي تحرير جو باعث هي آهي ته، حشمت و اجلال واري خاندان، شوڪت و اقبال جي برگزيده خاندان، ۽ شان شوڪت واري قوم جي سردار، عظمت وارو نوراني روشن ستارو، سخاوت واري گلستان جو ميوو، شجاعت وارو شينهن، جنهن جي ناموري ۽ خوبين جي مشهوري، عالم ۾ چئوگرد ڦهليل آهي ۽ هي (خاندان) سخاوت و شجاعت ۾ مثل روشن آفتاب جي، جيڪو نصف النهار تي ظاهر ۽ باهر آهي. بيت:

ز تر خانيان مثل او گوهري
نياورده بود آسمان ديگري

ميرزائي ميرزا محمد صالح بيگ ترخان (ثاني): (سلمہ الله تعاليٰ) خلف الصدق نواب معليٰ القاب، قبله گاهه الواصل اليٰ رحمة ميرزا عيسيٰ بيگ (ثاني)(1) ترخان نور مرقده، اخلاقِ حميده ۽ اوصافِ پسنديده سان آراسته هو. ظاهري ۽ ذاتي ڪمالات سان پيراسته هو. ميرزا محمد صالح بيگ (ثاني) ترخان کي سندس والد بزرگوار جي جيئري ئي، حضرت اعليٰ خاقاني، ظل سبحاني، خليفة الرحماني، صاحبِ قران ثاني(2) . (شاهه جهان بادشاهه)

قطعہ

شهنشاهي که مهرش ناگزير است
چو صيتِ عدلِ او آفاق گير است
جهانداري که چشمِ روزگار است
جهان را چار فصل از وي بهار است

(خلد الله تعاليٰ ملڪہ) پنهنجي الطاف و اڪرام سببان ۽ بادشاهي عنايتن ۽ مهربانين سببان، ظاهر ظهور پنهنجي ويجهو ڪري، امرائي عظام جي صف ۾ آڻي ڇڏيو.

قطعہ

بر افراخت شاهنشهي قدردان      سر ميرزا صالح از فرقدان

بالطاف شاهانه اش سر فراخت     ميانِ گروهش سرفراز ساخت

نواب غفران پناهه (ميرزا عيسيٰ بيگ ثاني) جي رحلت بعد (بادشاهه جي) ڪمال مهرباني ۽ مرحمتِ شاهانه سان پيءُ جو قائم مقام ٿيو ۽ هي نؤجوان خوش نصيب، پنهنجي والد واري سرداري ۽ حڪومت تي متمڪن ٿي، پنهنجي قبيلي، خاندان، لشڪر ۽ رعايا کي انعام و اڪرام سان نوازيو ۽ اهل الله کي، جيڪي سادات ڪرام مان هئا، ۽ فضلائي عظام کي، ۽ فقراء صالحين کي ۽ گوشه نشينن کي، پنهنجي مهرباني ۽ خاص توجہ سان راضي ڪيو. قبيله پروري سببان، پنهنجي قبيلي جي مطالعي تي پڻ گهري نظر رکندو هو ته جيئن هر هڪ، قبيلي ۽ خاندان جي نسبي حقيقت کي معلوم ڪري ۽ پنهنجي عالي نسب کي به معلوم ڪري ته ڪهڙا ڪهڙا بلند مقام مڪان خان، مرتبي ۽ مقام تي پهتا.

سو شفقت ۽ مهرباني واري طريقي سان، جيڪو موصوف جي وڏن جو هن فقير گهراڻي سان هو، تنهن جي آڌار هن قليل بندي سيد محمد بن مير جلال الدين حسيني الشيرازي کي، هڪ خط لکيو ته ڪتاب ”ترخان نامو“ کي مون ڏي موڪل. هر چند هن خادمِ فقراء، سنڌ جي شهرن ۾ ڳولا ڪئي پر ڪٿان به ڪتاب نه مليو ۽ نه ڪنهن ڪتاب بابت ڪا خبر ڏني، جيتوڻيڪ مون تي فرمائش جي تعميل ڪرڻ لازم هئي، جنهنڪري مجبور ٿي هن انشا جو انتظام ڪيم ۽ باوجود تعلق خاطر جي، معتبر ڪتابن مثلاً، طبري، روضة الصفا، ظفرنامه تيموري، تاريخ همايوني، اڪبرنامه، نگارستان، تاريخ طاهري، منتخب بي بدل يوسفي، تاريخ گزيده ۽ مجمع الانساب، وغيره ڏي رجوع ٿي ۽ جيڪي ڪجهه هن اقبال و اجلال جي دستگاهه کي مطلوب ۽ مرغوب هو سو انتخاب ڪري، بلڪ هن بزرگ نزاد جو شجرو، حضرت نوح عليٰ نبينا عليہ السلام تائين مرتب ڪري ۽ ڪجهه احوال هن جي وڏن بزرگن جا، جن تخت سلطنت تي حڪمراني ڪئي آهي، سي اجمالاً ۽ مختصر بيان ڪري (ڪتاب کي) ”ترخان نامو“ جي نالي سان موسوم ڪيم. بالله التوفيق و عليہ التڪلان.

لفظ ”ترخان“ خطاب آهي (يعني تعريفي لقب، جيڪو حاڪم کان مليل هجي) ۽ بالفتح ان جي لغوي معنيٰ ”خون ريز“ پڻ آهي. اصطلاحي معنيٰ ”مطلق العنان“ آهي، جيڪي ڪجهه چاهي سو ڪري ۽ خدمت سببان معاف ٿئي ۽ نون (9) پشتن تائين جيڪو قصور هن کان صادر ٿيو هجي سو پڻ معاف آهي. خسروِ چنگيز خان هڪ جماعت کي ترخان جو خطاب ڏنو. جيئن مشهور آهي ته ٻه ”ڪوربان“ جا پٽ جيڪي اذبڪ خان جي لشڪر جي، چنگيز خان کي خبر ڏيندا هئا. ترخان قوم، ماوراء النهر ۽ خراسان ۾ انهن ئي ٻن ڇوڪرن جي اولاد مان آهي.

ٻيو گروهه جيڪو، اعظم السلاطين مان آهي. سو حضرت صاحبقران امير تيمور گورگان جي مذڪور خطاب مستطاب سان سرفراز ٿيو. هنن جا سڀ قبيلا، امير ايڪوتمر جو اولاد سي، ارغون خان بن ابقا خان بن هلاڪو خان بن تولي خان بن چنگيز خان جي نسب مان آهن. ”ظفرنامه تيموري“ ۾ مسطور آهي ته جڏهن امير ايڪوتمر، تقتمش خان جي لڙائي ۾ جان نثار ٿيو، تڏهن حضرت صاحبقران، ان جي پوري قبيلي کي انهي موقعي تي، جيڪا هنن ثابت قدمي ۽ جرات اختيار ڪئي هئي، تن کي ”ترخان“ جي خطاب سان سرفراز فرمايو ۽ جن ترخانن سنڌ ۽ قنڌار تي حڪومت ڪئي سي به امير ايڪوتمر جي نسل مان آهن.(1)

انهن حالات جي بيان ۾، جيڪو ارغون خان بن ابقا خان بن تولي خان بن چنگيز خان جو اولاد، جن قنڌار ۽ سنڌ تي نهايت ڪامراني سان تخت نشين ٿي ۽ اُتي ترقي ڏياريائون:

روايانِ اخبار ۽ ناقلانِ آثار، نقل ٿا ڪن ته امير ذوالنون بن امير حسن بصري، ارغون خان بن ابقا خان بن هلاڪو خان بن تولي خان بن چنگيز خان جي اولاد مان آهي. جيڪو شجاعت ۽ بهادري ۾ اڪثر شجاعانِ خاندان مان ممتاز هو ۽ ابوسعيد ميرزا جي وقت ۾ وٽس ملازمت ۾ زندگي بسر ڪندو رهيو. رزم و پيڪار واري زماني ۾، جوانمرديءَ وارا ڪم ۽ جنگي ڪارناما، مردانه وار کائونس وقوع پذير ٿيا. جنهن بعد هو سلطان ابوسعيد ميرزا جو منظورِ نظر ٿي ۽ عنايت، تربيت ۽ رعايت وارو ٿيو. تنهن سان گڏ پنهنجي همعصرن جي نظرن ۾ احسان وارن اضافن ۽ انعامن سان پڻ نوازيو ويو. سندس مرتبو اقربا ۽ ڀائرن کان پڻ زياده ٿي ويو. سلطان ابوسعيد ميرزا جي شهادت کان پوءِ جيڪو قراباغ ۾ واقعو ٿيو، تڏهن امير ذوالنون پنهنجي والد جي ملازمت ۾ هرات ڀڄي ويو ۽ ڪجهه ڏينهن سلطان يادگار ميرزا جي خدمت به گذاريائين جڏهن خراسان جي ملڪن جي حڪومت، سلطان حسين ميرزا بايقرا کي ملي ته امير بصري وفات ڪئي، تڏهن ان وقت امير ذوالنون ولد امير بصري، سلطان حسين ميرزا وٽ نهايت قبول ٿيو. ان بعد ولايت غور، زمين داور ۽ قنڌار سندس حوالي ڪيا ويا. هن ملڪ ۾ هزاره ۽ تڪدري، شان و شوڪت سان رهندا هئا ۽ پنهنجن حدن  تي غالب هوندا هئا. جڏهن هن اها هنن جي بهادري ڏٺي تڏهن امير ذوالنون سال 884هه ۾ هڪ قليل لشڪر سان، مٿئين گروهه سان جنگ ڪئي ۽ چئن سالن جي مدت ۾ هر معرڪي ۾ ڪامياب ۽ فتح مند ٿيو ۽ مذڪوره ولايت کي پنهنجي قبضي ۾ڪيائين. جڏهن هزاره ۽ تڪدري جي سموري لشڪر هن جو مشاهدو ڪيو تڏهن سندس فرمانبرداري ۽ اطاعت کي پنهنجو شعار بنايائون. ازانسواءِ اردگرد هن جي مخالفت به ختم ٿي بلڪ امير ذوالنون جي خدمت کي پڻ نيڪي سان قبول ڪيو ويو. جنهن بعد سلطان حسين ميرزا بايقرا، ان ملڪ جي حڪمت جون واڳون يعني مملڪتِ قنڌار، فره ۽ غور کي سندس قبضئه اقتدار ۾ ڏنا ۽ امير ذوالنون ڪيتري مدت تائين مذڪور ملڪن جي والي ٿي رهيو. اتي جي نظم و نسق کي بهتر بنايائين. ايتري ۾ شال ۽ مستونگ ملڪن ۽ انهن جي آس پاس کي پڻ پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين، ۽ چئن سالن گذرڻ بعد، امير ذوالنون هڪٻئي پٺيان ڪافي لشڪر ڪٺو ڪيو، ۽ هزاره، تڪدري قبچاق ۽ قنڌار جي مغلن کي پاڻ سان متفق ڪيائين. جڏهن اها خبر سلطان حسين ميرزا بايقرا کي پهتي تڏهن هن امير ذوالنون جي حاضر ٿيڻ لاءِ، فوري فرمان جاري ڪيو ته هو بغير ڪنهن دير جي دارالسطنت ۾ اچي حاضر ٿئي. امير ذوالنون به بنا ڪنهن دير جي دربار ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ نهايت بيش قيمت تحفا پيش خدمت ڪيائين. جنهن تي سمورن دربارين سندس اخلاق ۽ خيرخواهيءَ جي تعريف ڪئي. جنهن بعد سلطان حسين ميرزا مذڪور امير کي خلعت فاخره، گهوڙو، جڙاؤ زين، نوبت، علم ۽ بادشاهي فرمان، ظفر سان ديوان اعليٰ مقرر ڪيو ۽ ان سان گڏ اهو به حڪم ڪيائين ته، امير ذوالنون پنهنجي فرزند کي درباري اميرن جي ملازمت ۾ ڇڏي قنڌار واپس هليو وڃي. ان وچ ۾ خبر پوڻ سان امير ذوالنون فرصت کي غنيمت سمجهي، پنهنجي پٽ ۽ اميرن کي ساڻ ڪري بطور چڙهائي ڪرڻ جي، عازمِ قنڌار ٿيو ۽ چند اميرن کي سامان ۽ سواريءَ سان منزل تي پهچايائين. ٽن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ سلطان حسين بايقرا فرمايو ته ذوالنون کي کپندو هو ته نؤروز تائين ترسي ها ۽ عيد نؤروز گذاري پوءِ قنڌار وڃي ها. (بادشاهه جا) توبچي جڏهن امير ذوالنون واري منزل تي پهتا، تڏهن اهڙو ڪو لڙائي وغيره جو نشان نه ڏٺئون. ان کان پوءِ لشڪر جا حالات معلوم ڪري (بادشاهه) کي عرض ڪيائون ته ذوالنون ته هتان به هليو ويو آهي. جنهن تي فوراً بادشاهه جي به زبان مان هي لفط نڪتا ته، ”ذوالنون اهڙي طرح هليو ويو، ته جيئن مون سان هو ٻيهر نه ملي سگهندو.“ جنهن تي شهزادن ۽ اميرن عرض ڪيو ته هو وري واپس ايندو، ڇو جو تنبيلي ۾ گهوڙا، اُٺ ۽ فراش خاني وارو سامان ۽ ٻيو به ڪيترو سامان هتي پيو آهي. بادشاهه فرمايو ته هن نهايت عقلمندي ۽ فراست جو ثبوت ڏنو آهي. انڪري جو، هن بازي ۾ مون هارايو ۽ هو کٽي نڪري هليو ويو، واقعي ائين ئي ٿيو پر جيئن ته تير ڪمان مان نڪري چڪو هو، جنهنڪري ندامت ڪرڻ بيسود هئي، تان جو 911هه ۾ سلطان حسين ميرزا بايقرا وفات ڪئي ۽ مملڪتِ خراسان ۾ هرطرف کان پورو خلل پئجي ويو.

