سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 6

صفحو :8

 

باب ستون

سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ اسلامي درسگاهه

 

(الف) سما سلاطين جن 675هه/ 1351ع کان 923هه/1519ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي، جي ڪڏهن دهلي جي ماتحت هئا ته ڪڏهن خودمختيار رهيا، سي چندرونشي راجپوت هئا. دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻي جامبوتي جي وڏي پٽ سامبا، سنڌو ندي جي ٻنهي ڪپن تي زابلستان تائين حڪومت جو پايو وڌو، جنهن جو تختگاهه ”سمبانگر“ يا ”مينانگر“ ساموئي وٽ هو. اها حڪومت ”سنڌ سمه“ سڏبي هئي. ابتدا ۾ سمن جي مدد سان سومرن سنڌ تي قبضو ڪيو، پر جيسين سمن سان سندن ٺاهه رهيو، تيسين سومرن جي صاحبي قائم رهي.(1) وري جڏهن سومرن جي حڪومت مضبوط ٿي، تڏهن سمن سان اُرهه زورائي ڪرڻ لڳا. جيڪي سما ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا، تن اُتي پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي. سومرن جي پوئين حاڪم همير (ارميل) کي سمن سندس گهر ۾ قتل ڪري تخت تي قبضو ڪري ورتو، ڄام انڙ سمن جو پهريون حاڪم هو. سما اُچ ۾ ملتان جي مشائخن جا مريد هئا.

سمن جو اوائلي تختگاهه ”سمانگر“ هو. ڪيترائي ڀيرا ويران ٿي وري جُڙيو، جنهن جا آثار مڪلي کان اتر اولهه طرف دڙن جي صورت ۾ اڃا به بيٺل آهن.(2) ڄام نندي جي ڏينهن ۾ هاڻوڪي ٺٽي جي بنياد پوڻ ڪري، ساموئي ۽ ڪلام ڪوٽ افسانا بنجي ويا ۽ هينئر مڪلي وانگر شهر خموشان آهن.

سمن جي ڏينهن ۾ بکر، سيوهڻ ۾ ڪاهان (ڳاهو) تعليم جا مرڪز هئا. سمن جي ابتدائي زماني ۾ بکر ۽ سيوهڻ تي دهلي جي سلاطين پاران نواب مقرر ٿي ايندا هئا. سيوهڻ جي پسگردائي وارن شهرن ڪاهان، بوبڪ ۽ ٽلٽيءَ ۾ عالم، قاضي ۽ درويش رهندا هئا. ڪاهان ۾ شيراز ۽ هرات جا علماءَ جيئن ته مخدوم عبدالعزيز ابهري، مولانا اثير الدين ابهري ۽ سندس پٽ مولانا محمد رهندا هئا، اهي سن928هه/1521ع ۾ ڪاهان پهتا هئا.

سمن جي صاحبي ۾ سرزمين سنڌ جا جهونا شهر عرب جي علمي مرڪزن، جهڙوڪ بغداد، دمشق ۽ ڪوفي جي هم پلئه هئا. انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ سيوهڻ، بکر، ٺٽو، درٻيلو، ٽلٽي (بوبڪ به) ڳاهو (ڪاهان)، ٻٻرلوءِ (جهار باغ)، هاله ڪنڊي، نصرپور، اگهاماڻو (اگهم ڪوٽ) ۽ ٻيا شهر اسلامي مدرسن ۽ درسگاهن سان ڀرپور هئا. انهن مرڪزن ۾ اسلامي علوم ۽ فنون، جهڙوڪ حديث، فقهه تفسير، قراءَت، صرف نحو ۽ علم معاني وغيره جو درس ڏنو ويندو هو. سنڌ جي سمن حاڪمن جي علم پروري ڪري ڪيترائي عربي ڪهي اچي سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿيا. عربي عالمن کان سواءِ خالص سنڌين به عربي زبان ۽ ادب ۾ وڏو عبور حاصل ڪيو. انهيءَ زماني جي عالمن جو معيار علمي لحاظ کان ڏاڍو بلند هو.

بادشاهه محمد تغلق پڻ پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ جي شهرن بکر ۽ سيوهڻ ۾ مسجدون، مدرسا ۽ خانقاهون ٺهرايون، جن ۾ خراسان ۽ هرات جا شاگرد تعليم وٺندا هئا.(1)

انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ اسلامي مدرسن ۽ درسگاهن ۾ قراءَت، تفسير، حديث ۽ فقهه جا مضمون شامل هئا. ازانسواءِ ٻي اسلامي دنيا سان رابطي رکڻ لاءِ ٻيون ٻوليون پڻ سيکاريون وينديون هيون. ازانسواءِ منطق، رياضي، هيئت، اقليدس ۽ خطاطي پڻ نصاب ۾ شامل هئا.(1)

مشهور سمو سلطان ڄام نظام الدين وڏو علم دوست ۽ عالمن جو سرپرست هو ۽ وٽس چڱو ڪتب خانو موجود هو. سندس ڀاءُ ڄام بايزيد، سندس بيرخي ڪري ملتان جي لانگاهه حسين شاهه بن قطب الدين جي درٻار ۾ پهتو، جنهن کي شور ڪوٽ جاگير طور ڏنو. ڄام يزيد پاڻ عالم هو ۽ سندس درٻار ۾ عالم ۽ فاضل رهندا هئا. شيخ جمال الدين قريشي، جيڪو شيخ عالم قريشي جي اولاد مان هو ۽ مختلف علوم و فنون جو ماهر هو، تنهن کي بايزيد پنهنجو وزير مقرر ڪيو.(2) ڄام بايزيد ۽ مخدوم نوح رح جي خليفي بهاءُ الدين گودڙي وٽ وڏا ڪتب خانه هئا.(3)

ڄام فيروز هڪ صلح پسند، ديندار ۽ علم پرور حاڪم هو. هن پنهنجي حڪومت جي چاليهن سالن جي عرصي ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مدرسا ٺهرايا. قاضي عبدالله نالي هڪ خدا پرست بزرگ، جنهن جي تربت مڪلي ٽڪري تي شيخ حماد جمالي جي قبي پٺيان آهي، تنهن جي جنازي نماز به ڄام فيروز پڙهائي هئي. ڄام فيروز 1508ع ۾ وفات ڪئي.

