سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :15

 

باب ڇهون

سنڌ جا خود مختيار عربي نسل جا حاڪم

عمر بن عبدالله حاڪم سنڌ

سنه 270 هه ۾ اسان جي گذريل بيان مطابق منصوره جي حڪومت عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز جي هٿ ۾ هئي. ان کان ٽن سالن بعد يعني سنه 273 هه ۾ هتي جو حاڪم سندس پٽ عمر بن عبدالله هباري نظر اچي ٿو.  جنهن مان اندازو ڪري ٿو سگهجي ته عبدالله بن عمر کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڪنهن ٿوري وقت تائين نه مليو آهي. هن جي وارث عمر بن عبدالله هباري جي ڪنيت ابو المنذر هئي، ۽ ان جي زماني ۾ معلوم ٿئي ٿو ته هندوستان جي راجائن جي اکين آڏو انهي خاندان جي فرمانروائن پنهنجي هن ننڍڙي سلطنت ۾ ستت ئي ٺاٺ پيدا ڪري ورتو هو. ڇو ته رياح نالي هڪ شخص هن جو وزير هو، ۽ حمزه نالي هڪ ٻيو شخص به هن جي درٻار ۾ بلڪل وڏي اثر وارو ماڻهو هو جو هڪ معزز ۽ شريف عرب هو، ۽ جنهن جي قوت به ايتري قدر وڌيل هئي جو کيس منصوره جو اعلى سردار مڃيو ٿي ويو.

عمر بن عبدالله جنهن جي حڪومت جو بيان هلي رهيو آهي تنهن کي ٻه پٽ هئا، هڪ محمد ٻيو علي. ۽ ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ حضرت علي مرتضى جو اولاد هتي گهڻي انداز ۾ موجود هو ۽ انهن علوي بزرگن ۾ زياده شمار انهن ماڻهن جو هو جو پاڻ کي عمر بن علي ۽ محمد بن علي جي اولاد مان سڏائيندا هئا. تنهن ڪري يقيناً عمر بن عبدالله هباري جو اولاد ان محترم خاندان ۾ ملي ويو.

ملتان جي خود مختيار عربي حڪومت

انهن ڏينهن يعني سنه 303 هجري ۾ ملتان منصوره جي حڪومت جو تابع فرمان نه ٿو بلڪ هتي جو حاڪم به قوت ۽ مرتبي جي لحاظ سان منصوره جي حاڪم کان گهٽ نه هو. هي عربي نسل هو بلڪ قريشي الاصل جي دعوى ڪندڙ هو. ان وقت هن خاندان جو جيڪو شخص مسند نشين هو تنهنجو نالو ابو اللباب المنبہ بن اسد القريشي السامي هو.هي سامي خاندان گهڻي وقت کان وٺي ملتان تي قابض ۽ متصرف هو بلڪ مسعودي ته ائين به لکي ڇڏيو آهي ته اسلام جي شروعات کان وٺي هي ملڪ ان ئي شخص جي وڏن جي هٿ ۾ هليو ٿو اچي.

بني سامه جي نسب جي تحقيق ۽ سندن حڪومت جي ابتدا

ڪي ماڻهو انڪار ڪن ٿا ته بني سامه قريشي نسل مان نه آهن، اهي چون ٿا ته هي لوي بن غالب جي اولاد مان آهن ئي ڪونه مگر گهڻن علمائن ۽ نسب بيان ڪندڙ ماڻهن قبول ڪيو آهي ته هي برابر قريشي آهن. هو پهريائين عمان ۾ رهندا هئا جتان هندستان تائين جهازن جي آمد رفت هوندي هئي. عمان ۾ پهريائين خارجي بلڪل گهڻي انداز ۾ موجود هئا. جن خلافت عباسيه سان سرڪشي اختيار ڪئي تڏهن هن ئي قبيلي جي هڪ ممتاز جوانمرد محمد بن قاسم خلافت عباسيه جي طرفان حملو ڪري خارجين کي اتان ڪڍي ٻاهر ڪيو، جي عمان کي ڇڏي وڃي عرب جي ڪوهستان تروي ۾ پناه گزين ٿيا. ان وقت کان محمد بن قاسم سامي عمان ۾ خلافت عباسيه جو سڪو جاري ڪيو ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد عمان جو والي ٿيندو آيو، ۽ هن خاندان جي زماني ۾ اُتي هميشه بني عباس جو ئي خطبو جاري رهيو تان جو سنه 305 هه ۾ هن خاندان جي اندر خانه جنگي شروع ٿي ۽ ڪي ماڻهو پنهنجي ڏاڏاڻي والي عمان کان ڇڄي وڃي قرامطه  سان مليا، جيڪي بحرين ۾ فساد مچايو ويٺا هئا. انهن لڙائين جو نتيجو هي نڪتو، جو آخر ڪار ابو طاهر قرمطي سنه 317 هه ۾ عمان جي حڪومت بني سامه جي هٿان کسي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ورتي ۽ مصر جي خليفي عبدالله مهدي جو خطبو جاري ڪري ڏنو. (ابن خلدون)

