سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا ڪاتب

باب: 1

صفحو :3

 

باب پهريون

ٺٽي جي تاريخ

ٺٽو اڄ پنهنجي ساڳئي نالي سان فقط ضلع جو صدر مقام وڃي رهيو آهي. هينئر ان جي آدم شماري به تيرهن هزارن کان مٿي ڪانه ٿيندي. * هيءُ شهر ڪراچيءَ کان سٺ ميل اوڀر ڏس ۾ موجود آهي. پر ٻه صديون کن اڳ هيءُ هڪ تمام وڏو شهر هو. سندس آدمشماري به هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ هوندي هئي. موجوده دور جي ٺٽي جي ڳالهه ڦلهيار جي ڍير ۾ چڻنگ برابر  آهي، جيڪو ماضيءَ جي بي شمار اهڃاڻن سان ڀريو پيو  آهي. هتان جا قديم يادگار دل کي موهي ٿا ڇڏين. وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل اهي آثار پنهنجي شاندار ماضيءَ جا خوبصورت يادگار  آهن. سچ پچ ٺٽي جي تاريخ قديم آثارن جي حوالي سان ڏاڍي شاهوڪار آهي. مليل شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو، ته ٺٽي جي ڀرپاسي ۾ تاريخ کان اڳ واري هڪ وسندي هئي1.

جڏهن 3000 ق. م سنڌ جي سڀيتا پوري اوج تي هئي، ته اها ايراضي جنهن کي اسان اڄ ٺٽي وارو علائقو سڏيون ٿا، سامونڊي ڪناري سان واقع هئي2. يوناني ذريعن مان به اهڙي ڄاڻ ملي ٿي، ته 325 ق. م.3 ۾ جڏهن سڪندر سنڌو ماٿريءَ تي حملو ڪيو هو، ته سندس فوجي چرپر واري رستي ۾ ٺٽي واري جـُـوءُ جو بيان به چٽو ڏسڻ ۾ ايندو. تاريخ جي ڪيترن ئي عالمن، مقدونيا جي مؤرخن جي حوالن ۾ نظر ايندڙ پٽالا جي ماڳ کي ٺٽي واري ايراضي سمجهيو آهي.

سنه 711ع ۾ عربن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ فتح کان پوءِ مسلمانن جي قائم ڪيل حڪومت دوران هن علائقي علم ۽ هنر جي ناتي مناسب حصو ورتو. تاريخ جي پنن اٿلائڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو، ته عرب  جاگرافي دانن، ٺٽي شهر جو ذڪر ئي ڪونه ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو، ته تن ڏينهن ٺٽي واري جـُـوءِ ديبل واري علائقي ۾ شامل هجي4 ۽ ديبل جي اهميت ۽ وڌيڪ  شهرت ڪري ٺٽي واري ايراضيءَ جو ذڪر نامناسب سمجهيو ويو هجي. تاريخي حوالن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته ٺٽي جو شهر ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿو. سندس آڳاٽي ۾ آڳاٽو ذڪر امير خسرو (651هه/ 1253ع - 725هه/ 1325ع)5 پنهنجي هڪ تصنيف ۾ ڪيو آهي. معلوم ائين ٿئي  ٿو، ته ٺٽي شهر جي تعمير سنڌوءَ جي وهڪري جي ڦير گهير ڪري ٿي آهي. هيءُ وهڪرو پنهنجو اڳيون پيٽ مٽائي ويو ۽ ان جي ڦاٽ ۾ پاڻي اچڻ بند ٿي ويو، جنهن تي ديبل آباد هوندو هو. ان جو نتيجو اهو ٿيو، جو ديبل جو بندر ۽ بازاريون ڀڙڀانگ ٿي ويون ۽ شهر به ڦـِـٽي ناس ٿي ويو. اهڙيءَ ريت هڪ اهڙو ٻيو بندر اڏجي ويو، جنهن جي ناتي ٺٽي جهڙي شهر جو اڏجڻ لازمي ٿي پيو هو.

سومرا حاڪمن جو گهراڻو به سنڌ سان واسطو رکي ٿو، هن خاندان سنڌ تي گهڻو وقت راڄ ڪيو. امير خسرو هن گهراڻي جي ڪنهن نه ڪنهن حڪمران جو ضرور سهيوڳي هوندو. چيو وڃي ٿو، ته انهن غزنوي گهراڻي جي حڪمرانيءَ هيٺ سنه 1052ع ۾ سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هئي. اهي حڪمران غزنوي حڪومت جي ماتحت هئا، پر اندروني طور خودمختيار ۽ آزاد هئا. هي گهراڻو ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ غوري خاندان جو تيرهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ سلطان التمش جي راڄ دوران دهليءَ جو سـَـڏُ ڀريندو هو. هن گهراڻي سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت ڏيارڻ لاءِ گهڻو ئي جاکوڙيو هو. علاؤ الدين خلجي به پنهنجي پاران سومرا حڪمرانن جي سياسي سگهه کي ٽوڙڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ۽ سندن راڄ ڌاني محمد طور6 کي ڦٽائي ناس ڪري ڇڏيو هو.

