سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 10

صفحو :14

 

حيدرآباد جو شهر گنجي ٽڪر جي اترئين ڇيڙي تي واقع آهي. هن بابت سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”گنجو، پيرن جو منجو“ يعني گنج بزرگان دين جو سرير آهي. هي پهاڙي ابتداءِ اسلام کان ٽالپرن جي دور تائين مشائخ ۽ اهل الله جو مسڪن رهي آهي. ”تحفة الڪرام“ ۾ پڻ ڪيترن ئي بزرگن جا حالات ملن ٿا ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح به هن ٽڪريءَ کي پنهنجن بيتن ۾ ڳايو آهي.

انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي هڪ جيد عالم مولانا محمد حسن صاحب (متوفي سن1319هه) هن شهر جي هڪ مرڪزي مقام ”مسجد مائي خيري“ ۾ مدرسو قائم ڪيو، جتي جملي مروج علوم و فنون پڙهايا ويندا هئا. هن مدرسي ۾ وڏا وڏا عالم ۽ فاضل پيدا ڪيا. انهيءَ زماني ۾ تعلقي هالا (ضلعي حيدرآٻاد ۾ سعيد آباد جي ڀرسان ڳوٺ پير جهنڊي ۾ جناب پير حاجي رشد الله شاهه راشدي، مولانا عبيدالله سنڌي جي معيت ۾ ”دارالرشاد“ نالي هڪ مدرسو قائم ڪيو ۽ هڪ عاليشان ڪتب خاني جو سنگ بنياد رکيو. هي مدرسو ۽ ڪتبخانو اڄ تائين موجود آهي. ڪتب خاني لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نادر ڪتابن مهيا ڪرڻ تي پيسو پاڻي وانگر وهايو ويو هو.

قيام پاڪستان کان پوءِ سن1949ع ۾ ”سنڌ اورينٽل ڪاليج“ جي نالي سان هڪ ديني ۽ ادبي درسگاهه جو سنگ بنياد رکيو ويو، جتي عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ تحصيل علوم جو خاطر خواهه انتظام ڪيو ويو. حيدرآباد شهر کان سواءِ ضلعي ۾ ٻيا به ڪيترائي ديني مدرسا موجود آهن، جيئن ته ”جامعہ رڪن الدين“ آزاد ميدان، حيدرآباد شهر، ”مدرسہ احسن البرڪات“ نزديڪ هوم اسٽيڊ هال حيدرآباد، ”مدرسہ قوت الاسلام“ غريب آباد حيدرآباد، ”مدرسہ مدينة العلوم“ ڀينڊو شريف (تعلقو حيدرآباد)، ”دارالعلوم اشرفيہ“ ٽنڊو الهيار (حيدرآباد) وغيره.

شڪارپور ۾ شاهه فقيرالله علوي رح جي درسگاهه:

ڪلهوڙن کان اڳ شڪارپور، دره بولان واري رستي تي واپار جي لحاظ سان سنڌ جو پهريون نمبر شهر هو. هن شهر جو واپار لاهور، ملتان، سون مياڻي، قلات، ڪيچ مڪران، بحيره خزر، خراسان، قنڌار جي سڪل ۽ تازي ميوي جي وڪري جي مارڪيٽ هئي.(1)

نواب منصور علي خان شڪارپور جو پنجٽيهون افغان نائب هو. شڪارپور شهر کي انهن ڏينهن ۾ عالم پناهه ڏنل هئي، جنهن کي اٺ دروازا هئا: (1) لکي در (2) هزاري در (3) هاٿي در (4) خانپوري در (5) ڪرن در (6) واڳڻو در (7) سيوي در ۽ (8) نوشهرو در. انهن دروازن جون چاٻيون نوابن وٽ رهنديون هيون.(1)

شڪارپور، دائود پوٽن جو اڏيل ۽ آباد ڪرايل آهي ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ دائود پوٽن جي حڪومت جو خودمختيار گادي جو هنڌ هو. هن شهر ۾ ڪيترائي عالم بزرگ پيدا ٿيا. جن مان هڪ حاجي فقيرالله علوي رح آهي. حاجي فقيرالله علوي رح جي ولادت افغانستان جي مشهور شهر جلال آباد جي ڀرسان ڳوٺ روتاس ۾ تقريباً 1100هه ڌاري ٿي.(2)

سندس والد حضرت عبدالرحمٰن شاهه پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو، جنهن جي مزار روتاس ڳوٺ ۾ زائرين لاءِ فيض عام جي زيارتگاهه آهي. سندس ڏاڏي جو نالو شمس الدين هو، جيڪو مدينه منوره جي قبرستان جنت البقيع ۾ دفنايل آهي.(3) بياض علوي ۾ سندس نسب جو سلسلو هن ريت ڏنل آهي: حضرت حاجي فقير الله شاهه علوي بن مير عبدالرحمٰن بن مير شمس الدين، المشتهر بالسورج بن مير بدر الدين المشتهر بالحارث، وجده الاعظم، شاهه گل محمد بن قطب شاهه بن امين شاهه بن جودهن شاهه بن ڪرتاس شاهه بن نواب شاهه بن مهدي شاهه بن انتن شاهه بن محمد بن الحنيفہ بن امير المؤمنين علي ڪرم الله وجهہ.(1)

