سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جو مطالعو

باب؛ --

صفحو ؛ 2

 

لاڙ جي تاريخ جو هڪ وڃايل ورق

 

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر/لاڙڪاڻو

لاڙ –سنڌ جي  ڏاکڻي حصي جو نالو آهي، تاريخ طور هي حصو اقتصادي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان نه رڳو سنڌ لاءِ ڀر پوري برصغير لاءِ وڏي حيثيت جو حامل پئي رهيو آهي.

قديم زماني کان وٺي لاڙ سنڌ، پاڪستان بلڪه پوري برصغير کي دنيا ۾ مشهور ڪرائڻ جو باعث به رهيوآهي، وڏا وڏا تجارتي ٻيڙا لاڙ جي بندرن تان ڏورانهن ملڪن ڏانهن سامان کڻي ويندا هئا، هن ئي حصي جي دولت ۽ شهرت، دنيا جي وڏن جنگجو ماڻهن کي حملن لاءِ پاڻ ڏانهن متوجهه به ڪيو، سنڌ جي هن حصي مان سنڌي قوم جون امنگون ۽ آسرا، جذباتي لاڳاپا ۽ روحاني تعلقات به وابسته رهيا آهن، ان ڪري لاڙ سنڌ جي سڃاڻپ چئجي ته غلط نه ٿيندو.

سنڌ جي لوڪ گيتن ۾ جڏهن اها صدا اڀرندي آهي ته:

”دهري ادل جي لاڙئون آڻايان“

ته ان وقت اهڙي صدا جي پويان سنڌي ماڻهو جي اتساهه جو ڪارڻ يقينن لاڙ جي دولت، خوشحالي ۽ تجارتي حيثيت ئي هوندي آهي، هونءَ به لاڙ ڪنهن هڪڙي شهر جو نالو ته ڪونهي، بلڪ لاڙ سامونڊي ڪنارن تي انهن بندرن جو نالو آهي، جيڪي هزارين ورهين کان سنڌ جي خوشحالي جو باعث پئي رهيا آهن، ان ڪري سنڌي ماڻهوءَ جي جذباتي ڪيفيتن کي خوشين ۽ مسرتن سان همڪنار ڪرڻ جو ذريعو لازمي طرح اهو سون، جواهر ۽ لعلون ئي سمجهيون وينديون آهن، جيڪي وڻجارا ڏورانهن ملڪن کان آڻيندا هئا، انهي ڪري ئي سنڌ جي لوڪ گيتن ۾ اهو آواز هر دور ۾ موجود  رهيو آهي ته

”دهري ادل جي لاڙئون آڻايان“

 دولت جتي ملڪي ثروت، خوشحالي، قومي عزت ۽ وقار جو اهڃاڻ هوندي آهي، اتي ان مان لکين خطرا به هوندا آهن، سڀ کان وڏو خطرو دولت مان جان ۽ ايمان مان هوندو آهي، پوءِ اها جان ۽ ايمان ڪنهن هڪڙي فرد جو هجي يا پوري قوم جو!

دراصل دولت ڪمائڻ ايترو ڪٺن ڪم ڪونهي، جيترو ان کي سنڀالڻ ڏکيو آهي، اسان جي ملڪ جا وڻجارا، جڏهن سون ۽ هيرن جا ٻيڙا ڀري پنهنجي ملڪن ڏانهن ورندا هئا ته اهڙي وقت اوڙي پاڙي وارن کي حسد به ضرور ٿيندوهو،انهن حاسدن ۾ پهريون حاسد داراءِ اعظم هو، جنهن 505 ق-م ۾ سنڌ تي حملو ڪري ۽ سنڌ کي ايران سان ملائي ۽ ان جو حصو بڻائي ڇڏيو.

