سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب-1

صفحو :2

 

باب ٻيون

سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن جو مختصر جائزو

 

قديم زماني کان وٺي سنڌ عظيم تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو هو، جنهن کان آسپاس جي اڪثر همعصر قومن روشني ورتي. مثلاً: سوسا، افير، اُر، بابل ۽ نينوا جون قومون، جن جا قديم آثار اڄ به انهيءَ ڳالهه جو واضح ثبوت آهن. حالانڪ ٻين قديم قومن جي ڌرمي دفترن ۾ پڻ اهڙي قسم جي دعويٰ ڪيل آهي. قرآن پاڪ ۾ پڻ اهڙين ڪيترين ئي قومن جو ذڪر ملي ٿو.

اٽڪل پنجاهه ورهيه کان اڳ ۾ هي خيال هو ته سڀ کان جهوني تهذيبن ۽ پراڻي تمدن جو مرڪز مصر جي سرزمين آهي. ليڪن بعد ۾ ٿيل تحقيقات جي روشني مان معلوم ٿيو ته بابل وارن جي تهذيب مصرکان گهڻو آڳاٽي آهي. پر اڃا به انهيءَ ڏِس ۾ ڪن عالمن جو وري هي نظريو آهي ته سُميري تهذيب پنهنجي قدامت جي لحاظ کان وڌيڪ پراڻي آهي ۽ دنيا جا اڪثر محقق انهيءَ پوئين نظريي جا قائل نظر اچن ٿا.(1)

موئن جي دڙي جي کوٽائي مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جي عظمت سميري تهذيب جي عظمت سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي ۽ آرين جي رگ ويد واري دور کان گهڻو اڳ جي آهي. پارسين جو مذهبي ڪتاب ”اويستا“ آرين جي دور کان اڳ جو لکيل آهي، جنهن مان پڻ اڻ سڌي طرح سنڌ جي قدامت جو احوال ملي ٿو.(1)

سُمير جي جهونن شهرن مان ”اُر“ جو شهر وڌيڪ اهميت رکي ٿو. ان شهر جي باري ۾ سرليونارڊ جو چوڻ آهي ته ”اهوئي قديم شهر آهي، جيڪو سڀ کان اول طوفان نوح کان متاثر ٿيو هو.“(2) ۽ ان ئي شهر ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي ولادت ٿي هئي. انهيءَ ساڳئي سميري تهذيب جي زماني جا جيڪي آڳاٽا شهر معلوم ٿيا آهن، تن مان ”دلمون“ ۽ ”ماگان“ جا پراڻا شهر آهن. اڪثر عالمن ”دلمون“ کي ”موئن جو دڙو“ ٺهرايو آهي.(3) سميري تهذيب دجله ۽ فرات جي لڳ فارس جي اترئين طرف واقع هئي ۽ تاريخي لحاظ کان قديم زماني ۾ خليج فارس، سنڌ جي ڏاکڻي سرحدي ڪناري سان دنگڻي هو.(4)

”دلمون“ جو نالو پڻ تحقيق طلب هو ۽ سندس جاءِ وقوع جي به پوري معلومات نه هئي. انهيءَ ڏس ۾ موجوده دور جي عالم ڊاڪٽر نوح. ايس. ڪريمر پنجويهن سالن جي لاڳيتي ڪوشش کان پوءِ اهو نظريو قائم ڪيو ته ”دلمون“ اصل ۾ سنڌ جي قديم ۽ عظيم شهر ”موئن جي دڙي“ جو آڳاٽو نالو آهي.(5) انهيءَ نظريي تي ٻيا به مشهور محقق ۽ عالم جهڙوڪ: داس، سوزمدار، بئنرجي، آئينگر ۽ سرجان مارشل وغيره پڻ متفق آهن. ڊاڪٽر نوح. ايس. ڪريمر جي لکڻ موجب قديم زماني ۾ بابل جي هڪ مندر ۾ هڪ راهب بيرولسس، سميرين جي مذهبي عقيدي ۽ روايتن جي باري ۾ ڪي ڳالهيون لکيون هيون، جن ۾ ڄاڻايل هو ته اونيس ديوتا پنهنجي اصلي وطن دلمون مان خليج فارس پار ڪري سُمير ۾ پهتو، جنهن سميرين کي علم ۽ فن، لکڻ ۽  پڙهڻ ۽ ٻين ڪيترن هنرن جي سکيا ڏني هئي.(1)