ارغون (1521ع کان 1555ع تائين):

سمن کان پوءِ سنڌ ۾ ارغونن جو راڄ قائم ٿيو، جيڪي چنگيز خان جو اولاد هئا. ارغون خان بن اباقا خان ولد هلاڪو خان بن تولي بن چنگيز خان. ارغون خان پنهنجي پيءُ اباقا خان جي ڏينهن ۾ خراسان جو بادشاهه هو.

شاهه بيگ ولد مير حسن مصري ارغون ٺٽي تي قبضو ڪري، ڄام فيروز کي قيد ڪري، تخت تي ويٺو.(1) شاهه بيگ ارغون 928هه/1521ع ۾ اگهم ڪوٽ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ پٽس مرزا شاهه حسن نه رڳو سموري سنڌ تي قبضو ڪيو، پر هن ملتان ۽ گجرات تائين ڪاهون ڪيون.

مرزا شاهه بيگ وڏو عالم، فاضل ۽ نيڪ بخت حاڪم هو. قنڌار واري زماني ۾ علمائن جي صحبت ۾ گذاريائين. علم نحو جي ڪتاب ”ڪافيه“ جي شرح ”عقائد نسفي“ جي شرح، ”مطالع منطق“ جي شرح ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا عربي ۾ تصنيف ڪيائين. مهدي جونپوريءَ سان علمائن جي روبرو قنڌار ۾ بحث ڪيو هئائين.(2)

ڄام صلاح الدين جي سوٽ سان مظفر شاهه حليم بن محمود شاهه گجرات جي حاڪم جي ڌيءَ شادي ڪئي هئي. مظفر شاهه، علامه محمد بن محمد يحيٰ جو شاگرد هو ۽ حديث علامه جمال الدين محمد بن عمر بحرقه کان پڙهيو هو. مرزا شاهه حسن ارغون سن967هه/ 1560ع ۾ لاولد وفات ڪئي. سندس جنازو مڪي شريف ڏانهن موڪليو ويو. هيءُ پڻ پيءُ وانگر وڏو عالم ۽ سخن فهم شاعر ٿي گذريو.

ترخان (1555ع کان 1592ع تائين):

967هه ۾ مرزا شاهه حسن لاولد وفات ڪري ويو. سندس وفات کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. بکر کان سيوهڻ تائين سلطان محمود ڪوڪلتاش حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ سيوهڻ کان لاهري بندر تائين مرزا عيسيٰ خان ترخان حڪومت سنڀالي. ٻئي شاهه بيگ ارغون جا سپهه سالار هئا. مرزا عيسيٰ خان بکر فتح ڪرڻ جي ارادي سان ٺٽي مان لشڪر وٺي نڪتو. سندس غير حاضريءَ ۾ 1555ع ۾ پورچوگيزن ٺٽي کي ڦري لُٽي شهر کي باهه ڏني.(1)

کانئس پوءِ مرزا محمد باقي ٺٽي جو حاڪم ٿيو، جنهن رعيت تي ظلم ڪيا. سلطان محمود کي فقط هڪڙي نياڻي هئي، جنهن سان شهنشاهه اڪبر شادي ڪئي.

982هه ۾ سلطان محمود جي وفات کان پوءِ بکر تي دهلي درٻار پاران مغل نواب حڪومت ڪرڻ لڳا. 993هه ۾ مرزا محمد باقي جي خودڪشي کان پوءِ جاني بيگ ٺٽي جو حاڪم ٿيو، جنهن کي 1001هه/1592ع ۾ اڪبري سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان شڪست ڏيئي، لاڙ واري حصي کي به مغليه سلطنت سان گڏي ڇڏيو.

مرزا غازي بيگ پوريون ترخاني هو، جنهن کي جهانگير ٺٽو، ملتان ۽ قنڌار جاگير ۾ ڏنا هئا، مگر 1021هه ۾ سندس هڪڙي غلام کيس زهر ڏيئي ماري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ 1023هه ۾ دهلي پاران مغليه نواب ٺٽي تي حڪومت ڪرڻ لڳا.

ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سنڌ جا ٻه تختگاهه ٺٽو ۽ بکر علمي لحاظ سان ”ارض- معموره“ سڏجڻ لڳا.(1) ٻنهي گهراڻن جا ترڪستان ۽ ايران سان تعلقات هئا، تنهن ڪري گهڻن ئي بزرگن، اهل قلم ۽ عالمن سندن فياضي ۽ علم پروري جي ڪري سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ارغونن مان شاهه بيگ، شاهه حسن ۽ ترخانن مان جاني بيگ، غازي بيگ توڙي محمود ڪوڪلتاش شاعرانه مذاق رکندڙ هئا.(2) حڪومت جي زبان فارسي هئي، تنهن ڪري ان زبان زور ورتو. علماء، مورخ ۽ شعرا سڀ فارسيءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳا. بکر، سيوهڻ، نصرپور، ٺٽو ۽ سکر علوم ۽ فنون جا مرڪز بنجي ويا. ان دور جي جن مدرسن ۽ عالمن جو احوال دستياب ٿي سگهيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو:

بوبڪ

سنڌ ۾ جيڪي علمي مرڪز ۽ درسگاهه رهيا آهن، انهن مان بوبڪ کي وڏي مرڪزي حيثيت رهي آهي. اهو شهر دادو ضلعي ۾ سيوهڻ کان اولهه پاسي اٺ ميل کن پري آهي. شهر تي اهو نالو ڪيئن پيو، تنهن بابت مختلف روايتون آهن. هڪڙي روايت موجب بوبڪ گاهه آهي، جيڪو سواءِ انهيءَ جاءِ جي ٻئي هنڌ نٿو ٿئي (مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي). پر اصل تحقيق اها آهي، جيڪا مخدوم محمد جعفر بوبڪائي پنهنجي ڪتاب ”المتانہ“ جي حاشيه تي لکي آهي ته جنهن اهو شهر آباد ڪيو، تنهن جو نالو ابوبڪر هو، جو بگڙي بوبڪر ٿي پيو.(1)

بوبڪ جي شهر ۾ ڪيترين صدين کان آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جي چاچي حضرت عباس رضي الله عنہ جو اولاد رهندڙ آهي، جن کي مخدومي جو لقب مليل آهي. اهو لقب مٿن علمي مشهوري ڪري پيو. هن خاندان مان ڪيترائي مدبر عالم پيدا ٿيا، جن مان مخدوم عبدالڪريم ميران (وفات 949هه) ۽ ان جو صاحبزادو مخدوم محمد جعفر رح گهڻو مشهور آهن. دنيا جي اسلامي ملڪن ۽ علمي مرڪزن ۾ به سندن ڌاڪ ويٺل آهي.