اصل مضمون شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ هتي هڪڙي ڳالهه ضمني طور لکڻ گهران ٿو، ان ڪري جو ان حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي، جيڪا مان پيش ڪرڻ گهران ٿو،

سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي مطالعي مان هڪ اهڙي ڳالهه جو پتو ملي ٿو، جيڪا هر ڪنهن ذي شعور سنڌي ماڻهوءَ جي ذهن کي جنجهوڙيندي رهي ٿي ۽ اها ڳالهه آهي” سچ نه ڳالهائڻ“ يا ”سچ چوندي گهٻرائڻ“ ان جو به ضرور ڪو پسمنظر هوندو! انگريز ڏاڍا وات ڦاٽوڙا  هوندا آهن هو سڀ ڪنهن کي سچ چئي ڏيندا آهن، چاهي ان جو نتيجو ڪهڙو به بُرو ڇونه نڪري! پر سنڌي سماج ۾ وات ڦاٽوڙو ماڻهو ڏاڍو خراب سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري سنڌي سماج ۾ هر ڳالهه محتاط انداز سان ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي شڪايت به ڪرڻي پوندي آهي ته اها به نهايت محتاط نموني ۾، ايستائين جو ڪا مصيبت برداشت ڪرڻي پوندي آهي ته ان ۾ به احتياط ضروري هوندو آهي، دانهون،ڪوڪون ۽ واويلا ڪرڻ گويا سنڌي ماڻهو جي فطرت جي خلاف آهي، اسان جو اهو شيوو ڪو اڄ جو نه آهي، هزارن سالن کان اسان پنهنجي فعل ۽ قول ۾  ڏاڍا محتاط رهيا آهيون، هر ڪا مصيبت، جيڪا ڌارين کان اسان جي وڏڙن کي ملي، اسان جي وڏڙن نهايت صبر ۽ شڪر سان سٺي هوندي، اسان انهن جي پيروي ڪندا رهون ٿا.

موهن جي دڙي وارن جي وسندڙ شهر کي آرين ويران ڪيو ته اسان پنهنجي عملن جي مصيبت سمجهي ۽ شڪر ڪيو، چوڻ ۾ اچي  ٿو ته موهن جي دڙي وارن تمام گهڻا گناهه ڪيا هئا، جنهن ڪري مٿن ڇپ نازل ٿي ۽ پوءِ تباهه ٿي ويا، اسان چيو .... چڱو ٿيو!

سڪندر اعظم 325  ق-م ۾ هڪ لک پنجٽيهه هزار فوج سان سنڌ مان گذريو هو ۽ اڄ کان 2300 سال اڳ فوج جو اهو تعداد ڪو ٿورو ڪو نه هو! منهنجو خيال آهي ته اڄ جي عام ماڻهوءَ کي جيڪڏهن سڪندر جي انهيءَ فوجي تعداد جي قوت جو احساس ڏيارڻو آهي ته پوءِ انهيءَ تعداد کي گهٽ ۾ گهٽ 23 سان ضرب ڪرڻو پوندو، جنهن ڪري اڄ جي سماجي لحاظ کان اهو تعداد ايڪٽيهه لک ٿيندو، سڪندر ايڏي وڏي فوج سان سنڌ ۾ نو مهينا ترسيو هو، هن ۽ سندس فوج ڇا کاڌو هوندو،  ڇا پيتو هوندو ۽ ڪهڙا عمل ڪيا هوندا؟  اسان کي ان جو ڪو به پتو ڪونهي، البته مغربي تاريخ نويسن ايترو لکيو آهي ته سڪندر سنڌ جا تمام گهڻا عالم قتل ڪرائي ۽ سندن ماس ڳجهن جي حوالي ڪيو هو، باوجود سندس انهيءَ عمل جي شايد ئي سنڌ جو ڪو اهڙو ڳوٺ، واهڻ ۽ شهر هجي جنهن ۾ سڪندر نالي ڪو ماڻهو موجود نه هجي! ٿي سگهي ٿو ته  اهو به ڪو راز هجي، جنهن جي ظاهر ٿيڻ  جو اڃا وقت نه آيو آهي، ائين به ٿي سگهي ٿو ته سڪندراعظم سنڌ کي ان شرط تي خالي ڪيو هجي ته سنڌ جون عورتون قيامت تائين سڪندرن کي جنم ڏينديون رهنديون ۽ اسان پنهنجن واعدن تي اڄ به پورا آهيون.

