سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 5

صفحو :7

باب ڇهون

سومرن جي صاحبي ۾ اسلامي درسگاهه

عربن جي پوئين زماني ۾ جيتوڻيڪ مرڪزي حڪومت جو شيرازو منتشر ٿي چڪو هو، ته به سنڌ اندر الڳ الڳ گورنرن جو اقتدار قائم رهيو. عربن جي حڪومت جي پڄاڻي کان پوءِ سنڌ ۾ نج سنڌي قوم سومرن جو راڄ شروع ٿيو. سلطان محمود غزنوي سن401هه/1010ع ڌاري ملتان ۽ 416هه/1025ع ڌاري منصوره فتح ڪيا، جنهن ڪري سنڌ ويو. ستاويهن سالن کان پوءِ سلطان عبدالرشيد بن سلطان محمود غزنوي جي ڏينهن ۾ جڏهن سندس سلطنت عياشي ۽ آرام طلبي ڪري ڪمزور ٿي، تڏهن راجا آنند پال ابن سومره هڪڙي نو مسلم سنڌي اسماعيلي امير کي ٺريءَ جي شهر ۾ تخت تي ويهاڻ کان پوءِ منصوره ۽ ملتان تي قبضو ڪيو. تنهن کان سواءِ سنڌ ۾ بعض هندو رياستون به هيون. جهڙوڪ: (1) ڀنڀور (2) برهمڻ آباد (3) سيوهڻ (4) الور (5) درٻيلو (6) روپاه (7) ماڻڪ تارهه (8) همه ڪوٽ ۽ (9) ڀاڳناڙي، جن جا حاڪم ”راڻا“ ڪوٺبا هئا.(1) اهي راجائون نو مسلم سومرن وانگر راجپوت هئا.(2) سومرن، سمن جي مدد سان سنڌ تي قبضو ڪيو، پر پوءِ سمن کي ڪڇ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيائون، جن اتي جي چاوڙا راجا وٽ پناهه ورتي، جيڪي سما سنڌ ۾ رهجي ويا، تن اسلام قبول ڪيو.

سومرا قوم جي ڪن ماڻهن جو غلبو سنڌ جي لاڙ ۽ ٿر جي حصن تي سلطان شهاب الدين غوري جي قابض ٿيڻ کان اڳي هو. بني عباس جي آخري سنڌ جي گورنر ال تيمور کان پوءِ سومرن جو زور سڄي سنڌ ۾ وڌندو رهيو. سومرن جي رڳو سنڌ ۾ حڪومت ڪانه هئي، پر جهان والا ۽ ڪڇي به سندن ماتحت هئي. سنڌ دهلي جي تابع هئي، اهڙو سلسلو خلجين ۽ تغلق سلطانن جي دور تائين جاري رهيو.(1) سومرن جي صاحبي ۾ اٽڪل ويهن حاڪمن 752هه/1351ع تائين سنڌ مٿان راڄ ڪيو.

جيئن ته وادي مهراڻ حسن ۽ محبت جي ڪري رومانوي داستانن کان مشهور آهي ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي تعمير ۾ انهن رومانوي داستانن ۾ گهڻو هٿ آهي. اهي رومانوي ڪهاڻيون ئي هيون، جن نه رڳو عربي زبان، پر سنڌي ٻوليءَ کي پڻ وسعت بخشي. سنڌ جي انهيءَ دور جي مدرسن جي عالمن جي مسند درس تان ڪيترن عالمن فيض حاصل ڪيو. خصوصاً منصوره علمي حيثيت کان اهم مرڪزي شهر ليکيو ويندو هو، ليڪن محمود غزنوي جي حملن ان شهر کي هميشه لاءِ ويران ڪري ڇڏيو.

سومرن جي ڏينهن ۾ ملتان به اسلام جي تبليغ ۽ علم جو اهم مرڪز رهيو. ناصر الدين قباچه (وفات 22 جمادي الاخر 625هه)، مولانا قطب الدين ڪاشاني لاءِ ملتان ۾ هڪ عاليشان مدرسو تعمير ڪرايو. اهو مدرسو شاهه حسين لانگاهه جي زماني تائين اوج تي هو.(1)

سومرن جي دور جو تعليمي ۽ تهذيبي چرچو عراق ۽ عجم، مصر ۽ موراڪو تائين هلندڙ هو. اسلامي دنيا جا علماءَ سومرن جي عجيب و غريب علمي ادبي رسمن رواجن کان پڻ واقف هئا. علامه ابن سعيد غربي، جنهن موراڪو ۽ مصر ۾ 585هه ڌاري، علامه البيروني جي ”قانون مسعودي“ جي نموني تي پنهنجي فلڪي جاگرافي تيار ڪئي هئي، سو لکي ٿو ته ”هندي سمنڊ جي لاڙ جي ڪناري تي هڪڙي قوم رهي ٿي، جا بت پرستي ڪرڻ سان گڏوگڏ مسلمانن سان به واسطو رکي ٿي.“(2)

ابن بطوطه جڏهن مصر جي بندر اسڪندريه تي شيخ برهان الدين اعراج سان ملاقات ڪئي هئي، تڏهن شيخ موصوف ابن بطوطه کي اڳواٽ چئي ڇڏيو هو ته سنڌ ۾ توکي هڪڙي سامره (سومرا) قوم گڏبي، جا نه ڪنهن  سان گڏ کائي ٿي ۽ نه وري ان جا ماڻهو پنهنجي قوم کان سواءِ ٻيءَ قوم مان شادي ڪن ٿا.(3)

سومرن جي صاحبيءَ ۾ فنون لطيف جي تخليق ۽ تربيت جي لحاظ سان ”جنت السند“ جي خاڪ عراق ۽ عجم کان ممتاز هئي. اسلام سنڌين جي ان خاص جوهر کي وڌيڪ چمڪايو. ايتري قدر جو اسلامي دنيا جو علم ادب ۽ شاعري هڪڙي طرف ۽ سنڌ جو علم ادب ۽ شاعري ٻئي طرف ڀيٽ لاءِ پيش ڪري سگهجن ٿا.

