سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي ٽڪريءَ جو سير

 

صفحو ؛ 3

 (4)

سمن کان وٺي، شيخ جيئي تائين

اسان اوهان کي، ڄام مبارڪ جي قبي وٽ وٺي هلون ٿا، جتان اسان ڏکڻ طرف رخ رکون ٿا. پهريائين اسان، ڏکڻ طرف رخ رکون ٿا. پهريائين اسان کي هڪ چوڪنڊي ڏسڻ ۾ ايندي، جنهن ۾ هڪ مٿانهون ٿلهو آهي، ان ۾ 13 قبرون آهن. هي ترخاني خاندان وارن جون تربتون آهن. انهن مان مشهور هي آهن:-

1. مير سليمان بن مرزا عيسيٰ 964هه.

2. وفات بيگ جان بنت مرزا عيسيٰ خان 963هه.

3. ترسونِ بيگ بنت مرزا عيسيٰ خان جمادي الاول 962هه.

4. امير مرحوم خير الله خان 949هه.

هن چوڪنڊيءَ کان ٿورو ڏکڻ طرف هلبو ته ڪيتريون تربتون اوڀر خواه اولهه طرف پٿاريل نظر اينديون، جن مان گهڻن جا ڪتبا ميساريل آهن. جن جا ڪتبا چٽا هئا، تن مان قابل ديد هي آهن:-

(1) وفات مغفوره مرحومه بيگم خان بيگ 949هه.

(2) وفات يافت مرحومه و مغفوره شهر بانو بيگ بنت امير شاهه علي ارغون 965هه. هن کان ٿورو اڳڀرو اسان کي هڪ خوبصورت چوڪنڊي يا محراب ڏسڻ ۾ آئي، جنهن ۾ تربتون سڀ بي ڪتبي هيون. اڳتي هلياسين ته هڪ رانڪ نظر آئي، جنهن ۾ سلطان قلي بن مقيم بيگ جي تربت ۽ هن جي متعلقن جون سڪونت گاهون هيون. سلطان قلي جي تربت تي وفات جو سن جمادي الاول 1001هه لکيل هو. هي صاحب شاهه بيگ جي فوج جو اعليٰ عملدار هو. هن رانڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪي تربتون ترخاني اميرن جون معلوم ٿيون، جن مان قابل ذڪر هي آهن:-

امير محمود بيگ ترخان چهاردهم جمادي الاآخر روز شنبه 965هه. ڏکڻ اولهه جي طرف وري عاليشان مقبرو ڏسڻ ۾ آيو، جو تمام شڪسته حال ۾ هو. هن ۾ هڪ تربت باقي هئي ۽ ٻي منهدم. پهريائين ته اسان کي ڪوبه ڪتبو نظر نه آيو، مگر پوءِ گهڻي مشڪل بعد محراب جي مٿان عربي ۾ لکيل هڪ ڪتبو معلوم ٿيو، جنهن جو ترجمو هي آهي، "خاص ماڻهن جو بادشاهه ملڪ ڪائوس (kaus) سلطان فوت ٿيو 919هه." هن جي اوڀر طرف احمد درويش جو مقبرو آهي، جو وڏو ولي الله ٿي گذريو آهي ۽ اولهه طرف جمن جتيءَ جو مقبرو آهي، جو به ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. ڏکڻ طرف ٿورو اڳڀرو هلياسين ته اسان کي لوڌي ۽ شڪر الاهي ساداتن جا مقام نظر چڙهيا. هي سادات به ٺٽي جي ساداتن جي مکيه ڪڙي آهن. اچو  ته هن جي خاندان مان ڪجهه واقف ٿيون. لوڌي سيد مازندراني به سڏبا آهن. ڇو ته سندن خاندان جو پهريون شخص سيد بدرالدين ماڙندان مان نڪري، 907هه ۾ سمنڊ جي رستي ديول بندر وٽان ٺٽي ۾ آيو ۽ ساڪوره يعني ساڪره جي پرڳڻي جي هالن جي ڳوٺ ۾ پهتو، جتي سيد سلطان شاهه برقعي پوش رهندو هو، جنهن کي لوڌي چوندا هئا. هن صاحب جي نياڻيءَ سان سيد بدرالدين جو عقد ٿيو.