لس ٻيلي جي گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل آهي ته سڪندرجي لشڪرکي لس ٻيلي ۾ حب ندي، جنهن کي ان دور ۾ عريبز (Arabis) ندي سڏيو ويندو هو ۽ پورالي ندي جي ڪناري تي وسندڙ دراوڙ قومن جي متحده فوجن جو سخت مقابلو ڪرڻو پيو، جنرل هيگ لکيو آهي ته انهن قومن کي سندن ندين جي نالن پويان عربيز (Arabis)  ۽ اورٽي (Oritae) سڏيوويندو هو، هن جنگ ۾ اتحادي فوج جا (6000) فوجي سپاهي ڪم آيا، جڏهن ته سڪندر جي فوج کي پهتل نقصان ٻڌائڻ کان مغربي تاريخون خاموش رهيون، اندازو آهي ته سڪندر ان جنگ ۾ پاڻ به شديد زخمي ٿي پيو ۽ ان ئي زخم جي ڪري کيس ايڏو ته شديد نقصان ٿيو جو ايران ۾ وفات ڪيائين.

سڪندر جي حملي کانپوءِ سنڌ جون سرحدون ڄڻ ٻاهرين حملي آورن لاءِ کلي ويون، باختري، سٿين، عربن جون ڪاهون بتدريج سنڌ تي ٿينديون رهيون، اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ به سنڌ حملي آورن کان آجي ڪو نه رهي، جيڪو گهر کان رسي پيو، ته سنڌ تي حملي آور پئي ٿيو، ترڪ، تاتاري، غزنوي، ارغون، مغل، مرهٽا، ڊچ، فرينچ ۽ انگريز الڳ الڳ وقتن تي حملا ڪندا ۽ سنڌ جي وسندڙ ۽ خوشحال واديءَ کي تباهه و تاراج ڪندا رهيا،  دراصل اهي حملي آور دولت ۽ ثروت جا پوڄاري هئا، جن انساني جانين کي پنهنجي حوس خاطر بيدرديءَ سان قتل پئي ڪيو، افسوس آهي ته انهن فاتحن ۽ سندن تاريخ نويسن هميشه دروغ گوئيءَ کان ڪم وٺندي پاڻ کي مجاهد پئي سڏيو، هتي ڪن فاتحن جي ڪردار جا چند مثال ٿو پيش ڪريان، جن مان آسانيءَ سان اندازو ٿي سگهندو ته انهن واقعي حق ۽ سچ جون سنڌ ۾ ڌڄيون اڏائي ڇڏيون! شايد اهو ئي سبب هجي جو اسان جو سنڌي ذهن، دين کان لاتعلق ۽ ڌرتيءَ سان به وفاداريءَ ۾ هو محتاط آهي.

فيروز شاهه تغلق ٺٽي جي قلعي تي قابض ٿي نه سگهيو، ته چراغ دهلوي ۽ جلال بخاريءَ جي تقدس ۽ صوفيانه جاءِ جلال کي استعمال ڪندي ڄامن کي صلح جا واعدا ڏئي قلعي کان ٻاهر آڻي ڌوڪي ۾ قيد ڪري دهليءَ وٺي ويو، شاه بيگ ارغون سنڌ جي  ملن موراڻن ۽ پيرن فقيرن کي لالچ ڏئي ملڪ مان غداريءَ تي آماده ڪري ۽ مخدوم بلاول جهڙي قومي رهبر جي خلاف فتوائون جاري ڪرائي کيس گهاڻي ۾ پيڙايو. خان خانان کي جڏهن ‎ٺٽي کي فتح ڪرڻ لاء زور ڏيندي پورو سال گذري ويو، ته هن به فريب ۽ مڪاريءَ جو سهارو وٺندي، سنڌ جي ديني جاسوسن ۽ روحاني گاڙدن کي هٿ ڪري مير جاني بيگ کي صلح جو پيغام موڪلي ۽ معاهدو طئي ڪري دهلي وٺي ويو. تاريخ شاهد آهي ته مغلن ان کي فتح سان منسوب ڪندي، پوري سنڌ کي ڏيڍ سئو سال غلام بڻائي رکيو. شاهه شهيد کي به ته قرآن جي واسطي ۾ قتل ڪيو ويو ۽ اهي هن عظيم صوفيءَ جا قاتل ڪي غير مسلم ڪو نه هئا، پر ٺٽي جا مغل نواب هئا. جن انتهائي دروغ گوئي کان ڪم وٺندي.  دهليءَ جي حاڪميت کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته شاهه عنايت تي حملو ڪرڻ واجب آهي.