مخدوم عبدالڪريم ميران جي بوبڪ ۾ وڏي درسگاهه هئي، جنهن مان نه رڳو سنڌ پرايو، پر پوري برصغير فيض پرايو. شيخ يوسف پاٽائي سنڌي جو پٽ علامه طاهر محدث سنڌي، علامه حڪيم محمد عثمان بوبڪائي، بوبڪ جي انهيءَ درسگاهه مان فيض حاصل ڪيو ۽ مخدوم عبدالڪريم ميران ابن علامه يعقوب بوبڪائي جا شاگرد هئا. اهي ٻئي سنڌي عالم برهانپور پهتا ۽ اتي هڪ وڏي درسگاهه قائم ڪيائون، جنهن مان هندستان جي ڪيترن طالب علمن فيض پرايو ۽ ان دور ۾ هندستان ۾ هنن سنڌي عالمن حديث جي وڏي اشاعت ڪئي. مرزا حسن بيگ ارغون پڻ مخدوم عبدالڪريم ميران بوبڪائي جو شاگرد هو. مخدوم ميران صاحب جي تاريخ وفات ”علامه وارث الانبياءَ“ مان ورتي ويئي، جا 949هه آهي ۽ سندس قبر ڪوهه مڪلي تي آهي

تذڪره غوثي وارو لکي ٿو ته علامه حڪيم عثمان پٽ شيخ عيسيٰ پٽ شيخ ابراهيم صديقي بوبڪائي وٽ، تذڪره غوثي جو مؤلف (شيخ محمد غوثي)، قاضي نصير الدين پٽ شيخ سراج محمد بناني، شيخ صالح سنڌي، قاضي عبدالسلام سنڌي (جنهن فقهه جي مشغول متن الوقايہ جي شرح لکي) ۽ شيخ سڪه (جيڪو شيخ يوسف بنگالي جو ڄاٽو هو) ۽ ٻي وڏي مخلوق فيض پرايو.

علامه حڪيم عثمان نه رڳو هڪ استاد هو، پر هن تصنيف ۽ تاليف ۾ به وڏا علمي ڪارناما پويان ڇڏيا. مثلاً صحيح بخاري جي شرح، تفسير بيضاوي تي لکيل هڪ حاشيه، ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. هو وڏو پرهيزگار زاهد انسان هو. شبهي واري کاتي کان هميشه پاسو ڪندو هو. چاليهه سال برابر هن ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جو کاڌو نه کاڌو. ماهه شعبان 1008هه ۾ پنهنجي عيال سميت ڪنهن پاسي وڃي رهيو  هو ته چورن هٿان پنهنجي سترهن ڀاتين سميت شهيد ٿي ويو.

علامه مخدوم محمد جعفر پنهنجي والد مخدوم عبدالڪريم ميران جي ٺٽي وڃڻ کان پوءِ بوبڪ جي درسگاهه کي سنڀالڻ لڳو. هن بزرگ پنهنجي والد وٽ فيض پرايو ۽ علم حديث جي سند ان دور جي وڏي محدث محمد بن محمد بن محمد البڪري الشافعي کان مڪي مڪرم ۾ حاصل ڪيائين. مخدوم محمد جعفر بوبڪائي نه رڳو حديث ۽ فقهه جو ماهر هو، پر حڪمت، نجوم، جفر ۽ رمل ۾ به وڏي مهارت رکندڙ هو. پر پنهنجي عمر جي پوئين دور ۾ انهن سڀن شغلن کي ڇڏي رڳو حديث ۽ تصوف جي مطالعي ۾ مشغول رهيو.

فقهه ۾ سندس خصوصيت اها آهي جو تصوف سان شغف هوندي به هو شيخ الاسلام ابن تيميه جي خيالن جو پوئلڳ هو ۽ هن جي تحقيقات کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. مير معصوم بکري، مخدوم محمد جعفر جو معاصر آهي، پر تڏهن به هن بزرگ جو احوال رڳو هڪ ٻن سٽن ۾ ڏنو اٿس ته ”هو هڪ وڏو سنڌي عالم هو، جنهن مرزا عيسيٰ ترخان کان نقل ڪيو ته انهي لُٽ ۾ باغن جي نارن تان هزار اُٺ بوبڪن ۽ ان جي آسپاس کان لٽي ويو، جيڪي رات جو هرلن ۾ ٻڌل هئا.“

تذڪره غوثيه (گلزار ابرار)، تحفة الڪرام، مقالات الشعراءَ وغيره ۾ به مخدوم محمد جعفر لاءِ مختصر احوال آيل آهي. سندس وفات جي تاريخ جي ڪابه پوري خبر نه پئجي سگهي، اندازو اهو آهي ته پاڻ ڏهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ وفات ڪيائين. هن بزرگ بوبڪ جي درسگاهه ۾ جيڪو فيض ڏنو، ان سڄي سنڌ کي سيراب ڪري ڇڏيو. سندس اولاد مان مخدوم نجم الدين وٽس پڙهيو ۽ ان کان مخدوم حامد ۽ مخدوم عبدالغني فيض پرايو. اهڙيءَ طرح انهيءَ درسگاهه جو فيض ٺٽي ۾ به پهتو. مخدوم بايزيد ٺٽوي پڻ مخدوم جعفر جي اولاد کان فيض پرايو ۽ ساڳي ريت هالا جو مخدوم پير محمد پڻ انهيءَ درسگاهه جو شاگرد آهي، جنهن مخدوم جعفر رح جي شاگردن جي شاگردن کان فيض پرايو.