سومرن جي دور جي زماني ۾ ٽن صدين اندر جيڪي به قصا ٿي گذريا، جهڙوڪ: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر، تن سڀني کي فارسي ۾ منظوم ڪيو ويو. عربي زبان فقط مذهبي ٻولي هئي. عمر مارئيءَ جي قصي کي مورخ سيد محمد طاهر نسياني فارسيءَ ۾ منظوم ڪري مٿس ”ناز و نياز“ نالو رکيو. مومل ۽ مينڌري جي قصي کي ملا مقيم فارسي قالب ۾ آڻي، مٿس ”ترنم عشق“ نالو رکيو. اهڙيءَ طرح ”ليلا چنيسر“ به فارسي جامو پهريو.(1)

جيتوڻيڪ فارسي، حڪومت ۽ اعليٰ سوسائٽي جي زبان هئي، مگر سنڌي ٻولي به زنده زبان هئي. سومرن جي صاحبي واري زماني جي رومان آفرين آکاڻين سنڌي زبان لاءِ بيش بها سرمايو پيدا ڪيو ۽ اهي قصا سنڌ جي در و ديوار، صحرا ۽ مرغزارن ۾ گونجڻ لڳا.

سومرن جي دور ۾ ڪيترائي سنڌي عالم، بزرگ، شاعر، صوفياءِ ڪرام ٿي گذريا، جن علمي ادبي سماع ۽ سرور جون محفلون برپا ڪيون. سهروردي، چشتي، بخاري، قادري (جلالي) طريقن جي فقيري عام پکڙيل هئي. ملتان ۽ اُچ کان وٺي ڪڇ جي رڻ ۽ گجرات تائين درويشن روحانيت جي تبليغ ڪئي. شيخ حامد السندي بخاري، سيد جلال الدين جهان گشت، امير سيد قطب الدين مديني الجيلاني ۽ حضرت قلندر لعل شهباز جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري سنڌين فيض حاصل ڪيو. غوث پوٽن، رهاڻ پُٽن، نورنگ زادن ۽ صوفي درويشن جون درگاهون اُن زماني ۾ قائم ٿيون. انهن صوفين توڙي بعد جي شاعرن مٿين قصن کي تمثيلي معنائون ڏيئي، انهن معرفت حقيقي عشق جي اپٽار ڪئي.

سلطان محمود جي ڪاهن ڪري سنڌ جو علمي مرڪز منصوره هميشه لاءِ ويران ٿي ويو. ديبل، جنهن جي خاڪ مان سوين عالم ۽ محدث پيدا ٿيا هئا، سو ابن بطوطه جي وقت 1334ع ۾ ويران ٿي چڪو هو. الور، برهمڻ آباد ۽ محفوظه جيڪي واپار ۽ دولت ڪري مشهور هئا، سي ترڪ سلاطين جي دور ۾ صفحه هستيءَ تان مٽجي ويا. مگر هيءَ وادي بي فيض نه هئي. منجهس حسن ۽ محبت ڪري رومانوي محفلون قائم رهيون. سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي تعمير ۾ ڪن اهڙين دلربا هستين جو هٿ هو، جن پنهنجون قيمتي جانيون راهه محبت ۾ قربان ڪري هن ملڪ جي تهذيب، تمدن ۽ علم ادب کي فروغ ڏيئي حيات جاودان بخشي ڇڏي. جيڪڏهن حسن و محبت جا چرچا هن وادي ۾ نه هجن ها ته جيڪر هيءَ وادي خشڪ ۽ بي فيض هجي ها. انهن رومانوي ۽ محبت انگيز افسانن ڪري نه رڳو سنڌ جي تاريخ رنگين آهي، پر سنڌ جي ويران شهرن جي خاڪ جي ذرن ۽ ريگستان جي ٿرن ۽ برن ۾ نه رڳو حسن ضوفشان نظر اچي ٿو، بلڪ اهي هستيون، جن کي اسان جا شعراءَ ڪرام پنهنجي جذباتي بيتن ۾ وحدت جو جامو پهرائي ڳائيندا رهيا آهن، حقيقت ۾ اسان جي سنڌي ادب جا درخشان ستارا آهن، جن جي لافاني وجود ڪري سنڌي ادب ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اهو سلسلو هر دور ۾ سرسبز ۽ شاداب رهيو آهي.(1)

سومرن جي تعمير ڪيل شهرن جناني ۽ محمد طور ۾ سهروردي، بخاري ۽ جيلاني بزرگ رهندا هئا، جن جي دهليزن تي درسگاهون جاري هيون. بزرگن جي درسگاهن کان سواءِ صوفياءَ ڪرام جون خانقاهون پڻ قائم هيون.

هندستان (ڀارت) ۾ جيلاني، بخاري، قادري، رضوي، صابريه ۽ شطاري جيڪي به سلسلا موجود آهن، تن جي ابتدا باب الاسلام (سنڌ) کان ٿي.(1) سومرن جي صاحبيءَ ۾ جن سادات ڪرام ۽ صوفيا عظام، سنڌ کان نڪري هندستان جي شهرن ۾ قيام فرمايو، تن اتي اسلامي تبليغ لاءِ درسگاهون کوليون. سندن روحاني فيض گجرات، دکن ۽ بنگال تائين پهتو. غرض ته سنڌ باب الاسلام برصغير هند جو پهريون صوبو هو، جتي علمي شمع روشن ٿي هئي.(2)

سلاطين دهلي جي زماني ۾ سومرن جي صاحبي جي شروعات ۾ شهرن جي مسجدن لاءِ فقيه امامت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا، جيئن فقه حنفي کان مسلمان واقف رهن. اهڙن علمائن لاءِ ”صدر الصدور“ (وڏو قاضي) سفارش ڪندو هو ۽ شهرن جا قاضي علمي ادارن جي صدارت ڪندا هئا. علماءَ کي هر طرح ديني آزادي مليل هئي. فقط سياست ۾ حصي وٺڻ جي کين اجازت ڪانه هئي. مفلس شاگردن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جا بار حڪومت برداشت ڪندي هئي.(3)

اسلامي تعليم ۽ تمدن جو برصغير سنڌ ۽ هند تي گهري اثر پوڻ سان گڏوگڏ فن عمارت سازي به خاصي مقبوليت حاصل ڪئي. عربن يا ٻين فاتح مسلمانن اچڻ شرط جيڪي عمارتون تعمير ڪرايون، تن ۾ مسجدون به شامل هيون، جن ۾ محراب ڪعبة الله رخ ڏيکارڻ لاءِ ۽ خطبي لاءِ منبر آهن. اهي مسجدون تعليم لاءِ درسگاهون پڻ هيون. مسجدن کان پوءِ اوليائن ۽ صوفياءِ ڪرام جا مقبرا ۽ خانقاهون آهن. مسلمانن جي تعميرات جي ٽين نشاني قلعا ۽ عالم پناهون آهن.

