سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 10

صفحو :13

 

باب ڏهون

ڏاهر جو پٽ جئه سنگهه ۽ محمد بن قاسم

جئه سنگهه کي پنهنجي جرئت ۽ دليريءَ تي وڏو ناز هو، ان کان سواءِ هن کي عرب سردار محمد علافي جي بهادري ۽ ڪار گذارين تي به ڀروسو هو. پيءُ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ هن جي دل ۾ بدلي جو جذبو پيدا ٿيو، هن پنهنجي جانباز بهادرن کي چيو”هاڻي ارادو آهي ته آئون به عربن جي مقابلي لاءِ نڪران ۽ انهن جي فوج تي هڪ اهڙو حملو ڪريان جو منهنجي نالي ۽ منهنجي عزت تي ماڻهن کي آڱر کڻڻ جو موقعو نه ملي. بهادري ۽ دليريءَ سان جيڪڏهن مارجي ويس تڏهن به ڪو نقصان ناهي، ان ڪري جو هن زندگيءَ کان مرڻ بهتر آهي. ان جي اها تقرير مري ويل راجا ڏاهر جي مدبر ۽ تجربيڪار وزير سيساڪر ٻڌي ته خير خواهي جي جوش ۾ ادب سان عرض ڪيو ”شهزادا ان خيال کي اوهان دل مان ڪڍي ڇڏيو، اهو ارادو بلڪل ٺيڪ نه آهي، مهاراج لڙائي ۾ مارجي ويو. فوج بدتر شڪست کاڌي، سپاهي منتشر ٿي ويا ۽ دشمنن جي تلوار جي ڌاڪ دلين ۾ ويهي رهي. ڀلا هاڻ ڪنهن ۾ دم آهي جو عربن سان مقابلو ڪري، اڃان تائين اوهان جو راڄ موجود آهي مضبوط کان مضبوط قلعا، بهادر سپاهين ۽ رعيت سان ڀريل آهن. ٺيڪ ائين آهي ته انهن سڀن ماڻهن کي گڏ وٺي اوهان برهمڻ آباد جي قلعي ۾ هليا وڃو جيڪو اوهان جي پيءُ ڏاڏي جو قديم ورثو آهي (راءِ ڏاهر جو گهر خاص انهيءَ شهر ۾ هو) اتي جا خزانا ڀريا پيا آهن ۽ اتي جا ماڻهو چچ خاندان جا همدرد ۽ خيرخواهه آهن ۽ اميد آهي ته دشمن جي مقابلي ۾ سڀ اوهان جي مدد ڪندا“ ان کان پوءِ جڏهن علافي کان راءِ طلب ڪئي ويئي ته هن به انهيءَ راءِ سان اتفاق ڪيو. جئه سنگهه اها راءِ پسند ڪئي ۽ انهيءَ مطابق عمل ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو، پنهنجي پيءُ جي سڀني ساٿين ۽ تخت ۽ تاج جي معتبر ۽ اعتماد وارن ملازمن کي گڏ وٺي راوڻ جي قلعي مان نڪتو ۽ برهمڻ آباد جي واٽ ورتائين. پر ڏاهر جي لاڏالي ٻائي راڻي جيڪا زندگي کان تنگ اچي چڪي هئي انهيءَ اصرار باوجود جئه سنگهه جو ساٿ نه ڏنو. ٿورن فوجي سردارن کي گهرائي مقابلي جي تياري ڪرڻ لڳي. مردانگي سان هو پاڻ فوج جي ترتيب ۽ درستگيءَ ۾ لڳي ويئي. قلعي ۾ فوج جو جائزو ورتو ۽ پندرهن هزار جوان مرد شمار ڪيا ويا. انهن سڀني مرڻ ۽ راڻيءَ سان گڏ جان ڏين جو ارادو ڪيو. ٻئي ڏينهن اهي ماڻهو به قلعي ۾ داخل ٿيا جيڪي ڏاهر جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويا هئا، انهن ماڻهن به راڻي جي حمايت اهڙي نازڪ وقت ۾ غنيمت ڄاڻي ۽ ان سان گڏ شامل ٿي ويا. ان کان سواءِ ٻيا سردار ۽ زميندار جيڪي ڀرپاسي ۾ هئا ۽ خاص راڻيءَ جي جان نثارن ۾ هئا اهي به اچي قلعي ۾ داخل ٿيا.

محمد بن قاسم کي جڏهن خبر پئي ته سنڌي رواڻ ۾ گڏ ٿي لڙائي جي تياري ڪري رهيا آهن، تڏهن هيڏانهن جو رخ ڪيو ۽ خاص راوڻ جي ديوارن هيٺان وڃي خيما کوڙيا. قلعي وارن ڀت تي چڙهي جيئن ئي مسلمانن کي ڏٺو فوراً جنگ جو نغارو وڄايو، هر طرف کان بگل وڄڻ لڳا ۽ سپاهي قلعي جي حفاظتي ڀت ۽ برجن تي ڪمانن ۽ منجنيقن سان تير ۽ پٿر وسائڻ لڳا. محمد بن قاسم فوراً پنهنجي فوج کي گڏ ڪيو ۽ ڀت ٽوڙن وارن کي حڪم ڏنو ته قلعي جي ديوار ۾ ڏار وجهو. مسلمان سپهه سالار پنهنجي فوج کي ٽن ڌڙن ۾ ورهايو. هڪ حصو سڄو ڏينهن منجيقن ۽ تيرن سان وڙهندو هو ۽ ٻيو ڌڙو سڄي رات شهر تي گاسليٽ  ۽ پٿر وسائيندو هو. انهيءَ تدبير سان ٿورن ڏينهن جي لڳاتار سنگبازي ۽ آتش بازي سان سڀ برج ٽوڙي ڪيريا ويا ۽ قلعي وارن ۾ ڏهڪاءُ پيدا ٿيو، جڏهن ايستائين نوبت پهتي ته راڻي ٻائي ڏاڍو گهٻرائي ۽ ڊني ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو مسلمان مون کي گرفتار ڪري بيعزتي ڪن. انهيءَ ڳڻتي ۾ هن پنهنجي سڀني سهيلين کي گڏ ڪيو ۽ چيو ”ٻڌر جئه سنگهه اسانکي ڇڏي هليو ويو ۽ محمد بن قاسم اچي گهيريو آهي. خدا منع ڪئي آهي ته اسان پنهنجي آزادي انهن ڌرتي دشمنن ۽ ڍڳي کائڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون، اسان جي عزت جيڪي ڪجهه هئي آئي ويئي ٿي، مهلت جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ هاڻي ڀڄي جان بچائڻ جي به ڪا تدبير نظر نٿي اچي. ڪاٺيون، ڪپهه ۽ تيل گڏ ڪريو منهنجي دل ۾ ارادو ويهي ويو آهي ته اسان سڀ پنهنجو پاڻ کي ساڙي ڦلهيار ڪريون ۽ هن دنيا مان هلي پنهنجن ورن وٽ پهچون جنهن کي پنهنجي جان پياري هجي انهيءَ کي اختيار آهي  پر مون ته اهو ئي ارادو ڪيو آهي.“

