29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :4

مصري ديوتائن جون مختلف تصويرون

جي قدرتي طاقتن يا غير محسوس خاصيتن (مثلاً: سج ۽ چنڊ، سڦلتا ۽ صحت جا مجسما هئا)،  کي ڪا ظاهري شڪل ڏين. تنهنڪري هنن سندن بـُـتَ ٺاهيا، جي ماڻهن وانگر نظر پئي آيا پر سندن مٿا جانورن جهڙا هئا. اڪثر ڪري سندن اعتقاد هو ته ديوتا حقيقت ۾ جانورن جي شڪل وٺي رهن ٿا. اهڙي طرح ”حيوان پرستيءَ“ جو بنياد پيو.

مصر ۾ ٻليون، ڪتا ۽ واڳون مقدس ليکيا ويندا هئا. اوسائي رِس جي روح متعلق چيو ويندو هو ته هو هڪ ڍڳي ۾، (جنهن کي ”ايپس“ ڪوٺيندا هئا)، رهندو هو. ”ايپس“ جي پوڄا سندس عمدي عبادتگاهه ۾ ڪئي ويندي هئي. ان ڍڳي جي موت وقت اوسائي رس جو روح (هڪ گابي ۾، جو اُن وقت ڄائو هو) حلول ڪري ويو. ]ٿٻيٽ جي لامائن جو به اهڙو عقيدو آهي ته جڏهن به ڪو زندهه ٻـُـڌُ مرندو آهي ته ٻـُـڌَ جو روح ان ٻار ۾ حلول ڪري ويندو آهي، جو ٺيڪ انهيءَ وقت ڄائو هوندو. لاسا جي ”دلائي لاما“ کي ”بزرگ ترين زندهه ٻـُـڌُ“ ليکيو وڃي ٿو[.

تناسـُـخ يا جـُـوڻ مٽائڻ، حشر و نشر، لاشن کي دوائن ۾ محفوظ رکڻ ۽ انهن جون قبرون ٺاهڻ:

سڀني مصرين جو پڪو عقيدو هو ته جسماني موت کان پوءِ سندن روحن کي دنيا ۾ ڪيل بڇڙن يا چڱن ڪمن لاءِ سزا يا اجورو ملندو. صالح روحَ ’اوسائي رس‘ جا دوست ٿي رهندا ۽ بـُـرن روحـَـن کي حيواني جسمن جي ذريعي رلڻو پوندو. جيئن گناهه وڏو تيئن انسان کي بدتر حيوان (جهڙوڪ: سوئر، ڳجهه) جي روپ ۾ رهڻو پوندو. ڪئين هزار سالن جي اهڙي سزا کان پوءِ اهو سزا يافته روح شايد انساني جامو اختيار ڪري.

قديم مصر جي مجسمه سازيءَ جو شاندار نمونو

مصر جو بادشاهه راميسس ٽيون نيفيٽس ۽ آئيسز ديوين جي وچ ۾

سندن عقيدي موجب، هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ سڀ ارواح پنهنجن انساني جسمن ڏانهن موٽندا. ان کي ”حشر يا قيامت“ جو عقيدو ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن پوين مذهبن، جهڙوڪ: مسيحيت ۽ اسلام ۾ ملي ٿو. مصرين دوائن جي ذريعي لاشا سانڍي رکيا، ان لاءِ ته، جيئن روح پنهنجي اڳئين بدن کي لهي سگهي. ان طريقي سان لاش کي محفوظ رکڻ کي ”موميائي طريقو“ ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ اهڙن لاشن کي ”موميائي لاش“ سڏيو وڃي ٿو، پوين ڪـُـجهه ڏهاڪن ۾ ڪئين هزار اهڙا موميائي لاش لڌا ويا آهن. سيتيءَ پهرئين ۽ راميسـِـس ٻئي جا موميائي لاش قاهره جي عجائب خاني ۾ هينئر به ڏسي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ انهن بادشاهن جي موت کي ٽن هزار ورهين کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، ته به سندن چَهرا بلڪل صحيح سلامت آهن.

