سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ معصُومي

باب؛ --

صفحو ؛ 19

ص 141- مرزا شاهه حسن ٺٽي ۾ حڪومت – الخ: سجھي بابر نامي ۽ تاريخ رشيديءَ ۾ هن حاڪم جو نالو ”شاهه حسن“ آيو آهي، طبقات اڪبري ۽ فرشتي ۾ پڻ ”شاهه حسن“ آهي، مير معصوم ڪن جاين تي ”شاهه حسن“ ۽ ڪن جاين تيه شاهه حسين“ لکيو آهي، اسان کي بابر نامي موجب ”شاهه حسن“ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

ص 144- گجرات هليو ويو: مراآت سڪندري (ترجمو انگريزي ص 162) طبقات اڪبري (ج3، ص 211) ۽ ظفر الواله بمظفرو آله (ص 138)  سڀئي متفق آهن ته ڄام فيروز ارغونن جي غلبي کان لاچار ٿي، سن 935هه جي وچ ڌاري وڃي سلطان بهادر بن مظفر گجراتي (932-943) وٽ پناهه ورتي. سلطان، ڄام فيروز جي دلجوئي ڪندي ٻارهن لک تنڪا سندس ذاتي خرچ لاءِ مقرر ڪيا، پڻ وعدو ڪيو ته انشاءَ الله تعالى تنهنجو موروئي ملڪ مغلن کان ڇڏائي توکي ڏيندس. سن 939هه ۾ ڄام فيروز پنهنجي نياڻي سلطان بهادر کي ڏني ۽ هن لاڳاپي سبب سندس سنڌ فتح ڪرڻ واري طمع کي ٽيڪ آئي، پر همايون بادشاهه جي گجرات تي چڙهائي سبب، سلطان کي ڄام فيروز جي حال ڏانهن توجهه ڪرڻ جو موقعو نه مليو. (ظفرالواله ص 138) ڄام فيروز سن 942هه ۾، جڏهن سلطان بهادر همايون بادشاهه کان شڪست کاڌي، تڏهن سپاهين هٿان گرفتار ٿي، قتلٿي ويو. (طبقات اڪبري ج 2، ص 35)

ص 144 – سن 928هه جي شروعات ۾ -الخ: مير معصوم [315] اڳ ۾ چيو آهي ته شاهه بيگ ارغون شعبان مهيني جي 22 تاريخ، يعني سن 928هه جي آخر ۾ گذاري ويو. شاهه حسن سندس جائنشين ٿيو ۽ شوال مهيني جي شروع ۾ بابر بادشاهه جي نالي خطبي پڙهڻ جو حڪم ڪيائين، پوءِ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ سال جي اول ۾ ڏهرن، ماڇين وغيره جي کؤنس جي خبر سندس ڪن ته پيئي هجي، جڏهن هو حاڪم ئي ڪونه هو؟

ص 146- مرزا شاهه حسن ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو ڪري –الخ: طبقات اڪبري (ج 3، ص 540) واري جي چوڻ موجب، شاهه حسن جي ملتان تي چڙهائيءَ جو سبب هي آهي؛“ ۽ جڏهن جنت مڪان حضرت ظهير الدين محمد بابر بادشاهه غازي، سن 930هه ۾ پنجاب جي ولايت کي تصرف هيٺ آڻي، دهليءَ ڏانهن روانا ٿيا، تڏهن ٺٽي جي حاڪم مرزا شاهه حسن ڏانهن پروانو موڪليائون ته ملتان ۽ ان جون حدون کيس عنايت ڪيون ويون آهن.“

ص 149- اسباب: ”نسخي د.م“ جي قرآن طبقات اڪبري (ج 3، ص 542) سندس وفات جو سال 931هه لکيو آهي.

ص 158- جاڙو ماڇي: طبقات اڪبري جي عبارت (ج 3، ص 542) ”جادو نام پاجي را شيخ شجاع الملک سرداري سه هزار، پياده قصباتي مقرر نموده حراست قلعه باو نامزد کرد“ (جادو نالي هڪ پاجيءَ کي شيخ شجاع الملڪ ٽن هزارن ڳوٺاڻن پيادن تي سردار مقرر ڪري، قلعي جي نگراني سندس حوالي ڪئي“ هتان معلوم ٿو ٿئي ته هن ماڻهوءَ جو نالو جادو هو، ۽ پاجي (معنى خسيس) سندس لقب هو.