ٻاهرين حملي آورن مان سڀني کان وڌيڪ تبديلي جيڪا سنڌ ۾ آئي، اها عربن جي اچڻ سان آئي. سنڌ جي عوام جو وڏو حصو اسلام ۾ داخل ٿي ويو. دين اسلام ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ هر تحقيقي ڪم تي به عالم سڳورن کي وڏي احتياط سان اڳتي وڌڻو پيو، عرب اڳ ۾ عرب هئا، پوءِ مسلمان ٿيا هئا. جيڪڏهن ڪو عرب، عرب ليگ ٺاهي ٿو ته دين ۾ خلل پوڻ جو ڪو به امڪان ڪونهي. پر جيڪڏهن ڪو سنڌي سنڌ ۾ سنڌي پارٽي ٺاهي وجهي، ته  ان جو مطلب دين جي اصولن خلاف به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن سندس دين اسلام آهي ته ڇا ٿي پيو! هن جو وجود ته سنڌي آهي، ٿي سگهي ٿو ته سندس نيت ۾ ڪو خلل پيدا ٿي پوي، ۽ هيءُ نظريو ڪو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ جو نه آهي، پر اڳ ۾ به اهو ئي نظريو اسان جي عالمن سڳورن ۾ ڪارفرما رهيوآهي، ايستائين جو سنڌ جي ڪنهن وارياسي دڙي يا ڀٽ سان ڪنهن شاعر ڪو محبت جو اظهار پئي ڪيو، ته ان کي به ايندڙ جهان ڏانهن موڙيو پئي ويو. خاص ڪري لطيف جي ڪلام کي ته تشريحن جي وسيلي وطنيت کان ٻاهر ڪڍڻ جي ڏاڍي جدوجهد ڪئي وئي. اڄ به ڪيترن ئي عالمن جون شاهه جي ڪلام متعلق تشريحون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته شاهه صاحب هن وطن جي ڳالهه نه ٿو ڪري، پر ان وطن جي ٿو ڪري، جيڪو انسان ڦٽي ڪري آيو آهي، ۽ وري جنهن طرف موٽندو. اهي تاريخون رڳو مسلمان عالمن جون نه آهن، پر غيرمسلم عالمن به پنهنجن ڪتابن ۾ مروڙ، سروڙ سان وس ڪيو!

هن مٿئين حقيقت کي پيش ڪرڻ مان منهنجو مطلب اهو آهي، ته ڌارين کي اسان کي پنهنجي ملڪ جي وسندين ۽ وٿاڻن، ماڳن ۽ مڪانن، خواه تاريخي حقائق کان اگاهه ڪو نه ڪيو ۽ انهن ۾ دراصل اميد رکڻ به اجائي آهي،پر پنهنجن عالمن تي به شايد ڪنهن حد تائين خوف طاري رهيو، جنهن ڪري تحقيق جي لاءِ اسان کي وري به ڪن سماجي ۽ جاگرافيائي ٽاڻن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.

پاڪستان جي ڏاکڻي سرحد جو تعلق عربي سمنڊ سان آهي. مگر ان سموري سرحد(سنڌ خواهه بلوچستان) جو تمام گهڻو حصو لاڙ والاري ٿو. لاڙ ۽ عربي سمنڊ جي سنگت ڪا نئين ڪانهي، پر اهو سنگ هزارن سالن کان قائم آهي، جڳن کان ڪيئي جنگي جهاز لاڙ جي ساحلي بندرن تان ڏورانهن ڏيهن ڏانهن مال کڻي ويندا هئا. هزارين سنڌي جهاز انهيءَ ديوقامت سمنڊ جي پيٽ ۾ آهن. هئڻ ته ائين کپندو هو ته ان سمنڊ جو نالو ”لاڙي سمنڊ“ هجي ها، پر پوءِ به ان کي ”عربي سمنڊ“ سڏجي ٿو. الائي ڇو؟

تاريخ جا ڪتاب، جن جي مدد سان مون هن وڏي سمنڊ ۾ پٿر اڇلائڻ جي جرعت ڪئي آهي. ان جواب ڏيڻ کان ڪناره ڪش نظر اچن ٿا. هن مضمون جي آخر ۾ مون انهن ڪتابن جا نالا به ڏنا آهن، انهيءَ ڪري ته جيئن پڙهندڙ کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.