ظفر فاروقي ندوي پنهنجي ڪتاب”خاندان علويان دا مغان ڪا ايڪ مختصر تاريخي جائزه“ ۾ صفحي 86 تي لکي ٿو ته، ”علويہ خاندان عباسي دور ۾ حجاز مان هجرت ڪري عجم ۾ سڪون پذير ٿيا.“ حاجي فقيرالله علوي پنهنجي مڪتوبات ۽ ٻين تصنيفات ۾ پاڻ کي حنفي، قريشي ۽ هاشمي به ڪري لکيو آهي.(2)

حاجي صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار جي تربيت هيٺ حاصل ڪئي، جيڪو ان وقت جو وڏو قاري ۽ نقشبندي سلسلن جو بزرگ هو. باقي تعليم پاڪ و هند، افغانستان  ماوراءِ النهر جي مشهور عالمن کان حاصل ڪيائين، ظاهري ۽ باطني تعليم ۽ خلافت جو خرقو پشاور جي عالم بزرگ قطب الاقطاب مولانا محمد مسعود کان حاصل ڪيائين، جيڪو سندس مرشد به هو. باقي سلوڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ درويش مولانا محمد سعيد پشاوري وٽ لڳاتار رياضت ۾ رهيو.(3)

حاجي صاحب علمي ڪماليت سان گڏ مدرس پڻ هو. شڪارپور ۾ علوين جي پاڙي ۾ سندس قائم ڪيل مدرسو اڄ به قائم آهي، جنهن مان ڪيترائي شائق شاگرد علم جو فيض حاصل ڪري ويا. ميان سرفراز ڪلهوڙو، سندس مريد، طالب ۽ معتقد هو. ساڳي طرح قلات جو والي مير نصير خان بروهي به سندس مريدن جي زمري ۾ داخل هو. احمد شاهه ابدالي سنڌ تي ڪاهيو ته اهو به حاجي صاحب جي فيض جون خبرون ٻڌي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سکر ضلعي اندر ڪيتريون ديهون لنگر جي خرچ لاءِ عطا ڪيائين. جي اڄ تائين پٽيداري جي صورت ۾ سندس اولاد جي نالي داخل آهن ۽ انهن جي ڍل جي پيدائش مان کين حصو ملندو آهي. حاجي فقير الله علوي رح پنهنجي مرشد مولانا مسعود پشاوري کان اجازت وٺي هندستان جو سفر اختيار ڪيو. لاهور ۾ به ڪيترن عالمن ۽ بزرگن سان روح رهاڻيون ڪيائين، جن مان سندس پير طريقت جي مرشد مولانا الحاج محمد سعيد لاهوري رح جو نالو قابل ذڪر آهي.(1)

لاهور کان امام رباني مجدد الف ثاني حضرت شيخ احمد فاروقي سرهندي جي سڪ کيس سرهند وٺي ويئي. اتي امام رباني جي تڙپوٽي حضرت مولانا غلام محمد معصوم ثاني رح سان به ڪافي عرصو روحاني صحبتون ڪيائين.(2)

حاجي صاحب، امام رباني صاحب کي پنهنجي تاليف ۾ روحاني قبلو ڪري لکيو آهي. حاجي صاحب سرهند ۾ امام رباني مجدد الف ثاني کان فيض پرائي واپسيءَ تي ڪافي عالمن ۽ بزرگن کان فيض پرائي، لاهور کان ٿيندو، پشاور ۾ پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کيس واپس وطن وڃي عوام جي رشد ۽ هدايت لاءِ حڪم ڪيو.

جلال آباد ۾ حاجي صاحب قادريه ۽ نقشبنديه خانقاهه جو بنياد رکيو. باطني و ظاهري علم پرائڻ لاءِ چو طرف جا ماڻهو فيض لاءِ ڪشالا ڪڍي خانقاهه ۾ اچڻ لڳا.

شاهه فقير الله علوي هڪ طويل عرصي تائين مختلف ملڪن جو سفر ڪندو رهيو ۽ حرمين شريفين جي زيارت کان مشرف ٿيو.(1) ۽ سن1130هه ۾ قنڌار جي رستي کان سنڌ ۾ آيو. شڪارپور کان ٿيندو هو ٺتي ۾ پهتو.(2) ان دور ۾ ٺٽو پنهنجي وقت جو علمي شهر هو ۽ اهو سنڌ ۾ ڄڻ ته بخارا بنجي چڪو هو، جو ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن کان علم جا اڃايل هت اچي حديث، فقهه ۽ فلسفي وغيره جي تعليم پرائيندا هئا. مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي درس تدريس جي هر هنڌ هاڪ ويٺل هئي. ٺٽي ۾ قيام جي دوران حاجي صاحب جون ملاقاتون انهن ٻنهي بزرگن سان ٿيون. اتان پوءِ هو هج تي اسهيو.

