20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :27

جستم از دل چو سال آرامش، گفت:

دادند بميرزائ ابو الفتح ارم

آيات جا ڪتبا:

لا الٰہ الا الله محمد رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وصحبه وبارک وسلم

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: قل يا عبادي الذين اسرفو ... غفورالرحيم. 1

 

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولہ الڪريم.

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: الله لا الٰہ الا هو الحي القيوم ... و هو العلي العظيم. 2

 

بسم الله ... تبارک الذين ... بمآءِ معين. 3

 

کل شئ هالڪ ... اوليه ترجعون. 4

 

کل من عليہا فان و يبقيٰ ... الثقلـٰن فباي الاءِ ربکما تکذبان. 5

 

صدق الله العلي ... رسولہ الڪريم.

. ايرج ميرزا، بن ميرزا عنايت الله بن ميرا عيسيٰ ثاني. متوفي 20 شوال 1061هه. ميرزا عيسيٰ ثانيءَ جي مقبري ۾ (نمبر 7) دفن آهي. ڪتبا سندس احوال ۾ ڏسجن.

. باقي، ميرزا محمد. بن ميرا عيسيٰ اول. پڻس جي قربستان کان ٽي سئو کن فٽ پري ڏکڻ ۾ ميرزا باقيءَ جو جدا گورستان آهي.

قبرستان ميرزا باقي: اندر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اوڀر کان عالم پناه ۾ دروزاو آهي. داخل ٿيندي پهريون اتر کان ڪنڊ ۾ زنانون قبرستان اچي ٿو، جنهن ۾ يارهن پڪيون قبرون آهن. (نمبر 1 تا 11)  اتان نڪري اولهه کان متصل هڪ ٻئي احاطي ۾ داخل ٿبو، جنهن جي کليل ڪشادي ميدان ۾ ڪيئي قبرون آهي. مرڪزي ٿلهي جون قبرون (14 تا 22) اهم ۽ پڪيون آهن. احاطي ۾ مختلف جاين تي قبرن جا ٻيا مجموعا به آهن: مثلاً 12- 13- ۽ 23- 24- 25- 26 ۽ 27 کان 33 تائين. اهي سڀئي مجموعا هن وقت ڪچن قبرن جا آهن، ڪوبه تاريخي اهي ڪتبو ڪونه آهي، فقط نشان طور مٿان ننڍا ننڍا پٿر رکي لوڙهه ظاهر ڪيا ويا آهن.*

 

انهيءَ ميدان منجهان اولاهين ديوار مان هڪ گهٽي نڪري ڏسندڙ کي ڏکڻي ايوان ۾ پهچائي ٿي. اولهه واري ڪنڊ ۾ هشت پهلو ڇٽي هيٺ هڪ قبر آهي (34)ان جي ڀڪ ۾ کليل ٿلهي تي ٻي قبر (35) آهي. اولهائين ۽ ڏکڻين ڪنڊ ۾ قبر (36) يا سر ڏکڻين ديوار سان گڏ (37) يا ايوان ۾ وچ واري قبر (38) ڊهي چڪيون آهن.o

 

انهيءَ ميدان ۾ هشت ٿنبي ڇٽيءَ اندر قبر (39) ڪتبي سان، بديع الزمان ميرزا جي آهي جنهن جو ذڪر سندس نالي تحت ايندو.

مرداني چوديواري: انهيءَ ميدان منجهه مٿينءَ (39) ڇٽيءَ جي سامهون چوديواري ۾ پنج قبرون (40- 44) آهن. ميرزا باقي ۽ سندس ٻيا عزيز انهيءَ ۾ دفن آهن. انهن جي ڪتبن جو ذڪر پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سندن نالن تحت ايندو.

آيات جا ڪتبا:  انهيءَ چوديواريءَ جي اندرينءَ خواه ٻاهرينءَ پيشاني تي چوڌاري، آيات اُڪريل آهن، محراب تي پڻ آيات جي اُڪر آهي. اندر آيتن کان سواءِ ديوار جا ڪنارا ۽ پاوا نقشيدار آهن. ديوار ۾ هوا لاءِ ڄاريدار جاريون آهن. مٿان ڇت ڪانه آهي. آيتون هن ريت آهن:

ٻاهرين ڪناري تي:

بسم الله .. تبارک الذي ... بماءِ معين. 1

 

بسم الله ... قل هو الله احد ... ڪفوا احد. 2

 

صدق الله ... والحمد الله رب العالمين.

مشقہ العبد الفقير الي الله الملک المتين حسن بن رکن الدين.