ص 162- به بندر کشيد والصحيح ”به بنددکشيد“ جيئن نسخي ”ح“ ۾ آيو آهي.

ص 163- تال پتڻ تي لٿو: نسخي ”ح“ موجب ”تال پتڻ“ ص 166- جمادي الاخر سن 947هه جي آخر ۾: طبقات اڪبري (ج 2، ص 46 (موجب ”غزه رجب“ ۾ [316]

ص 171- انهن ئي ڏينهن ۾.... بلقيس مڪاني: الخ: همايون جو نڪاح حميده بانوءَ سان مهيني جمادي الاول سن 948هه ۾ ٿيو. (همايون نامه صه 53)

ص 177- راڻي بير سال : ”تذڪره واقعات“ جي مؤلف جوهر آفتابچي (ترجمو انگريزي ص 43) هن راڻيءَ جو نالو ”پرساد“ لکيو آهي.

ص 177- ۽ 5 رجب سن 949هه آچر رات: الخ: طبقات اڪبري (ج 1، ص 55) ۾ اهائي تاريخ آهي، پر گلبدن بيگم اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جي تاريخ 4 رجب سن 949هه آچر جي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ وقت لکي آهي، جوهر آفتابچي (تذڪره واقعات ص 44) چوڏهين ماهه شعبان لکي چيو آهي ته همايون بادشاهه هن ڏينهن جي يادگار ۾ نالو ”بدر الدين محمد اڪبر“ رکيو، ظاهر ڪري جوهر آفتابچي غلطي ڪئي آهي.

ص 179- ٽي سئو اٺ: همايون نامه (ص 63) اُٺن جو انداز هڪ هزار ڏيکاريل آهي، پر ڪهڙي قسم جا اُٺ“ اهي اٺ اهڙي قسم جا هئا، جو گويا ڪ انهن جي ستن پيڙهين نه پر ستر پيڙهين، شهر، ماڻهو ۽ بار نه ڏٺو هو، جنهن صورت ۾ لشڪر ۾ گهوڙن جو ڏڪار هو، تنهن ڪري اڪثر ماڻهو اُٺن تي (ص 64) سوار هئا، ۽ باقي بچيلن کي بار برداريءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جيڪو به سوار ٿي ٿيو ته سوار ٿيڻ شرط سوار کي زمين تي اڇلائي جهنگل جو رستو ٿي ورتائون. بار بردار اُٺن مان جنهن تي به بار ٿي لڏيائون، سو گهوڙي جي سنب جي آواز ٻڌڻ سان ڪڏي ڪڏا بار زمين تي ڪيرائي، پاڻ جهنگل ۾ گهڙي ٿي ويو ۽جنهن به اُٺ تي بار اهڙو مضبوط ٻڌو ٿي ويو، جو ڪيتري به ڪڏڻ سان نٿي ڪريو، ته اهو بار سوڌو جهنگل ڏانهن ڀڄي ٿي ويو، اهڙيءَ طرح قنڌار ويندا رهيا ۽ اٽڪل ٻه سئو اٺ (واٽ ۾) ڀڄي ويا هوندا.“

ص 206- س 3- شاهه حسين تڪدري: صحيح نڪدري.

ص 206- س 16-17 ماثر رحيمي: (ج 2، ص 322): مولانا پير محمد [317]زرگر، ملا ظهوري ۽ ملا جاني بندري ۽ ٻيا عالم ۽ ساعر سندس وقت ۾ هئا ۽ مٿن مهربانيون ٿينديون رهيون.

ص 238- غور ماني: ماثر رحيمي مطابق (ج 2، ص 336) ”غُور نامي“[1]

 

ص 245- ۽ ڪڻ ڪوٽ؛ نسخه ”در“ هن لفظ کي ”دانه بندي“ سان تعبير ڪيو آهي.