شڪر الاهي سيدن جو وڏو قاضي سيد شڪر الله ولد سيد وجہ الدين 906هه ۾ هرات مان قنڌار ۾ آيو ۽ اتان 927هه ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ شاهه حسن جي زماني ۾ اتا جو قاضي مقرر ٿيو. هن مقام جي ڏکڻ اوڀر طرف وري امير سلطان محمود بن امير سلطان تيمور وفات ذوالحج 1021هه جي تربت آهي. هيءَ هڪ دڙي تي واقع آهي. هن دڙ ي جي ڏکڻ اوڀر پاسي، ٽڪريءَ جي اوڀرندي واريءَ وٿ وٽ، ٿوهرن جي وچ ۾ هڪ ڊٺل چوڪنڊي آهي، جنهن ۾ ٽي تربتون آهن. وچين تمام وڏي، اوڀر واري ٿوري ننڍي ۽ اولهه واري صفا ننڍي بي ڪتبه آهي، اهڙيون ڊگهيون ۽ چوڙيون تربتون اسان کي ڪٿي به نظر نه آيون. هن مان معلوم ٿيو ته هي، ڪن بزرگ ترين شخصيات جون آهن، هڪ طرف ٿوهرن جي وڻن سان وڪوڙيل ۽ ٻئي طرف مائي مٽيءَ جي گود ۾ قراريل هيون. تنهنڪري اسان کي بيلچي ۽ ڪهاڙيءَ جي مدد وٺڻي پئي. ٿوري وقت کان پوءِ، ٻاهر ڪڍي، نروار ڪيون ويون. سبحان الله! بهترين ڪتبا اُڪريل هئا. وڏيءَ قبر تي اُڪريل هو:

 ”شيخ برهان الملة والدين جنيد ابن شيخ الاسلام عبداللطيف هاشمي گازروني وفات 14 جمادي الثاني 907هه ٻي قبر سندس لخت جگر شيخ يحيٰ بن سيد المشائخ جنيد وفات 15 رمضان 919هه“  جي هئي. هي اسان جي نين نصرتن مان هڪ نصرت هئي، جو اهڙن بزرگ شخصيتن جون مرقدون لڌيونسين، جي اڳ گمناميءَ جي گوشي ۾ لڪل هيون. قديم نقشي مطابق امير سلطان جي ڏکڻ اولهه ۾ پير قادريءَ جو قبو آهي. اهو به اسان جي نظر مان گذريو، مگر بنا ڪنهن ڪتبي جي هو. مذڪور ٻن وڏين تربتن جي ڏکڻ اولهه، ٻين ٻن قبرن جا نشان هئا، جن مان هڪ تي هي ڪتبو نظر آيو: "وفا يافت عاليجاه حڪومت بنده سعادت امير محمد يامين بن امير مغفور مرحوم مير محمد سن ميساريل هو. هن سان گڏ ٻي قبر شايد مير محمد خان جي هجي، جا شڪسته حال هئي. قديم نقشي مطابق مير محمد خان جي تربت ڄاڻائي وئي آهي ۽ سن وفات 1021هه آهي. ڏکڻ طرف هڪ پڪي قبر ٿلهي تي آهي، جنهن تي هي ڪتبو اُڪريل آهي:

 ”امير اعظم امير خضر بن ابراهيم محرم 918هه ۾ فوت ٿيو.“

هن بعد اولهه ڏکڻ طرف اڳڀرو وڌياسين ته مسجد جهڙي هڪ چؤڪنڊي، وڏي مقام جي وچ ۾ آئي. اسان جي سـُـونهي جي چوڻ مطابق، هي مقام شيخ بهاؤالدين ملتاني جي متعلقن جو آهي، مگر قديم نقشي مطابق، هي مقام ميران پير بغداديءَ جو آهي ۽ هن ۾ مشهور رتو - قبو شاهه عبدالمجيد جو آهي. هن جي ڀر ۾ وري شاهه عبدالودود جي مرقد آهي. هن جي ڏکڻ اولهه طرف شيخ جيئي جو قبو ۽ سندس چوڌاري وڏو مقام آهي. هن قبي جي اندر ڪيتريون تربتون هيون، وچ واري تربت نعمت الله جي هئي، جو شيخ جيئي جو والد آهي. هيءُ صاحب شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان هو. سمن جي حڪومت ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ اتي ئي گذريو. سندس پٽ شيخ جيئو، قبي ۾ پيءُ جي ڏکڻ ۾ رکيل آهي. شيخ جيئو رياضت ۽ ڪرامت ڪري، ايترو ته مشهور ٿي ويو، جو کيس "مڪلي جو ڏيئو" ڪري چوندا آهن.

