سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 3

صفحو :20

 

ڪٽبارن جي درسگاهه:

هن درسگاهه جو باني محمد ڪامل بن محمد ڄام بن سليمان بن محمد ڄام بن لعلو هو. ميان محمد ڪامل (ولادت 1150هه/ 1737ع وفات 1239هه/ 1824ع) جو وڏو ڏاڏو بزرگ لعلو هو، جنهن کي ست پٽ هئا، انهيءَ ڪري سندس اولاد کي لعلو پوٽا سڏيو وڃي ٿو. اهي اصل ۾ ابڙن جي وڌن قوم مان گهوٽ پاڙي مان آهن. ڄامن جي سنڌ تي حڪومت رهي، جيڪا سبي تائين ڦهليل هئي. وڌن جو وڏو زور ۽ غلبو موري ۾ هو، پر انهن مان ڪي ”ڇتر“ ۽ ”لهڙي“ ۾ رهندا هئا. جيئن ته اڄ به گنجابه ۽ فتح پور جي ويجهو ”پنگرودهه“ ۾ سندن اهڃاڻ موجود آهن. پنگرودهه سندن سردار هو.

وڌن جو هڪ وڏو مالدار سوداگر ڪوٽ ماٿيلي ۾ واپار جي سانگي ويندو هو، جيڪو هندو راجا جي هٿ هيٺ هو. هڪ ڀيري راجا ۽ اهو وڏو مالدار هڪ ٻئي ۾ اها شرط هڻي شطرنج کيڏڻ لڳا ته جيڪو هارائيندو سو ٻئي کي سڱ ڏيندو، نيٺ راجا هارايو ۽ سڱ ڏيڻ کان به انڪار ڪيائين. انهيءَ تي سوداگر اچي پنهنجن وڌن کي آگاهه ڪيو، جيڪي وڏو لشڪر وٺي ماٿيلي تي ڪاهي آيا. کيڏ جي لڙائي ۾ راجا مارجي ويو ۽ وڌن راجا جي مال خزاني تي قبضو ڪري، سندس ڌيءَ جي شادي سوداگر سان ڪرائي. اڄ ڏينهن تائين اتي وڌن جي زميندار آهي ۽ گهوٽڪي جو شهر به سندن ئي نالي تي سڏجو ٿو. ميان محمد ڪامل به انهيءَ قوم مان آهي. ميان محمد ڪامل جو چاچو مولانا محمد شريف گهوٽي وارن جيلاني سيدن مان محمد صالح شاهه جو چاچو چيو وڃي ٿو.(1)

مولانا عبدالغني کڏهري:

مولانا عبدالغني ڪيريو، ڳوٺ کڏهر ضلع نواب شاهه جو ويٺل هو. پنهنجي پوري تعليم مٽيارين ۾ مخدوم عبدالڪريم وٽ حاصل ڪيائين ۽ مخدوم محمد يوسف کنياري وارن جو معاصر چيو وڃي ٿو. کڏهر ۾ هڪ درسگاهه قائم ڪيائين، جنهن ۾ اوسي پاسي جا شاگرد ديني تعليم حاصل ڪندا هئا. سندس تصنيفات مان”الدر المختار“ جو هڪ قلمي نسخو قاضي فتح الرسول صاحب نظاماڻي (ٽنڊو قيصر) جي عنايت سان مولانا قاسمي جي نظر مان گذريو. ڪتاب جي پهرئين ورق تي مولانا عبدالغني جي 1265هه جي مهر آهي. شروع وارن ورقن واري تحرير ۾ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي کي جيتوڻيڪ استاد الڪل في الڪل سڏي ٿو، پر تڏهن به ڪجهه چوٽ ڪري ويو آهي. جنهن جو خليفي محي الدين سيوهاڻي جواب ڏنو ۽ وري جواب الجواب مولانا عبدالغني کڏهري جو به موجود آهي. مولانا کڏهري جي تحرير تي مولانا محمد سيوهاڻي جي تقريظ مهر سان موجود آهي.

مولانا عبدالغني کڏهري جا ڪي علمي رسالا ۽ تحريرون سندس پوٽي مولانا عبدالله صاحب کڏهر وارن وٽ موجود هيون، ليڪن ڏهاڪو سال اڳ مولانا عبدالله صاحب وفات ڪري ويو.