اندرين ڪناري تي:

بسم الله ... اذا وقعت الواقعته ... فسبح باسم ربڪ العظيم. 1

 

مشقہ العبد الفقير الي الله الملک المتين حسن بن رکن الدين.

محراب تي اندرين پاسي:

فنادة الملائکة ... في المحراب. 2

 

ميرزا باقيءَ جي قبر 41:

ميرزا باقيءَ جي قبر ڏيکاريل نقشي ۾ (41) نمبر واري آهي. قبر جي پيرانديءَ کان تاريخي ڪتبو آهي:

وفات يافت حضرت جنت

مکاني الواصل الي جوار الملک

الرحمان ميرزا محمد باقي بن ميرزا

محمد عيسيٰ ترخان در تاريخ

روز پنج شنبہ هشتم

شهر شوال سنہ 993هه

لوڙهه تي پاسن کان:

قال الله سبحانہ تبارک و تعاليٰ.

شهدا الله انہ لا الٰہ الا هو الملـٰئکته ... بصير بالعباد. 3

 

صدق الله ... النبي الڪريم.

بسم الله ... تبارک الذين ... بماءِ معين. 1

 

بسم الله ... الله لا الله الا هو الحي القيوم ... هو العلي العظيم. 2

 

قال الله ... کل شيئا هالک ... ترجعون.3

 

صدق الله بيشرهم ربهم ... عنده اجر عظيم. 4

 

صدق الله ... رسولہ النبي الڪريم.

قبر 44 ؟:

ميرزا جي گورستان ۾ قبر نمبر (44) تي نالي جو ڪتبو ڪونه آهي، آيات جا ڪتبا هي آهن:

قال الله تعاليٰ: قل ان الموت الذين تفرون ... بما ڪنتم تعلمون.5

 

صدق الله ... النبي الڪريم.

بسم الله ... تبارک الذين ... بماء معين. 6

 

الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم. 7

 

کليل زنانو قبرستان:

جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي، ميرزا باقيءَ جي زناني قبرستان مان نڪري اولهه واريءَ متصل ديوار جي در مان ڪشادي ايوان ۾ داخل ٿيڻ تي قبرن جا ٽي مجموعا ڏسڻ ۾ ايندا. انهن مان مرڪزي ٿلهي وارن قبرن (15- 16- 17- 18- 19- 20- 21- 22) جا ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا. باقي قبرون (12- 13 ۽ 14 ۽ 23 تا 25 ۽ 26 ۽ 27 تا 33) بنان ڪتبن جي، گهڻو ڪري ڊٺل ۽ ڪچيون آهن.

قبر 15 ... بيگہ؟ سنہ 1013:

سيرانڌيءَ کان: هوالڪريم – هو الفتاح.

پيرانديءَ کان: وفات يافت ... بيگہ ... بنت

شاه بيگ در تاريخ سنہ 1013هه *

 

آيات:

هوالڪريم – يا فتاح.

قال الله سبحانہ و تعاليٰ:ياءَ ايها الذين آمنوا استعينو ... واو لئکهم المهتدون. 1

 

الله لا الٰہ الا هو الحي ... و هو العلي العظيم. 2

 

ما ڪان محمد ابا احد ... عليما. 3

 

قبر 16؟:

نالي جو ڪتبو ڪونه. آيات:

قال الله تعاليٰ:

ولقد خلقنا الانسان ... عن الخلق غافلين. 4

 

صدق الله ... النبي الڪريم.

صلي الله عليہ وآلہ و صحبه وبارک وسلم.

قبر 17. چوچڪ بيگم 1001هه؟:

هي قبر ننڍي آهي:

وفات يافت چوچڪ (؟)

بيگم در تاريخ سنہ 1001هه

هوالڪريم.

الله لا الٰہ الا هو الحي ... هوالعلي العظيم. 1

 

بسم الله ... تبارک الذين ... مغفرت و اجر کبير. 2

 

صدق الله.

قبر 18. ماه بيگم 1001هه (؟):

پيرانديءَ کان:

وفات ماه بيگم تاريخ 1001هه (؟)

آيات هي آهن:

هو الباقي.

الله لا الٰہ الا هوالحي القيوم ... العلي العظيم. 3

 

قبر 19؟:

هن تي نالو ڪونه آهي. آيات هي آهن:

قال الله تعاليٰ: قل يا عبادي ... انه غفورالرحيم.4

 

الله لا الٰہ الا هوالحي القيوم ... العلي العظيم. 1

 

قبر 20 والده محمد علي 995هه (؟):

پيرانديءَ کان:

وفات يافت صالحہ ساجده والده ميرزا محمد علي ترخان ... (؟) در تاريخ سنہ 995هه (؟)

آيات هي آهن:

لا الٰہ الا الله ... رسول الله.