ماهه پهرين سومار تي هر مهيني مٿس ميڙو لڳندو آهي. مريد، رات جو هت اچي، جاڳندا آهن ۽ وجدءِ سماع ڪندا آهن. شيخ جيئي جي اڀرندي ميان لعل جي قبر آهي، جو چون ٿا ته قلندر شهباز جو عزيز آهي. شيخ جيئو جيئن ته ولي ڪامل هو، تيئن هن جي مضافات ۾ اميرن خواهه غريبن جون الاهي قبرون آهن، ضروري آهي ته انهيءَ وڏي مقام مان، ڪن قبرن جي صاحبن جو ذڪر ڪجي. قبي جي اوڀر ۾ پنج ٿـَـلها آهن. پهرئين ٿلهي  تي پنج قبرون آهن.

(1) امير ايال بيگ بن امير حسن بيگ 11 ماهه صفر 966هه.

(2) حاجي امير محمد باقر بن امير محمد مقيم 20 ربيع الاول 966هه.(3) خالي (4) امير سيد انتساب علي بن مرحوم امير محمد باقر ماهه ربيع الاول 967هه. (5) امير سيد جلال الدين بن عبدالله بن سيد حبيب الله بن امير سيد علي هروي 22 شوال 944هه.

ٻئي ٿـَـلهي تي ٽي قبرون هيون، جن ۾ امير حسن بيگ 971هه ۽ انجا متعلق مدفون ٿيل آهن.

ٽئين نمبر ٿـَـلهي تي 5 قبرون هيون، جن ۾ امير محمد قلي بن عبدالصمد ترخان وفات سن 946هه ۽ ان جا عزيز پوريل هئا.

ٿلهي نمبر چوٿين ۾ هڪ مستوره بنام احمد بيگ سن وفات 1032هه جي تربت هئي.

ٿلهي نمبر پنجين ۾، ٻه تربتون، تن مان هڪ خالي ۽ ٻي فخر جهان ابوالمحمد مرزا وفات 27 رمضان 950هه جي تربت آهي.

قبي جي اُتر اولهه ۾ ڪيتريون پٿر جون قبرون آهن، جن مان ڪي ڪتبن کان سواءِ ۽ ڪي ڪتبن سان آهن. انهن مان مکيه تربت اسان هيءَ ڏٺي:

امير عليڪہ بن عالي جناب ايال بيگ علي ارغون سن 954هه قبي جي ڀرسان ڏکڻ خواهه ڏکڻ اوڀر اوتاري جي ڀر ۾ ڪيتريون سنگين قبرون ڪتبن سان آهن. ڪن تي تمام سهڻا بيت اُڪريل آهن، انهن مان ٻه پڙهندڙن جي حظ خاطر هت پيش خدمت ڪريان ٿو.

رفت از اينجا ان نيازِ نوجوان
مرغِ روحِ او سـُـوي عقبيٰ شده
سالِ فوتش راچون جستم عقل گفت
"او مقيمِ جنت اعليٰ شده“

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

چون آن امير کيير از جهان بايمان رفت
رساند چون آن قبرش زنور چند طبق
دبير عفل روان گفت سال تاريخش

بود زمانه وفات اينک نيک نسق سبق

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

(5)

شيخ جيئي کان سيد عبدالله تائين

اوهان صاحبن، سمن جي سڪونت گاهه کان وٺي شيخ جيئي تائين سارو بيان پڙهيو. شيخ جيئي جي مقبري جي آسپاس جو به ڪجهه احوال ڏنو ويو هو. اڄ وري اسان اوهان کي اڳڀرو وٺي هلون ٿا. جنهن مڪليءَ جي ٽڪريءَ جو اسان اڄ ذڪر ڪريون ٿا، سو به اڳوڻي ٽڪر کان ڪنهن حالت ۾ گهٽ نه آهي. پاڻ هن ۾ قبرن جو تعداد گهڻو هو. مگر اختصار کان ڪم وٺي، مضمون کي وقت اندر پورو ڪبو. شيخ جيئي جي مقبري کان ڏکڻ اولهه هڪ عجيب و غريب آٺاس عمارت نظر آئي يعني اٺ ڪـُـنڊي عمارت، جا دنيا جي بي ثباتيءَ تي ماتم ڪري رهي هئي. هن جا بلند نشان ڪنهن ڪنهن هنڌ ڪاشيءَ جي ڪاريگريءَ مان پڌرا هئا. هن جي ڪـُـنڊن ۾ به ننڍا چار اٺاس هئا، ۽ چار وڏا دروازا هئا، ۽ چار ننڍا. هن کي  ”چار دري محل“  به سڏي سگهجي ٿو. هن ۾ اندر ڪي ڊٺل قبرون هيون. مقام جي سرڪاري چوڪيدار کان معلوم ٿيو ته ڪنهن بادشاهه جي پٽ راڻيءَ جو محل هو. ڏکڻ طرف وري هڪ وڏي قبر مناري سان ڏسڻ ۾ آئي، مگر هن تي ڪوبه ڪتبو نه هو. مسجد جو محراب ٺهيل هو، جنهن تي قرآن شريف جي هڪ آيت 1097هه سان اُڪريل هئي. اندر ٽي تربتون هيون، جن مان هڪ جي مٿان ڪلمو شريف ۽ هي اکر نظر آيا:

 ”ڪتبہ سيد علي 1097هه.“  انهيءَ محل جي اولهه ۾ پوراني سادات جو قبرستان آهي، جنهن ۾ ٻين صاحبن سان گڏ پوراني سادات جي بزرگ شخص شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي قبر آهي، جنهن جي وفات شعبان 973هه ۾ ٿي. هي اُهو صاحب آهي، جو مرزا باقي جي ظلم جو شڪار ٿيو. هن قبر جي ڏکڻ ۾، چار تربتون آهن، جن مان ٻه خالي ۽ ٻه ڪتبن سان هيون. پهرين تربت غياث الدين محمد بن عبدالله هروي جي هئي، جنهن جي اولاهين ۽ اوڀارين پاسي هي ڪتبا لکيل هئا:

 ”دلا زنهار ازين چرخ ستمگار
که آئين وفا و مهر کم جو
بسي را دَاغ حسرت اند بر دل
اجل کزوي در افغانند هر سوه
غياث الدين محمد نو گل دهر
که بودي طوطي طبعش سخن گر
غريقِ رحمت حق باد يا رب
که بود او را بسي او صاف نيکو
خرد تاريخ فوتش جست گفتم
بهشت جاوداني مسکيـن او.“

ٻي تربت خالي آهي. ٽين تربت تي هي اکر اُڪريل هئا.  ”وفات کرد خواجه عبدالله بن خواجه علي شاهه هروي 964هه.“  چوٿين قبر خالي هئي. انهيءَ مقام جي اوڀر اُتر طرف، هڪ ٻيو مقام ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ۾ 9 قبرون هيون، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور بزرگ سيد ابوالمڪارم جا ڪي مائٽ هئا. قبرون هن طرح هيون: (1) وفات يافت خانم قريش 1014هه. (2) وفات يافت مرحومه فخرالنساء مريم خانم والده امير خان بن مغفور و مبرور سيد ابوالمڪارم سلطان  تاريخ 14 صفر سن 1025هه (هي سن چٽو نه هو، ٻيو سن 1002هه معلوم ٿيو). ڏکڻ طرف ست قبرون هيون. پهرين مرحومه صالحہ ساجده بيگم بنت مرحوم و مغفور وفات اربع ماهه رجب 1012هه، ٻيو نمبر خالي، ٽيون نمبر سيد عبدالله وفات محرم 1006هه. چوٿون نمبر خالي، پنجين ننڍڙي. ڇهين شهزاده خانم بنت امير سيد ابوالمڪارم وفات 1008هه. ستين قبر: وفات يافت خورده خانم بنت سيد امير مير خورد ماه صفر 1098هه. اوڀر طرف معروف ميرڪي ساداتن جو مقام آهي، جنهن ۾ ڪيترون ئي تربتون هيون، پهرين صف ۾ اسان کي 9 تربتون ڏسڻ ۾ آيون، جي هن طرح آهن: پهرين تربت خالي، ٻي تي هي منظوم ڪتبو لڳل آهي:

"ميرک چو هميشہ شد بگفتم" باخامه که آن سال نوشتي، گفتا که نوشتم و بر آمد، تاريخ ز "ميرک بهشتي."

ٽين خالي، چوٿين  خالي، پنجينءَ قبر تي هيٺيون دلچسپ ڪتبو لڳل آهي:

"عيد قربان زهي ماتم آن شهه که زحق
هديه هر دم بسر ترتب او باد درود
سال تاريخ ندا داد بگوشم هاتف"
”هادي اهل کرم يافت  ”مقام محمود“ 

1086هه

ستين قبر خالي. اٺين قبر تي هي ڪتبو لڳل هو:

 ”هذا قبر ميرک محمود پوراني 1054هه.“  نائين تربت مشهور اديب مير عبدالباقي جي آهي، جنهن تي وڏو سهڻو ڪتبو منظوم اُڪريل هو، جنهن جي آخري سٽ آهي.

 ”سال  تاريخ وفاتش راچون جستم عقل گفت
مير عبدالباقي آسوده فردوس نعم.
1058هه

اوڀر پاسي مٿي ٿلهو آهي، جنهن تي هڪ زناني تربت آهي، جنهن تي هي لفظ اُڪريل آهن: "سيده تاج النساءِ آچر 11 - رجب 970هه." ڀرسان ٻئي ٿلهي تي ٻي قبر آهي، جا سلطان محمود بن امير محمود بن سيد غياث الدين محمود وفات 4 - محرم 960هه جي آهي. اوڀر طرف وري اسان کي خواجگان جي مشهور قبيلي جون تربتون نظر چڙهيون، جن مان مکيه تربتون ڄاڻائجن ٿيون.