اسلامي تعميرات جي ابتدا سنڌ مان ٿي. عربن کان پوءِ سنڌ تي غزنين ۽ غورين حڪومت ڪئي. اهي طوفان وانگر آيا ۽ هليا ويا، تنهن ڪري انهن سنڌ ۾ ڪا عمارت تعمير ڪانه ڪئي. تنهن کان پوءِ سومرن، غلامن، خلجين ۽ تغلق سلاطين هن ملڪ تي حڪومت ڪئي. انهن شهر تعمير ڪرايا، نهرون کوٽايون، قلعا، ڪوٽ، سرائون، مينار، مدرسا، مسجدون، خانقاهون، مقبرا، شاگردن لاءِ رهائشگاهه ۽ حوض تعمير ڪرايا. غزني جي بربادي کان پوءِ ڪاشيءَ جو هنر 1150ع ۾ بلڪ ان کان به اڳ سنڌ ۾ پهتو.

سومرن جي ڏينهن ۾ جناني، محمد طور يا مهاتم طور، ٿري وگيهه ڪوٽ يا وجيه ڪوٽ ۽ دمريلا جا شهر تعمير ٿيا. محمد طور يا مهاتم طور ۾ اڄ به قلعي ۽ محلاتن جا نشان بيٺل آهن. هتي گهڻائي علماءَ رهندا هئا.(1)

1011ع ۾ خواجه خضر جي آستان واري مسجد بکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ ٻيٽاريءَ تي نواب سعيد خان جي تعمير ڪرايل آهي، جيڪا اڄ تائين موجود آهي. نواب سعيد خان 1007ع کان 1011ع تائين بکر جو نواب هو.

بکر

هي شحر سنڌ جي قديم شهرن مان آهي. جيئن ته هينري پاٽنجر، ڪئپٽن هيملٽن جي حوالي سان لکي ٿو ته، ”سڪندر اعظم جن شهرن ۾ قلعا تعير ڪرايا هئا، تن ۾ بکر جو نالو پڻ اچي ٿو. انهيءَ وقت بکر کي ”سوگدي“(2) چيو ويندو هو. نصرپور جي رضوي ساداتن جي شجري ۾ بکر کي ”هرسنه“(1) جي نالي سان لکيو ويو آهي. مير محمد طاهر نسياني لکي ٿو ته، ”جڏهن الور (اروڙ)، راجا دلوراءِ جي دور ۾ درياهه جي رخ ڦيرائڻ ڪري برباد ٿيو ۽ درياءَ بکر کان وهڻ لڳو، تڏهن هي شهر وجود ۾ آيو.“

بکر جو شهر سومرن جي صاحبي ۾ علم جو وڏو مرڪز هو. وڏا وڏا جيد عالم ۽ فقيهه هن شهر ۾ رهندا هئا. هن شهر ۾ وڏن عالمن ۽ درويشن جي سڪونت ڪري ضرور ڪي خانقاهون ۽ درسگاهون هونديون، پر انهن مان ڪيترين جو احوال گمنامي جي ڪُن ۾ غرق آهي. تاريخ نويسن ۽ مورخن بکر جي نالي جا ڪيترائي سبب ٻڌايا آهن، پر مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته ”جڏهن سيد محمد مڪي انهيءَ جاءِ تي بڪره (باک ڦٽڻ) جي وقت داخل ٿيو، تڏهن چيائين:

”جعل الله بکرتي في البقعہ المبارکة“(2) (الله تعاليٰ منهنجو صبح مبارڪ جاءِ ۾ ڪرايو آهي.)

تنهن کان پوءِ ماڻهن جي زبان تي انهيءَ جڳهه جو نالو ”بکر“ چڙهي ويو، جو آهستي آهستي بدلي ”بکر“ ٿي پيو. ٻي روايت اها به آهي ته سيد محمد مڪي کان سندس نوڪرن پڇيو ته، ”منزل ڪٿي ڪٿي ويندي.“ فرمايائين ته، ”جتي باک ڦٽڻ وقت بقر (ڍڳي) جي رنپ ٻڌڻ ۾ ايندي.“ وقت گذرڻ تي لهجي بدلجڻ ڪري انهيءَ (بقر) مان ”بکر“ ٿي پيو.

بکر جي قلعي جو ڪڏهن بنياد پيو، ان باري ۾ ”لب تاريخ“ جو بيان آهي ته سن332هه ۾ عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ مهراڻ جي ٻن شاخن جي وچ ۾ تعمير ٿيو.(3) اروڙ جي ويرانيءَ کان پوءِ اُتي جا رهاڪو لڏيندا بکر ۽ ان جي پسگردائي ۾ وڃي رهڻ لڳا. ابوالفضل بکر کي منصوره ڪري سمجهيو آهي، جيڪو صحيح ناهي. بکر تي اهو نالو ستين صدي هجريءَ ۾ پيو. هجري اٺين صديءَ ڌاري ابن بطوطه لکي ٿو ته ”شهر جي وچ ۾ هڪ خانقاهه ۽ مدرسو آهي، جتي غريب شاگردن ۽ نادار ماڻهن کي کاڌو ملي ٿو، شاگرد ،مدرسي ۾ پڙهڻ وڃن ٿا ۽ خانقاهه ۾ رهائش پذير آهن.“ هٿ سندس ملاقات قاضي ابو حنيفه، شمس الدين محمد شيرازي ۽ شيخ شمس الدين سان ٿي، جن مان پوئين بزرگ جي عمر سڪ سؤ ويهه ورهيه هئي.(1)

بکر کي بغداد ۾ وري ”فرسته“ يا ”فرشته“ جي نالي سان سڏيندا هئا. هي مبارڪ سرزمين يقين وارن جي ملجا ۽ عارفن جو سرچشمو آهي. سڄي سنڌ ۾ بکر جهڙي مردم خيز زمين پيدا ڪانه ٿي. اتي جا ماڻهو گهڻو ڪري سير ۽ صفائي جا ڪوڏيا، علم پرور ۽ لياقت جي ڳولا ۾ مشهور هئا. گرميءَ جي ڏينهن ۾ پاڻي جي چڙهڻ ۽ ميون پچڻ جي موسم ۾ ننڍا وڏا، سردار خواهه نوڪر، مرد ۽ زالون، باغن ۾ خلوتن ۽ محفلن ۾ ڏينهن گذاريندا هئا. هن سرزمين ۾ خاص ڳالهه هيءَ هئي ته هتي جا گل سنگهڻ جي لائق هئا. هن سرزمين ۾ گهڻن ئي بزرگن، عالمن ۽ ولين جون مزارون آهن.

حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي کان جڏهن حضرت شيخ بهاءُ الدين زڪريا اجازت وٺي وطن واپس ٿيو، تڏهن هن کيس نوح بکريءَ متعلق فرمايو ته:

”مريدي است رشيد از مريدانِ مام در فرسته سند اورا البته خواهي دريافت.“

مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته، ”بکر وارو قلعو پهريائين شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو  ۽ هن جي قبر گُجي (تعلقي ميرپور ساڪري) ۾ آهي.“(1) سندس قبر تي سن وفات 171 هه لکيل آهي. تنهن جي معنيٰ ته هي شهر دلوراءِ جي دور کان اڳ به موجود هو، ڇو جو اروڙ جي تباهي، سيد علي مڪي لڪعلوي جي هٿان ٿي، جو سامره کان سنڌ ۾ چوٿين صدي هجري ۾ آيو ۽ سيف الملوڪ ۽ دلوراءِ وارو واقعو ٿورو اڳ ٿيو. سيد محمد مڪي بکر ۾ 546هه ۾ پنهنجي پٽ محمد طيب صدر الدين ۽ ٻين عزيزن قريبن ۽ احبابن، جملي پنجيتاليهه ماڻهن جي جماعت سان بکر پهتو. اهو زمانو خفيف سومري جو هو ۽ اسلامي تعليمات جو ڏيو بلڪل اجهامڻ وارو هو، جو سيد موصوف بکر ۾ پهچي مدرسو قائم ڪيو ۽ بکر کي اسلام جي دنيا ۾ روشناس ڪرايو. سيد محمد مڪي جي وفات 555هه ۾ ٿي، تنهن کان پوءِ سندس پٽ محمد خطيب صدر الدين، سيد علي مڪي لڪعلوي جي چوٿين نمبر پٽ سيد چڱي جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، تنهن بکر جي مدرسي کي سٺي نموني هلايو. تنهن کان پوءِ سندس پٽ سيد بدر الدين، جنهن جي ڏينهن ۾ سيد جلال سرخ بخاري به ملتان کان هجرت ڪري پنهنجن ٻن پٽن، سيد جعفر ۽ سيد علي سان اچي بکر ۾ رونق افروز ٿيو، ۽ رشد و هدايت جو سلسلو جاري رکيائون. سيد جلال الدين بخاري، سيد بدر الدين جي نياڻي زهره سان شادي ڪئي. هن بيبي صاحبه جي وفات کان پوءِ سيد بدر الدين جي ٻي نياڻي سيده بيبي فاطمه سان شادي ڪئي. جنهن جي پشت مان مخدوم جهانيان جهان گشت آهن. انهن بزرگ هستين جي ڪري بکر علم جو مرڪز بڻيو ۽ علم جي شمع ٻين به ڪيترن ئي پروانن کي ڪشش ڪري اتي آندو.

سيد محمد مڪي، جن جو والد بزرگوار سيد شجاع مشهد ۾ رهندو هو، حرمين شريف جي زيارت ڪرڻ جي ارادي سان پهريائين بغدادپهتو. شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي کين دامادي جو شرف بخشيو. شيخ جي معصوم نياڻيءَ مان سيد محمد مڪي، مڪي معظم ۾ پيدا ٿيو. سندس شجره نسب هن ريت آهي:

سيد محمد مڪي بن شجاع نور الله بن سيد ابراهيم بن سيد قاسم بن سيد حمزه بن سيد هارون بن سيد عقيل بن سيد اسماعيل بن امير المؤمنين سيد جعفر ثاني بن امام نقي بن امام محمد تقي بن امام موسيٰ رضا بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر الصادق بن امام باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين رضه بن حضرت علي بن ابي طالب عليہ والسلام.(1)

بکر جا درسگاهه پهرين ڀيرو سيد محمد مڪي جي ڪري وجود ۾ آيا. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جي بشارت تي سيد محمد مڪي پنهنجي خاندان جي علمائن ۽ بزرگن، جن ۾ سندن وڏو فرزندو سيد محمد خطيب صدر الدين پڻ شامل هو، شوال 546هه ۾ هرسنه نالي ٻيٽ تي قدم رکيو. اهو زمانو خفيف سومري (وفات 548هه) جو هو.

سومرن جي دور ۾ اسلامي عقيدن ۾ بدعت ۽ شرڪ شامل ٿي ويو هو. انهيءَ ڪري اسلامي تعليمات کي ڪافي نقصان پهتو. تنهن تي سيد محمد مڪي اچي هتي رهيو ۽ مشرڪانه حرڪتن ۽ بدعتن کي ختم ڪري، بکر ۾ مدرسو قائم ڪري، ديني تعليم کي زور شور سان جاري رکيو، جنهن مان مختصر عرصي ۾ سندس ڪيترائي طالب ۽ عقيدتمند فيض پرائي ويا. سيد محمد مڪي جي وفات جو سال شجره سادات رضوي نصرپور ۾ 555هه ڏنو ويو آهي.(1) هندستان جي رضوي ساداتن جو جد اعليٰ پڻ سيد محمد مڪي آهي. سندس مزار سکر ۾ ڪليڪٽري جي هيٺان آهي.(2)

قاضي صدر الدين (قاضي ابو حنيفه بکري):

سنڌ ۾ حنفي مذهب جو قاضي، وڏو عالم، زماني جو شيخ ۽ انهيءَ دور جي مشاهيرن مان هو. سومرن جي آخري دور ۾ سلطان محمد تغلق جي پاران بکر جو قاضي هو. ابن بطوطه پڻ بکر ۾ (734هه) ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن جو ذڪر پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو اٿس.(3)

مولانا برهان الدين بکري:

شيخ، فاضل، علامه برهان الدين حنفي بکري سنڌي، دنيا جي وڏن پهچ وارن عالمن مان هو، فقه، اصول فقه ۽ عربي علم ادب ۾ وڏي دسترس حاصل هئس. سلطان علاءُ الدين خلجي جي زماني ۾ دهليءَ جي تختگاهه ۾ درس ڏيندو هو. وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، مگر نزهة الخواطر واري کيس ستين صدي هجري جي آخري علمائن ۾ آندو آهي ۽ علاءُ الدين خلجي جو زمانو به اهوئي آهي.(4)

سيد احمد بخاري بکريءَ جي درسگاهه:

سيد احمد بن جلال الدين حسين ڪبير بن علي بخاري، بکر ۾ ڄائو. سندس والده بيبي فاطمه بنت سيد بدر الدين بن سيد صدر الدين بکري سنڌي آهي. سمورو علوم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين. صلاحيت ۽ فضيلت سان وڏي شهرت جو مالڪ ٿيو. کانئس سَوَن مريدن ۽ شاگردن سندس قائم ڪيل مدرسي مان فيض پرايو. ستت ئي بکر مان لڏي وڏي اُچ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. اُتي به ساڳيو درس تدريس جو سلسلو جاري رکيائين.