مخدوم محمد جعفر اهو پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن ڏهين صدي هجريءَ ۾ درس تدريس سان گڏ تصنيف و تاليف جو شغل به جاري رکيو. سندس تصنيفات مان سڀ کان وڏي اهميت جو ڪتاب ”المتانہ في مرمت الخزانة“ آهي، جيڪو فقهه حنفي متعلق 652 صفحن تي لکيل آهي ۽ سنڌي عالمن هن کي پنهنجي فتوائن جوماخذ قرار ڏنو، جو سنڌ ۾ فقهي فتويٰ جي خيال کان اهو پهريون ڪتاب شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي نه رڳو سنڌ وارن، پر ٻاهرين اسلامي ملڪن ۾ حنفي فقهه جا جيڪي محدث مخدوم محمد جعفرکان پوءِ ٿي گذريا، تن به پنهنجي تصنيفن ۾ هن ڪتاب جا حوالا آندا آهن. هن ڪتاب جا قلمي نسخا نه رڳو سنڌ ۾، پر مدينه منوره ۽ مڪي مڪرمه جي ڪتب خانن ۾ اڄ به موجود آهن.(1) ٻيو ڪتاب ”الصادق المصنف المحق بدلائل التي هي التقديم احري واحق“ علم حديث تي لکيل آهي ۽ ان ۾ روايتن جي صحت ۽ ضعف بابت بحث ٿيل آهي.(2) انهيءَ رسالي جي ڪن عبارتن تان مخدوم عبداللطيف پٽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”ذب ذبابات الدراسات“ ۾ دليل ورتو آهي. ٽيون ڪتاب ”حاصل النهج“ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل رسالو آهي، جيڪو پنهنجي موضوع تي منفرد آهي. ترتيب ۽ تعليم جي فلسفي تي بحث ٿيل آهي، ۽ ان ۾ جيڪي تعليم جا اصول بيان ڪيا ويا آهن، سي ائين پيا لڳن، ڄڻ ته اڄوڪي دور لاءِ لکيا ويا آهن. مصنف هن ڪتاب جي شروع ۾ حمد ۽ صلوات کان پوءِ لکي ٿو ته تعليم پرائڻ جي طريقي تي مون اڳ ڪتاب ”نهج التعلم“ لکيو هو، پوءِ ان جو خلاصو ڪڍي ان جو نالو”حاصل النهج“ رکيم ته جيئن سڀڪو شاگرد هن مختصر رسالي کان واقف ٿئي ۽ پڙهڻ ۾ ان کي پوري بصيرت حاصل ٿئي. جنهن کي وڌيڪ اپٽار کپي ته اهو پهرئين ڪتاب کي ڏسي.(3)

عجائبة الطالبين فن حديث جو رسالو آهي، جنهن ۾ ڪن موضوع حديثن جي نشاندهي ڪيل آهي. اهو رسالو مولانا قاسمي صاحب جن جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي ”رساله فتح الدين“ ۾ فقر ۽ فاقه کي دور ڪرڻ جا علاج ٻڌايا ويا آهن، جيڪي نبي سائين ۽ ٻين مشائخن کان روايت ڪيل آهن. انهيءَ رسالي جا نسخا پير حسام الدين راشدي، ميان عبدالحق کنياروي ۽ خود مصنف جي اولاد وٽ موجود آهن. ”حل العقود في طلاق السنود“ اهو فقه جو رسالو آهي، جو ڪٿي به نٿو ملي. البت مخدوم محمد هاشم پنهنجي هڪ رسالي ”تمام العنايت“ ۾ طلاق تي بحث ڪندي، انهيءَ ڪتاب مان هڪ عبارت نقل ڪئي آهي.

حڪيم عثمان بوبڪائي:

حڪيم عثمان پٽ شيخ عيسيٰ بن شيخ ابراهيم صديقي، بوبڪن ۾ ڄائو ۽ سنڌ جي جدا جدا استادن وٽ تعليم حاصل ڪيائين. گهڻو وقت مخدوم عباس محمد پاٽائي جي خدمت ۾ معقول ۽ منقول جي تحصيل ڪيائين. ان کان پوءِ شيخ وجيهه الدين علوي احمد آبادي وٽان ڪيترائي علم حاصل ڪيائين ۽ قاضي محمود موزمي ۽ شيخ حسين بغداديءَ کان به علمي فائدا ورتائين. ان بعد سالن جا سال برهانپور جي محلي سنڌي پوره ۾ درس ڏيندو رهيو. شيخ عيسيٰ برهانپوري سنڌي، علامه قاضي عبدالسلام سنڌي (”مختصر وقايہ“ تي شرح جو مصنف)، شيخ نصير الدين پٽ شيخ سراج محمد بينائي، مولانا صالح سنڌي، شيخ يوسف بنگالي جو ناٺي شيخ سکهعجي، سيد محمد غوثي (مصنف ”تذۡره گلزار ابرار“)، اهي سمورا حڪيم صاحب جا شاگرد آهن.

حڪيم صاحب سنڌ مان 983هه ۾ گجرات پهتو ۽ اتان برهانپور ويو، جتي کيس قضا ۽ فتويٰ جو عهدو سپرد ڪيو ويو. 27 سال فتويٰ سان گڏ مختلف علومن جو درس به ڏيندو رهيو. سندس تصنيفات مان ”تفسير بيضاويءَ جو حاشيو“ ۽ ”صحيح بخاري جي شرح“ نهايت مشهور ۽ مشڪل مسئلن جو حل پيش ڪندڙ آهن.(1)

ڪاهان (ڳاهو)

سيوهڻ کان اتر الهندي طرف اٽڪل ڏهن ڪوهن پنڌ تي ڪاهان (ڳاهو) نالي هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو سنڌ جي هاڪاري سوريچ دريا خان جي جاگير ۾ هو. سن 1521ع ۾ ازبڪن جي هرات تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري، تبحر ۽ تحقيق جي مصر جو عزيز، علم ۽ تدفيق جي ملڪ جو شهنشاهه هو. هو ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ جي بغاوت ڪري، پنهنجي ٻنهي عالي گوهر ۽ سراسر فضل ۽ سرتاپا هنر فرزند، هر هڪ مولانا اثير الدين، جنهن جي فضيلت ۽ جماليت جو آواز آسمان جي ايٿر کان لنگهي ويو هو ۽ مولانا يار محمد جو علمن جي جامعيت ۾ يگانو هو، سان گڏ، هرات کان ڳاهن جي ڳوٺ ۾ تشريف فرما ٿي، مواليد ثلثه وانگيان، انهيءَ سرزمين کي علم جي اشاعت سان روح ۽ سرور جو سرچشمو بنائي ڇڏيائون. اهي هميشه لاءِ اتي رهي پيا ۽ اتي ئي حياتيءَ جي ڪتاب جي مطالعي کان اڳ بند ڪيائون.