هتي هڪڙو ضمني سوال ڪجي ته بهتر آهي. اهو هيءَ ته ڇا، عربي سمنڊ کي سعودي عرب وارن، عربن جي نسبت جي ڪري سڏجي ٿو؟ جيڪڏهن ان جو جواب اثبات ۾ آهي، ته پو ان جا به اسباب ڳولڻ کپن. صرف اکيون ٻوٽي عقيدت جو اظهار ڪرڻ يقينن تحقيق جي دائري کي محدود ڪري ڇڏيندو.

ان کانسواءِ، ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو، ته انهيءَ سمنڊ جي ڪنارن تي ڪا سنڌي قوم عرب يا عربي نالي سان موجود هئي، جنهن جي نسبت سان ان جو نالو عربي سمنڊ ٿيو هجي؟ هن ننڍڙي مضمون ۾ مان انهن سوالن جي جوابن ڳولڻ جي ابتدا ٿو ڪيان.

جنهن کي عربي سمنڊ سڏجي ٿو، ان جون حدون اڀرندي ۾ بمبئي(هندستان) ۽ سنڌ، اتر ۾ سنڌ، بلوچستان(پاڪستان) ۽ ايران، الهندي ۾ يمن ۽ سوماليه (آفريڪا) ۽ ڏکڻ  ۾ هندي وڏي سمنڊ سان ملن ٿيون. هن سمنڊ جي ڪل پکيڙ 149،0000 چورس ميل آهي. جڏهن ته سراسري اونهائي 9600 فوٽ آهي، عربي سمنڊ کي گهڻي مان گهڻو پاڻي دجله، فرات، پورالي ندي، حب ندي ۽ سنڌو درياهه کان ملندو رهيو آهي، انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ لکيل آهي ته دجله ۽ فرات ٻنهي ندين کان سنڌو درياهه هن سمنڊ ۾ ٽيڻو پاڻي اڇلائيندو رهيو آهي. هن سمنڊ جي عمر ساڍا ٻاويهه ڪروڙ ورهيه چئي وڃي ٿي گويا سنڌو درياهه هن جي ساڍن ٻاويهن ڪروڙ ورهين کان، فرات ۽ دجله کان ٽيڻي خدمت ڪندو رهيو آهي.

تاريخي اعتبار کان هن سمنڊ جو پهريون نالو يوناني ملاح هيرو ڊوٽس (Herodotus) ايري ٿرين سي  (Erythrean Sea)  رکيو. هن هڪ نقشو 450 قبل مسيح ۾ تيار ڪيو، جنهن ۾ ٽن سمنڊن جا نالا ڄاڻايا اٿس. انهن ۾ هڪڙو آهي ائٽلانٽڪ سمنڊ، جيڪو الهندي طرف آهي. ٻيو آسٽريليائي سمنڊ، اهو ڏکڻ طرف آهي ۽ ٽيون ايريٿرين سمنڊ جنهن کي اڄ عربي سمنڊ سڏجي ٿو.

مولانا سيد سليمان ندوي، ايڇ ايم. پنهور ۽ جنت السنڌ جي مصنف ابن حوقل بغداديءَ جو نقشو پنهنجن ڪتابن ۾ شامل ڪيو آهي. ابن حوقل اهو نقشو 1943ع ۾ تيار ڪيو هو. چيو وڃي ٿو، سنڌ ۽ گجرات جو اهو پهريون نقشو آهي، هن نقشي ۾ عربي سمنڊ جي بجاءِ بحر فارس ۽ هندي سمنڊ ڏيکاريل آهي.