مسٽر وهيلر ۽ چلـڊ جهڙن ماهرن جو رايو آهي ته سنڌ جي قديم تهذيب جي باري ۾ هن وقت تائين جيڪي کوٽايون ٿيون آهن، سي سطحي آهن. مسٽر ايڇ. جي. ويلس جو چوڻ آهي ته خليج فارس جي ڪناري تي صرف ”سوقيم“ ۽ ”سنڌ“ جا ٻه ملڪ هئا، جيڪي جهاز راني جي فن ۾ مهارت رکندا هئا ۽ هنن اهو فن دلمون وارن کان حاصل ڪيو هو.(2)

سنڌ جو واپار جهاز راني رستي ڏيساور سان هلندو هو، جنهن ۾ سون، چاندي، عاج، سائي پٿر جا ٿانو، زيور، قيمتي پٿر، ريشمي ڪپڙو، مور، سرمو ۽ سوٽي ڪپڙو مکيه شيون هيون. سون جي پيداوار متعلق ڊاڪٽر ڪريمر جو رايو آهي ته هتي اعليٰ قسم جون سون پيدا ٿيندو هو. ماڻهو وڏن پڪن گهرن ۾ رهندا هئا ۽ شهر جو نظام نهايت ئي سڌريل هو. هو پنهنجي همعصر عراقين ۽ مصرين کان وڌيڪ سڌري ۽ متمدن هئا.(1)

سن1937ع ۾ ريونڊ فادر ايڇ. هيرس، مدارس يونيورسٽي ۾ تقرير ڪندي ظاهر ڪيو هو ته موئن جي دڙي مان مليل مهرن تي اڪريل سورج منڊل جي ”راسين“ ۽ ”نکشترن“ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جا آڳاٽا رهاڪو جوتش وديا جي فن مان عيسوي سن کان 5610 ورهيه اڳ ۾ به ڄاڻ رکندڙ هئا.(2)

تحرير جي فن جو بنياد به سڀ کان اول هن ملڪ ۾ پيو. تور ماپ جي علم مان به واقف هئا، جيڪو هنن بابل وارن کان حاصل ڪيو هو. واپار جي ڪري سامي اثر سنڌي تمدن تي ڪافي پيو جو مِصرين، چيناين ۽ بابل وارن وٽ هڪ هزار ورهيه ق. م رائج هو. موئن جي دڙي مان لڌل شين مان ظاهر ٿئي ٿو ته قديم سنڌي ٻين ملڪن، جهڙوڪ مدارس، راجپوتانا، ڪشمير، ايران ۽ ڏکڻ هندستان سان ڪافي لهه و چڙ ۾ هئا ۽ کين ٽامي جي هنر جي گهڻي ڄاڻ هئي. طب جي علم ۾ به هي ملڪ کان گهڻو سڌريل هو.(3) موئن جي دڙي مان مليل لاشن مان پتو پوي ٿو ته هتي جدا جدا قومون رهنديون هيون يعني عراقي قومن وانگر گڏيل قومن جو مجموعو هئا. اهي پٿر جا اوزار ڪم آڻيندا هئا، هو رڍن، ٻڪرين، ڳئن ۽ گهوڙن جا ڌڻ پاليندا هئا. اهڙا ڪيترائي نالا سڪن ۽ مهرن تي اُڪريل آهن، جي گهڻي قدر دراوڙي نالن سان مشابهت رکن ٿا. سندن ڌرم پڻ ساڳيو هو، جيڪو ان زماني ۾ مروج هو. تاريخ جي دور کان اڳ ”ڌرتي ماتا“ جي پوڄا ڪندا هئا، جنهن کي آرين ”پرٿوي“ سڏيو.(1)

سنڌ جا قديم رهاڪو آرين کان وڌيڪ سگهارا ۽ قداور هئا. انهن جي بهادري جي مدنظر اشوري شهنشاهه حمورابي بابل جي مهم سر ڪرڻ لاءِ هتان جا سپاهي گهرايا هئا.(2) ايراني بادشاهه سائرس کي نيزي جو نشان بنائيندڙ هتان جو هڪ سنڌي بهادر هو. ايران جي بادشاهه زرڪش پڻ هتان جي بهادر سپاهين جي مدد سان يونان تي حملو ڪيو هو.(3) چندر گپت (300 ورهيه ق. م) به هتان جو ئي حاڪم هو، جنهن سموري ڀارت کي قبضي ۾ آڻي، ڌاڪو ڄمايو هو.