مصرين جي عقيدي موجب انتقال ڪيل روح ڪڏهن ڪڏهن انهن ساڳين قبرن ۾ موٽي ايندا آهن، جتي سندن جسم پوريل آهن. انهن روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ قبرن جي ٺاهه ٺوهه ۾ گهڻي محنت ڪئي ويندي هئي. نيل نديءَ جي اولهه ۾ جيڪي ٽڪريون آهن، (خاص ڪري قديم ٿيبز جي ويجهو) انهن ۾ لاتعداد قبرون زمين ۾ سرنگهه وانگر کوٽيل آهن. انهن جون ديوارون اڪثر ڪري تصويرن ۽ ڪتبن سان چٽيل آهن، جن ۾ فوتين جي زندگي بيان ٿيل آهي. انهن تصويرن جي ذريعي اڄڪلهه جي عالمن کي قديم مصرين جي اخلاق ۽ رهڻي ڪهڻيءَ متعلق سڀ خبر پئي آهي. اهرام پڻ اصل ۾ سندن بانين جا مقبرا آهن.

شيشو ۽ ڪاغذ:

چار هزار ورهيه اڳ مصرين کي شيشي ٺاهڻ جون سڀ تجويزون اينديون هيون. اهي مصنوعي جواهرات ٺاهڻ ۾ به ڀڙ هئا. هيءَ اها صنعت آهي، جنهن ۾ يورپ وارا به هينئر مـَـسَ سندن برابري ڪري سگهيا آهن. مصري، لکڻ لاءِ نيل نديءَ جي ڪناري جي ڀرسان هڪڙي قسم جو گاهه ڄمندو هو، ان گاهه کي (ڪاغذ ڪري) ڪم آڻيندا هئا. يونانين وٽ اهڙي خاص قسم جي شيءِ لاءِ ٻه نالا هئا، پهريون: ”پاپـِـي رُس“ (Papyrus) ]جنهن مان انگريزي لفظ ”پيپر“ (Paper) نڪتل آهي[ ۽ ٻيو: ”ببلوس“ (Byblos) ]جنهن مان انگريزي لفظ ”بائيبل“، ڪتاب نڪتل آهي[. ”پاپي رس“ مهانگو هو، ان ڪري سهانگا لکڻ جا پترا، جهڙوڪ: ڪاٺ جون پٽيون، ٺڪر جا ڀڳل ٽڪر ڪتب آندا ويندا هئا.

مصري تحرير:

 

 

غ   قديم

 

حجر الرشيد/رشوٽا جنهن تي قديم مصري تحرير يوناني ۽ هيروغليفي لکيل آهي.

 

چيني لکت وانگر مصري لکت به ”نقشي تحرير“ سان شروع ٿي. شين جا نالا سندن سادي تصوير يا نقش ڪڍڻ سان اظهار ڪيا ويندا هئا. مصري پنهنجي تحرير تي، جا واقعي سهڻي هئي، فخر ڪرڻ ۾ پڻ چينين سان مشابهت رکندا هئا. ”پٿراون ڪتبن“ لاءِ هنن قديم ”تصويري تحرير“ جنهن کي ”هيرو غلافي“ (هيرو = مقدس، غلافي = پٿر تي ٽـُـڪيل لکت) ڪوٺيو وڃي ٿو، ان کي جاري رکيو. دستاويزن ۽ واپاري مقصدن لاءِ تصويري تحرير جا مختصر نمونا آهستي آهستي هيرو غلافيءَ جي جڳهه ڀرڻ لڳا، ڇو ته هو تڪڙا لکي پيا سگهجن.(1)

 

هنر ۽ سائنس:

مصري، نقاشي ۽ مجسمه سازي جا ڏاڍا شوقين هئا. ملڪ جي خشڪ آبهوا ڪري سندن ڪاريگري جا ڪيترائي نمونا اڄ ڏينهن تائين محفوظ آهن. خاص طرح مقبرن اندر نقاشي اهڙي تازي پئي لڳي ڄڻ نقاشن تازو چٽي هجي! مصرين جي قدامت پسندي سندن هنر مان صاف ظاهر آهي. اهرامي بادشاهن جي زماني ۾ سندن هنر ڪمال کي پهچي چڪو هو، پر ان کان پوءِ ٻن هزار ورهين تائين سندن هنر ورلي ڪا ترقي ڪئي. مصرين جيڪي ڪـُـجهه سائنس جي ميدان ۾ حاصل ڪيو، ان کي اڪثر مبالغي سان پيش ڪيو ويندو آهي.

