سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي درٻار

 

صفحو ؛ 11

پڄاڻي

ڪڇ جي رهاڪن جو هيءُ احوال مون ڪجهه سال ٿيا، ته هڪ دوست لاءِ لکيو هو، ان کان پوءِ حالتون بدلجي ويون آهن، پر تنهن هوندي به اهو احوال هت ڏجي ٿو. ڏسڻ ۾ ايندو، ته مسٽر ايلفنسٽن ۽ ڪئپٽن ايم. مرڊو، جيڪي هن عنوان تي لکيو آهي، تنهن کان وڌيڪ، سواءِ ڪن رابين جي، هن مضمون ۾ ڪجهه ڏنل نه آهي.

تخمينو ڪيو ويو آهي، ته هن وقت ڪڇ ۾ ٽي لک پنجاهه هزار ماڻهو رهن ٿا، جن جو ٽيون حصو مسلمان آهن، ۽ باقي مختلف ذاتين جا هندو آهن. اڳي آبادي وڌيڪ هوندي هئي، پر هاڻي ڪيترن سببن ڪري گهٽجي ويئي آهي. سنه 1816ع ۾ جو گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ ڏُڪر ۽ مرض پيو هو، تنهن ۾ ڪڇ جي اڌ آدم شماري چٽ ٿي ويئي. راءَ لڪا، غوري ۽ راهه دين جي ظلمن ۽ فتح محمد جي لڙاين ويتر ملڪ جو خانو خراب ڪيو. ان کان پوءِ، ڪيترا سال ساندهه برسات ڪانه پئي آهي، جنهنڪري ڪيترا ڪڙمي پيٽ گذران لاءِ سنڌ يا ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ويا آهن.

ڪڇ جا رهاڪو هندستان جي هن ڀاڱي جي ٻين ملڪن جي رهاڪن کان وڌيڪ مضبوط، جانٺا ۽ ٺاهوڪا آهن. انهن مان ڪيترن ۾ خاص ڪري راجپوتن ۾ اوچي فوجي ذات جا اهڃاڻ آهن. مٿئين طبقي جي ماڻهن جون زالون خوبصورت ليکيون وينديون آهن. ظاهري نظر ايندو، ته ماڻهو جاهل ۽ ڪاهل آهن، پر جيڪڏهن ويچار ۽ ڌيان سان ڏسبو، ته معلوم ٿيندو، ته ائين نه آهي. اوهان کي اهو ٻڌي تعجب لڳندو، ته ڪڙمي ماڻهو نهايت ذهين آهن، ڪمين جي ڪاريگري، ته اڳيئي مشهور آهي. مانڊوي جو محل ۽ ڀـُـڄ ۾ راءَ لڪا جو مقبرو، معماريءَ جا لاجواب مثال آهن. ڪڇ جا سونا روپا زيور مشهور آهن ۽ يورپي ماڻهن به انهن جو قدر ڪندا آهن. انهن ۾ اهڙي لطافت ۽ نزاڪت هوندي آهي، جو سواءِ چينائين جي، ٻيو ڪوبه ايشيا جو ملڪ انهن جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. دنيا ۾ ڪا اهڙي ڪل ڪانه آهي، جا ڪڇ جا سونارا، واڍا ٿوريءَ سمجهاڻيءَ ۽ صلاح سان ٺاهي نه سگهن. مون هڪڙو انهن جو ٺهيل بندوق جو گهوڙو ڏٺو، جو اهڙو هو جو سڀڪنهن ٿي سمجهيو، ته ولائتي آهي.

مان نٿو سمجهان، ته ڪڇ جا رهاڪو هندستان جي ٻين ماڻهن کان وڌيڪ بداخلاق آهن، جي ائين هجي به، ته به ياد رکڻ گهرجي، ته هو وڌيڪ احتياط وارا آهن ۽ ظالم، بيرحم ۽ بداخلاق حڪومت جي اثر کان اڃا هاڻي آجا ٿيا آهن. سنه 1819ع تائين هو اهڙيءَ حڪومت هيٺ رهندا ٿي آيا. هو گهڻو ڪري صلح پسند، فرمانبردار ۽ ادب وارا هوندا آهن. هنن ۾ ڌاڙا ۽ خون ورلي ٿيندا آهن، سواءِ مياڻن جي، جن جو احوال هيٺ ڏنو ويو ويندو.

آفيم ۽ حقي جو ملڪ ۾ عام رواج آهي. ڪڇين جي نظر ۾ آفيم ۽ حقو هر دماغي خواهه جسماني مرض جو علاج آهن. ڪڇي گهر ۾ هوندو يا ٻاهر، مسافريءَ تي، ته حقو ساڻ هوندس. فرصت جو سمورو وقت هو حقو ڇڪيندو آهي. مون راءَ جي سوارن سان مسافري ڪئي آهي، هو تکا هلندا آهن، ته به حقو پيا ڇڪيندا آهن. ڪڇ جي هر طبقي جي ماڻهن ۾ آفيم جو اثر نظر ايندو. ماڻهو آفيم جي اثر کان سست ۽ ڪاهل ٿي پيا آهن، پر جي ڏسبو، ته آفيم جو کاپو ڪيترو آهي، ته پوءِ ان جا اثر تمام خراب ڪونه آهن، آفيمي ڪم ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن، پر ممڪن آهي، ته ماڻهو فطرتا= به سست هجن. آفيم جسم يا دماغ کي ايترو نقصان نٿو پهچائي، جيترو پهچائڻ کپيس. روهه جو جهاريجو سردار وسراجي، جو ڪڇ  جي تاريخ ۾ گذريل سٺ ورهين کان مشهور آهي، تنهن پنهنجي عمر ۾ آفيم پئي کاڌو آهي، تنهن هوندي به هن تي ڪو خراب اثر ڪونه پيو آهي- ايتريقدر جو گذريل سال هن سرڪار جي خلاف سازشون پئي ڪيون، پر پڪڙجي پيو ۽ کيس سندس قلعي ڏانهن روانو ڪيو ويو. هو هاڻي اسي ورهين جو آهي ۽ ڪمزور ۽ لاغر ٿي ويو آهي، پر دماغ اڃا سالم اٿس. اها ڳالهه فقط وسراجيءَ جي حالت ۾ صحيح نه آهي: مون جاچ ڪري معلوم ڪيو آهي، ته ڏيهي ماڻهن تي آفيم جو تمام برو اثر ڪونه ٿو پوي، ائين به آهي جو اوڀر هندستان جو آفيم، ترڪيءَ جي آفيم کان گهٽ نقصانڪار آهي.