مولانا قاضي محمد ابراهيم ميرپوري جي درسگاهه:

مولانا قاضي محمد ابراهيم، ميرپور رياست قلات جو مشهور قاضي هو، سندس خاندان اصل ۾ عراق کان هت آيو هو. شيخ احمد شافعي عراق جي شهر ”زبيد“ جو ويٺل هو. فقهي مذاهب ۾ شافعي المذهب هو ۽ اعتقاد ۾ امام ابوالحسن اشعري جو پوئلڳ هو. مير نصير خان بروهي جو وڏو ڏاڏو مير عبدالله خان کيس عراق مان سنڌ ۾ وٺي آيو ۽ کيس قلات جو قاضي مقرر ڪيو، اهو زمانو 996هه جو هو. مولانا قاضي محمد ابراهيم به هن ئي بزرگ جي اولاد مان آهي. قاضي محمد ابراهيم خود ڪنهن کان علم پرايو، ان بابت ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ليڪن سنڌ جو مشهور استاد مولانا عبدالحليم ڪنڊوي سندس اوائلي شاگردن مان آهي

مولانا قاضي احمد ابراهيم ميرپوري جي اولاد مان به عالم ۽ فاضل ٿيندا آيا آهن. اهو خاندان اڳتي هلي شهدادڪوٽ ۽ ان جي آس پاس ڳوٺ ڪارڙن ۾ اچي رهيو. هن وقت هن خاندان اندر مولانا قاضي حڪيم محمد ابراهيم ثاني هڪ وڏو عالم، فقيهه ۽ شاعر آهي. قاضي محمد ابراهيم جي تاريخ وفات صحيح طور معلوم نه ٿي سگهي آهي، پر خانداني روايتن موجب 1250هه کان پوءِ وفات ڪيائين.(1)

مولانا محمد علي سنڌي جو مکڏ جو مدرسو:

مولانا محمد علي سنڌي ”مولوي“ جو بيان نواب سيد صديق حسن خان فارسي شاعرن جي تذڪري ”روز روشن“ ۾ ڪيو آهي، جنهن موجب ابتدائي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪري، پوءِ پشاور، لاهور ۽ دهلي ۾ تحصيل علم لاءِ سفر ڪندو رهيو. تنهن کان پوءِ پنجاب جي مشهور بزرگ علامه خواجه محمد حسن سليمان تونسوي جي بيعت ڪري تصوف جو خرقو خلافت ڍڪيائين ۽ مرشد جي ئي حڪم موجب سنڌو نديءَ جي ڪناري تي مکڏ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ظاهري ۽ باطني تعليم ڏيڻ ۾ مشغول ٿيو. هن بزرگ جي پرهيزگاري جو ڪمال هو جو 36 سال لڳولڳ عشاءَ جي وضوءَ سان صبح جي نماز ادا ڪيائين. مکڏ ۾ ئي 29 رمضان 1253هه/ 1837ع ۾ وفات ڪيائين. سندس تصنيفات مان فقط هڪ ديوان فارسي غزلن جو موجود آهي.(1)

مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جي ”ڪنڊي“ واري درسگاهه:

مولانا عبدالحليم، ڀاڳناري (بلوچستان) جي ڪنڊي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڪافيه تائين ميرپور (قلات) جي مشهور علامه قاضي محمد ابراهيم ميرپوري کان ورتائين. ان کان پوءِ قاضي صاحب کيس آريجا ڳوٺ (ضلعو لاڙڪاڻو) جي مشهور عالم مخدوم محمد آريجوي ڏانهن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. مولانا عبدالحڪيم جڏهن آريجن پهتو ته مخدوم محمد صاحب کانئس ڪافيه مان ”غير منصرف للضروره“ وارو مقام پڇيو. تڏهن هن اهڙي تقرير ڪئي جو مخدوم صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس روئيندي چيائين ته آئون پوڙهو ٿي چڪو آهيان، هاڻي پڙهائڻ جي طاقت نه رهي اٿم، نه ته توکي مان پاڻ پڙهايان ها. تنهن ڪري توکي پنهنجي هڪ شاگرد سيد عاقل شاهه هالاڻي ڏانهن خط لکي ٿو ڏيان، ان وٽ وڃي پڙهه.

مولانا عبدالحليم خط کڻي هالاڻي وڃڻ وارو هو ته مخدوم محمد صاحب وفات ڪري ويو ۽ مولانا سيد عاقل شاهه استاد جي تعزيت لاءِ آريجن ۾ آيو. اتي جڏهن کيس استاد جو خط ڏيکاريو ويو ته ڏاڍو گريه ڪيائين ۽ پوءِ ميان عبدالحليم ڪنڊويءَ کي پڙهائڻ لاءِ ساڻ وٺيو ويو. تحصيل بعد ڪنڊي ۾ آيو ۽ اتي درسگاهه جو بنياد وڌائين. ساڳئي وقت رياست طرفان پڻ اتي قاضي مقرر ٿيو. مولانا ڪنڊوي جي پهرين شاگردن مان خليفي محمد يعقوب همايوني جو نالو قابل ذڪر آهي ۽ سندس ٻيو شاگرد مولانا نور محمد شهدادڪوٽي آهي، جن کان سڄي سنڌ فيض پرايو. ان لحاظ سان مولانا عبدالحليم صاحب ڪنڊوي سڄي سنڌ ۾ استاد ليکيو وڃي ٿو.