زراعت جي لحاظ کان سنڌ جي سرزمين زرخيز هئي. قديم سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڻڪ کي ”ڪيڪيه“ چيو ويندو هو. ان باري ۾ هڪ روسي عالم ويلسيوف جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ڪڻڪ جي پوک جي شروعات به هن خطي مان ئي ٿي هئي. نباتات جي ماهر مسٽر انگرڪي جو خيال آهي ته سنڌ ۾ پيدا ٿيل ڪڻڪ جي تاريخ پڻ تمام قديم آهي، جنهن جا اهڃاڻ موئن جي دڙي مان ملن ٿا.

سنڌو درياءَ جي مست موجن ۽ سندس ڦيرن گهيرن جي ڪري هر دور ۾ ڪيترائي سُڃا پاسا ساوا ۽ ساوا سڃا پئي ٿيا آهن ۽ ڪيترائي آڳاٽا شهر لُڙ ۾ لُڙهي مٽيءَ جا ڍير بنجي ويا.(4)

سنڌ ۽ اسلام جي آمد (سن712ع) کان اڳ سنڌي ٻولي نه صرف ڳالهائي ويندي هئي پر لکڻ پڙهڻ ۾ به مروج هئي. آرين جي زماني ۾ قديم سنڌي ٻولي سان ٽڪرجڻ ڪري سنسڪرت فقط پنڊتن تائين محدود رهجي ويئي، جنهن ڪري قديم سنڌي ٻولي نئين آريائي ٻولي تي اثر انداز ٿي ۽ سنڌي ٻولي جا لفظ سنسڪرت سان گڏجي ويا. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو رايو آهي ته ”سنڌي هڪ قديم هند- آريائي ٻولي آهي، جنهن جو پڻ بنياد، سنڌو ماٿر جي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ڪا هند - ايراني ٻولي آهي. لهندا ۽ ڪشميري هن جون ڀينرون آهن. سنڌي ٻولي خاص ڪري موئن جي دڙي واري تهذيب جي قديم ٻولي- جا سميرين ۽ بابل جي ٻولين سان نسبت رکي ٿي - کان ئي اثر قبول ڪيا هوندا.(1) اهڙيءَ طرح سان سنڌ ۾ قديم دور کان و‎ٺي سنڌي رائج هئي ۽ ان جي لکڻ پڙهڻ جو رواج هو. برهمڻي دور ۾ سنڌ ملڪ آسودو ۽ خوشحال هو ۽ حڪومت جا خزانا ڀريا پيا هوندا هئا. جيڪڏهن مصر ۽ بابل جون بستيون تهذيب ۽ تمدن جون روشن قنديلون هيون ته سنڌ جي وادي به پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جو هندورو هئي.

 

باب ٽيون

اسلام کان اڳ واري دور ۾ سنڌ جو علم ادب

 

سنڌ جا آڳاٽا رهاڪو دنيا جي ٻين مهذب قومن وانگر علم، حڪمت، هنر، تهذيب، اخلاق ۽ سياست ۾ وڏي فضيلت جا مالڪ هئا. ان وقت جڏهن دنيا اڃا علم کان ايترو روشناس نه هئي، ته به سنڌ جي سرزمين علمي معلومات کان سرشار هئي. قديم هندو دور جي تاريخ تي تاريڪي جو پردو ڇانيل نظر اچي ٿو. مورخن هندو دور جو احوال گهڻي قدر قياس آراين ۽ روايتن جي بنياد تي بيان ڪيو آهي.(1) تنهن هوندي به ان دور جي منتشر علمي ۽ ادبي ڪارنامن جو ذڪر ڪجي ٿو.

ويد جن جو زمانو 1200 ورهيه ق.م کان 1000 ورهيه ق.م جو آهي، مهراڻ جي ڪناري تي قلمبند ڪيا ويا. اِهو دراصل اُهو زمانو آهي، جڏهن آريا سنڌو جي ميدان کان نڪري ڀارت ورش تائين ڦهلجي ويا ۽ اُتي پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيائون.(2) سنڌ جي اصل رهاڪن جو ڪوبه تصديق سان احوال ڪونه ٿو ملي ته سندن ڀارت ورش جي آرين سان ڪهڙو سبنڌ هو. انهيءَ ڏس ۾ جيڪو احوال ملي ٿو، سو اڪثر شاعرائي مبالغي ۽ مذهبي رنگ ڍنگ ۾ ملي ٿو. قديم هندو دور ۾ هندن جي ٻن مذهبي ڪتابن جو احوال ملي ٿو، جن مان ”سرتي“ ۽ ”سُمرتي“ مشهور آهن. سرتي ان قسم جي ڪتابن جو مجموعو آهن، هن کي رشين الهامن جي ذريعي تحرير ڪيو هو. جهڙوڪ رڳ ويد، بجر ويد، اٿر ويد، برهم گرنٿ ۽ اُپنشد وغيره. سمرتي ڪتابن جو مواد ڪهاڻين جي صورت ۾ آهي. مثلاً مهاڀارت، رامائڻ، منوشاستر ۽ ڀاڳوت گيتا وغيره.(1)