1. خواجه شمس الدين محمد بن خواجه محمد خراساني 969هه.

2. خواجه ابراهيم بن خواجه حاجي عرب رجب 983هه. واٽ تي شيخ جيئي کان عبدالله شاهه ڏانهن ويندي، رستي تي اسان متفرق قبرون ڏٺيون، جن مان مکيه هي آهن:

(1) بيبي بزرگوار حمراء بنت امير وقاص ارغون وفات 969هه.

(2) غلام حسين بن پيرداد سوداگر وفات 16 - شعبان 1117هه.

(3) امير فقير محمد شرف وفات رجب 976هه.

(4) شيخ شاهه محمد ملازم نواب خانه زاد خان ساڪن لاهور وفات 27 - شعبان شوال 1095هه.

عبدالله شاهه جي اُتر ۾ سيد طاهر بهشتي، تاريخ طاهريءَ جي مصنف جي تربت آهي. اتي هاڻي سائي نموني جي چڱي مسجد زير تعمير آهي. ان سائي مسجد جي عمارت جي اُتر اولهه، اسان چند قبرون ڏٺيون، جن مان ڪي هي آهن:

(1) خواجه نورالدين محمد بن خواجه احمد وفات روز خميس 971هه.

(2) هڪ تربت بي نام، پر سن وفات 994هه.

(3) هڪ قبر، جنهن تي هڪ ڪتبو لکيل هو:

بهر تاريخ او دبير خرد،
رفت از رسان صفيء گفتار.
  9006هه

عبدالله شاهه جي لڳ، هڪ سينگاريل ننڍي مسجد آهي، جنهن تي هڪ جهونو ڪتبو نظر آيو، جو هي آهي:

"سرفراز شد احمد از مصطفيٰ، بنا کرد مسجد بنام خدا، بغير از عبادت نباشد درو، بود قبہ اش يرز نور و ضيا، خدا يش شرف داد و عزو قبول، که تا هست دوران بماند بجا،
 فيض مسجد که ازيک دعا، شود حاجت مستمندان روا“

سيد عبدالله شاهه جيلاني سيد آهي ۽ جيئن ته گجرات ۾ ڪجهه وقت رهيو آهي، تيئن کيس گجراتي به سڏيندا آهن. چون ٿا ته سندس قبر ڪجهه وقت لاءِ گمنام رهي، مگر عبدالله شاهه جي مجاور کان، جا اها روايت هن  بابت معلوم ٿي، سا هيءَ آهي:

 ”جيلاني بادشاهه جي تربت گمنام هئي. پوءِ مخدوم نوح (رح) جي قبر جا نشان لهي، اتي پٿر قائم ڪيا، ۽ ان صاحب جا ساٿي پيران پير طرفان يوسف ۽ ٻيا فقير داد، سيد پير عالي، پير پٺو ۽ ڇٽن بري هئا.“

ان روايت جي ،  ”سنڌ جا قديم شهر ۽ ماڻهو“  (مرزا قليچ بيگ) جي ڪتاب ۾ مخالفت ڪيل آهي. مرزا قليچ بيگ وري ٻيا ولي ٻڌايا آهن. هن وليءَ جي مٽيءَ لاءِ، هي مثال مشهور آهي ته  ”ڀرجيئي نٿي.“  عبدالله شاهه جي صحن ۾ به ڪي قبرون آهن. جن مان چند هي آهن:

(1) فقير حقير عثمان ولد يوسف وفات صفر 1098هه.

(2) علي محمد وفات 1090هه.

(3) مرحوم عيسيٰ جمع 15 - محرم 956هه.

(4) حاجي رمضان 28 شوال 1111هه.

موجوده مزار بلڪل نئين آهي، ۽ ان جي مٿان 1350هه/1931ع ڄاڻايل آهي.

_________


 

(6)

شيخ جيئي جو مشرقي حصو ترخاني تاجدارن جو مقام

اي خاک اگر سينهءِ تو بشگافند،
بس گوهر قيمتي که در سينهءِ تست.

(ڪتبه تربت مرزا عيسيٰ خان)

اوهان صاحبن عبدالله شاهه جي مقبري تائين احوال ٻڌو. هن مضمون ۾ هن جي مشرقي حصي جو بيان پيش ڪيو وڃي ٿو.