سما سلطان به اصل ۽ نج سنڌي هئا،7 هنن سومرا حڪمرانن جي زوال کان پوءِ سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هئي. هن خاندان جي سومرا گهراڻي سان پراڻي دشمني هئي، جن ڄام انڙ جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ کي منظم ڪيو ۽ سومرن جي سياسي سگهه جي زوال ڪري، جيڪو خال پيدا ٿي پيو، تنهن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سنه 1333ع / 1334ع ڌاران ابن بطوطا سيلا ني سفر ڪندي، سنڌ مان گذريو هو. ان زماني ۾ سما گهراڻي جو ڄام انڙُ، سمن جي سگهه کي هڪ مٺ ۽ هڪ جائتو ڪري، سومرن خلاف بغاوت ڪري پنهنجي حڪومت جو بنياد وجهي چڪو هو. هن سياح اهو به محسوس ڪيو هو، ته سنڌ جو عام ماڻهو ڄام انڙ جي پاسي هو ۽ ملڪ ۾ سياسي آنڌ مانڌ موجود هئي. دهليءَ جي تغلق حڪمران، ڏورانهن ملڪن کي فتح ڪرڻ لاءِ هڪ مهم شروع ڪئي هئي. اهڙين جنگي ڪارواين ڪري ناڻي جي کوٽ پيدا ٿي پئي هئي. اهو ئي سبب هو، جو حڪومت ۾ شامل ڏورانهن علائقن، دهليءَ خلاف بغاوتون شروع ڪري ڏنيون هيون. اهڙيءَ ريت سنڌ جي سما گهراڻي جي ڄام انڙ به اهو ساڳيو گس ورتو هو. هن سمي سردار ظاهري سبب اهو ڏنو هو، ته دهليءَ جي سلطان سنڌ مٿان مـَـلڪ رتن نالي هڪ هندوءَ کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو هو8.

سلطان محمد تغلق جو طغي نالي هڪ ترڪ غلام هو، جيڪو پنهنجي قابليت سان ترقي ڪري وڃي فوجي عملدار ٿيو هو، تنهن سنه 751هه/1350ع دوران گجرات ۾، دهليءَ جي حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. سلطان سندس ڪن مهٽ ڪرڻ لاءِ فوج وٺي مٿس حملو ڪيو. طغيءَ ڀڄڻ جي سگهه نه ساري، اچي سنڌ جي سما سلطانن جي سام پيو. سلطان محمد تغلق به سندس ڪڍ لڳو آيو ۽ آڪٽوبر 1350ع ۾ نگر ٺٽي پهچي شهر کي ڪڙو چاڙهيائين. هن سنڌ جي سما ڄامن کي سيکت ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي تياري ڪئي هئي. پنهنجي ساري شهنشاهي مان وڏي فوج گهرائڻ لاءِ هن جاڏي ڪاڏي ماڻهو ڊوڙايا هئا. فرغانه مان التون بهادر جي ڪمان ۾ منگولن جي فوج به سندس ڪانڍ تي واهر لاءِ اچي وٽس پهتي هئي. شهنشاهه جڏهن سنڌو پار اڪري ٺٽي ويجهو پهتو، ته هندستان جي هر علائقي جون گهرايل فوجون به اچي ساڻس گڏ ٿيو. اُچ، ملتان، ديبالپور ۽ سيوستان مان هزاين ٻيڙيون گهرايون ويون هيون، انهيءَ لا”، ته جيئن هيڏي وڏي ڪٽڪ کي سولائيءَ سان سنڌو درياءُ اڪاري سگهجي9. دهليءَ جي فوج جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي سما ڄام حاڪم وٽ فوج  تمام ٿوري هئي، پر هن آخري دم تائين جنبي جهيڙي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو جاري هو، جو سلطان محمد تغلق بخار جي تڪليف جي ڪارڻ 754هه/ مارچ 1351ع تي وفات ڪئي ۽ شاهي فوجون، بهادريءَ ۽ ڪاميابيءَ سان پوئتي هٽنديون سلامتيءَ سان وڃي دهليءَ سهڙيون.10