 ايم ايڇ پنهور جي ڪتاب ۾ الاسطخري جو نقشوٻه شامل ڪيل آهي، هيءُ نقشو 951ع ۾ تيار ڪيو ويو هو، هن نقشي ۾ به عربي سمنڊ جي بجاءِ بحر فارس ڏيکاريل آهي، ابن حوقل جي نقشي کان هن ۾ اها تبديلي آئي آهي، ته هن مان هندي سمنڊ جو نالو ختم ڪيو ويو آهي.

ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب ڪيرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ۾ راءِ سهاسي ٻئي II جي دور حڪومت جو نقشو پيش ڪيو آهي. هن نقشي ۾ عربي سمنڊ جي جاءِ تي لاڙي سمنڊ يا لاڙوي – بحر ڏيکاريل آهي. مگر ان ڳالهه جي وضاحت پنهور صاحب  ڪا نه ڪئي آهي، ته هن راءِ جي حڪومت جي وقت ۾ ان سمنڊ جو نالو لاڙي سمنڊ ڪهڙين ڳالهين جي ڪري رکيو آهي.

ڪيترن ئي ليکڪن جو رايو آهي ته سڀ کان اول فوليشن (Phoenicians)  قوم سمنڊ جي سيني تي جهاز راني ڪئي، فونيشن ڪير هئا ۽  پوِءِ ڪيئن ختم ٿي ويا؟ ول ڊورالٽ (Will Durant) جو چوڻ آهي ته اسان جو ان ڳالهه سان ڪو به تعلق ڪونهي ته،  هو ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا، البته اها بهترين جهاز ران قوم هئي، جنهن هر ڪنهن سمنڊ تي پنهنجا تجارتي ٻيڙا هلايا هئا. هن قوم لاءِ جنت السنڌ جي مصنف لکيو آهي، ته  عبراني هن قوم کي ڪنعاتي سڏيندا هئا.

يوناني ملاح هيروڊوٽس  (Herodotus)لکيو آهي، ته انهن جا ابا ڏاڏا خليج فارس مان نڪري شام ۾ بحر روم جي ڪنارن تي اچي آباد ٿيا. انهن 2800 قبل مسيح ۾ سامونڊي ڪنارن سان هڪ سئو ميل ڊگهي پٽيءَ ۽ ڏهه ميل ويڪري پٽيءَ ۾ پنهنجي راڄڌاني قائم ڪئي. عيسوي سن کان ٻارنهن صديون اڳ فونيشن قوم جو بحر - روم جي ڪنارن تي عروج هو، سامونڊي کوجنا وارين تاريخن  (History of Oceanography.)  ۾ ڄاڻايل آهي ته فونيشن ملاح يورپ وارن ساحلي بندرن سان ته واپار ڪندا هئا، پر هو هندي سمنڊ يا اوڀر طرف ڪڏهن به ڪو نه آيا هئا، البته ڳاڙهي سمنڊ جي الهندي ڪناري وارن بندرن تي جيڪو به سامان سنڌي ٻيڙا کڻي پهچندا هئا، ته اهو سامان اها قوم خريد ڪري ۽ بحر روم جي ڪنارن مان بندرن ۽ يورپ جي بندرن تائين پهچائيندي هئي. ماهرن جو خيال آهي، ته سامي نسل جون قومون ۽ عرب سندن يادگار نسل آهن.

فونيشن کانپوءِ تاريخي طور يوناني جهاز ران سامونڊي مسافري تي اسرندي نظر اچن ٿا، جن ۾ هيرو ڊوٽس (Herodotus) ۽ نيارڪس (Nearchus) مشهور جهاز ران آهن، هيرو ڊوٽس ته مختلف سمنڊ جو 450 ق-م ۾ نقشو به پيش ڪيوهو. نيارڪس ته سڪندراعظم سان سنڌ جي ڪنارن سان تمام گهڻو وقت گذاريو.

