سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 2

صفحو :18

 

پير ڳوٺ جي عظيم روحاني درسگاهه

پير محمد راشد (روضي ڌڻي) ولادت 1170هه / 1757ع وفات 1223هه/ 1818ع

پير محمد راشد پهريون پير پاڳارو انهن برگزيده بزرگن، عالمن ۽ اوليائن مان هو، جن اسلام جي اصلي روح کي سنڌ ۾ ڦهلايو. پير محمد راشد جي ولادت رمضان يا شوال، سن1170هه/ 1757ع ۾  ٿي. سندس والد بزرگوار سيد محمد بقا قادري طريقت جو وڏو پير طريقت ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ واري جو خليفو مجاز هو. سندس ابتدائي تربيت پنهنجي والد ماجد وٽ ٿي ۽ ظاهري تعليم وقت جي وڏي محدث ۽ فقيهه الحاج فقير الله علوي شڪارپوري وٽ ورتائين. پير صاحب جي اهڙي يڪتا عالم وٽ تعليم سندس ذاتي استعداد ۽ لياقت کي اڀارڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿي. سندس هڪ ٻيو استاد مخدوم يار محمد ڪوٽڙي ڪبير وارو پڻ چيو وڃي ٿو، ۽ آخري فراغت لاڙڪاڻي جي آريجا ڳوٺ جي عالم مخدوم ”محمد“ وٽ ڪيائين. هي بزرگ استاذ الڪل جي لقب سان مشهور آهي.

پير محمد راشد باطني فيض پنهنجي والد سيد محمد بقا کان پرايو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سندس طريقي کي اها مقبوليت حاصل ٿي جو سنڌ ته ڇڏيو پر راجپوتانا ۽ بلوچستان جا لکين ماڻهو پڻ سندس طريقي ۾ داخل ٿي توحيد جو ورد ڪرڻ لڳا.

جهڙي طرح امام رباني هند ۾ بدعت ۽ شرڪ جي خلاف جهاد ڪري غلط عقيدن جي پاڙ پٽي ڇڏي، اها ساڳي صورت سنڌ ۾ به پيش آئي. پير محمد راشد رح به پنهنجي دور ۾ بدعتن ۽ غلط خيالن کي ديني تبليغ جي اثر سان ختم ڪري ڇڏيو. پير صاحب جي وڏن خليفن مان اتر سنڌ ۾ خليفي محمد سوئي واري جو نالو ورتو وڃي ٿو، جنهن کان ڀرچونڊي جي حافظ محمد صديق فيض پرايو ۽ خرقو هٿ ڪيو. حافظ محمد صديق جا ٻه وڏا خليفا مولانا حافظ غلام محمد دين پور وارو ۽ مولانا سيد تاج محمود امروٽي هئا. انهن ٻنهي بزرگن سنت کي جيارڻ ۽ باطني فيض جي اشاعت ۾ اهڙو ڪم ڪيو جو هن وقت نه رڳو سنڌ ۾ پير محمد راشد جو طريقو ۽ فيض پکڙيو، پر گهڻي ڀاڱي پنجاب ۽ سرحد تائين پکڙجي ويو.

پير محمد راشد جو سلوڪ ۾ جيڪو مقام ۽ مرتبو هو، اهو سندس ملفوظات مان معلوم ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي سندس هڪ خاص ۽ وڏي خليفي محمود نظاماڻي گڏ ڪيو. اهڙيءَ طرح سندس مڪتوبات ظاهري ۽ باطني علم جي اسرارن سان ڀريل آهي.(1) پير صاحب ڪڏهن ڪڏهن ڏوهيڙن ۽ مولودن جي شڪل ۾ سنڌي شعر به چوندو هو.

علم ۽ هدايت جو هي نشان 1 شعبان 1233هه/ 1818ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪري ويو.

پير سيد صبغت الله شاهه:

پير سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جي وفات کان پوءِ، سندس چوڏهن صاحبزادن مان سيد صبغت الله شاهه رشد و هدايت جي مسند تي ويٺو. سندس ولادت 1183هه/ 1779ع ۾ ٿي. پاڻ جيتوڻيڪ ڪن ڀائرن کان ننڍو هو، پر باطني فيض ۽ ارشاد ۾ ٻين مڙني ڀائرن کان فائق هو. حضرت روضي ڌڻي کي 18 پٽ چيا وڃن ٿا، جن مان چار ته سندس زندگيءَ ۾ وفات ڪري ويا. ان ڪري مشهور چوڏهن فرزند آهن، جن جا نالا هن طرح آهن:  (1) سيد صبغة الله شاهه (سجاده نشين) (2) پير حسن شاه (3) پير هدايت الله (اهي ٽيئي صاحبزاده هڪ والده سڳوريءَ مان هئا، جا گهمره قوم جي هئي) (4) پير محمد ياسين شاه (5) پير محمد بقا شاه (اهي ٻئي هڪ والده مان هئا، جيڪا ڪلهوڙا قوم مان هئي) (6) پير محمد صادق (7) پير محمد شاه (8) پير اسماعيل شاه (9) پير حامد شاه (10) پير مهدي شاه (11) پير محمد احسن (12) پير غلام محي الدين (13) پير مبارڪ شاهه (14) پير شاهنواز شاهه.(1)

پير محمد ياسين شاهه جيتوڻيڪ عمر ۾ وڏو هئو پر ان کي اسلام جي ظاهري پهلو، شريعت جي اشاعت ۽ تبليغ اسلام لاءِ والد طرفان جهنڊو سپرد ڪيو ويو، اهو جهنڊو حضرت پير محمد راشد رحه کي تيمور شاهه جي پٽ زمان شاه کان تبيلغ جي لاءِ مليو هو، انهيءَ ڪري هن بزرگ پير جي اولاد کي ”جهنڊي وارا پير“ سڏيو ويندو آهي.

حضرت پير صبغة الله شاهه جي تعليم ۽ تربيت گهر ۾ ٿي، فيض باطني به پنهنجي والد سائين محمد راشد رحه کان ئي حاصل ڪيائون. ننڍيءَ ڄمار کان ئي الله تعاليٰ جي عبادت، ذڪر، فڪر ۽ اسلام جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائون. وڏي پيري مريدي هوندي به ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجي مريدن ۽ عقيدتمندن کي اسلام جي تبليغ ۽ تعليم ڏانهن رجوع ڪندو هو. سندس وعظ، خطبي ۽ جاهه و جلال واري زندگي ڪيترن کي متاثر ڪيو.

