سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 5

صفحو :7

 

باب پنجون

سنڌ جي هندو سلطنت جو آخري دؤر

راءِ چچ جي وفات تي سيلائج جو ٻيو پٽ يعني هن جو ڀاءُ چندر سنڌ جي تاج ۽ تخت جو ڌڻي ٿيو. سندس مذهبي لاڙو ٻڌ ڌرم ڏانهن هو. جڏهن ته الور جي تخت تي ويهندي ئي هن پنهنجي مذهب جي پٺڀرائي شروع ڪري ڏني. هو تارڪ دنيا ۽ رياضت ڪندڙ فقيرن جو وڏو عقيدتمند هو ۽ سندن قدرداني ۽ احترام ڪندو هو. ايستائين جو هن ڪيترن ئي برهمڻي عقيدو رکندڙ هندن کي گڏ ڪري تلوار جي زور تي لاچار ڪيو ته ٻڌ ڌرم جي پيروي ڪريو. ڪيترن ئي هندوستان جي راجائن سندس درٻار ۾ خط موڪليا. سيوهڻ جو سردار متو قنوج جي درٻار ۾ ويو ته هندوستان کي نهايت ئي سرسبز و شاداب ڏٺائين. قنوج جي گاديءَ تي تن ڏينهن ۾ راسل جو پٽ سهيرس تخت ڌڻي هو. متو سندس درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ بيان ڪيائين ته ”سيلائج جو پٽ چچ مري ويو هاڻي سندس گاديءَ تي هن جو ڀاءُ ويٺو آهي جيڪو راجا نه پر هڪ پوڄا ڪندڙ راهب آهي. ناستڪ مذهب ٻڌ جو پيرو آهي ۽ سڄو ڏينهن مذهبي پوڄارين سان گڏ مندر ۾ رهندو آهي، جتي سواءِ مذهبي بحث ۽ رياضت جي سندس ڪو به ڪم ناهي هوندو. جيڪڏهن ٿوري فوج به رواني ڪئي وئي ته مٿس فتح حاصل ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اوهان کانئنس ملڪ کسي منهنجي حوالي ڪندا ته مان واعدو ٿو ڪريان ته ساليانو ڏن ڀريندو رهندس.“

سهيرس اها ڳالهه ٻڌي فوجي ڪاهه جو ارادو ته ڪيائين، پر متي کي رڳو اهو آسرو ڏنائين ته ”تو کي فتح ڪيل علائقي مان هڪ پرڳڻو ڏيندس. باقي سڄي علائقي کي آئون پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪندس.“ انهيءَ ورندي ڏيڻ کان پوءِ سهيرس پنهنجي ڀاءُ ڪساس جي پٽ هرهاس کي سپهه سالار ڪري سنڌ جي مهم تي روانو ڪيو. راءِ چچ جي ڏوهٽي به جيڪو رمل ۽ ڪشمير جو حاڪم هو انهيءَ مهل ۾ هرهاس جي مدد ڪئي ۽ ٻنهي پنهنجي فوجن سان گڏ هاسي درياءَ جي ڪناري خيما کوڙيائون. چندر جا نائب ۽ والي جيڪي ديو قلعي ۾ هئا. دشمن جو ايترو وڏو لشڪر ڏسي ڀڄي روانا ٿيا ۽ حملي آورن ان قلعي تي قبضو ڪري اڳتي وڌيا ۽ بند ڪاهويا واري هنڌ کان چندر وٽ سفير اماڻيا ته پنهنجو ڀلو گهرين ٿو ته هڪدم حاضر ٿي آڻ مڃ ۽ پناهه گهر. چندر توڻي جو نيڪي ۽ پرهيزگاري ۾ زندگي گذاري هئي انهيءَ زلت کي چڱو نه سمجهيائين ۽ فوج جو سڌارو ۽ قلعن جي مضبوطي طرف لڳي ويو. نتيجو اهو نڪتو جو انهن حملي آورن کان سندس سلطنت بچي ويئي. سڀئي ناڪام ۽ نامراد واپس ٿيا ۽ ان کان پوءِ چندر مضبوطي ۽ طاقت سان حڪومت هلائي. مطلب ته ستن سالن تائين چندر بنا ڪنهن کٽڪي جي بادشاهي ڪندو رهيو. نيٺ تخت نشينيءَ جي اٺين سال کيس هن جهان مان هلڻو پيو.