رگ ويد سنڀي کان اڳاٽو ڪتاب آهي، هن ۾ اندر ۽ اگني ديوتائن جو ذڪر بيان ڪيل آهي ۽ انهن ۾ منترن جا قاعدا ۽ قانون درج ٿيل آهن.(2) رگ ويد ۾ خاص ديوتائن جي احوال کان سواءِ ”سپت سنڌو“ يعني ستن دريائن واري ملڪ جي مختصر تاريخ، علاقائي حالتن ۽ نئين آيل قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي خبر پوي ٿي.

آريائي ادب جو ٻيو حصو ويدن کي سمجهڻ لاءِ برهم گرنٿ آهي ۽ هرهڪ ويد کي سمجهڻ لاءِ جدا جدا برهم گرنٿ آهن. اپنشد ويدن جي تشريح لاءِ 800 ورهيه ق.م کان 650 ورهيه ق.م ڌاري تصنيف ٿيا.(3) يجر ويد ۾ هندن جي منترن ۽ يگيه جي باري ۾ قاعدا ۽ قانون آهن. يجر ويد جي زماني ۾ آرين جي مقدس ندي سرسوتي غائب ٿي ويئي. سام ويد ۾ ڀڄن ڳائڻ جا طور طريقا ۽ منترن پڙهڻ جا اشارا آهن، پڻ علم موسيقي تي به مواد موجود آهي. اٿرويد ۾ هر ڪنهن دنيوي تڪليف کي دور ڪرڻ جا منتر چيل آهن.

سوتر آريائي ادب جو ٽيون حصو آهي. مئڪس مولر (سوترن جو زمانو 600 ورهيه ق.م کان 200 ورهيه ق.م) ڏيکاري ٿو ته شروع ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج ڪونه هو ۽ اهو صرف زباني صورت ۾ ٿيندو هو. بعد ۾ جڏهن لکڻ جو رواج پيو، تڏهن پهريائين سوتر قلمبند ڪيا ويا، جن جو تعداد ٽي آهي. ان کان اڳ منو مهراج (900 ورهيه ق.م) آرين جو وڏو ودوان ۽ قانوندان ٿي گذريو، جنهن هندن جي قاعدي قانون جو ڪتاب تصنيف ڪيو هو.(1)

آريائي قومن سنڌونديءَ جي ميدان مان اڳتي وڌي، ٽولن جي صورت ۾ گنهگا ۽ جمنا جي ميدانن، هماليه جي ترائي، بهار، بينگال ۽ اوڙيسا تائين بيٺڪون وجهي الڳ الڳ حڪومتون قائم ڪيون. هن دور ۾ آريائي ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي هئي. هن ئي دور ۾ مهاڀارت ۽ رامائڻ جا تاريخي واقعا رونما ٿيا.(2)

ساڪيامني جي ڌرم سنڌين جي جيڪا روحاني، سياسي ۽ سماجي تنظيم ڪئي، تنهن جو شيرازو جلد ئي منتشر ٿيڻ لڳو. ان کان سواءِ ويدڪ فلسفي جيڪا بت پرستيءَ جي دعوت ڏني، ان ۾ واڌارو ٿيو. برهما، وشنو، شِو ۽ سندس ٻين اوتارن رامچندر ۽ ڪرشن کان پو‎ءِ وڪرمي دور ۾ درگا ديوي ۽ گڻيش جي پوڄا ٿيڻ لڳي.