حاجي فقيرالله علوي ڪل ست حج ڪيا،(3) هڪ سفر جي دوران سندس ملاقات مڪي معظم جي مشهور عالم مفتي بزرگ شيخ عبدالقادر مڪي سان ٿي، جنهن کان وظائف، اوراد، ذڪر و اذڪار، حديثن ۽ مسئلن جون سندون حاصل ڪيائين. مفتي عبدالقادر مڪي پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو ۽ مڪه معظمه ۾ ڪيترائي سال مفتي جي عهدي تي فائز رهيو. سندس تصنيفات مان ”الفتاويٰ القادريہ“ چئن جلدن ۾ تمام مشهور آهي. سن1138هه ۾ وفات ڪيائين.(1)

شاهه فقير الله علوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي به شاگردي اختيار ڪري، کانئس ذڪر فڪر جي تلقين ورتي.(2)

حرمين شريفين ۾ قيام دوران سڀني وڏن محدثن، فقيهن ۽ عالمن سان سندس صحبتون ٿيون. جن مان خصوصاً بيت الله شريف جي حنفي مصلي جو امام شيخ محمد مير داد قاري عرب، جنهن سان سندس گهاٽا تعلقات هئا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ خط و ڪتابت هئي،(3) اتي جي هڪ ٻئي مشهور شيخ الحاج محمد الشافعي السواني الغافيني سان به صحبت ڪيائين.(4) مڪي کان موٽڻ بعد حاجي صاحب سنڌ ۾ بزرگ ۽ عالمن سان ملي قنڌار روانو ٿيو. جلال آباد ۾ سياسي فضا سازگار نه ڏسي طويل عرصي تائين قنڌار ۾ مقيم رهيو ۽ ديني تعليم ڏيندو رهيو. اڄ به قنڌار جي هڪ مسجد سندس نالي سان موسوم آهي.(5)

فقيرالله علوي جي شڪارپور ۾ آمد جو سال 1150هه آهي.(6) ان وقت شهر ۾ ڪافي غير مسلم هئا، جيڪي سندس پر جلال شخصيت سبب ڇڪجي دائره اسلام ۾ آيا. اسلام جي تبليغ جي لاءِ شڪارپور ۾ هڪ عظيم الشان مدرسي ۽ نقشبنديه قادريه خانقاهه جو بنياد رکيائين.

1160هه ۾ فقيرالله علوي آخري ڀيرو حرمين شريفين جو قصد ڪيو. هن سال دوران ئي پنهنجو هڪ ڪتاب ”وثيقة الاڪابر“ لکي پرور ڪيائين. هن ڪتاب ۾ صحيح البخاري، مسلم، الترمذي، النسائي، ابن ماجه، المستدرڪ لحاڪم و ابن حبان ڪتابن متعلق جيڪي سندون شيخ عبدالقادر مفتي ۽ مخدوم محمد هاشم وغيره کان حاصل ڪيون هئائين، سي سڀ بيان ڪيل آهن.(1)

مدينه منوره ۾ قيام دوران سندس علمي ڪچهريون شيخ محمد حيات سنڌي محدث مدني سان به ٿينديون رهيون.(2) رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي ذات اقدس کان اجازت ملڻ بعد مڪه معظمه ڏانهن حج ڪرڻ لاءِ اسهيو. اتي شيخ عبدالقادر مفتي مڪي جي مشهور شاگرد شيخ سيد محمد عمر محدث سان به علمي صحبتون ڪيائين.(3)

حاجي فقيرالله شاهه علوي رح جي مدرسي مان ڪيترائي نالي وارا شاگرد پيدا ٿيا، جن سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪئي. انهن مان راشديه خاندان جو بزرگ سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) بن سيد محمد بقا (1170-1233هه) به هڪ هو. فقيرالله علوي کي طريقت جي ٽيٽيهن سلسلن ۾ ڪماليت حاصل هئي، پر پنهنجي ڪتاب ”قطب الارشاد“ ۾ 36 طريقن جو ذڪر ڪيو اٿس، جن بابت کيس مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان به اجازت حاصل ڪئي.(1)

(1) القادريہ (2) النقشبنديہ (3) الچشتيہ (4) الشاذيہ (5) الغزاليہ (6) الخلوتيہ (7) الشطاريہ (8) السهرورديہ (9) الڪبرويہ (10) البهائيہ (11) الحاتمہ (12) الفردوسيہ (13) الطيفوريہ الشاميہ (14) المدينيہ (15) الهمدانيہ (16) الرفاعيہ (17) الڪازرونيہ (18) المحمديہ (19) القريشيہ (20) الطيفوريہ البسطاميہ (21) الاحمديہ (2)) الخواطريہ (23) الطاليہ (24) الجنيديہ (25) الاويسيہ (26) الخضرويہ (27) الزروقيہ (28) الراشديہ (29) البڪريہ (30) الجزوليہ (31) المهديہ (32) السهليہ (33) الحلاجيہ (34) الشعبيہ (35) الصديقيہ (36) البخاريہ الاشاهيہ.