چندر کان پوءِ سلطنت جي دعويدارن ۾ اختلاف پيدا ٿيو. الور جي تخت تي هن جي ڀاءُ راءِ چچ جو ننڍو پٽ ڏاهر ويٺو. برهمڻ آباد ۾ خود هن جو پٽ راج گاديءَ تي ويٺو، پر سندس حياتيءَ جو ڏيئو هڪ سال ۾ اجهامي ويو. جنهن کان پوءِ برهمڻ آباد تي چچ جي وڏي پت ڏهرسين قبضو ڪري ورتو. ان جو ظاهر طرح سان ڪو به اختلاف نه هو. پر پوءِ هڪ شرمناڪ خانداني جهڳڙي ٻنهي کي ويڙهايو، جيڪو احوال اڳتي ڪبو. پر ٻين مؤرخن جو بيان آهي ته ڏاهر تخت تي ويهي انصاف ڪيو. سندس حڪومت مان فوج خوش ۽ رهيت سکي ستابي هئي. تخت نشينيءَ کان پوءِ هڪ سال تائين پنهنجي سلطنت ۾ رهي پوءِ دوري تي نڪتو. پهريان اوڀر جي واٽ ورتائين.

انهن پرڳڻن جو بندوبست ڪري ۽ قابل اعتماد والي مقرر ڪري واپس آيو ته مرهمڻ آباد پهچي هتي جو حاڪم پنهنجو ڀاءُ ڏهرسين کي مقرر ڪيائين ۽ پاڻ مڪران پاسي ويو ۽ ڇهه مهينا اتي رهي مڪران جي حاڪم سان محبت جا لاڳاپا مضبوط ڪري موٽي واپس آيو. الور جي ويجهو آيو ته شهر وارن ڏاڍي ڌام ڌوم سان سندس آجيان ڪئي. هر پاسي خوشيءَ جا نغارا وڄڻ لڳا ۽ انهيءَ موقعي تي نجومين اچي ادب ۽ احترام سان عرض ڪيو ته ”اسان اوهان ٻنهي ڀائرن ۽ اوهان جي ڀيڻ ٻائيءَ جو ڍارو هڻي ڏٺو ته اوهان ۽ اوهان جي ڀاءُ ڏهرسيه جي بخت ۾ ڪا سٺي نصيب جا آثار ڏسڻ ۾ ڪونه آيا پر اوهان جي ڀيڻ ٻائيءَ جو بخت نهايت بلند آهي، سندس زائچو ٻڌائي ٿو ته جنهن جي هوءَ زال ٿيندي اهو سڄي سنڌ جو بادشاهه ٿيندو ۽ سڄي ملڪ ۽ دولت تي سندس قبضو هوندو ۽ وري عجب اهو ته هو هتان ٻاهر به ڪو نه ويندا. اسان جي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهيءَ ڳالهه جو توڙ ڪيئن ٿيندو.“ نجوم جو هو وڏو معتقد هو ۽ سدائين نجومين جي چئي تي هلندو هو. کيس انهن جي اها ڳالهه دل ۾ کپي ويئي ۽ هر وقت انهيءَ فڪر ۾ رهڻ لڳو ته ٻائيءَ کي هتي جي سلطنت ڪيئن ملندي ۽ ڪنهن ٻي کي ملندي ته مون کي تخت ۽ تاج کان هٿ ڌوئڻا پوندا. نيٺ پريشاني ۽ مونجهاري ۾ هن وري نجومين کي گهرائي ٻائيءَ جو زائچو ڪڍايو. وري به اهو نتيجو نڪتو. تڏهن هن وزيرن ۽ صلاحڪارن کي گڏ ڪيو ۽ سندن اڳيان پنهنجي پريشاني ۽ دلي مونجهارو پيش ڪيو.  ۽ چيائين ته اهو ٿي نٿو سگهي ته آئون تخت ۽ تاج کان جدا ٿيان. بار بار منهنجي دل ۾ اچي ٿو ته ڀيڻ ٻائي سان مان پاڻ نڪاح ڪريان.“ اهو ٻڌي سڀني حيرت سان راجا ڏانهن ڏٺو ۽ سر جو سوس پلي عرض ڪيو ته ”سائين اهڙو قهر نه ڪريو نه ته اسان جي ملڪ کي بدنامي جو داغ لڳي ويندو. اسان سڀني راجائن جي نظر ۾ ذليل ۽ خوار ٿي وينداسون ۽ ملڪ ۾ به فتنو ۽ فساد پيدا ٿي ويندو. پر اهڙو فساد ٿي ويندو جو سنڀالڻ به ڏکيو ٿي پوندو.“