سيد صبغة الله شاهه، هڪ پاسي علم باطني جا امام ۽ پير طريقت هئا ته ٻئي پاسي ظاهري علم جو وڏا عالم ۽ علم نواز هو، وٽس وڏو علمي ڪتب خانو هو، جنهن ۾ سوين علمي قلمي ڪتاب موجود هئا، هن بابت سيد حميد الدين لکي ٿو:

در تمام مملکت سندهه همچو او شيخي و مرشدي در زعم مرد مان ملک نيست، قريب سہ لک مريدانش از قوم بلوچ ستند، و بکمال جاه و جلال و رجوعات خلائق خوش مي گذارنند وجود و کرم و اخلاص و مروت هم شهره آفاق. درخانه سيد مذڪور کتب خانه عجيب و غريب به نظر آمد که هرگز در خانه سلاطين و امراءِ نبوده باشد. پانزده هزار جلد نامي از کتب معتبره دران موجود است، ازان جمله صد ديوان فارسي به خط ولايت مطلا، شصت و پنج لد تفاسير معتبره، پنج جلد مڪرر از شاه نامه فردوسي، سه مع تصاوير و مطلا، احاديث هر قدر که مشهور اند مع شرح و جامع الاصول و تيسير الوصول، و سہ جلد مکرر احياءُ العلوم و سہ جلد مکرر فتوحات مکيہ و هر جلد شاهانہ.(1)

 

سنڌ جي ماڻهن وٽ پير سيد صبغة الله جهڙو ساري ملڪ ۾ ڪوبه شيخ ۽ مرشد نه آهي، هن جا اٽڪل ٽي لک بلوچ مريد آهن. وٽن خلق جي گهڻي رجوعات آهي، جاه ۽ جلال سان زندگي گذاريندا آهن. جود، ڪرم، اخلاص ۽ مروت ۾ به ملڪ ۾ مشهور آهن. هن پير صاحب جو عجيب ڪتب خانو نظر آيو، جو ڪنهن امير ۽ بادشاهه وٽ به اهڙو ڪتب خانو نه هوندو. هن ۾ پندرهن هزار مجلد معتبر ڪتابن جا موجود آهن، جن مان ايراني مطلا خط ۾ سؤ ته فارسي جا ديوان آهن، پنجهٺ جلد معتبر تفسيرن جا آهن، شاهه نامه فردوسي جا پنج نسخا آهن، جن مان ٽي مصور طلائي آهن. احاديث جا ڪتاب به جيڪي مشهور آهي، سي به سڀ هتي آهن شرحن سميت. جامع الاصول. تيسير الاصول پڻ هتي آهي. احياءُ ۽ فتوحات مڪيہ جا به ٽي ٽي نسخا شاهي ڪتابت سان موجود آهن.

پنجاب تي سکن جي قبضي ڪري اتي مسلمانن تي جيڪي ظلم ٿي رهيا هئا، انهن کان پير سيد صبغة الله صاحب به غافل نه هئا. کين اهو به خطرو هو ته سک اڳتي وڌي سنڌ ڏانهن نه اچن. ان ڪري سندس ملفوظات مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت پير صاحب جن جهاد لاءِ پڪو پهه پچايو هو. جيڪو به وعظ ڪندا هئا، ان ۾ جهاد جون فضيلتون ضرور بيان ڪندا هئا. ڪڇ ۽ ڪاڙ جا جيڪي مريد وعظ ۾ شامل ٿي نه سگهندا هئا، تن کي وري جهاد لاءِ تحريري دعوت ناما موڪليندو هو.(2) اهوئي سبب آهي جو سيد احمد شهيد رحه سکن سان جهاد جي خيال سان سنڌ ۾ آيا ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن رهيا. اتان سفر ڪندي راڻيپور پهتا ته ان دور ۾ سيد صالح شاهه بغدادي جيلاني سجاده نشين هئا، تن ساري لشڪر جي دعوت ڪئي. پير سيد صبغة الله به هڪ سؤ مريدن سان گڏ اتي آيا، سيد احمد صاحب کي ساڻس ملاقات لاءِ وڏو اشتياق هو، ڇوته سندن ديني جذبي جي وڏي هاڪ هئي. ٻنهي جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي، پير صاحب کي هڪ ڏينهن اتي رهڻو هو. انهيءَ ڪري پنهنجي هڪ ڀاءُ سان سيد احمد ۽ سندس لشڪر کي پير جي ڳوٺ موڪلي ڏنائون.

سيد احمد صاحب 7 ذوالقعد (24 جون 1826ع) تي پير ڳوٺ پهتا. سيد صبغت الله شاهه جي ڀائرن ۽ مريدن مهمانداري ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي، ٽن ڏينهن تائين سمورو لشڪر مهمان ٿي رهيو. ان بعد صبغت الله شاهه جي حڪم سان ٻيڙين جو انتظام ٿيو هو. 28 ذوالقعد تي سارو لشڪر درياءَ جي ٻئي ڪناري تي پهتو. ان ڏينهن سيد احمد صاحب، پير صاحب کان موڪلايو. پير صاحب سان سيد صاحب جي لکپڙهه جاري هئي، پاڻ ۾ گهڻو ڪري اهو فيصلو ٿيو هو ته جڏهن ڪنهن چڱي مرڪز جو بندوبست ٿي وڃي ته پوءِ پير صاحب به اتي پهچي وڃي. اڳتي هلي ايراني سردارن جي ضد ڪري افغانستان ۽ پشاور وارو رستو خطري ۾ پئجي ويو، ان وچ ۾ پير صبغت الله شاهه صاحب بلڪل تيار ٿي ويو ۽ سيد احمد کي هڪ خط لکي ان جو اطلاع به موڪلي ڏنائين. سيد احمد صاحب پير صاحب ڏانهن لکيو ته اوهين سڀني مسلمانن کي جهاد جي دعوت ڏيو، مخلصن جي هڪ جماعت وٺي سکن جي سرحد جي متصل ڪنهن محفوظ جاءِ تي وڃي رهو ۽ جهاد شروع ڪري ڏيو، پنهنجي اهل و عيال سان گڏ منهنجي اهل و عيال کي به ڪنهن اهڙي جاءِ تي رهايو، جتي دشمن پڄي نه سگهي.