مٿي ذڪر ڪيل واقعات مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي ماڻهو ٻي صدي جي آخر ۾ سنڌ ۾ اچي ملتان تي متصرف ٿيا. مامون رشيد جي زماني ۾ اسين ٻڌائي آيا آهيون ته سڀ کان اول جنهن شخص عمران والي سنڌ جي اطاعت ٽوڙي  شهر قصدار تي قبضو ڪيو ۽ خود مامون جي درٻار مان آزادانه حڪومت جي اجازت ورتي اهو فضل بن ماهان هو، جو ٻين سامه جو غلام هو. بني سامه هي ئي خاندان آهي جو پهريائين عمان ۾ هو ۽ هاڻي ملتان جي حڪومت تي متصرف نظر اچي ٿو. ان ئي تعلق جي بنا تي مسٽر ايليٽ لکيو آهي ته ”ملتان تي بني سامه جي حڪومت قائم هئي، جنهن جو باني فضل بن ماهان هو.“ ان حساب سان اسان کي بني سامه جي هن حڪومت جي ابتدا مامون جي زماني کان قائم ڪرڻ گهرجي. مگر مسعودي جو انهي زماني جي ويجهو هو، ۽ خود ملتان جو سير ڪري آيو هو سو لکي ٿو ته ”هي خاندان اسلام جي ابتدائي زماني کان هتي حڪومت ڪري رهيو آهي.“ تنهن کان سواءِ مسٽر ايليٽ هن ڳالهه جو به لحاظ نه ڪيو، ته جو شخص مامون جي زماني ۾ قصدار تي متصرف ٿيو، اهو خود بني سام مان نه هو بلڪ بني سام جو غلام هو. پوءِ ڪيئن ٿي سگهيو ٿي جو فقط ستر اسي ورهين جي مدت ۾ هڪ چٽو پٽو غلام گهراڻو پبلڪ جي اکين آڏو خود بخود غلام مان آقا جو درجو حاصل ڪري وٺي ۽ پاڻ تان بني سامه جي غلامي جو داغ ميٽي خود سامي بڻجي وڃي.

تاريخ ۾ اسان کي ٻيو به هڪ واقعو ملي ٿو جنهن مان مسعودي جي بيان جي هڪ حد تائين تصديق ٿئي ٿي. اهو هي ته محمد بن قاسم ملتان فتح حاصل ڪرڻ بعد جنهن شخص کي اُتي جو والي مقرر ڪيو آهي سو امير دائود نصر بن وليد عماني هو. (چچ نامه)

اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته بني سامه جو خاندان گهڻي عرصي کان عمان ۾  رهندو هو. تنهن ڪري ڪو عجب نه آهي ته هي عماني شخص جنهن کي فاتح سنڌ محمد بن قاسم ثقفي ملتان جو والي مقرر ڪيو هو، سو بني سامه مان ئي هجي ۽ قياس ۾ به ائين صحيح نظر ٿو اچي، ڇو ته گذريل واقعات جي ڏسڻ سان معلوم ٿي وڃي ٿو ته ملتان اگرچه هميشه اسلامي حڪومت ۾ شامل رهيو، مگر منصوره جي والين مان ڪڏهن ڪنهن به اُتي جي والي کي نه بدلايو ۽ نه اُتي پنهنجي طرفان ڪو انتظام جاري ڪيو. جنهن جي بنا تي اسين جيڪڏهن هيئن چئون ته محمد بن قاسم جي زماني کان وٺي آخر تائين ملتان جي حڪومت انهي ئي والي جي خاندان ۾ رهي، جنهن کي محمد بن قاسم مقرر ڪيو هو ته ڪنهن کي انڪار جو ڪو سبب نه ٿيندو. خصوصاً جڏهن اسين ڏسون ٿا ته اسلام جي قبضي ۾ اچڻ شرط ملتان جنهن شخص جي هٿ ۾ ڏنو ويو، اهو عماني هو.