ويدڪ بِگيه بدران سمرتين پوڄا جون آسان ترڪيبون ۽ ارڙهن پراڻن جي نئين سر ترتيب ڪئي ويئي. اسڪندر اعظم، آسوڪا، نوشيروا. قومن کي سياسي اقتدار ۽ تهذيب جي بلندين تائين رسايو. مهاوير، گوتم ٻڌ ۽ مسيح جي مذهبي دعوتن، قومن جي ڪايا پلٽي ڇڏي.(1)

هندن جا ڪتاب هن ملڪ مان عربستان پهتا، ڇاڪاڻ جو عرب پاڙيسري ملڪ هو.(2) هندو ادب ۾ سڀ کان پهريائين ڊراما جو تصور اچي ٿو. عام طرح يونان کي ناٽڪي فن جو استاد چيو ويندو آهي، پر هي ملڪ به انهيءَ صنف ۾ پوئتي نه هو.(3) دنيا جي سڀني قومن جي قديم مذهبي ڪتابن ۾ تقدير جو مسئلو نظر اچي ٿو. انهيءَ ڪري ان دور جي ناٽڪن ۾ پڻ تقدير جي مسئلي جو مذهبي پهلو گهڻو سمايل نظر اچي ٿو. موريا گهراڻي جي دور ۾ وسياڪا داتا جو ناٽڪ مدر رڪشا گهڻو مشهور آهي، جيڪو سياسي نوعيت وارو ناٽڪ آهي.(4) چندر گپتا جي وزير حڪيم چاڻڪيه جو مشهور ناٽڪ ارٿ شاستر آهي، جيڪو مغربي نقادن جي فيصلي موجب سنسڪرت جو بهترين شاهڪار آهي.(1)

قديم ڪتابن مان حڪيم بيدپاءِ جو مشهور ڪتاب ”پنج تنتر“ آهي. ان جو پهريون مصنف وشنو سرين هو، جنهن پنهنجي ڪتاب تي ”هتو اپديش“ نالو رکيو هو. مغربي عالمن جي راءِ موجب سنسڪرت جو اهوئي سڀ کان پهريون ڪلاسيڪي ادبي ڪتاب آهي. ڪسريٰ نوشيروان (531ع- 578ع) جي زماني ۾ سن570ع ڌاري سندس وزير بزرجمهر اهو ڪتاب پهلوي زبان ۾ ترجمو ڪيو ۽ مٿس نالو ”ڪليلہ دمنہ“ رکيو، جنهن تان سرياني ۽ عربي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. عباسي خليفي منصور جي زماني ۾ سندس درٻار جي مشهور ڪتاب عبدالله بن مقفع (المتوفي 760ع) عربي ترجمو ڪيو. غزنوي دور ۾ ان ساڳئي ڪتاب جو ترجمو بهرام شاهه جي حڪم سان ابوالمعاني نصرالله بن عبدالحميد پارسي ترجمو ڪيو هو.(2) امير نصر بن احمد ساماني (301هه-331هه) جي حڪم سان حڪيم ابو عبدالله رودڪي ڪليلہ دمنہ کي پارسي نظم جو ويس پهرايو. ان کان پوءِ نصر الله مستوفي ڪليلہ ودمنہ کي دوباره پارسي نثر ۾ آندو.(3) انهيءَ پارسي نسخي تان مولانا حسين واعظ، سلطان حسين مرزا بايقرا جي سپهه سالار، امير نظام الدين احمد سُهيلي (المتوفي 907ع) جي فرمائش سان ڪتاب لکي سندس نالي ڏانهن منسوب ڪري، ان جو ”انوار سهيلي“ نالو رکيو. پوءِ ان تان مغرب ۽ مشرق وارن ٻين زبانن مان ترجما ڪيا آهن.(1)

وڪرماجيت جي درٻار ۾ سنسڪرت جا شاعر، عالم ۽ جوتشي رهندا هئا. ڪاليداس هن دور جو وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. شڪنتلا، ميگهدوت، ڪمار سنڀور ۽ رگهو سنبس ناٽڪ علمي دنيا جي زينت آهن. يورپ وارن انهن ڪتابن جي لکڻ تي ڪاليداس کي هند جو شيڪسپيئر ڪري سڏيو آهي.(2) پنڊٽ ڌنوتري علم طب جو وڏو ماهر ٿي گذريو آهي. براهمير ۽ آريا ڀٽ مشهور جوتشي ٿي گذريا آهن.(3)

قنوج جو راجا هرش ٻڌ ڌرم جو وڏو مربي، عالم ۽ قدردان ٿي گذريو آهي. سندس ڪتابن مان ناگا نندا، رتناولي، پريه درشڪ هن وقت به گهڻو مشهور ناٽڪ آهن. راجا هرش جي درٻاري شعر بان جا ڪتاب هرش جيرت ۽ ڪادمبري پڻ گهڻو مشهور آهن. علم موسيقي ۽ راڳن جي ترڪيب ۽ اصولن تي بيافر جو ڪتاب چڱي شهرت جو مالڪ آهي.(1)