سرحد ۾ جڏهن سيد احمد شهيد جي بيعت ورتي وئي ته مختلف علائقن ۾ نائب موڪليا ويا، جيڪي سيد صاحب لاءِ بيعت وٺي رهيا هئا. محمد قاسم کي سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هو، انهيءَ سلسلي ۾ سيد احمد شهيد، پير صبغت الله شاهه ڏانهن لکن ٿا ته سنڌ ۾ بيعت وٺڻ لاءِ اوهان ئي اهل آهيو. پر جڏهن ته اوهان جي ڪن ڀائرن جو اوهان سان حسد آهي، ان ڪري انديشو آهي ته فرض جي بجا آوري کان محروم رهجي وڃون. ان ڪري مون ٻئي کي پنهنجو نائب بنايو آهي.(1)

افسوس آهي جو پير ڳوٺ جو اهو نادر ڪتب خانو، انگريزن جي دور ۾ ڪوٽ جي ڪيرائڻ سان گڏ برباد ٿي ويو. گهڻا ڪتاب سنڌ مدرسة الاسلام جي لائبريري ۾ رکيا ويا هئا ۽ اتان هڪ هڪ ٿي کڄي ويا.

پير سيد صبغت الله شاهه صاحب پنهنجي دور ۾ ماڻهن کي رشد و هدايت جون پڪون پڪاريندي 5 رمضان سن1246هه/ 1831ع ۾ هن فاني دنيا مان عالم جاوداني ڏانهن اُسهيو.

پير علي گوهر شاهه اول ”اصغر“:

پير سيد علي گوهر شاهه (اول) راشدي جي ولادت جمع ڏينهن رجب 1231هه/ 1816ع ۾ ٿي ۽ پنڌرهن سالن تائين پنهنجي والد پير صبغت الله شاهه رحه جي تربيت هيٺ رهيو ۽ رمضان سن1246هه ۾ پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ مسند نشين بنيو، پاڻ جيتوڻيڪ انهيءَ مسند نشينيءَ وقت ننڍيءَ عمر جو هو، پر کيس جيڪا تربيت پنهنجا والد کان ملي هئي، سا تمام اعليٰ هئي، جنهن ڪري ٿوري ئي وقت ۾ فارسي زبان جو وڏو اديب ۽ شاعر بڻجي ويو.

کيس عربي ٻوليءَ جي به چڱي ڄاڻ هئي، سنڌي شعر ته کيس ورثي ۾ مليل هو، شعر ۾ ”اصغر“ تخلص رکيائين. پاڻ قادري طريقي جو پير ۽ مرشد هئو، هن سلسلي جو راڳ ۽ سماع سان گهٽ تعلق رهيو هو، پر پير علي گوهر (اول) کي سماع جو به شوق رهندو هو. افسوس جو سندس عمر ڪا گهڻي نه ٿي، ڦوهه جوانيءَ ۾ تاريخ 11 جمادي الاوليٰ سن1263هه/ 1847ع ۾ هن ماڳ کان منهن موڙي آخرت ڏانهن راهي ٿيا.

پير صاحب جي مريدن مان آخوند احمد سانوڻي هالائي قابل ذڪر آهي، جيڪو ڪلام الله جو حافظ هو. نظم، نثر ۽ انشاءَ ۾ بي نظير هو.

خواجه گل محمد (محبوب الصمد) لواري شريف جي روحاني درسگاهه:

خواجہ گل محمد لقب محبوب الصمد، سلطان الاولياءَ خواجہ محمد زمان اول جو صاحبزاده هو، سندن ولادت جمعي جي رات ربيع الاول سن1177هه/1763ع ۾ ٿي. سندس والد جو مٿس ڏاڍو پيار هوندو هو، کيس لاڏ ۽ ڪوڏ مان پاليائون. پنهنجي صاحبزادي جي مقام ۽ مرتبي کي اڳ ئي ان جي اهڃاڻن مان معلوم ڪري ورتو هئائون. قرآن شريف ۽ فارسي پڙهڻ کان پوءِ کيس مولانا شرف الدين شهدادپوريءَ وٽ صرف و نحو، علم عروض وغيره پڙهڻ لاءِ وهاريو ويو. ننڍپڻ ۾ ئي سندن گهڻو لاڙو سلوڪ ڏانهن هوندو هو.(1)

خواجہ گل محمد اڃان يارهن ورهين جي ڄمار جو مس هو، جو سندس والد وفات ڪري ويا، انهيءَ ڪري مسند نشينيءَ واري سوال تي ڪن خليفن اعتراض اٿاريو ته:  “خواجه گل محمد اڃا ٻار آهي، سو مريدن جي ڪهڙي تربيت ڪري سگهندو؟“ انهيءَ تي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، شيخ حاجي ابو طالب ۽ ٻين بزرگن خليفن چيو ته ”هيءُ باطني معاملو آهي، اسان کي نينگر جي ڄمار ڏسڻ نه گهرجي.“ انهيءَ تي خواجہ محمد زمان جي وصال کان پوءِ ٽئين ڏينهن خواجہ گل محمد کي مسند تي ويهاريائون. اول شيخ عبدالرحيم بيعت ڪئي، پوءِ ٻين وڏن خليفن جهڙوڪ شيخ ابو طالب، حاجي ظاهر، حافظ هدايت الله ۽ پوءِ ٻين بيعت ڪئي.