ص 245- ۽ وڏي فتح حاصل ٿي: هي ناليري فتح 6 محرم سن 1000هه ۾ حاصل ٿي. (ماثر رحيمي ج 2، ص 362)

ص 257 - ۽ تاريخ ... پاءِ بوسيءَ جي شرف سان مشرف ٿيا: ماثر رحيمي (ج 2، ص 376) مرزا جاني بيگ جي اڪبر بادشاهه جي دربار ۾ اچڻ جي تاريخ 24 جمادي الثاني 1001هه مقرر ڪئي آهي.

ص 257 – 27 رجب سن 1008هه : الخ: ماثر رحيمي (ج 2، ص 349) ۾ آهي تا بتاريخ بيست و هشتم شهر رجب سن يک هزار و هفت (تاريخ 28 مهينو رجب سن 1007هه) [318]

حواشي ۾ استعمال ڪيل ڪتابن جي فهرست (ع.م)

(الف) عربي ۽ فارسي ڪتاب

1-   آئين اڪبري: تاليف ابو االفضل علامي، ڪلڪته 1872-1877ع

2-  اڪبر نامه: تاليف ابو الفضل علامي، ڪلڪته 1877-11886ع

3-  بيگ لارنامه : منهنجي دوست آقا محمد حنيف صديقي جو قلمي نسخو.

4-  تاريخ طاهري: تاليف سيد طاهر محمد بن حسن نسياني ٺٽوي آقا محمد حنيف صديقي جو قلمي نسخو.

5-  تاريخ فرشته : جلد ڇاپو  بمبئي، سن 1832ع.

6-  تاريخ فيروزشاهي: تاليف ضياءَ برني، ڪلڪته 1862ع.

7-  تاريخ فيروزشاهي :  تاليف شمس سراج عفيف، ڪلڪته 1890ع.

8-  تاريخ مبارڪشاهي: تاليف يحى بن احمد بن عبدالله السرهندي، ڪلڪته 1931ع.

9-  تاريخ اليعقوبي: تاليف احمد بن ابي يعقوب بن جعفر بن وهب بن واضح، يدن 1883ع.

10-        تحفته الڪرام: تاليف علي شير قانع ٺٽوي، (1) ڇاپو بمبئي (2) قلمي نسخو ڪتب خانو پير جهنڊو (سنڌ)

11-                       تحفته النظار: المعروف برحله ابن بطوطه، پئرس 1893-1922ع.

12-                      تذڪرت الشعراءِ: تاليف دولت شاهه سمر قندي، ليدن ۽ لنڊن 1901ع.

13-        ترخان نامه: تاليف سيد جمال بن مير جلال الدين حسيني شيرازي، آقا محمد حنيف صديقي جو قلمي نسخو

14-         چچنامه: تاليف علي بن حامد بن ابي بڪرالڪوفي، منهنجي دوست آقا علاؤ الدين سمي جو قلمي نسخو.

15-                      طبقات اڪبري: تاليف خواجه نظام الدين احمد بخشي، ڪلڪته 1927-1935ع.

16-                      طبقات ناصري: تاليف ابو عمر منهاج الدين عثمان بن سراج الدين الجوز جاني، ڪلڪته 1864ع.

17-                      ظفرالواله مظفر و آيه: تاليف عبدالله بن محمد بن عمر الملڪي لنڊن 1910-1928ع.

18-                      فتوح البلدان: تاليف احمد بن يحى بن جابر البلاڌري ليدن 1866ع.

19-                      ماثر الامراً: تاليف نواب شمس الدوله شاهنواز خان ڪلڪته 1888-1891ع

20-                     ماثر رحيمي: تاليف ملا عبدالباقي نهاوندي، ڪلڪته 1910-1925ع.

21-                      مروج الذهب: تاليف مسعودي (مطبوعه پئرس)

22-                     منتخب التواريخ: تاليف عبدالقادر بدايوني، ڪلڪته 1865-1869ع.

23-                     همايون نامه: تاليف گلبدن بيگم  لنڊن 1902ع.