شطرنج هندن جي فڪر ۽ عقل سليم جو نتيجو ۽ عجيب و غريب صنعت آهي. سر وليم جونس جي تحقيق موجب اها راند هندستان جي هڪڙي راجا ديوشرمن جي درٻاري طبيب جي ايجاد آهي.(2) جيڪا راجا تحفي طور ڪسريٰ نوشيروان ڏانهن موڪلي هئي. شرطرنج جو اصل سنسڪرت نالو ”چترانگ“ آهي، جنهن جو مطلب آهي چار عضوا.(3)

هندو دور ۾ جوتش تي سڀ کان آڳاٽو ڪنڪه نالي مشهور نجومي ٿي گذريو آهي. هي وڏو طبيب پڻ هو. ابن ابي اصيعبہ سندس طب ۽ هيئت جو ڪافي بيان ڏنو آهي.(4) جوتش وديا تي سڀ کان مشهور ڪتاب ”سڌانت“ آهي، جيڪو برهم گپتا، سري جاپا گهراني جي راجا وياگهر موکا کي پيش ڪيو هو. ڪتاب جو اصلي نالو اسپني سڌانت آهي.(5) ”کنڊ کاڊيڪا“ هڪ ننڍڙو زيچه آهي، جو برهم گپتا سڌانت کان پوءِ تصنيف ڪيو هو.

سنڌ جا قديم رهاڪو دوائن، جڙين ٻوٽين ۽ زهر جي علم کان چڱيءَ طرح واقف هئا. امام بخاري (المتوفي سن 256هه) لکي ٿو ته هڪ دفعي ام المؤمنين حضرت عائشہ رضـي الله عنها بيمار ٿي، سندس ڀائٽين علاج لاءِ هڪ سنڌي طبيب گهرايو.(1) يحيٰ بن خالد برمڪي جي ڪوشش سان سنڌ جا ويد، حڪيم ۽ پنڊت بغداد ۾ گهرايا ويا هئا ۽ اتي انهن کان مختلف علمن تي ڪم ورتو ويو هو. جاحظ (المتوفي 255هه) جو قول آهي ته هندو جوتش، حساب ڪتاب، طب ۽ بت تراشي جي فن ۾ وڏي مهارت رکندا هئا. مشهور سياح يعقوبي جو بيان آهي ته جوتش وديا مان ايرانين ۽ عربن استفادو ڪيو هو.(2) جاحظ انهن مان ڪيترن پنڊتن ۽ ويدن جا نالا ڏنا آهن.

پنڊت منڪه کي هارون الرشيد سنڌ مان گهرائي بغداد ۾ سنسڪرت جي ڪتابن جو مترجم ڪري رکيو هو. ڪتاب ”ارقام هنديه“ هندن جي حساب جو ڪتاب اصل ۾ چندر گپت جي درٻاري حڪيم پنڊت چاڻڪيه جو لکيل هو، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. ان ڪتاب کي پوءِ مامون الرشيد عباسي جي درٻاري محمد مڪي الخوارزمي سن840ع ۾ درست ڪيو هو.(3) ابن نديم ان ڪتاب جو هندي مان عربي ۾ ترجمو ڪيو. سنسڪرت جي مشهور ڪتاب ”کنڊکاڊيڪا“ جو عربي ۾ ترجمو ابراهيم فزاري ۽ يعقوب الڪندي ڪيو هو.

ٻين علمن کان سواءِ موسيقي جي فن ۾ به هن ملڪ جا رهاڪو واقف هئا. ڇاڪاڻ ته هندو پنهنجن مندرن ۾ ديوتائن جي بيتن اڳيان ناچ ۽ راڳ ڪندا هئا. پنڊت نافر جو تصنيف ڪيل فن موسيقي تي مشهور ڪتاب اسپين تائين پهتو.(1) پنڊت ودياگهر جو ڪتاب ”ادب الملڪ“ جو حڪومتن جي طريقن ۽ هٿيارن متعلق آهي، ان جو ابو صالح ابن شعيب عربي ۾ ترجمو ڪيو هو.


(1)    ”طبقات الاطباءَ“ جلد اول ص163 ۽ ڊاڪٽر گستاولي بان، ”تمدن عرب“ (اردو ترجمو) حيدرآباد دکن.

(1)    Carden Childe. V: “The Most Ancient East”, P- 173, London, 1929.

(2)    نياز همايوني، ”قديم سنڌ جي عظيم تهذيب“ رسالو سماهي ”الرحيم“، پرچو چوٿون شاهه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد 1966ع ص65.