سنڌ جي حاڪمن، دهليءَ جي سلطان محمد تغلق سان مقابلو ڪري ڄڻ سندس توهين ڪئي هئي، ۽ سلطان محمد تغلق جي جانشين سلطان فيروز شاهه تغلق سنڌين کان پلاند وٺڻ جو اٽل ارادو ڪيو. هن ٺٽي تي حملي ڪرڻ جي تيارين ۾ تمام گهڻو وقت ورتو. ان وقت تائين ڄام انڙ وفات ڪري چڪو هو. سندس پٽ ڄام ٻانڀيڻو II ۽ ڀاءُ ڄام جوڻو I سنڌ جا راڄ ڌڻي هئا. ڄام ٻانڀيڻي جي مرضي هئي، ته سنڌ کي دهليءَ توڙي هر قسم جي ڌاري غلاميءَ کان ڪنهن پر آزاد رکجي. جڏهن سلطان فيروز تغلق بنگال تي گهل چاڙهي ويو هو، ته ڄام ٻانڀيڻي، دهلي حڪومت جي علائقن تي ڀرپور حملا ڪري اهي فتح ڪري ورتا هئا. هن منگولن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري خود دهلي تي حملي ڪرڻ جو هڪ منصوبو تيار ڪيو هو11. ان ڪري ڄام ٻانڀيڻي II کي جوڳي سيکت ڏيڻ جي ارادي سان دهليءَ جي سلطان فيروز شاهه تغلق مڪمل تياريون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. هن ميڙي چونڊي هزارين ٻيڙيون ڪٺيون ڪيون. نوي هزار گهوڙي سوار، چار سؤ اسي جنگي هاٿي ۽ بي شمار پيادي فوج سان ٺٽي ڏانهن وڌڻ لڳو. اهڙيءَ ريت سلطان فيروز شاهه تغلق سنه 1362ع ڌاران پنهنجي هيڏيءَ گهل سان اچي ٺٽي واري جـُـوءُ ۾ اچي خيما کوڙيا. نتيجي مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ جي سما سلطانن دهليءَ جي فوج سان مڙس ٿي منهن ڏيڻ ۽ سنڌ بچائڻ واسطي وسئون ڪونه گهٽايو هو. هن جهيڙي ۾ سلطان فيروز شاهه تغلق کي سخت شڪست آئي ۽ پنهنجي باقي فوج وٺي  گجرات ڏانهن هليو ويو. رستي ۾ ڪن سنڌين کيس ڀـُـلائي وڃي ڪڇ جي رڻ جي ڌٻڻ واري علائقي ۾پهچايو. ڪن عالمن جو خيال آهي، ته سلطان فيروز شاهه تغلق پاڻ ڪڇ جي انهيءَ خطرناڪ علائقي ڏانهن ويو هو، سندس ارادو هو، ته جيئن هو ڪڇ جي راجا کي سخت سزا ڏئي ڇاڪاڻ، ته جڏهن سلطان فيروز شاهه تغلق ۽ سما سلطانن جي وچ ۾ جنگي چوٽون جاري هيون، ته هن سمن جي سهائتا ڪئي هئي12. ڀرين ڇهن مهينن تائين ڪنهن کي خبر ڪانه هئي، ته سلطان فيروز شاهه تغلق جيئرو آهي يا مري ويو. هن جي گهوڙي سوار فوج ۽ سندن گهوڙن جو ڇا ٿيو سندس پيادل فوج جا ڪيترا ماڻهو مئا ۽ ڪيترا بچيا؟ سلطان فيروز شاهه تغلق ٺٽي تي ٻيهر حملي لاءِ پنهنجي وزير خان جهان مقبول ڏانهن وڏي لشڪر موڪلڻ لاءِ پنهنجو خاص ماڻهو روانو ڪيو. اهڙي ريت پورين تيارين کان پوءِ سنه 1363ع ۾ سلطان فيروز شاهه تغلق ٻيو ڀيرو اچي ٺٽي تي ڪڙو چاڙهيو. هن ڀيري به کيس سوڀ جو آسرو گهٽ هو، تنهن ڪري هن فهم فراست ۽ معامله فهميءَ کان ڪم ورتو. سما، اُچ جي بزرگ مخدوم جلال بخاريءَ جا مريد هئا ۽ مخدوم صاحب جي وچ ۾ پوڻ تي سنڌ جي سما حڪمرانن، سلطان فيروز شاهه تغلق سان ٺاهه ڪيو، جن مرشد جي چوڻ تي ڪيترا لک ٽنڪا ۽ جنس سالياني ڏن طور به دهليءَ کي ڏيڻ قبوليو. پوءِ دهليءَ وارا ڄام ٻانڀيڻي II کي قيد ڪري يرغمال طور دهلي وٺي ويا.13