اصطخري سياح سنڌ ۾

هن زماني کان تقريباً ٽيهن سالن بعد ٻيو سياح عرب ابو اسحاق اصطخري سنڌ ۾ آيو جنهن 340 هه ۾ پنهنجو سفرنامو تيار ڪيو آهي. هو جيتوڻيڪ ملتان ۽ منصوره جي حڪومتن بابت زياده واقعات نٿو ٻڌائي، مگر ايترو ضرور لکي ٿو ته ملتان جو حاڪم قريشي آهي. هو منصوره جي حاڪم جو مطيع نه آهي ۽ بغداد جي خليفي جو خطبو پڙهي ٿو. (ڪتاب الاقاليم – ابو اسحاق اصطخري)

ابن حوقل جو بيان

ان کان پوءِ غالباً سنه 350 هه ۾ زماني جو مشهور جغرافيه نويس ابن حوقل سنڌ ۾ آيو، جنهن سنه 358 هه ۾ پنهنجو سفر ختم ڪيو. ان جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن وقت تائين هن ملڪ ۾ ڪو وڏو ڦير ڦار نه ٿيو هو ڇو ته هو لکي ٿو ته منصوره تي اهو ساڳيو هباري خاندان حڪمران هو ۽ ملتان تي به اڳوڻي سامه بن لوي جي نسل جو قبضو هو.

سنڌ جون ٻيون اسلامي حڪومتون

هاڻي ان وقت جي سياحن جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته تهن منصوره ۽ ملتان کان سواءِ هتي ٻيون به ڪيتريون ننڍيون ننڍيون آزاد سلطنتون مسلمانن جي قبضي ۾ هيون. جيئن ته توران ۾ جو هاڻي بلوچستان ۾ آهي، هڪ بصري جي رهاڪو شخص جي حڪومت هئي، جيڪو ابو القاسم جي لقب سان مشهور هو، جو ڍلن جي وصولي، ملڪي فيصلا ۽ فوج جي ڪمان، هي سڀ ڪم پاڻ ڪندو هو. مگر انهي هوندي به هو ايتري قدر جاهل هو جو ٻن ۽ ٽن جو تفاوت به معلوم نه ڪري سگهندو هو

هڪڙي حڪومت شهر قصدار ۾ به قائم هئي جنهن جي واڳ به هڪ عربي نسل شخص جي هٿ ۾ هئي ۽ ان جو نالو معين بن احمد هو. هي شهر قيقان ۾ رهندو هو. اتي جي جامع مسجد ۾ بغداد جي خليفن جو خطبو پڙهيو ويندو هو.

مڪران ۾ جو اُن وقت سنڌ سان لاڳو هو، هڪ شخص نالي عيسى بن جدان جي حڪومت هئي جنهن پنهنجو تخت گاه شهر ڪيز کي مقرر ڪيو هو. ڪرمان ۾ مطهر بن رجاءِ نالي هڪ جدا امير هو.

ملتان جي حاڪم جي سڪونت

 هي به پتو پوي ٿو ته ملتان جو والي شهر جي اندر نه رهندو هو. بلڪ هن ملتان کان ٻاهر ڪيترن ميلن جي فاصلي تي هڪ ڇانوڻي ٺهرائي ڇڏي هئي، جتي ڪيترا معزز عرب خاص شاهي خاندان جي لاڳاپي وارا ۽ سرڪاري نوڪر رهندا هئا. ان مڪان جو نالو جند راور رکيو ويو هو. مگر جامع مسجد جيڪا محمد بن قاسم جي زماني ۾ ٺهرائي ويئي هئي، سا خاص شهر ملتان جي اندر هئي. اٺين ڏينهن هر جمعي تي والي ملتان هاٿي تي سوار ٿي، نوڪرن خادمن سميت وڏي ڌوم ڌام سان شهر ملتان ۾ داخل ٿيندو هو ۽ هن مسجد ۾ اچي جماعت سان گڏ نماز پڙهندو هو.