(3)    ايضاً

(4)    Kennedy. J. "The Early Commerce of Babylon with India.” 700-3000 B.C. J.R.A.S, 1898, PP. 88-241

(5)    Welber. A. “The History of Indian Literature”, London, 1882, P-28. Oldenberg, H: “Religion DES Veda,” Berlin, 1894, P.193.

(1)    نياز همايوني، ”قديم سنڌ جي عظيم تهذيب“ رسالو سماهي ”الرحيم“، شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، پرچو چوٿون سال 1966ع ص65-66.

Bunbury E.H. “A History of Ancient Geography”, Vol. II London, 1879, P-351.

(2)    سراج الحق ميمڻ، ”سنڌي ٻولي“، عظيم پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ 1964ع ص14.

(1)    Sir John Marshall, “A Marvellous Culture, Supassing on many respects, the splendour of Egypt and Msopotamia.” Sind Observer Karachi, Wednesday the 27th October, 1973. P.7

(2)    Cuningham: “Journal of the Asiatic Society”, Calcutta, 1881, P.163.

(3)    Kohli. Sita Ram, “The Indus Civilization” 1934, P-35

(1)    Ibid.

(2)    Debells Goll, “History of Ancient Sankrit Literature. P-506.

(3)    Max Muller India “What can it teach us” Lecture V, PP 64-68.

(4)    Crierson, J.R.A.S 1904. P-435 Hackerngle. J. Altindische, Grammatik- Vol. I P-XVIII

Professor Max Muller’e India “What it can teach us” Oxford 1914, PP-170-171.

(1)    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”جامع سنڌي لغات“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ص19.

(1)    Kohli Sita Ram, “The Indus Civilization” 1934, P-35

(2)    Elliot. H. (Dowson) “History of India” Vol. Halakandi, London, 1867, P-93

(1)    Deblls Gall, “History of Ancient Sanskrit Literature” P.P. 506-541.

(2)    Max Muller, F, India: “What can it teach us” Veda and Vedanta, PP- 207-209

(3)    Marshman, J.C. “A bridgment of the History of India”, Ch 1, London. 1873.

(1)    Max Muller, F. “India: What can it teach us?” weda & dedanta, PP-207-209.

رگ ويد ۾ 1208 بيت، 10580 چوڻيون 153836 لفظ ۽ 30000 سٽون آهن، جيڪي برهمڻ بر زبان ياد ڪندا هئا.

(2)    آرين جي راڄ اندر برهمڻن اهڙو زور ورتو هو، جو سندن ذات پات ۽ ڇوت ڇات جي زيادتن ۽ مذهبي پيچيدگين ڪري عوام ۾ سندن خلاف جذبو پيدا ٿيو. اهڙي پُر آشوب زماني ۾ سن563 ق.م ڪپل وستو رياست جي ساڪيا راجا سڌوڌن جي پٽ سڌارٿ گوتم ٻڌ نئون پنٿ جاري ڪيو ۽ اهنسا ۽ نرواڻ جي سکيا ڏنائين.

The Cambridge: History of India, Vol. 1 Chp. P-150.

گوتم ٻڌ جي مرڻ کان پوءِ سندس پنٿ ستت ئي هند، سيلون، سيام، چين، ٿٻيٽ، وچ ايشيا، سنڌ ۽ بلوچستان تائين پکڙجي ويو. سنڌ جا راءِ گهراڻي جا راجائون ٻڌمت جا پيرو هئا.برهمڻ آباد، الور ۽ ديبل ۾ ٻڌ جا عبادت خانا هئا.

N.A Stein, Sir: “Memoir on the Anc: L Geogr of Kashmir”, Calcutta, 1899, PP 11-13.

ساڳئي وقت، بهار جي راجا سڌارٿ جو پٽ ورڌمان، جو مهاوير سڏجي ٿو ۽ گوتم ٻڌ جو همعصر هو، جين مت جاري ڪيو. هن ڌرم ۾ ويدن جي حقيقت، باهه جي پوڄا ۽ ٻليدان ناقابل تڪريم سمجهيا ويا. برهمڻن کي خوش رکڻ لاءِ ذات پات جي قيد ۽ اوتارن کي تسليم ڪيو ويو. هي مت به بينگال، وچ هندستان، دکن، سوراشٽر ۽ سنڌ تائين پکڙيو. سنڌ ۾ پاري نگر ۾ جين جو مندر هو.