سلطان فيروز شاهه تغلق 1388ع ۾ وفات ڪئي، پر هو مرڻ گهڙيءَ تائين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سنڌ مٿان ٿورو ڪي گهڻو پنهنجو اختيار رکندو آيو. سندس وفات سان سنڌ آزاد ۽ خودمختيار ٿي وئي. سمن سنڌ تي اٽڪل ڏيڍ سؤ سال کن حڪومت ڪئي ۽ سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ سرن جون سٽون ڏيندا آيا. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، جو اسان وٽ ان دور جون سهيوڳي لکيتون موجود نه آهن، جن مان پتو پئجي سگهي، ته هن گهراڻي جي راڄ دوران سنڌ جون سياسي، معاشي ۽ معاشرتي حالتون ڪهڙيون هيون. ان جو هڪ نتيجو اهو به نڪتو آهي، جو سندن خانداني شـَـجري جو تسلسل به اختلافن جي ور چڙهي مونجهه جو شڪار ٿي ويو آهي. پروفيسر ‘هوڙي والا’ هڪ شجري ڏانهن اشارو ڪيو آهي، سو به پنهنجي ليکي مـُـنجهيل آهي. سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان شجري کي لکيل ڪـَـتبن جي روشنيءَ ۾ سڌاري ۽ سنواري پيش ڪيو آهي.14 تازو سيد حسام الدين راشديءَ ڪي حقيقتون گڏ ڪري هجري سن مطابق هيٺيون شجرو ترتيب ڏنو آهي:

1. فيروز الدين ڄام انڙ پٽ ڄام ٻانڀيڻو I

737 هه -753  هه

2. (الف) علاؤ الدين ڄام جوڻو I پٽ ڄام ٻانڀيڻو I ۽

(ب) صدر الدين ڄام ٻانڀيڻو II پٽ فيروز ڄام انڙ

753 هه - 768 هه

3. ڄام رڪن الدين  شاهه ڄام تماچي پٽ فيروز الدين ڄام انڙ

768 هه - 772 هه

4. علاؤ الدين ڄام جوڻو I پٽ ڄام ٻانڀيڻو I

791 هه

5. رڪن الدين شاهه ڄام تماچي پٽ ڄام انڙ

795 هه

6. صلاح الدين شاهه پٽ ڄام تماچي

795 هه - 806 هه

7. ڄام نظام الدين I پٽ ڄام صلاح الدين

809 هه

8.  ڄام علي شير پٽ ڄام تماچي

809 هه - 815 هه

9. ڄام ڪرن پٽ ڄام خير الدين ڄام توغاچي پٽ علاؤ الدين ڄام جوڻو I

816 هه

10. صدر الدين ڄام سڪندر شاهه I پٽ خير الدين توغاچي پٽ علاؤ الدين ڄام جوڻو

816 هه

11. ڄام فتح خان  پٽ صدر الدين ڄام سڪندر شاهه I                     اٽڪل

816 هه - 831 هه

12. ڄام تغلق شاهه، ڄام جوڻو II پٽ صدر الدين ڄام سڪندر شاهه

831 هه- 857 هه

13. ڄام مبارڪ خان

اٽڪل 857 هه

14. سڪندر   شاهه II پٽ ڄام فتح خان

اٽڪل 875 هه

15. ڄام صدر الدين ڄام سنجر عرف راءِ ڏنو                       25 ربيع الاول

858 هه - 866 هه

16. سلطان ڄام نظام الدين II ڄام نندو

866 هه - 914 هه

17. ڄام فيروز II پٽ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو

914 هه - 928 هه

18. ڄام صلاح الدين شاهه

917 هه - 919 هه (15)

سما خاندان مان وڌيڪ مشهور هاڪ وارا، سياسي طور سڄاڻ ۽ مدبر ٻه حڪمران: ڄام تغلق شاهه ڄام جوڻو II (1427ع - 1453ع) ۽ ڄام سلطان نظام الدين عرف ڄام نندي (1461ع - 1508ع)* ٿيا آهن. جن مان پهرئين حڪمران گجرات جي بادشاهه سان مٽي مائٽي وارو لاڳاپو پيدا ڪري، سنڌ کي وڌيڪ سگهارو ڪيو ۽ ان جي سياست ملڪ کي استحڪام بخشيو هو. هن پنهنجي هڪڙي ڌيءُ بيبي مغلي گجرات جي حڪمران محمد شاهه I (1441ع -1451ع) کي پرڻائي ڏني هئي، جنهن مان کيس محمود بيگڙا (1458ع - 1511ع) نالي هڪ پٽ ٿيو، جيڪو گجرات جو نهايت مشهور حڪمران ٿيو هو.