فقيرالله شاهه علوي جا استاد:

(1) علامه محمد صادق بن ديندار رح النيڪنهاري حصارڪي:

فقيرالله علوي ننڍي هوندي تفسير، حديث، فقهه، منطق ۽ معاني وغيره جي تعليم کانئس حاصل ڪئي. مولانا محمد صادق پنهنجي وقت ۾ افغانستان جو وڏو عالم، فاضل هو. سندس مدرسو افغانستان جي وڏن مدرسن مان هڪ شمار ڪيو ويندو هو. فقيرالله علوي کيس ”بحر التحرير في التقرير والتحرير“(2) ۽ ”علامه حاوي المنقول والمعقول“(3) جهڙا لقب ڏنا. فقيرالله علوي کانئس مشڪواة شريف ۾ اجازت حاصل ڪئي هئي.(4)

(2) قطب الاقطاب مولانا محمد مسعود پشاوري:

فقيرالله علوي وڌيڪ درس حاصل ڪرڻ وقت پشاور جي مشهور بزرگ ۽ اهل الله مولانا سيد محمد مسعود پشاوري جي هٿ تي بيعت ڪئي. هي بزرگ چارسده تحصيل جي خرڪي ڳوٺ ۾ 1053هه ۾ هڪ سيد گهراڻي ۾ پيدا ٿيو(1) ۽ هن الحاج محمد سعيد لاهوري کان لڳاتار مجاهدي کان پوءِ قادريہ، نقشبنديہ، چشتيہ، شطاريہ، سهرورديہ، فردوسيہ ۽ ڪبرويہ طريقن ۾ اجازت حاصل ڪئي، هن کيس سرحد ۾ اسلامي تبليغ لاءِ خليفه اڪبر مقرر ڪيو. چشتي طريقي ۾ مولانا يحيٰ کان خلافت جو خرقو حاصل ڪيو هئائين.(2) مولانا مسعود پنهنجي علاقي ۾ اخون بابا جي نالي سان مشهور آهي. هن 1134هه ۾ وفات ڪئي ۽ خرڪي ڳوٺ ۾ دفنايل آهي.(3)

(3) الحاج مولانا محمد سعيد لاهوري:

هي بزرگ نقشبندي، قادري ۽ شطاري سلسلن جو مشهور بزرگ هو. کيس قادري سلسلي جي خلافت سيد محمد بن سيد علي حسيني ڪردي کان ملي، جنهن سان هن مدينه منوره ۾ ملاقات ڪئي هئي ۽ اتي ئي سندس هٿ تي بيعت ڪئي هئائين.(4) مولانا محمد سعيد ٻه دفعا حرمين شريفين ويو، جتي ڪيترن ئي طريقن جي مشائخن سان ملاقاتون ڪري، فيض حاصل ڪيائين. نقشبندي سلسلي ۾ حافظ سعد الله وزير آبادي مجددي کان خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. مولانا صاحب ڪافي عرصو ڪابل ۾ رهي اطراف عالم جي سير سياحت کان پوءِ لاهور ۾ دولاواڙي ۾ مقيم ٿيو ۽ اتي درس تدريس ۽ رشد و هدايت ۾ مشغول رهيو. فقيرالله علوي پنهنجي مرشد کان تصوف جي باريڪ نڪتن، دقيق مسئلن ۽ وحدت الوجود، وحدت الشهود بابت تفصيلي طور علم پرايو، جنهن جو ذڪر فتوحات الغيبيہ في شرح عقائد الصوفيہ ۾ ڪيو اٿس.(1) مولانا محمد سعيد لاهوري 110 ورهين جي عمر ۾ سن1166هه/ 1753ع ۾ وفات ڪئي.(2)

(4) شيخ عبدالقادر مڪي بن ابي بڪر صديقي مفتي:

هي بزرگ مشهور محدث محمد طاهر المفتي گجراتي جو شاگرد هو، جنهن جو مشهور تاليف مجمع البحر آهي. شيخ عبدالقادر صديقي تفسير، حديث، تصوف ۽ فقهه جو علم شيخ علي ابي اسرار حسن بن علي العجيمي کان مڪي شريف ۾ حاصل ڪيو. هن کيس صحيحين، موطا، علم بيان، المطول، تفسير بيضاوي، بغوي ۽ ٻيا حواشي وغيره ٻڌائي ڪتابت جي اجازت حاصل ڪئي هئي. مڪه مڪرمه ۾ ڪيترائي سال مفتي جي عهدي تي فائز رهيو.(3) چئن جلدن ۾ سندس فتويٰ ”الفتاويٰ القاريہ“ جي نالي سان مشهور آهي. شيخ عبدالقادر مفتي سن1138هه ۾ وفات ڪئي.(4)

(5) شيخ سيد محمد عمر محدث مڪي:

پنهنجي دور جو مشهور بزرگ هو. شيخ عبدالقادر مڪي جي شاگردي اختيار ڪري مختلف علوم ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. شيخ جي وفات کان پوءِ هن مختلف محدثن ۽ فقيهن کان به علم پرايو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ شاهه فقير الله علوي رح جو به ساٿي هو. فقير الله علوي کانئس مصافح انس رضه، مصافحہ خضريہ ۽ مصافحہ معمريہ ۾ اجازت حاصل ڪئي. سندس وفات جي تاريخ معلوم نه آهي.