قال الله تعاليٰ: ان الذين قالو ربنا ... من غفور رحيم. 2

 

منها خلقنا ڪم ... اليٰ صدق الله. 3

 

قبر 21. ارغون بيگہ 1000هه:

پيرانديءَ کان:

وفات ارغون بيگہ بنت

امير محمد علي ارغون سنہ 1000هه

آيات:

لا الٰہ ... رسول الله.

قال الله سبحانہ تبارڪ و تعاليٰ:

شهد الله انه لا الٰہ ... العزيز الحکيم. 4

 

صدق الله ... العظيم و صدق ... نبي الکريم.

الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم. 5

 

قبر 22:

نال جو ڪتبو ڪونه آهي. آيات هن ريت آهن:

بسم الله ... يا ايها المزمل قم ... اليٰ ربہ سبيلا. 1

 

قل يا عبادي الذين ... هو الغفورالرحيم. 2

 

الله لا الٰہ الا هو الحي ... و هو العلي العظيم. 3

 

کل شئ هالک الا ... ترجعون.4

 

صدق الله العلي ... الڪريم و نحن علي ... الشاکرين ... رب العالمين.

ميرزا باقيءَ جي والده، سنڌ  جي سوڍن مان هئي. انهيءَ ڪري ارغون ۽ ترخان کيس طعني طور سندي بچه سڏيندا هئا. ليڪن واءِ ناڪامي جو اهو سنڌي ٻچو مرندي گهڙيءَ تائين سنڌي ٿي ڪونه سگهيو. سنڌ اندر جيڪي ظلم هن ڪيا تن جو مثال، ڌاري تسلط جي دؤر ۾، ملڻ مشڪل آهي.*

 

ارغون ۽ ترخان سئو رهيه کان مٿي سنڌ ۾ رهيا ليڪن پاڻ کي ديسي بڻائي ڪونه سگهيا. ڌاري هجڻ سبب هميشہ سنڌين کان پاڻ کي برتر ۽ بالا سمجهندا رهيا. هو فاتح هئا ۽ سنڌي محڪوم. حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ جيڪو فرق ٿئي ٿو سو، شدت ۽ وڏي شد مد سان انهيءَ دؤر ۾ قائم رهيو.

ميرزا باقيءَ جي هڪ گهرواري رايحه بيگم هئي جيڪا ناهيد بيگم جي نياڻي هئي ۽ شاه قاسم بيگلار هٿان مدافعت ڪندي مارجي وئي.

. بيگہ ... ؟ بنت ميرزا عيسيٰ، مدفن گورستان ميرزا سليمان. قبر (نمبر 7) تي ڪتبو آهي:

وفات ... بيگہ بنت ميرزا

عيسيٰ در شعبان 963هه

. بيگہ (بيگي آغا) ؟ بنت ميرزا عيسيٰ ترخان، زوجہ يادگار مسڪين. ميرزا باقيءَ کيس ٻن ٻارن سميت قتل ڪرايو (987هه). مدفون گوستان جان بابا. (قبر 7) ڪتبو چڱيءَ طرح پڙهڻ ڪونه ٿو اچي. عبارت تقريبن هيءَ آهي:

وفات يافت صالحہ

بيگہ (بيگي بنت) ميرزا محمد

عيسيٰ خان (8) 97هه.

آيات ڏسو جان بابا جي قبرستان تحت. *

 

. بيگہ جان بيگان؟ بينت ميرزا باقي. متوفي پنجشنبہ رجب 1018هه مدفن زنانو گورستان ميرزا باقي قبر (نمبر 6). نالو غير مانوس آهي ڪتبو هي آهي:

منتقل شد از دار غرور بدار

سرور محرومہ مغفوره المعرفہ بالاحسان

بيگجان بيگان (؟) بنت مرحوم

ميرزا محمد باقي ترخان مغفور

در تاريخ روز خميس شهر رجب المرجب 1018هه

آيات جا ڪتبا:

هوالڪريم.

بسم الله ... الله لا الٰہ الا هوالحي ... و هوالعلي العظيم.1

 

قال الله تعاليٰ: قل ان الموت الذين ... کنتم تعملون. 2

 

صدق الله العلي العظيم ... رسولہ لکريم.