اڳتي هلي مولانا عبدالحليم سندس شاگرد خليفي محمد يعقوب همايوني سان گڏ ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ آباد ۾ اچي رهيو ۽ پوءِ همايون ڳوٺ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪري عربي مدرسي جو بنياد وڌائون، جنهن ۾ استاد ۽ شاگرد گڏ پڙهائيندا هئا.

مولانا عبدالحليم صاحب ساري عمر مجدد رهيو، درس تدريس سندس مشغولي رهي. آخرڪار سنڌ ۾ پنهنجي شاگردن جو هڪ وسيع سلسلو ڇڏي، سن1254هه/ 1838ع ۾ وفات ڪري ويو. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي عربي مدرسا هلي رهيا آهن، اهي مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جي فيض جو اثر آهن. سندس قبر روهڙيءَ ۾ مختيارڪاري جي ويجهو هڪ ٽڪري تي آهي ۽ کيس مقامي ماڻهو ”پکي وارو پير“ ڪري سڏيندا آهن.

مولانا عبدالرئوف جي مراد ڳوٺ واري درسگاهه:

هن درسگاهه جو باني مولانا عبدالرئوف، ميان محمد ڪامل ڪٽباري جو ننڍو ڀاءُ هو. پنهنجي اصلي وطن مراد ڳوٺ ۾ (گهوٽڪي جي ويجهو) درسگاهه قائم ڪيائين، جنهن ۾ پنهنجي سر تعليم ڏيندو هو. انهيءَ مشغولي سان گڏ ڳائو مال به رکندو هو ۽ زمين جي پيدائش به گهڻي هئي. مگر پيدائش مان پنهنجو گذران ڪڍي، باقي سموري مسڪينن ۽ محتاجن ۾ خرچ ڪندو هو. مولانا عبدالرئوف ڪٿي پڙهيو، ان جو پتو نٿو پوي، پر اندازو آهي ته پنهنجي ڀاءُ ميان محمد ڪامل سان گڏ گهوٽڪي ۾ جيلاني پيرن جي مدرسي ۾ خليفي صاحبڏني لنجار وٽ پڙهيو، جيڪو وري انهن ٻنهي ڀائرن جي چاچي مولانا محمد وٽ گهوٽڪي ۾ پڙهيو هو. مولانا عبدالرئوف 1255هه ڌاري لاولد وفات ڪئي ۽ پنهنجي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

خليفي محمود جي ڪڙيي واري درسگاهه:

هي بزرگ، رئيس گهنور خان مبارڪاڻي نظاماڻي جو فرزند هو. سندس تولد ڪڙيي گهنور خان (تعلقو ٽنڊو محمد خان) ۾ 1189هه/ 1774ع ۾ ٿيو. ننڍي هوندي ميان عبدالڪريم لڪڙي واري وٽ پڙهيو، پر پوءِ سندس والد پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ حافظ عثمان درويش کي مقرر ڪيو ته کيس پڙهائي. پاڻ خود چوي ٿو ته گلستان مان ٻن ٽن حڪايتن کان مٿي نه پڙهيس. ننڍي هوندي کان سندس طبيعت فقيرن جي صحبت ڏي مائل هئي. چوويهن سالن جي ڄمار ۾ (1213هه) پير صاحب روضي ڌڻي جي بيعت وٺي قادري سلسلي ۾ داخل ٿيو. آخر مرشد پنهنجي دستار ٻڌائي کيس خلافت ڏني ۽ تلقين ڪرڻ جي اجازت ڏني. سندس مريدن ۽ عقيدتمندن جو سلسلو گهڻو آهي. سنڌ، ڪڇ، ڪلڪتي، بمبئي ۽ آفريڪا ۾ سندس فيض يافته آهن. سندس هيٺيون تصنيفون موجود آهن:

مجمع الفيوضات: 1243هه ۾ پنهنجي مرشد پير صاحب روضي ڌڻي جا ملفوظات گڏ ڪيا اٿس، جيڪي سورهن بابن تي مشتمل آهن ۽ ان ۾ هزار نقل آهن. سندس ٻي تصنيف ”محبوبيہ المحموديہ“ آهي، جنهن ۾ سلسله قادريه جي ذڪرن ۽ شغلن جو بيان آهي. تصوف ۾ هي بي مثال ڪتاب آهي. سندس ئي تصنيف رساله گلشن اولياءَ آهي. جنهن ۾ حديقة الاولياءَ کان پوءِ جي دور وارن مقامي اوليائن جو ذڪر آهي. اهو 1285 ۾ تصنيف ڪيائين. سندس چوٿين تاليف مڪاتيب آهي، جنهن ۾ پنهنجي مرشد جا خط گڏ ڪيا اٿس. انهيءَ کان سواءِ تصوف ۾ سنڌي آزاد نظم به هڪڙو رسالو آهي. 1248هه ۾ ڪڙيي گهنور ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرايائين، جنهن ۾ قرآن شريف، فقهه، حديث جي تعليم، وعظ ۽ نصيحت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائين ۽ ڪيترن طالبن ۽ عقيدتمندن تي فيض رسايائين.

خليفي محمود 9 ربيع الاول 1267هه/ 13 جنوري 1851ع تي سومر رات اسر جي وقت وفات ڪئي. سندس ٻه ملفوظات لکيون ويون، جن مان هڪڙي 1344هه ۾ ”سراج العاشقين“ نالي محمد ملوڪ چانڊئي لکي ۽ ٻي ”ڪنوز المعرفت“ نالي خليفي گل محمد هالائي لکي.

مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي:

مخدوم عبدالڪريم بن مخدوم غلام حيدر ٺٽوي، پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. ٺٽي ۾ سندس وڏن جي قائم ڪيل درسگاهه ۽ قرآن حديث، فقهه ۽ ٻين ديني علومن جو درس ڏيندو رهيو، جتان ڪيترائي طالب فارغ التحصيل ٿي نڪتا. انتهائي رياضت جي ڪري کيس ”دائم الصوم“ (هميشه روزا رکندڙ) سڏيو ويو.

مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي جو گهڻو ميلان اورادن ڏانهن هو. قصيده برده گهڻو پڙهندو هو. روزانو پنج قصيده پڙهندو هو. بيماري جي حالت ۾ به هڪ ڀيرو ضرور پڙهندو هو. خواجگان نقشبنديه جو ختمو ڪبير به روزانو پڙهندو هو. لا الـٰہ الا انت سبحانک الخ کي پنج سو ڀيرا پڙهندو هو. پنڌرهن پارن جي لڳ ڀڳ سندس وظيفو هوندو هو. تهجد جي پهرين رڪعت ۾ سورة ”يوسف“ ۽ ٻيءَ ۾ ”ياسين“ سندس معمول هوندو هو. پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ ڏهه سال برابر روزا رکندو رهيو. (عيد جي ٻن ڏينهن ۽ ايام تشريق جي ٽن ڏينهن کان سواءِ).

مخدوم صاحب وڏو خوش خلق هو ۽ ماڻهن سان وڏي مروت سان هلندو هو. سندس ڪشف ۽ ڪرامتن جون اڪيچار خبرون آهن، تڪملہ مقالات الشعراءَ جو مصنف سيد خليل سندس فرزند هو. 17 صفر 1272هه/ 1855ع ۾ وفات ڪيائين.(1)

مفتي محمد صاحب ٻيڙائي جي پيرڳوٺ ۾ درسگاهه:

مفتي محمد صاحب ڳوٺ ٻير (تعلقو قنبر) جو مشهور عالم مفتي ۽ قاضي ٿي گذريو آهي. سندس والد مولانا عبدالله قريشي صديقي پڻ اهل دل عالم هو. مولانا عبدالله اصل رتي ديري تعلقي جو ويــٺل هو. اتي گامڻ شاهه نالي وڏو بزرگ هو. مولانا عبدالله به ان جو معتقد هو. مولانا صاحب کي ستر ورهين جي ڄمار کان پوءِ اچي شادي جو خيال ٿيو، سو سيد گلڻ شاهه کي عرض ڪيائين ته سموجي ڳوٺ ۾ هڪ نو مسلم جي ڌيءَ ويٺي آهي، تنهن سان شادي ڪرايو. اهو نو مسلم، سيد گلڻ شاهه جو مريد ۽ معتقد هو، تنهن شاهه صاحب جي زور ڀرڻ تي پنهنجي نياڻي مولانا عبدالله کي ڏني  هو گهر ناٺي ٿي اتي ئي ويهي رهيو. کيس 1158هه/ 1745ع ۾ فرزند تولد ٿيو، جنهن جو نالو محمد رکيو ويو. هيءُ ننڍڙو ٻالڪ اڃا ٻن سالن جو مس ٿيو ته مولانا عبدالله گذاري ويو ۽ هن ننڍڙي نينگر جي پرگهور ۽ تربيت جو سڄو بار سندس ماءُ ۽ مامي تي پيو. والده ٻيو نڪاح نه ڪيو، ليڪن هن ئي نيڪ سيرت پٽ جي تربيت ڪندي رهي. ابتدائي تعليم کان پوءِ سندس مامو کيس استاد العلماءَ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جي خدمت ۾ روهڙي وٺي ويو. هن اتي رڳو ظاهري علم پرايو، پر باطني فيض به پرايائين. مولانا محمد، روهڙي مان فارغ ٿي پنهنجي ڳوٺ پهتو، ليڪن ڏڪار جي ڪري لڏي پلاڻي تعلقي قنبر ۾ اچي پير ڳوٺ ۾ رهيا. مخدوم محمد عاقل انهيءَ وقت ۾ ٻير شهر ۾ آيو. مولانا محمد ٻين عام ماڻهن وانگر ساڻس ملڻ آيو ۽ اچي هيٺ ويهي رهيو، ڇوته سندس علم جي اڃا شهرت عام نه ٿي هئي. مخدوم محمد عاقل هن کي ملا شڪل ڏسي کانئس ڪي سوال ڪيا، جن جا هن جواب باصواب ڏنا ۽ پوءِ وري مخدوم صاحب کان هڪ علمي سوال ڪيائين، مخدوم صاحب ان جو جواب ڏنو ته وري کانئس ٻيو سوال ڪيائين، ان سوال کي حل ڪرڻ لاءِ مخدوم صاحب کي ڪتاب ڏسڻو پيو ته وري کانئن ٽيون سوال به ٿيو، جنهن جي جواب لاءِ مخدوم محمد عاقل چيو ته ڪتاب ڏسي پوءِ ٻڌائينداسون، جو ڪتاب هن مهل موجود ناهي، تنهن تي مولانا محمد فارسي بيت پڙهيو:

علم همان است که در جلد خويش

علم همان نيست که در جلد ميش

مخدوم صاحب اهو ٻڌي اٿيا ۽ مولانا محمد کي اٿاري کٽ تي پاڻ سان گڏ ويهاريائين ۽ کيس ٻير جو قاضي مقرر ڪيائون. ان بعد ئي مولانا محمد اسلام جي تعليم ۽ تبليغ کي فروغ ڏيڻ لاءِ پير جي ڳوٺ ۾ درسگاهه قائم ڪئي. جلد ئي سندس علمي خدمت جي ساک ڏورانهن هنڌن تائين پکڙجي ويئي، جنهن ڪري سوين تعداد ۾ طالب علم وٽس ڪهي آيا. مولانا محمد قضا ۽ درس تدريس سان گڏ تصنيف  تاليف جو سلسلو پڻ جاري رکيو. سندس فقهي تحريرن ۽ فيصلن جو هڪ وڏو مجموعو سندس اولاد وٽ موجود آهي، جيڪو ”مخزن الروايات“ جي نالي سان مشهور آهي.(1)

مولانا محمد جي خاندان جي هڪ روايت موجب: سندس گهر کي باهه لڳي، جنهن ۾ سندس سمورا ٽپڙ  ڪتاب ته سڙي ويا، پر سندس والده جيڪا جهور ٻڍڙي ٿي ويئي هئي، سا اندر رهجي وئي. مولانا محمد ان کي باهه کان بچائي ٻاهر ڪڍي آيو ته ان جي جهولي ۾ هڪ وڏو ڪتاب رليءَ ۾ ويڙهيو پيو هو. بيبي صاحبه کان ان ڪتاب بابت پڇا ڪئي وئي ته چوڻ لڳي ته آئون پنهنجي پٽ جي هٿن ۾ انهيءَ ڪتاب کي گهڻو ڏسندي آهيان، تنهن ڪري ان کي بچايو اٿم.