(6) مخدوم محمد هاشم بن عبدالغفور ٺٽوي:

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح پنهنجي زماني جو وڏو بزرگ عالم، فقيهه، محدث ۽ اجل الله ٿي گذريو آهي. سندس والد عبدالغفور سيوهڻ جي عالمن مان هو، پوءِ بٺوري ڏانهن منتقل ٿيو.(1) مخدوم صاحب شروع ۾ مولانا محمد سعيد ٺٽويءَ کان تعليم حاصل ڪئي ۽ باطني تعليم لاءِ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جي هٿ تي بيعت ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، جيڪو خواجه محمد معصوم بن امام رباني مجدد الف ثاني جي فرزند خواجه سيف الدين سرهندي رح جو خليفو هو. هن کيس سيد سعد الله سورتي کان فيض پرائڻ لاءِ چيو.(2) فقير الله علوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان حديث، فقهه، طريقت جي سلسلن، اوراد، اذڪار وغيره ۾ اجازت حاصل ڪئي هئي.(3) قطب الارشاد جي ستين، اٺين، نائين ۽ ڏهين مقصد ۽ مڪتوبات شريف(4) ۽ وثيقة الاڪابر(5) ۾ سڀني جو ذڪر تفصيلا ڪيو اٿس.

(7) فقيهه طيب خطيب بن عمر بن عبداللطيف الناشري:

هي بزرگ يمن جي مشهور بندر حديده جو رهواسي هو، پنهنجي زماني جي وڏن عالمن ۽ فاضلن مان هڪ هو. هن بزرگ جي ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخ معلوم نه آهي. پر فقير الله علوي جي آخرين دفعي حرمين وڃڻ وقت (سن1161هه) حيات هو. فقيرالله علوي کانئس ابي زڪريا يحيٰ بن شرف النووي جي سڀني روايتن جي اجازت ڪئي.(1)

(8) شيخ الامين رئيس المحدثين سالڪ مسلڪ النجاه مخدوم مولانا محمد حيات سنڌي مدني:

فقير الله علوي رح کان مولانا محمد حيات سنڌي رح صحاح ستہ ۾ اجازت ڏني.(2) ان کان سواءِ کانئس ”ڪتاب الاجازه“ جي به اجازت حاصل ڪئي هئائين.(3)

فقير الله شاهه علوي جون هيٺيون تصنيفات آهن:

(1) قطب الارشاد (هيءُ ڪتاب ڪنهن مريد ڪوئيٽا مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.) (2) طريقت الارشاد، (3) جواهر الاوراد (4) تڪميل المؤمنين والاولاد (5) فتوحات غيبيہ شرح عقائد صوفيہ (6) فتح الجميل في مدارج التڪميل (7) فتوحات الاهي (8) براهين النجات من مصائب الدنيا والعرصات (9) منتخب الاصول (10) وثيقة الاڪابر (11) قصيده مبروره. انهن کان سواءِ سندس زنده جاويد ڪارنامو آهي ”مڪتوبات“، جنهن کي سندس اولاد مان سيد مير علي نواز علوي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

مٽياري

(ديني تعليم ۽ تبليغ جو مرڪز)

مٽياري شهر هرات کان هجرت ڪري آيل عالي نسب سيدن جو آباد ڪيل آهي، جيڪي متعلوي سادات جي نالي سان سنڌ ۾ پکڙيل آهن. انهن مان اڪثر معرفت جا صاحب ٿيا. سندن بزرگ سيد مير علي شاهه نائين صدي هجري ۾ هتي اچي آباد ٿيو. کيس چار پٽ سيد جلال شاهه، سيد باقر شاهه، سيد حسن شاهه ۽ سيد موسيٰ شاهه هئا. سندن نسب جو سلسلو امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق سان ملي ٿو، جيڪو هن ريت آهي: سيد مير علي شاهه بن سيد حيدر هروي بن سيد امير علي بن سيد محمد بن سيد حسين بن سيد علي بن سيد احمد عرف يوسف بن سيد محمد عرف حسين بن سيد ابراهيم عرف بن يوسف بن سيد علي الحواري بن سيد حسين اڪبر بن سيد جعفر الحراري بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام باقر بن امام علي زين العابدين بن امام حسين بن سيدنا امام علي بن ابي طالب.(1)

مٽيارين ۾ رهڻ کان پوءِ هي خاندان چئن قبيلن ۾ ورهائجي ويو: جرار پوٽا، باقيل پوٽا، موسيٰ پوٽا ۽ ميين پوٽا. ”جرار پوٽا“، ”شريف پوٽن“ جي شاخ آهي.(2) شهر جا چار محلا سندن چئني قبيلن جي نالي سان مشهور آهن.

هي خاندان خدا جي برڪتن ۽ رحمتن سان مالا مال هو. ٽکڙ، سن، بلڙي، ڀٽ شاهه، سعيد پور ۽ سجاول جا سادات انهيءَ خاندان سان تعلق رکن ٿا.