ماهه محرم 913هه ۾ محمد خان شيباني اوزبڪ، هڪ ڪثير لشڪر جيڪو تڏين ۽ ڪيولين وانگر هو، تنهن سان جيحون دريا عبور ڪري، خراسان کي تسخير ڪرڻ جو قصد ڪيائين(1) . بديع الزمان جيڪو سلطان حسين ميرزا بايقرا جو فرزند هو، تنهن جڏهن ٻڌو ته محمد خان شيباني(2)، مملڪتِ خراسان ڏي متوجهه  ٿيو آهي، سو ٻڌي نهايت ڊنو ۽ هڪ قاصد، امير ذوالنون ڏي موڪلي، واقعات کان آگاهه ڪيائينس. امير ذوالنون پنهنجي اولاد ۽ پنهنجي مصاحبن سان مشورو ڪيو، هرهڪ جي مختلف راءِ هئي. ليڪن امير ذوالنون چيو ته مون کي وڃڻ لازمي آهي. ڇو جو هن ناگهاني مصيبت ۾ مروت سان ويهڻ مناسب ناهي، ليڪن وري منهنجو واپس اچڻ پڻ محال آهي، انڪري جو اوزبڪن جو لشڪر نهايت عظمت ۽ شوڪت وارو آهي بلڪ هن جي طاقت ۽ قوت غيرمعمولي آهي ۽ هيڏانهن سلطان حسين بايقرا جي خاندان جو رخ زوال ۽ مسمار ٿيڻ جي طرف آهي.

القصه، امير ذوالنون پنهنجي لشڪر سان جنهن ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو سپاهه هو، شهزاده بديع الزمان ميرزا جي طرف ويو. ٿوري ئي وقت ۾ شهزادي جي خدمت ۾ پهتو. دست بوسيءَ سان مشرف ٿي اعزازن، اڪرامن، تعظيمن ۽ عزت سان سرفراز ٿيو.

محمد خان شيباني به وڏي لشڪر سان آيو ۽ ان وقت اوزبڪ جو لشڪر ماوراءِ النهر جي درياءَ کي عبور ڪري، ميدانِ جنگ ۾ پهتو. شهزادو به لشڪر جي تربيت ۾ صفن کي درست ڪرڻ ۾ مشغول ٿيو.  طرفين جي بهادرن جي شور و غل، نفيرن ۽ نقارن جي آوازن کان زمين و آسمان ڪنبڻ لڳا.
امير ذوالنون به هڪ ڪثير لشڪر سان جنگي معرڪي ۾ ڪيترن ئي بهادرن کي جوان مردي جي شمشير سان غرقابِ فنا ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترائي ڀيرا دشمنن جي لشڪر کي تهه و بالا ڪري ڇڏيائين، جو خراسان جو لشڪر درياءَ وانگر، موج در موج ۽ فوج در فوج هو ۽ هڪٻئي پٺيان لڳاتار پئي آيا. ليڪن شهزادي وارو لشڪر حملي کي روڪڻ کان عاجز ٿيو، جنهنڪري عنانِ عزيمت شڪست تي ٿي. لشڪر ۾ پريشاني ۽ بي سرو ساماني جا آثار ظاهر ٿيا. جنهن کان فوج ۾ ڀاڄ پئي. امير ذوالنون ثابت قدمي کي اختيار ڪيو. هن ڪڏهن ساڄي طرف ٿي حملو ڪيو ته ڪڏهن کاٻي طرف، بدن تي زخمن هوندي به تيغ، خنجر ۽ تلوار سان، زمين کي دشمنن جي خون سان پئي رنگين ڪيو. هن نهايت بهادري ۽ مبارزت جا جوهر پئي ڏيکاريا. آخرالامر اوزبڪ هر طرف کان حملا ڪرڻ لڳا ۽ هو شه سوار جيڪو ميدانِ جنگ جو مرد هو ۽ جيڪو ڪيترن ئي زخمن کان چور ٿي چڪو هو، سو هاڻي گهوڙي تان پيادو ٿيو. هنن جي مرضي هئي ته امير ذوالنون کي قيد ڪري محمدخان شيباني وٽ وٺي هلن. ليڪن دشمن ائين نه ڪري سگهيا، تان جو امير ذوالنون شهادت جي شربت کي پي، وادئي شڪست ۾ ڪري پيو.

**

*

 

شاهه بيگ ارغون

شاهه بيگ ارغون بن امير ذوالنون بن امير بصري پنهنجي والد امير ذوالنون جي وفات کان پوءِ، دربار جي اميرن ۽ مصاحبن جي اتفاق راءِ سان حڪومت تي ويٺو. هر اهو شخص جيڪو امير ذوالنون جي حياتيءَ ۾ پنهنجي منصب تي فائز هو، سو سابقه دستور مطابق، ائين ئي رهيو، تن کي خلعتون بخشي، عدل و انصاف ۾ لاثاني ٿيو. جنهن بعد سمورا اراڪين سلطنت، دل و جان سان ميرزا شاهه بيگ، جي خدمت ڪرڻ ڏانهن راغب ۽ مائل ٿيا. هاڻي لشڪر جا سپاهي به هن جي هر حڪم تي جانثار ٿيڻ لڳا. شاهه بيگ هميشه، علماء ۽ طلباء علم، جي صحبت ۾ گذاريندو هو.

جڏهن محمدخان شيباني، سموري ولايتِ خراسان تي قبضو ڪيو ۽ فرهه جي آسپاس پهچي، قنڌار کي تابع ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن فرهه گرم سير، جي حد ۾ پهچڻ بعد، شاهه بيگ، ايلچين کي محمدخان شيباني ڏانهن موڪلي، پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري جو وعدو ڪيو. جنهن بعد محمدخان راضي ٿي واپس هليو ويو.

ڪجهه عرصي کانپوءِ 915هه ۾، شاهه اسماعيل صفوي ثاني، ولايت خراسان، کي قبضئه اقتدار ۾ ڪري ورتو ۽ محمدخان شيباني، انهي جنگ ۾ مارجي ويو ۽ مذڪور بادشاهه سموري ملڪ تي غلبو حاصل ڪيو پر ويجهي ۽ پري جي ماڻهن منجهس سواءِ غرور ۽ آڪڙ جي ٻيو ڪجهه به نه ڏٺو.

ان وچ ۾، قدس خان، فرهه جي آسپاس پهچي ۽ پنهنجي حڪومت جو جهنڊو کوڙيو. ميرزا شاهه بيگ کي هن جي ان حرڪت سببان انديشو ٿيو ۽ پنهنجي مصاحبن سان مشورو ڪيائين ته اسان، باهه ۽ پاڻي جهڙن ٻن خودمختار بادشاهن جي وچ ۾ ڦاٿل آهيون. هڪ طرف کان شاهه اسماعيل، خراسان کي پنهنجي تصرف ۾ ڪيو آهي ته ٻئي طرف بابر بادشاهه ڪابل ۾ تشريف فرما ٿيو آهي ۽ لڙائي جا ٻه دروازا طرفين کان کليل آهن، سو هاڻي اسان کي پنهنجي انجام جو فڪر ڪرڻ گهرجي. هڪ ڏينهن شايد قنڌار مان به رخصت ٿينداسين، پر آءٌ چاهيان ٿو ته ڪجهه ڏينهن هتي رهون.

آخرالامر، سيوي کي تابع ڪرڻ جو ارادو ڪيو، شاهه بيگ نڪتو ۽ قنڌار کان شال (ڪوئيٽه) جي طرف رخ ڪيائين، 917هه ۾ قنڌار کان شال جي طرف اڳتي وڌيو پر شال ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي وري شال مان ڪوچ ڪري سبيءَ ڏانهن وڌيو ۽ سبيءَ جي آسپاس پهچي قلعي کي پنهنجي گهيري ۾ ڪيائين. سلطان برولي برلاس، جو اولاد هتي جو حاڪم هو، تنهن ٽي هزار بلوچ ۽ ٻيو لشڪر گڏ ڪري حملو ڪيو، شديد لڙائي لڳي. نيٺ شاهه بيگ جي فتح ٿي ۽ سيوي جي لشڪر کي شڪست آئي. ڪيترائي قتل ٿيا ۽ ڪيترائي سنڌ ڏي هليا ويا.

شاهه بيگ سيوي ۾ آيو ۽ ڪجهه ڏينهن اتي قيام ڪيائين. باغن ۾ عمارتن جو بنياد رکيائين. قلعي کي تعمير ڪرايائين ۽ پوءِ ڪجهه لشڪر سان، ميرزا عيسيٰ ترخان کي، جيڪو سندس وڏن اميرن مان هو، تنهن کي سبيءَ جي حڪومت سپرد ڪري پاڻ قنڌار هليو ويو.

ڪجهه وقت کانپوءِ 919هه(1) ۾ حضرت محمد بابر بادشاهه قنڌار کي تابع ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سموري فوجي ساز و سامان کي قنڌار روانو ڪيائين ۽ هوڏانهن شاهه بيگ، ان ڳالهه ۾ مصلحت سمجهي ته، قلعي داري جو ضروري سامان” قنڌار ّ“ ان جي آسپاس جيڪو ثمر پيل هو سو سڀ گڏ ڪري شهر ۾ اندر ڪري، قلعي ۾ بند ٿي ويهڻ جو فيصلو ڪيو. برج ۽ قلعي جي ديوارين جي حفاظت جو انتظام تجربه ڪار نوڪرن جي حوالي ڪيائين.

جڏهن حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه غازي قنڌار جي آس پاس بيمار ٿي پيو، تڏهن ضعف ان حدتائين پهتو جو سپاهين جون دليون ۽ هٿ ڪم ڪار ڪرڻ کان جواب ڏئي بيٺا. شاهه بيگ کي جڏهن  اها خبر پئي تڏهن بيش قيمت تحفا، بارگاهِ بابر ۾ موڪلي صلح جو بنياد رکيائين. عقلمند بادشاهه،خواجه جلال الدين هٿان، شاهه بيگ ڏانهن گهوڙو ۽ سروپاء وغيره موڪلي واپس هليوويو.

شاهه بيگ به ٿورن ڏينهن بعد سبيءَ ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت ملڪ ۾ رهي پنهنجي اميرن ۽ سپاهين کي چيائين ته حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه، هن دفعي تشريف فرما ٿي قنڌار جو رستو ڏسي ويو آهي ۽ پڪ ٻئي سال وري ان کي فتح ڪرڻ لاءِ ايندو، سو هاڻي جيسين اسان کي هتان بيدخل نه ڪندو تيسين آرام نه ايندس. تنهنڪري اسان کي پنهنجو فڪر ڪرڻ گهرجي، سو ڇا ڪيائون جو سياري جي شروع ۾، هزار سوار تيار ڪري سيوي کان سنڌ موڪيائون، ۽ انهي لشڪر تاريخ 7 ماه ذيقعد 920هه ۾ اچي، ڳاهن جي ڳوٺ ۾ باغبان تي حملو ڪيو. چون ٿا ته هن حملي ۾ (مغل) هڪ هزار ته رڳو اُٺ ڪاهي هليا ويا، جيڪي رات جو باغن جي نارن ۾ وهندا هئا. ٻين شين جو يا انهيءَ ملڪ جي آبادي جو اندازو انهي مان لڳائڻ گهرجي. لشڪر انهي گردونواح ۾ هڪ هفتو رهي وري واپس هليو ويو.