مشڪواة شريف جي شرح ۽ اڪثر مروج ڪتابن جي حاشين وغيره جهڙيون عجيب و غريب تصنيفون يادگار ڇڏي ويا. ڪاهان ۾ سندن ديني مدرسو هو، جنهن ۾ درس تدريس جو ڪم ڪندا هئا.(1) ارغونن جي دور ۾ ڪاهان ۾ مخدوم محمد فرخ پوٽي جو قديم مدرسو هو، جنهن ۾ هو اسلاميات پڙهائڻ جو ڪم ڪندو هو. قاضي عبدالله درٻيلوي به وٽس پڙهيو هو.

ٽلٽيءَ جي عظيم درسگاهه ۽ مخدوم بلال رح:

ٽلٽيءَ جو شهر سيوهڻ بعد جنگي نقطه نظر کان مرڪزي شهر هو. سمن جي زماني ۾ ارغونن سان هتي ٻه جنگيون لڙيون ويون. سيوهڻ کان پوءِ ٽلٽي، بوبڪ، ڪاهان (ڳاهو) ۽ پاٽ وڏا ڪشش جا مرڪز هئا. قديم وقت ۾ باغبان واري پرڳڻي ۾ به ٻه ڳوٺ هئا: هڪڙو ٽڳڙ ۽ ٻيو باغبان گڏ سڏيندا هئا. هاڻي ٽڳر ميهڙ تعلي ۽ باغبان دادو تعلقي ۾ آهي، هن وقت ان کي باغ واهڻ سڏين ٿا.

مخدوم بلال رح سمو، سنڌ جي سرزمين جي انهن مايه ناز سپوت فرزندن مان آهي، جن ديس واسين کي قرآن شريف، تفسير، حديث، فقهه، شريعت ۽ غزا جي شين کان روشناس ڪرايو. هي بزرگ ٽلٽيءَ جي تعلقي سيوهڻ جي واهڻ جو رهواسي هو، سندس ڄم جي سال جو پورو پتو نٿو پوي. پر وفات 929هه/1522ع ۾ ڪيائين. جيڪڏهن تاريخي عينڪ سان انهيءَ دور جو مطالعو ڪبو ته اهو عرصو سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ هڪ صبر آزما زمانو هو. 928هه/1522ع ۾ سنڌ تي ڌارين جو سنڌ تي تقريباً اڍائي سال قبضو رهيو. انهيءَ دور ۾ صوفيانه مهدوي تحريڪ ۽ بلالي تحريڪ جو باني سيد ميران شاهه جونپوري هو ۽ ٻئي جو بزرگ مخدوم بلال ٽلٽيءَ وارو هو.(1)

مخدوم بلال رح وڏو محدث ۽ فقيهه هو، سندس درسگاهه ظاهري علم جي پالوٽ سان گڏ روحاني فيض جو به وڏو مرڪز هو. سندس اوائلي زندگي ۽ ابتدائي تعليم جو ڪوبه پتو نه آهي، باقي مولانا غوثي بن حسن بن موسيٰ شطاري دکني ”گلزار ابرار“ ۾ سندس باري ۾ هدايت سنڌي برهانپوري جي روايت سان لکيو آهي ته، ”هن کي خواجه خضر کان روحاني فيض حاصل هو.“ ٽلٽيءَ جي ٻي جنگ ۾ مخدوم بلال اهم ڪردار ادا ڪيو هو. مخدوم صاحب ڪڏهن ڪڏهن موزون شعر به چوندو هو.(1)

مخدوم صاحب جي ڪيترائي مڻيادار معاصر ۽ رشيد شاگرد هن طرح هئا: مخدوم عربي ڌياڻو (وفات 980هه)، مخدوم اسحاق (وفات 932هه) ۽ سندس پٽ مخدوم احمد (وفات 959هه) ۽ ٻيو مخدوم احمد (وفات 963هه) هالا پراڻا، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار (ڏهين صدي هجري جي وچ ڌاري مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد جو معاصر)، مخدوم عبدالرشيد هالا پراڻا (وفات 936هه)، مخدوم جعفر بوبڪائي (وفات ڏهين صدي هجري جي آخر) درويش جرڪس ڳوٺ ونگي چاشڪان (وفات ڏهين صدي جي آخر)، مخدوم صدو لانگاهه (وفات 947هه)، قاضي قاضن قاضي ابو سعيد سيوستاني ثمر بکري (وفات 958هه) قاضي عبدالله (وفات 1009هه) بن قاضي ابراهيم درٻيلوي (باغبان ۽ رائوٽيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ مدينه منوره ويو، جتي 978هه ۾ وفات ڪيائين)، شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعيد درٻيلوي (وفات 984هه) جو به قاضي عبدالله جو مديني شريف ۾ وڃي رفيق ٿيو. مولانا يونس سمرقندي استاد شاه حسن ارغون، مير سيد صفائي به سيد مرتضي الحسيني الترمذي بکري (وفات 991هه)، غياث الدين بکري (وفات 928هه)، مير ابو سعيد پوراني بکري (وفات 953هه)، مخدوم محمود فخرپوٽو ڪاهاني (وفات 958هه)، مخدوم عبدالعزيز محدث ڪاهاني (مخدوم محمود جو معاصر) ۽ سندس پٽ مولانا اسير الدين ۽ مولانا يار محمد، شيخ قاسم ۽ سندس پٽ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي، شيخ طاهر محدث پاٽائي، (وفات 991هه)، مولانا يونس لاکو سنڌي ۽ مولانا شيخ مبارڪ پاٽائي (وفات 988هه)