سنڌ جا ٻيا حالات

سنڌ جي حڪمرانن ڪو خاص پنهنجو سڪو نه جاري ڪيو هو، بلڪه هتي قنڌاري(1) ۽ طاطري سڪا هلندا هئا. مگر پوءِ جو پتو پوي ٿو ته سنڌ جي گهڻن والين ۽ حڪمرانن پنهنجي نالي جا سڪا جاري ڪيا هئا جي سرڪاري سڪن جي ذخيري ۾ موجود آهن، جن کي ڏسي پتو ٿو پوي ته سنڌ جي مسلماني حڪومت ڪيتري قدر مضبوط ۽ پختي پائي جي هئي. سنڌ جي ماڻهن جو لباس عراق وارن سان ملندو جلندو هو. ڪي ماڻهو پنهنجا وار ڊگها رکندا هئا، جهڙي طرح اڃان تائين به جيڪب آباد جي پاسي جا ماڻهو رکندا آهن. گرمي جي ڪري هي ماڻهو ڪپڙا ڪشادا پائيندا هئا، هندن ۽ مسلمانن جي لباس ۾ بلڪل ٿورو فرق هوندو هو. خاص ڪري سنڌ جي اميرن جي وضع ته بلڪل هندو راجائن جهڙي هوندي هئي. منصوره ۽ ملتان ۾ عام طرح عربي ۽ سنڌي زبانون ڳالهايون وينديون هيون. برخلاف هن جي مڪران ۾ عربي جو بلڪل ٿورو رواج هو، اُتي مڪراني ۽ فارسي زبانون ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون.

(مسعودي-ابن حوقل-اصطخري)

فاطمي دعويدار خلافت ۽ انهن جو پوئلڳ

معلوم ٿئي ٿو ته هن وقت تائين هتي ڪو مذهبي جهڳڙو پيدا نه ٿيو. هو ۽ نه خلفاءِ عباسيه جو نالو خطبن مان ڪڍيو ويو هو. ان ۾ شڪ نه آهي ته بني فاطمه کي هن سر زمين سان بلڪل گهڻا تعلقات هئا جي ابتدا کان هليا ٿي آيا. هتي گهڻي تعداد ۾ انهن جي آمد و رفت هئي. خصوصاً زيديه فرقي جا ماڻهو هتي گهڻا ڪٺا ٿي ويا هئا جي اول اول عبدالله اشتر سان گڏ آيا هئا ۽ ان کان پوءِ به هتي ئي رهندا آيا. تنهن کان سواءِ مغربي ملڪن ۾ تن ڏينهن دستور ٿي ويو هو، جو جنهن به علوي نسل جي ماڻهو کي پنهنجي دعوي ۾ ناڪامي ٿيندي هئي، سو سڌو کڻي سنڌ جو رستو وٺندو هو، ڇو ته ان جي لاءِ هتي کان بهتر ٻي ڪا به پناهه جي جاءِ نه هئي. مگر هيتري گهڻي آمد رفت هوندي به هي ماڻهو هتي فقط پناه گزين جي حيثيت سان رهندا هئا ۽ انهي وقت جا حڪمران جيتوڻيڪ هنن کي پنهنجي ملڪ ۾ پناه ڏيندا هئا، مگر حڪومت تي بني فاطمه جي دعوت جو ڪو به اثر نه پيو هو.

سنه 360 هه ۾ هڪ ٻيو واقعو ٿيو جنهن جو سنڌ ۽ ان جي آسپاس تي بلڪل گهڻو اثر پيو. اهو هي جو انهن ڏينهن ۾ خاندانن بويه وڏي ترقي حاصل ڪئي هئي. انهن جي دٻدٻي، حشمت ۽ فتح مندين جي سڀني اسلامي ملڪن علي الخصوص اڀرندي ڀاڱن ۾ هاڪ مچي ويئي هئي.