921هه ۾ حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه قنڌار جي پسگردائيءَ ۾ اچي، قلعي جي سامهون ٿي، سرنگهه هڻڻ جو خيال ڪيو. محاصره نهايت سوڙهو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾، شهر ۾ اندر عجيب ڏڪار ۽ مهانگائي اچي پئي. جڏهن لشڪر ۾ تپ جو مرض پيدا ٿيو. حالات جي ضرورت موجب صلح ٿيو ۽ بابر ڪابل کان واپس هليو ويو.

ساڳئي سال، ميرزا شاهه حسن بيگ، پنهنجي والد (شاهه بيگ) کان ناراض ٿي، حضرت جمجاه بابر بادشاهه جي ملازمت ۾ پهچي ۽ بادشاهي نظرِ عنايت ۽ مهربانيءَ جو فخر حاصل ڪيو. ٻه سال درگاهه جي ملازمت ۾ رهيو. حضرت بادشاهه اڪثر فرمائيندو هو، ته شاهه حسن اسان وٽ نوڪري ڪرڻ نه آيو آهي، بلڪ اسان کان حڪومت دستور ۽ بادشاهيءَ جا قانون سکڻ آيو آهي. آخرڪار شاهه حسن پڻ اجازت حاصل ڪري قنڌار روانو ٿيو.

922هه ۾ راياتِ نصرت، حضرت بابر بادشاهه وري قنڌار ڏي رخ ڪيو ۽ اڃا پيدائش جهنگ ۾ ئي پيل هئي، ته قنڌار کي گهيرو ٿي ويو. بادشاهه جي اهڙي اچ وڃ کان شاهه بيگ نهايت تنگ ٿي، حضرت ابوسعيد پورانيءَ کي، صلح لاءِ موڪليو ته، ايندڙ سال قنڌار، بندگانِ خاقان جي غلامن جي حوالي ڪيو ويندو، سو انهيءَ عهد تي حضرت بابر بادشاهه وري ڪابل موٽي هليو ويو. شاهه بيگ انجام موجب 923هه ۾ قنڌار جون ڪنجيون، تاريخ ”حبيب السير“ واري مصنف خواند مير جي پوٽي ۽ مير ابوالمڪارم جي والد ۽ عبدالله سلطان جي ڏاڏي يعني مير غياث الدين جي هٿان ڏياري موڪليون. جن قبوليت جو شرف حاصل ڪيو. ٻيا به ٻه سال سبي ۽ شال جي آس پاس تنگي ۽ محنت ۾ گذاريائون. هڪ سال سپاهين ته، گوگڙن ۽ گجرن ۽ اهڙين ٻين شين تي پئي گذران ڪيو. آخرڪار شاهه بيگ 924هه ۾ سنڌ جي فتح جو ارادو، بلڪ پنهنجو سمورو توجهه سنڌ جي فتح ڏي ڪيائين. سلطان علي ارغون(1) ۽ زيبڪ خان ترخان کي، ميرزا عيسيٰ بيگ (اول) سان تبادله خيال سببان قلعه سيوي ۽ گنجابي جي محافظت لاءِ ڇڏيو ۽ پوءِ پنهنجي بهادر لشڪر مان ٻه سؤ سوار، مير فاضل ڪوڪلتاش سان گڏي، اڳڀرو روانا ڪري، پٺيان پاڻ به هڪ سؤ ٽيهن سوارن سان روانو ٿيو. سنڌ ملڪ ۾ پهچڻ کان پوءِ جڏهن ڳوٺ باغبان مان لنگهيا، تڏهن سمن جو لشڪر محمودخان ولد درياء خان جي هٿ هيٺ ٽلٽي ۾، جا سيوستان (سيوهڻ) کان ٽن چئن ڪوهن تي آهي، اُتي گڏ ٿي، مقابل ۽ جنگ جو خواهان ٿيو. پر جڏهن شاهه بيگ، ڳوٺ باغبان ۾ لٿو ته باغبان جا ملڪ (زميندار) ڊوڙي خدمت ۾ حاضر اچي ٿيا ۽ جان مال سان خدمت گذاري ڪري، مهربانيءَ جي نظر جا حقدار ٿيا.

آخر شاهه بيگ به لڪي جبلن واري رستي کان ٺٽي ڏانهن رخ ڪري، منزلون ڪندو روانو ٿي، درياء جي ڪناري تي لٿو. انهن ڏينهن ۾ درياءُ جو اڪثر حصو ٺٽي جي اتر طرف کان وهيو ٿي، تنهنڪري ڳڻتيءَ ۾ ٿيا ته درياء تان ڪهڙي طرح پار ٿجي. اوچتو (ڏٺائون) ته هڪ گڏهه وارو (دايو) تانگهو پاڻي لنگهي هن ڀر اچي رهيو هو. چوڪيدارن هن کي پڪڙي دڙڪا ڏنا، جنهن تي هن کين رستو ڏيکاريو. عبدالرحمن دولت شاهي، پنهنجو گهوڙو درياء ۾ گهيڙي هن طرف ويو ۽ وري موٽي اچي شاهه بيگ کي خبر ڏنائين.

المختصر، تاريخ 15 ماهه محرم الحرام 926هه جي، شاهه بيگ پنهنجي لشڪر سان درياء پار ٿي، ٺٽي جي نزديڪ پهتو. ڄام نندي جو پٽيلو دريا خان، ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ ڇڏي وڏو لشڪر ساڻ ڪري لڙائي لاءِ آيو. فريقين ۾ آتشِ قتال ۽ جدال جي اهڙي ته سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم قاصر آهي. آخرڪار فتح ۽ ڪاميابي شاهه بيگ کي ٿي. درياء خان پنهنجي ساٿين ۽ سمن جي لشڪر سميت شهيد ٿيو(1) . ڄام فيروز کي جڏهن اها خبر ملي، تڏهن يڪدم ڀڄي ويو ۽ پيرار (پير پٺي) تائين غمگين صورت ۾ ڪٿي به نه ترسيو. تاريخ 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي، ڦري لٽي ۽ اتي جي رهاڪن کي ذليل ڪيائون. آيئه ڪريمه:

-”ان الملوک اذا دخلوا قرية افسدواها“- (بادشاهه جڏهن به ڪنهن شهر ۾ داخل ٿيندا آهن ته انهيءَ ملڪ کي ويران ڪندا آهن) جي مصداق، نهايت بليغ ترين فصاحت سان ظاهر ٿيو، بلڪ ڪيترن ئي ماڻهن جا اهل و عيال قيد ٿيا. آخر قاضي قاضن، جيڪو ان عهد جو فاضل هو، تنهنجي ڪوشس ۽ سفارش سان غضب جي باهه ٿڌي ٿي ۽ پوءِ منادي ڪرائي وئي ته ٺٽي جي ماڻهن جي مال ۽ عيال کي ڪوبه هٿ نه لائي.

الغرض ڄام فيروز ڪن ٿورن ماڻهن سان ڳوٺ پيرار (پير پٺي) ۾ چند ڏينهن ترسيو جو هن جو اهل و عيال اڃا ٺٽي ۾ هو. هن شاهه بيگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، هڪ شائسته ۽ مهذب سخن دان جي هٿان انڪساري ۽ عاجزي سان پيغام موڪليو ته جيڪڏهن احسان ڪري هن ناچيز جا گناهه معافي جي پاڻي سان ڌوئي صاف ڪندا ته توهان جي چاڪري ۽ فرمانبرداري جو طوق، تادمِ حيات پنهنجي گردن ۾ وجهيو ايندس. جيسين تائين باقي زندگي آهي تيسين تائين توهان جي جادهء اطاعت کان ٻاهر قدم نه رکندس. هي عهد، ايمان واري تاڪيد سان ڪيائين. شاهه بيگ به عنايت ۽ فطري شفقت سان هن جي عاجزي ۽ بيچارگي تي رحم ڪري قاصد کي خلعت سان نوازي، ڏانهس مهرباني ڀريا پيغام ڏياري موڪليا. جنهن بعد ڄام فيروز پنهنجي سڀني عزيزن سان، ماهه صفر جي آخر ۾ تلوار ڳچي ۾ وجهي نهايت عاجزي، نيازي ۽ نوڙت سان اچي، دست بوسي جو شرف حاصل ڪيو. شاهه بيگ جي پڇڻ تي هن پنهنجي زبان معذرت لاءِ کولي ۽ گذريل ڳالهين تي نهايت پشيماني ظاهر ڪيائين. تنهن تي شاهه بيگ کيس خلعتِ زردوزي سان، جيڪا سلطان حسين ميرزا بايقرا، امير ذوالنون کي ڏني هئي، سرفراز ڪري ٺٽي جي حڪومت سندس حوالي ڪئي. ان وقت شاهه بيگ پنهنجي اميرن ۽ مصاحبن سان صلاح ڪئي ته مملڪتِ سنڌ وسيع آهي. جنهن جي ذميداري اسان کان نه ٿي سگهندي. تنهنڪري مناسب آهي ته اڌ ملڪ ڄام فيروز جي حوالي ڪريون ۽ ٻيو اڌ پنهنجن اعتماد جوڳن جي سپرد ڪريون. نيٺ سڀني جي راءِ اها ٿي ته لڪي جو جبل جيڪو سيوهڻ جي نزديڪ آهي، تنهن کان وٺي ٺٽي تائين، ڄام فيروز جي ماتحتي ۾ ڏنو وڃي ۽ باقي ڪوهه لڪي کان بالائي سنڌ تائين وارو حصو، شاهه بيگ جي حڪومت ۾ رهندو. انجامن ۽ اقرارن جي قائدن کي پوري ڪرڻ کانپوءِ، شاهه بيگ منزلون ڪندو سيوستان ۾ پهتو. جيڪي ماڻهو سيوستان ۾ هئا، سي شاهه بيگ جي لشڪر پهچڻ کان اڳ، ٽلٽي ڏي ويا. سهتن ۽ سوڍن جي ماڻهن، اُتي حاضر ٿي، جنگ جي صورت اختيار ڪئي. فريقين ۾ نهايت سخت لڙائي لڳي. جنهن ۾ سهتا ۽ سوڍا شڪست ياب ٿيا. سيوستان جو قلعو شاهه بيگ جي تصرف ۾ آيو.
شاهه بيگ اندروني ۽ بيروني قلعي جي مضبوطي کي ڏسي پنهنجي امرائي عظام مان، جهڙوڪ ميرعليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوستان جي قلعي تي متعين ڪري، هرهڪ امرائي عظام کي حڪم ڏنائين ته قلعي ۾ پنهنجون حويليون ٺهرايو. ان کانپوءِ بکر ڏي، رخ ڪري ۽ منزل به منزل سفر ڪندو سکر جي ميدان ۾ اچي لٿو. ٿورن ڏينهن کانپوءِ شاهه بيگ بکر جي قلعي ۾ آيو ۽ قلعي کي ڏسي نهايت خوش ٿيو ۽ شهر جي جاين ۽ محلاتن کي ڏسي سپاهين ۽ اميرن ۾ تقسيم ڪيائين. قلعي کي ماپي حصا ڪري اميرن جي حوالي ڪري چيائين ته يڪدم الور جو قلعو جيڪو پهريون تختگاهه هو، تنهن کي به ڊهرائي، ان جون سرون بکر ۾ آڻي ۽ بکر جي آسپاس جيڪي ترڪن ۽ سمن جون جايون هيون سي به گهڻيون ڊاهي قلعي جي اڏاوت ۾ ڪم آڻجن ۽ نهايت ٿوري وقت ۾ قلعي جي عمارت کي مڪمل ڪيو وڃي. ميرزا شاهه حسن ۽ ٻين اميرن کي خاص جايون مليون. اهڙي طرح مير فاضل ڪوڪلتاش ۽ سلطان محمد مهردار وغيره کي به خاص جايون مليون.