مٽياري قديم زماني کان دين ۽ علم ادب جو مرڪز رهيو. سڀ کان اول سيد حاجي شاهه جو نالو ملي ٿو، جنهن جو زمانو ڏهين صدي هجري جي وچ ڌاري معلوم ٿئي ٿو. هو وقت جو وڏو عالم ۽ شهر جو قاضي، شريعت جو انتهائي پابند ۽ ولي الله هو. شهر جي تار اوڀر ڪنڊ تي سندس درگاهه لڳ هڪ مسجد لاءِ مشهور آهي ته اتي پاڻ هڪ مدرسو هلائيندو هو. واٽهڙن لاءِ پاڻيءَ جا وڏا مٽ هر وقت ڀريل هوندا هئا، جنهن ڪري ”مٽ وارو آري“ مشهور ٿي ويو، جيڪو پوءِ ”مٽ آري“ ۽ ”مٽياري“ زبان زد عام ٿيو. سندن درگاهه تي اڄ به عام جي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جا مٽ رکيل آهن ۽ اڄ به عوام جي زبان تي ”ميون سيد حاجي، مٽ جو قاضي“ عام آهي.

سيد جلال شاهه جي پنجين پيڙهي ۾ سخي رڪن الدين شاهه پيدا ٿيو، جيڪو مٿي ذڪر ڪيل سيد حاجي شاهه جو شاگرد هو ۽ روحاني فيض مشهور اهل الله مخدوم بلال کان حاصل  ٿيس. سيد حاجي شاهه کان پوءِ شهر جي قضا ۽ خلافت پاڻ سنڀاليائين. انتهائي متقي ۽ خدا وارو هو. پير زادڪي مسجد، جيڪا غالباً سندس ئي ٺهرايل آهي، ان ۾ هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيائين. سندس روحاني فيض ڪيترن ئي طالبن، مريدن ۽ مرده دلين کي روشن ڪيو ۽ ڪيترا غير مسلم مسلمان ٿيا. سندس درگاهه جي موجوده سجاده نشين جي چوڻ موجب پنهنجي مريدن ۽ شاگردن ڏانهن لکيل سندس هٿ اکر هدايتون ۽ ملفوظات چئن ننڍن ڪتابن جي شڪل ۾ قلمي نسخي ۾ موجود آهن. سخي رڪن الدين کان پوءِ سندس پڙپوٽو سخي هاشم شاهه شريعت ۽ طريقت جو صاحب مشهور ٿيو. هاشم شاهه وڏو عالم هو، سندس مقبري ۾ سندس چيل مناجات اڪريل آهي. افسوس آهي جو ان کان سواءِ ڪا ٻي تحرير محفوظ نه رهي سگهي آهي.

شهر جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي آدم شاهه جو مقبرو آهي، جنهن جي ڀرسان ڪيترائي حجرا ۽ ڪمرا موجود آهن. عام روايت آهي ته آدم شاهه وڏو عالم ۽ خدا وارو هو. حجرن ۾ هڪ عاليشان مدرسو هلائيندو هو. ساداتن مان به ڪيترائي بزرگ ۽ عالم پيدا ٿيا، جن درس تدريس جو شغل جاري رکيو. انهن مان سيد شهمير شاهه وڏو عالم ۽ مدرس هو. ٻيو دادو پير سندس ساٿي ۽ همعصر هو.

ٻارهين، تيرهين ۽ چوڏهين صدي هجريءَ ۾ علم ادب ۽ قضا جي ميدان ۾ نمايان حصو مٽيارين جي ڪن خاندانن جو به نظر اچي ٿو. آخوند عزيز الله متعلوي (وفات 1240هه) سنڌي زبان ۾ پهريون قرآن پاڪ جو ترجمو ڪيو، جو 1870ع ۾ گجرات بندر جي ڇاپي خاني محمدي مان شايع ٿيو. مخدوم محمد عثمان متعلوي جنهن تيرهين صدي جي اوائل ۾ وفات ڪئي، سو سنڌ جو مشهور عالم هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو محدث ۽ فقيهه هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مشهور شاگرد مولوي نور محمد نصرپوري کان علم حاصل ڪيو هئائين. ان وقت جي مشهور عالمن مولوي عبدالواحد محمد ابراهيم سان سندس خاصي علمي ڏي وٺ ٿي ۽ بحث مباحثا هليا، جيڪي انهن ٻنهي بزرگن جي تحريرن ۾ موجود آهن. علم حديث ۾ سندس هٿ اکر ٽي قلمي نسخا موجود آهن:

(1) بخاري شريف، ٻن جلدن ۾، جنهن جي حاشيه تي نصرپور جي مشهور محدث قاضي محمد اڪرم جي حاشيه جو انتخاب لکيل آهي. (2) شمائل ترمذي جو فارسي ترجمو (3) مشڪوات المصابيح جي چونڊ حديثن جو فارسي ترجمو.