آفيم گهڻو ڪري پاڻيءَ ۾ ڳاري ننڍين وٽين سان پيئندا آهن. پڙهندڙ ٻڌي حيران ٿي ويندا، ته ماڻهو ڪيترو آفيم پي سگهن ٿا. ان ۾ شڪ ڪونه آهي، ته آفيم ٿڪل جسم ۾ جان وجهي ٿو. هڪ لڱا مون هڪ ڪڇي سوار سان رات جو مسافري ٿي ڪئي. اسان ڏاڍا ٿڪا هئاسين. ٽيهه ميل پنڌ ڪري چڪا هئاسين. هن جي چوڻ تي مون کي لاچار ٻن - ٽن منٽن لاءِ ترسڻو پيو. انهيءَ وچ ۾ هن تولو- ڏيڍ آفيم جو پاڻ به کاڌو ۽ پنهنجي گهوڙي کي به کارايائين. ان جو اثر هڪدم گهوڙي ۽ سوار ٻنهي تي پيو. گهوڙي چاليهن ميلن جي مسافري آسانيءَ سان طئي ڪئي، ۽ سوار به ڦڙت ۽ هوشيار نظر ٿي آيو.

ڪڇ جا هندو سواءِ جهاريجن راجپوتن جي، هندستان جي ٻين ڀاڱن جي هندن کان مختلف نه آهن. ملڪ جا امير امراءَ جهاريجا آهن ۽ هنن جو راءَ جي گهراڻي سان ٿورو گهڻو لاڳاپو آهي. هو پنهنجو نسل ساڪي گولاري مان ڇڪيندا آهن، جو سنڌ ۾ هزارها سال اڳ حڪومت ڪندو هو. هن جا چار پٽ: مور، انڙ، ڦول، ۽ منيا ڀائي گهرو اختلافن سبب ڪڇ ۾ لڏي اچي ويٺا هئا. پويان ٻه، بنا اولاد مري ويا. ساڪو ڦولائي مور جي ٽين پيڙهي هو. هن جو نالو ڪڇ ۾ اڃا مشهور آهي. نواننگر جو هاڻوڪو ڄام ۽ ڪڇ جي راجپوت جهاريجا، انڙ جي اولاد مان آهن. هـُـميرجي هن جي پوين مان هو. هو چار سؤ ورهيه اڳ اتي رهندو هو. هن کي چار پٽ هئا: کينجر، رهائبجي، صاحبجي ۽ الياجي. راءَ کينجر جي اولاد مان آهي. ٻيا جهاريجا ٻن ٽن پٽن جي نسل مان آهن. هو پنهنجي ذات وڌيڪ اوچي سمجهندا آهن.

ڪڇ ۾ اٽڪل اڍائي سؤ جهاريجا سردار آهن. هنن سڀني کي سندن يا سندن وڏن جي خدمتن يا عزازت سبب راءَ وٽان جاگيرون مليل آهن، جو سندن ولي نعـِـمت آهي. هو ’ڀياد‘ يعني راءَ جي برادري ڪري سڏبا آهن ۽ سندس موروثي صلاحڪار آهن. راءَ جي گهر ۾ جڏهن ڪو نر ٻار پيدا ٿيندو آهي، ته شاهي جاگيرن مان کيس ۽ هن جي اولاد کي حصو مقرر ڪري ڏنو ويندو آهي. سردارن جي خاندان ۾ به ساڳئي اصول تي عمل ڪيو ويندو آهي ۽ جاگيرون عزيزن ۾ ورهائي تقسيم ڪيون وينديون آهن، جي سردار جا ”ڀياد“ سڏبا آهن. ظاهر آهي، ته انهيءَ رواج ڪري جاگيرون ٿوري عرصي ۾ ننڍا ننڍا حصا ٿي ورهائجي وينديون. پر ٻالڪ هتيا جي وحشي رسم انهيءَ رواج جو اثر ڪجهه قدر گهٽائي ٿي، سڀڪنهن کي خبر آهي، ته اهو رواج هندستان جي راجپوتن ۾ به آهي. ڪڇ جي جهاريجن جو چوڻ آهي، ته اهو رواج، انڙ جي اولاد مان هڪ پوئين پٽ جاڙي وٽان شروع ٿيو، جنهن جي نالي پٺيان هنن جو خاندان جاڙيجو سڏبو آهي. چون ٿا، ته هن ست سؤ ورهيه اڳ، هڪ ڏينهن ۾ پنهنجون ست ڌيئرون ماري، پنهنجن پوئين لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو هو. افسوس آهي ته هن جا پويان سندس پيرويءَ جي خلاف معصوم پٽ به ماريندا آهن.