سندن سخت مذهبي رهڻي ڪهڻي ۽ ڀرمن جي ڪري منجهن اهو کوجنائي روح پيدا نه ٿي سگهيو، جنهن اڄڪلهه جي سائنس کي پيدا ڪيو آهي. هنن ان ڳالهه کي وڌيڪ پسند ٿي ڪيو ته ڪن بيڪار رسمن کي جاري رکجي، ڇو ته اهي وڏڙن کان پيڙهيائتيون هلنديون پيون اچن، بجاءِ اِنهيءَ جي، جو انهن کان ڪي بهتر رستا ڳولي ڪڍجن. ان ڪري طب، حسابي علم، علم هيئت ۽ سکيا جون ٻيون شاخون يا شعبا

مصري لباس جا مختلف نمونا  پيش ڪندڙ هڪ قديم تصوير

قديم زماني کان ساڳي هيٺاهين سطح تي رهيا. انساني جسم کي چيرڻ (جراحت) وٽن هڪ عظيم گناهه ليکيو ويندو هو. نتيجو اهو ٿيو جو مصري ڊاڪٽرن کي ”تشريح الابدان“ جو ڪڏهن به صحيح علم نه ٿيو. هو مرضن جو علاج رڳو پنهنجن روايتي هدايات مطابق ڪري ٿي سگهيا. جيڪڏهن اهو علاج ڪامياب نه ٿيندو هو ته جادوءَ جا سـُـڳڻ ساٺ استعمال ڪندا هئا. علم هيئت ۾ سيارن يا گرهن کي ”ثوابت“ يا هڪ هنڌ بيٺل تارن کان مختلف سمجهندا هئا. آسمان کي برجن ۾ ورهائيندا هئا ۽ سال جي مدت تخميناً مقرر ڪندا هئا. سندن جنتري يا سالياني تقويم مـُـنجهيل هئي ۽ سنن يا سالن جي ڳڻپ به پوريءَ طرح نه ڪندا هئا. ان سبب ڪري مصري تاريخ جون صحيح تاريخون لهڻ ناممڪن آهي.

زالن جي حيثيت:

مصري زالن کي قاعدي موجب مڙس سان گڏ برابريءَ جا حق حاصل هئا. هو پنهنجي نالي ۾ ملڪيت رکي ٿي سگهيون ۽ خودمختياريءَ سان ان جي سنڀال ڪري ٿي سگهيون. پنجين بادشاهي خاندان جو هڪ شهزادو اخلاقي نصيحتن جي هڪ مجموعي ۾ چوي ٿو:

”جي تون سياڻو آهين ته پنهنجي گهر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪر، پنهنجي زال کي پيار ڪر، سندس عزت ڪر، سندس جسم جي سنڀال ڪر، سندس خواهشون پوريون ڪر، جيستائين تون جيئرو آهين، ڇو ته هوءَ (زال) هڪ نعمت آهي، جيڪا پنهنجي مالڪ لاءِ عزت جو باعث آهي.“

ڪنهن به ٻئي قديم ملڪ ۾ زالن سان اهڙو سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويندو هو ۽ نه هنن کي هاڻوڪي زماني تائين مغرب جي مکيه ملڪن ۾ سندن برابريءَ جي حقن جي دعويٰ وري تازي ڪئي وئي.

مصر جو تاريخ ۾ درجو:

مغربي تمدن جي پايي وجهڻ جي مرتبي جي حصول ۾ مصر بئبلونيا (بابل) سان هم شريڪ آهي. اهو مشڪل سان چئي سگهبو ته ڪهڙا قاعدا ۽ ڪهڙيون رسمون هاڻوڪي زماني کي مصرين کان ورثي ۾ مليون آهن، پر ان ڳالهه جي پڪ آهي ته فنيقي لوڪن ۽ يونانين، مصرين سان تعلقات هئڻ سبب کانئن گهڻو ڪجهه سکيو. ڳچ زماني تائين يوناني، مصري مذهبي عالمن کي تمام گهـَـري علم جا مالڪ ليکيندا آيا. مصرين لاءِ اها ڪا شرم جي ڳالهه ناهي ته اُهي يوناني ۽ رومي قومن جي نئين طاقت سان همقدم نه هلي سگهيا، پر هڪ هنڌ بيهي رهيا ۽ هيٺ جـُـهڪي ويا ۽ بعد ۾ ترقي ڪندڙ ملڪن جا غلام ٿي رهيا. فردن وانگر قومن کي به ڪي قدرتي طرح محدود لياقتون ٿين ٿيون، جن جي حدن کان اڳتي هو قدم نٿا رکي سگهن. جي هو انهن لياقتن جو پورو فائدو وٺن ۽ انسان ذات جي عام ترقيءَ ۾ ڪجهه وڌاءُ ڪن ته کين انسان ذات جي محسنن يا احسان ڪندڙن مان ليکڻ گهرجي. انهن عظمت وارين قومن جي لسٽ ۾، جن دنيا کي اڳتي قدم وڌائڻ ۾ مدد ڪئي آهي، مصري سڀ کان اڳرا آهن.