روايت آهي ته مفتي محمد جا حضرت سيد محمد بقا شاهه (وفات 1198هه) سان به عقيدتمندانه لاڳاپا هئا ۽ انهن کان پوءِ سيد محمد راشد روضي ڌڻي ۽ سندن اولاد سان به اچ وڃ جو رستو جاري رهيو ۽ جڏهن سن1272هه ۾ مفتي صاحب وفات ڪئي ته پير صاحب پاڳارو (سيد حزب الله شاهه) ٻير ۾ آيو ۽ مفتي صاحب جي پٽ مولانا محمد ڪامل سان عذر خواهي ڪيائين. ڳالهه ٿا ڪن ته مولانا محمد ڪامل ڏهه رپيا نذراني طور پيش ڪيا، ته پير صاحب جن فرمايو ته اوهان سان اسان جو اهو طريقو نه آهي. مولانا چيو ته اسان کي به لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي. تنهن تي پير صاحب رڳو هڪ رپئي وٺڻ جو حڪم ڪيو ۽ باقي رپيا واپس ڪيا. مفتي محمد 115 سالن جي ڄمار ۾ 1273هه / 1856ع ۾ وفات ڪئي. کيس چار پٽ هئا: محمد ڪامل، عبدالڪريم، حافظ محمود ۽ احمد.

محمد ڪامل به وڏو عالم هو. کيس ٻه پٽ هئا: ميان عبدالله ۽ ميان پير محمد. ميان پير محمد مجذوب هو، باقي ميان عبدالله پنهنجي سموري تحصيل مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ ڪئي. ميان نور محمد کيس صاحبزادو سڏيندو هو. ميان عبدالله کي محمد عالم نالي عبدالڪريم آهي، جو هن وقت سلف جي پيروي ۾ پير ڳوٺ اندر وڏو عربي مدرسو هلائي رهيو آهي ۽ سنڌ جي قديم عالمن جو هڪ نمونو آهي. تعريفات الاشياءَ کان وٺي فراغت تائين سمورا ڪتاب مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن وٽ پڙهيو. ازانسواءِ ننڍي عمر ۾ مولانا حمادالله هاليجوي کان باطني فيض پرائي خلافت به هٿ ڪئي هئائين. سندس مريدن ۽ معتقدن جو حلقو وڌي رهيو آهي.

مفتي محمد صاحب جو ٻيو پٽ لاولد فوت ٿي ويو. ٽيون پٽ حافظ محمود به نيڪ ٿي گذريو ۽ قرآن مجيد جو حافظ هو. کيس ٻه پٽ هئا: ميان يار محمد ۽ ميان فيض محمد. ميان يار محمد کي هڪ پٽ ميان عبدالقادر هو، جنهن کي هڪ پٽ نالي ميان عبدالهادي آهي. ميان عبدالهادي جو پٽ حافظ عبدالستار هن وقت ٻير جي عربي مدرسي ۾ معلم آهي. ميان نور محمد وفات ڪري ويو آهي. ميان فيض محمد کي هڪ پٽ ميان جان محمد آهي  ميان جان محمد کي به هڪ پٽ نالي حافظ نور محمد آهي جو ڏاڍو نيڪ ۽ مدرسي جي ڪم ۾ ڏاڍو سرگرم آهي.

مفتي محمد صاحب جو چوٿون فرزند احمد ڪيڏانهن نڪري ويو جو وري واپس نه آيو. روايت آهي ته مفتي صاحب کانئس ناراض هو. ڳڙهي ياسين جي آسپاس ڪوٽ يوسف ۾ هڪ قريشي صديقي خاندان جو چوڻ آهي ته اسين به پير وارن قريشين مان آهيون ۽ مفتي محمد صاحب جي چوٿين نمبر پٽ جي اولاد مان آهيون. والله اعلم بالصواب.

خليفي محمد يعقوب همايوني جي درسگاهه:

مولانا عبدالغفور صاحب همايوني جو والد بزرگوار خليفو محمد يعقوب صاحب اصل رياست قلات (بلوچستان) جو ويٺل هو. سندس والد جو نالو محمد مبارڪ هو ۽ ذات جا پيچوها ابڙا هئا. روايت آهي ته هڪ دفعي محمد مبارڪ کي هڪ ڪامل دريش گڏيو، جنهن کيس خوشخبري ٻڌائي ته سندس سلسلي مان هڪ اهڙو ڪامل ديش پيدا ٿيندو، جيڪو علم خواجه عمل جي لحاظ کان ممتاز مقام حاصل ڪندو. ان درويش جي ملاقات کان پوءِ جلد ئي محمد مبارڪ کي فرزند ڄائو، جنهن جو نالو محمد يعقوب رکيو ويو. سندس ولادت جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. تحصيل علم لاءِ کيس ڀاڳناڙي (رياست قلات) شهر ”ڪنڊي“ علامه عبدالحليم ڪنڊوي جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي فارغ التحصيل ٿيو.