انگريز سرڪار شروع کان وٺي انسانيت جي تقاضا مطابق هن وحشتناڪ رواج بند ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، پر اهو رواج ماڻهن ۾ گهر ڪري ويو آهي ۽ راجپوت خاندان سمجهن ٿا، ته ان ۾ سندن فائدو آهي، تنهنڪري شڪ نه آهي، ته جهاريجن جي ڪوٽن جي اونداهين ڪوٺين ۾، جتي کين ڪوبه ڏسي ڪونه ٿو سگهي، انهيءَ رواج تي اڃا عمل ڪيو وڃي ٿو. ڀـُـڄ درٻار کي جيڪي انگ اکر مليا آهن، سي ڏيکارين ٿا، ته ڇوڪرين کان ڇوڪرا وڌيڪ پيدا ٿين ٿا. ان مان ظاهر آهي، ته نياڻين جي هتيا ڪئي وڃي ٿي. چون ٿا ته معصوم ٻارن کي، ٿڻن کي آفيم لڳائي يا کير ۾ آفيم ٻوڙي پياري ماريو ويندو آهي.

جهاريجا، ٻين راجپوتن کي ٻانهون (نياڻيون) ڏيندا وٺندا آهن، پر هو سڀ هڪ ڏاڏي جو اولاد آهن، تنهنڪري هو پنهنجي قوم مان شادي ڪرڻ گوتر گمن ڪري سمجهندا آهن، هنن ۾ ٻالڪ هتيا جو وڏو ڪارڻ اهو اصول آهي. هندستاني سماج ۾ ڪنوارين ۽ اڻپڙهيل عورتن جو مانُ ڪونه هوندو آهي. جيڪڏهن ڇوڪر جي ٻالڪ اوستا ۾ شادي نه ٿي، ته اها ڳالهه هن ۽ هن جي عزيزن لاءِ رسوائيءَ جو ڪارڻ سمجهي ويندي آهي، جهاريجن جي ڇوڪرين لاءِ ڪڇ ۽ ڪڇ جي ڀر وارن ملڪن ۾ مڙس ملڻ مشڪل آهي، تنهنڪري جي انهن کي ڇڏيو ويندو، ته هو بدڪار ۽ بدچلن ٿينديون. سماج جي هيءَ حالت هڪدم فقط قدرت ڦيري سگهي ٿي. اُميد آهي، ته اسان جي حڪومت جي اثر هيٺ ۽ سڌريل خيالن جي پکڙجڻ ڪري، اهو رواج آهستي آهستي بند ٿي ويندو. ٻالڪ هتيا بند ڪرڻ لاءِ جيڪي اُپاءَ اسان ورتا آهن، تن کي وڌيڪ ڪجهه ڪابه حڪومت نٿي ڪري سگهي. سنه 1819ع وارو عهدنامو، ان ڳالهه جو شاهد آهي، ته انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون قربانيون ڪيون ويون آهن، انهيءَ عهدنامي جي شرطن مطابق اسان جهاريجن سردارن کي انجام ڏنو هو، ته هنن جي ملڪيت کي هٿ ڪونه لاتو ويندو ۽ هنن وعدو ڪيو هو، ته هو پنهنجن نياڻين کي ايذاءُ ڪونه رسائيندا. اهڙي طرح اسان نه فقط ملڪ جي واليءَ پر ٻن- ٽن سون سردارن سان ناتو ڳنڍيو، جو اسان لاءِ نقصانڪار آهي: پر هاڻي اسان ٽوڙي نٿا سگهون. ٻالڪ هتيا مخفي نموني ۾ ڪئي ويندي رهي ٿي، جو ان جي خبر ڪانه پئجي سگهندي آهي، ڪڇ جي راجپوتن جي وڏائيءَ ۽ ظلم جو هڪ مثال هت ڏجي ٿو: سنه 1762ع ۾ جاره جي لڙائيءَ وقت هنن ڪيترا هزار ٻار ۽ زالون قتل ڪري ڇڏيون، ته جيئن هو سنڌين جي ور نه چڙهن.

جهاريجن ۾ هڪڙي روايت آهي، ته هو جڏهن پهريائين ڪڇ ۾ داخل ٿيا هئا، تڏهن مسلمان هئا. ٻه سؤ ورهيه پوءِ، جڏهن ملڪ سمورو هنن جي قبضي ۾ اچي ويو، تڏهن هنن پاڻ تي هندڪا نالا رکايا ۽ هندن جون رسمون اختيار ڪيون. ان وقت کان وٺي هو راجپوت ڪري سمجهيا ويندا آهن، هندو ڌرم ۾ تبليغ ڪانه آهي، پر اها روايت مستند نظر اچي ٿي. هنن ۾ اڃا ڪيتريون مسلمانن جون رسمون آهن. هو قرآن مجيد ۽ شاسترن ٻنهي تي قسم کڻندا آهن. قاعدن قانونن لاءِ هو قرآن مجـيد ۽ شاسترن جا حوالا ڏيندا آهن، هو مسلمان بورچي رکندا آهن ۽ انهن جي هٿ جو کاڌو کائيندا آهن، راءُ، هندن جي مندر ۽ مسلمانن جي مسجد ۾ عبادت ڪندو آهي. گذريل صديءَ جي وچ ڌاري، راءُ لڪا، بغداد جي مشهور ولي، پيران پير جي يادگيريءَ ۾ ڀـُـڄ ۾ هڪ روضو ٺهرايو هو. هنن جو پويون راءُ ڏيسل پاڻ هر جمعي تي، جو مسلمانن جي عبادت جو ڏينهن آهي، روضي تي قرباني ڪندو هو، ڀـُـڄ جي درٻار هر سال مانڊويءَ مان حاجين کي مڪي شريف پهچائڻ لاءِ جهاز موڪليندي آهي ۽ مسافريءَ ۾ حاجين کي راءَ جي طرفان کاڌو خوراڪ ملندي آهي، ان ۾ شڪ نه آهي، ته هي مغلن جي زماني جو رواج آهي. مان سمجهان ٿو، ته ڪڇ جي راجائن کي انهيءَ شرط تي دهليءَ جي حاڪمن وٽان ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي اجازت ملندي هئي. اهو رواج اڃا هلندو اچي ٿو، اها ڳالهه ڏيکاري ٿي، ته جهاريجن جا مذهبي خيال مستقل نه آهن. ڪڇ جي شاهي خاندان کي مسلمانن سان عزازت ڳنڍڻ ۾ اعتراض ڪونه هوندو آهي، خاص ڪري جي مائٽي موزون هوندي آهي يا ان ڪري جو ڪو سياسي مقصد سڌ ٿيندو اٿن. راءَ گورا پنهنجي هڪ مائٽياڻي جي شادي سنڌ جي حاڪم ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي سان ڪرائي هئي. تازو راءَ ڀرملجيءَ جي ڀيڻ ڪيسرٻائيءَ جي شادي جهوناڳڙهه جي نواب سان ٿي.