سڀني عورتن اها راءِ پسند ڪئي هڪ گهر ۾ گڏ ٿيون ۽ وڏو آڙاهه تيار ڪري سڀئي ٽپي پيون ۽ اک ڇنڀ ۾ سڙي رک ٿي ويون، راڻي جي مرندي ئي سڄي شهر ۾ بيدلي پيدا ٿي وئي، وڙهڻ وارن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ محمد بن قاسم ديوارن کي ٽوڙي ڀڃي شهر تي هڪ وڏو حملو ڪيو. هاڻي مهاڏي جي ڪنهن ۾ جرئت نه هئي. سڄي عرب فوج شهر اندار داخل ٿي ۽ باغين ۽ سرڪشن تي عام طور تلوار اڀي ٿي. ڇهه هزار سپاهي تلوار جو کاڄ ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻهو تيرن جو نشان ٿي دنيا مان روانا ڪيا ويا، راجا جا باقي ساٿي ۽ ملازم پنهنجي ٻارن ٻچن سوڌو مسلمانن جي هٿان قيد ٿيا. قيدين جي ڳڻپ ڪئي ويئي ته ڪل ٽيههه هزار مرد ۽ زائفون ڳڻپ ۾ آيا. مال ملڪيت، خزانو ۽ هٿيارن مان گهڻو ڪجهه جئه سنگهه پاڻ سان گڏ کڻي ويو هو، تڏهن به گهڻو ڪجهه مسلمانن جي هٿ چڙهيو. قيدين ۾ خاص شاهي گهراڻي جي هڪ ڇوڪري هئي، اها راجا ڏاهر جي ڀيڻ جي ڌيءَ هئي ۽ عجيب و غريب حسن ۽ جمال جي صفت رکندڙ هئي، سڄي غنيمت جي مال جو پنجون حصو سڀ ٻانهيون راجا ڏاهر جي سسي سوڌو هڪ عرب سردار ڪعب بن محارق جي هٿ هيٺ حجاج ڏانهن عراق طرف روانو ڪيو ويو، جڏهن اهو سامان حجاج وٽ پهتو ته هو خدا اڳيان جهڪيو، فتح ۽ ڪاميابي جو شڪر ادا ڪيو ۽ الله سائينءَ جي حمد و ثنا ڪرڻ لڳو ۽ خوشيءَ وچان چوڻ لڳو: ”مونکي در حقيقت دولت، خزانو ۽ سلطنت سڀ ئي شيون حاصل ٿي ويون.“ پوءِ هن جامع ڪوفي ملمسانن کي گڏ ڪيو ۽ هڪ پرجوش تقرير ذريعي اسلام جي انهيءَ زبردست ۽ يادگار ڪاميابيءَ جي خوشخبري عام مسلمانن کي ٻڌائي ۽ سڀني جي دل ۾ جهاد جو شوق پيدا ڪيو. حجاج پنهنجي رهائشگاهه ۾ خوب خوشيون ملهائڻ کان پوءِ راجا جو سر، شاهي ڇٺي (اها به سنڌ مان رواني ڪئي وئي هئي) مال ملڪيت، ٻانهيون ۽ سڀئي قيدي خليفي وليد جي درٻار ۾ روانا ڪيا. وليد حجاج جو خط پڙهي الله سائين جي تعريف ڪئي. محمد بن قاسم جي حسين تدبير ۽ ان جي دليري ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. سنڌ جي وڏيرن جي ڇوڪرين مان ڪجهه وڪيون ويون ۽ ڪجهه انعام طور درٻار جي معززن لاءِ تحفو بڻيون، سڀ کان پوءِ جڏهن وليد جي نظر راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي تي پئي ته هن جي سونهن ۽ خوبصورتي ڏسي پاڻ هرکجي ويو. عبدالله بن عباس خواهش ڪئي ته اها ڇوڪري مونکي ڏني وڃي، ان جي درخواست تي خليفي وليد چيو: ”اي ڀائٽيا آئون انهي ڇوڪريءَ جي حسن جو تمام گهڻو قدردان آهيان ۽ ان تي ايتري قدر ديوانو آهيان جو ڪنهن طرح به پنهنجو پاڻ کان جدا ڪرڻ نٿو گهران ۽ هن کي مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيو آهي. تڏهن به آئون توکي ڏاڍو پيارو رکان ٿو، اهو ئي بهتر آهي ته تون ان کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ ۽ هي تنهنجي ٻارن جي ماءُ ٿئي“ اهو اقرار ڪري عبدالله بن عباس انهي ڇوڪري کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. گهڻو عرصو هوءَ هن وٽ رهي پر ان جي پيٽان ڪو اولاد نه ٿيو.

حجاج فتح جي خوشخبري ٻڌڻ کان پوءِ محمد بن قاسم کي هڪ خط لکيو. هي خط اسانجي زبردست عرب سردار کي ان وقت مليو جڏهن هو راوڻ شهر کي فتح ڪري ان جي فصيل اندر ترسيل هو ۽ ملڪي انتظامن کي بهتر نموني سان سنواري چڪو هو ان خط ۾ هيٺيان سماچار هئا. اي سؤٽ – تنهنجو روح پرور خط مليو، ان کي پڙهي آءُ ڏاڍو خوش ٿيس. سڀئي سماچار تو بهترين پياري ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ لکيا آهن. مون کي پتو پيو آهي جيڪي پير تون ڀري رهيو آهين اهي بلڪل شريعت پٽاندر آهن. ان کان سواءِ ٻڌان پيو ته تو سڀني ننڍن وڏن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي، سڄڻ ۽ دشمن سڀ سرها آهن. الله سائين فرمائي ٿو ته ”فاقتلوهم حيث ثقفوهم“ خوب ياد رک ته اهو الله سائين جو حڪم اٽل آهي. توکي سڀ رها رکڻ لاءِ ايتري قدر آماده رهڻ نه گهرجي، جيڪڏهن تو اهو هٿ نه جهليو ته گاڏو بيهي رهندو، جنهن جو چڱو مڙس ڪري توکي اماڻيو ويو آهي. آئندي سواءِ اشرافن جي ڪنهن دشمن سان رعايت نه ڪجان. هي هڪ مناسب اصول آهي ۽ جيڪڏهن تو ائين نه ڪيو ته تنهنجي بي انتها رحم کي همراهه تنهنجي ڪمزوري ۽ تنهنجي شان تي گمان ڪندا.