هڪ سال گذرڻ بعد، قلعي جي ٺهرائڻ ۽ رعيت جي ضروري انتظام کان تسلي بخش ٿي، 928هه ۾ پائينده محمدخان کي بکر جي حڪومت تي مقرر ڪري، هڪ ڪثير لشڪر سان گجرات کي فتح ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ منزلن تي منزلون طئي ڪندو، درياء جي ٻنهي ڪنارن جي پسگردائي کي ناپاڪ ماڻهن کان صاف ڪندو ويو. جڏهن هو چانڊڪي واري منزل تي پهتو تڏهن مير فاضل ڪوڪلتاش، هڪ مهلڪ مرض ۾ مبتلا ٿي، ٿورن ڏينهن کانپوءِ وفات ڪري ويو. تعزيت جي رسمن کانپوءِ، شاهه بيگ جي زبان مان بي ساخته هي الفاظ نڪتا ته، مير فاضل جو موت اسان جي موت جو دليل آهي. اسين پڻ پٺيانئس وينداسون. ان وچ ۾ اوچتو خبر پئي ته حضرت بابر بادشاهه، بهره ۽ خوشاب جي آسپاس پهتو آهي ۽  کيس هندستان جي فتح ڪرڻ جو ارادو آهي. تنهن تي حاضرينِ مجلس کي چيائين ته بابر بادشاهه سنڌ ۾ به اسان کي پنهنجي حال تي ڪونه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ (سنڌ) به اسان کان يا اسان جي اولاد کان کسي وٺندو. تنهنڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون. انهي ڳڻتي ۽ ويچار ۾ پوڻ ڪري سندس پيٽ ۾ ناگهاني درد ٿيو ۽ گهڻائي علاج ڪيائون ۽ دوائن ڏيڻ ۾ به ڪافي ڪوشش ڪيائون پر فائدو نه ٿيو. شاهه بيگ گجرات پهچڻ کان پهرين ماهه شعبان 928هه ۾ آخرت ڏي سفر ڪيو. ”شهر شعبان“(1) هن جي تاريخ وفات آهي. شاهه بيگ جي حڪومت جو سمورو عرصو پندرنهن سال آهي.

 

***

**

*

 

ميرزا شاهه حسن ارغون

پنهنجي والد شاهه بيگ جي وفات کانپوءِ مسندِ حڪومت تي ويٺو. ان وقت سيد، قاضي، شريف ۽ ٻيا مکيه ماڻهو سڀئي تعريف ۽ مبارڪباد جي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. سمورن کي انعام اڪرام سان نوازيو ويو. جيئن ته اها رسم ماهه رمضان المبارڪ جي آخر ۾ ٿي ۽ عيد جا آثار ظاهر هئا، تنهنڪري سمورن اميرن ۽ وزيرن عرض ڪيو ته توهان جي نام نامي سان، خطبو پڙهڻ زياده مناسب ڏسڻ ۾ ٿو اچي. اها ڳالهه ٻڌڻ سان ڏکي لڳس ۽ زبان سان اسغفار پڙهي يڪدم چيائين ته جيسين صاحبقران جي اولاد مان ڪوبه موجود هوندو، تيسين اسان کي ائين ڪرڻ نه ٿو ٺهي. تنهن تي،
حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه جي نالي سان خطبو پڙهيو ويو ۽ عيد جا ڏينهن اتي (نصرپور ۾) گذاريائين.

ان وچ ۾ خبر پئي ته، شاهه بيگ جي وفات کانپوءِ، ڄام فيروز ۽ ٺٽي جي ماڻهن خوشيءَ جا نقارا وڄائي جشن ڪيو آهي. جنهن تي ميرزا شاهه حسن جي غيرت ۾ جوش آيو ۽ سندس ڪاوڙ جي باهه اُلا هڻڻ لڳي. اميرن ۽ وزيرن گجرات هلڻ ۾ مصلحت نه ڏسي ٺٽي فتح ڪرڻ ۽ ڄام فيروز جي پاڙ پٽڻ جو ارادو ڪري منزل به منزل اُن سفر کي طئي ڪيو. جڏهن ڄام فيروز، ميرزا شاهه حسن جي اچڻ جي خبر ٻڌي ۽ شاهه حسن جي حشم و خدم جو اطلاع مليس ۽ لشڪر جي ڪثرت جي خبر پيس، تڏهن مقابلي جي طاقت ۽ لڙائيءَ جو تاب نه ساري ڀجي وڃڻ کي ترجيح ڏنائين. ٿوري ئي وقت ۾ ٺٽي جو شهر خالي ڪري، درياءَ ڏي رخ ڪيائين. ناڪام، ڪيچ جي ملڪ طرف وڃي رهيو. ميرزا شاهه حسن عنايتِ ذوالمنن سان فاتح ٿي، ٺٽي ۾ داخل ٿيو.

ڄام فيروز چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺ ۾ پهچي اٽڪل پنجاهه هزار سوار ۽ پيادا سنڌي ۽ سمان گڏ ڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو ۽ ٺٽي جي شهر ۾ زلزلي جهڙو شور مچي ويو. جڏهن ميرزا شاهه حسن کي صورتحال جي خبر ئي تڏهن ڪجهه لشڪر ٺٽي شهر جي حفاظت لاءِ موڪلي ۽ ڪجهه درياءُ پار ٿي منزلون ڪندو، ڄام فيروز سان لڙائي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. جڏهن انهن حدن کي ويجهو ٿيو تڏهن لشڪر کي تربيت ڏئي اڳتي وڌيو ته اوچتو مخالفن جو لشڪر سامهون ظاهر ٿيو. جڏهن انهن ماڻهن مغلن جو لشڪر ڏٺو، تڏهن هڪدم گهوڙن تان لهي، مٿن تان پٽڪا لاهي، چادرن جا پلاند هڪٻي سان ٻڌي جنگ شروع ڪيائون. سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جو اهو قاعدو آهي ته جڏهن پاڻ، سرڌڙ جي بازي لڳائي ڪسجڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن گهوڙن تان لهي، ننگا سر ڪري، چادرون ۽ ڪمربند هڪٻئي سان ٻڌندا آهن. عاقبت الامر، ميرزا شاهه حسن صورتحال جو معائنو ڪري، پنهنجي اميرن کي فتح جي مبارڪ ڏني ۽ سپاهين کي تير و ڪمان هٿ ۾ کڻڻ جو ارشاد ڪيائين. اميرن ۽ سپاهين تراريون تيزي سان کڻي حملو ڪيو ۽ دشمن جي لشڪر ۾ زلزلو آندو. صبح کان شام تائين معرڪئه قتال و جدال گرم رهيو. اٽڪل ويهه هزار ماڻهو ميدان ۾ مارجي ويا. آخر ڄام فيروز کي شڪست آئي ۽ هو ناڪامياب ۽ ذليل ٿي گجرات هليو ويو ۽ ملڪ الموت سان ملاقات ڪرڻ تائين گجرات ۾ ئي رهيو.(1)

ميرزا شاهه حسن ٽي ڏينهن اتي منزل ڪري غنيمت وارو مال، گهوڙا ۽ سامان جيڪو هٿ آيو هوس، سو پنهنجي ماڻهن کي ورهائي ڏنو ۽ وڏن اميرن کي قسمين قسمين جي انعام و اڪرام سان نوازيائين. پوءِ اتان موٽي ٺٽي شهر ۾ منزل ڪري، فتح ۽ ڪاميابيءَ سان تغلق آباد ۾ قيام پذير ٿيو. ڇهن مهينن کانپوءِ، عازمِ بکر ٿي، منزل بمنزل سفر طئي ڪري، جڏهن بکر کان ٽيهن ڪوهن جي فاصلي تي پهتو، تڏهن بکر جا امراء، حڪام ۽ اڪابر، ميرزا شاهه حسن جي استقبال ۽ ملازمت سان شرفياب ٿيا. ميرزا به هنن ڏانهن خاص توجهه ڪري، کين انعام و اڪرام سان نوازيو. انهيءَ سال جناب شيخ ميرڪ پوراني، قنڌار مان سنڌ تشريف فرما ٿي، ميرزا شاهه حسن جي ملازمت سان منسلڪ ٿيو.

ٻن سالن کانپوءِ ميرزا شاهه حسن 930هه ۾ ملتان کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪري، حڪم ڪيائين ته لشڪر کي تعداد ۾ وڌايو وڃي. 931هه جي شروع ۾ ميرزا شاهه حسن ملتان جي طرف خاص توجهه ڏئي روانو ٿيو. جڏهن اُچ ۾ پهتو، ته بلوچ ۽ لانگاهه لڙائي ڪرڻ لاءِ آيا ۽ ملتان جو لشڪر ميرزا شاهه حسن جي لشڪر کان سئوڻو هو. ميرزا شاهه حسن، الله تعاليٰ تي ڀروسو ڪري جنگ جي ارادي سان سوار ٿي، لشڪر جي ترتيب، تقدير تي ڇڏيائين. جڏهن ٻئي بهادر لشڪر هڪٻئي جي سامهون اچي بيٺا، تڏهن پهريائين هوڏانهن لشڪر آتشِ قتال جي باهه ڀڙڪائڻ ۾ مشغول ٿيو. هوڏانهن لانگاهن ۽ بلوچن جي لشڪر تيرڪمان هٿن ۾ ڪري تير وسائڻ شروع ڪيا، سخت لڙائي لڳي. آخرڪار ميرزا شاهه حسن کي فتح ٿي ۽ لانگاهن جو ڪيترو لشڪر قتل ٿي ويو. اُچ جو قلعو فتح ٿيو ۽ ميرزا شاهه حسن اُچ جي عمارت کي ڊاهڻ جو حڪم صادر ڪيو.

ميرزا شاهه حسن جي غلبي جو آواز، جڏهن ملتان جي حاڪم سلطان محمود لانگاهه جي ڪن تي پيو، تڏهن بلوچن، جتن، رندن، دودائين ۽ ٻين سپاهين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سڀني طرفن ۽ سرحدن ڏانهن ماڻهو موڪليائين، جنهن تي هڪ مهيني جي عرصي ۾، اسي هزار سوار ۽ پيادا ملتان ۾ گڏ ڪري هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو. سلطان محمود لانگاهه، نهايت غرور سان، ملتان مان نڪري جنگ جي ميدان ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن ميرزا شاهه حسن، سلطان محمود لانگاهه جي لشڪر گڏ ڪرڻ جي خبر ٻڌي، گهاري واهه جي ڪناري تي لهي انتظار ڪرڻ لڳو. سلطان محمود لانگاهه به ملتان جي ٻاهران هڪ مهينو رهي، گهڻوئي لڙائي جو ساز و سامان ۽ هٿيار تيار ڪري روانو ٿيو. اڃا هڪ منزل طئي ڪيائين ته سندس دماغ ۾ وڏائيءَ جي هوا ڀرجي وئي.