باب ٻيون

بئبلونيا ۽ آشور

دجله ۽ فرات جي وادي:

هڪ آشوري سپاهي

مصر سان ڪيترين ئي حالتن ۾ مشابهت رکندڙ هيءَ هڪ وسيع نهري وادي آهي، جنهن جي هڪڙي پاسي کان شام ۽ عربستان جا بيابان آهن ته ٻئي پاسي کان آرمينيا جا مٿانهان پٽ ۽ زغروس جبل آهي. آبهوا به مصر جي آبهوا سان مشابهت رکي ٿي. اها فقط ان ڳالهه ۾ مختلف آهي ته مشرقي واديءَ ۾ هر سال موسمي برسات پوندي آهي، ان جي زمين ڪچي جي آهي ۽ دجله ۽ فرات جي نيمائتي اٿل جي ڪري پاڻيءَ هيٺ ايندي آهي ۽ آباد ۽ سرسبز ٿيندي آهي. هتي زراعت جي لاءِ مصنوعي ريج جو طريقو به استعمال ڪيو ويندو هو. واهن ۽ کاهين کي خبرداريءَ سان هلائڻ جي ڪري ملڪ ۾ بينظير آبادي هئي. ترڪي حڪومت جي بدانتظامي وري دور ۾ انهن کي نظرانداز ڪيو ويو. نتيجو اهو ٿيو جو اها زمين هڪ واديءَ وارو بيابان ۽ تپاوليءَ واري ڌٻڻ واري زمين ٿي پئي.

قديم زماني ۾ هن واديءَ جي ڏکڻ واري حصي کي بئبلونيا ڪوٺيو ويندو هو. هي نالو بابل شهر جي ڪري مٿس پيو. پهرين بئبلوني حڪومت جي دور ۾ هتان جي ماڻهن کي ”ڪلداني“ ڪوٺيو ويندو هو، ان ڪري اڪثر هن خطي کي ”ڪلده“ به ڪوٺيو وڃي ٿو. بابل شهر جي مٿئين پاسي کان ندين جي وچ ۾ جيڪو اڪثر خشڪ ميدان آهي، تنهن کي الجزيره يا ”ميسوپوٽيمـِـيا“ (ميسو = وچ، پوٽم = ندي) ڪوٺيو ويندوهو. اهو نالو ان نديءَ جي سڄي واديءَ کي پڻ ڏنو وڃي ٿو. اتر واري پاسي واري ملڪ کي، جو دجله نديءَ کان وٺي ٽڪرين ۽ جبلن تائين ڦهليل آهي، ان کي ”آشوريا“ سڏيو ويندو هو.

ٽي وڏيون بادشاهتون:

هن ملڪ ۾ ٽي وڏيون بادشاهتون حڪومتي اوج کي پهتيون. اهي هروڀرو هڪٻئي کان مختلف نه هيون، پر گهڻين ڳالهين ۾ سندن تاريخ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي. شروع ۾ اهي حڪمران ڏکڻ ۾ حڪومت ڪندا هئا. هن دور کي ”پهرين بابلي يا ڪلداني شهنشاهت“ ڪوٺيو ويندو هو. ان کان پوءِ اتر - اولهه ۾ آشوري حڪومت ڪرڻ لڳا ايستائين، جيستائين بابل وارن وري پنهنجي طاقت جو زور ڄمايو.

قديم آشوري سلطنت جا آثار

قديم بابلي سلطنت (اٽڪل سن 4000 ق . م کان 1300 ق . م تائين):

 بابلي تاريخ جي شروعات جي پوري خبر نٿي پوي. ڪجهه غير معتبر معلومات ملي آهي جا سن 4000 ق. م تائين پهچي ٿي. ان معلومات مطابق قديم زماني ۾ ڪلده جي رياست ڪيترين ئي خودمختيار شهري حڪومتن ۾ ورهايل هئي. سارغان اول، جو اغاده شهر جو بادشاهه هو، تنهن سڄي ملڪ کي پنهنجي حڪمراني هيٺ آڻي يڪو هڪ ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جون حدون وڌائي ڀونوچ سمنڊ تائين ڪيائين. تقريباً