والسلام

حجاج بن يوسف لکيل 93 هه

مقام نافع

ان خط مان پڌرو ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم پنهنجي پاليسي ۽ حڪومت ۽ فوجي چڙهائي جي وهنوار ۾ حجاج جي بلڪل ابتڙ هو. ۽ جيتوڻيڪ حجاج ان وقت کان پنهنجي سخت گير پاليسيءَ جي پٽي پڙهائي پر سنڌ جي فتحن جون باقي حالتون ڏسڻ سان صاف معلوم ٿي ويندو ته محمد بن قاسم پنهنجي پاليسي مرڻ تائين نه مٽائي. هو سدائين اهڙو ئي رحمدل رهيو جهڙو پهرين ڏينهن هو ۽ هن ڪنهن موقعي تي به پنهنجو پاڻ ظالم ثابت ٿيڻ نه ڏنو.

ڪجهه ماڻهن ڏاهر جي مارجي وڃڻ کانپوءِ جا سماچار انهن برهمڻ کان پڇي جيڪي مسلمان ٿي ويا هئا. انهن ائين ٻڌايو ته جڏهن ڏاهر مارجي ويو ته هن جي پٽ جئه سنگهه وڃي برهمڻ آباد جي قلعي ۾ پناهه ورتي. وڙهڻ لاءِ ورکندو رهيو. درڪل پاسي چٺيون چاٺيون هلائي سڄي ڏينهن ۾ جوش پيدا ڪري ڇڏيو ۽ هر هنڌ کان مدد گهري. ان جو هڪ ڀاءُ گوپي راجا ڏاهر جو ٻيو پٽ اردر قلعي ۾ هو. ان جو ڀائيٽو چچ جيڪو ڏهرسين جو پٽ هو، باتيا قلعي م موجود هو. ان جو ڪاڪائي ڀاءُ ڍول جيڪو چندر جو پٽ هو ٻڌيا ۽ قيقان طرف هو. انهن سڀني کي هن ڏاهر جي مارجڻ ۽ مسلمانن جي وڌي اچڻ جي ڄاڻ ڪئي ۽ سڀني سان صلاح ڪيائين ته هاڻي اسان ماڻهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي. اهي سماچار لکي جنگ لاءِ تيار پنهنجي بهادرن سان برهمڻ آباد ۾ ويهي جواب جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو. محمد بن قاسم اهي سماچار ٻڌا ته راوڙ کان نڪري برهمڻ آباد سنبت ڪئي، واٽ ۾ ڀرور ۽ دهليلا نالي ٻه قلعا آيا ٿي، جنهن ۾ ٿلهي ليکي سورهن هزار سپاهين جو جٿو سندن رستو روڪڻ لاءِ هيڪاندا هئا. انهن قلعن تي ڌاڪو ڪرڻ کان سواءِ برهمڻ آباد رسڻ ڏاڍو ڏکيو هو. هن بنا سوچ ويچار جي وڌي ڀرور جي قلعي جو گهيرو ڪيو پر قلعي وارن به پير ڄمائي مقابلو ڪيو. مسلمان سپهه سالار ٻن مهينن تائين قلعي کي گهيري ويٺو رهيو. جڏهن جنگ ان کان وڌيڪ ڊيگهه ڪئي ته هنن راوڙ جي گهيري وانگر هتي به حڪم ڏنو ته فوج ٻه ڌڙا ٿي وڃڻ، هڪ ڌڙو ڏينهن جو وڙهي ۽ هڪ رات جو. ان ڪري جو جنگ رات ڏينهن هلندي رهي. عرب سپاهين گاسليٽ جون ايتري قدر پچڪاريون هنيون ۽ ايترا پٿر وسايا جو مخالف فوج ۾ تمام گهٽ ماڻهو جيئرا بچيا، باقي سڀ اجل جو شڪار ٿيا. قلعي جون ديوارون هنڌان هنڌان ڀڃي ڪيرايون ويون ۽ آخر حملو ڪري قبضو ڪيو ويو. هتي به گهڻو ڪجهه غنيمت جو مال ۽ ٻانهيون ٻانها مسلمانن جي هٿ آيا جنهن مان پنجون حصو بيت المال جي لاءِ جدا ڪيو ويو.