بيخبر زانکه نقشبند قضا
در پسِ پرده نقشها دارد

اتفاقاً شيخ شجاع بخاري،  جيڪو سلطان محمود لانگاهه جو نياڻو هو ۽ جنهن کي مالي خواهه ملڪي ڳالهين ۾ نهايت اقتدار حاصل هو، تنهن موقعو ڏسي، ٻانهين ۽ خاصخيلياڻين مان ڪنهن هڪ سان خيانت ڪئي، جنهن ڳالهه جي ٻڌڻ سان سلطان لانگاهه جي ڪاوڙ جي باهه ڀڙڪجي پيئي، تنهنڪري شيخ مذڪور، پنهنجي حياتي کي سلطان محمود جي موت تي منحصر ڏسي، زهرِ هلاهل، جيڪو خزاني ۾ ٻين لاءِ سلطان محمود رکايو هو، سوئي سلطان محمود تي استعمال ڪيائين. جنهن جي اڌ ڍُڪ پيئڻ سان هو اهڙو بيهوش ٿيو، جو وري هوش ۾ نه آيو. هن قضيه کان پوءِ بلوچ، جن جي لشڪر ۾ اڪثريت هئي، سي ڪاوڙجي لشڪر مان نڪري ويا. لانگاهن، سلطان محمود جي پٽ سلطان حسين کي حڪومت جي گادي تي وهاريو ۽ صلح کانسواءِ ڪو ٻيو علاج نه ڏسي، مخدومزاده شيخ بهاؤالدين کي صلح جي غرض سان وچ ۾ آندائون. جڏهن شيخ، ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ التماس ڪيائين ته يڪدم شيخ جي التماس کي قبول ڪيو ويو. ميرزا شاهه حسن واپس ٿيو ۽ اُچ ۾ ترسيو ۽ حڪم ڪيائين ته ٻيوقلعو تعمير ڪيو وڃي. ان وچ ۾ لنگر خان جيڪو سلطان محمود جي اميرن مان هو، سو به ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته سلطان محمود جو فرزند، سلطان حسين، جيڪو اڃا ننڍي عمر جو آهي، جنهن جي هٿان ڪوبه ڪم ٿي نه ٿو سگهي، جنهنڪري ملتان ۾ فتنا، فساد، ظلم ۽ زبردستيون شروع ٿي ويون آهن. تنهنڪري هاڻي مکيه ماڻهو، عام رعيت ۽ اڪابر سمورا ملڪ جي حاڪم جا ڳولائو آهن، سو لنگر خان جو عرض ٻڌي، ميرزا وري ملتان کي فتح ڪرڻ لاءِ ويو. جنهن تي لانگاهه ۽ هن جي لشڪر قلعه بندي ڪري ڇڏي.  ميرزا شاهه حسن قلعي کي، سوڙهي گهيري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هر روز جنگ و جدال ٿيندي هئي. انهيءَ عرصي ۾ ملتان ۾ عظيم قحط رونما ٿيو. ايتريقدر جو ڍڳي جو گوشت، ڏهن تنڪن جي برابر ٿيو ۽ هڪ مڻ اناج جي قيمت سؤ تنڪن جي برابر ٿي. بهر نوع هڪ جماعت صبح جي وقت، دروازن کي ڀڃي ۽ گرزن سان حملا ڪري ڦرلٽ ڪئي. ستن سالن کان وٺي ستر سالن تائين عمر جا ماڻهو قيد ٿيا. لانگاهن جو لشڪر اڪثر مارجي ويو. ان کان پوءِ ميرزا شاهه حسن کي رحم آيو ۽ حڪم ڪيائين ته باقي بچيل رعيت سان ڪوبه کنؤنس نه ڪري. مخدوم زاده شيخ بهاؤالدين، سلطان محمود جي پٽ، سلطان حسن ۽ ان جي ڀيڻ کي، ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ وٺي آيو. شيخ زادي جي لحاظ  سببان، ميرزا هنن کي امان ڏئي، مارڻ کان درگذر ڪيو. ٻن مهينن تائين ميرزا شاهه حسن ملتان ۾ ترسيو. دوست ميرزا ۽ خواجه شمس الدين کي ٻه سؤ سوار ۽ هڪ سؤ پيادا، سؤ توبچي ڏئي، ملتان جو حاڪم مقرر ڪيائين ۽ هڪ عرضداشت حضرت ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه جي خدمت ۾ موڪلي ملتان جي پيشڪش ڪري، بکر واپس آيو ۽ پوءِ بکر کان ٺٽي روانو ٿيو. هر طرف کان مطمئن ٿي شهر ۾ داخل ٿيو.

پندرنهن سال فارغ البالي سان عيش و عشرت ۾ گذاريندي ماهه رمضان 949هه ۾ حضرت جنت آشياني نصيرالدين همايون بادشاهه، شير خان (شيرشاهه) کان شڪست کائي لاهور کان سنڌ ۾ آيو ۽ روهڙي ۾ ترسيو(1). بادشاهه پنهنجي سر اچي ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ لٿو، جنهن جي نزاڪت ۽ لطافت ۾ ڪابه جڳهه مٽ نه هئي. سلطان محمود، بکر ولايت کي ويران ڪري وڃي قلعي ۾ ويٺو. حضرت جنت آشياني، امير طاهر صدر ۽ سمندر بيگ جن کي، پهريائين ميرزا شاهه حسن ڏانهن ٺٽي موڪلي، ڏانهس خط لکيو. جنهن ۾ (شاهه حسن) ۽ حضرت فردوس مڪاني بابر بادشاهه جن جي وچ ۾ جيڪي عنايت، اخلاص ۽ يڪجهتي جا واعدا ٿيا هئا، سي ظاهر ڪيائين. ميرزا شاهه حسن، بادشاهه جي قاصدن کي ادب ۽ احترام جي نظرن سان ڏسي، تجويز ڪيو، ته جيڪڏهن حضرت بندگان گجرات جي تسخير جو ارادو ڪري ته پوءِ آءٌ عهدو پيمان  جي توثيق ڪري، سندس حضوري جي شرف کان مشرف ٿيندس بلڪ حشمء“ لشڪر سان پڻ همرڪاب رهندس ۽ هاله ڪنڊي کان دريائي شور تائين، بادشاهي خانه داري جو خرچ آءٌ ڪندس ۽ اُن ملڪ جي فتح کانپوءِ آءٌ واپس ٿيندس. هن قرارداد کانپوءِ، جناب شيخ ميرڪ پوراني ۽ ميرزا قاسم طغائيءَ کي لائق تحفا ڏئي، حضرت بادشاهه جي خدمت ۾ موڪليائين. جن بادشاهه جي حضوري جو شرف حاصل ڪري، ميرزا شاهه حسن جي اخلاص ۽ عرض گذاري جي حقيقت، همايون بادشاهه کي ٻڌائي ۽ پڻ عرضداشت گذارش ۾ آندي.

ٿورن ڏينهن کانپوءِ ايلچين کي رخصت ڪيو ويو. فرمان عالي خط جي صورت ۾ مزين ٿيو، جنهن جو مضمون هي هو ته، سلامن کانپوءِ (شاهه حسن کي) لکجي ٿو ته: جيڪو تو التماس ڪيو آهي سو قبول آهي، بشرطيڪ عقيدت سان خدمت ۾ حاضر ٿيندين والسلام:

ڪيترو وقت ميرزا شاهه حسن، سچي دل سان خدمت ۽ اطاعت جو عزم رکندو آيو ليڪن، ارغوني امير، ميرزا سان ان صلاح ۾ موافق نه ٿيا جو، کيس سندس حال تي رهڻ نه ڏيندا هئا. هنن مذڪوره مشوري تي عمل نه ڪيو ۽ حيلي، مڪر ۽ فريب سان جهيڙي جا دروازا کوليائون، بلڪ مذڪوره ارادي کي تاخير ۾ وجهي ڇڏيائون. حضرت بادشاهه باغ ۾ پنج مهينا بسر ڪيا ته، شايد ميرزا شاهه حسن خدمت جي توفيق سان بندگي بجا آڻي، اطاعت ۽ فرمانبرداري جا طريقا اختيار ڪري. جڏهن ارغونن جي نيت کان بادشاهه واقف ٿي و، تڏهن پهرين جمادي الاول 948هه جي بادشاهي لشڪر، سيوستان جي طرف روانو ٿيو. جڏهن لشڪر سيوستان جي ويجهو پهتو، تڏهن قلعي وارن کي سوڙهو گهٽيائون. ميرزا شاهه حسن جڏهن اها خبر ٻڌي تڏهن ٺٽي کان، سنَ ۾ اچي کاهي کوٽي اُتي ترسيو، جنهن تي حضرت همايون بادشاهه، حڪم ڪيو ته سرنگهه هڻو. سرنگهه کانپوءِ برج (ٺلهه) جو هڪ ٽڪرو اڏامي ويو پر قلعي وارن يڪدم ٻي ڀت تيار ڪري ورتي. ان بعد حضرت جنت آشياني کي محسوس ٿيو ته ارغونن جو انتظام مضبوط آهي ۽ قلعي کي فتح ڪرڻ جا هٿيار اسان وٽ پڻ موجود نه آهن. سو ستن مهينن تائين اهو محاصرو جاري رهيو. مخالف، هوائون، درياء جي اٿل سببان ۽ اناج جي گهٽ پهچڻ ڪري، اڪثر لشڪر تي تنگي ٿي، ان وچ ۾ راجا مالديو جوڌپوري جو پيغام پهتو ته آءٌ حضور جي غائبانه چاڪري قبول ڪري، برڪت ڀرئي بادشاهه جي اچڻ جو منتظر آهيان. جيڪڏهن توهان جي سواري مبارڪ، هن طرف مشرف ٿيندي، ته هي بندو ويهن هزارن راجپوتن سان، حضرت بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي، جيڏانهن به چڙهائي ڪندؤ تيڏانهن دل و جان سان، نوڪري بجا آڻيندو.

حضرت بادشاهه، ماهه ربيع الاول 949هه جي راجا مالديو، جي طرف روانو ٿيو. منزلن ۽ مرحلن جي طئي ڪرڻ کانپوءِ، جڏهن راجا جي ملڪ وٽ پهتو، ته ڪي ماڻهو، جيڪي اُتي جي آسپاس جي رهڻ وارا هئا، تن حضرت بادشاهه جي ملازمن کي راجا جي غداري جو يقين ڏياري چيو ته، شير خان افغان جو غلبو ڏسي ساڻس ٺڳي وارن ڪيل وعدن سببان، راجا مالديو ڪئمپ جو رستو جهلي، دست اندازي ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر بيهاري بيٺو آهي. بادشاهه ان خبر ٻڌڻ سان ڪاوڙجي ۽ پريشان ٿي، مشوري کان پوءِ فوراً ئي ساتلمير ڏي رخ ڪري اُتان تڪڙو تڪڙو جيسلمير جي طرف روانو ٿيو ۽ وري اُتان منزل بمنزل طئي ڪندو، عمرڪوٽ ڏي روانو ٿيو. پر نهايت تيزي سان ۽ پاڻيءَ جي قلت سببان عمرڪوٽ پهتو (راڻو) ناوير سال، جيڪو اتي جو حاڪم هو، سو خود استقبال لاءِ نڪري اچي، بادشاهه جي رڪاب بوسي جي سعادت حاصل ڪئي ۽ قلعي جو وچ بادشاهه لاءِ خالي ڪيائين. ڪجهه ڏينهن بادشاهه ان قلعي ۾ رهيو. ٺٽي جي ماڻهن مان، جناب سيادت مآب سيد علي شيرازي، جيڪو ان وقت، ”شيخ الاسلام“ هو، تنهن بادشاه جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي تحفا، نذر ۽ قسمين قسمين جا ميوا ۽ عطر وغيره پيش ڪيا. آرتوار جي رات ماهه رجب 949هه جي حضرت شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه تولد ٿيو. حضرت بادشاهه، فرزند ارجمند جي ولادت کان نهايت خوش ٿيو ۽ پوءِ سڀ کان پهرين نور وارو لباس (اڪبر) لاءِ برسبيل تبرڪاً (سيد علي ثاني) جي پهراڻ مان تيار ڪيو ويو. جنهن صورت ۾ عمرڪوٽ لشڪر جي بار کڻڻ جهڙي جاءِ نه هو، تنهنڪري لاچار بادشاهه جي اميرن جو رايو سنڌ ڏانهن وڃڻ جو ٿيو. ٿوري ئي وقت ۾ جوڻ جي ڳوٺ ۾ پهتا، جيئن ته اهو ٽڪرو سنڌونديءَ جي ڪناري تي واقع هو. جنهن کي ريڻ به چون ٿا، باغات ۽ نهرن جي گهڻائي ۽ ميون ۽ ڦلن جي لطافت کان ساري سنڌ ۾ ممتاز آهي. اُتي مذڪور ڳوٺ ۾ باغن جي وچ ۾ قيام ڪيو ويو. ميرزا شاهه حسن پڻ درياء جي ٻئي ڪپ تي، سامهون پنهنجو لشڪر وٺي اچي لٿو. جوڻ جي آسپاس ۾ بادشاهي لشڪر ۽ ارغونن جي لشڪر ۾ جنگ پئي ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن تيمور سلطان، شيخ علي بيگ ۽ تردي بيگ خان  ۽ ٻيو لشڪر، اناج سان ڀريل قلعي تي حملي لاءِ تيار ٿيا، ته اوچتو سلطان محمود بکري کي خبر پئي، جنهن هڪ ڪثير لشڪر سان علي الصباح، هنن کي واپس ڪيو. يعني شيخ علي بيگ پنهنجي اولاد سميت ثابت قدم رهي جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿيو ۽ باقي لشڪر جي بهادرن ۽ دلاورن، ميدانِ ڪارزار مان، عالمِ بقا جي طرف رخ ڪيو. شاهه حسن جي ماڻهن مان به ڪيترائي قتل ٿيا. هن واقعي کان پوءِ بادشاهه جي دل نهايت غمگين ٿي ۽ ڪي ٻيا سبب پڻ پيدا ٿيا، جنهنڪري سنڌ تان دل کڻي قنڌار ڏانهن وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيائين.