مگر سنڌي تجارت ۽ تاريخ سان ته ڌاڙو ان وقت ئي شروع ٿيو، جڏهن ايرانين ۽ عرب سڳورن ”سنڌ“ جو اُچار ڦيرائي هند ڪيو. يوناني ته اڃا به گوءِ کڻي ويا، جو انڊس ۽ انڊيا جا لفظ اچاري سنڌ جي تشخص کي مورڳو گهوٽالي ۾ وجهي ڇڏيو. جيڪڏهن انهيءَ گهوٽالي کي درست ڪرڻ جي خيال سان، هندي وڏي سمنڊ کي سنڌي ٿا سڏيون، ته مورڳو بين الاقوامي برادريءَ مان ڪڍيا وينداسون، ان ڪري هلن ڦلڪن حوالن جي آڌار تي اڪتفاده ڪندي في الحال عرب سمنڊ کي ته پنهنجي تجارتي دعويٰ جو موضوع بڻايون ٿا.

مختلف شاهدين مان پتو پيو آهي ته سنڌ جا وڻجارا جن جو تعلق درواڙي نسل سان چيو وڃي ٿو، ٻه هزار سال قبل مسيح ۾ سامونڊي تجارت جي لحاظ کان عروج کي پهتل نظر اچن ٿا. موهن جي دڙي مان هڪ مهر لڌي وئي آهي، جنهن تي ٻيڙي جي تصوير چٽيل آهي.

ڊاڪٽر اي - سي داس رگويد جي حوالن سان لکيو آهي، ته رگويد ۾ سنڌ جي وڻجارن چئن سمنڊن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ۾ هڪڙو آهي، پورو سمنڊ يعني بنگال جو سمنڊ، ٻيو هندي وڏو سمنڊ (سنڌي)، ٽيون موجوده عربي سمنڊ ۽ چوٿون راجسٿاني سمنڊ، جيڪو هن وقت معدوم ٿي ويو آهي.

ڪلڪي ڀيرو مل لکيو آهي، ته قديم سنڌ جا رهاڪو جهڙا جهاز رانيءَ ۾ ڀڙ هئا، تهڙا ئي جهازن جوڙڻ ۾ قابل هئا. اهي سمنڊ جهاڳي ڏوراهن ملڪن ڏانهن وڻج واپار ڪندا هئا.

جنت السنڌ جي مصنف لکيو آهي ته ڪلديہ عراق جي انهيءَ حصي کي چيو ويندو هو. جتي فرات ۽ دجله پاڻ ۾ ملندا هئا. 2334 ق-م ۾ هن راڄڌاني جو عروج هو، سنڌ جون آڳاٽيون ململيون ۽ خوشبودار مصالح هتي  وڪامندا هئا. موهن جي دڙي مان نڪتل شيون ٻنهي ملڪن جي واپاري ڏي وٺ جي نشاندهي ڪن ٿيون. بابل جو شهر به فرات جي ڪناري تي هو. ان جو بنياد نمرود وڌو هو. جنت السنڌ جو مصنف لکي ٿو ته بابل ۽ نينوا وارن سان سنڌ جا باقاعده تجارتي تعلقات هئا.

دراصل سنڌ جو اهو واپار ابلہ، آر، سپار، ارخه ۽ آغاد، جيڪي ايراني نار جي منهن ۾ شهر هئا، ۽ واپار جا مرڪز هئا، انهن شهرن ۾ سنڌ جي شين جو واپار وڏي پئماني تي هلندو هو. سيد سليمان ندوي جو بيان آهي ته بندرگاهه ابلہ، جيڪو بصري جي قريب هو، ان بندر تي ايترا ته سنڌ جا ٻيڙا بيٺا هوندا هئا، ۽ ايترو ته سنڌي واپار هلندو هو، جو عرب ان کي سنڌ جو ٽڪرو سمجهندا هئا. انهيءَ بندر تي حضرت عمر رضه جي حڪم موجب 14 هه ۾ قبضو ڪيو ويو.

انسائيڪلوپيڊيا برتينيڪا ۾ ڄاڻايل آهي ته عرب حاڪميت ۾ 15 صدي عيسوي تائين به ان سمنڊ جو نالو هندي سمنڊ هو. يا ان کي هندي وڏي سمنڊ جو حصو چيو ويندو هو، بحر – فارس ( Persian Gulf)  ۽ بحيره قلزم (Red Sea ) به 8 ۽ 9 صدي عيسوي کانپوءِ سڏجڻ ۾ آيا.