راوڙ ۽ ڀرور جي فتح ٿيڻ جي خبر دهليلا قلعي وارن کي پئي ته سڀني کي يقين ٿي ويو ته اسان ۾ مقابلي جو حوصلو ناهي. پر پوءِ به وطن جي حمايت ۾ سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ڏاڍي مضبوطي سان قلعي بندي ڪئي ويئي ۽ قلعي کي پنهنجي ويجهو پوري طرح مقابلي جي قابل بنايو. شهر جي سوداگرن اهو رنگ ڏٺو ته سڀئي دهليلا ڇڏي شهرن ڏانهن ڀڄي ويا. قلعي جي ٺاهه ٺوهه ٿي رهي هئي ته ان جي هيٺان محمد بن قاسم اچي جتي ڇنڊي ۽ سندس حڪم سان مسلمان جوان مردن اک ڇنڀ ۾ گهيرو ڪري ورتو. اسان جو ننڍڙو عرب سردار گهٽ وڌ ٻن مهينن تائين هن کي به وڪوڙي بيٺو رهيو. گهيريل جڏهن وڌيڪ مصيبت ۾ ڦاٿا نه ڪنهن ٻاهرين مدد جي اميد رهي ۽ نه بچڻ جي ڪا گهٽي سڌي ته سڀني ڪفن پاتا.”عطر ۽ عنبير سان تازا ڪيائون تن.“ انڌيري رات هئي ، ماٺ ميٺ جو فائدو وٺي ٻارن ٻچن کي لڪائي ان قلعي ۾ موڪليائون جيڪي هڪ پل جي سامهون هو ۽ پاڻ نبوڪ نديءَ جي وهڪري ۾ تري پار ٿي ويا. مسلمانن مان ڪنهن کي ان جو پتو نه پيو، جڏهن صبح جو اونداهي ختم ٿي ۽ روشنيءَ جا ڪرڻا ڦٽي نڪتا ان وقت محمد بن قاسم کي معلوم ٿيو ته دشمن نڪري ڀڄي ويا. هن ڪجهه سپاهي انهن جي پويان روانا ڪيا. جنهن فرارين مان ڪجهه همراهن کي ٺيڪ ان وقت جڏهن هو ندي پار ڪري رهيا هئا تڏهن ڏسي هڪدم هن جهان پار ڪيائون، جيڪي ندي پاري ڪري نڪري چڪا هئا انهن مان ڪجهه ته ڀڄي وڃي هندستان پهتا. ڪجهه رامل جي ملڪ ويا. ڪن وڃي راجا ديو راج جي حدن ۾ ساهه پٽيو. ديو راج راجا ڏاهر جي چاچي جو پٽ هو ۽ سير علائقي تي حاڪم هو. مطلب ته محمد بن قاسم دهليلا قلعي تي قبضو ڪري هتي ئي خيما کوڙيا ۽ ان وقت تائين فتحن مان جيڪي ڪجهه مال هٿ لڳو هو ان جو پنجون حصو ڌار ڪري هٿيڪو ڪيو، پوءِ حجاج کي خط لکيائين. جنهن ۾ بهرور ۽ دهليلا جي فتحن جو مفصل احوال لکيو هو. هي خط غنيمت جي مال سان گڏ روانو ڪري هن سنڌ جي مختلف پرڳڻن جي وڏن وڏن زميندارن ۽ راجائن نالي ان مضمون جو خط موڪليو ته توهان سڀني کي هدايت ڪجي ٿي ته توهان جي به حق ۾ اهو مناسب آهي ته جيترو جلد ٿئي دين اسلام قبول ڪريو. جيڪڏهن ان ۾ عذر آهي ته اسلام جي آڻ مڃو ۽ ڏن ڀري رهي سگهو ٿا.” انهن خطن جا سماچار جڏهن ڏاهر جي وزير سيساڪر ٻڌا، تڏهن پنهنجا ڪجهه اعتبار ۽ رازدار ساٿي موڪلي محمد بن قاسم کان سام گهري، محمد بن قاسم هن جي لياقت ۽ ڏاهپ کان واقف هو، اها درخواست جلدي منظور ڪئي. جنهن کان پوءِ سيساڪر هن جي درٻار ۾ حاضر ٿي مڃتا جو ڪنڌ نمايو ۽ قدرداني ۽ عزت جي خلعت سان سرفراز ٿيو. سيساڪر ڪجهه ڇوڪريون محمد بن قاسم اڳيان پيش ڪيون ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيو ”راجا ڏاهر هي ڇوڪريون منهنجي حراست ۾ رکايون هيون، هي اهي ئي مسلمان ڇوڪريون آهن جيڪي جهاز تي سرانديپ کان عراق ويون ٿي ۽ سنڌو ڪناري تي جهلجي پيون هيون. انهن مان ڪا اها به هوندي جنهن جهلجڻ وقت حجاج کي پڪاريو هو ۽ مدد جي لاءِ عراق جي حاڪم جو نالو وٺي دانهن ڪئي هئي. ”محمد بن قاسم اهو ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيو. ان لاءِ ته اهي ئي ڇوڪريون ان فوجي چڙهائي جو سبب ٿيون هيون ۽ انهن ڪارڻ سنڌ ڌرتي ۾ لڙائي جي هڪ قيامت برپا ڪري ڇڏي. محمد بن قاسم سيساڪر جو ٿورو مڃي انهن ڇوڪرين کي وٺي عزت سان عرب پار ڏي روانو ڪيو.

رحمدل ۽ سخي عرب جوان مرد سيساڪر جي تمام گهڻي عزت ڪئي. جڏهن هن جي اچڻ جي خبر پهتي ته ان جي استقبال لاءِ پنهنجي فوج جي هڪ خاص آفيسر کي روانو ڪيو. جڏهن هو آيو ته ڏاڍي مان مرتبي ۽ عزت سان پنهنجي سامهون ويهاريو ۽ ان جي حال تي سڀ کان وڌ مهرباني ڪئي. ايستائين جو جهڙي طرح هو پهرين راجا ڏاهر جو وزير هو هاڻي هن کي پنهنجي وزارت جي عهدي تي رکيو. محمد بن قاسم ايستائين ان تي ڀروسو ڪيو جو پنهنجا سڀ راز ان تي کولي ڇڏيا ۽ عام معاملن ۾ هن کان راءِ وٺڻ لڳو.