انهي عرصي ۾ تاريخ 7 ماهه محرم 950هه جي بيرم خان پڻ اڪيلو گجرات کان بادشاهه جي خدمت ۾ پهتو. بادشاهه جي ڦٽيل دل تي مرهم رکي، صلح  جون ڳالهيون ڪيائين. ميرزا شاهه حسن موقعي تي غنيمت ڄاڻي ۽ راضي ٿي سؤ هزار مثقال نقد ۽ ٻيو سفر جو سامان تيار ڪرائي ٽي سؤ گهوڙا، ٽي سؤ اُٺ، خدمت موڪلي ۽ هڪ پل، همايون بادشاهه جي لاءِ تعمير ڪرايائين. جنهن جي تاريخ ”صراطِ مستقيم“ (950هه) مان نڪتي. تاريخ 7 ربيع الاخر 950هه جي همايون بادشاهه قنڌار ڏي رخ ڪيو ۽ ميرزا شاهه حسن ٺٽي ڏي واپس ويو.

چون ٿا ته حياتيءَ جي پوئين وقت ۾ ميرزا شاهه حسن فالج ۾ مبتلا ٿيو. تڏهن ڪمينا ۽ رزيل ماڻهو سندس محرم راز ۽ خاص خدمتگار ٿيا، جنهنڪري ارغون، ترخان ۽ ٻيا سمورا مخلص مغل، ملازمت کان محروم ٿي وڇي پنهنجن گهرن ۾ رهڻ لڳا، ڪميڻا ۽ رزيل روز بروز ترقي ڪندا ويا، بهرحال 960هه جي شروع ۾ ٺٽي شهر جي اربابي - عربي ڳاهي - جي حوالي ٿي ۽ رعايا جي ڪاروبار جي نگراني تي پڻ اسماعيل ٻهارو مقرر ٿيو. نيٺ مذڪوره سال جي آخر ۾، ميرزا شاهه حسن، عربي ڳاهي کي تغلق آباد ۾ پنهنجو جانشين مقرر ڪيو. شهر جي حفاظت، پنهنجن زر خريد معتمد غلامن، شبيهه ۽ رفيق جي حوالي ڪري، مغلن، ارغونن ۽ ترخانن کي انهن جي تابع رکي پاڻ بکر ڏي روانو ٿيو. نوبت ايستائين ٿي جو عربي ڳاهي، جي پٽن ظلم جا هٿ اڳتي وڌايا ۽ مغلن کي تڪليفون ۽ آزار پهچائيندا رهيا. جنهن کان ارغون ۽ ترخان ٺٽي ۾ پريشان ۽ غمگين ٿيا. ٻئي طرف عربي ڳاهي، ميرزا شاهه حسن کي عرضداشت ڪئي ته ارغون ۽ ترخان تنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري جي طور طريقن کان نڪري چڪا آهن ۽ طرحين طرحين جا باطل خيال پنهنجي دلين ۾ پيا آڻين. جنهنڪري شڪ آهي ته هي ملڪ تنهنجي هٿن مان نڪري وڃي، تنهنڪري اڳواٽ ئي توکي آگاهه ٿو ڪجي. مذڪوره خبر ٻڌي ميرزا شاهه حسن، ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو ۽ جواب ۾ لکيائين ته اهو فتنو ارغونن مان مير فرخ، مر ڪيبڪ، مير تيمور، مير فاضل ۽ مير خلد وغيره وارن ڪيو هوندو. جن هن کان پهرين به اهڙيون حرڪتون ڪيون هيون. تنهنڪري مناسب آهي ته هنن مڙني کي قلعي ۾ قتل ڪرايو وڃي. باقي رهيل سمورا، توهان جا مطيع ۽ فرمانبردار ٿيندا. ان کانپوءِ مڪر ۽ فريب جي عنايتن سان هڪ فرمان جاري ڪري، سمورن مغلن کي آگاهه ڪيائين ته توهين سڀئي منهنجا ڀائر ۽ هم خاندان آهيو ۽ هي ماڻهو ڪنهن معنيٰ ۾ توهان جا نوڪر ۽ ٻانها آهن. مون سمن جي خلاف، هنن ذليلن کي ان مرتبي تي آندو آهي. جيڪڏهن توهان ماڻهو هنن کي عزت ڏيندا ۽ منهنجي حڪم مڃڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ هنن جي اطاعت ڪندا، کين عزت جي نظرن سان ڏسندا ته پوءِ هي ماڻهو معزز ٿي ۽ توهان جون خدمتون به سرگرمي سان ڪندا ايندا. قصو مختصر، اهڙا به فرمان، مغلن جي هٿ چڙهيا ۽ بدعهدي، غداري سان پنهنجي قتل ٿيڻ بابت پڻ آگاهه ٿيا. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو سمورا مغل، ميرزا شاهه حسن کان منهن موڙي باغي ٿيا. ماهه محرم 961هه جي شروع ۾، عربي ڳاهو، رفيق، شبيهه ۽ اسمعيل قتل ٿيا. ٻئي طرف ميرزا شاهه حسن جي حرم ماهه بيگم کي، پنهنجن خاصخيلين سان قيد ڪيو ويو، پوءِ سڀني پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته هڪ سردار کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي ۽ هڪ ئي سردار جي سرداري کي قبول ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسين حڪومت کي اڳتي هلائي سگهون. ليڪن هنن سڀني ۾ اهو عيب هو يعني هرڪنهن سردار ٿيڻ جو گمان پاڻ ۾ ٿي رکيو ۽ ٻئي جي سردار ٿيڻ تي راضي نه ٿي ٿيا  ته اهو اهم عهدو ٻئي کي ڇو ملي؟ آخرڪار اهو طئي ٿيو ته اسان ارغون هڪٻئي کي سلام ۽ ڪورنش نه ٿا ڪريون، تنهنڪري مصلحت انهي ۾ آهي ته ترخان قوم مان ڪو پنهنجو سردار ڪريون. سو اهڙي امر تي آمادگي ۽ قابليت وارو، ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان آهي، جيڪو هن وقت ڳوٺ فتح باغ جو حاڪم آهي ۽ پڻ مردانا، مدبر ۽ سردار زادو آهي ۽ اهو اسان جي چوڻ کان هرگز ٻاهر نه ويندو. جنهن بعد مذڪوره ميرزا کي فتح باغ مان سڏائي ساڻس پنهنجي مقصد جو اظهار ڪيائون ۽ مرزا عيسيٰ به خوش اخلاقي سان پيش اچڻ ۾ نهايت پختگي رکندو هو. تنهنڪري آمادگي جو اظهار ڪري ۽ حڪم وٺي ٺٽي جي مسندِ حڪومت تي ويٺو ۽ سمورا امير به سندس تابع ٿيا. درباري آداب ۽ ڪورنش ۽ سلاطين واريون تعظيمون بجا آڻي، اطاعت جي ڪمربند جان سان ٻڌائون. ميرزا عيسيٰ ترخان جي چوڻ تي پري پري، نوبتون ۽ نقاره وڄايائون. مذڪوره ميرزا خزاني تي قبضو ڪري ڪافي رپيا لشڪر کي ڏنا. جنهن بعد ڪثير لشڪر تيار ٿيو ۽ پنهنجي خاندان ۽ قبيلي جي ماڻهن تي، پنهنجي اثر کي قوي ڪيائين. بهرحال مٿئين خبر ٻڌي، ميرزا شاهه حسن تپي باهه ٿيو. ارغونن ۽ ترخانن جي هڪ جماعت جيڪا بکر ۾ هئي جهڙوڪ ميرزا جاني بيگ ترخان، مير احمد ترخان، مير حمزه بيگلار ۽ مير مراد حسين بيگ وغيره. هنن سڀني کي قيد ڪري ۽ وڏي لشڪر سان ارغونن ۽ ترخانن جي قتل و غارت جي ارادي سان ٺٽي روانو ٿيو. جڏهن ٺٽو ٻن ڪوهن تي ٿيو، تڏهن ساپاهه واهه جي ڪناري جي ويجهو، ٻنهي طرفن جو لشڪر جنگ لاءِ تيار ٿيو ۽ ٻه ٽي دفعا لڙائي ۽ مقابلا به ٿيا، هردفعي ٻنهي طرفن کان، ڪيترائي لشڪر جا ماڻهو برباد ۽ تلف ٿيا. جنهن وقت ٻنهي طرفن ۾ لڙائي ڀڙڪي، ته ان وچ ۾ ميرزا شاهه حسن مرض الموت ۾ مبتلا ٿيو. سلطان محمود خان بکري، ميرزا شاهه حسن جي عظيم اميرن مان هو ۽ سندس لشڪر جو پڻ سپہ سالار هو. هي مير فاضل ڪوڪلتاش جو پٽ هو ۽ اهو پٽ، عادل خواجه بن احمد(1) ملوڪ حيز (؟) اصفهاني جو هو. جڏهن صاحبقران امير تيمور گورگان، عراق کي فتح ڪرڻ لاءِ آيو، تڏهن اصفهان جي بادشاهن، سرڪشي ڪئي ۽ اطاعت و فرمانبرداري جي دائري ۾ نه آيا، جنهن بعد صاحبقران، انهن کي قتل و تاراج ڪرڻ جو حڪم ڪري، قاهره جي لشڪر مان هڪ فوجي دستو، انهن جي سرانجامي لاءِ مقرر ڪيو. انهي حملي ۾ عادل خواجه جو والد، احمد خواجه، ميرزا ذوالنون جي والد مير حسن بصري کي هٿ لڳو، جنهن کانپوءِ احمد خواجه کي مير مذڪور پنهنجو ربيب (پٽيلو) ڪيو ۽ ان جي تعليم و تربيت تي خاص نظر رکندو هو. احمد خواجه، ٽن پشتن سان، ملڪ محمودخان تائين پهچي ٿو ۽ ملڪ محمود خان فياضي ۽ سخاوت جي ڪثرت سبب مشهور هو جنهن جو شجره نسب، اوڻينهن واسطن بعد، عدي بن حاتم تائين پهچي ٿو. حقيقت به اها آهي ته سلطان محمود خان بکري، پنهنجي فطرت ۾ فياضي ۽ سخاوت جي جوهر سان  ڀريل هو. هو شجاعت ۽ بهادري ۾ پڻ بينظير هو. هي مرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ رهي متعدد جنگيون وڙهيون. پر جڏهن هن ڏٺو ته ميرزا شاهه حسن آخرت جي سفر ڏانهن راهي ٿيڻ وارو آهي، ازانسواءِ هر روز پيا مسلمان قتل ٿين ۽ ائين به سمجهيائين ته ميرزا شاهه حسن جي وفات کانپوءِ، منهنجي حڪومت ۾ مشڪل رڪاوٽون پون ۽ پوءِ اُن گرداب مان نڪرڻ جي ڪا صورت نه ٿئي. تنهنڪري خفيه طور ميرزا عيسيٰ ترخان کي پيغام موڪليائين ته شاهه حسن چند ڏينهن جو مهمان آهي. مون کان ۽ توکانسواءِ ٻيو ڪو وچ ۾ نه آهي. تنهنڪري مناسب آهي ته صلح جا طريقا، اسان کي پيش نظر رکڻ گهرجن. ٻئي طرف پنهنجي وليِّ نعمت کان به منهن موڙڻ نه گهرجي. جيستائين ميرزا شاهه  حسن جيئرو آهي، تيسين اسان هن سان سرڪشي نه ٿا ڪري سگهون. هن جي وفات کانپوءِ، هي مملڪت اڌو اڌ، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ تقسيم ٿيندي ۽ پوءِ لڪيءَ کان دريائي شور وارو پاسو تنهنجي تعلق ۾ رهندو ۽ لڪي جي ٽڪر کان بکر جي علائقي تائين، جو تعلق مون سان ٿيندو.

صبح جو سلطان محمود بکري جي اشاري تي، جناب شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ ميرزا قاسم بيگلار، ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ آيا، جن پهرين معذرت ڪئي ته ارغونن جيڪا ميرزائن جي غلامن جي حق ۾ بي ادبي ڪئي آهي، تنهن کان ميرزا عيسيٰ ترخان شرمندو ۽ پشيمان آهي. جيڪڏهن سندس خطائون معاف فرمائي قيد ڪيل ارغونن ۽ ترخانن کي آزاد ڪرڻ فرمائيندا ته مهرباني جو اميدوار ٿي خدمت ۾ حاضر ٿيندو. ميرزا شاهه حسن کي رحم آيو، جنهن ارغونن ۽ ترخانن کي قيد مان آزاد ڪري، ميرزا عيسيٰ ڏي موڪليائين. ميرزا عيسيٰ به، ماهه بيگم کي ميرزا جي خاصخيلين سان ميرزا جي لشڪر ۾ پهچايو. ٻئي ڏينهن ميرزا قاسم بيگ، مرحمت جي نشان (خط) سان ميرزا عيسيٰ ترخان وٽ آيو. جنهن جو هي مضمون هو ته: تو هي ملامت خود اختيار ڪئي آهي ۽ طرفين جي بدنامي تي پڻ راضي ٿيو آهين. خير جيڪي ڪجهه ٿيو سو ٿيو، في الحال عنايت جو اميدوار آهيان ته، تون دل جمعي سان ملازمت ڪر يا پنهنجي پٽ کي موڪل ته آءٌ قصداً، پنهنجي مهرباني سان ٺٽي شهر جي حڪومت ان جي سپرد ڪريان، ۽ پوءِ آءٌ بکر واپس هليو وڃان.