ڪڇ جا مسلمان مغربي هندستان جي مسلمانن وانگر گهٽ ذات جا آهن. ڪڇ جي مسلمانن جو هڪڙو طبقو خاص ڌيان جوڳو آهي. انهن جون عبادتون ۽ رسمون ٻين کان نراليون آهن،اهي آهن مياڻا جي ڦرن ۽ ڌاڙن لاءِ مشهور آهن.

مياڻا چوندا آهن، ته اسان جو ۽ جهاريجن جو نسل ساڳيو آهي. جهاريجا مسلمان ٿيا هئا، پر اسان پنهنجي ڌرم تي قائم رهيا هئاسين. خير حقيقت ڪهڙي به هجي، هاڻي هنن راجپوتن وارو شان ۽ وڏائي ڪانه رهي آهي. هو قديم زماني کان وٺي اڇوت ۽ چور ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ جي حالتن جو فائدو وٺي هميشه ڏوهه ڪندا رهندا آهن.

توهان کي ان ڳالهه تي تعجب ٿيندو ته هنن ڌاڙيلن کي ڪڇ ۾ ايترو وقت ماڻهن کي آزارڻ جي اجازت ڪيئن ڏني ويئي آهي؟ ان جو جواب هيءُ آهي، ته اهي ماڻهن لاءِ هميشه تڪليف جو باعث هئا: پر هو اڪثر حڪومت کي ڪم ايندا هئا. ظلم زبردستيءَ ۾ هو حڪومت جو طرف وٺندا هئا. وقتن تي هنن کي حڪومت جي طرفان جاگيرون به مليون آهن. هنن جي خدمت جو هڪڙو مثال هت ڏجي ٿو، سو هيءُ آهي، ته سنه 1817ع ۾ احمدآباد جي نواب ڪڇ تي حملو ڪيو هو، پر مياڻن هن جي رسد بند ڪري ڇڏي ۽ نواب کي لاچار واپس موٽي وڃڻو پيو.

فتح محمد جي حڪومت اهڙي زبردست هئي، جو هن کي ڌاڙيلن جي مدد جي ضرورت ڪانه هئي. جڏهن فتح محمد زور ورتو، تڏهن ملڪ ۾ سخت وڳوڙ ۽ مونجهارو هو ۽ ڌاڙيلن جو اوج هوندو هو، فتح محمد اچڻ سان ڌاڙيلن جي پاڙ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ڪم ۾ هو ذري گهٽ ڪامياب به ٿيو. پر پوءِ انهن مان ڪيترا ڌاڙيل موٽي اچي ٽڪرين ۾ رهيا، جتي هو آباديءَ تي ڏکيو سکيو گذران ڪندا آهن.

سنه 1823ع ۽ 1824ع ۾ جڏهن ڏُڪر پيو، تڏهن هو سنڌ ۾ لڏي ويا. اتي هو ٻين سان ملي، ٽوليون ٺاهي، ڪڇ ۾ ڌاڙا هڻڻ لڳا ۽ ڪيترا ڳوٺ ڦري، ساڙي ناس ڪري ڇڏيائون.

سنه 1825ع ۾ ملڪ ۾ سڪر ٿي ويو ۽ گهڻا ماڻهو موٽي اچي پنهنجن ٻنين تي ويٺا ۽ سرڪار مٿن ٻاجهه ڪري کين زمينن جو قبضو ڏنو. ٻيا اڃا سنڌ ۾ رهيا پيا آهن ۽ موقعي ملڻ تي وري شورشون ڪندا. ڪي پنهنجن ڏوهن سببان درٻار جي هٿان سزائون کائي ويا آهن. انهن مان ڪيترن اهڙي مردانگيءَ سان موت جو مقابلو ڪري، ڦاسيون کاڌيون آهن، جي اڳين ڏينهن جي يادگيري ڏيارين ٿيون. ڪاش! انهن جي هڪڙي قوت ۽ همت ڪنهن چڱي ڪم ۾ صرف ڪن ها. انهن جي هڪڙي سردار کي، جنهن جو نالو امريو هو، اسان جي فوج جي هڪ دستي گذريل اپريل ۾ جهليو هو، ڪڇ جي رواج مطابق هن کي توب جي منهن وٽ بيهاري، اڏايو ويو هو. هو قيد ۾ رهي تمام هيڻو ٿي ويو هو، ۽ ڪيترا زخم هئس، ته به هن جي دل ڪانه دهلي، مڙسيءَ سان موت کي منهن ڏنائين، هن جي روبرو سندس ڪيترا ساٿي توب جي گولي ڇٽڻ سان اڏامي، پرزا پرزا ٿي ويا هئا، هو نهايت همت سان توب جي اڳيان اچي بيٺو ۽ پاڻ کي ٻـَـڌائڻ نه ڏنائين، توب جي منهن وٽ بيهي چيائين، ته مون کي اجازت ڏيو، ته مان پاڻ توب کي ڇوڙيان. هنن اوائلي قوم جي ماڻهن ۾ اڃا سندن وڏن جون عادتون ۽ رسمون موجود آهن، هنن جي دليريءَ ۽ سختيءَ کان صلح پسند ڳوٺاڻا ڪنَ هڻندا آهن. انگريزن جي فوجي چوڪين ڪجهه ماڻهن ۾ اطمينان پيدا ڪيو آهي، مياڻن جو چوڻ آهي، ته اسان جي قوم کي بد دعا ٿيل آهي، هنن جو هر بـُـري ڪم سان واسطو آهي، ڪڇ ۾ جيڪو به ڏوهه ٿيندو آهي، تنهن ۾ هنن جو هٿ ضرور هوندو آهي. ماڻهو هنن کي هٿ کڻي پٽيندا آهن.