هن جي تصديق پي ڪي هتي ((P.K Hitti  جي انهيءَ نقشي مان به ٿئي ٿو. جيڪو هن عرب تاريخ(History of the Arabs)  ۾ ڏنو آهي. هن نقشي ۾ رڳو هندي وڏو سمنڊ ڏيکاريل آهي. پر عربي سمنڊ جو نالو ئي ڪونهي.

چوڏهين ۽ پندرهين صدي عيسوي ڌاري عرب ۽ ايراني ملاح ”عربي سمنڊ“ ۾ ويرن چڙهڻ ۽ سمنڊ ماٺي ٿيڻ جي وقت کي متعين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. چيو وڃي ٿو ته ڪي فارسي زبان ۾ لکيل ڪتاب هٿ آيا هئا، جن ۾ آفريڪا ۽ ايشيا جي ڪن بندرن جا نالا درج ٿيل آهن. ان سان گڏ اهو به واضح ٿيل آهي، ته مذڪوره بندرن لاءِ ڪهڙي موسم سازگار ٿيندي. انهن ڪتابن ۾ چؤماسي هوائن جو به ذڪر ڪيل آهي ۽ هي تمام اعليٰ قسم جي تحقيق هئي، جيڪا مشرقي ماڻهن ڪئي هئي.

مگر، هن حقيقت کان به انحراف نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌي ملاحن به سامونڊي مسافريءَ متعلق پنهنجا تجربا ضرور ڪن ڪتابن ۾ درج ڪيا هوندا! پر سنڌ تي ان سهنديءَ جا مينهن ڪو هڪ دفعو ته ڪو نه وٺا آهن، جو اهڙا نازڪ دستاويز انهن تباهڪارين کان محفوظ رهجي وڃن ها، ٻيو ته ڇڏيو، پر ويجهڙائي ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ٽن سُرن ۾ سمنڊ جي مسافريءَ جي تڪليف، موسمي حالتون، سمنڊ جي دهشت ۽ سنڌي ٻيڙيائتن جو عزم ۽ حوصلو جيڪو پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي، ان جي وضاحتن ۽ تشريحن کي پڙهندا، ته يقيناً توهان کي احساس ٿيندو ته شايد شاهه صاحب، نه هن سمنڊ جي ڳالهه ٿو ڪري، ۽ نه ئي سنڌي ملاحن جي، آخر پنهنجي تاريخ ڪهڙي آڌار تي مرتب ڪجي؟

مٿي ڏنل آخري سوال جو جواب، جنرل هگ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ Indus Delta Country)) ۾ لس ٻيلي ۾ وسندڙ هڪ اهڙي قوم جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو تعلق دراوڙ نسل سان چيو وڃي ٿو. انهيءَ قوم کي عربيز (Arabis)  جي نالي سان سڏيو ويو آهي. هن جو ذڪر مان مٿي به ڪري آيو آهيان. هيءَ قوم جنگجو ۽ جهاز ران به هئي. سڪندر جي فوج سان به انهن جي جنگ ٿي هئي. هن قوم جو نالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به جامع سنڌي لغات ۾ ڏنو آهي، ۽ اها لاڙ واري حصي ۾ آباد هئي. اڄ اها قوم آهي يا نه، اهو مسئلو تحقيق جوڳو آهي. في الحال ڊڄندي ۽ ڪنبدي اهو عرض ڪندس ته  ڇا اها عربيز قوم ته نه هئي، جنهن جي نالي پويان عربي سمنڊ جو اهو نالو پيو!

آخر ۾ شاهه صاحب جي هن بيت سان موڪلاڻي:

وَهَ تِکَ وَهَڪرا، جِت لنگر نه ٺهرَنِ،

وَڏاندرِيون وَهَه سامُهِيون، جَجهي زور جُنبن،

نيڍوءَ ۾ ناتاريِون،وڻجارا وجهن،

مُلا مُملِين مون ڳري سُئيِ ڳالَڙِي.

(سريراڳ 3-15)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org