سنه 365 هه ۾ جڏهن عضدالدوله بن بويه تخت نشين ٿيو تڏهن هن ايتري قدر بلندي حاصل ڪئي جو ان کان اڳ سواءِ بغدادي خليفن جي ڪنهن به مسلمان فرمانروا کي نصيب نه ٿي هئي. بغداد جي خليفي کان پوءِ هن جو نالو خطبن ۾ داخل ڪيو ويو، ۽ ممبرن تي هر جمعي سندس حڪومت جي اقبال جي دعا گهري ويندي هئي. هن جي دروازي تي ڏينهن ۾ ٽي دفعا نوبت وڄندي هئي. نوبت جو رواج اول اول ان کان ئي شروع ٿيو آهي، ڇو ته ٻئي ڪنهن به مسلمان فرمانروا هن کان اڳ پنهنجي ڏيڍين تي نوبت نه وڄارائي. هن جي ڌيءُ جو نڪاح بغداد جي خليفي الطائع پوئين سان ٿيو جنهن ڪري انهي زماني جي مذاق موافق کيس بلڪل وڏي عزت ۽ اعلى درجي جو شرف حاصل ٿي ويو.

عضدالدوله سنه 360 هه يعني پنهنجي ولي عهدي جي ئي زماني ۾ ڪرمان تي حملو ڪيو ۽ اُن کي فتح ڪرڻ بعد مڪران تي به اچي قبضو ڪيو. انهن ملڪن ۾ ٻه قومون رهنديون هيون، هڪ قفص (افغان) ٻي بلوص (بلوچ). هي ٻئي قومون انتها درجي جي ڦرمار ڪنديون رهنديون هيون. خاص ڪري بلوص (بلوچ) جن جي نالي کان مسافر ڪنبي ويندا هئا. عضد الدوله مڪران تي حملو ڪري انهن ماڻهن کي بلڪل تباهه ڪري ڇڏيو. قفص ته ڀڄي جان بچائي ويا مگر بلوص يعني بلوچ قوم کي اهڙي سزا ملي جو وري انهن کي مسافرن جي ڦرڻ مارڻ جي جرئت ڪڏهن به نه ٿي. ان ئي زماني ۾ هي ماڻهو مسلمان ٿيا، مگر هاڻي انهن جهنگن ۽ ميدانن کي ڇڏي وڃي جبل وسايا ۽ عضدالدوله انهن جي جاين تي پوک ڪندڙ ماڻهن کي لڏائي آڻي ويهاريو جنهن ڪري اهي وسيع ميدان بلڪل سرسبز ۽ آباد ٿي ويا. (ابن اثير – ابن خلدون)

موجوده بلوچستان جو وڏو حصو سنڌ سان تعلق رکندو هو ۽ منصوره جي حاڪم جي هٿ ۾ هو، تنهن ڪري مڪران جي فتح ٿيڻ شرط سنڌ وارن جي دلين تي به عضدالدوله جي هيبت ويهي ويئي، جيئن ته عضدالدوله جي ان حملي کان ٻارهن ورهين بعد اسين ڏسون ٿا ته جامع منصوره جي ممبر تي خليفي بغداد جي نالي کان پوءِ عضدالدوله ابن بويه جو نالو به ورتو وڃي ٿو.(احسن التقاسيم- علامه بشاري)

علامه مقدسي جو بيان

ڏهه پندرهن ورهيه اڳتي هلي سنه 375 هجري ۾ اسان کي عرب جي آخري سياح علامه مقدسي جي بيان مان سنڌ جا حالات زياده تفصيل سان معلوم ٿين ٿا. هو لکي ٿو ته مڪران جي گاديءَ جو هنڌ بنجبور آهي. هتي هڪ مٽيءَ جو قلعو ٺهيل آهي جنهن جي چوڌاري کاهي کوٽيل آهي ۽ انهيءَ کاهي جي ڪناري وڏا وڏا وڻ لڳل آهن. شهر جا ٻه دروازا آهن، هڪ باب توزان ٻيو باب تيز. جامع مسجد بازار جي وچ ۾ آهي. جي ماڻهو بازارن ۾ گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا سي فقط نالي جا مسلمان آهن، ڇو ته انهن ۾ مسلمانن جهڙا ڪي به آثار ۽ اطوار  نٿا ڏسجن. هتي جي زبان بلوچي آهي. مڪران جو هڪ شهر تيز سمنڊ جي ڪناري تي آهي. هن ۾ وڻ گهڻا آهن، شهر ۾ مسافرخانا بلڪل سٺا سٺا آهن ۽ جامع مسجد به سٺي آهي. مگر علم ۽ فضيلت هتي جي ماڻهن ۾ به ڪانهي.