بسم الله ... تبارک الذين ... بماءِ معين. 3

 

. بديع الزمان، بن ميرزا شاه رخ بن ميرزا باقي. متوفي 1011هه هن جي قبر ميرزا باقيءَ جي مرداني قبرستان جي ٻاهران دروازي جي سامهون ڏکڻ واري ايوان ۾، هشت ٿنڀي ڇتائين ڇٽيءَ هيٺ (نمبر 39) آهي. ڇت جي ڪناري تي اندران آيات هيون، جيڪي هن وقت لوڻاٺي هوا سبب ضايع ٿي چڪيون آهن. پاڻ هن هيٺ خداداد خان جي بياض تان انهن آيتن جو نقل ڏئي رهيا آهيون. هر ٿنڀي جي مٿين سري تي صورت اُڪريل آهن، مثلاً هڪ ٿنڀي تي مور جي تصوير آهي، جيڪو چهنب سان نانگ ماري رهيو آهي، ٻئي ٿنڀي تي ٻه ڪڪڙ داڻو چڳي رهيا آهن. باقي پاون جون مورتون ضايع ٿي چڪيون آهن. اهي عڪس مقبري تي اُڪرڻ غير معمولي ڳالهه آهي. ٿي سگهي ٿو ته ميرزا مذڪور کي مورن ڌارڻ ۽ مرغن پالڻ جو شوق هجي ۽ مقبري تي نشان طور انهن جا عڪس ڏنا ويا هجن. يا اهو به ممڪن آهي ته ڪاريگرن پاڻهرتو بنا ڪنهن خاص سبب جي اهي صورتون اُڪري ڇڏيون هجن.

تاريخي ڪتبو پيرانديءَ کان آهي:

وفات يافت مرحوم

مغفور الواصل اليٰ

الجوار الملک منان

بديع الزمان

ابن شاه رخ خان 1011هه.

آيات:

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: شهد الله انہ لا الٰہ الا هو ... العزيز الحکيم. 1

 

الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم. 2

 

صدق الله العلي العظيم و صدق ... الڪريم ... و الشاکرين.

بسم الله ... تبارک الذين ... بماءِ معين. 3

 

چوکنڊي 34:     ميرزا باقيءَ جي انهيءَ ايوان ۾ اولهه طرفان ٻي چوکنڊي پڻ ساڳيءَ طرح جي آهي، جنهن جي قبر (نمبر 34) تي تاريخي ڪتبو ڪونه آهي. آيات هن ريت آهن:

بسم الله ... تبارک ... بماءِ معين. 1

 

بسم الله ... قل هو الله ... ڪفواً احد. 2

 

صدق الله ... الڪريم.

. بهروز ميرزا، بن محمد صالح بن عيسيٰ ثاني. هن جو نالو ماثر الامرا (ج 3 صـ 562) جي مؤلف ڏنو آهي – پسرش ميرزا بهروز پانصدي شاهجهاني بود – ميرزا عيسيٰ ثانيءَ جي مقبري ۾ (نمبر 3) مدفون آهي. هن جا ڪتبا سندس احوال ۾ ۽ ميرزا عيسيٰ جي مقبري تحت ڏسجن.

. ترسون بيگہ، بنت ميرزا عيسيٰ اول. متوفي جمادي الاول 967هه. گورستان ميرزا سليمان ۾ سندس قبر (نمبر 6) آهي. پيرانديءَ کان ڪتبو آهي:

وفات ترسون بيگہ بنت

ميرزا عيسيٰ جمادي الاول 967هه

. پسران بيگہ بيگي آغا، هوٿي نوٿي ٻن جلادن کي موڪلي باقي راتورات هنن ٻن صغير ٻارن کي ماڻهن سميت مارائي ڇڏيو – ”هوتي و نوتي جلادان امر نمود: تا شب بدزدي بخانه بيگہ بيگي آغا رفته معه دو پسر صغير اورا خفه کردند“ -  غالباً هي ٻيئي صغير جان بابا جي مقبري ۾ دفن آهن. (مثلاَ قبر نمبر 8)*

 

. پائنده محمد، بن ميرزا باقي. هي وڏو پٽ هو. صفر 1000هه ۾ فوت ٿيو، جنهن وقت ميرزا جاني سنڌ جي مفتوح ٿيڻ بعد هندستان وڃڻ لاءِ تيارين ۾ هو. هن جي قبر ميرزا عيسيٰ اول سان گڏ (نمبر 5) آهي ۽ ڪتبو پنجن چوڪور خانن ۾ پيرانديءَ کان اُڪريل آهي:

قد وصل الي جوار

رحمت حضرت الملک

السبحان ميرزا محمد پائنده بن ميرزا محمد باقي ترخان ... الله تعاليٰ

تاريخ ماه صفر 1000هه

هي آيات قبر جي لوڙهه تي آهن:

قال الله تعاليٰ: شهد الله نه ... الحکيم 1. صدق الله.