قلات جي والي مير نصير خان جي وقت ۾ علامه عبدالحليم صاحب ۽ خليفي محمد يعقوب ڀاڳناڙي مان هجرت ڪري جيڪب آباد جي ويجهو ”آباد“ شهر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ غازي خان سومري ۽ مسو خان سڌائي جي استدعا تي ”همايون“ شهر ۾ آيا. جتي نئين مدرسي جو بنياد وڌائون.

1254هه ۾ علامه عبدالحليم ڪنڊوي وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ خليفو محمد يعقوب صدر مدرس ٿيو. خليفي صاحب ڪوشش وٺي ٿوري وقت اندر مدرسي کي وڏي اوج تي پهچايو. سن1253هه / 1835ع ۾ همايون هڪ عظيم الشان مسجد به ٺهرائي، جا اڄ تائين سندس يادگار آهي. ان مسجد جي تعمير جي تاريخ هن طرح لکي ويئي آهي:

بهر تاريخ - بنائي پاس لو

گفت حافظ، ثاني - بيت الحرام

1253هه

1261هه ۾ کيس فرزند عطا ٿيو، جنهن جو نالو عبدالغفور رکيو ويو، جيڪو اڳتي هلي وڏو عالم ۽ بزرگ ٿيو. فرزند جي تعليم لاءِ مولانا سلطان محمود سيتاپوريءَ کي گهرايائين. سن1273هه ۾ وفات ڪيائين، سندس وفات جي تاريخ ”چراغ دو جهان“ مان نڪري ٿي.

خليفي محمد يعقوب جي شاگردن مان ڪيترائي نالي وارا عالم پيدا ٿيا، جن مان مولانا محمد هاشم ياسينوي، مولانا حسن الله پاٽائي، مولانا عطاءَ الله فيروز شاهي، مولانا عبدالقادر پنهواري، مولانا عبدالرحمٰن سکر وارو، مولوي عبدالستار رستم وارو ۽ مولوي عبدالغفار خانڳڙهي جا نالا قابل ذڪر آهن.

پير سيد محمد ياسين راشدي جهنڊي وارو:

سيد محمد ياسين، سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جو ٻيو نمبر فرزند هو. اوائلي تعليم توڙي قادريه ۽ راشديه طريقي جي تڪميل پنهنجي والد وٽ ڪري، وقت جي وڏن ڪامل عالمن جي درجي تي پهتو. والد جي وفات کان پوءِ وڏن ڀائرن سان اختلاف سبب پير جو ڳوٺ (ڪنگري) ڇڏي پهريائين رحيم ڏني ڪلهوڙي جي ڳوٺ ۾ اچي مقيم ٿيو، پر اتان وري وڏي ڀاءُ پاڳاري صبغت الله موٽائي آندو. پر ان کان پوءِ وري هجرت ڪيائين ۽ فريد آباد لڳ ڏوڪري ۾ اچي مقيم ٿيو. ان کان پوءِ ٺلاه ۾ باقراڻي جي لڳ سڪونت اختيار ڪيائين. آخر ۾ ڳوٺ پير جهنڊو (تعلقو هالا) ۾ اچي مقيم ٿيو.

جدا جدا هنڌن تي سڪونت سبب ”پير سائين جائن وارو“ جي لقب سان مشهور آهي. ٻئي طرف وري پير سائين روضي ڌڻي کيس جهاد لاءِ هڪ جهنڊو عطا ڪيو، جنهن ڪري ”پير سائين جهنڊي وارا“(1) جي لقب سان به مشهور ٿيو. اهو جهنڊو اڄ تائين هن خاندان ۾ موجود آهي.

هي صاحب وڏو ترڪ ۽ توڪل جو مالڪ هو، رضا ۽ تسليم جو مجسمو هو. توڪل جي هيءَ حالت هئي جو فاقن تي فاقا هوندا هئا، پر ڪنهن کي به ڪڏهن سوال نه ڪيائين. جماعت کي ياد الاهي ۽ ذڪر فڪر ۾ مشغول رکندو هو. نماز ۽ قادريه طريقي جي ذڪر جو سخت پابند هوندو هو. سندس چيل ”ڪافين“ ۾ تصوف ۽ عشق الاهي جون رمزون بيان ڪيل آهن.(1)

ٽالپرن جي راڄ جو خاتمو ٿي چڪو هو، ان وقت مير نور محمد خان اڃان ڪنهن چڱي حالت ۾ هو. هن پير سائين کي جماعت جي گذران لاءِ هڪ جاگير جو پروانو لکي ڏنو، پر پاڻ ان کي قبول نه ڪيائين ۽ دستور موجب توڪل تي گذاريندو رهيو.