خواجہ گل محمد اڃا سترهن ورهين جي ڄمار جو مس ٿيو ته لواريءَ شهر سان اوچتو حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڏي تباهي ٿي. شورا قوم جا ڪي ماڻهو نومڙين جي ٻن چئن ماڻهن کي قتل ڪري، ڊپ وچان سڄي قبيلي سميت راتوواهه وٺي ڀڳا. هومڙيا به وڏو لشڪر وٺي سندن ڪڍ پيا ۽ لواري وٽ اچي کين سوڙهو گهٽيائون. جنگ ۾ گهڻا شورا مارجي ويا، پر باقي جيڪي بچيا، تن ڀڄي وڃي لواري ۾ پناهه ورتي. نومڙيا به انهن جي پٺيان لواري ۾ ڌوڪي پيا ۽ ڪن شريفن جي گهرن ۾ گهرڻ لڳا. لاچار لواري وارن کي به انهن سان وڙهڻو پيو. انهيءَ ويڙهه ۾ درگاهه جا درويش رانجهو ۽ بلند نالي شهيد ٿي ويا. خواجه گل محمد رح پنهنجو سارو سامان ڦورن جي حوالي ڪري پاڻ رڳو هڪ ڪپڙي ۾ نڪري ٻاهر ٿيو. نومڙين جو مهندار کيس هن حالت ۾ ڏسي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ ڦريل مال کيس موٽائي ڏيارڻ تي زور رکيائين، پر پاڻ ڪجهه به واپس نه ورتائين. اٽلو متاع مال وڃڻ ڪري سرهو ٿي پيو، ڄڻ مٿانئس ڪو وڏو گهنگر لهي پيو.

خواجه گل محمد اسر کان وٺي شام تائين سڄو ڏينهن معتقدن ۽ مريدن جي سٿ ۾ ويٺو هوندو هو. رڳو ماني کائڻ لاءِ گهر ويندو هو يا نماز لاءِ ايندو هو. سندس مجلس ۾ ڪنهن کي به روڪ نه هوندي هئي. پاڻ گهڻو ماٺ ۾ گذاريندو هو، جي پور پوندو هوس ته ڪي نصيحت آميز نڪتا بيان ڪندو هو، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

 (1)    اٺ جهڙي حيوان تي مجازي عشق جو غلبو ٿيندو آهي ته به چار مهينا کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو آهي. هاڻ خيال ڪريو ته جنهن انسان تي حقيقي عشق جو غلبو ٿيندو هوندو، تنهن جو ڪهڙو حال ٿيندو ٿيندو.

(2)    حياتي توڙي دنيا ٻئي فاني آهن، انهن سان ناتو لائڻ نه گهرجي.

(3)    مردانگي طريقت جو مول شرط آهي.

(4)    حق کي وسارڻ بڇڙي ۾ بڇڙو ڪم آهي.

(5)     تونگرن ۾ طمع نه رکجي ۽ نه انهن جي چاپلوسي ڪجي. کانئن هميشه پاسو ڪرڻ گهرجي.

(6)    اخلاص کان بهتر ٻي ڪابه شيءِ نه آهي.

(7)    ڪهڙو به علم هجي، جهالت کان بهتر آهي.

(8)    ڪهڙو به ڌنڌو بي هنري کان بهتر آهي.

(9)    فقيرن جي گفتگو مڙئي صدق ۽ صواب آهي، وغيره.

خواجه گل محمد رح ظاهري علم ۾ به وڏو مرتبو حاصل ڪيو هو، ان وقت جا سيد محمد ۽ خواجه قاضي احمد جهڙا عالم به چوندا هئا ته ”هيڏي علم هوندي به اسين حضرت جن جي اڳيان پاڻ کي سيکراٽن جيان ٿا سمجهون.“ سيد محمد به ائين چوندو هو ته ”ظاهري علم ۾ جڏهن به ڪا مشڪلات ايندي هيم ته وڃي حضرت جن کان حل ڪرائيندو هوس. علم نجوم ۾ پاڻ کي ڏاڍو ماهر سمجهندو  هوس ۽ مون کي چڱيءَ طرح معلوم هو ته حضرت جن انهيءَ علم مان بلڪل اڻ واقف آهن. هڪ لڱا نجوم جي هڪ مسئلي تي حضرت جن اچي پلٽيا، زائچه جي قانون ۽ اصطراب جي رمزن جي ايڏي وڏي اپٽار ڪيائين جو آئون وائڙو ٿي ويس.“

افسوس جو معرفت جي هن بحر بي پايان جي عمر تمام ٿوري ٿي. کيس اوچتو وڏي ماتا جي بيماري ٿي، جنهن ۾ 27 ربيع الاخر 1228هه/ 1803ع ۾ وفات ڪيائين. خواجه صاحب کي ڇهه پٽ هئا: (1) غوث عالم خواجه محمد زمان ثاني (2) شيخ عبداللطيف صغير (3) ابوالقاسم (4) محمد اڪرم (5) محمد آدم (6) حاجي محمد.

وفات کان ٿورو اڳ خواجه محمد زمان کي گهرائي کيس وصيت ڪيائين ته ”هاڻ جماعت تنهنجي حوالي آهي، تون ئي ان جو اڳواڻ آهين.“

خواجه محمد زمان دوم (غوث عالم) لواري وارو:

حضرت خواجه محمد زمان دوم ولد خواجه گل محمد تيرهين صدي هجريءَ جي انهن برگزيده اوليائن ۽ عالمن مان هو، جن جي روحاني ۽ علمي شهرت سنڌ جي حدود مان نڪري ٻاهرين اسلامي ملڪن تائين پهتي. سندس ولادت 1199هه جي مهيني رمضان ۾ ٿي. خواجه محمد زمان ڄمندي ئي ڄام هو. روايت آهي ته جن فقيرن سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان اول کي ڏٺو هو، تن جو چوڻ هو ته خواجه محمد زمان ثاني شڪل شباهت ۽ ٻين وصفن ۾ هوبهو پنهنجي ڏاڏي جهڙو هو. خواجه گل محمد چوندو هو ته ”اهڙا فرزند عالم ۾ اڻ لڀ آهن.“ ننڍپڻ کان ئي سندس ڪرامتون ظاهر ٿيون، انهيءَ ڪري ئي سندس والد جو منجهس ساهه پساهه هوندو هو. گادي نشيني وقت سندس عمر اڻويهه ورهيه مس هئي. اڃا سال کن مس گذريو ته سن1219هه مطابق 1804ع ۾ شاهه شجاع سنڌ تي ڪاهي آيو. ساري ملڪ ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. ماڻهو اباڻا ڇنا ڇڏي اُٿي ڀڳا. خواجه صاحب به لاچار اتان نڪري وڃي ويجهي ڇڪ ۾ رهيو. مڪان شريف جو سڀ اسباب لٽجي ويو. هن حادثي کان پوءِ بچاءَ واسطي کين ڪوٽ اڏائڻ جو خيال ٿيو ۽ اهو ڪم شروع ڪري ڏنائين، جيڪو سن1226هه ڌاري عاليشان نموني جڙي راس ٿيو. پر ستت ئي ڪن حاسدن ان وقت جي ٽالپر حاڪم مير غلام علي خان کي وڃي برغلايو ته اهو ڪوٽ انگريزن جي سورش ۽ مالي امداد سان اڏايو ويو آهي. مير صاحب کي شڪ جاڳي، ويتر جو کيس اها خبر پيئي ته خواجه صاحب پنهنجي فرزند جي مائٽي ڪڇ وارن جاڙيجن رئيس مان چوائي آهي. ان ڪري ته هيڪاري سندس شڪ وڌي ويو. ان وقت انگريزن جي ڀڄ ۾ بيٺڪ هئي. خواجه صاحب گهڻو ئي حاڪم کي سمجهايو، پر مير صاحب تي ڪوبه اثر نه ٿيو. پنهنجا ماڻهو موڪلي ڪوٽ ڀڃائي ڀورا ڪيائين. هن واقعي کان هڪ ورهيه پوءِ خواجه صاحب سن1228هه/ 1812ع ۾ حج لاءِ روانو ٿي ويو، ساڻس چاليهه ساٿي هئا. ڪڇ جو رڻ لتاڙي مانڊوي کان غوراب تي چڙهي جڏهن يمن جي مخه بندر تي پهتا، تڏهن شهر جا مکيه ماڻهو سندن مرحبا لاءِ اچي مڙيا.

شيخ محمد عابد سنڌ مدني ان دور ۾ يمن اندر مقيم هو ۽ خواجه صاحب جن کان بيعت هو، سو به وڏي عقيدت سان زيارت لاءِ آيو. هن بزرگ لکيو آهي ته منهنجي اکين خواجه صاحب جهڙو خدا رسيده بزرگ نه ڏٺو. علامه ڪتابي فهرس الفهارس ۽ خواجه محمد سعيد رح سان مڪي ۾ پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي مخدوم محمد عابد سنڌي ڏانهن پهچندڙ حديث جي سند بابت لکيو آهي ته اها مون کي خواجه محمد سعيد جن کان ملي، جنهن کي سندس والد خواجه محمد زمان کان ۽ ان کي شيخ محمد عابد سنڌي کان ملي.

هن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته خواجه صاحب هڪ پاسي شيخ محمد عابد سنڌي جو پير طريقت ۽ مرشد هو ته ٻئي پاسي وري حديث جي سند ان کان ئي ورتي هئائين. عرب کان پنهنجي مرشد ڏانهن لواري ۾ اچڻ واري سفر جو ذڪر ڪيو اٿس.(1) سن1230هه ۾ خواجه صاحب حرمين کان موٽي ڳوٺ پهتو. چند سالن کان پوءِ سن1236هه ۾ سندس ڀاءُ خواجه عبداللطيف گذاري ويو. اڃان اهو ڏک ڏور ئي نه ٿيو ته سن1237هه ۾ سندس پهريتو پٽ خواجه محمد سعيد جو اڃا سترهن ورهين جو هو، رجب مهيني جي 10 تاريخ وڃي رب کي رسيو. انهن ٻنهي وڇوڙن خواجه صاحب کي جهوري وڌو ۽ دلي سڪون لاءِ ٻيهر حج تي اُسهيو. مهيني صفر سن 1238هه ۾ روانو ٿيو. اڃان حج ڪري آيو مس ته وري جنجال ۾ اچي پيو، جو ڀائرن جو ساڻس جهيڙو شروع ٿي ويو. انهن مير ڪرم علي خان کي به خواجه صاحب جو مخالف ڪري وڌو. پاڻ جهيڙي کان پاسو ڪري لواري مان لڏي ٻن چئن ميلن جي فاصلي تي مير محمود خان شهداداڻي جي ”هبائي“ نالي جاگير ۾ وڃي ويـٺو. جڏهن گوڙ گهمسان ڍرو ٿيو ته ڇهن مهينن کان پوءِ موٽي ماڳ تي آيو.

خواجه صاحب وڏو عالم ۽ اهل الله هو. خواجه عبداللطيف چوندو هو ته ”حضرت جن جو هڪڙو هڪڙو سخن قرآن شريف جي آيتن موافق هوندو هو يا حديثن جي مطابق يا ڪنهن مشهور مشائخ جي فرمودي جو مصداق هو.“ پاڻ ڪڏهن تر جيترو به شريعت جي خلاف نه هليو. بيپرواهه وري اهڙو جو ڪڏهن به طمع نه رکيائين ۽ وقت جي حاڪمن وٽ هٿ نه ٽنگيائين ۽ نڪي ساڻن دوستي رکيائين ۽ جيڪي وٽس پيسو پائي ايندو هو، ان کي بيت المال ۾ جمع ڪري، ان سان غريبن جي پرگهور ڪندو هو.

1246هه/ 1830ع جي رمضان مهيني کان وٺي خواجه صاحب بيماري سبب بستري داخل ٿيو ۽ مهيني صفر تاريخ 17 سن1247هه ۾ وفات ڪري ويو.

قاضي محمد شڪارپوري جي درسگاهه:

قاضي محمد شڪارپوري تيرهين صدي هجري ۾ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي انهن ناميارن فقيهن ۽ معتبر عالمن مان ٿي گذريو آهي، جنهن تي جيترو ناز ڪجي، اوترو گهٽ آهي. هن بزرگ مانجهند جي مشهور قاضي ابوالعالي کان تعليم پرائي، جو پنهنجي وقت جو وڏو علامه هو. ان کان پوءِ شڪارپور ۾ پنهنجو درسگاهه قائم ڪري، اتي درس تدريس ۽ فتويٰ جو ڪم ڪندو هو.

مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي، جنهن کي علم فقهه ۾ وڏي دسترس ڪري ”نعمان ثاني“ به چيو وڃي ٿو، تنهن جو معاصر هو ۽ ٻنهي جو باهمي مقابلو به رهندو هو.

هڪ ڀيري قاضي محمد صاحب، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي کي هڪ ڊگهو خط لکيو، جنهن جي عبارت ۾ مخدوم صاحب کي هيئن خطاب ڪيائين: ”يا عابد الاوثان محمد احسان“ (اي بتن جا پوڄاري قاضي محمد احسان) مخدوم عبدالواحد جو ٻيو نالو قاضي محمد احسان به هو، جو عبدالواحد سندس ڏاڏي جو نالو هو، ان ڪري مائٽ کيس ادب مان محمد احسان سڏيندا هئا. مخدوم عبدالواحد کي جڏهن اهو خط مليو ته جواب ۾ قاضي محمد کي رڳو هي سنڌي بيت لکي موڪليائون:

نه تو پيتي سرڪ، نه تو آئي چَٽَ

کهين ٿو انهن سان جنين پيتا مَٽَ

جڏهن اهو جواب قاضي محمد کي پهتو ته ڏاڍو گريه ڪيائين ۽ مخدوم صاحب ڏانهن معافي جو خط لکيائين. قاضي محمد جي تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي، غالب گمان آهي ته سن1230هه ڌاري وفات ڪيائين.(1)

ملا صاحبڏنو شڪارپوري:

ملا صاحب ڏنو تخلص ”صاحب“، سنڌي جي زنده دل ماڻهن جي سهڻي شهر شڪارپور جو رهاڪو هو. پنهنجي وقت جو بينظير شاعر ٿي گذريو آهي. نه رڳو فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو هو، پر عربي جو پڻ وڏو عالم ۽ مدرس هو. هن شڪارپور ۾ پنهنجي قائم ڪيل درسگاهه ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ ديني توڙي دنيوي علم جو درس تدريس جاري رکيو. هو الحاج فقير الله شاهه علوي شڪارپوريءَ جو وڏو معتقد هو.

سندس تصنيفات مان هڪ”ديوان“ چيو وڃي ٿو. جيڪو زماني جي دستبرد کان بچي نه سگهيو. سندس ڪجهه شعر شڪارپور جي قديم ڪتابن مان هينئر به ملي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌي ڪلام به چيائين، پر افسوس جو اڄ هڪ سنڌي مداح کان سواءِ ٻيو ڪوبه يادگار نه ٿو ڏسجي.

ملا صاحبڏنو پوئين وقت جي قاضين جي مسجد جو پيش امام رهيو. سندس وفات سن1250هه/ 1834ع ڌاري ٿي.(1)

ملا اويس شڪارپوري:

ملا اويس تيرهين صديءَ ۾ شڪارپور جي اهل الله بزرگن ۽ عالمن مان هو. تيرهين صدي هجري جي وچ ڌاري وفات ڪيائين. وڏن ماڻهن ۽ حاڪمن کان پري گذاريندو هو، وقت جا حاڪم سندس دروازي تي وڃي به، محروم موٽندا هئا. سندس ساري ڄمار ديني علوم جي ترويج ۽ اسلام جي تبليغ ۾ گذاري. هو هڪ وڏو شاعر، عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. دنيا سان سندس لاڳاپا گهٽ رهندا هئا، اهوئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪلام به گوشه گمنامي ۾ رهجي ويو. هن وقت سندس يادگار رڳو ”مسدس“ آهي، جيڪو حضرت غوث اعظم سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي شان ۾ چيل آهي. اها مسدس ”بياض خادم“ ۾ ڏنو آهي. جنهن جو ڪجهه انتخاب تذڪره لطفي ۾ ڏنو ويو آهي. صاحبڏني درسگاهه ۾ ڪافي عرصو درس تدريس جو سلسلو جاري رکيائين ۽ وٽانس ڪيترائي فيض پرائي ويا.(1)

مخدوم محمد صالح لکويءَ جي ”لکي“ شڪارپور ۾ درسگاهه:

”لکي“، شڪارپور جي ڀرسان وزيرآباد نالي هڪ ڳوٺ مهرن جو آباد ڪيل آهي، جنهن مان تمام ناليرا اديب، فاضل، عالم ۽ مدرس ٿي گذريا آهن، جن مان پير محمد لکوي ۽ سلطان ابراهيم صاحب مشهور آهن. مخدوم محمد صالح به ان ڳوٺ جو ويٺل هو. هن پنهنجي پوري تعليم قابل استادن مخدوم پير محمد ۽ سلطان محمد ابراهيم صاحب کان پرائي. تنهن بعد پنهنجي ڳوٺ لکي (وزيرآباد) ۾ درسگاهه کولي ديني تعليم جو سلسلو جاري رکيو. هو نقشبندي طريقي جو بزرگ هو ۽ سندس مرشد پير غلام محي الدين صاحب سرهندي هو. درس تدريس جي شعر سان گڏوگڏ شعر و شاعري ۽ تصنيف تاليف جو ڪم به ڪندو هو. شعر ۾ سندس تخلص ”صالح“ هو. سندس تصنيفات مان ”گلشن معجزات“ ۽ ”ديوان نعتيه“ دستياب آهن. گلشن معجزات اندازاً 200 صفحن تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ ٻيو متفرقه ڪلام به ملي ٿو.