 

الله لا الٰہ الا هو الحي القيوم ... فيها خالدون. 2

 

بسم الله ... تبارک الذين ... بمآءِ معين.3

 

قال الله تعاليٰ: يا ايتها النفس ... ادخلي جنتي.4

 

فيها نعيم مقيم خالدين فيها ابداَ.

صدق الله ... العظيم. يا الله. و صدق الڪريم.

وچ ۾ باري تعاليٰ جا نالا آهن:

يا رحمٰن يا رحيم يا ڪريم يا حي يا قيوم يا لايموت ابداَ.

انهن جي سڄي کان:

ربنا آتنا في الدينا ... عذاب النار.

کٻي کان:

ربنا و تقبل ... يوم يقوم الحساب. 1

 

هيٺان:

و ارحمنا برحمتک يآ ارحم الراحمين.

ٻئي پاسي:

وقال ان الذين آمنو ... بعبادة ربہ احداً. 2

 

والذين آمنو و عملو الصالحات ... وعدالله حقاَ. صدق الله.3

 

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: ان الذين قالو ربنا ... السميع العليم.4

 

صدق الله تعاليٰ.

ميرزا پائنده پيءُ جي زماني ۾ پٽس جاني بيگ ۽ مصاحب شمس ڪشميريءَ سميت سيوهڻ جو حاڪم هو. 982هه ۾ بکر جو به حاڪم ٿيو *

 

. جان بابا اول، بن عيسيٰ ترخان اول. ميرزا عيسيٰ جو ٽيون نمبر پٽ، جنهن کي ميرزا باقيءَ 978هه ۾ مارائي ڇڏيو. هڪ شادي سنڌ جي سمن مان ٿيل هيس، جنهن مان ميرزا عيسيٰ ثاني پيدا ٿيو. تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته پيءُ جو ساڻس بيحد قرب هو – ”جان بابا که جان پدر بود از خود چون جان جدا نمي داشت“- هن جي قبر پٽس جي مقبري جي سامهون خلاصيءَ رانڪ ۾ آهي، جنهن جي چٽسالي سڄي مڪليءَ جو نڪ آهي. سندس قبر تي ڪتبو هن ريت آهي:

مٿن کان:

وفات يافت حضرت جنت

مکاني الواصل الي جوار الملک المنان ميرزا جان بابا ابن ميرا عيسيٰ

ترخان بتاريخ سنہ 978هه.

پيرن کان:

هاتف از غيب گفت تاريخش:

ورنه عقل از جنون بصحرا رفت

طرح ميم (40) است تا يکي تاريخ

جان بابا ز دار دنيا رفت

1017- 40 = 977؟

آيات:

بسم الله ... الله لا الٰہ الا هوالحي ... هوالعلي العظيم. 1

 

شهد الله انہ ... هو العزيز الحکيم. 2

 

ان الذين ... ربہ احداً. 3

 

وسيق الذين اتقوا ... خالدين. 4

 

لقد صدق الله رسولہ الرويا ... اجراَ. 5

 

بسم الله ... تبارک ... بمآءِ معين. 6

 

مقبرو:             هن مقبري ۾ جملي 13 قبرون آهن، جن مان اڪثر اهي مقتول دفن آهن جن کي ميرزا باقيءَ ماريو ۽ مارائڻ بعد ڀائنجي ٿو ته ميرزا جان بابا ۽ ٻين مقتولن کي ترخاني گورستانن کان بلڪل علحده جدا جاءِ تي، پورائي ڇڏيو. موجوده مقبرو پٽس عيسيٰ ثانيءَ پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ ٺهرايو.

مقبرو خوبصورتيءَ ۽ اُڪر جي ڪم سبب، جئين مٿي ڄاڻايو اٿئون، نهايت خوبصورت آهي. مقبري جي اڳيان ٿلهي تي ڇتائون پورٽيڪو آهي. انهيءَ جي وڌاوڙن يا سردرن وغيره ۾ گجراتي ۽ سنڌي اثر موجود آهي. اندر مرڪزي ٿلهي مٿان ڇتي تي گول ويٺوڙو گنبد آهي، محراب ۽ داخلي دروازي جي نقشي لاجواب آهي. خود احاطي جي ديوار تي پڻ چوداري نقش و نگار آهي، جيڪو هڪ ٻئي کان مختلف آهي.