مولانا صدر الدين بکريءَ جو درسگاهه:

شيخ فقيهه امام صدر الدين حنفي بکري سنڌي، فقهه ۾ مجتهدانه درجو رکندڙ عالمن ۾ شمار هو. بکر ۾ پنهنجي خانقاهه ۾ قائم ڪيل درسگاهه ۾ اسلامي علومن جو وڏي چاهه سان درس ڏيندو هو. وٽانس ڪيترائي شاگرد فيض پرائي ويا. سال734هه ۾ ساڻس محمد بن بطوطه جي ملاقات ٿي، جنهن جو ذڪر پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو اٿس.(1)

محمد خطيب صدر الدين بن محمد مڪي جو علي واهڻ وارو مدرسو:

سيد صدر الدين جو نالو سيد امام الدين، ڪنيت علاءُ الدين ۽ صدر الدين سندس لقب هو. رجب600هه ۾ ڄائو ۽ سٺ سال نو مهينا زندگي گذاري، 21 محرم 669هه ۾ وفات ڪيائين.

شجري رضويه نصرپور ۾ لکيل آهي ته سيد صدر الدين محمد خطيب پنهنجي والد بزرگوار محمد مڪي سان گڏ 646هه ۾ بکر پهتو. سيد صدر الدين محمد خطيب، سيد علي لڪعلوي جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ انهيءَ رشتي سبب پاڻ سيوهڻ جي قلعي جي قريب رسول پور نالي ڳوٺ ٻڌو، جيڪو پوءِ موضع رفعان جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ درس تدريس جو سلسلو جاري رکيو.

سيد صدر الدين پنهنجي والد جي آخري عمر ۾ سندس حڪم تي موٽي بکر جي ويجهو عالي واهڻ جو ڳوٺ ٻڌائي، اتي تعليمي مدرسو قائم ڪيو.(1) پر پيءُ جي وفات کان پوءِ بکر ۾ والد جي مسند تي ويهي سندس قائم ڪيل مدرسي کي زور وٺايائين.(2)

سيد علي بن محمد بکري:

سيد علي بن محمد بدر الدين بن محمد.(3) صدر الدين بن محمد بن شجاع بن ابراهيم حسيني بکري، سن630هه ۾ ڄائو ۽ اتي ئي مذهبي علم حاصل ڪيائين. ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ ملتان جي سيد شمس الدين حسيني عريفي شيخ ابوالفتاح رڪن الدين ملتاني کان تصوف حاصل ڪيائين. وڌيڪ تحصيل لاءِ شيخ منهاج الدين بهاري جي صحبت ۾ ٻارهن سال رهي ڪماليت حاصل ڪيائين. هي اسلام جي تبليغ لاءِ اله آباد، شيخپوره، جهانسي ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي ويو. هن 760هه ۾ جهانسي ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفنايل آهي.(4)

مولانا ظهير الدين بکري:

شيخ فاضل علامه ظهير الدين بکري سنڌي، هڪ عالم، بزرگ ۽ وقت جي عالمن ۾ شريعت جي علم ۾ اعتماد جهڙو هو ۽ پنهنجي دور ۾ نحو، فقهه ۽ اصول فقه جو کانئس وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڄاڻو ڪونه هو. بکر ڇڏي دهلي ۾ درسگاهه قائم ڪيائين، جتي کانئس تمام گهڻي خلق نفعو حاصل ڪيو. وڏن شاگردن مان مشهور صوفي ۽ علامه شمس الدين يحيٰ اودي (وفات 747هه) هو.(1) شيخ شمس الدين جو ڀاءُ علامه صدر الدين به سندس شاگردن مان هو. نظام الدين اولياءَ (وفات 725هه) جي خليفن مان سندس جاءِ نشين خواجه محمود چراغ دهلوي (وفات 757هه) سندس شاگردن مان هو.

”خزينة الاصفياءَ“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مولانا ظهير الدين، سلطان غياث الدين تغلق جو خاص درٻاري ۽ محرم راز هو.(2) مولانا جي وفات جي تاريخ نامعلوم آهي، پر نزهة الخواطر (جلد 2) ستين هجري جي آخر جو عالم لکي ٿو.

شيخ نوح بکري جو مدرسو:

حضرت نوح بکري، سنڌ جو هڪ وڏو عالم  ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. هو فرشته يعني پراڻي بکر ۾ رهندو هو. نقل آهي ته جڏهن غوث العالم شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، شيخ شهاب الدين سهروردي کان ملتان ڏانهن وڃڻ جي موڪل ورتي، تڏهن شيخ کيس فرمايو ته اسان جي مريدن مان هڪ هدايت وارو مريد فرشته (بکر) شهر ۾ آهي، ان کي ڏسڻ ۽ ان بابت دريافت ڪرڻ ضروري آهي. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي فرشته پهچڻ کان اڳ شيخ نوح بکري رح وفات ڪري ويو.

شجره رضويه ۾ اچي ٿو ته بکر جي مدرسي جا سنڀاليندڙ سيد محمد مڪي ۽ شيخ نوح بکري جي اولاد مان هئا ۽ انهن گڏجي درس تدريس جي سلسلي کي اڳتي وڌايو.(1)

ابو اسحاق ابراهيم سنڌي موصلي:

ابراهيم ابو اسحاق بن نصر بن عسڪر شافعي مذهب جو سلامه شحر (علاقه موصل) جو قاضي هو. هو بنيادي طرح سنڌي هو. سندس وڏا سنڌ مان عباسي دور ۾ بغداد پهتا، جيڪي عربن جا موالي يعني دوست يا آزاد ٿيل ٻانها هئا. هن بغداد جي نظاميه ڪاليج ۾ تعليم ورتي ۽ ان کان پوءِ سرڪاري طرح سلامه جو قاضي مقرر ٿيو. هو هڪ وڏو شاعر، عالم بزرگ هو. 3 ربيع الاخر 610هه ۾ وفات ڪيائين.(2)

امام مسعود بن شيبه بن الحسين السندي، لقب عمادي الدين حنفي:

ستين صدي هجري جو هي سنڌي بزرگ علم ۽ فضل ۾ عالمي شهرت جو مالڪ هو. هن امام الحرمين جُويني ۽ امام غزالي رح جي ”مقدمہ التعليم“ جو رد لکيو. جويني حنفي مذهب تي حملا ڪيا هئا ۽ ”الغيث“ نالي رسالو لکي چئلينج ڪيو هو. امام مسعود سندس چڱي خبر ورتي آهي ۽ دنيا جو اهو پهريون عالم آهي، جنهن جويني ۽ غزالي تي اهو رد لکيو. سندس سوانح تفصيل سان ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ملي سگهي آهي، ڇوته تاتارين جي دور جو هو ۽ تاتارين جيڪي مسلمانن جي ڪتبخانن سان ڪلور ڪيا، اهي ڪنهن کان به ڳجها ڪين آهن.