جون - 1829ع

قلم تازو: مٿيون احوال سنه 1826ع جي شروع ۾ لکيو ويو هو، جڏهن ڌاڙيلن جون ڪاروايون زور شور سان چالو هيون، ان کان پوءِ، ملڪ ۾ سڪر ۽ حڪومت جي سٺي انتظام سببان حالتون بدلجي ويون آهن ۽ مياڻن جو نالو هاڻي ٻڌڻ ۾ به ڪونه ٿو اچي. سنه 1827ع ۾، ڀـُـڄ جي درٻار هنن کي اڳين ڏوهن جي عام معافي ڏني هئي. اهو هڪ نهايت مصلحت آميز ۽ رحم جوڳو قدم هو، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو سنڌ ۾ جيڪي ڪڇي هئا، سي واپس موٽي آيا آهن.

  

طبعي نقطهء نظر کان ڀُڄَ جو احوال

 

ڀـُـڄَ جو سفارتخانو،

16- سيپٽمبر 1828ع.

ممبئيءَ جي طبعي محڪمي جي سيڪريٽري ڏانهن.

حضور اعليٰ!

توهان جو هن مهيني جي پهرين تاريخ تي لکيل خط پهتو. اوهان جي 23- اپريل 1828ع واري سپرنٽينڊنگ سرجنس ڏانهن موڪليل اشتهار جي سوالن جا جواب طبعي محڪمي جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا. ان سان گڏ ڀـُـڄ جي طبعي حالتن تي منهنجا رايا پڻ ڏنل آهن.

 جيمس برنس


 

طبعي نقطهء نظر کان ڀُڄَ جو احوال

ڪڇ جو صوبو اٺهٺ ۽ ستهتر اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ٻاويهين ۽ چوويهين اتر ويڪرائي ڦاڪ جي وچ ۾ واقع آهي.

ان جي ڊيگهه اوڀر کان اولهه تائين هڪ سؤ پنجهٺ ميلن کان وڌيڪ نه آهي. ان جي ويڪر، اتر کان ڏکڻ تائين وڌ ۾ وڌ ٻاونجاهه ميل ۽ گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن ميل آهي.

ان جي ڏکڻ ۾ ڪڇ جي نار ۽ هندي سمنڊ آهي: اتر- اوڀر ۾ اتريون رڻ آهي، جو مئي کان آڪٽوبر تائين کاري پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي: اولهه ۾ ڪوري ندي يا سنڌونديءَ جي اولاهين شاخ آهي.

ڪڇ جو گهڻو حصو ويران ۽ بـُـٺ آهي. شهر گهڻا قدرت جي لوڏن يا انسانن جي زيانڪاري قوتن هٿان زبون ٿي ويا آهن. ڳوٺن جي ڀرسان ٿوري ڪا آبادي آهي، باقي ملڪ ٽـَـڪرُ ۽ واري آهي. ان ۾ ڪوبه سلوڪ جو ٽـُـڪر ڪونه آهي. پاڻي جي سخت قلت آهي، ۽ جتي پاڻي آهي به، ته به کارو. ماڻهن جي آبادي ساڍن ٽن لکن کان وڌيڪ نه آهي. پر پيدائش ايتري به نه آهي، جو انهن جي گذران لاءِ ڪافي ٿئي: تنهنڪري سـُـڪر جي زماني ۾ ڪڇ کي سنڌ مان اَن گهرائڻو پوندو آهي.

سال جا نوَ مهينا آبهوا معتدل ۽ خوشگوار هوندي آهي. آڪٽوبر جي مهيني کان ديسي خواهه يورپي ماڻهو ڊڄندا آهن، جو اتي روڳ ۽ بيماريون پيدا ٿينديون آهن، ۽ شايد گرمي گهٽ ٿيندي آهي. اونهاري ۾ گرمي گهڻي ٿيندي آهي. اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ سفارتخانو رهڻ جي قابل نه هوندو آهي. سڄو ڏينهن لـُـڪ لڳندي آهي ۽ گهر مٽيءَ ۽ واريءَ سان لـَـٽجي ويندا آهن. شيشي جون دريون به بچاءُ ڪونه ڪري سگهنديون آهن.

چوماسي ۾ برسات پوري پني پوندي آهي. بعضي بعضي، ته مينهن به بلڪل ڪونه پوي. جنهن ملڪ جو سارو دارومدار آسمان تي آهي، ان ۾ برسات جي قلت ڪري ماڻهن کي سخت تڪليف ۽ رنج ٿيندو آهي. پر ڏٺو ويو آهي، ته جنهن سال ۾ برسات نه پوندي آهي، ته اهو سال يورپي ماڻهو خوش گذاريندا آهن. ڪڇ سن 1823ع ۽ سن 1824ع ۾ ڏاڍو خوشگوار هو، سن 1825ع ۾ سخت برسات کان پوءِ، آبهوا بگڙي وئي.