مقبري جي اوڀارين اُترين ڪنڊ ۾ ديوار جي اندر ٻه زنانيون قبرون آهن. مرڪزي ٿلهي تي ست قبرون آهن، باقي قبرون ٿلهي کان هيٺ آهن. جان بابا جي قبر جا ڪتبا مٿي ڏنا اٿئون باقي قبرن جا ڪتبا هن ريت آهن:

قبر 4- يادگار مسڪين ترخان 978هه:

هن کي ميرزا باقيءَ مارايو. قبر جي مٿن ۽ پيرن کان ڪتبو آهي:

مٿن کان:

وفات يافت مرحوم

مغفور الواصل الي جوار حضرت رحمته الملک السبحان ميرزا

پيرن کان:

يادگار مسکين اترخان

ابن مرحوم امير مسڪين ترخان

... الله تعاليٰ

بتاريخ سنہ 978هه

آيات:

بسم الله ... قال الله ... کل نفسہ قائقه الموت.1

 

کل شئ هالک ... ترجعون. 1

 

صدق الله الکريم.

الله لا الٰہ هوالحي ... العظيم.2

 

يبشرهم ... فيها ابدا 3

 

بسم الله ... تبارک الذين ... ان کنتم صادقين.4

قبر 5- پسر يادگار مسڪين ترخان 964هه:

هيءَ قبر جان بابا جي کٻي پهلوءَ ۾ (5) آهي، ڪتبا هي آهن:

مٿن کان:

وفات يافت

سعادت امير زاده ... بيگ بن

پيرن کان:

حضرت سلطنت شعار يادگار مسکين

بيگ ترخان در تاريخ دوازدهم ربيع الاول سنہ 964هه.*

 

آيات:

شهد الله انه لا الٰہ ... الحکيم.5

 

الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم.[1]

قبر 6:

هيءَ قبر ٻار جي آهي. ننڍي لوڙهه سان پيرن کان ڪتبو آهي:

آيات:

قال الله تعاليٰ: کل شئ هالک ... واليه ترجعون.[2]

قال الله: کل نفسہ ذائقة ... يوم القيامته.[3]

يبشرهم ربهم ... فيها ابداَ.[4]

قبر 7. بيگہ (بيگي آغا) (8) 97هه:

پيرن کان تاريخي ڪتبو آهي جيڪو سندس نالي تحت ڏنو ويو آهي. هتي آيتون ڏجن ٿيون:

ان الذين آمنو و عملو الصالحات ... ربہ احداً.[5]

الله لا الٰہ هوالحي ... سميع عليم.[6]

قبر 8. مير ... ابن يادگار مسکين 978هه:

هيءَ قبر اوڀر کان مرڪزي ٿلهي کان هيٺ (8) آهي، قبر جي پيرانديءَ کان هي تاريخي ڪتبو آهي:

وفات يافت مير محـ .... مـ

ابن امير يادگار مسڪين در تاريخ 978هه

آيات:

بسم الله ... تبارک ... بماءِ معين.[7]

قال الله تعاليٰ: کل من عليها ... والاڪرام.[8]

کل شئ هالک ... ترجعون.[9]

 

اسانجي خيال ۾ هيءَ قبر بيگہ بيگي آغا جي انهن ٻن صغير پٽن مان هڪ جي آهي، جن کي ميرزا باقيءَ ماءُ سميت مارائي ڇڏيو.

قبر 12- 1075هه:

اوڀارين ڏکڻين ڪنڊ ۾ هيءَ قبر آهي، جنهن جي پيرانديءَ کان فقط تاريخ جو ڪتبو آهي:

بتاريخ غره ماه ربيع الاول 1075 مغفور شد.

آيات:

قال الله تعاليٰ:

قل يا عبادي الذين اسرفوا علي انفسہم ... الغفور رحيم.4

 

صدق الله.

الله لا الٰہ الا هوالحي القيوم ... العلي العظيم.5

 

لا اکراه في الدين ... فيها خالدون. 6

 

قبر 1- 9- 10- 11- 13:

هنن قبرن تي تاريخي ڪتبو ڪونه آهي، فقط آيات جي اُڪر هيٺين طرح آهي:

(الف) قال الله سبحانہ تبارک و تعاليٰ جل جلاله و عم نوآلہ:

قل يا عبادي الذين ... الغفور رحيم.1

 

بسم الله ... تبارک الذين ... بماءِ معين.2

 

لقد صدق الله رسولہ الرو بالحق ... و اجراَ عظيما.3

 

(ب) شهد الله اله لا الٰہ الا هو والملائکة ... العزيز الحکيم.4

 

(ج) هيءَ قبر ننڍي ٻار جي آهي.