پر انهن ڳالهين جو ڏاهر تي ڪو به اثر نه ٿيو. ظاهر ۾ ته ان وقت خاموش رهيو پوءِ ڪجهه خاص ۽ ڀروسي وارن مشيرن کي ان نڪاح تي راضي ڪري ورتائين ۽ هڪ رات جو جڏهن ڪنهن کي خبر ئي نه هئي ڏاڍي خوشيءَ ۾ پنڊتن کي گهرائي ٻائيءَ سان شادي ڪري ورتائين ۽ دستور موجب پنهنجي چادر جو پلئه ٻائيءَ جي چنيءَ سان ٻڌي باهه اڳيان چؤڦير چؤنري چڙهيو. پوءِ گهوٽ ڪنوار  اچي تخت تي ويٺا ۽ پنهنجي شڪل گڏجي تلوار ۾ ڏٺائون. پر انهن رسمن باوجود ٻئي قرب ۽ هم بستري کان پري رهيا. صبح جو اٿندي ئي راجا ٻائيءَ کي هن جي گهر موڪليو ۽ دل ۾ مطمئن ٿي ويو ته سندس مڙس آءٌ ئي آهيان. ماڻهن ۾ ان شاديءَ جي خبر پکڙي ته هر پاسي ناراضگيءَ جي لهر اُٿي. پر سڀ کان وڌ ڏکيائي اها پيش آئي جو اها خبر جيئن ئي برهمڻ اباد ۾ پهتي ته ڏهرسين ڏاڍو بگڙيو ۽ هڪ خط موڪلي ڏاهر کي ڏاڍي گهڻي لعنت ملامت ڪئي. ڏاهر کيس جواب ۾ عذر لکيو ته ”نجومين جي فيصلي مون کي انهيءَ ڪم تي مجبور ڪيو نه ته هر گز نه ڪريان ها.“ ڏهرسين وري لکيو ”ڇا تون ڄاڻي ٿو ته اهڙن فريبن سان تقدير بدلائي ڇڏيندين.“ مطلب ته انهيءَ بحث ۾ لڙائي مچي پئي.

مگر چچ نامي جو هي بيان آهي ته راڻي ٻائي اڳ ڏهرسين وٽ هئي، رامل جي راجا سوهن ان سان شادي جو پيغام ڏنو ۽ شرط هي رکيائين ته ڏيج ۾ ڪو به هڪ قلعو ڏنو وڃي. ڏهرسين انهيءَ تجويز کي پسند ڪيو ۽ سوهن جي قاصدن سان گڏ شهزادي ٻائي کي به ست سؤ سوارن ۽ پنج سؤ پيادلن جي ڄڃ سان ڏاهر وٽ موڪليو ۽ لکيو ته سوهن جي درخواست قبول ڪئي وڃي ۽ هڪ قلعو ڏيڻ ۾ ڪو هرج نه آهي. ٻائي جڏهن ڏاهر وٽ پهتي ته هن اها حرڪت ڪئي جو سوهن جي قاصدن کي انڪاري ورندي ڏيئي ۽ ڀيڻ سان پاڻ شادي ڪيائين. ڏهرسين کي انهيءَ قدم تي ايترو ڏک پهتو جو فوج وٺي ڀاءُ سان وڙهڻ لاءِ نڪتو. اها خبر ٻڌي ڏاهر به مقابلي لاءِ نڪتو ۽ ڪجهه ڏينهن تائين ٻاهر ويهي ڀاءُ جي لشڪر جو انتظار ڪيائين. هن جي پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي ته شڪار جي لاءِ جهنگ هليو ويو. هو شڪار ڪري رهيو هو ته ڏهرسين الور اچي پهتو ۽ شهر اندر داخل ٿيڻ جو ارادو ڪيائين. پر شهر وارن ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيا ۽ مهاڏو اٽڪائڻ جو ارادو ڪيائون. اتفاقاً ڪجهه نيڪ ۽ خدا ترس بزرگ وٽس مڙي ويا. کين سمجهائي وڙهڻ کان جهليائون ۽ عزت سان وٺي وڃي الور جي الهندي شهر ۾ لاٿائون ۽ قاصدن کي ڀڄايائون ته ڏاهر کي اطلاع ڏيئي وٺي اچن.