مخدوم بلال رح جي شاگردن جي لنبي لسٽ آهي، پر انهن سڀني جو سرڪردو قاضي ڏتو بن قاضي شرف الدين عرب راهو سيوهاڻي هو. هن تفسير ۽ حديث جي تڪميل مخدوم بلال جي مدرسي ۾ ڪئي. قاضي ڏتو حافظ قرآن، ترڪي زبان جو ڄاڻو، علم نجوم، علم جفر ۽ ڪشف جو به ماهر هو. سيد حيدر شاهه سنائي، سنڌ ۾ بلالي فرقي کي فائق ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيو. مخدوم ساهڙ لنجار جو نالو به مخدوم بلال جي شاگردن ۾ اچي ٿو، جيڪو وقت جو وڏو آزاد، صالح ۽ ڄاڻو شخص هو. سدائين عبادت ۾ مشغول رهندو. مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو صديقي عبادتگذار ۽ متقي هو. حديث جي علم ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو، شرح اربعين، شرح ڪيداني ۽ ڪي ٻيا رسالا سندس قلمي ۽ علمي آثار آهن. سندس وفات همايوني جي دربدري واري زماني يعني 949هه/1522ع ڌاري ٿي ۽ مڪلي جي مٽيءَ ۾ مدفون آهي.(1)

شيخ شهاب الدين سهروردي پاٽائي:

هي بزرگ سيوهڻ، پاٽ ۽ برهانپوري جي صديقي خاندان جو وڏو ڏاڏو هو. هن پهريائين پاٽ جو شهر آباد ڪرايو، جنهن کي ”قبة الاسلام“ ڪري سڏيندا هئا. مگر هن وقت اهو شهر ڦٽي ويران ٿي ويو آهي ۽ ٻيو نئون شهر آباد ڪرايو ويو آهي. پوئين پاٽ جو بنياد مفتي عبدالله ڪبير جي زماني ۾ رکيو ويو هو.

شيخ شهاب الدين بن فتح محمد محدث، علم ۽ فضل جي لحاظ کان علماءِ اثر ۾ ممتاز درجو رکندڙ هو. سندس ولادت 1030هه ۾ ٿي. ننڍي عمر ۾ قرآن مجيد حافظ ڪيائين ۽ اعليٰ درجي جو قاري هو. کيس شيخ برهان الدين سندس خانقاهه سان متصل مسجد جو پيش امام مقرر ڪيو.(1)

شيخ شهاب الدين حديث، فقہ ۽ تفسير جو علم پنهنجي والد کان حاصل ڪيو. سندس والد جي مدينہ منوره ڏانهن هجرت کان پوءِ شيخ برهان الدين کان علم جي تڪميل ڪيائين ۽ کانئس تصوف جو ورد وٺي مسند ارشاد و هدايت تي ويٺو، سندس تصنيف مان رسالو ”تحفة الاوراد“ مقبول تاليف آهي، جنهن ۾ نماز جا مسئلا ۽ احڪام شرعيه تفصيل سان بيان ڪيا آهن. سندس معاصر صوفياءِ ڪرام ۽ مشائخ وڏي عزت ڪندا هئا. سن 894هه ۾ وفات ڪيائين، پنهنجي قائم ڪيل خانقاهه ۾ ئي مدفون آهي، سندس اولاد سموري هندستان ۾ علم ۽ فضل جي زيور سان آراسته آهي.(2)

شيخ طيب پاٽائي سنڌي:

طيب بن يوسف پاٽائي صديقي سنڌي علم حديث ۽ تصوف جو وڏو عالم، پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ شيخ طاهر محدث(1) سان پاٽ مان نڪرڻ کان پوءِ شهاب الدين واصل وٽ تصوف جا ڪتاب، جيئن ته امام غزالي جي ”منهاج العابدين“(2) وغيره پڙهيائين. ان کان پوءِ اهي بزرگ سفر ڪندي برهانپور ۾ اچي رهيا. شيخ طيب جو مفصل احوال ڪونه ٿو ملي، مگر ”تذڪره گلزار ابرار“ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شيخ طاهر جو وڏو ڀاءُ هو ۽ گجرات ۾ ابرار جي سفر ۾ ساڻ هو. هن بزرگ 950هه ۾ سنڌ کان ٻاهر وفات ڪئي.(3)

شيخ قاسم سنڌي پاٽائي:

قاسم بن شيخ يوسف محدث پاٽائي، سنڌي شيخ طاهر محدث جو ننڍو ڀاءُ ۽ وقت جي وڏي عالم ۽ صوفي مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ برهانپوري جو والد هو. تعليم پنهنجي والد ۽ شيخ شهاب الدين سنڌي وٽ حاصل ڪيائين. ميان جمال محمد گجراتي، جيڪو خود هڪ وڏو صوفي ۽ مفسر هو، تنهن جي چوڻ مطابق ”شيخ قاسم علم ۽ يڪتاءِ زمانه آهي.“ پاڻ تبليغ، درس و تدريس جي شغل کي پڻ جاري رکندو آيو.(4)

سندس وفات جي تاريخ معلوم ناهي، مگر مسيح الاولياءَ فرمايو ته ”مان اڃا پورو هوش ئي نه سنڀالي هو، جو منهنجو والد وفات ڪري ويو.“ ان لحاظ سان هن ڏهين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾ وفات ڪئي هوندي. جيئن ته مسيح الاولياءَ جي ولادت سن962هه ۾ ٿي، تنهن ڪري اندازاً 968هه يا ٿورو گهٽ وڌ هن بزرگ وفات ڪئي هوندي. سندس مقبرو برهانپور ۾ آهي.

شيخ مبارڪ پاٽائي:

پاٽ شهر کي آباد ڪندڙ شيخ مبارڪ جو ڏاڏو ۽ شيخ عيسيٰ پاٽائي برهانپور جو وڏو هو. شيخ مبارڪ، مخدوم عباس ابن جلال محدث جو شاگرد هو، جنهن وٽ سمورا ظاهري علم ختم ڪري احمد آباد (گجرات) ۾ پهتو. اتي جي ناصر الملڪ جي مشهور مسجد ۾ صدر مدرس مقرر ٿيو ۽ ڪيترا سال درس ڏيندو رهيو. ان کان پوءِ برهانپور ۾ اچي مقيم ٿيو. وقت جي حاڪم کيس قصبه جو پره جو قاضي مقرر ڪيو.