قال الله تعاليٰ: فادخلي في عبادي وادخلي جنتي.5

 

کل نفسہ ذائقة الموت.6

 

کل شئ هالک ... ترجعون.7

 

صدق الله العلي العظيم – وصدق رسولہ الڪريم.

(د) الله لا الٰہ الا هوالحي ... هوالعلي العظيم.8

 

کل شئ هالک ... ترجعون.9

 

بسم الله ... تبارک ... بماءِ معين.10

 

(هه) آمن الرسول بما انزل اليه ... القوم الکافرين.1

 

الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم.2

 

بسم الله ... تبارک ... بماءِ معين.3

 

. جان بابا ميرزا ثاني، بن عيسيٰ ثاني. هن جو نالو ترخان نامه جي مؤلف پنهنجي مرتب ڪيل شجري ۾ ڏنو آهي.

. جاني بيگ ميرزا، بن ميرزا محمد پائنده بيگ. جدا خشتي مقبري ۾ دفن آهي. جنهن کي غالباً ميرزا غازيءَ سندس وفات بعد ٺهرايو. مقبري جو مٿيون گنبد نراليءَ نوعيت جو يعني ڪنول گل جي مانند آهي. مقبرو پنهنجي وضح ۾ نهايت خوبصورت آهي. اولهائين عالم پناه واري ديوار جي وچ ۾ محراب آهي. جنهن جي پيشانيءَ تي هيءَ آيت ۽ عبارت هڪ سٽ ۾ مرقوم آهي.

فنادة الملائکة و هو قائم يصلي في المحراب.4

 

تاريخ ميرزا جاني بيست هفتم ماه رجب 1009هه

مقبرو: بيروني دروازي جي سنگي چوڪٺ جي ٻن پاسن ۽ مٿان پيشانيءَ تي، ٻاهرئين طرف کان، هيٺينءَ ريت ٽن حصن ۾ آيتن جي اُڪر آهي:

(1)  ان الذين آمنو و عملو الصالحات ... کلمٰت ربي.

(2) ولوجئنا ... ولا يشرک.

(3) بعبادة ربہ احدا  قال الله سبحانہ و تعاليٰ: وسيق الذين ... خالدين.2 1

 

مقبري جي اٺن محرابن مان هرهڪ تي ڪاشيءَ جي سر مٿان هيءَ آيت مرقوم آهي:

فالله خير حافظا وهو ارحم الراحمين.

ميرزا جي مقبري ۾ قبرن تي ڪتبو ڪونه آهي. غالباً مرمت سبب اصلي لوڙهه ضايع ٿي ويل آهن. اندر گنبد ۾ چار قبرون آهن.

عالم پناه جي اندر مقبري ۾ ايوان جي ٽن ڪنڊن تي (5- 6- 7) قبرون ۽ مقبري ۾ اندر چار قبرون (1- 2- 3- 4) آهن. (ڏسو نقشو). اولهه کان مقبري جي ڇت تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي.

سنگ مرمر جون قبرون:   گبند ۾ اندر مرڪزي ٿلهي تي – جنهنجي ڏکڻين ڀت پٿر جي خوبصورت نقشيدار آهي. ٻه قبرون (2- 3) سنگ مرمر جون آهن، غالباً قبر (نمبر 2) ميرزا جاني بيگ جي پنهنجي آهي ۽ (نمبر 3) قبر ميرزا غازي جي هجڻ گهرجي. 1871ع ۾ به انهن قبرن تي تاريخي ڪتبو ڪونه هو. فقط هڪ تي آيتن جي هيٺينءَ طرح اُڪر آهي:

الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم.3

 

پٿريلي قبر:     ساڳي مرڪزي ٿلهي تي قبر (نمبر 1) پٿر جي آهي، جنهن تي هيٺ آيت اُڪريل آهي:

بسم الله ... تبارک ... بماَءِ معين.1

 

اوڀارين طرف آخري قبر (4) چوني گچ سان ٻار جي آهي. ٻاهر ايوان جي قبرن (5- 6- 7) تي ڪتبو ڪونه آهي. اهي زنانيون قبرون معلوم ٿين ٿيون.