عبدالله شاهه کان پوءِ اوڀر طرف ڏاڪڻ جي رستي ترخانن جي محلي ۾ وڃڻ ٿيو. هي سڄو ٽڪر هيٺين حصي ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

(1) مقبرو  ”هنشام ٻائي“  هي پٿر جي چؤڪـُـنڊي آهي. ڏکڻ پاسي دروازو اٿس. دروازي خواهه ديوار تي تمام سهڻا چٽ چٽيل آهن. مقبرو پراڻي ڍوري جي ڪناري تي اڏيل آهي. اندر پٿر جو پلئٽ فارم آهي. اولهه واري ديوار ۾ سـُـهڻن چٽن سان محراب آهي. اندر ٽي تربتون آهن. وچين تربت  ”هنشام ٻائي“  جي چئي وڃي ٿي، ۽ هن تي سن وفات 994هه (1586) اُڪريل آهي.

2. اولهه واري ننڍي هئي، جنهن تي لفظ چٽا نه هئا، ته به جو معلوم ڪيو ويو، سو هي هو ته  ”وفات يافت مرزا فتح بن شاهه.“

3. اوڀر واري وڏي تربت فتح راڻي (سن وفات 1000هه) جي هئي.

(2) مقبرو مرزا محمد باقي ترخان 1184هه. مذڪور مقبري جي اُتر ۾، ٿوري مفاصلي تي هڪ وڏو سنگين صحن آهي، جنهن ۾ چار حصا آهن. اندر دروازي کان گهڙياسين ته اسان کي ساڄي پاسي هڪ زنانو مقام نظر آيو، جنهن ۾ پنج قبرون هيون، جن مان ٻيونمبر قبر سنڌي جي سرت واري سورمي ماه بيگم جي هئي، جنهن تي سن 1014هه اُڪريل هو. بيبي ماه بيگم شاهه ارغون جي ڀاءُ مرزا محمد مقيم جي ڌيءَ هئي. مرزا محمد بابر مغل، قنڌار هٿ ڪرڻ وقت بيگم کي وٺي، وڃي ڪابل ۾ قيد ڪيو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي امير محمد قاسم ڪوڪہ سان شادي  ڪرائي ڇڏيائينس، جنهن مان کيس ناهيد بيگم پيدا ٿي. ڪنهن به طرح هوءَ وري پنهنجي چاچي وٽ پهچي وئي ۽ جڏهن سندس اڳيون مڙس محمد قاسم ازبڪن جي جنگ ۾ قتل ٿي ويو، تڏهن ماه بيگم جو نڪاح مرزا شاهه بيگ جي فرزند مرزا شاهه حسن سان ٿيو. مرزا شاهه حسن جي انتقال کان پوءِ وري مرزا عيسيٰ ترخان اول، هن کي عقد نڪاح ۾ آندو ۽ هي مرزا محمد باقي بن مرزا محمد عيسيٰ جي ظلمن جو شڪار ٿي، قيد ۾ فوت ٿي وئي. تاريخ جي ڪتابن ۾ اهو سن 978هه/1570ع ڄاڻايل آهي، مگر خبر نه آهي ته سندس تربت تي     1014هه الائي ڪيئن اُڪريل آهي، جو وقت، مرزا خان خانان جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ جو آهي. ڀرسان دروازي مان ٻيو حصو شروع ٿئي ٿو. اندر کـُـليل ٿلهو آهي. هن تي ست قبرون آهن ۽ چار گچ جون، جن جو ديرينه اضافو ٿيل آهي، مگر هيءُ به زنانو مقام هو. گهڻن جا ڪتبا صاف ميٽيل هئا، مگر جن جا ظاهر هئا، سي هي آهن:

1. وفات ارغون بيگم بنت امير محمد علي ارغون سن 1009هه.

2. بيگم گل سلطانه سن 1006هه.،

ٽئين نمبر وچين حصي ۾، چوديواري اندر، پنج قبرون آهن، جي هيٺئين طرح آهن:

1. صاحبزاده شاه رخ بن محمد باقي ترخان تاريخ 992هه (پاڪستان گائيڊ ۾ 993 ڏيکاريل آهي، جو درست نه آهي).

2. مرزا محمد باقي بن محمد عيسيٰ ترخان تاريخ روز خميس 8 شوال 993هه (آڪٽوبر 1585ع).

3. ابوالفتح بن مرزا غازي بيگ ترخان (1000هه) مگر هي سن صاف نه هو.

4. وفات مرزا عبدالعلي 9 رجب 1040هه.