قصدار

قصدار علائقي توران جو تختگاهه آهي. هي شهر هڪ ميدان جي اندر آهي. شهر جي وچان هڪ ندي لنگهي ٿي جا هميشه سڪي پيئي هوندي آهي ۽ ان تي ڪا پل به اڏيل ڪانهي. هن ندي شهر جا ٻه ڀاڱا ڪري ڇڏيا آهن. هڪ ۾ بادشاهه جو محلات آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ واپاري ماڻهو رهن ٿا. هي جيتوڻيڪ ننڍو شهر آهي مگر پت وارو آهي. خراسان، ايران، ڪرمان ۽ سنڌ مان وڏا وڏا قافلا هتي ايندا ويندا رهن ٿا. هن شهر جو پاڻي بلڪل خراب آهي. هتي جو حاڪم عادل، انصاف پرور ۽ نهٺائي وارو آهي.

منصوره

شهر منصوره  جيڪو سنڌ جو مرڪز آهي سو هڪ نهايت عمدو شهر آهي. هن ۾ گهڻيون جايون سڀ مٽي ۽ ڪاٺي جون آهن مگر هتي جي جامع مسجد بلڪل وسيع عمان جي جامع مسجد جي نموني تي پٿر ۽ پڪي سر جي ٺهيل آهي. هن جا ٿنڀ پڪي ساڳ جي ڪاٺي جا آهن. هي مسجد بازار جي پوري وچ ۾ آهي. هن شهر جا چار دروازا آهن (1) باب البحر (2) باب سندان (3) باب توران (4) باب ملتان. درياءُ شهر کي چئني طرفن کان گهريل آهي. اتي جا ماڻهو قابل مروت، پڪا مسلمانو اهل علم، ذهين ۽ دانشمند آهن. هتي اسلام کي بلڪل گهڻي رونق آهي. ماڻهو سڀ شرع شريعت جا پابند آهن، غريبن ۽ مسافرن جي ڏاڍي پرگهور ٿئي ٿي. رسم ۽ رواج عراق جي رسم و رواج جهڙا آهن، مگر هتي گرمي بلڪل سخت آهي، مڇر گهڻا آهن ۽ ماڻهن جي طبيعت ۾ بلغميت غالب آهي. پاڻي هميشہ درياءَ جو پيئڻ ۾ اچي ٿو.

ديول

هي شهر سمنڊ جي ڪناري تي آهي ان جي آس پاس تقريباً سؤ ڳوٺ آهن. هن شهر ۾ گهڻو تعداد هندن جو آهي. سمنڊ جو پاڻي شهر جي ڀتين سان ٽڪرائجندو ٿو رهي. هتي گهڻو ڪري سڀ واپاري ماڻهو آهن. هيٺيان سنڌو دريا سمنڊ ۾ اچي پوي ٿو.

ويهند

هي هڪ عظيم الشان شهر آهي جو منصوره کان به زياده آباد آهي. هن جي چوڌاري بلڪل عمدا عمدا باغ آهن. هتي سڀڪا شيءِ سستي ملي ٿي.

قنوج

هي هڪ وڏو شهر آهي. هن جي چوڌاري شهر پناهه آهي، جنهن جي ٻاهران چئني طرفن باغ لڳل آهن. هتي جا ماڻهو گهڻو ڪري چانور کائين ٿا، مگر مسلمانن جي غذا ڪڻڪ آهي. هن شهر ۾ وڏا وڏا فاضل علماءَ رهن ٿا.