سلطان محمد ابراهيم صاحب جي مجاورن کان معلوم ٿيو ته مخدوم محمد صالح نهايت متقي ۽ خدا پرست هو. سندس وفات به وزير آباد ۾ ٿي ۽ اتي ئي مدفون آهي.(2)

محمد عارف شڪارپوري:

محمد عارف اعوان، تخلص ”صنعت“، شڪارپور جي مشهور شاعر آخوند صاحبڏني کان تعليم حاصل ڪرڻ بعد شاعري جي مشق ڪيائين. پهريائين ”عارف“ تخلص ڪندو هو، پر پوءِ پنهنجي استاد جي ارشاد ۽ حڪم موجب ”صنعت“ تخلص اختيار ڪيائين. ميان محمد عارف خيمه دوزي جو ڪم ڪندو هو، انهيءَ هنر جي مناسبت سان استاد مٿيون تخلص هن لاءِ موزون سمجهيو.  جيڪو به غزل يا قصيدو لکندو هو ته ان کي ڪنهن به ديوان يا بياض جي صورت ۾ جمع نه ڪندو هو، پر متفرقه ڪاغذن تي لکندو رهندو هو، جنهن ڪري سندس بيشمار ڪلام سندس فرزند ميان محمد امين (وفات 1278هه) هڪ ديوان جي صورت ۾ جمع ڪيو، جنهن کي سندس ننڍي فرزند ميان عبدالحق وڪيل (وفات 1316هه) سن1313هه/ 1896ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

ديوان صنعت ۾ ٻه سو سورهن غزل، 12 قصيدا ۽ ڪجهه رباعيون، مخمس ۽ قطعا آهن. سندس ڪلام بيحد پختو، رنگين ۽ ايراني شاعرن جي هم پلئه آهي. مرحوم ”صنعت“ کي آخر ڄمار ۾ گردن ۾ وڏي ڦرڙي نڪري آئي، تمام گهڻا علاج ڪيا ويا، پر ڪوبه فائدو نظر نه آيو. آخر انهيءَ بيماريءَ ۾ صفر 1266هه ۾ وفات ڪيائين. شڪارپور ۾ امين شاهه چشتي جي قبرستان ۾ دفن آهي.(1)

مير فخر الدين علوي شڪارپوري:

ٽالپرن جي دور جو هي مايه ناز فرزند فخر الدين علوي شڪارپور جي مشهور اهل الله، نقشبندي طريقت جي مرشد، فقيهه، محدث ۽ استاد العلماءَ، الحاج فقيرالله علوي جو پوٽو ۽ ان جي وڏي پٽ مولانا حفيظ الله علوي جو فرزند هو. هو هڪ وڏو جيد عالم، اديب ۽ مدرس هو. اڳوڻن عالمن ۾ طب ۽ حڪمت جو شغل درس تدريس جي سلسلي سان گهڻو رهندو هو. ان خيال کان فخر الدين علوي مدرس ۽ عالم سان گڏوگڏ هڪ وڏو تجربيڪار طبيب به هو.

تذڪره لطفي جو فاضل مؤلف جيڪو خود شڪارپور جو آهي، لکي ٿو ته مير رستم خان ٽالپر سيد فخر الدين کي وڏي عزت ڏيندو هو. سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ سر چارلس نيپئر به سندس اهائي عزت قائم رکي. ڪجهه وقت مير علي مراد خان جو وزير به ٿي رهيو. کيس ڪتابن سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. علوي ”ڪتبخانو“ گهڻو ڪري سندس محنتن جو ڦل آهي. هن بزرگ عالم سندس وڏن جي قائم ڪيل ”علوي درسگاهه“ ۾ ديني علمن جو درس ڏنو، جنهن مان ڪيترائي طالب، مريد ۽ عقيدتمند استفادو ڪري ويا. هن 1270هه/ 1854ع ۾ وفات ڪئي.

خواجه نظام الدين مجددي شڪارپوري:

خواجه نظام الدين ملقب به قطب جهان و سراج الاولياءَ بن خواجه غلام محي الدين بن خواجه محمد صادق بن خواجه غلام محمد معصوم ثاني بن خواجه محمد اسماعيل بن خواجه صبغت الله بن عروة الوثقيٰ خواجه محمد معصوم بن حضرت امام رباني خواجه احمد سرهندي مجدد الف ثاني قدس الله اسرارهم.

خواجه نظام الدين جي ولادت باسعادت پشاور جي شهر ۾ ٿي ۽ ننڍي هوندي پنهنجي ڏاڏي جي نظر هيٺ تربيت ۽ تعليم حاصل ڪيائين ۽ تصوف و سلوڪ جون منزلون طي ڪيائين. جڏهن سندس والد خواجه غلام محي الدين حج جي ارادي سان روانو ٿيو ته ساڻس ٻه فرزند به هم رڪاب هئا: (1) خواجه نظام الدين (2) خواجه فدا محي الدين.

قنڌار جي امير تيمور پاران ان زماني ۾ شڪارپور جو حاڪم نواب مولا داد افغان هو. خواجه غلام محي الدين جو ڏاڏو معتقد هو، سو پڻ سفر ۾ ساڻس هم رڪاب ٿي نڪتو. جڏهن اهو قافلو حيدرآباد سنڌ ۾ پهتو ۽ خواجه صاحب جي ڪرامت ۽ ولايت جو غلغلو بلند ٿيو، تڏهن ڪيترائي ماڻهو سندس حلقه ارادت ۾ اچي جمع ٿيا. ان زماني ۾ ٽالپرن جي ٽيون نمبر حاڪم مير ڪرم علي خان (وفات 1244هه) تازو وفات ڪري چڪو هو. ماڻهن ۾ مشهور هو ته سندس قبر مان دانهون اچي رهيون آهن. انهيءَ تي مير صاحب جي معصوم نياڻي بيبي جندو قرآن ميڙ ڪري خواجه صاحب جي خدمت ۾ اچڻ جو ارادو ڪري نڪري پيئي. خواجه کي ڪشف جي طور بيبي جندو جو اچڻ معلوم ٿيو. خواجه صاحب جي چوڻ تي بيبي صاحبه کي رستي تان موٽايو ويو ۽ کيس تسلي ڏياري ويئي ته مير صاحب لاءِ بارگاهه الاهي مان شفا لاءِ دعا گهري ويئي آهي. انهيءَ کان پوءِ ميرن جي خاندان جي پريشاني، خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويئي. ميرن قدر شناسي ڪري خواجه محي الدين جي صاحبزادن لاءِ 25 هزار ايڪڙ جاگير مقرر ڪئي ۽ ڪن تعلقن ۾ سندن حصا به مقرر ڪيا ويا. آخر نواب مولاداد خان دراني جي مشوري سان صاحبزادن کي حيدرآباد مان واپس آڻي شڪارپور ۾ رهايو ويو، جن مان خواجه نظام الدين شڪارپور ۾ رهيو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ خواجه فدا محي الدين شڪارپور جي ٻاهران پنهنجو ڳوٺ ٻڌايو.