ميرزا جانيءَ جي هڪ زال شاه قاسم خان بيگلار جي ڌيءُ هئي . ميرزا پاڻ شاعريءَ ۾ حليمي تخلص ڪندو هو.2

. جوهر ميرزا، بن ميرا عيسيٰ ترخان اول. ميرزا باقيءَ کيس مارائي ڇڏيو. سندس قتل انهيءَ زماني ۾ (978هه) ٿيو، جنهن وقت ميرزا باقيءَ مائٽن کي مارائڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو. ميرزا جان بابا جي مارائڻ کان پوءِ ستت ئي کيس مارايو ويو. گمان غالب آهي ته سندس قبر پڻ جان بابا واري ”گنج شهيدان“ ۾ هوندي.3

 

. چوچڪ بيگہ، بنت ميرزا جاني بيگ؟. متوفي 26 شعبان 1010هه. مدفن زنانو گورستان ميرزا باقي (نمبر 5).

ڪتبو تاريخي هي آهي:


1  الزمر ص 53

2  البقر ص 255

3  الملک ص 1 تا 30

4  القصص ص 88

5  الرحمان ص 26 تا 31

*  ڏسو نقشو گورستان باقي قبر 1 تا 4 بنا ڪتبي جي آهن.

o  آيات ڏسو ص 508

1  الملک ص 1 تا 20

2  الاخلاص ص 1

1  الوٰقعه ص 1

2 آل عمران صه 39

3  آل عمران ص 18

1  الملک ص 1 تا 20

2 البقر ص 255

3  القصص ص 88

4  التوبہ ص 21

5  يونس ص 69

6  الملک ص 1 تا 20

7  البقر ص 255

*  هيءَ پڙهڻي بياض جي آهي ليڪن ڪتبو صاف پڙهڻ ۾ نه ٿو اچي، دراصل هن ريت ٿو لڳي:

وفات يافت بيگه ماه بنت

1  البقر ص 153

..... سلطان (؟) تايرخ 1013هه (؟)

2  البقر ص 255

3  الاحزاب ص 40

4  المؤمنون ص 16

1  البقر ص 255

2  الملک ص 1- 12

3  البقر ص 255

4  الزمر ص 53

1  البقر ص 255

2  فصلت ص 30

3  طٰہٰ ص 55

4  آل عمران 18

5 البقر 255

1  المزمل ص 1

2  الزمر ص 53

3  البقر ص 255

4  القصص ص 88

*  ترخان نامه ص 53

*  ترخان نامه ص 61

1  البقر ص 255

2  يونس ص 69

3  الملک ص 1- 30

1  آل عمران ص 18

2  البقر ص 255

3  الملک ص 1- 30

1  الملک ص 1- 30

2  الاخلاص ص 1

*  ترخان نامه 61

1  آل عمران ص 18

2  البقر ص 255

3  الملک ص 1 تا 30

4 الفجر ص 27

1  ابراهيم ص 41

2  الکهف ص 107

3  السناءِ ص 122

4  فصلت ص 30

*  معصومي – ترخان نامه – تاريخ طاهري.

1  البقر ص 255

2  آل عمران ص 18

3  الکهف ص 107

4 الزمر ص 71

5  الفتح ص 27

6  الملک ص 1 تا 30

1  آل عمران ص 185

1  القصص ص 88

2  البقرص 255

3  التوبہ ص 21

4  الملک ص 1- 25

*  خداداد خان مرحوم جي بياض ۾ تاريخ 6 ماه ربيع اول 964هه مرقوم آهي.

5  آل عمران ص 18

[1]  البقرص 255

[2] القصص ص 88

[3]  آل عمران ص 185

[4]  التوبہ ص 21

[5]  الکهف ص 107- 110

[6]  البقر 255- 256

[7]  الملک ص 1- 30

[8]  الرحمٰن ص 26- 27

[9]  القصص ص 88

4  الزمر ص 53

5  البقر ص 255

6  البقر ص 256- 257

1  الزمر ص 53

2  الملک ص 1- 30

3  الفتح ص 27- 29

4 آل عمران ص 18

5  الفجر ص 29- 30

6  آل عمران ص 185

7  القصص ص 88

8  البقر ص 255

9  القصص ص 88

10  الملک ص 1- 30

1  البقر ص 276

2  البقر ص 255

3  الملک ص 1- 30

4  آل عمران ص 39

1  الکهف ص 107- 110

2  الزمر ص 73

نمبر (1) سٽ سڄي پاسي کان – سٽ نمبر (2) پيشانيءَ تي مٿان ۽ نمبر (3) سٽ کٻي پاسي تي اُڪريل آهي.

3  البقرص 255

1  الملک ص 1- 30

2  تاريخ طاهري

3  ترخان نامه ص 62

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org