ممبئي کاتي جي ٻين ڀاڱن جا رهاڪو ڪڇ جي آبهوا صحت بخش ڪونه ڪري سمجهندا آهن. هو اوڏانهن وڃڻ کان ڪيٻائيندا آهن، جيستائين وڌيڪ پگهار ۽ ڪو چڱو شهر نه ڏنو ويندو اٿن. مان ڀانئيان ٿو، ته ماڻهن کي ڪڇ بابت اجائي غلط فهمي ويٺل آهي. ڀـُـڄ جي ڏيهي فوج جو دفتر ڏيکاري ٿو، ته اتي سپاهين جي صحت ٻين ملڪن کان خراب ڪانه آهي. ساڳئي وقت مون ڏٺو آهي، ته ممبئيءَ جا ماڻهو، خاص ڪري نوڪريءَ وارا، ڪڇ ۾ اچڻ سان بيمار ٿي پوندا آهن ۽ وري جڏهن واپس ويندا آهن، ته نوبنا ٿي پوندا آهن.

ڏيهي ماڻهن کي اڪثر بخار ۽ سنڌن جي سور جي تڪليف هوندي آهي. تعجب آهي، ته هيضه (ڪالرا) جو مرض، جو ڀر وارن ملڪن ۾ راڱا ڪندو آهي، سو ڪڇ ۾ زور ڪونه وٺندو آهي. يورپي ماڻهن کي عام طرح بخار ٿيندو آهي. منهنجو آزمودو آهي، ته بخار جو پهريون وار هميشه خطرناڪ هوندو آهي، بخار سان پـِـت جون الٽيون ٿينديون آهن: ان کان پو”، واري جا تپ ٿيندا آهن، ۽ دؤرا پوندا آهن. ڪڇ سمنڊ جي ڪناري تي آهي، پر تنهن هوندي به بيماريءَ مان اٿڻ ۾ جيترو وقت هتي لڳندو آهي، اوترو ٻئي هنڌ ڪٿي ڪونه لڳندو آهي ۽ سو به ماڻهو بلڪل تندرست ڪڏهن ڪونه ٿيندو آهي.

هي شايد هڪ وهم سمجهيو وڃي، پر ڀـُـڄ ۾ اسان پنج عملدار ٽي ورهيه ساندهه رهيا آهيون ۽ اسان سڀني کي مدي تي دؤرا پوندا رهندا آهن. اسان مان هر هڪ کي اچڻ کان پوءِ، جلد ئي بخار ٿيو هو ۽ ان کان پوءِ، ڇهن مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو اسان مان هرهڪ کي دؤرو ضرور پوندو آهي. خوش قسمتيءَ سان دؤرو سخت نه هوندو آهي، ڪوئنين هڪدم فائدو ڪندي آهي ۽ تڪليف گهڻو وقت ڪانه هلندي آهي. جسم بخارن تي هري ويندو آهي ۽ نقصان گهڻو ڪونه ٿيندو آهي

ڪڇ ۾ ڪي جايون تمام مـُـهلڪ آهن، نرونا جو ڳوٺ، جو ڀـُـڄ جي اتر - اوڀر ۾ رڻ جي ويجهو سيلاني زمين ۾ واقع آهي. سو ته خاص ڪري مشهور آهي. لکپت بندر جو پاڻي اهڙو خراب آهي، جو ماڻهو چوندا آهن، ته هڪ ڍڪ ڀرڻ سان ماڻهو عمر ڀر ويهجي ويندو آهي. هيءُ هڪ وهم آهي، پر اهو ڏيکاري ٿو، ته ماڻهو ان شهر کان ڪيترو بد ظن آهن. مانڊوي هڪ خوشگوار ۽ تندرست شهر آهي. تازو ڪڇ جي حڪومت گهڻو خرچ ڪري، راءَ جي پراڻي محل کي فوج جي بيمار عملدارن لاءِ سجايو آهي، تنهن هوندي به مريضن کي گهڻو فائدو ڪونه ٿو پوي. آڪٽوبر جي مهيني ۾ سمنڊ جي هوا به فائدو ڪانه پهچائي سگهندي آهي. مون ڏٺو، ته مانڊويءَ ۾ هڪ وقت نوَ يورپي عملدار، جي ڀـُـڄ مان تازا توانا آيا هئا، سي بيمار هئا ۽ انهن جو ڪوبه پٽيوالو چاق نه هو، جو انهن جي خدمت ڪري سگهي.

مانڊويءَ ۾ چوماسي جي پڇاڙيءَ ۾ سخت گهـُـٽ ٿيندي آهي ۽ مئي ۾ اهڙي سخت گرمي ٿيندي آهي، جو ڄڻ ماڻهو ٻرندڙ باهه جي ڀرسان بيٺو آهي.

منهنجو رايو آهي، ته ڪڇ جي آبهوا اهڙي صحت بخش نه آهي، جهڙي سمجهي وڃي ٿي، پر ان ۾ شڪ نه آهي، ته اها گجرات جي ڪيترن هنڌن جي آبهوا کان سٺي آهي.

ڀـُـڄ 45- 67 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 15- 23 اُتر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي. چون ٿا ته سرطان جو خط يا ليڪو سومرا سير جي ڳوٺ مان لنگهي ٿو، جو رڻ جي ڏاکڻي ڪپ تي ڇانوڻيءَ کان پندرنهن ميل اتر طرف آهي. جيڪڏهن نقشو ڏسبو ته معلوم ٿيندو، ته سمورو ڪڇ، سواءِ لکپت ۽ ٻيلي جي سرطان ۽ جدي جي ليڪن جي وچ ۾ آهي.