ملتان

هي شهر منصوره جهڙو ئي آهي، مگر منصوره هن کان زياده آباد آهي. هتي ميوات گهٽ مگر ان وغيره جو اگهه بلڪل سستو آهي. جايون سٺيون ٺهيل آهن، گهڻيون عمارتون پڪي ساڳ جي ڪاٺي جون آهن. هتي ماڙيون گهڻيون ۽ بلڪل وڏيون وڏيون آهن. ماڻهن ۾ زنا اصل ڪانهي ۽ نڪي شراب پيئڻ ۾ اچي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو زاني ۽ شرابي ثابت ٿئي ٿو ته ان تي شرعي حد جاري ڪئي وڃي ٿي، ڏيتي ليتي ۾ ماڻهو ڪوڙ نٿا ڳالهائين. تور ۽ ماپ ۾ خريدار سان ٺڳي اصل ڪا نه ٿي ٿئي. مسافرن سان ماڻهن کي ڏاڍي محبت آهي. هتي گهڻي آدم شماري عربن جي آهي. خيرات گهڻي ڏيڻ ۾ اچي ٿي. واپار نهايت عمدگي سان هلي رهيو آهي. حاڪم عادل آهي، بازارن ۾ مجال آهي جو ڪا عورت سينگاريل پکاريل نظر اچي ۽ نه ائين ممڪن آهي جو ڪو مرد ڪنهن عورت سان سر بازار بيهي ڳالهيون ڪري. مگر هن شهر ۾ خرابي آهي ته اها آهي جو صفائي ڪانهي. جا بجا گند ڪچرو نظر اچي ٿو، جايون تنگ آهن.هوا گرم خوشڪ آهي. هتي جا ماڻهو گهڻو ڪري ڪڻڪ رنگا ۽ ڪي ڪارا به آهن. (احسن التاقسيم)

 هي ساڳيو سياح اڳتي هلي لکي ٿو ته هتي جا ذمي بت پرست آهن. مسلمانن ۾ گهڻا اهل حديث(1) آهن هتي مون کي قاضي ابو محمد منصوري سان ملڻ جو اتفاق ٿيو، جيڪو دائود ظاهري جي مذهب جو پابند هو ۽ انهي مذهب جو امام مڃيو ٿي ويو. هن گهڻا ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، ۽ پڙهائي جو ڪم ڪري ٿو. ملتان جا رهاڪو شيعا آهن. بانگ ۾ حي علي خير العمل چون ٿا، ۽ تڪبير ٻه ٻه دفعا چون ٿا. سنڌ ۾ امام ابو حنيفہ عليہ الرحمة جي مقلدن جي ايتري قدر ڪثر آهي جو ڪو ننڍي ۾ ننڍو ڳوٺ به اهڙو نه هوندو جنهن ۾ حنفي علماءَ موجود نه هجن. مالڪين ۽ معتزلين جو هتي نالو نشان به ڪونهي ۽ نه ڪٿي ڪو حنبلي نظر اچي ٿو. هتي جا سڀ ماڻهو هڪ ٻئي ۾ بلڪل صلح سان رهن ٿا. هنن جا مذهب بلڪل چڱا آهن، جن جي صدقي منجهن صلاحيت ۽ پرهيزگاري پيدا ٿي وئي آهي. الله تعالى هنن کي تعصب، شور، فتني ۽ فساد جي آفتن کان محفوظ رکيو آهي. هتي قاهريه ۽ طاطري درهم جو رواج آهي ۽ ملتان وارن جو سڪو فاطمين جي سڪي جهڙو آهي. غزني جو سڪو جيڪو قنهري ڪوٺيو وڃي ٿو، اهو به هتي هلندڙ آهي.

مختلف حڪومتون

هتي ڪيتريون ننڍيون ننڍيون حڪومتون آهن. مڪران جو حاڪم جدا آهي جو عادل ۽ نهٺائي وارو آهي ۽ منصوره ۾ هڪ قريشي الاصل فرمانروا آهي. هي ٻئي بغداد جي خليفي جو خطبو پڙهن ٿا. هتي ٿورن ڏينهن کان وٺي عضدالدوله جو نالو به خطبي ۾ شريڪ ڪيو وڃي ٿو. آئون جنهن وقت شيراز ۾ هوس تنهن زماني ۾ ڏٺم ته منصوره وارن جو قاصد عضدالدوله جي پٽ وٽ آيو ۽ سندس دربار ۾ پهتو. ملتان ۾ مصر جي بني فاطمه خليفن جو خطبو پڙهيو وڃي ٿو ۽ هتي ڪنهنجو به حڪم مصر جي فاطمي خليفن جي منظوري کان سواءِ جاري نٿو ٿئي ۽ مصر جي اسماعيلين جو هتي اهڙو اثر آهي، جو انهن جي اجازت کان سواءِ ڪو به شخص ملتان جي تخت تي ويهي نٿو سگهي.