ملڪي ڪار وهنوار جي لاءِ ان کي پنهنجو اعتماد وارو مشير قرار ڏنو. عام سياسي وجهه پيچ ۽ پنهنجي ڪاميابي جا گر وڌائڻ ۾ ان کان مدد ورتي. سيساڪر ايتري معزز ۽ اعتماد واري جڳهه تي رهي ڪري محمد بن قاسم جي نسبت پنهنجا خيال ظاهر ڪيا. هو چوندو هو ته منصف مزاج امير جيڪو آئين ۽ قانون جاري ڪيو آهي ان سان سڄي هندستان ۾ ان جي عظمت ۽ لياقت جو سڪو ڄمي ويندو. اهي ئي ڳالهيون آهن جنهن جي ذريعي اوهان پنهنجي دشمنن کي شڪست ڏيئي پوري سزا ڏيئي سگهندا. ان لاءِ ته اوهان سڄي رعيت ۽ ڍل ڀريندڙن کي خوش رکون ٿا. پراڻي ۽ رسم ۽ گذريل رواجن مطابق اوهان ڍل وصول ڪريو ٿا. ڪنهن نئين وڌايل رقم يا جديد ٽيڪس جو بار اوهان ڪنهن تي نٿا وجهو ۽ ان جي پابندي رڳو پاڻ ئي نٿا ڪريو پر پنهنجي سڀني عهديدارن ۽ سردارن کي به انهن قاعدن جي پابندي جي لاءِ هدايت ڪندا رهندا آهيو“ اها راءِ هئي جيڪا ان دور جي سڀ کان وڏي مدبر جي واتان محمد بن قاسم جي نسبت ظاهر ٿي. حالانڪه ان جو شمار فتح ڪيلن ۽ دشمنن جي سڀ کان وڏي گهڻگهري ۾ هو. هاڻي محمد بن قاسم جي اڳيان برهمڻ آباد تائين ميدان صاف هو پر ڪجهه ماڻهن جو بيان آهي ته برهمڻ آباد ڏانهن روانگي کان اڳ هن وهارن جي پٽ کي گهرايو. کيس انعامن اڪرامن سان نوازي دهليله قلعي جو والي مقرر ڪيو ۽ ان جو سڄو ڀرپاسو جيڪو اوڀارين حدن کان قلعي جي اولهائين حدن تي پکڙيل آهي سڀ جي حڪومت سندس هٿ ۾ ڏني ۽ وفادري ۽ اطاعت جو هڪ نئون معاهدو هن کان مرتب ڪرائي پاڻ وٽ رکيو ۽ برهمڻ آباد جي واٽ ورتائين. برهمڻ آباد دهليلا کان فقط هڪ ڪوهه جي پنڌ تي هو. ان کان اڳ جو محمد بن قاسم پنهنجي گهوڙي کي اڳتي هڪلي جئه سنگهه برهمڻ آباد ۾ مقابلي جو معقوم بندوبست ڪري چنير واري هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو، جيڪو باتيا علائقي ۾ هو ۽ رامل جي راڄ ۾ شامل هو. وڃڻ وقت هن برهمڻ آباد ۾ چاليهه هزار سپاهي ڇڏيا. ان سڀني جوان مردن ۾ سورهن همراهه چونڊيا. انهن مان چئن کي شهر جي چئني ڦاٽڪن تي مقرر ڪيو ۽ باقي ٻارهن سردارن جي هٿ ۾ ٻين معاملن جو اختيار ڏنو ۽ انهن سڀني کي شهر جي حفاظت لاءِ ڪافي هدايتون ڏيئي هليو ويو. برهمڻ آباد جا چارئي ڦاٽڪ جن تي هن چار سنڌي جوان مرد مقرر ڪيا هئا انهن جوان مردن مان هڪ جو نالو ڀارند، ٻيو ساتيو، ٽيون ماليو ۽ چوٿون ساليو نالي هئا.

هاڻي محمد بن قاسم دهليلا کان فوج اڳتي وڌائي ۽ برهمڻ آباد اوڀارين ديوار هيٺان جل واري ندي جي ڪناري ترسي پيو. هتي پهچي هن ڪجهه معتبر قاصد برهمڻ آباد وارن ڏانهن روانا ڪيا ۽ اهو پيغام چوائي موڪليو ته سڀني کي اسلام قبول ڪري آخرت حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو قبول نه آهي ته خير جزيو ادا ڪرڻ جو واعدو ڪريو ۽ ڄاڻي وٺو ته اسلام جي آڻ مڃيندڙ ٿي رهڻو پوندو. ها انهن ٻنهي ڳالهين مان جيڪڏهن ڪابه قبول ناهي ته جنگ لاءِ تيار ٿيو. تلوار ڏاڍو ڀلو ۽ مناسب فيصلو ڪندي. انهن قاصدن کان اڳ جئه سنگهه نڪري چڪو هو. ان جا فرمان مڃيندڙ فوجي اڳواڻ ڪهڙو جواب ڏيئي سگهيا ٿي. مطلب ته انهن کي ناڪام ۽ نامراد واپس اچڻو پيو. اهو قلعو جيتوڻيڪ سنڌ جي نهايت ئي مضبوط قلعن مان هو ۽ پڻ اتي ڊگهي عرصي تائين لڙائي جو کٽڪو هو. انهيءَ سبب محمد بن قاسم پنهنجي رهائش گاهه جي پاسي ۾ خندق کوٽائي ۽ جنگ جي بازار گرم ڪئي، پهرين رجب 93هه جو جنگ شروع ٿي. قلعي وارا روزانو وڏي شان ۽ مان سان قلعي کان ٻاهر نڪرندا هئا. جنگ جو نغارو وڄندو هو ۽ ڌرتي ڌڻي ۽ حملي آور ٻئي پرهه ڦٽيءَ کان سانجهيءَ تائين ڏاڍي سرگرمي ۽ دليري سان وڙهندا هئا. شام ٻنهي طرفن جا بهادر جدا ڪندي هئي، تڏهن سنڌي پنهنجي قلعي جي واٽ وٺندا هئا ۽ مسلمان پنهنجي لشڪر گاهه ۾ اچي رهندا هئا. ان گهيري ۽ انهيءَ لڳاتار معرڪن ڏاڍي ڊيگهه ڪئي، ڇهه مهينا گذري ويا ۽ قسمت ڪنهن جي حق ۾ فيصلو نه ڪيو. محمد بن قاسم کي برهمڻ آباد قلعي بابت هڪ قسم جي مايوسي ٿيڻ لڳي ۽ دل ۾ ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ هو ته ڇا ڪجي پر ڪا اٽڪل نٿي سڌي. ان ڪري هڪ نااميدي پيدا ٿي هئي ته نيٺ ذوالحج مهيني جي آچر ڏينهن 93هه (آڪٽوبر 712ٿ) جو خود جئه سنگهه اچي پهتو. مسلمانن جي گهيري سبب قلعي ۾ ته داخل ٿي نه سگهيو، پر مسلمانن جي رسد اچڻ جو رستو روڪي هو ٿوري پنڌ تي لهي پيو ۽ عرب فوجون هڪ سخت مصيبت ۾ ڦاسي پيون، ان موقعي تي محمد بن قاسم پنهنجي هڪ ڀروسي جوڳي خادم کي موڪي ڏانهن ڀڄايو، جنهن جي وفاداري تي کيس ڀروسو هو ۽ چوائي موڪليو ته ”آئون ڏاڍو پريشان آهيان ان لاءِ ته قلعي وارا ڏاڍي سرگرمي سان وڙهي رهيا آهن. ۽ ٻي پاسي جئه سنگهه اچي رسد جو رستو بند ڪيو آهي. جنهن سبب آئون ڏاڍي مصيبت ۾ ڦاسي پيو آهيان. تون هتي جي رستن ۽ معاملن مان واقف آهين، ٻڌاءِ ته اهڙي حالت ۾ مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي.“موڪي پاڻ حاضر ٿي راءِ ڏني ته منهنجي نزديڪ جيتوڻيڪ جئه سنگهه اوهان جي لشڪر گاههه جي ويجهو ئي ٽڪيل آهي تنهن ڪري سواءِ ان جي ٻي ڪابه اٽڪل ناهي ته اوهان وڌي سندس مقابلو ڪريو ۽ هڪدم ان جي فوج تي حملو ڪريو.