5. نمبر خالي آهي. چوٿين حصي ۾ ڏکڻ ۾ اٺن ٿنڀن واري قبي آهي، جنهن ۾ بديع الزمان بن شاهه رخ 999هه جي تربت آهي. اولهه طرف به اهڙي ساڳئي ڇٽي آهي، مگر هن تي ڪوبه ڪتبو اُڪريل نه آهي.

محراب جي ڀر ۾ ٻاهر هڪ تربت هئي، مگر اها به خالي هئي. سامهون اُتر ڏي هڪ وڏو ٿـَـلهو هو، جنهن تي چار سڄيون تربتون ۽ اٽڪل اٺ ڀڳل ٽٽل هيون، مگر هي اڪثر بنا ڪتبي هيون. هن جي اُتر ۾ وري ٻيو ٿلهو هو، جنهن تي ڇهه وڏيون پٿر جون قبرون هيون، جن مان مکيه قبر هي هئي:

1. منير بن مرزا مير بيگ ترخان تاريخ شهر ربيع الاول 1022هه.

اتر اولهه طرف ٻيو ٿلهو آهي، جنهن ۾ خوبصورت محراب آهي. هن ۾ نوَ قبرون آهن، جن مان مکيه قبر هيءَ آهي:

مرزا احمد شاهه بن انيس خان تاريخ 1008هه.

اوڀر طرف هڪ قبر، کٻڙن جي ڀرسان آهي، جنهن تي هي ڪتبو اُڪريل آهي:

 ”وفات يافت صالحه مرحومه بيبي گل اندام 1030هه.“

مقبرو مرزا عيسيٰ ترخان اول جي ڏکڻ اولهه هڪ ٻيو ٿلهو نظر آيو، جنهن ۾ ڇهه قبرون ظاهر هيون. چار تربتون هڪ قطار ۾ ۽ ٻه هنن جي پٺيان. انهن مان مکيه هي آهن:

1. فيض سلطان شهيد شهر رمضان 976هه 2 تاريخ شهادت جوادالعلي مهر علي 976هه.

مقبره مرزا عيسيٰ ترخان اول: آثار قديمه جي کاتي وارن ته هن مقبري جي ٻاهران سن وفات 1567ع هڻي ڇڏيو آهي.مگر مرزا عيسيٰ جي تاريخ وفات بحث هيٺ آهي جو هيٺين احوال مان ظاهر ٿيندو.

ترخاني مقام جي ڇيڙي تي عيسيٰ خان ترخان اول ڏاکڻي سنڌ جي ترخان گهراڻي جي پهرين تاجدار جو مقبرو آهي. هيءَ وڏي ٿلهي تي جڙيل آهي ۽ هن جي چوڌاري سنگين ديوارون آيل آهن. هن جي  ڀرسان سڪل نديءَ جو پيٽ معلوم ڪجي ٿو، جا ڪنهن ڏينهن هنن پـَـٽـَـن تان ڏاڍي آب وتاب سان وهندي هئي. هن جو مقبرو چؤديواريءَ اندر آهي ۽ هن جون ڀتيون قرآن شريف جي آيتن ۽ فارسي بيتن سان چوڌاري سينگاريل آهن، جن جو مفصل ذڪر "لب تاريخ" جي مؤلف آندو آهي.

مان ٻه "مشت از خروار" جي مصداق، بيتن جون  چند سٽون خدمت ۾ پيش ڪيان ٿو. مقبري جي اولهه پاسي وارن اشعارن جو مطلع هي آهي:

 ”افسوس ڪ دور ڪامراني بگذشت،
دوران نشاط و شادماني بگذشت.“

ڏکڻ پاسي واري شعر جو مطلع هي آهي:

 ”مير سيد بيداد هر لحظه اجل از دست،
داد از دست اجل قسم باد اجل از دست.“

قبر جي چوڌاري جي بيت اُڪريل آهن، تن جو ٻيو نمبر بيت مذڪوره عنوان جي هيٺان لکيو ويو آهي، تربت جي آڏو شيخ سعدي جو هيٺيون شعر اُڪريل آهي.

 ”غرض نقشيست ڪز ما ياد ماند
ڪ دنيا رانمي بينم بقائي.“

قبر جي پٺيان، جي اشعار لکيل آهن، انهن جو مطلع هي آهي:

 ”مشتاق آفتاب جمال محمديم،
ما بنده محمد و اَلِ محمديم.“

تربت جي اولهه ۾ جي اشعار آبدار اُڪريل آهن، تن ۾ سن تاريخ وفات آيل آهي، جو هن طرح آهي:

 ”بسال نهه صد و هفتاد ونهه سن هجري
جهان گذاشته بگرفت ملڪ جاويدان.“

هن مقبري جي اندر احاطي ۾ ڇهه تربتون آهن. پهرين صف ۾ چار (ٽي وڏيون ۽ هڪ ننڍي) ۽ ٻه پٺيان (هڪ ننڍي ۽ هڪ وڏي) کٻي پاسي کان جيئن ترتيب وار تربتون آهن سي هن طرح آهن:

1. هڪ ننڍي بنا ڪتبي، 2. مرزا محمد پاينده. بن محمد مرزا باقي. ماه صفر 1003هه (پاڪستان گائيڊ ۾ 1004هه/ آڪٽوبر 1555ع لڳل آهي).