ڏاهر يڪدم اچي ويو رات وچ م دعوت جون تياريون شروع ٿي ويون ۽ صبح ٿيندي ئي ڀاءُ کي دعوت جو پيغام ڏنو پر ڏهرسين دعوت قبولڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ ڏينهن ٽپهريءَ جو ڏاهر جي ماءُ ۽ ٻيا شهر جا معزز ڏهرسين سان ملڻ لاءِ ويا ۽ چيائون ڏاهر ڀيڻ سان شادي نفساني خواهش جي لاءِ نه پر دل جو وهم مٽائڻ لاءِ ڪئي آهي ۽ ان لاءِ اوهان سندس قصور معاف ڪريو. شهر جي معززين سان گڏ ماءُ کي به ڏاهر جي سفارش ڪندي ڏسي هن ڀاءُ جو قصور معاف ڪيو.

ٻي ڏينهن هو هاٿيءَ تي سوار ٿي قلعي جي ديوار هيٺ پهتو ۽ بلڪل ڏاهر جي محل سامهون ادب سان شاهي آداب چورائي موڪليائين. کيس ڏاهر جلد ئي اندر گهرايو پر ڏهرسين انڪار ڪيو ۽ چيائين مون قسم کاڌو آهي ته تنهنجي محل اندر نه ايندس پر اتان اگر ٻاهر نڪري مون کي حاضريءَ جي سان سرفراز فرمايو ته مهرباني ٿيندي. ڏاهر چيو ته آءٌ سڀاڻي حاضر تٿيندس. ٻئي ڏينهن ڏاهر وزيرن ۽ اميرن کي گڏ وٺي جلوس سان ڀاءُ سان ملڻ لاءِ آيو. ڏهرسين اتان کان آجيان لاءِ نڪتو. سامهون ٿيندي ئي هو گهوڙي تان لٿو ۽ پنهنجي تخت ۽ تاج ڌڻي ڀاءُ جا ڊوڙي پير چميائين پوءِ کيس هٿ مان وٺي پنهنجي خيمي ۾ آندائين. ڏاهر انهيءَ ملاقات کان پوءِ واپس ويو ته سندس ويندي ئي ڏهرسين کي بخار اچيو ويو ۽ اهڙي سخت سان جو حد وڌندي ئي رهي ايستائين جو کيس سڄي بدن ۾ داڻا پئجي وئي. انهيءَ بخار اچڻ جي چوٿين ڏينهن ڏهرسين مري ويو. ڏاهر دستور موجب کيس چکيا چاڙهيو ۽ سڀئي مذهبي رسمون پوريون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ ڏاهر ڏاڍي امن امان ۽ اطمينان ۽ سڪون سان حڪومت ڪرڻ لڳو. ڏهرسين جي مرڻ کان پوءِ ڏاهر پنهنجي رهڻ واري هنڌ برهمڻ آباد ويو،. سڄو سال رهي اتي جا بندوبست ڪيائين. ڀرپاسي جي سردارن کي آڻ مڃيندڙ ۽ تابعدار بڻايائين. ڏهرسين جي پٽ سان انتهائي شفقت ڀريو سلوڪ ڪيائين. هن کي دلداري ۽ تسلي ۽ حوصلو ڏنائين. انهن ڪمن کي پورو ڪري هن سيوهڻ جي واٽ ورتي. پوءِ اتان اروڙ جي قلعي ۾ ويو، جنهن کي راءِ چچ جوڙائڻ شروع ڪيو هو ۽ اڌورو ڇڏي مري ويو هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ قلعو  پڄاڻيءَ تي پهچايائين ۽ جيتوڻيڪ دلچسپ هنڌ هو ۽ گهڻي ٿڌ رهندي هئي تنهن ڪري هن اهو معمول ڪري ڇڏيو ته، گرمين جا چارئي مهينا هتي ئي گذارڻا آهن. پنهنجي حياتيءَ جا اٺ سال باقي هن ائين ئي ڪيو. جڏهن هر هنڌ جي عزت ماڻهن جي دلين ۾ ويهي رهي ۽ حڪومت کي ڏاڍي مضبوطيء ٿي ته رامل جي سردارن کي مٿس حسد ٿيو ۽ پيادلن ۽ سوارن جو زبردست جٿو ڪري سندس مقابلي لاءِ نڪتا. هنن سان گڏ گهڻا جنگي هاٿي به هئا ٻوڌيا رستي هو اروڙ علائقي جي شهر روستا تي حملي آور ٿيا ۽ انهيءَ کان اڳ جو همراهه عبدالرحمان بن اشعت کي قتل ڪري اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي ۽ پنهنجي ڪيترين ئي عزيزن ۽ ذات وارن سان گڏ هتي امن امان سان رهندو هو. هن انهيءَ موقعي تي هڪ عجيب ۽ انتهائي بهترين طريقي سان راجا ڏاهر جي مدد ڪئي هئي. انهن حملي ڪندڙن جو سڄو لشڪر اروڙ طرف وڌندو آيو پئي، ته محمد علائقي پنهنجي پنج سؤ عرب ساٿين سان يڪدم هڪ اهڙو راتاهو هنيو ۽ اهڙي تڪبير جو نعرو بلند ڪندي هنن تي اوچتو وڃي ڪڙڪيا جو سڀني جون وايون بتال ٿي ويون. اونداهي رات جو ڪنهن کان ڀڄڻ به نه پڳو ۽ عرب ٿوريءَ دير ۾ رامل وارن جا اسي هزار سپاهي تباهه ڪيائون، جن مان گهڻائي مارجي ويا ۽ ڪيترائي گرفتار ٿيا ۽ بي شمار بارود سان گڏ پنجاهه هاٿي به عربن جي هٿ لڳا. ائين هڪ غيبي مدد سان ڏاهر کي دشمنن تي فتح حاصل ٿي ته هن انهن عرب سڳورن جي عزت ۽ احترام ڪيو ۽ کين وڌيڪ عزت ۽ ادب سان پنهنجي بادشاهيءَ ۾ جڳهه ڏنائين.