جڏهن ارغونن ۽ ترخانن ۽ لشڪر، عاقبت انديشي ۾ مصلحت نه سمجهي ۽ ميرزا عيسيٰ کي به ڪا صلاح نه ڏنائون، تڏهن ميرزا عيسيٰ پنهنجي پٽ محمدباقي ڏي منهن ڪري چيو ته توکي گهرجي ته تون وڃ. جنهن تي هن انڪار ڪري چيو ته جيڪڏهن بندي کي قتل لائق سمجهيو وڃي ٿو ته پوءِ توهان خود هٿ سان ماريو پر دشمن جي هٿ ۾ ڇو ٿا مون کي ڏيو. جنهن کان پوءِ هن پنهنجي ٻئي پٽ ميرزا محمد صالح جي طرف رخ ڪيو. هن اُٿي تسليم بجا ڪئي، ته جيئن پيءُ جي دل کي خاطري ٿئي ۽ پوءِ پيءُ کي چيائين ته هي بندو ويندو ۽ هيءَ ڳالهه ٻن ڳالهين کان خالي نه هوندي. يا هو وعدو پورو ڪندو يا انڪار ڪندو. جيڪڏهن پنهنجي وعدي کي پورو ڪيائين ته عين مراد آهي پر جي خدانخواسته ٻيو پهلو واقع ٿيو ته پوءِ مون کي پهرين تنهنجي سر جي سلامتي منظور آهي، آءٌ توتان قربان ٿي ويندس ۽ شهادت جي درجي تي پهچندس. ميرزا عيسيٰ ترخان پٽ جي شجاعت ۽ جرائت کي ڏسي، شفقت پدري سان بغلگير ٿي، کيس رخصت ڪيو. ميرزا محمد صالح اَٺن ڄڻن، آزمودگار جوانن ۽ پڻ ميرزا محمد قاسم بيگلار سان تاريخ 4 ماهه ربيع الاول 961هه جي، ميرزا شاهه حسن جي خدمت ۾ پهچي تحفا نذر ڪيائين. ميرزا شاهه حسن به هن کي شاهاڻي نوازش سان نوازيو ۽ هن جي حسن عقيدت ۽ جرائت تي آفرين چئي کيس پنهنجي فرزندي ۾ آڻي، هن کي خلعتِ فاخره، ڪمربند، جڙاؤ خنجر، گهوڙو زرين لغام سان، مرصع دستار،  علم طوق ۽ نقاره مرحمت ڪري، ٺٽي جي حڪومت به کيس سپرد ڪري، رخصت ڪيائين، ان بعد ميرزا صالح سلامتي سان، مال غنيمت ساڻ ڪري ۽ فتح جا نقارا وڄائيندو ٺٽي ۾ آيو. جيڪي ڪجهه هن کي مليو، سو پنهنجي نامدار پيءُ جي سامهون اچي پيش ڪري، پنهنجي والد جي چاڪري ۽ خدمتگذاري ۾ قيام ڪيو. ميرزا شاهه حسن انهي وقت بکر واپس هليو ويو، تان جو تاريخ 12 ربيع الاول 961هه جي ٺٽي کان ويهه  ڪوهه پري، علي پوٽن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين. هن ٻٽيهه سال حڪومت ڪئي. ماهه بيگم ۽ شيخ عبدالوهاب لاش کي ٺٽي ۾ آڻي، مڪلي جي ٽڪري تي، ٻن سالن لاءِ بطور امانت جي، دفن ڪيو. ٻن سالن گذرڻ بعد ميرزا عيسيٰ ترخان جناب مير سيد علي شيرازي ۽ ماهه بيگم جي هٿان ميرزا شاهه حسن جي لاش کي مڪي معظم ڏانهن موڪليو، جتي پنهنجي پيءُ (ميرزا شاهه بيگ ارغون) جي قبر ڀرسان سپرد خاڪ ٿيو.

ميرزا عيسيٰ ترخان

ميرزا عيسيٰ ترخان بن ميرزا عبدالعلي ترخان بن ميرزا عبدالخالق ترخان بن ارغون خان (؟) بن ابقا خان بن هلاڪو خان بن تولي خان بن چنگيز خان آهي. جيڪو ميرزا شاهه حسن ارغون کانپوءِ ٺٽي جي حڪومت ۽ سلطنت تي ويٺو. ميرزا عيسيٰ، صفاتِ حميده ۽ پسنديده وصفن جي صفتن سان سينگاريل هو. هو اسلام جي اشاعت ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندو هو. سادات عظام ۽ مشائخ ڪرام جي تعظيم و توقير ڪندو هو. اهل الله ۽ صلحا سان اخلاص ۽ اعتقاد وارو سلوڪ ڪندو رهندو هو، علماء، فضلاء جو دوست هو. لشڪر ۽ رعايا سان پڻ نهايت نرمي وارو برتاءُ ڪندو هو. هر ڪنهن سان سندس لائق رعايت ڪندو هو.

ميرزا عيسيٰ پنهنجن پٽن مان وڏي پٽ ميرزا صالح ترخان کي وليعهد مقرر ڪري، مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ، ملڪي امور کي نبيرڻ لاءِ، مطلب ته سموريون حڪومت جون واڳون وغيره. وليعهد جي سپرد ڪيائين. بهرنوع رسمي بادشاهي کانسواءِ باقي پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکيائين.
ميرزا محمد صالح شجاعت ۽ فوجي پيشي ۾ بي نظير هو. اهڙو ڪو ٻيو نه هو، جيڪو ساڻس مقابلو ڪري سگهي. هو پنهنجي پيءُ جي اطاعت، خدمت ۽ بهتري، ڀلائي وارن معاملن ۾ پڻ دلچسپي رکندو هو. رعيت جو لشڪر جي رعايت جو نهايت خاص خيال رکندو هو. عوام جي ڀلائي ۽ باغين کي تنبيهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين. جنهن کان سمورو قبيلو، لشڪر ۽ رعايا کانئس نهايت خوش هئي، بلڪ سندس اطاعت ۽ موافقت ۾ دل و جان سان ڪوشش ڪندا هئا. ملڪ جو بندوبست ۽ نظم و نسق هن ٿوري ئي عرصي ۾ درست ڪري ڇڏيو.  جڏهن ميرزا صالح ترخان، ملڪ ۽ حڪومت کان مطمئن ٿيو، تڏهن ميرزا جان بابا جيڪو هن جي ڀائرن مان هو، تنهن کي پنهنجي پيءُ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڇڏي پاڻ تاريخ 14 ماهه شوال 961هه جي سيوستان جي قلعي کي محمود خان بکري جي ماڻهن کان خالي ڪرائي پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين. جڏهن اها خبر سلطان محمود خان کي پئي تڏهن لشڪر ڪٺو ڪري، بکر مان نڪتو ته جيئن مرزا صالح ترخان سيکت ڏي. وري جڏهن اها سموري خبر ميرزا عيسيٰ ترخان کي پئي، تڏهن ٺٽي مان هڪ وڏي لشڪر سان نڪتو ته بکر کي فتح ڪري.

محرم الحرام جي شروع ۾ 962هه ۾ بکر جي آسپاس اچي وارد ٿيو. سلطان محمود به هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آيو. طرفين ۾ جنگ ٿي. ٻه ٽي دفعا جهڙپون ٿيون. جنهن ۾ طرفين جا ڪيترائي سپاهي قتل ٿي ويا. سلطان محمود کي جڏهن مقابلي جي باقي طاقت نه رهي، تڏهن هو بکر جي قلعي ۾ قلعه بند ٿي ويٺو ۽ هوڏانهن ميرزا عيسيٰ ترخان قلعي کي مضبوط گهيرو ڪري، تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کان قلعي ۾ ماڻهن جو ڪاروبار ۾ مشڪل ۽ خلل پيا. لاچار سلطان محمود خان بکري، مير معصوم بکري جي ڏاڏي سيد مير ڪلان کي، ميرزا عيسيٰ ترخان ڏي موڪليو. جنهن کيس حقوقِ آشنائي، دوستي ۽ اخلاص کان آگاهه ڪري، التماس ڪيو ته بکر سلطان محمود کي ڏي جو هندستان جي سرحد تي واقع آهي ۽ حقيقت ۾ آهي به هن جو، باقي سيوستان ماتحت نوڪرن ۽ رشته دارن سميت ميرزا عيسيٰ ترخان جو آهي.

ان وچ ۾ خبر پئي ته فرنگي ، لاهري بندر کان، ميرزا عيسيٰ ترخان جي لشڪر جي مدد لاءِ آيا هئا پر ٺٽي شهر کي خالي ڏسي ڦرلٽ ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي قيد ڪري شهر کي باهه ڏنائون. (1) جنهنڪري موقعي جي لحاظ کان ميرزا عيسي! ترخان، سلطان محمود بکري جو عرض قبول ڪري، نئين سر عهدنامو ڪيو. اهڙي طرح جهيڙي کي نبيري، منزل بمنزل وڃي ٺٽي پهتو. جتي ملڪ جي عمارتن جي مرمت ۽ آبادي جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. اهڙي طرح مسندِ ڪامراني تي فارغ البالي سان حڪومت ڪندو رهيو.

967هه جي شروع ۾ ميرزا محمد باقي پيءُ سان سرڪشي ڪري باغي ٿيو. هن جي دعويٰ هئي ته آءٌ پيءُ جو وڏو پٽ آهيان ۽ وليعهد. ميرزا صالح اصولاً وليعهد نه ٿو ٿي سگهي، بهرحال نوبت جنگ تائين پهتي، ميرزا محمد باقي لڙائي ۾ شڪست کائي سوڍن جي رهائشگاهه، وَنگي ڏانهن ويو. جتي ساڻس جيڪي ارغون ٻڌل هئا سي پڻ سندس سنگت ۾ گڏجي عمرڪوٽ ۽ جيسلمير جي رستي کان بکر آيا، هتي ميرزا باقي، سلطان محمود بکري جي ملاقات جو شرف حاصل ڪيو. سلطان محمود به کيس مهرباني جي ڀاڪر ۾ وٺي مٿس نوازشون ڪري، سندس واجبي خاطر تواضع ڪئي. ميرزا عيسيٰ ترخان، فقط ميرزا محمد صالح ترخان جي دلداري خاطر، محمد باقي جي پٽ کي پڻ ٺٽي مان ڪڍي بکر ڏي موڪليو. جيتوڻيڪ ميرزا محمد باقي هندستان وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سلطان محمود خان انهي خيال کان ته متان هندستان کان ڪو لشڪر هيڏانهن آڻي ۽ پوءِ اهو لشڪر بکر مان ئي لنگهندو ۽ ممڪن آهي ته ملڪ جي نظام ۾ ڪو خلل پوي، سو انهي ڪري کيس هندستان وڃڻ کان روڪيندو آيو. بهرحال ميرزا محمد باقي کي اهڙي نموني جي تسلي ڏئي، مذڪوره ڳالهه کان روڪيندو آيو.

970هه ۾ ميرزا محمد صالح ترخان، جيڪو پنهنجي وقت جي بهادرن مان هو ۽ ڪيترين لڙاين ۽ مقابلن ۾ بهادري ۽ همت جا جوهر ڏيکاري فتحون ڪري چڪو هو، تنهن کي هڪ مريد نالي بلوچ شهادت جو شربت پئاريو. ان ڪري جو مذڪوره ميرزا، هن جي قوم ۽ قبيلي کي ڌاڙا هڻڻ ۽ چوريون ڪرڻ سببان قتل ڪيو.