سن 2200 ق. م وارو زمانو حمورابي جو آهي، جو سڄي بئبيلونيا جو بادشاهه هو. اهو پنهنجي متعارف ڪرايل قانون جي ڪري مشهور آهي. آثار قديمه جي کوٽائي ڪندڙن کي ان قانون جو ذري گهٽ سڄو دستور عمل هڪ وڏي يادگار پٿر تي اڪريل مليو آهي. حمورابيءَ جو قانون پنهنجي قسم جو قديم ترين نوشتو آهي ۽ پراڻي زماني جي رسم رواجن جي اڀياس لاءِ بيحد قيمتي آهي.(1)

 

ڪجهه صدين گذرڻ کان پوءِ بابلي مهاجرن وڃي جابلو ملڪ وسايو جنهن کي آشوريا ڪوٺيو وڃي ٿو. وڏي مدت تائين هو ڏاکڻي حڪومت جي هٿ هيٺ رهيا. پر آهستي آهستي آشوري خود مختيار ٿيڻ لڳا، ايتري قدر جو آخر ۾ ميسوپوٽيميا وارين قومن جا مالڪ بڻجي ويا. (2)

 

آشوري سلطنت (سن 1300 ق . م کان 606 ق . م تائين)

آشوري ظالم ۽ جنگجو هئا. سندن حڪومت سراسر فوجي طاقت تي ٻڌل هئي. سندن بادشاهه جنگي جوڌا هئا. پنهنجي حڪومت جو اڪثر زمانو ماد کان مصر ۽ ڳاڙهي سمنڊ کان ڀونوچ سمنڊ جي وچ وارن ملڪن کي فتح ڪرڻ يا هيسائڻ ۾ صرف ڪيائون. آشوري سلطنت جو گاديءَ جو هنڌ دجله نديءَ جي ڪناري تي شاندار ۽ مضبوط شهر نينوا هو. ٻين ڪيترن قومن وانگر، جي هميشـه لاءِ آتا رهندا آهن، آشورين کي به پنهنجي اصلي تهذيب ڪا گهٽ هئي. مذهب ۾ کين پنهنجو ديوتا آشور هو پر سندن عقيدا اڪثر بابل وارن  جهڙا هئا. سندن علم ادب، هنر و فن ۽ عام اڀياس سڀ ڪلداني علمن جي طفيل هو.

هڪ آشوري بادشاهه ۽ سندس وزيراعظم

سارغان پهريون آشوري حڪمران هو، جنهن مصر جي فرعون سان جنگ ڪئي. ان جي نتيجي ۾ مصري بادشاهه خراج ڏيڻ لاءِ مجبور ٿيو، بعد ۾ جيئن عربن بلڪه قبرص جي ماڻهن پڻ مجبور ٿي کين خراج ڏنو (قبرص مشرقي ڀونوچ سمنڊ ۾ وڏن ٻيٽن مان هڪڙو آهي). جڏهن يهودين سارغان جي اختياريءَ خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن هن سندن اڌ ملڪ کي نابود ڪري ڇڏيو ۽ گهڻن ماڻهن ڪري قيد ڪري وٺي ويو ۽ وڃي آشوريا ۾ کين نوان گهر ڏنائين.

آشور هني بال جو مجسمو

آشور بن بعل (آشور هني بال) جي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ آشوريا چوٽيءَ جي طاقت کي پهتو. مصر جي علائقي کي ساميٽيڪـُـس پهرئين جي هٿ هيٺ خودمختياري حاصل ٿي. ساميٽيڪـُـس ڇويهين خاندان جو باني هو، پر آشوريا جي هن مڪاني شڪست جو بدلو کيس ٻين خـِـطَن ۾ مليو. عملي طور سڄي مغربي ايشيا، ايران جي مٿانهين پٽ کان وٺي ڳاڙهي سمنڊ ۽ ڀونوچ سمنڊ تائين جي علائقن آشور بن بعل کي پنهنجو حاڪم اعليٰ ڪري مڃيو.