3. وفات حضرت جنت مڪاني حضرت مرزا محمد عيسيٰ عبدالعلي ترخان سن 973هه (1565ع).

4. ميرزائي زمانه ابراهيم آن خليل الله ازفتون وجود سال هجرش چو آمده بشمار چهل و هفت از هزار افزون باد 1047هه.  ”بنده آل محمد“ .

5. تاريخ بيست و دوم شعبان 1079هه ميان غالب فوت شد (فيبروري 1669ع).

6. ميرزا ابو الفتح.

هاڻي جيڪڏهن ميرزا محمد عيسيٰ اول جي وفات جي تاريخ ڏي نظر ڪبي ته اسان کي ڌار ڌار تاريخون معلوم ٿين ٿيون. ٻاهرين تختين مان اسان کي 1567ع معلوم ٿيو. اندر بيت جي تاريخ وفات مان 979 هه معلوم ٿيو. بيگلارنامه موجب هن جو سن وفات 991 هه آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ محمد صديق  ”مسافر“  جي تاليف مان 974هه ۽ 1566ع معلوم ٿئي ٿو، جنهن صاحب مرحوم قليچ بيگ جي تاريخ سنڌ مان ورتو آهي مگر تاريخ سنڌ جلد 2 جي حاشيه مان معلو ٿئي ٿو، ته تحفة الڪرام واري مرزا عيسيٰ جو سن وفات 980هه (1572ع) ڄاڻايو آهي، جو صحيح آهي، ڇو ته شاهه حسن ارغون 962هه (1554ع) ۾ فوت ٿيو ۽ مرزا عيسيٰ ارڙهن سال حڪومت ڪري، پوءِ انتقال ڪيو.

 ”لب تاريخ“  واري به تربت واري لکيل سن کي ٻين سنن تي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي.

هن مقبري جي اُتر ۾، ڪجهه مفاصلي تي، قبرن جو مجموعو ٿلهي تي مٿڀرو نظر ايندو، جن اسان جو توجهه ڇڪايو. اُتي ڇهه تربتون معلوم ٿيون، ٽي وڏيون ۽ ٽي ننڍيون، وچينءَ وڏي ڪتبي ۽ پٿر واري تي هي ڪتبو لڳل هو:

1.  ”شاهزاده عالميان شهيد ميرزا محمد عيسيٰ ترخان تاريخ روز شنبه و ماه شعبان سيوم 970هه“  (اپريل 1563ع). پاڪستان گائيڊ ۾ 2 شعبان ڄاڻايل آهي جو درست نه آهي.

2. سڄي پاسي واري تربت تي هي اُڪريل هو. "مير محمد زاهد ترخان بن مرزا محمد دائود بن مرزا عيسيٰ ترخان 8 رجب 966هه (مارچ 1559ع).

هي مرزا صالح، سيد جلال بن سيد عالي جو سهرو هو ۽ مريد بلوچ هٿان شهيد ٿيو، ڇاڪاڻ جو ان بلوچ جو پيءُ، ميرزا محمد صالح جي هٿان مارايو ويو هو.

مرزا صالح جي اولهه طرف هڪ عجيب و غريب تربت ڀڳل ٽٽل حالت ۾ نطر آئي، جنهن جي ڪتبي جو ڪجهه حصو ڀڳل هو. ان مان گهڻيءَ ڪوشش بعد هيءُ معلوم ٿي سگهيو ته: امير محمد فقيهه ترخان فرزند شير مسڪين ترخان شهيد در تاريخ رجب 976هه (1569ع).

ان جي اولهه طرف هڪ زناني تربت هئي، جنهن تي هي ڪتبو اُڪريل هو.  ”نساء بيگم بنت مرحوم سلطان محمد ترخان محرم الحرام 984هه.“

اولهه ۾ ٻيو ٿلهو معلوم ٿيو، جنهن تي هن ڪتبي سان تربت هئي:  ”مرزا محمد علي بن امير علي ترخان محرم الحرام 984هه“  ترخاني تاجدارن جي تعجب خيز قوم جو احوال ختم ٿيو.

ـــــــــــــــــــــــ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org