مٿيون واقعو هن ريت ٿيو، يعني بدبخت مريد، داد خواهي جي رسم مطابق، ميرزا جي اچڻ واري رستي تي بيهي، هڪ عريضي هٿ ۾ جهلي، فرياد فرياد چوڻ شروع ڪيو. ميرزا صالح هن کي پاڻ ڏي ويجهو سڏي ۽ گهوڙي تان جهڪي درخواست وٺڻ لڳو. جنهن تي هن بدبخت ميرزا جي گردن ۾ هٿ وجهي پيٽ ۾ خنجر هنيو، جنهن بعد موتمار ۽ ڪاري زخم کان هو وڃي رحمتِ حق سان مليو. مذڪور شهادت جي تاريخ لفظ ”ظلم“ (970هه) مان نڪتي.

ميرزا صالح جي شهادت کانپوءِ ميرزا عيسيٰ ترخان، پنهنجي پٽ ميرزا جان بابا کي پنهنجو وليعهد ڪيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، سلطان محمود بکري، ميرزا باقي جي خطائن معاف ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي، جا قبول نه ٿي. ڪي امير جيڪي امير محمد باقي جا طرفدار هئا، تن ميرزا عيسيٰ کي چيو ته، آدابِ گفتگو ۾ اها ڳالهه سٺي نه ٿي لڳي ته توهان جو فرزند، سلطان محمود جو ملازم هجي. ميرزا عيسيٰ غيرت کان ڪنڌ کي هيٺ ڪري، جناب شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ مير يارمحمد، جيڪو ميرزا عيسيٰ ترخان جو ڀاڻيجو هو، تن کي ميرزا محمد باقي کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليائين. هي ٻئي ميرزا محمد باقي کي وٺي اچي، ميرزا عيسيٰ جي خدمت ۾ مشرف ٿيا. ميرزا عيسيٰ، سيوستان سندس جاگير ۾ مقرر ڪري کيس رخصت ڪيو.

ميرزا عيسيٰ بيگ، نهايت متحمل ۽ بردبار هو پر ارغونن ساڻس بيوفائي ۽ سرڪشي ڪري، مخالفت ۽ لڙائي جي ميدان ۾ قدم رکيو. آخرڪار جڏهن صلح بعد ارغون درياء لنگهي رهيا هئا، تڏهن ميرزا عيسيٰ جي ماڻهن اوچتو آتشبازي ڇوڙي، جنهنڪري هنن جا ڪيترائي ماڻهو تلف ٿيا ۽ باقي جيڪي بچيا سي شڪست کائي، پريشان ٿي بري حال ۾ بکر ڀڄي آيا ۽ سلطان محمود کي مدد لاءِ عرض ڪيائون. سلطان محمود هرهڪ کي گهوڙي ۽ خلعت سان سرفراز ڪري، پنهنجا ڳپل نوڪر ساڻ ڏيئي سيوستان ڏانهن روانا ڪيائين. سلطان محمود جي ماڻهن ارغونن سان ملي سيوستان جي قلعي جو محاصرو ڪيو. هڪ ٻه دفعا قلعي تي چڙهيا به پر ڪجهه ڪري نه سگهيا. جنهن بعد ميرزا عيسيٰ ترخان به هڪ وڏي لشڪر سان ٺٽي مان نڪتو. هو پهريائين هڪ فوج کي موڪلي چڪو هو ته هو، دشمن جي فوج کي قلعي کان پري هڪالي ڪڍي ۽ پوءِ اُنهن جي پٺيان پون. ڳوٺ رفيان ۾ ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ لڙائي جي باهه ڀڙڪي ۽ سلطان محمود جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا ۽ فتح غيب کان ظاهر ٿي، ميرزا عيسيٰ ترخان پٺتي ٿي، ڳوٺ درٻيلي جي ويجهو قيام ڪيو، جتي قلعو ٺاهي جنگ ڪيائين. آخرڪار ماهه بيگم ۽ شيخ عبدالوهاب پوراني جي معرفت صلح ٿيو. ان بعد ميرزا عيسيٰ ترخان ٺٽي واپس ويو.

974هه ۾ ميرزا عيسيٰ ترخان، بقا جي عالم ڏي رخ ڪيو(1) . سڪرات کان ڪجهه وقت اڳ ۾، سندس مرضي هئي ته، ارغونن، ترخانن ۽ ملڪ جي امراء ۽ حڪماء کي روبرو گهرائي ته جيئن هو  ميرزا جان بابا جي وليعهدي جي فرمانبرداري ڪن پر ماهه بيگم منع ڪيس، جو هن نه ٿي چاهيو ته اهو حق ڪنهن ٻئي کي ملي ۽ ائين به چيائين ته وڏو پٽ ميرزا محمد باقي جيئرو جاڳندو ويٺو آهي. جنهن تي ميرزا عيسيٰ چيو ته هو نهايت ظالم شخص آهي، هو خلق خدا کي ايذاء ۽ تڪليفون رسائيندو بلڪ تون پڻ هن جي هٿان مرندين. خدا جي قدرت، ٿيو به ائين جيئن عيسيٰ بيگ ماهه کي چيو.

ماهه بيگم جلدي سان، ميرزا محمد باقي ڏي پنهنجو ماڻهو موڪليو ۽ تيستائين ميرزا عيسيٰ جي وفات واري خبر کي ڪجهه ڏينهن مخفي رکيائين.

جيستائين ميرزا محمد باقي، سيوستان کان ٺٽي آيو، تنهن کانپوءِ جيڪو ميرزا عيسيٰ لاءِ مقبرو تعمير ٿيل هو، تنهن ۾ کيس دفنايو ويو. ميرزا عيسيٰ ترخان چوڏنهن سال حڪومت ڪئي.

 

* * *


(1) اهو اشارو ميرزا محمد صالح ثاني ۽ ميرزا عيسيٰ ثاني (المتوفي 1062هه) جي طرف آهي.

(2) اهو اشارو هن جي بادشاهه، شاهجهان جي طرف آهي.

(1)  1. نسب نامون، حضرت نوح کان ارغون ۽ ترخان تائين جيڪي سنڌ ۾ هئا.

2. حالات حضرت نوح کان ايلتمش بن ايڪو تيمور تائين جيڪو ارغون خان جي اولاد مان هو سو ٻن فصلن تي مشتمل آهي،

الف: خانان والا شان جا احوال، جيڪي ترڪستان جا هئا ۽ چنگيز خان جو خروج ۽ ان جي اولاد جي حڪومت، جن ايران ۽ توران ۾ حڪومت ڪئي.

ب: سلطان اسلام غازان خان بن ارغون خان بن ابقا خان بن هلاڪو خان انهن دليلن جي بنا تي جيڪي اسان مقدمي ۾ بيان ڪيا آهن. ان ڪري مندرجه بالا مضمونن جي تڪرار کي لازم نه سمجهي حذف ڪيو ۽ نسخئه الف خطي ورق (31/2) هو، ان سموري کي اسان متن ۾ آندو آهي.

(1)  ميرزا بديع الزمان بن سلطان حسين بايقرا ميرزا، متوفي شوال 920هه (1514ع)

(2) محمدخان شيباني، ولادت: 850هه/1446ع، وفات: 917هه/1511ع

(1)  قنڌار ڏي بابر جي نقل و حرڪت 923هه/1517ع ۾ ٿي هئي.

(1) امير سلطان علي ارغون، امير ذوالنون ارغون جو وڏو ڀاءُ هو.

(1) درياء خان تاريخ 11 ماهه محرم 927هه (22 ڊسمبر 1520ع) جي شهيد ٿيو. (سمن جي سلطنت- از غلام محمد لاکو، ص 49).

(1)  ميرزا شاهه بيگ تاريخ 12 ماهه شعبان 930هه (26 جون 1524ع) ۾ وفات ڪئي. (تحفـة الڪرام فارسي طبع پير حسام الدين راشدي، ص 490).

(1) شاهه بيگ ارغون تاريخ 22 ماهه شعبان 930هه ۾ وفات ڪئي. شاهه حسن ارغون سنڌ جي آخري سمي حاڪم فيروز ناپيروز تي ماهه شوال ۾ حملو ڪيو. فيروز ٺٽو ڇڏي ڪڇ ڏي هليو ويو. 931هه ۾ فيروز ڪڇ ۽ گجرات مان 50 هزار لشڪر گڏ ڪري موٽي اچي شاهه حسن سان مقابلو ڪيائين پر هي شڪست کائي گجرات ڏي هليو ويو.

ان بعد وري جمادي الثاني يا رجب 935هه ۾ گجرات مان فيروز، لشڪر سان سنڌ ۾ آيو ۽ شاهه حسن ارغون سان جنگ ڪيائين ليڪن وري به فيروز کي شڪست آئي. اِها سمي حاڪم فيروز جي، شاهه حسن ارغون سان آخري جنگ هئي، جنهن بعد وري به هي شڪست خورده ٿي  (گجرات جي حاڪم) سلطان بهادر وٽ واپس وڃي پناهه گزين ٿيو. (ظفرالواله ص 138، مراهِ سڪندري، ص 240)

سال 939هه ۾ فيروز پنهنجي نياڻي سلطان بهادر بن مظفر جي نڪاح ۾ ڏني. ڪجهه وقت کانپوءِ سلطان بهادر جي مدد سان فيروز وري سنڌ تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو ته 942هه ۾، مغل بادشاهه همايون ۽ سلطان بهادر گجراتي جي وچ ۾ جنگ لڳي.

صاحبِ تاريخ شاهي، کان منقول آهي ته، همايون بادشاهه جي لشڪر گجراتي لشڪر تي شب خون ڪيو ۽ گجراتين کي گهيري ۾ آڻي ڪيترن ئي کي قتل ڪري ڇڏيائون. ڄام فيروز (فيروز ناپيروز) ٺٽي جي آخري سمي حاڪم تنهن کي به سلطان بهادر جي شڪست خورده ٿيڻ وقت همايون جي لشڪر، گرفتار ڪيو. رات جو وقت هو، سو محافظن سندس روش مان سمجهيو ته پـَـڪ هي ڀڄي ويندو. تنهنڪري فيروز کي به قتل ڪيائون. (تاريخ شاهي، ص. 143. مرڪزي اردو بورڊ لاهور).

(1)  همايون بادشاهه، شير شاهه کان شڪست کائڻ بعد تاريخ 8 ماهه رمضان 947هه جي روهڙي (سنڌ) ۾ پهتو. (مطابق 6 - جنوري 1541ع.)

(1) نسخي ب ۾: ”احمد خواجه که از ملوڪ جيره اصفهان است“ تحرير ٿيل آهي شايد صحيح حويزه هجي جيڪو مغربي ايران جي سرزمين ڪنوني عراق ۾ واقع آهي. (رڪ: حبيب اليسر 498/4 عباس نامه، 178).

(1) پورچوگيزين پاران ٺٽي جي ڦرلٽ جو اهو واقعو 963هه/ 57-1556ع ۾ ٿيو. ان جو قصو هن ريت آهي ته: ميرزا عيسيٰ ترخان I بکر جي حاڪم سلطان محمود ڪوڪلتاش تي حملو ڪرڻ لاءِ پورچوگيزين کان مدد طلب  ڪئي. پورچوگيزين جو ايڪيهن ٻيڙن ۾ ست سو جنگي سپاهين/ڦورن جو لشڪر پيڊروبئيريٽو جي ڪمان ۾ لاهري بندر کان سنڌوءَ درياءَ وسيلي ٺٽي پهتو. پورچوگيزين جي لشڪر پهچڻ کان اڳ ئي سلطان محمود ڪوڪلتاش ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان I ۾ ٺاهه ٿي ويو. اها ڳالهه ٻڌي پورچوگيزي ڪمان دار پيڊروبئيريٽو ڇتو ٿي پيو ۽ هن ٺٽي شهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ۽ قتلام شروع ڪيو، جنهن ۾ اٺ هزار ماڻهو قتل ٿيا، ٺٽي مان ٻن ملين پائونڊن (20 لک پائونڊن) جيتري ڦرلٽ ڪئي وئي. جڏهن ته سڄو شهر ساڙي خاڪ ڪيو ويو، ايشيا جي ملڪن ۾ ايڏي ڦرلٽ تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٿي. جڏهن ته پيڊروبئيريٽو  جو هڪ ماڻهو به ڪونه مئو.

ڪتاب ٺٽي جا ڪاتب: از محمد عبدالغفور، پهريون ايڊيشن 2004ع ص. 12-13. سنڌي ادبي بورڊ، ع.ح. ق.

(1)  ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان (اول) 973هه ۾ وفات ڪئي. جنهن جي قبر ڪتبي سميت اڄ تائين موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org