حافظ ابن حجر عسقلاني جيتوڻيڪ دنيا جو وڏو عالم آهي، پر شافعي مذهب هجڻ ڪري پنهنجي ڪتاب ”لسان الميزان“ ۾ امام مسعود سنڌي کي غير معروف لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته امام مسعود شافعي مذهب جي ٻن وڏن امامن ابن جويني ۽ غزالي کي رد ڪيو آهي. اها ابن حجر جي زيادتي آهي، ڇوته حافظ عبدالقادر عرشي پنهنجي ڪتاب ”طبقات الحنفيہ“ ۾ ابن دقاق معرف، تقي مقريزي، علامه بدر الدين عيني، شمس بن طولون ۽ ٻين، هن سنڌي عالم جو احوال لکيو آهي.

امام مسعود جي ڪتاب ”مقدمة التعليم“ جي قلمي نسخن بابت مولانا زاهد ڪوثر جيڪو ترڪيءَ جو شيخ الاسلام به ٿي گذريو آهي، تنهن لکيو آهي ته هن ڪتاب جو هڪ نسخو الجزائر ۾، ٻيو مدينه منوره جي شيخ الاسلام جي ڪتبخاني ۾، ٽيون استنبول جي لاللي ڪتبخاني ۾،  چوٿون مصر جي پروفيسر احمد خيري جي ڪتبخاني ۾ آهي.(1)

قاضي فصيح الدين لاهري:

هي بزرگ اصل هرات جو هو. سلطان محمد تغلق جي زماني ۾ امير علاءُ الملڪ جي لقب سان لاهري بندر(1) ۽ سندس لڳولڳ پرڳڻي تي محصول جي وصولي لاءِ مقرر ڪيو ويو. ابن بطوطه سنڌ جي سفر دوران ساڻس ملاقات کان پوءِ لکي ٿو ته: ”حنفي مذهب جو وڏو فقيهه هو ۽ پهريائين هرات جو قاضي به رهيو، ان کان پوءِ هندستان آيو.“(2)

قاضي فصيح الدين، ابن بطوطه کي ٻڌايو ته بندر جي ساليانه پيدائش 60 لک روپيا آهي، جنهن مان امير کي سموري اُپت جي ويهين پتي پگهار طور ملندي رهندي آهي. نزهة الخواطر(3) ۾ سندس ذڪر ستين صدي هجري جي آخر علمائن ۾ ٿيل آهي.

سيوستان

سيوستان سنڌو نديءَ جي الهندي ڪپ تي مشهور قلعو ۽ ڪيترين حڪومتن جو صدر شهر هو. هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن، جيڪو نالو سنڌ جي هڪ قديم قبيلي جي الاد سهوران تان پيو. هي قلعو سنڌ جي قديم ترين قلعن مان هڪ آهي. جڏهن سڪندر اعظم هن شهر تي حملو ڪيو، تڏهن اتي جي راجا جو نالو سمبا هو، جنهن کي يوناني شمبوس لکيو آهي. سمبا راجا يونانين جو اهڙو ته زوردار مقابلو ڪيو، جو سڪندر ڏمرجي پيو ۽ قلعي جي پاڙ ۾ بارود وجهرائي ان جو ڀتيون ڪيرائي ڇڏيون. جرنل آف پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي جي تحقيقات ميگزين ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيوهڻ ۾ راجا ڀرتري اچي رهيو هو جو چندر گپت ٻئي جو ڀاءُ هو، کيس ملڪ بدر ڪيو ويو هو ان ڪري هو فقيري ويس ۾ سيوهڻ آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.

سيوهڻ تي راجا ڏاهر جي پاران هڪ ٻڌ شمني حڪومت ڪندو هو، جنهن عربن سان صلح ڪري قلعو سندن حوالي ڪيو. جنهن ڪري محمد بن قاسم هتي جي پنڊتن سان مروت سان مليو ۽ کين عهدا موٽائي ڏنائين.(1) ان بعد سيوهڻ تي جدا جدا وقتن ۾ جدا جدا گورنر مقرر ٿيندا آيا. هت چنا قوم رهندي هئي، جنهن کي عربن سندن دولت موجب ”المرزوق“ جي لقب سان سڏيو آهي.

سيوهڻ قديم دور کان علم ۽ ادب جو مرڪز ٿي رهيو آهي. جڏهن ساسانين جو سنڌ جي الهندي حصي تي قبضو ٿيو، تڏهن هنن سيوهڻ جو نالو سيوستان رکيو، جو سوي قوم جي پٺيان سڏيو ويو.(2) ايران جي بادشاه نوشيروان جي زماني ۾ سندس خاص درٻاري حڪيم برزويه سيوستان ۾ آيو، جتان هو پاڻ سان ڪي ڪتاب به کڻائي ويو. انهن ڪتابن ۾ پنج تنتر مشهور آهي، جنهن جو نوشيروان فارسي ۾ ترجمو ڪرايو. اهو ترجمو ايران جي گنڊ شارپور شهر جي قديم اڪيڊمي ۾ ٿيو هو، جنهن جي پهلوي نسخي تان اهو ڪتاب عباسي دور ۾، عبدالله بن مقفع، بغداد جي بيت الحڪمة ۾ عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان جو نالو ”ڪليلہ و دمنہ“ رکيو.(3) اهڙيءَ طرح شطرنج جي راند به انهيءَ ساڳئي حڪيم سنڌ مان کڻي وڃي ايران ۾ رائج ڪئي. راءِ گهراڻي جي دور ۾ سيوهڻ، سنڌ جي پنجن ولايتن مان هڪ ولايت جي گاديءَ جو هنڌ هو. عربن جي اچڻ کان پوءِ به سيوهڻ ساڳئيءَ طرح علم ۽ ادب جو مرڪز ٿي رهيو. شروعات ۾ تعليم ۽ بحث مباحثي جو هنڌ سيوهڻ جي جامع مسجد هئي، پر پوءِ انهيءَ مسجد سان لاڳو مڪتب ۽ دارالعلوم به وجود ۾ آيا.