ڪڇ جي زمين کي اتر طرف رڻ ڏانهن ٿوري سلامي آهي. رڻ ۾ جنهن نموني سمنڊ جي وِير جو پاڻي ايندو آهي، سو ڏيکاري ٿو، ته رڻ سمنڊ جي سطح کان ٿورو ڪو مٿي هوندو. تنهنڪري ڀـُـڄ جون ڇانوڻيون به گهڻيون مٿي ڪونه هونديون. منهنجي خيال موجب اهي سمنڊ جي سطح کان سؤ فوٽن کان وڌيڪ مٿي نه هونديون. طبعي محڪمي کي ٺيڪ روشن آهي، ته مٿانهينءَ جو صحيح اندازو ڪرڻ مشڪل آهي، پر اها حقيقت آهي، ته ڀـُـڄ ۾ پاڻي ٿورن فوٽن تي ملندو آهي، ۽ رڻ جي ڪناري تي، اٺن - ڏهن فوٽن تي، شهر ۽ سفارتخانو ڇانوڻيءَ کان هيٺانهينءَ زمين تي آهي.

ڪڇ جو ضلعو، جنهن ۾ ڀـُـڄ جو شهر اچي وڃي ٿو، سو سڄي صوبي جو سڀ کان غيرآباد علائقو آهي. شهر ۽ ڇانوڻيءَ جي پسگردائيءَ سال ۾ نوَ مهينا هڪ ويران پٽ هوندو آهي، جنهن ۾ گاهه جو هڪ تيلو به نظر نه ايندو آهي. ڪڇ ۾ عام روايت آهي، ته اڳين حاڪمن اها جاءِ ان ڪري پسند ڪئي هئي، جو اها ملڪ جي وچ ۾ آهي ۽ اتان ڌاڙيلن سان مقابلي ڪرڻ ۾ سهوليت ٿيندي هئن، نه ان ڪري، ته ڪو اتي آبادي وڌيڪ هئي.

ڀـُـڄ جي پسگردائيءَ ۾ زمين وارياسي ۽ ٽاڪرو آهي. ڀـُـڄيا جي ٽڪري، جا ڇانوڻيءَ جي اتر - اوڀر کان آهي، سا ويران ۽ خشڪ آهي. ڇانوڻيءَ ۾ پاڻي کوهن جو استعمال ڪندا آهن، پر اهو کارو هوندو آهي. يورپي عملدار سفارتخاني جي کوهه جو پاڻي استعمال ڪندا آهن. اهو هڪ ئي کوهه آهي، جنهن جو پاڻي مٺو هوندو آهي. ڏيهي ماڻهو بيپرواهه هوندا آهن. ڇانوڻيءَ ۾ پاڻيءَ مان ڪنهن کي ڪڏهن نقصان ڪونه پهتو آهي. برسات کان پوءِ، ڀـُـڄ جي تلاءَ ۾ پاڻي جام هوندو آهي ۽ شهر جي ماڻهن جو سمورو دارومدار ان تي هوندو آهي. اهو گويا هنن لاءِ هڪ چشمهء آب حيات آهي.

ڀـُـڄ جي نزديڪ ٻه نديون آهن. هڪڙي ڇانوڻيءَ جي اوڀر ۽ ٻي اولهه ۾. ڪڇ جي ٻين ندين وانگر، انهن ۾ پاڻي ڪونه هوندو آهي، سواءِ برسات جي موسم جي. جڏهن اهي ڀريون ڦوڪيون وهنديون آهن. اهي نديون رڻ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. ٻنهي ندين جا پيٽ هڪڙي نديءَ جي شاخ ۾، ڀـُـڄ کان ست ميل اتر- اوڀر، ڪڇ جو ڪوئلو لڀندو آهي.

ڇانوڻيءَ جي ويجهڙائيءَ ۾ سيلابي زمين يا پاڻيءَ جو دُٻو ڪونه آهي. ڀـُـڄ جو شاهي تلاءُ، جنهن جو اڳي ذڪر ٿي چڪو آهي، سو ميل پري آهي. اهو شهر جي اولاهينءَ ديوار کان شروع ٿئي ٿو ۽ سفارتخاني تائين هليو وڃي ٿو. اهو جڏهن ڀربو آهي، تڏهن سفارتخاني جي اڱڻن سان اچي لڳندو آهي. برسات کان پوءِ، ان جو سوا ميل گهيرو ٿي ويندو آهي، پر جون مهيني جي شروعات ۾ ان جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو سڪل هوندو آهي. تلاءُ شهر جي ديوار جي ويجهو وڌيڪ اونهو آهي.  تنهنڪري اهو پهريائين سفارتخاني جي طرف کان سڪڻ شروع ڪندو آهي. اڳي باغن جي تري ۾ سيلاب ٿيندو هو. پر گذريل سال ان کي بند ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا هئا، ۽ هاڻي اهو آزار بند ٿي ويو آهي، انهيءَ تلاءَ ۾ پاڻي، ڀـُـڄ جي ڏکڻ طرف، جي پيٽ آهن، تن جي پريان، ٽڪرين تان ايندو آهي. ننڍيون ننڍيون ڪـَـسيون گڏجي هڪ واهڙ ۾ اچي پونديون آهن. واهڙ ورزشگاهه سفارتخاني جي ٻن اڱڻن جي وچان لنگهي اچي تلاءَ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. اتر وارو وڏو رڻ، ڀـُـڄ کان تيرنهن يا چوڏنهن ميل اتر طرف آهي. سال ۾ ڪيترا مهينا رڻ پاڻيءَ هيٺ هوندو آهي. ان کان پوءِ سڪي ڪلراٺو ٿي ويندو آهي.