موڪي جي اها راءِ محمد بن قاسم پسند ڪئي ۽ پنهنجي لشڪر مان آزمايل ويڙهاڪ ۽ معتبر ماڻهن جي هڪ جماعت الڳ ڪري جئه سنگهه جي مقابلي لاءِ رواني ڪئي. ان لشڪر ۾ بنانه بن حنظله ڪلابي، عطيه ثعلبي، صارم بن صارم همداني ۽ عبدالملڪ مدائني جهڙا نامور سردار موجود هئا. ۽ ٻه شخص سردار مقرر ڪيا ويا. هڪ هندو ۽ هڪ مسلمان هندو مان موڪو ۽ مسلمانن مان جذيم بن عمر هو. اهو لشڪر پوري ساز سامان ۽ ضرورت جي قابل رسد سان گڏ جئه سنگهه جي مقابلي لاءِ روانو ٿيو. جئه سنگهه جنهن جرئت سان اسلامي لشڪر گاهه جي قريب اچي ديرو هنيو هو. ان جو رايو به اهو ئي هو ته دليري ۽ بهادريءَ سان وڙهندو پر نه، هو عربن جي مقابلي ۾ همٿ هاري چڪو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو هو زبان سان ڏاڍي ڊاڙ هڻندو هو پر جڏهن پيءُ جي وزير سيساڪر وڙهڻ کان جهليو ته پنهنجي دعويٰ جي خلاف هڪدم برهمڻ آباد هليو ويو. پوءِ جڏهن مسلمان برهمڻ آباد ويجهو پهتا ته پوءِ به ڪافي فوج موجود هئي، لڙائي جو ڪم فوجي سردارن جي مٿي ۾ هڻي چنير هليو ويو. ۽ پوءِ جڏهن کيس محمد بن قاسم تي سوڀارو ٿيڻ جو پورو موقعو ملي چڪو هو عرب فوج جي اچڻ جي خبر ٻڌندي ئي سواءِ ان جي جو هڪ مقابلي جي مهل ايندي ئي ڀڄي روانو ٿيو. هن دفعي هو وري اچڻ لاءِ نه ويو پر پنهنجي اهل و عيال کي گڏ کنيائين ۽ سدائين جي لاءِ سنڌ ڌرتي کان موڪلائي ڪيائين ۽ جنڪن، عواره ۽ ڪايا جي صحرائن ۽ ريگستانن کي لتاڙي جيپوري جي راڄ ۾ وڃي پهتو.محمد علافي دراصل هن جو پورو ساٿ ڏنو، ان لاءِ ته ان مصيبت ۾ هو به ساڻس گڏ هو. پر جيپور کان اڳتي وڌڻ جي همت علافي ۾ نه هئي، هو اتي ئي ترسي پيو ۽ جئه سنگهه جيپور ڇڏيو ۽ ڪشمير جي راجا جي ملڪ ۾ وڃي ساهه پٽيائين. راجا ڪشمير جي رهائش گاهه ويجهو لهندي ئي هن راجا کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو ۽ لکيو ”آئون پنهنجي ذاتي ارادي سان ۽ نهايت خلوص دل سان اوهان جي مهرباني جو اميدوار ٿي آيو آهيان.“

اهو خط ڏسندي ئي ڪشمير جي راجا کيس پاڻ وٽ سڏايو ۽ وڏي اخلاق ۽ نهايت قرب سان پيش آيو. جنهن پهريان درٻار ۾ جئه سنگهه راجا ڪشمير سان مليو انهيءَ درٻار مان راجا پنجاهه ڀريل تريل گهوڙا ۽ ان جي ساٿين کي ٻه سؤ قيمتي وڳا ڏنائين ۽ شاڪلها علائقو جيڪو ڪشمير جي حڪومت ۾ اچي ٿو جئه سنگهه کي جاگير ۾ ڏنو، وري جڏهن هو ٻيهر ڪشمير جي مهاراجا جي درٻار ۾ ويو ته وڏي عزت ۽ مرتبي سان سندس آجيان ڪئي ويئي ۽ هڪ ڇٽ، هڪ ڪرسي ۽ ٻيا قيمتي تحفا کيس ڪشمير جي راجا طرفان ڏنا ويا. ۽ وڏي عزت ۽ نهايت ڌام ڌوم سان ان پاسي روانو ڪيو ويو جيڪو کيس جاگير ۾ مليو هو. شام ملڪ جو هڪ مسلمان عرب حميم بن سامه محمد علافي جي واسطي سان جئه سنگهه جي خاص ۽ اعتماد وارن ۾ ڳڻيو هو. علافي ته جيپور مان ئي سنگت ٽوڙي، پر حميه بن سام جي دل ڪنهن طرح به بي وفائي گوارا نه ڪئي ۽ جئه سنگهه سان گڏ ڪشمير ۾ هليو، انهيءَ عرب تي جئه سنگهه کي ايتري حد تائين اعتماد هو جنهن وقت پهريان درٻار مان کيس شاڪلها پرڳڻو جاگير ۾ ڏنو ويو. ان وقت جئه سنگهه ٻي درٻار جي شرڪت کان اڳ ان پرڳڻي تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي طرفان انهيءَ حميم کي موڪليو. جنهن وڃي شاڪلها پرڳڻي جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ورتي. پوءِ جئه سنگهه اتي پهچي هڪ سڪون ۽ اطمينان سان حياتي گهارڻ لڳو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ جئه سنگهه ٻي جهان جي واٽ ورتي. ۽ جيتوڻيڪ بنان اولاد جي مري ويو هو تنهن ڪري جئه سنگهه جي وصيت مطابق يا عام هر دلعزيز سبب شاڪلها جي حڪومت حميم بن سام جي هٿ هيٺ اچي ويئي ۽ ڳچ عرصي تائين انهيءَ خاندان ۾ رهي. تان جو چچ نامي جو مصنف ٻڌائي ٿو ته ان جي دور تائين اهو پرڳڻو حميم بن سام جي ئي خاندان وٽ هو، حميم پنهنجي ڏينهن ۾ اتي مسجد جوڙائي هئي ۽ سدائين ٺٺ ٺانگر سان رهيو. مذهبي تحفن سان ڪشمير جو راجا سندس ڏاڍي عزت ڪندو هو.