علامه مقدسي جي هن بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته ان وقت سنڌ ۾ شيعيت جو بلڪل زور ٿي ويو هو. ملتان ۽ سنڌ جي ٻين شيعن مصر جي خليفن سان پورا تعلقات پيدا ڪري ورتا هئا. جن خليفن جا تفصيلي حالات، انشاءَ الله تعالى جيڪڏهن حياتي ڪو وقت مهلت ڏني ته يا اسان هن ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ لکنداسين يا ڪنهن جدا ڪتاب جي صورت ۾. ڇو ته هاڻي ان کان پوءِ اهو زمانو آهي جنهن ۾ سنڌ جي اندر فاتحانه لڙاين جي بجاءِ هڪ مذهبي ملاکڙو مچي ويو آهي. جيتوڻيڪ علامه مقدسي جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن سنڌ ۾ اچڻ وقت هتي جي اسلامي فرقن ۾ ڪو به جهڳڙو نه ڏٺو، جنهن ڪري هو هن سر زمين جي مسلمانن جي بي انتها تعريف ڪري ويو آهي. مگر قرامطه جا تبليغي ٽولا جن مذهبي حيثيت سان فقط نالي ڪاڻ فاطمي خليفن جو دامن پڪڙيو هو، آهستي آهستي عباسين جو اثر هتي جي ماڻهن جي دلين مان ميٽيندا ٿي ويا. خاص طرح ملتان جي مسند قبضي ۾ آڻڻ بعد هنن پنهنجو اثر بلڪل مضبوط ڪري ورتو هو. ابن حوقل جي زماني تائين يعني تقريباً 350 هه ۾ گرچه مختلف حڪومتون موجود هيون، مگر هر جاءِ تي بني عباس جو خطبو پڙهيو ٿي ويو. مگر علامه مقدسي ان کان پنجويهن ورهين بعد اچي ڏٺو ته ملتان ۽ مڪران ۾ بني فاطمه جو خطبو جاري ٿي ويو هو. اگرچه منصوره اڃان تائين هن نئين فرقي جي اثر کان محفوظ هو، مگر ان کان سٺ ستر سالن بعد جڏهن سلطان محمود غزنوي اچي ملتان ۽ سنڌ کي فتح ڪيو آهي، تڏهن ساري سنڌ قرامطه ۽ اسماعيلين سان ڀريل هئي. ملتان ۾ به قرامطه جي حڪومت هئي ۽ منصوره ۾ به.

ان زبردست مذهبي انقلاب ڀانيو ٿا ته ڪهڙا ڪهڙا نه فساد پيدا ڪري وڌا هوندا ۽ سنڌ جي حڪومتن ۾ ڪيڏيون نه خونريزيون ٿيون هونديون. مگر افسوس انهي زماني جو حال ايتري قدر لاعلمي ۾ پئجي ويو آهي جو سواءِ قياسي ڳالهين جي ڪا به تاريخي شاهدي پيش ڪري نه ٿي سگهجي.


(1)  قنڌاري افغانستان واري قنڌار ڏي منسوب نه آهي، هتي جنهن قنڌار مان مراد آهي سو هڪ ٻيو شهر هو جيڪو ڪڇ جي ڪناري تي هو، ۽ طاطري سڪو سوماترا ۽ جاوا جي ويجهڙائي جو ٺهيل هو جو ساري هندوستان ۾ هلندو هو.

(1)  امام ابو حنيفہ رحمة الله عليہ جي مقلدين حضرات کي علامه مقدمي جو هي بيان ڏسي شايد يقين ٿي ويندو ته اهل حديث جو فرقو ڪو نئون فرقو نه آهي ۽ نه ان جو بنياد محمد عبدالوهاب نجدي جي وقت کان پيو آهي. ان ڳالهه کان ڪنهن کي هينئر به انڪار نه ٿيندو ته قديم زماني ۾ اهڙا جليل القدر علماءَ ٿي گذريا آهن جي ڪنهن خاص امام جا مقلد نه هئا. مگر علامه مقدسي جي هن بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته چوٿين صدي هجري ۾ اهل حديث جو وڏو انداز هندوستان ۾ موجود هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org