پاڻ لاڙ جي سفر ۾ هو ته ساڻس ٽي فرزند يعني پير رشيد الدين ”بيعت وارو“ ۽ پير سيد صديق رسول ۽ پير حاجي هدايت الله ٺلاهي به همسفر هئا. انهيءَ سفر ۾ 15- رجب 1275هه تي راڄي خاناڻي (تعلقي گوني) ۾ هڪ رات، جماعت ۽ فرزندن کان الوداع ڪري وفات ڪيائين. کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. هڪ سال گذرڻ کان بعد سندس وڏي فرزند پير فضل الله شهيد اتان لاش ڪڍائي، ٺلاهه شريف ۾ مسجد جي اتر پاسي کان دفن ڪرايو.

مخدوم محمد يوسف کنيارين واري جي درسگاهه:

مخدوم محمد يوسف کنيارين (ضلعي نوابشاهه) واري ڀلاري بزرگ، عالم ۽ فقيهه کي هڪ پاسي ظاهري علم مخدوم عبدالڪريم مٽيارين واري کان مليو ته ٻئي پاسي خليفي مخدوم محمد اسماعيل وسين واري کان باطني فيض جي خلافت ملي. مخدوم محمد يوسف جو ڏاڏو سعد الدين بلالي پڻ وڏو بزرگ عالم ۽ اهل الله ٿي گذريو، جيڪو مخدوم بلال ٽلٽي واري جو مريد ۽ خليفو هو. مرشد سان محبت ۽ عقيدت ڪري پاڻ کي بلالي سڏائيندو هو. انهيءَ بزرگ سعد الدين جي مزار کنياري کان ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي. مخدوم محمد يوسف 1246هه ۾ کنيارين ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ 1265هه ۾ اتي هڪ درسگاهه ۽ مسجد جو بنياد وڏائين. سندس مدد لاءِ مخدوم فضل الله پاٽائي به هٿ ونڊائيندو هو. درس تدريس کان سواءِ شرعي فتوائون به ڏيندو هو. پنهنجي سڄي ڄمار دين اسلام ۽ خلقِ خدا جي خدمت ۾ گذاريائين. وٽانئس ڪيترائي طالب ۽ مريد فيض پرائي ويا، جن مان مخدوم فضل الله پاٽائي به سندس خاص مريد هو. مخدوم محمد يوسف ماهه ربيع الاول 1277هه/ 1860ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار کنياريءَ ۾ عام خاص لاءِ زيارت گاهه آهي. سندس چار پٽ هئا: عبدالله، عبدالخالق، عبدالحي ۽ عبدالڪريم، جيڪي چارئي وڏا فاضل ۽ عالم ٿي گذريا.

فقير عثمان لاڙڪاڻي وارو:

فقير عثمان، لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ سانگين ۾ هڪ هاري جي گهر سن1197هه/ 1783ع ۾ ڄائو. ان وقت جي دستور موجب فارسي جي تعليم چڱي طرح حاصل ڪيائين، مگر پوءِ ستت ئي نوشهري فيروز جي مشهور صوفي مخدوم عبدالحي نقشبندي جي بيعت ڪيائين. فقير خير محمد هيسباڻي جي صحبت سندس صوفياڻي رنگ تي وڌيڪ پختو بنايو، جنهن ڪري توحيد جي جذبي جو اظهار سنڌي زبان ۾ بيتن ۽ ڪافين ذريعي ڪرڻ لڳو. هو گهڻو وقت مرشد وٽ ذڪر فڪر جا چلا پچائيندو رهيو ۽ ان کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ گذارڻ لڳو. سندس ڪافيون اڄ تائين عام مقبول آهن.

عثمان فقير، ٽالپرن جي حڪومت جو سمورو دور ڏسي، سن1279هه/ 1862ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات تي فقير خير محمد هسيباڻي شعر چيو آهي.


(1)   مولانا محمد شريف ۽ محمد ڪامل جي ڀاءُ حافظ محمد حيات جون قبرون موسيٰ شاهه جي خانقاهه جي اتر ۽ اوڀر واري ڪنڊ ۾ آهن.

(1)   اهو احوال مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي کي پنهنجي بزرگ دوست مولانا حڪيم قاضي محمد ابراهيم ڪارڙيءَ کان مليو.

(1)   الوحيد آزاد سنڌ نمبر 1936ع

(1)   تحقيق پير سيد حسام الدين راشدي، تڪملہ مقالات الشعراءَ

(1)   بروايت مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

(1)   هي پير سائين صاحب العلم اول آهي

(1)   سندن ملفوظات ۾ ٻيو ڪتاب ”صراط الطالبين“ سندن ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org