جئه سنگهه جيپور اچڻ کان پوءِ پنهنجي ڀاءُ گوپي کي جيڪو اروڙ ۾ هو هڪ خط لکيو ۽ ان کي پنهنجي اچڻ جي ۽ پرديس وسائڻ جا سبب ۽ عذرن کان آگاهه ڪري راءِ ڏني ته آءٌ ته هتي اچي ويس توهان وس پڄندي مضبوطي ۽ دليري سان عربن جو مقابلو ڪريو ۽ آباڻي بادشاهت تي پنهنجو قبضو قائم رکو. جئه سنگهه جو اهو خط ملندي گوپي ڏاڍو جوش ٿيو پهرين ته پنهنجي وڃايل ڀاءُ جي خبر تي ڏاڍو پريشان ٿيو. کيس پتو پئجي ويو ته هو سک ۽ چين سان جيپور ۾ موجود آهي. ٻيو ان لاءِ ته مٿاڇري نظر وجهڻ سان پيءُ جي تخت ۽ تاج جو وارث هو ئي هو. جئه سنگهه جي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن تائين برهمڻ آباد وارا وڙهندا رهيا. نيٺ انهن ماڻهن ۾ هاڻي نوڙت ۽ ويچارائي جا آثار ظاهر ٿيا، ڪن جي دلين ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته هاڻي مقابلي جي طاقت نه رهي، ڪنهن طرح به مصيبت کي ٽارڻ جي ڪجي، ٻني ٻارو ۽ واپار ڪندڙ شهري ته ان تي راضي ٿيا ته مسلمانن جي اطاعت قبول ڪريون. جڏهن ته انهن مان چار چونڊ شهر وارا هڪ ڏينهن اچي تير دروازي وٽ گڏ ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته عربن سڄو ملڪ فتح ڪيو، ڏاهر مارجي ويو ۽ جئه سنگهه جي هٿ ۾ راڄ آهي جيڪو ڇڏي هليو ويو. ڇهن مهينن کان برهمڻ آباد گهيريو پيو آهي. اسان وٽ نه ايتري دولت ۽ نه طاقت جو دشمن سان مقابلي جي جرئت ڪريون ۽ نه اسان کي صلح ڪندي ٺهي ٿو. محمد بن قاسم جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن وڌيڪ اهڙي ئي همٿ ڏيکاري ته قلعو فتح ڪري وٺندو ۽ اسان لاءِ ڪا گهٽي نه بچندي جو پنهنجو پاڻ کي امان پائڻ جو حقدار ثابت ڪري سگهون ۽ ان لائق ته اسان آهيون ئي ڪونه جو فوج سامهون ڄمي بيهي سگهون. تنهن ڪري ٺيڪ ائين آهي ته اسان سڀ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري محمد بن قاسم جي حملي کان بچڻ جي ڪوشش ڪريون. ان ڪوشش ۾ جيڪڏهن مارجي به وڃون ته ان مرڻ کان بهتر ٿيندو ته وچ شهر ۾ بي عزتي سان اسان کي ماريو وڃي. اسان کي ان ڳالهه ۾ اڳرائي ڪرڻ کپي ان لاءِ ته جيڪڏهن وڙهڻ وارا هيڻان ٿي ڦاٽڪ کولي ڏنائون ته پوءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي. هٿياربند ته سڀئي مارجي ويندا، پر واپارين هنرمندن ۽ هارين وغيره کي پناهه ڏني ويندي. چڱو ائين آهي ته ماڻهن کي صلاح ڏني وڃي ته عربن کان وچن وٺي اسان ئي قلعي جو ڦاٽڪ کوليون ڇو ته ان صورت ۾ محمد بن قاسم اسان جي جانين جي حفاظت ڪندو ۽ جيڪڏهن اسان ساڻس دوستي ۽ اطاعت ۽ ان جي حڪمن جي پابنديءَ جو واعدو ڪنداسين ته هو سدائين اسان جو حامي ۽ مددگار رهندو.“

سڀني انهيءَ راءِ تي اتفاق ڪيو ۽ انهيءَ ڏينهن محمد بن قاسم وٽ قاصد موڪلي پنهنجي ٻارن ٻچن کي قيد ۽ قتل کان عاري ٿيڻ ۽ پنهنجي زندگين جي لاءِ امان حاصل ڪئي ۽ هڪ ڏينهن مقرر ڪري چيائون ته ان ڏينهن اسان تيري دروازي کان وڙهڻ لاءِ نڪرنداسون، اوهان کي ان دروازي تي فوج سوڌو موجود هئن گهرجي، جڏهن اسان اوهان جي ويجهو پهچنداسون ۽ جيئن ئي عرب اسان تي حملي آور ٿيندا اسان ڀڄي روانا ٿينداسين ۽ قلعي جو دروازو کليل ڇڏي قلعي اندر داخل ٿي وينداسين اوهان پنهنجي فوج سميت پيڇو ڪري قلعي اندر هليا اچجو ۽ قبضو ڪجو. محمد بن قاسم سڀني راءِ ڏيندڙ معززن ۽ حجاج جي درٻار جي تجربي ڪارن کي گهرائي صلاح ڪئي. سڀ کان اڳ موڪي راءِ ڏني ته هي قلعو سڀني قلعن کان مضبوط آهي جيڪڏهن اوهان هن کي فتح ڪري ورتو ته پوءِ ڪنهن کي ڪنڌ کڻڻ جي همٿ نه ٿيندي. تنهن ڪري انهن جي اها درخواست منظور ٿيڻ کپي. محمد بن قاسم ان جي ان سوال کان ناڪار نه ڪئي ۽ ان کي معاهدو به لکي ڏنو پر ان کي دل ۾ اهڙي ڪريل سوڀ جي ذريعي کي اختيار ڪرڻ ۾ جهجڪ ٿي. هن انهن ماڻهن کي چيو هاڻي اسان ان ڪارروائي جي لاءِ ڪو ڏينهن مقرر نٿا ڪريون. ٿورو ويچار ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي آگاهه ڪنداسين ۽ ان وقت اسان جو معاهدو مڪمل هوندو. اهو چئي هن حجاج کي ان معاملي کان آگاهه ڪيو ۽ اتان کان حڪم گهرايو. محمد بن قاسم اڃا انهيءَ ٻڏتر ۾ هو ته حجاج وٽان ان جي خط جو جواب اچي ويو. جنهن مطابق حجاج حڪم ڏنو ته بيشڪ انهن ماڻهن  سان معاملو طئي ڪر جيڪو وچن پنهنجي طرف کان ڪريو ان جي پوري پابندي ڪندا. اهو حڪم ملندي ئي محمد بن قاسم پاڻ ئي هڪ ڏينهن مقرر ڪري انهن ماڻهن کي آگاهه ڪيو. مقرر ڏينهن اهي ماڻهو قلعي مان نڪتا نالي ماتر هٿ کس ڪيائون ۽ ڀڄي وڃي قلعي ۾ پهتا ۽ ڦاٽڪ کليو ڇڏيائون.