هاڻي ڏاهر اطمينان ۽ واندڪائيءَ سان حڪومت ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي وفادار ۽ مدبر وزير کان ايترو خوش هو جو هڪ ڏينهن مٿس حد کان مٿي مهربان ٿيندي چيائين ته ”تنهنجي ڪا خواهش هجي ته ٻڌاءِ ان کي ضرور پورو ڪندس.“ وزير ادب سان پير چمي عرض ڪيائين ”خادم جو ڪو به اولاد ناهي جو سندس نالو هن دنيا ۾ ڪجهه ڏينهن اڃا رهي، ان لاءِ جيڪڏهن ڪا تمنا آهي ته هي ته ڪا تدبير منهنجي نالي جي باقي رهڻ جي هجي ۽ اها تمنا انهيءَ طريقي سان پوري ٿي سگهي ته حضور سلطنت جي چانديءَ جي سڪن تي هڪ پاسي منهنجي نالي جو چٽ ڪرڻ جو حڪم نافذ فرمائي ۽ ٻئي پاسي مهاراجا جو نالو رهي، ٿي سگهي ٿو ته اهو سڪو منهنجي نالي کي ڪجهه ڏينهن تائين زنده رکي.“ ڏاهر انهيءَ گذارش کي هڪدم منظور ڪيو ۽ ان وقت کان سنڌ ۾ هڪ طرف ڏاهر جو ۽ ٻي پاسي وزير جو نالو چٽايو. ان کان پوءِ ڏاهر کي ملڪي دشمنن سان ڪنهن قسم جو آزار نه پهتو، هر پاسي امن امان هو، پوءِ ڪجهه اهڙا سبب ٿيا جو عرب جي خلافت کان مخالفت ٿي ۽ هي هڪ اهڙي زبردست طاقت جو مقابلو هو جو ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ ۾ هندو بادشاهت جي پڄاڻي ٿي.

ان لاءِ ايندڙ باب ۾ اسان سنڌ کي پاسيرو ڇڏي عرب طرف ڌيان ڏينداسين، جنهن ۾ ٻڌائينداسين ته اسلامي سلطنت عرب ۾ ڇو قائم ٿي، ڇا جي ڪري هن جو عروج ٿيو ۽ سندس سپهه سالار وچ جو ميدان صاف ڪري ڪيئن سنڌ رسيا ۽ سنڌ ڳچ عرصو ڇو اسلامي خلافت جو هڪ زرخيز صوبو ٿي وئي ۽ سچ اهو اهي ته ان تاريخ جي جنهن حصي کي اسان وڌيڪ جستجو ۽ محنت سان ترتيب ڏنو اهي اهو هاڻي شروع ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org