آشوريا جو اوچتو زوال:

آشوري بادشاهن جي بي رحميءَ واري هلت سندن بي شمار رعيت جي نظرن ۾ سندن غلاميءَ کي تهائين حقارت جوڳو بڻايو. سلطنت جي سڀني حصن ۾ هڪٻئي پٺيان فساد ٿيڻ لڳا ۽ ٿورين حالتن ڦرڻ سان آشوريا جي نابودي اچي سگهي ها. آشور بن بعل جي حڪومت شروع ٿيڻ کان ٿورو وقت پوءِ بابل جي گورنر ماد لوڪن (ايران) جي بادشاهه سـِـي آڪسي رِيز (هو خـَـشتر) سان آشوري تسلط کان آزاد ٿيڻ لاءِ عهدنامو ڪيو. آشوريا جي آخري بادشاهه سـَـئرَڪـُـس سندس گڏيل دشمن جو مقابلو نه ڪري سگهيو. سن 606 ق . م ۾ گهڻي عرصي جي گهيري کان پوءِ نينوا تي اوچتو حملو ڪري مٿس قبضو ڪيو. سـَـئرَڪـُـس فاتحن جي وَر چڙهڻ جي ڊپ کان محلات کي باهه ڏيئي پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي ساڙي ڇڏيو. نينوا جي تباهيءَ سان گڏ سڄي سلطنت ٽڪر ٽڪر ٿي وئي ۽ جلد ئي سندس يادگيري ماڻهن جي دلين تان ميسارجي وئي. ٻن هزار ورهين تائين نينوا ۽ ٻيا شاندار شهر ڪنهن کي ياد به ڪونه هئا ۽ انهن متعلق ماڻهن کي معلومات، نه هجڻ جهڙي هئي.

نئين بابلي سلطنت (606 ق . م کان 538 ق . م تائين)

جيتوڻيڪ نئين بابلي سلطنت سئو سال به جٽاءُ نه ڪيو، تڏهن به پنهنجي اقتدار ۽ دولت جي ڪري اُن ڀر وارين قومن تي گهـَـرو اثر ڇڏيو. پوئين زماني ۾ بابل جي مشهوري اڪثر ڪري هڪ بادشاهه يعني بخت نـَـصـَـر (نيبـُـو قـَـدَ َظـَـر) جي طاقت ڪري ٿي. پنهنجي تقريباً سٺ سالـن جـي شـانـدار حـڪـومت جي دور ۾، هن حڪمران وري ٻيهر مغربي ايشيا جو گهڻو حصو هڪ مرڪزي حڪومت هيٺ آندو. سندس هٿان فرعون نيڪو جـي مهنـداريءَ هـيٺ وڙهـنـدڙ مصـري لشـڪـر کـي فـرات نـديءَ جـي ويجهو بريءَ طرح شڪست ملي. شام تي قبضو ڪيو ويو ۽ يهودين جي بادشاهه مجبور ٿي بابل وارن جي حڪومت قبول ڪئي. نيڪو جي تخت تي جائنشين يهودين ۽ فـِـنـِـيقـِـين کي ترغيب ڏني ته بئبلونيا جي خلاف وري تازي جنگ جوٽڻ لاءِ سندس ساٿ ڏين. پر ايندڙ جنگ ۾ اتحادين جي گاديءَ جي هنـڌن يعني يروشـلم ۽ صـور کـي تمام گهڻو نقصان پهتو. يهودين جو بـادشاهه قتل ٿيـو ۽ سـندن ڪـيترن رعـيـتين کـي

Text Box: شهنشاهه بخت نصر جي دور جي بابلي سلطنت


(1) نيپولين جي هڪ فوجي کي اسڪندريا (مصر) جي هڪ ڳوٺ الرشيد منجهان هڪ پٿر لڌو جنهن تي قديم مصري تصويري لکت (Pictographic Script) سان گڏ يوناني ۽ هيرو غليفي ۾ عبادت جا ڪي قانون لکيل آهن. اهو پٿر اڄڪلهه برٽش ميوزيم ۾ محفوظ آهي. (ع. ح. ق)

(1) تاريخ نويس مسٽر ايل. ڊبليو ڪنگ (Mr. L. W.king) سارگان پهرئين جي تاريخ اٽڪل 2600 قبل مسيح مقرر ڪئي ۽ حمورابيءَ جي هڪ اندازي مطابق 2123 کان 2081 قبل مسيح تائين ٻڌائي اٿس. (انگريزي ايڊيٽر)

(2) آشوريا تهذيب اڏيندڙن جو بئبلونيا تهذيب سرچشمو هئڻ ۾ شڪ آهي. هڪ تازي نظريي مطابق آشوريا وارا آرمينيا واري نسل مان هئا. ڏسو ايڇ. آر. هال (H.R. Hall) جي ”ويجهي اوڀر جي قديم تاريخ“ (Ancient History of the Near East). (انگريزي ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org