سومرن جي صاحبيءَ ۾ سيوهڻ جو قديم شهر علم ۽ عرفان جو مرڪز ۽ اسلامي تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو هو. سيوهڻ جو مدرسو اسلامي دنيا ۾ ”فهاءِ الاسلام“ جي لقب سان مشهور هو. هتي اسڪندريه (مصر) جا شاگهرد به تعليم وٺڻ لاءِ ايندا هئا. ابن بطوطه سيوهڻ ۾ هن مدرسي جي ڇت تي اچي رهيو هو.(1) سيوهڻ اسلامي تبليغ جو پڻ اهم مرڪز ٿي رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏو مبلغ شيخ عثمان مروندي هو، جنهن کي لعل شهباز قلندر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، سو سلطان محمد بن غياث الدين بلبن جي ڏينهن ۾ ملتان پهتو. شيخ الشيوخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني رح جو مريد ٿيو. شهزادو سلطان محمد سنڌ جو حاڪم ۽ علم پرور هو. سندس دور حڪومت ”تاج الماثر“، ”فخر مدبر“، ”سلسله الانساب“، ”آداب الحرب“ ۽ ”آداب السلاطين“ جهڙا ڪتاب لکيا ويا ۽ انهن جو عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو.(2) هن لعل شهباز قلندر لاءِ ملتان ۾ خانقاهه جوڙائڻ جو ارادو ڪيو، پر لعل شهباز سيوستان (سيوهڻ) وڃڻ جو ارادو ڪيو.(3) قلندر شهباز نه رڳو صوفي طريقي جي سهروردي شاخ سان وابسته هو، پر جلالي طريقي جي لعل شهباز شاخ جو باني هو. علم ۽ تصوف ۾ سندن اعليٰ مقام هو، سندن ڄمار 112 ورهيه هئي ۽ 650هه ۾ وفات ڪيائين.

ابن بطوطه جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن پاڻ سيوهڻ به ويو هو، جتي هن ڪئين مڪتب ۽ خانقاهون ڏٺيون. سندس چوڻ مطابق ته هو سيوهڻ ۾ هڪ شخص محمد بغدادي سان به مليو هو، جنهن جي عمر ان وقت 140 سال هئي، جيڪو سليقه شعار گفتار مان اهل علم ۽ دانشور ٿي معلوم ٿيو. کيس اسلامي علومن جي گهڻي ڄاڻ هئي. ابن بطوطه وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هن شهر جو خطيب شيباني آهي. هن مون کي خليفي عمر بن عبدالعزيز جو لکيل پروانو ڏيکاريو، جيڪو سندس ڏاڏي کي خطيب ٿيڻ تي مليو هو. اهو پروانو سندس خاندان کي ورثي ۾ مليل هو، جنهن تي هي عبارت لکيل هئي: ”هٰذا امر بہ عبدالله امير المؤمنين عمر بن عبدالعزيز بفلان.“ اها تحرير 99هه جي آهي. انهيءَ تحرير جي پڇاڙيءَ ۾ الحمدلله وحده، پڻ لکيل آهي. خطيب جو چوڻ هو ته اهي لفظ خليفي جا هٿ اکر آهن.(1) سيوهڻ ۾ مشهور مدرس قاضي ڏتو رهندو هو، جنهن جي مدرسي ۾ مير معصوم بکري تاريخ معصوم جو مصنف پاڻ پڙهيو هو.

 

اگهم ڪوٽ

سنڌ جو هي قديم ۽ علمي تاريخ شهر نيرون ڪوٽ کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ اوڀر طرف ٽنڊو غلام علي روڊ تي آهي. هن کي اگهيماڻي به ڪري سڏيندا آهن. سومرن جي زماني ۾ هن شهر ۾ وڏو علمي مدرسو هو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سو کن شاگرد قرآن شريف ۾ ٻين ديني علمن جو درس وٺندا هئا. هن مدرسي جي شاگردن جي رهائش کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جو بار سومرا درويش ميان دائود، ميان حمل ۽ ميان اسماعيل برداشت ڪندا هئا.(1)

مخدوم نور الله جو مدرسو:

سومرن جي صاحبي ۾ مخدوم نور الله عرف مخدوم نورنگ ذات جو سومرو وڏو عالم، درويش ۽ متقي بزرگ ٿي گذريو آهي. ملتان وارن بزگرن جو لاڙ ۾ خليفو مقرر هو. سندس مقبرو ٽنڊي غلام حيدر (تعلقي گوني) ۾ آهي. هن جو اولاد پاڻ کي ”نورنگ زاده“ سڏائيندو هو. هن درويش جو مدرسو به هو، جنهن ۾ حديث، تفسير ۽ فقهه جو درس ڏيندو هو.

سيف الدين گزنوري جو عربي مدرسو:

سيف الدين گزنوري اُچ شريف جو وڏو عالم هو. سترهن سالن جي عمر ۾ سيوهڻ ۾ آيو ۽ هميشه لاءِ هتي جو ٿي رهيو. سن690هه/1291ع ۾ 95 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سيوهڻ شريف ۾ سندس نالي تي وڏو عربي مدرسو هو، جنهن ۾ هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا. مقامي شاگردن کان سواءِ ٻين پاسن جا به طالب تعليم پرائيندا هئا.

مخدوم عبدالله جو مدرسو:

مخدوم عبدالله ڀٽي جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان پٽ هو. سندس اصل نالو راجمڪار ارجن پٽ وريو هو. ڪنهن مسلمان درويش جي صحبت ۾ رهي مسلمان ٿيو. کيس روحاني فيض حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني کان حاصل ٿيو. هالن پراڻن (هاله ڪنڊي) ۾ سندس ديني مدرسو هو، جنهن ۾ نه صرف ظاهري علم جو درس ڏيندو هو، پر باطني علم سان به نوازيندو هو. هالن پراڻن وارا مخدوم هن بزرگ جو اولاد آهن ۽ منجهن ڪيترائي وڏا عالم مدرس ۽ فاضل ۽ فقيهه پيدا ٿيا. هن بزرگ ستين صدي هجري جي آخر ۾ هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي.

مخدوم فاضل شاهه جو مدرسو:

مخدوم فاضل شاهه، مخدوم عماد الدين جي اولاد مان هو، جيڪو محمد تغلق جي پاران وڙهندي ڪشلو خان جي هٿان قتل ٿيو هو ۽ شيخ رڪن الدين ”رڪن عالم“ جو سڳو ڀاءُ هو. مخدوم فاضل شاهه جڏهن ملتان مان نڪتو ته پهريائين ڪشمور پهتو، جتان پوءِ لاڙ واري شهر بڪيرن ۾ اچي رهيو. اتي مخدوم صاحب ديني مدرسو کوليو، جيڪو ڪيتري مدت تائين جاري رهيو. مخدوم فاضل شاهه سومرن جي آخري دور اٺين صدي هجري جي شروع ۾ ٿي گذريو.