عرب سڳورا پيڇو ڪندي قلعي اندر داخل ٿيا. اک ڇنڀ ۾ سڄو اسلامي لشڪر قلعي اندر هو. عرب سپاهي اندر داخل ٿيندي ئي قلعي جي برجن ۽ فصيلن تي چڙهي ويا. جڏهن ڀتين تي چئن پاسن کان عربي لشڪر ڦهلجي ويو تڏهن عرب سپاهي شهر جي رستن تي وڌيا. اڃان قلعي وارن کي ان واقعي جي خبر نه پئي هئي ته هڪدم مسلمانن چئني طرفن کان هڪ زبان تي الله اڪبر جو نعرو بلند ڪيو ۽ هٿياربندن تي تلوار سڌي ڪئي. قلعي وارا عام طرح گهر ڇڏي اوڀارين ڦاٽڪ مان نڪري ڀڄڻ لڳا ۽ شهر جي سڀني عورتن ۽ مردن جي قسمت فاتحن جي هٿ ۾ هئي، مطلب ته ان طريقي سان برهمڻ آباد محمد بن قاسم جي هٿان فتح ٿيو. محمد بن قاسم تاڪيدي حڪم ڏئي ڇڌيو ته سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي وڙهڻ تي تيار هجن ۽ مقابلي لاءِ هٿيار اڀا ڪن ٻيو ڪوبه قتل نه ڪيو وڃي. عربن وڌ ۾ وڌ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو جيڪي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ جن طرفان جنگ جو اظهار ٿيو. رڳو اهي نه ان سان گڏ انهن جو مال ملڪيت انهن جا ملازم ۽ ٻار ٻچو سڀ گرفتار ڪيا ويا. ٿوري ئي دير ۾ قيدين جو ٽولو محمد بن قاسم وٽ آڻي بيهاريو ويو. انهن مان هر هڪ هن اڳيان اچي ڪنڌ نمايو ۽ امان طلب ڪئي. سڀني کي جلدي ڇڏي ڏنو ويو ۽ کين اجازت ڏني ويئي ته پنهنجي ڪکن ۾ رهن. برهمڻ آباد ۾ ئي راجا ڏاهر جي راڻي لاڏي هئي، اها راڻي ڏاهر جي مارجڻ کان پوءِ هتي ئي رهي پئي ۽ ڪنهن ٻي شهر ۾ وڃڻ پسند نه ڪيو. جنهن ڏينهن عربن شهر جو گهيرو ڪيو ته هن دل ۾ چيو آءٌ پنهنجي مٽن مائٽن کي ڇو ڇڏيان جيستائين ٿي سگهندو هتي ئي رهنديس ۽ دشمنن کي شڪست ڏيئي پنهنجي گهر ۽ ٻارن جي حفاظت ڪنديس. ها جيڪڏهن عرب فتحياب ٿيا ته ڪنهن ٻي پاسي هلي وينديس. اهو خيال ڪري هن پنهنجو مال ملڪيت ڪڍيو، ڌن جا دروازا کوليا، سپاهين ۾ پئسا ورهائي هڪ ننڍو لشڪر ترتيب ڏنو ۽ ڏاڍيون سخاوتون ڪري فوج ۾ جرئت ۽ جذبو پيدا ڪيو. جڏهن ته شهر جي هڪ ڦاٽڪ جي نگهباني سندس سپاهين ڪئي ۽ پڇاڙي تائين وڏي دليري سان وڙهيا. آخر ۾ راڻي ارادو ڪيو ته جيڪڏهن هاڻي قلعي تي مسلمانن جو قبضو ٿي ويو ته آءٌ هڪ آڙاهه تيار ڪري ٻارن ٻچن سميت ستي ٿي وينديس.

هوءَ اهو ارادو ڪري ويٺي هئي ته اوچتو قلعي تي مسلمانن جو قبضو ٿي ويو. عرب سردار هڪدم ڏاهر جي محل ۾ اچي پهتا ۽ جيڪو مليو کين گرفتار ڪيائون، جن ۾ لاڏي به هئي. غنيمت جو مال ۽ قيدي جڏهن محمد بن قاسم جي اڳيان پيش ڪيا ويا ته هرهڪ قيدي لاءِ هن حڪم ڏنو ته انهن جي عزت ڪئي وڃي ۽ ائين بي نقاب ۽ بنا چادر عورتون نه رکيون وڃن. جيتوڻيڪ انهن سڀني جي چهرن تي نقاب وڌا ويا ۽ هڪ اعتماد واري ملازم جي حوالي ڪيون ويون ته انهن سڀني کي الڳ حراست ۾ رکي. ان کان پوءِ سڀني قيدين مان پنجون حصو ڌار ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته فقط انهن قيدين جو شمار جيڪي بيت المال جي لاءِ ڌار ڪيا ويا اهي ويهه هزار هئا. ان کان سواءِ باقي بچيل قيدي فوج ۾ ورهايا ويا. هنرمندن واپارين ۽ عام ماڻهن کي پناهه ڏني ويئي. انهن مان جيڪي ماڻهو ڀل مان جهليا ويا هئا، ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ اهي به ڇڏيا ويا. انهن ڪاررواين کان پوءِ محمد بن قاسم انهن ماڻهن ڏانهن ڌيان ڏنو جيڪي سپاهي هئا ۽ مقابلو ڪندي گرفتار ٿيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org