* سما گهراڻي جو مشهور معروف حڪمران سلطان ڄام نظام الدين (ڄام نندو) 18 اپريل سنه 1461ع ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو.** سندس حڪومت واري عرصي دوران سنڌ ۾ امن ۽ آشتي قائم ٿي وئي هئي. سنڌ کان ٻاهر به ملڪ جو وقار، بلند ۽ مٿي ٿيو هو. مٽي مائٽيءَ ذريعي سنڌ ۽ گجرات جي حاڪمن جا سگهارا ناتا قائم هئا. جڏهن 1472ع ۾ سنڌ جي ڏکڻ واري حصي ۾ بدامني شروع ٿي هئي، ته گجرات جي حڪمران سلطان محمود بيگڙي، پنهنجو لشڪر وٺي ڪڇ ملڪ جون سرحدون اڪري سنڌ جي امن امان بحال ڪرائڻ ۾ اچي ڄام نظام الدين جي واهر ڪئي هئي16. هن بغاوت ۾  000،40 سامونڊي قزاقن حصو ورتو هو.

ڄام نظام الدين هڪ خوش قسمت انسان هو. جنهن سان دولهه دريا خان جهڙو عظيم انسان سندس حڪومتي ڪاروهنوار هلائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي هو. دولهه دريا خان هڪ عظيم فوجي جنرل سان گڏ وقت جو وڏو ڏاهو،  ڏات ڌڻي، ڳڻن جو ڳهير ۽ بهترين انتظامن صلاحيتن وارو وزيراعظم به هو. ڄام نظام الدين جي حڪمرانيءَ دوران قنڌار جي ارغونن جي گَهَلِ سنڌ تي ڪاهي آئي هئي. هيڏانهن سنڌي فوج جي قيادت دولهه دريا خان جهڙي سورهيه سپوت جي هٿ ۾ هئي، جنهن پنهنجي بهادري ۽ خداداد صلاحيتن سان ارغونن جي فوج سان مهاڏو اٽڪايو ۽ کين سنڌ مان ڊوڙائي ڪڍي ڇڏيو17. هن ٺٽي جي حدن اندر ۽ ان کان ٻاهران واهه کوٽائي آبپاشيءَ جو نئون ۽ بهترين نظام قائم ڪيو هو، جنهن ڪري پوکي راهيءَ ۾ وڏي ترقي ٿي هئي. هيءُ ڳڻائتو سپوت پنهنجي اهليت ۽ اعليٰ لياقتن جي ڪري سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي کي گهڻو پسند هو. تنهن ڪري ملڪ جي هر معاملي اڪلائڻ لاءِ هو خودمختيار هوندو هو. حقيقت به اها آهي، ته ڄام نندو هن کي پنهنجو پٽيلو ڪيو ۽ کيس مان ڏيندي خانِ اعظم18 جو لقب پڻ ڏنو هو.

ڄام نظام الدين جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ پورچوگيزن هن ننڍي کنڊ جي واپار جو منهن ڦيرائي يورپ ڏانهن پورچوگال پاسي ڪيو هو. سارو عربي سمنڊ پورچوگيزن جي ضابطي هيٺ اچي ويو هو. ان ڪري وچ اوڀر جي مفادن کي ڏاڍو نقصان پهچي رهيو هو. سلطنت عثمانيه جي ترڪ خليفي سليمان عاليشان ۽ گجرات جي مسلمان فرمان روا محمود بيگڙي، هڪ گڏيل سامونڊي طاقت بڻائي ورتي هئي،* انهيءَ لاءِ جيئن عربي سمنڊ کي “پورچوگيز سامونڊي سگهه” جي اثر کان صاف ڪري سگهجي. پر پورچيگزن جي مقابلي ۾ هنن ٻنهي مسلمان طاقتن جي گڏيل سگهه هار کائي وئي هئي. سنه 1513ع ۾ پور چوگيزن هرمزکاڙيءَ (Ourmuz Strait) تي قبضو ڪري ورتو هو، جنهن ڪري سنڌ جي واپار جي اچ وڃ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو هو.19 اهڙيءَ ريت تبديل ٿيل صورتحال کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سامونڊي حدن کان گهڻو اندر هڪ خشڪ بندر حيثيت ۾ ٺٽي کي تمام گهڻي ترقي ڏياري وئي هئي. ڇاڪاڻ ته اهو سامونڊي ڪناري واري بندر نه هئڻ ڪري سامونڊي قزاقن جي ڦرلٽ کان گهڻو محفوظ هو. اهڙيءَ ريت هن ڏاهي حڪمران ذهانت ۽ دور انديشي ڏيکاريندي، سنڌ جي واپار ۽ پرڏيهي واپار کي خوب زور وٺرايو هو.