(1)   سيوهڻ ۽ ڀاڳناڙي جا حاڪم چنا هئا. منجهانئن چنه، محمد بن قاسم جي دعوت تي اسلام قبوليو هو. عربن مٿن المرزوق يعني نصيب واري قوم نالو رکيو هو.

(2)   سومرا پرمار راجپوت هئا، جن جون حڪومتون ستلج کان وٺي نربدا تائين هيون. منجهائن امره سومري اسلام اختيار ڪيو هو. (واقع راسجتان، لکنو).

The Cambridge History of India, Vol. 11, “Sind” Cambridge 1982.

(1)   The Cambridge History of India, Vol. 11, “Sind” Cambridge 1928.

      R. Hugbes - Buller: Imperial Gazetteer of India, Vol: Baluchistan, PP 156-171.

عجائب الاسفار، جلد ٻيو، باب پهريون، ص140

(1)   منهاج سراج، طبقات ناصري، جلد اول ص745

(2) ابوالفداءَ، تقويم البلدان، 1840ع پئرس، ص359

(3) عجائب لاسفار جلد 2 ذڪر شهر جناني

(1)   Journal of Sindh Historical Society, Vol: III December, 1936 “The Legends of Old Sind.” Karachi, PP-29-36.

(1)   شمس العلماءَ علامه دائود پوٽو، فتحنامہ سنڌ المعروف بہ چچنامہ، مطبع لطيفي دهلي 1939ع، ص252

(1)   سنڌ جا اوائلي مدرسا ”سروري مخزن“ هالا، 52-1951ع ص20

(2)   طبقات ناصري 166

(3)   فرشته، جلد پهريون (اردو ترجمو) نولڪشور لکنو، ص108

(1)   Haig M. R. The Indus Delta Country, P-76

(2)   هينري پاٽنجر، بلوچستان جو سفر (سنڌي ترجمو) ص45

(1)   شجره سادات رضويہ نصرپور، ص ص17- 21 (اڻ ڇپيل)

(2)   اصل ۾ ”في بقعة المبارکہ“ آهي، جو گرامر جي لحاظ کان غلط آهي.

(3)   لب تاريخ سنڌ (فارسي نسخو) 1901ع، ص27

(1)   سفرنامہ ابن بطوطه، جلد ٻيو، ص ص19-20

(1)   مرزا قليچ بيگ، قديم سنڌ ۽ ان جا مشحور شهر ۽ ماڻهو، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع ص10

(1)   شجره رضوي سادات نصرپور (اڻ ڇپيل) ۽ پير حسام الدين راشدي، مقدمه حديقة الاولياءَ ص45

(1)   شجره رضوي سادات نصرپور (اڻ ڇپيل) ص ص17-19

(2)   تصحيح پير حسام الدين راشدي، مقدمہ حديقة الاولياءَ، ص41 ۽ نزهة الخواطر، جلد ٽيون

(3)   فارسي ترجمي ۾ آهي: روهڙي (بکر) ۾ امام صدر الدين حنفي شهر جي قاضي ابو حنيف ۽ شيخ عابد زاهد شمس الدين محمد شيرازي جي قائم سان ملاقات ٿي، تهران 1337، ص413

(4)   فيروز شاهي برني، مطبوعہ ڪلڪتہ 1862ع، جلد ٻيو، ص60 ۽ مولانا دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع ص28

(1)   نزهة الخواطر، جلد ڇهون

(1)   پير حسام الدين راشدي، مقدمہ حديقة الاولياءَ، ص ص38-40.

(2)   شجره رضويہ نصرپور (غير مطبوعہ) ص21

(3)   سندس مقبرو پراڻي سکر جي لڳ ڪليڪٽري هيٺان سيد محمد مڪي جي نالي سان مشهور آهي.

(4)   ڪتاب منبع الانساب، از مير معين جهانسپوري ۽ پير حسام الدين مقدمہ حديقة الاولياءَ ص ص36-45.

(1)   خزينة الاصفياءَ، ص349 ۽ نزهة الخواطر، جلد اول ص64، ص353.

(2)   خزينة الاصفياءَ، جلد اول ص353 ۽ گلزار ابرار ص115

(1)   شجره رضويہ نصرپور (غير مطبوعہ) ص32

(2)   وفيات الاعيان لبن خلڪان، مطبوع قاهره (1310هه) واري نسخي جي صفحي 2 تي سوانح لکيل آهي. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو النهفضہ قاهره جو (1948ع) آهي، جنهن جي (17:1) تي اهو ساڳيو مضمون آهي. ٻنهي ڪتابن جي ترتيب مختلف آهي.

(1)   مهاڳ ”مقدمة التعليم“ مرتب مولانا عبدالرشيد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1965ع ص ص75-80

سنڌي ادبي بورڊ طرفان هن ڪتاب کي مولانا عبدالرشيد نعماني جي تحقيق سان ڇپايو ويو آهي. پر افسوس جو ان جو بنياد انهن مٿين نسخن مان ڪنهن به نسخي تي ناهي، ۽ برلن جي هڪ نسخي تي مدار رکيو ويو آهي. جنهن تان شيخ زاهد ڪوثري جو عڪس وارو نسخو ۽ ان تان مجلس علمي به نقل ڪرايو هو.

(1)   هن وقت شاهه بندر سڏيو ويندو آهي.

(2)   ابن بطوطه 1 محرم 732هجري تي لاهري بندر ۾ پهتو.

(3)   نزهة الخواطر ص107

(1)   بلاذري، فتوح البلدابن ص437

(2)   عجائب الاسفار، جلد ٻيو، ذڪر سيوستان

(3)   البيروني، ڪتاب الهند، جلد پهريون، ص151

(1)   عجائب الاسفار، جلد ٻيو، ذڪر سيوستان.

(2)   بحوالہ شعر العجم، جلد ٻيو، ذڪر امير خسرو.

(3)   عجائب الاسفار، جلد ٻيو، ذڪر سيوستان.

(1)   ابن بطوطہ، نفيس اڪيڊمي 1961ع ص ص 486-487

(1)   مولوي سيد ابوالحسن، آئينه آئوڌ، مطبوع نامي ڪانپور ص80

H. M.  Blliot (Downson) History of  India Vol: PP-379

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org