برهانپور ۾ لڌو (لاد جيو) سنڌي (وفات 1007هه) رهندو هو، جو ڏاڍي مِٺي سُر سان سنڌي ڪافيون ڳائيندو هو.(1) قاضي مبارڪ ان کان ڪافيون ٻڌندو هو. آخر قضا جو عهدو ڇڏي محدث طاهر بن يوسف سنڌي جي صحبت حاصل ڪرڻ لاءِ برهانپور ۾ اچي رهيو، جتي وٽس شيخ عيسيٰ جندالله ڪجهه ڪتاب پڙهايا ۽ پاڻ وري دنيا کي ترڪ ڪري شيخ لشڪر محمد عارف(2) جي بيعت ڪري سندس صحبت ۾ رهيو۽ رساله ”قيصره“(3) وٽس پڙهي، توحيد جي مسئلي کي سمجهيائين. سن978هه ۾ هن دارالفاني مان لاڏاڻو ڪيائين. شيخ ابراهيم بن عمر سنڌيءَ جي گنبذ ۾ دفنايل آهي.(1)

محدث طاهر بن يوسف پاٽائي:

طاهر بن يوسف بن رڪن الدين بن معروف بن شهاب الدين بن شيخ يوسف صديقي پاٽائي کي ٽي فرزند هئا: طيب، طاهر ۽ قاسم. انهن مان هرهڪ وڏو عالم، محدث ۽ فرد ڪامل هو. شيخ طاهر هجري ڏهين صدي جي پهرئين ڏهي ۾ پاٽ ۾ تولد ٿيو. رسمي علم ڪجهه پنهنجي والد وٽ پڙهيائين ۽ ڪجهه مخدوم ميران ۽ مخدوم جعفر بوبڪائي وٽ حاصل ڪيائين. شهاب الدين وٽ رهي ”قطبي شرح شمسيہ“ منطق پڙهڻ جو عرض ڪيائين، پر شيخ شهاب الدين کيس امام غزالي جي ڪتاب ”منهاج العابدين“ پڙهڻ جو ارشاد ڪيو.

سن 950هه ۾ سنڌ مان گجرات ڏانهن روانو ٿيو ۽ ايرجپور ۾ پهچي شيخ محمد غوث گواليار جي صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايائين. ايزجپور (ايلچه پور) ۾ شيخ طاهر تمام گهڻو وقت ماڻهن کي درس ڏيندو رهيو ۽ تصوف جي تلقين به ڪندو هو. وقت جي حاڪم علي عادل شاهه(2) سندس درس لاءِ خانقاهه تيار ڪرائي، جتي ماڻهن کي فيض پهچائڻ ۾ سرگرم رهيو. هن هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيا:

(1)     تفسير مجمع البحار طاهري، جيڪو امام قشيري جي ڪتاب اللطائف جي طرز تي لکيل آهي.

(2)    مختصر قوت القوب.

(3)    انتخاب مواهب لدنيہ

(4)    ملتقط جمع الجوامع سيوطي.

(5)     صحيح بخاري جي شرح قسطلاني جو اختصار، جيڪو ٻارهن جلدن ۾ پورو  ٿيو.

(6)    تفسير مدارج جو اختصار.

(7)    اسماءِ رجال صحيح بخاري.

(8)    رياض الصالحين (هن ڪتاب ۾ 3 باب آهن) هن بزرگ جي وفات سن1004هه ۾ ٿي.

مخدوم شحاب الدين واصل سنڌي:

علم وارو عالم ۽ حضور دل وارو ڪامل هو. سندس ڳوٺ کي شهاب الدين جو ڳوٺ ڪري سڏيندا هئا. هن بزرگ وٽ شيخ طيب، طاهر ۽ سندس والد مخدوم يوسف پاٽائي پڙهيا. نه فقط ”منهاج العابدين“ وٽس پڙهيائون، پر تصوف جو علم پڻ وٽانئس ئي حاصل ڪيو هئائون.

مخدوم شهاب الدين جي وفات ڏهين صدي هجري ۾ ٿي ۽ سندس اولاد ۽ خانقاهه يارهين صدي تائين ”تذڪره گلزار ابرار“ جي لکندڙ جي زماني تائين موجود هو، مگر موجوده وقت ۾ ان جو يا سندس خاندان جو ڪوبه پتو ڪونه پوي.

بيبي جمال خاتون سيوستاني:

هيءَ بيبي عالم اسلام جي مشهور ۽ عارف ميان مير سنڌي لاهوريءَ جي ڀيڻ هئي. نهايت ئي عارفه ۽ زاهده هئي. علم، ترڪ ۽ توڪل ۾ بيبي رابعه بصري جي برابر هئي. هن تعليم، تصوف ۽ تجريد جي راهه رسم پنهنجي والده سڳوريءَ ۽ سڳي ڀاءُ کان حاصل ڪيائين.

بيبي صاحبه درس ۽ تدريس جو ڪم پنهنجي گهر ۾ ڪندي هئي. سن 1049هه ۾ وفات ڪيائين.(1)

هالڪنڊي (هالا)

هالڪنڊي يا هاله ڪنڊي (هالا پراڻا) مدت کان سنڌ جو هڪ پرڳڻو شمار پئي رهيو آهي. هن وقت به تاريخي لحاظ کان خاصي شهرت رکي ٿو. هالا پراڻا ۽ هالا نوان هڪ ٻئي کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهن. هاڻوڪو هالا نوان اول مرتضيٰ آباد سڏجڻ لڳو، پر بعد ۾ ان کي به هالا چيو ويو.

مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ ڄام هالي جي ذڪر ۾ اچي ٿو ته هالا قوم جي وڏي ڄام هالار جو هاله ڪنڊي شهر ٻڌايل آهي.(1)

ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن کان شڪست کائي گجرات ۾ ڀڄي ويو. مرزا شاهه حسن ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي ٺٽي شهر ۾ لٿو ۽ تغلق آباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ڇهن مهينن کان پوءِ هاله ڪنڊي (هالا) جي رستي 930هه ۾ سيوستان ويو.(2)

هن وقت هالا (هاله ڪنڊي) حيدرآباد ضلعي جو هڪ تاريخي شهر آهي، جنهن پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي برگزيده عالمن ۽ متبرڪ هستين کي جنم ڏنو. هتي ڪيترائي عالم ۽ فاضل عارف ۽ زاهد، بزرگ ۽ اولياءَ الله ٿي گذريا. هي شهر نه فقط علم ادب، ديني تعليم و تربيت، اسلامي دراسگاهن جو ڳڙهه ٿي رهيو آهي، پر خدا وارن جو آرامگاهه پڻ آهي. هتي جي عالمن، فاضلن ۽ بزرگن ۽ سندن قائم ڪيل درسگاهن جو جيڪو احوال معلوم ٿيو آهي، ان جو هتي ذڪر ڪجي ٿو:


(1)   انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا (ڇاپو يارهون) جلد 25، ص143 ۽ انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام، مضمون ”سمہ“

(2)   بلاذري، فتوح البلدان ص345، ليڊن بلاذري سمن کي سمہ“ بنو ڪنده جا آزاد ڪيل غلام لکي ٿو.

(1)   مولائي شيدائي، جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ 1958، ص303

(1)   مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام جلد ٽيون ص143.

(2)   ايضاً

ڄام بايزيد جي علم پروري جي هاڪ ٻڌي خراسان ۽ هند جا ڪيترائي عالم اچي وٽس گڏ ٿيا. هن شيخ جمال الدين قريشي، مولانا فتح الله، مولانا عزيزالله، مير عماد گرديزي، مرزا شهيد، مرزا شيخ بهاءُ الدين قريشي، مولانا بهلول ۽ قاضي محمد وغيره جي مدد سان ملتان ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو. ان ۾ مولانا ابراهيم جامعي سٺ ورهين تائين فقهه جي تعليم ڏيندو رهيو. مولانا سعيد الدين لاهوري به هن ئي مدرسي ۾ استاد ٿي رهيو.

(3)   ابو ظفر ندوي، مختصر تاريخ هندي، ص ص96-101

شيخ بهاءُ الدين گودڙيہ جي ڪتبخاني کي ٺٽي جي مغل نواب ساڙائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو شهزادو خرم (شاهجهان) وٽس دعا گهرڻ آيو هو. (سفينة النوح، قلمي)

(1)   مير علي شير قانع، تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع، ص143.

(2)   مولوي نجم الغني رامپوري، مذاهب اسلام، ذڪر ميران مهندي جونپوري

(1)   M. R. Haig: The Indus delta Country London, 1894.

(1)   رحيمداد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ سنڌي ادبي بورڊ 1958ع، ص372

(2)   ايضاً ص372

(1)   مولانا قاسمي صاحب (مقدمة المتانہ) 1962ع ص3

(1)   اهڙن ٽن قلمي نسخن تان، جن مان هڪڙو 1128هه جو لکيل آهي، مولانا قاسمي صاحب جي تحقيق سان صحيح نسخو تيار ٿيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.

(2)   اهو رسالو 1219هه جو نقل ٿيل، سنڌ يونيورسٽي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

(3)   نهج التعلم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ مقدمي سان سنڌ يونيورسٽي سن1969ع ۾ شايع ڪرايو آهي.

(1)   تذڪره گلذار ابرار ص445

(1)   مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“ سنڌي ادبي بورڊ 1957، ص360.

(1)   الرحيم، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، نومبر 1972ع ص7 سير العارفين جو مصنف جمالي دهلوي، ايران جي سفر کان موٽندي مخدوم بلال سان ملاقاتي ٿيو ۽ ساڻس صحبتون ڪيائون، مخدوم بلال ”عوارف“ جا چند مقالات کانئس پڙهيا (سير العارفين، مطبوعہ دهلي، اردو ادب علي ڳڙهه 14-1 ص22)

(1)   مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام سنڌي ادبي بورڊ ص360

(1)   الرحيم، شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد نومبر 1972، ص 9-10 ارغونن جي دور ۾ مخدوم دين محمد پاٽ ۾ مشهور عالم هو، جنهن شهر جي مسجد ۾ وڏو ديني مدرسي کوليو. هن مدرسي ۾ وقت جي ڪيترن عالمن علمي فراغت حاصل ڪئي هئي. اڄ به انهيءَ مدرسي ۽ مسجد جا پراڻا کنڊرات پاٽ جي تباهه ٿيل ويراني ۾ ملن ٿا.

(1)   سيد محمد مطيع الله راشدي برهانپوري، برهان پور ڪي سندهي اولياءَ 1957ع، ص169.

(2)   قلمي سودات ميان حبيب الله سيوستاني.

(1)   تذڪره گلزار ابرار ص326.

(2)   منهاج العابدين الي الجنة (تصوف) مطبوع 1288هه.

(3)   گلزار ابرار ص426

(4)   تذڪره گلزار، ص397

(1)   گلزار ابرار ص443

(2)   هي بزرگ برهانپور جو رهاڪو هڪ وڏو ولي ۽ توڪل جو صاحب هو. شيخ عيسيٰ جندالله ۽ ٻيا سوين ماڻهو سندس صحبتي ۽ مريد هئا. 993هه ۾ وفات ڪيائين. ماده سال وفات سندس نالي (لشڪر محمد عارف) مان نڪري ٿو

993هه

گلزار ابرار ص361-396

(3)   شرح قيصري جو مقدمو، گلزار ابرار ص316

(1)   ايضاً ص ص315-316

(2)   تذڪره گلزار ابرار، ص426-433 ۽ برهانپور کي سندهي اولياءَ، ص ص1-14

(1)   مهاج العابدين الي الجنة (فارسي) ص215، سڪينة الاولياءَ اردو، ص153 ۽ فارسي ص182 (تهران)

(1)   مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ ص205

(2)   ايضاً ص198

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org