ڇانوڻيءَ ۾ ڪابه ساوڪ يا آبادي ڪانه آهي. فقط فوج جي اعليٰ عمدار جو هڪ زمين جو ٽڪر آهي، جنهن کي چوڌاري جهنگلو ڏنل آهي، ان کي باغيچي جي نالي سان سڏي سگهجي ٿو. اهو ڇانوڻيءَ جي کٻي طرف، ۽ ان کان ٻاهر آهي. سفارتخاني جي گهرن جي اڱڻن ۾ به باغيچا آهن، پر سفارتخاني خواهه ڇانوڻيءَ ۾ گهڻي ساوڪ يا گند ڪچرو ٿيڻ ڪونه ڏيندا آهن.

ڪڇ ۾ گهڻو ڪري اولهه جي هوا لڳندي آهي. چوندا آهن، ته سال ۾ ڏهه مهينا هوا اولهه- ڏکڻ ۽ اتر جي وچ تي پئي لڳندي آهي، هڪ مهينو اوڀر لڳندي آهي، ان ۾ ماڻهو بيمار ٿيندا آهن ۽ دل خراب ٿيندي اٿن، جي اها گهڻو وقت هلندي آهي، ته وچڙندڙ مرض ۽ مڪڙ پيدا ٿيندا آهن. هڪ مهينو مختلف طرفن جي هوا لڳندي آهي. برسات کان پوءِ، بيماريءَ جي موسم ۾، هوا بعضي بعضي اتر کان لڳندي آهي، پر ڀـُـڄ جي ڇانوڻي کي ٽـَـڪر ۽ قلعي جي پناهه آهي. ڪڇ جي چوماسي جي برسات زور سان اتر - اوڀر کان شروع ٿيندي آهي ۽ ڏکڻ - اولهه ۾ وڃي ماٺي ٿيندي آهي.

گرميءَ جي مهينن ۾ پارو سؤ کان مٿي ڊگرين تي چڙهي ويندو آهي. مون مانڊويءَ ۾ اپريل جي مهيني ۾ پارو 106 ڊگرين تي ڏٺو آهي. سياريءَ جي موسم ۾ پارو 40 ڊگرين کي وڃي پهچندو آهي. چون ٿا، ته هڪ وقت پارو 33 ڊگريون وڃي ٿيو ٿو.

ڪڇ جي هوا خشڪ هوندي آهي. ڀـُـڄ جي بارودخاني ۾ دارون ٻين شهرن کان وڌيڪ سلامت هوندو آهي.

برسات کان پوءِ، ڪڇ ۾ تپاولي ٿيندي آهي. تخمينو ڪيو ويو آهي، ته گذريل سال آڪٽوبر ۾، ڀـُـڄ جي ماڻهن جي ٽئين حـصي کي واري جا بخار ٿيا هئا. انهن بخارن ۾ ماڻهو ڪو ورلي مرندو آهي.

ساري ممبئي کاتي ۾ ڀـُـڄ جي ئي هڪ ڇانوڻي آهي، جنهن جي ڀرسان گند ڪچرو يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ ڪانه آهي، جنهن مان بيمار ٿيڻ جو امڪان هجي. سفارتخانو، تلاءَ جي ڀرسان نه ٺهرائڻ کپندو هو. پر جيتريقدر مون کي خبر آهي، جي ماڻهو ان ۾ رهن ٿا، تن جي صحت ٻين کان وڌيڪ خراب نه آهي. مون کي ياد آهي، ته مان ”ڪئارٽرلي ريويو“ اخبار ۾ پڙهيو هو، ته مليريا جو بخار نه فقط سيلابي زمينن مان پيدا ٿئي ٿو، پر خشڪ زمين ۽ ٻرندڙ جبلن وارين ايراضين ۾ به اُٿي ٿو. ڪڇ جي زمين به جوالامـُـکي ايراضي آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي، ته پوءِ صوبي ۾ خراب آبهوا لاءِ معقول سبب ڏئي سگهجن ٿا، پر منهنجي خيال ۾ ڪڇ جي خراب هوا لاءِ ٻيا ڪافي وزنائتا سبب آهن: هڪڙو ته ڪڇ رڻ سان لڳ آهي. بيماريءَ جي موسم ۾ رڻ مان گرم بخار ٿيندا آهن. ائين آهي، ته انگلينڊ ۽ اٽليءَ ۾ تجربو ڪري ڏٺو ويو آهي، ته سيمن جا بخار سيلابي زمين کان وڌ ۾ وڌ پندرهن ميلن جي مفاصلي تائين ويندا آهن. پر گرم ملڪن ۾ بخار وڌيڪ مضر هوندا آهن، ۽ پري پري تائين پکڙجي ويندا آهن، تنهنڪري اتي حالتون شايد نراليون هجن. ڇهن هزارن ميلن جي ايراضيءَ مان جي بخار اٿندا، تن جو ضرور ويجهن صوبن تي اثر پوندو، خاص ڪري جڏهن اولهه جي هوا لڳندي. سنه 1825ع ۾ ملڪ ۾ تپاولي ۽ مڪڙ ڏاڍا ٿيا هئا. ان وقت مون ڏٺو هو، ته اتر- اوڀر ٿي لڳو. هيءُ هڪ رايو آهي، مان خود خاطريءَ سان چئي نه ٿو سگهان، ته ڪيتريقدر صحيح آهي. گذريل آڪٽوبر ۾ مان سنڌ ۾ هئس ۽ ان وقت منهنجي صحت اهڙي نه هئي، جو مان هوا جو رخ جاچي سگهان، اڳتي هلي جيڪڏهن مون کي ڪجهه معلوم ٿيو، ته مان طبعي محڪمي کي ضرور خبردار ڪندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org