مخدوم محمد عثمان جو فرزند ۽ شاگرد مخدوم عبدالڪريم متعلوي سنڌ جو آخري محدث ليکيو وڃي ٿو. هن بزرگ سڄي عمر قاضي محلي جي مسجد ۾ تعليم ڏني. سنڌ جا ڪيترائي مشهور عالم، سندس شاگرد هئا، جيئن ته مولانا عبدالغني کڏهر وارو، مخدوم محمد يوسف کيارين وارو، قاضي عبدالرحمٰن ڪوٽڙي وارو ۽ ميان محمد صديق دائري وارو، قاضي عبدالرحمٰن ڪوٽڙي وارو ۽ ميان محمد صديق، دائري واري سنڌ جو مصنف ۽ مشهور فقيهه علي محمد شاهه دائرائي ۽ فارسي جو مشهور شاعر ۽ غالب جو معاصر ”دل خوش“ ناطق مڪراني وغيره. سندس آخري عمر ۾ جڏهن انگريز سنڌ تي قابض ٿيا ته پاڻ فرمايائون ته ”اسان انهن فتني باز فرنگين کي ڏسي نٿا سگهون.“ پنهنجي شاگردن ۽ مريدن کي انگريزن خلاف هدايتون ڏيئي، پاڻ مڪي شريف هجرت ڪري ويو، جتي ٻن سالن بعد 1261هه ۾ وفات ڪيائين. مخدوم ممد هاشم ٺٽوي جي ڪتاب ”فرائض الاسلام“ تي حاشيه ”فوائد الاحڪام“ جي نالي سان لکيائين، جو اڄ ڪلهه ناياب آهي. مخدوم عبدالڪريم جو شاگرد مخدوم محمد، فقهه ۾ بي نظير عالم هو، جنهن سڄي عمر استادن سان گڏ ويهي مٽيارين ۾ تعليم ڏني. سنڌ ۾ ڪافي فقيهي تحرير تي انهن ٻنهي مخدومن جي صحيح هوندي هئي. سندن فتويٰ جي رَد ۾ لکيل تحرير مخدومن جي لائبريري هالا ۾ موجود آهي. آخوند محمد بچل تخلص ”انور“ فارسي شعر ۽ نثر جو بي نظير عالم، مير نصير خان جو استاد هو ۽ پوءِ محڪمه انشاءَ جو مير منشي بنيو. ماده تاريخ ڪڍڻ ۾ خاص مهارت رکندو هو. سندن 1277هه تائين ڪڍيل تاريخن جو بياض ۽ شعرن جو ديوان موجود آهن.

مخدوم محمد جي شاگرد ميان عبدالولي هن صديءَ جي شروع ۾ وفات ڪئي. افضل شاهه واري مسجد ۾ سندس مدرسو پنهنجي وقت ۾ علم جو مرڪز هو. ميان عبدالولي جو مشهور شاگرد قاضي ميان لال محمد متعلوي (متوفي 1353هه) تيرهين صدي جي برک عالمن ۽ فقيهن مان لکجي ٿو، جنهن وٽ سڄي سنڌ مان توڙي ٻاهران به شرعي مسئلا ۽ ورثي بابت سوال ايندا هئا. پاڻ شهر جو قاضي به هو ۽ قاضين واري مسجد ۾ تعليم ڏيندو هو. سندس ڪتبخاني ۾ هٿ اکر لکيل اٽڪل ٻه هزار فتوائون موجود آهن. ميان لال محمد جا مٽياريءَ ۾ مشهور شاگرد هي ٿيا: (1) آغا غلام مجدد سرهندي، جنهن جون خلافت تحريڪ ۾ ولوله انگيز تقريرون ۽ علي برادران سان تعاون ۽ سزا ڪاٽڻ جڳ مشهور آهي. (2) آغا عمر جان سرهندي (3) مولوي حاجي خير محمد (4) ميان حاجي ابوبڪر (5) مولوي ميان احمد، جيڪو عرصي کان ديني تعليم ۾ رڌل آهي. (6) مولوي محمد معروف جيڪو مٽياري جي موجود واحد ديني مدرسي ۾ تعليم تدريس ۾ مشغول آهي. ميان عبدالولي جي مشهور شاگرد ۽ خاندان جي فرد مولوي عبدالرحمٰن مرحوم اهل خير سادات جي مالي اعانت سان مٽياري واري مسجد ۾ مدرسہ ”ابوالخير“ قائم ڪيو، جو 1952ع ۾ حافظ نور محمد جي انتقال کان پوءِ روبه زوال آهي. ميان هدايت الله ”مشتاق“ متعلوي هن صدي جو مشهور اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن جا لکيل ڪتاب هدايت الانشا، جمعي جا خطبا، ڪواڪب السادات ۽ ڪيترا غزل ۽ مناجاتون مشهور آهن. ازانسواءِ قرآن پاڪ جي حافظن مان حافظ محمد قاسم، حافظ محمد ابراهيم، مولوي ميان لعل محمد ۽ حافظ نور محمد مرحوم قابل ذڪر آهن. هن وقت موسڪي مسجد ۾ ”مدرسه نور محمدي“ ۽ حافظ محمد بادل جا مدرسا انهيءَ ڏس ۾ نوجوانن جي تهذيب ۽ تربيت ۾ مشغول آهن.


(1)   J. Douglas: Bombay and Westorm India, 1893, London P-35.

(1)   Solections from Records of Bombay Government. No XVII Shikarpur.