U.T. Thakur, “Sindhi Culture” University of Bombay, 1959, P-13.

(1)    Marshman, J. C: “Abridgment of the History of India” CHP I, London, 1873.

(2)    سيد سليمان ندوي ”عرب و هند ڪي تعلقات“ ص 75

(3)    قريشي حامد علي خانائي ”سنڌي ادب ۾ ڊراما“، روزانه مهراڻ جو سالنامو، 1962ع.

(4)    هي ڪتاب هيليبرانڊٽ بروسلين مان (A. Hellebrandt) شايع ڪيو.

(1)    Weber, A: “The History of Indian Literature” London, 1882, P-273.

”ارٿ شاستر“ سن1909ع ۾ ميسور مان شايع ٿيو هو.

(2)    نور الدين محمد عوفي ”لباب الالباب“ ج اول، ص92 ليڊن، سن1900ع

(3)    Weber, A: “The History of Indian Literature” 1882, P-259.

اهو ڪتاب هن وقت اڻ لڀ آهي، صرف حڪيم اسدي طوسي پنهنجي لغت ۾ مشاهدي طور ٻه چار شعر ڏنا آهن. رودڪي، مثنوي مولانا رومي جي بحر ۾ لکيو هو.

(1)    انوار سهيلي جو ترڪي زبان ۾ ترجمو عبدالواسع علي بن جليپي انگوره جي رهاڪو ڪيو هو ۽ مٿس ”همايون نامہ“ نالو رکيو. ان جو وري فرينچ زبان ۾ ترجمو سن1742ع ۾ شايع ٿيو. اردو ترجمو ابراهيم علي بيجاپوري سن1824ع ۾ مدارس مان شايع ڪرايو. آوڌ جي نواب واجب علي شاه پنهنجي دور ۾ ان جو اردو ترجمو فقير محمد ”گويا“ لکنوي کان ڪرايو هو ۽”بستان حڪمت“ نالو رکيائين. انگريزي ترجمو اسٽوڪ صاحب هرٽ فورڊ مان سن1854ع ڌاري شايع ڪرايو. ولسٽن پڻ ان جو انگريزي ترجمو 1878ع ۾ لنڊن مان ڇپايو هو. نصر الله جو ترجمو ڏکيو هو. علامه ابوالفضل 1557ع ۾ ان کي سادي ۽ پرڪشش عبارت ۾ ”عيار دانش“ جي نالي سان آندو، جنهن کي نول ڪشور پريس وارن ”نگار دانش“ جي نالي سان ڇپايو. هندوستان جي گورنر جنرل مارڪس ويلزلي جي زماني ۾ جان گلڪرسٽ جي فرمائش سان مولوي حفيظ الدين اردو ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان جو نالو ”خرد افروز“ رکيو. هن ساڳئي ڪتاب جو ترجمو سنڌيءَ ۾ پڻ ٿي چڪو آهي. انوار سهيلي جو ترجمو سنڌ جي مشهور عالم اديب ۽ شاعر محمد بخش واصف ڪيو هو.

(2)    Weber, A: “The History of Indian Literature” London 1882, P-273.

(3)    ايضاً صفحو 259

(1)    عيون الانبافي طبقات الاطباءَ، ص 308، جلد اول مصر 1300هه.

(2)    Journal of Royal Asiatic Society Research, Vol. II P- 159, 1898.

(3)    ايضاً، ص 273.

(4)    طبقات الاطباءَ جلد دوم، ص 26

(5)    هيئت دانن ۾ سڌانت کي گهڻي مقبوليت هئي. اسپين جي هڪ عالم مسلم بن احمد مجريطي سن 398هه ۾ لکيو هو. اسپين جي هڪ ٻئي عالم ابوالقاسم اصبغ (المتوفي 436هه) سڌانت جي اصولن تي زيچ تيار ڪيو هو. (طبقات الاسم، ابن صاعد اندلسي ص 50)

(1)    امام بخاري، ”ادب المغرد، باب بيع المخاد“ ص35، مصر.

(2)    البيروني، ”ڪتاب الهند“.

(3)    محمد الخوارزمي ”مفاتيح العلوم“ ص302، ليڊن، الخوارزمي جيڪو زيچ تيار ڪيو هو، سو ٻين کان وڌيڪ بهتر هو. هن هندستان جو نقشو زيچ مطابق ٺاهيو هو. هي ڪتاب 1831ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو هو.

(1)    جاحظ ”ڪتاب البيان والتبين“ جلد اول، ص40، مصري ڇاپو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org