خواجه نظام الدين لاءِ شڪارپور جي علوي خاندان پنهنجون جايون ۽ حويليون خالي ڪري ڏنيون، جتي نقشبندي طريقي موجب ذڪر اذڪار ۽ تلقين جو سلسلو جاري رکيو ويو. چيو وڃي ٿو ته باوجود جاگيرن ۽ نذرانن جي پاڻ فقيري ۽ درويشي ۾ گذاريندو هو. خواجه صاحب فرمائيندو هو ته علميات وغيره ڪجهه به نه آهي. اصل مقصد الله تعاليٰ جي بندگي ۽ سندن رضا آهي. سندس مقولو آهي ته:

آنجه برما فقيران لازم است دوام ذل است و افتقار

و انڪسار و تضرع و التجا و اداي وظائف عبوديت

و محافظت حدود شرعيه و متعابعت سنت سنيه

اهوئي سندس اصول هو ۽ انهيءَ تي ئي سندس سموري زندگيءَ جو پروگرام ٺاهيائين ۽ ان تي هلندو رهيو. پاڻ خانداني ورثي موجب فارسي شعر به چوندو هو. ڪجهه غزل ۽ مناجاتون هن وقت به موجود آهن. سندس تصنيفات مان ڪتاب ”اسرار رموز نقشبنديه“(1) موجود آهي، جنهن ۾ نقشبندي طريقي جي خوبين ۽ تصوف جي اسرارن جو بيان ٿيل آهي. ان کان سواءِ ٻيا به ڪتاب هئا جي ناياب ٿي چڪا آهن.

خواجه صاحب جي وفات قريب ٿيندي ويئي ته پاڻ سڀني دوستن کي ان جو اطلاع ڏنائين ۽ علوي خاندان جي بزرگن کي چوائي موڪليائين ته سندس مقبري لاءِ ڪنهن مناسب جاءِ جو بندوبست ڪيو وڃي، جنهن لاءِ علوي بزرگن لکي دروازي تي پنهنجي ملڪيت مان هڪ جاءِ جو ٽڪرو مقرر ڪيو. پاڻ ڇنڇر جي صبح جو ۽ 17 رجب 1273هه ۾ وفات ڪيائين. لکي دروازي تي مقرر ڪيل جاءِ تي سندس ٺهرايل مقبري ۾ دفنايو ويو. خواجه صاحب کي ڪل 9 فرزند هئا، جن مان خواجه امام الدين کي سجادگي جي مسند تي وهاريو ويو.(2)

آخوند محمد بچل ”انور“:

آخوند محمد بچل مٽيارين جو ويٺـل، ميرن جو شاهي استاد جي لقب سان مشهور آهي. فارسي شعر ۽ نثر جو بي نظير عالم هو. ٽالپر حاڪمن مان مير نصير خان جو استاد به رهي چڪو آهي. اڳتي هلي انشاءَ جو مير منشي بڻيو. ميرن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ جڏهن سندس ولي نعمت مير صاحب کي انگريزن ڪلڪتي ۾ نظر بند ڪري رکيو ته آخوند صاحب هتي رهجي ويو. شاعري سان گڏ ماده تاريخ ڪڍڻ جو به ماهر هو.

آخوند صاحب رڳو ظاهري علم نه پرايو هو، پر باطني فيض جو پڻ طالب ٿي رهيو آهي. شاهه فضل الله نقشبندي جي فرزند شاهه عبدالقيوم کان سلوڪ ۾ بيعت ورتي هئائين. آخوند صاحب سن1278هه/ 1861ع ۾ وفات ڪئي.


(1)   هنن خطن مان ڪن ٿورن جو ترجمو ”الرحيم“ ۾ ڇپيل آهي. پير محمد راشد جي شعر کي الرحيم سنڌي جي سن1966ع جي 2 شمارن ۾ پن شايع ڪيو ويو آهي.

(1)   صاحبزادن جو اهو تفصيل بائيجي واري بزرگ جي تحرير مان مليو آهي، جيڪو مولانا امروٽي جو وڏو خليفو ۽ راشدي قادري طريقت جو پير هو. (ٽماهي الرحيم، سنڌي)

(1)    خط سيد حميد الدين بحوالہ سيرت سيد احمد شهيد ج اول ص3-4 ڇاپو ڪتاب منزل لاهور.

(2)   ملفوظات سيد صبغة الله شاهه، قلمي، لائبريري سنڌي ادبي بورڊ.

(1)    تاريخ عجيبہ 218-219 سيد صاحب جو پير صبغة الله شاهه ڏانهن خط، بحوالہ سيرت سيد احمد شهيد ص305.

(1)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، الرحيم، مشاهير سنڌ نمبر ص39

(1)   اليانع الجني ”عرب کان لواري جو سفر“ ص71

(1)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، منهنجي علمي ڊائري (الرحيم سنڌي)

(1)   تذڪره لطفي، جلد ٻيو

(1)   ملا اويس شڪارپوري ملا صاحبڏني جو همعصر هو، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن ڪجهه سال اڳ يا پوءِ وفات ڪئي هوندي. (تذڪره لطفي جلد ٻيو)

(2)   تذڪره لطفي جلد ٻيو

(1)   تازو ديوان ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي. مرحوم صنعت تي پير حسام الدين راشدي صاحب جو مقالو ”ستاره سنڌ“، 26 آگسٽ 1934ع هفتيوار پرچي ۾ ڇپيو.

(1)   ٻيو ڪتاب ”مخمس ڪريما“ به سندس تصنيف آهي. تڪملو مقالات ص599

(2)   سن1277هه تائين جيڪي تاريخون لکيائين، تن جو مجموعو محترم جناب پير حسام الدين راشدي جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. آخوند صاحب جو ديوان به اڃا تائين ڇاپي ۾ نه آيو آهي، جيتوڻيڪ پڻ پير حسام الدين راشدي وٽ موجود آهي. ٽماهه مهراڻ 1955ع، شماره چوٿون، بحوالہ تڪملہ مقالات الشعراءَ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org