(2)   سروش (فارسي) ڪراچي، 15 مارچ 1958، بذل القوة مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مقدمه مخدوم امير احمد، ص48 تذڪره صوفياءَ سرحد، اعجاز الحق قدوسي ص576، نئين زندگي (مئي 1958ع) ص8

(3)   قطب الارشاد ج1 ص2، فهرست قطب الارشاد، ص8 فتوحات الغيہ في شرح عقائد الصوفيہ ص 1، مڪتوبات ص ص3، 27، 33، 149، 197 ۽ 198، جنت السند ص571، الوحيد سنڌ آزاد نمبر 1926ع، ص36 تذڪره لطفي، جلد اول ص238، تحفة الڪرام، جلد ٽيون، ص344.

(1)   بياض علوي، مرحوم مير جمال الدين علوي

(2)   مڪتوبات، ص22

(3)   قطب الارشاد، ص ص 557، 608 ۽ 632، مڪتوبات، ص ص 309، 311، 316 ۽ 320

(1)   فتوحات الغيبة في شرح عقائد الصوفيہ ص1، مڪتوبات شاهه فقير الله علوي ص ص41، 287، 288، تذڪره لطفي جلد پهريون، ص238. حاجي محمد سعيد لاهوري نقشٻندي، قادريه ۽ شطاريہ سلسلن جو هڪ برک عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو. اهل ولايت ۾ متوڪل جي نالي سان مشهور آهي. ”تشريف الشرفا“ جو صاحب لکي ٿو ته حاجي صاحب رح کي قادري طريقي ۾ حضرت سيد مومود بن سيد علي حسين ڪردي رح کان خلافت ملي، جنهن سان سندس ملاقات مدينه منوره ۾ ٿي هئي. اتان کيس لاهور رهڻ جو حڪم ٿيو ۽ اتي هن حضرت سيد آدم بنوري رح جي خليفي امجد حضرت حافظ سعدالله وزير آبادي رح (وفات 19 ذوالحج 1102هجري) کان نقشبنديه، قادريه ۽ چشتيه طريقن ۾ خلافت حاصل ڪيائين. 110 ورهين جي عمر ۾ 1166 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.

(2)   مڪتوبات شاه فقير الله علوي رح، ص319، حضرت علامه محمد معصوم ثاني رح جي نسب جو سلسلو حضرت امام رباني مجدد الف ثاني رح (وفات 1159هه) بن شيخ محمد اسماعيل (وفات 1136هه) بن شاهه محمد صبغة الله (1033هه-1122هه) بن خواجه محمد معصوم (1008هه-1079هه) بن امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي (971هه-1034هه)

(1)   تذڪره لطفي، جلد اول ص239

(2)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، نئين زندگي، فيبروري 1960ع ص20

(3)   بذل القوة ص7

(1)   ايضاً

(2)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، نئين زندگي، فيبروري 1960ع ص20

(3)   مڪتوبات شاهه فقير الله علوي، ص95

(4)   ايضاً، ص319

(5)   سروش (فارسي) مضمون آقاي حبيبي

(6)   الوحيد سنڌ آزاد 1936ع، ص36، صوفياءَ سرحد، اعجاز الحق قدوسي ص576.

(1)   قطب الارشاد، ص398

(2)   ايضاً، ص ص36، 543، مڪتوبات شاهه فقيرالله علوي رح ص ص 316- 319

(3)   ايضاً، ص ص536، 543

(1)   قطب الارشاد، ص ص 545، 641.

(2)   وثقية الاڪابر، ص2

(3)   مڪتوبات شاهه فقير الله علوي، ص150

(4)   وثقية الاڪابر، ص2

(1)   هي احوال پشاور يونيورسٽي جي اسلاميات جي پروفيسر سيد سعيد الله کان معلوم ٿيو، جنهن کي مولانا محمد مسعود پشاوري رح جي اولاد مان مرحوم تجلي نور ٻڌايو.

(2)   قلب الارشاد، ص608

(3)   وثقية الاڪابر، ص2

(4)   حديقة الاولياءَ ص106

(1)   هن ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو پير حسام الدين راشدي وٽ آهي.

(2)   خزينة الاصفيا، ص674، حديقة الاولياءَ، ص106، تذڪره علماءَ لاهور، ص34.

(3)   ”دراسات اللبيب في الاسوة الحسنة بالحبيب“ ص9

(4)   ايضاً

(1)   مآثر الڪرام، ص196، مقدمة بذل القوة ص7

(2)   قطب الارشاد، ص ص536-543

(3)   مقدمہ بذل القوة، ص5

(4)   وثيقة الاڪابر، ص2

(5)   قطب الارشاد ص ص440، 487، 499، 501، 521، 535، 536، 540، 542، 636، 639 ۽ 641

(1)   وثقية الاڪابر، ص2

(2)   ايضاً

(3)   قطب الارشاد ص644

(1)   بيان العارفين ج3 ص172 ۽ ميمڻ عبدالمجيد ڪريم جو ڪلام ص7

(2)   ايضاً، ص12 ۽ پروفيسر محبوب علي چنا، مهراڻ سالگره نمبر، 22 نومبر 1959ع، ص10

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org