سما سلطانن پاران هڪ آزاد ماحول پيدا ڪرڻ سبب ٺٽي نه رڳو راڄڌاني جي حيثيت سان ترقي ڪئي هئي، پر علم ۽ ثقافت جو به هڪ اعليٰ مرڪز بڻجي پيو هو. ڪيترائي صوفي ۽ عالم جهڙوڪ: شيخ حماد جمالي، شيخ عيسيٰ لنگوٽي، پير مراد شيرازي ٻاهران اچي ٺٽي ۾ آباد ٿيا هئا.20 جيڪڏهن اسان ٽڙيل پکڙيل حوالن کي ميڙي چونڊي هڪ جائتو ڪنداسين، ته شيخ حماد جماليءَ جي قائم ڪيل هدايت ۽ رشد جي خانقاه جي تصوير ملي ويندي، جنهن ڪيترو وقت علمي اداري ۽ آدرشي انسان جي حيثيت ۾ بنا ڪنهن مت ڀيد ۽ ذات پات جي فرق جي عوام جي نمايان خدمت ڪئي. ڪيترائي طالب ۽ عالم هر ڏهاڙي اسلام جي مختلف علمي شاخن جي علم ۾ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس اچي، روحاني فيض حاصل  ڪندا هئا. سما سلطانن ڪيترائي مدرسا قائم ڪيا هئا، جن ۾ عام ماڻهوءَ جي علمي اڃ اجهائڻ لاءِ ايران جا مشهور ناميارا عالم گهرائي مقرر ڪيا ويندا هئا. “اخلاقي جلالي”  جي مشهور مصنف علامه جلال الدين داواني کي ڄام نندي سنڌ اچڻ جي نينڍ ڏني هئي. هن حڪمران علم جي سرپرستي ڪري، ان کي هڪ عام ماڻهوءَ جي پهچ جوڳو بنايو، کيس عالمن کي عزت ۽ مان ڏيڻ جو ڏانءُ ايندو هو ۽ پاڻ سدائين عالمن ۽ عارفن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. سنڌ جي مشهور تاريخ دان مير معصوم بکريءَ جو بيان آهي، ته ڄام نظام الدين علم حاصل ڪرڻ جي مقصد سان گهڻو جاکوڙيو هو. سندس گهڻو وقت مدرسن ۽ عالمن جي خانقاهن ۾ گذرندو هو. ذهانت، پرهيزگاري، علم دوستي، سليمت ۽ دليريءَ جي ناتي، مشرق جا وڏا عالم هن حڪمران جو وڏو احترام ڪندا هئا21.

ڄام نظام الدين 1508ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ ڄام فيروز سندس جانشين ٿيو. ان زماني ۾ وچ ايشيا وارا ملڪ سياسي ڏچن جي ور چڙهيل هئا، تنهن ڪري وايو منڊل وڳوڙي ٿي ويو هو. ايران به ساڳيءَ ريت سياسي ابتريءَ جو شڪار هو. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته اهو ڄڻ سياسي تبديلين جو جو زمانو هو. ان دور ۾ ڪيترائي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي مامرا ۽ هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيندڙ نت نوان معاملا پيدا ٿي رهيا هئا، جنهن جي عمل ۽ ردعمل جي نتيجي ۾ هڪ نئون سياسي نقشو اڀري رهيو هو. گهڻي ڇڪتاڻ کان پوءِ صفوي خاندان ايران ۾ پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪري ورتو. شيبانين به پنهنجي سياسي سگهه ۽ تلوار جي زور تي خراسان وارين حدن اندر پنهنجا پير پختا ڪيا. فرغانا جي عمر شيخ ميرزا جو پٽ بابر به لـُـڏي لـَـمي شڪستون کائي ڪابل ۾ اچي لامون لاٿيون، پر اتي به شيبانين جي تيز تلوارن جون نوڪون کيس ويجهو پهچڻ لڳيون، ته اتان به لڏو پٽي اچي دهليءَ ۽ پنجاب ۾ پير ڄمايا ۽ سدائين لاءِ هتي رهي پيو.

تاريخ جي هن نهايت نازڪ موقعي تي جڏهن وچ ايشيا، هندستان ۽ ايران ۾ ڪن اهم سياسي وڳوڙن کان پوءِ استحڪام ۽ حالتن ۾ ماٺار اچي رهي هئي، ته ان زماني ۾ ترڪ نسل جو ارغون گهراڻو امير ذوالنون جي اڳواڻي ۾ نئينءَ سياسي سگهه حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو. سياسي حالتون ڏاڍيون تيزيءَ سان بدلجي رهيون هيون. هر جاءِ تي سياسي غير يقينيءَ وارو ماحول موجود هو. اهڙي وايو منڊل ۾ سياسي تدبر رکندڙ ڪوبه ماڻهو، جنهن کي تيز تلوارن جي به ٿوري گهڻي پٺڀرائي حاصل هجي، ته هن لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جو راڄ ڌڻي ٿيڻ سولي ڳالهه هئي.

پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ حسين بايقراه، امير ذوالنون کي قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيو، ته هن امير جي ڀاڳ به ڀيڙو ڏنو22. ان زماني ۾ حسين بايقراه جو بخت ۽ تخت لوڏن ۾ هو، سندس پٽ بديع الزمان، هن جي حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو. امير ذوالنون حالتن تي سوچي ويچاري موقعي جو فائدو وٺڻ پئي چاهيو ۽ پنهنجي مالڪ کي ڇڏي وڃي، سندس پٽ بديع الزمان جو پاسو ورتو ۽ کيس پنهنجي ڌيءُ جو سڱ به ڏنائين. بعد ۾ پنهنجي مالڪ حسين بايقراه سان به صلح ڪري ورتائين. جڏهن شيبانين 913هه / 1507ع ۾ حملو ڪيو، ته امير ذوالنون پنهنجي ساري فوج گڏ ڪري ميئراڪ واري محاذ تي ساڻس وڃي مهاڏو اٽڪايو ۽ مزاحمت ڪندي مارجي ويو.23 ان کان پوءِ سندس پٽ شاهه بيگ ارغون هن جو جانشين ٿيو، جيڪو خاص طور تي ٻن طاقتور دشمنن جي وچ تي اچي ڦاٿو هو، سندس هڪ پاسي بابر هو، جنهن کي ڪابل ۾ مضبوط ٿيڻ لاءِ هن پاڻ هڙئون وڙئون سهائتا ڪئي هئي. ٻئي پاسي کان ايران جو حڪمران شاهه اسماعيل صفوي هو، جنهن هرات کي تلوار جي طاقت سان فتح ڪري، پنهنجي ايراني شهنشاهت سان ملائي ڇڏيو هو. هو ڪجهه وقت لاءِ ته ٻنهي سياسي طاقتن کان بچيو رهيو. ان جو ڪارڻ اهو ته بابر سمرقند کي هٿ ڪرڻ لاءِ جنگين ۾ اهڙو رڌل هو، جو هن پاسي سندس ڌيان ئي ڪونه هو. ٻئي پاسي کان شاهه اسماعيل صفوي ايران جي وڃايل سگهه کي ٻيهر سنڀالڻ لاءِ ترڪيءَ جي عثمانيه حڪمرانن سان جهيڙو ڳنڍي چڪو هو.

شاهه بيگ ارغون کي پوري پڪ هئي، ته بابر کيس قنڌار ۾ امن سان ويهڻ ڪونه ڏيندو. تڏهن هن پاڻ کي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ سوچيو. هن کان اڳ سندس پيءُ امير ذوالنون به هڪ اهڙي ڪوشش ڪري چڪو هو، پر سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جهڙي سگهاري حڪمران جي سخت مزاحمت جي ڪري کيس ڪاميابي حاصل ڪانه ٿي هئي. ڄام نظام الدين جي زماني ۾ سنڌ سياسي ۽ اقتصادي طور نهايت طاقتور هئي، پر هاڻي صورت حال سڻائي هئي، اها ساڳي سنڌ ڪانه  رهي هئي. ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز سنڌ جو حڪمران هو. سنڌ جون سياسي ۽ اقتصادي حالتون ڊانوان ڊول هيون. مثالي پيءُ جي هن پـُـٽ، ڄام فيروز ۾ دانائي واري هڪ ڳالهه به ڪانه هئي. هو سياسي طور ته ڄام نندي جو وارث هو پر کيس پيءُ طرفان راڄ ونديءَ واري ڏاهپ ۽ تدبر ورثي ۾ ڄڻ ته مليا ئي ڪونه هئس. هن ارغون قبيلن تي ٻڌل هڪ فوج ڀرتي ڪري پاڻ وٽ ٺٽي ۾ رهائي هئي. سلطان ڄام فيروز ارغون فوج جي رهائش لاءِ ٺٽي ڀرسان زمين جو ٽڪرو مخصوص ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي مغل واڙو سڏيو ويندو هو24. اهڙيءَ ريت ٺٽي ۾ رهڻ ڪري ارغون سنڌ جي جاگرافي ۽ سياسي حالتن کان چڱيءَ ريت واقف ٿي ويا هئا. انهن مان ڪيترا ماڻهو جاسوسي به ڪندا هئا ۽ شاهه بيگ ارغون کي ٺٽي تي حملي ڪرڻ لاءِ هرکائيندا هئا. هن نازڪ موقعي تي ڄام صلاح الدين، گجرات جي حڪمران مظفر شاهه جي مدد سان سن 917 هه/ 12-1511ع ۾ ٺٽي تي قبضو ڪري ورتو. ڄام صلاح الدين، سلطان فيروز جو سؤٽ هو. سنڌ جي حاڪمن جي گهر ۾ ڦيٽاڙو پئجي ويو، ٻه گهر ڌڻي وڙهندا آهن، ته چور کي ئي فائدو ملندو آهي. سنڌ جي هن گهرو لڙائي ۽ سياسي افراتفريءَ ۾ ارغونن کي ڄڻ سونهري وجهه ملي ويو، جن 919هه/16-1515ع ۾ ڄام فيروز کي تخت واپس وٺڻ لاءِ فوجي مدد ڪئي. ڪي تاريخي ذريعا اهو به ٻڌائن ٿا، ته شاهه بيگ ارغون ڄاڻي واڻي ٺٽي تي پهريون حملو 921هه/16-1515ع ۾ ڪيو هو25.

سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ ارغونن هڪ خاص قسم جي حڪمت عملي اختيار ڪئي هئي. ڇاڪاڻ جو سندن سگهه جي مرڪز، قنڌار کي بابر منجهان هڪ مستقل خطرو هو26. تاريخ 11 محرم 926هه مطابق 1519ع ۾ شاهه بيگ ارغون فوج وٺي اچي ٺٽي جي پس گردائيءَ ۾ پهتو.


* * 1998ع جي آدم شماري جي سرڪاري انگن اکرن موجب، ستهٺ هزار پنج سؤ چورس ميل (67500 Sq Mile) ايراضي واري ٺٽي ضلع جي آدم شماري ٻارهن لک پنجهتر هزار (12،75،000) آهي. ٺٽي تعلقي جي آدمشماري ٻه لک ٽيونجاهه هزار ست سو چوراسي (2، 53، 784) آهي. جڏهن ته ٺٽي شهر (بلديا جي ٻنهي يونين ڪائونسلن) جي ماڻهن جو ڳاڻيٽو اڻيتاليهه هزار نو سؤ ٽيهتر (39،973) آهي. (سنڌيڪار)

Source: District Census Report 1998, published in 2000 by Bureau of Statistics and Population Census Organization, Pakistan.

*سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي سنڌ تي اٺيتاليهه ورهيه حڪومت ڪئي. ان تي سمورا تاري خدان متفق آهن. (سنڌيڪار)

*  سما سلطانن جي حڪومتي دور جو عيسوي سن وارو وچور

نمبر

بادشاهه جو نالو

آغاز

پڄاڻي

1.

فيروز الدين شاهه ڄام انڙ I

1351ع

1352ٿ

2.

(الف) صدر الدين شاهه ڄام ٻانڀيڻو II

1352ع

1368ع

(ب)

علاؤ الدين ڄام جوڻو I

 

 

3.

(الف) رڪن الدين شاهه ڄام تماچي

1368ع

1370ع

(ب)

خير الدين ڄام توغاچي

 

 

4.

علاؤ الدين ڄام جوڻو - ٻيو ڀيرو

1370ع

1388ع

5.

رڪن الدين شاهه ڄام تماچي، ٻيو ڀيرو

1388ع

1392ع

6.

سلطان صلاح الدين شاهه ڄام انڙ II

1392ع

1404ع

7.

ڄام نظام الدين I

1404ع

1406ع

8.

ڄام علي شير

1406ع

1412ع

9.

ڄام ڪرن

ڏيڍ ڏينهن

- -

10.

صدر الدين ڄام سڪندر I

1413ع

1413ع

11.

ڄام فتح خان

1413ع

1428ع

12.

ڄام تغلق شاهه جوڻو II

1428ع

1453ع

13.

ڄام مبارڪ خان

ٽي ڏينهن

- -

14.

سڪندر شاهه ثاني ڄام محمد عرف ڄام انڙ

1453ع

1454ع

15.

صدرالدين شاهه ڄام سنجر عرف راءِ ڏنو

1454ع

1461ع

16.

سلطان نظام الدين ثاني عرف ڄام نندو

1461ع

1508ع

17.

ناصر الدين ابوالفتح سلطان فيروز II

1508ع

1512ع

18.

سلطان صلاح الدين شاهه

1512ع

1512ع

19.

سلطان فيروز ثاني - ٻيو ڀيرو.

1512ع

1520ع

سما سلطانن جو مٿيون حڪومتي دور ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو ترتيب ڏنل آهي.

**  گجرات جي حاڪم محمود بيگڙي پنهنجي عزيز ڄام نظام الدين وانگر اڌ صديءَ کان مٿي عرصي تائين گجرات تي حڪومت ڪئي. (سنڌيڪار)

*  پورچوگيزن خلاف انهيءَ گڏيل سامونڊي فوج ۾ ڄام نظام الدين جي سامونڊي فوج به شامل  هئي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org