(ب) انگريزي ڪتاب

1. the Antiquities of Sindh by H. Cousens. Calcutta 1925

2. Babur-Nama in English, by A.S. Beveridge. London 1922.

3. Alberuni’s India, by Sachau, London 1914.

4. The History of India, vol. I, by Elliot London 1867.

5. History of India, vol. I and II, by Ershine London 1854.

6. The Indus Delta Country, by M.R. Haig, London 1894.

7. The Mihran of Sindh by Major Raverty Calcutto 1892.

8. Mir, at –i- Skankdari, Tr: Fazlullah Lutfullah faridi.

9. Sindh by J. Abbott, Oxford, 1924.

10. Sultan Muhammed and his Times, by Dr. M. Nazim,

 Cambridge 1931.

11. The Tarikh –i- Rashidi by Mirza Mhammad Haider Dughlat. TrL N, Elias & E,D,Ross, London. 1895.

12. Tarikh –i- Sorath by Ranchodii, Tr: J Burgess Bombay 1882.

13. Tazkereh –al-vakiat by jawhar aftatchi, trL charles Stewart, London 1832.

1.                 ماڻهن جي نالن جي فهرست

نوٽ: فهرست ۾ ڄاڻايل صفحا متن اندر چورس ڏنگن [  ] ۾ انگن ۾ ڏنل فارسي ايڊيشن وارا صفح آهن. ( ) ڏنگين ۾ ڏنل صفحا سنڌي ترجمي جا آهن.

الف

آدم بن عبدالرحمان 265، 266

ابراهيم خان ناهر 247

ابراهيم، شيخ 142، 153

ابراهيم، قاضي 202

ابراهيم، مولانا 241

ابراه 306

ابن حسين، ميرزا 69، 97

ابوالحسن، قاضي 107

ابو احمد الموفق 269

ابو البقاءِ 166، 171

ابوالخطاب 31

ابو الخير، امير 189، 193، 224، 235، 236

ابو الخير، قاضي 153، 201

ابوالخير گور 229

ابوالعباس 31

ابوالعباس احمد بن اسحاق بن المقتدر بالله 32

ابوالغيث 69

ابوالفضل، سيد 246

ابو القاسم 119

ابوالمحمد 112

ابوالمڪارم 112، 225، 239

ابوالمنصور ، ميرزا 196

ابوبڪر شاهه 52، 53، 54، 55، 284

ابوبڪر بن دائود 205

ابو جعفر منصور عباسي 31،

ابو سعيد الانصاري 269

ابو سعيد ايلخاني، سلطان 308

ابو سعيد پوراني 111، 196، 197

ابو سعيد، قاضي 200، 201

ابو سعيد، ميرزا 80، 307، 308

ابوالصمه 287

ابو مسلم 106، 152

ابو مسلم ڪوڪلتاش 138

اثير الدين ابهري 76

احمد بن حسن ميمندي 270

احمد ترخان 116، 118، 188

احمد خواجه اصفهاني 218

احمد غزنوي 222

احمد فريد الدين التفتازاني 92

احمد، قاضي شيخ 218

احمد، ميرزا 80، 308

احمد ولي 188، 194

احنف بن قيس بن رواح 28

ارغون 80، 91، 94، 97، 100، 102، 117، 171، 183، 184، 192، 230

ارڪلي خان 42، 43

ارميل 61، 62

اسلام شاهه 182

اسماعيل بن اسحاق 269

اسماعيل بيتاره 184

اسماعيل جمالي، شيخ 153

اسماعيل، شاهه صفوي 76، 104، 107، 304

اسماعيل قريشي 157

اسماعيل قلي خان 249

اسن تيمور سلطان 178، 179

اعلى شاهي 107، 108

اعتماد خان 229، 230، 246

اغضوار خان 165

اقبال خان 155

اڪبر، جلال الدين محمد 1، 177، 226، 317، 318

التمش (ڏسو شمس الدين ايلتمش)

الغ بيگ 98

الغ خان 43، 44، 63، 279، 297

الغ، ميرزا 167

الله دوست، ميرزا 181

امان سلطان بيچه 124

آمر (آمر آمراني) 66، 207، 313

امير بيگ 173

امير حسين دهلوي 40

امير خسرو 40

امين خان (امين ملڪ) 275

اميد، بني 1، 4، 5، 31، 32

انڙ، ڄام 62، 63، 64، 73

انند پال بن جيپال 270

اوزبڪ تاي 274، 275

اوزون حسن 307

اوغلي، بيگ 231، 232، 233، 234

ايلقلي ديونه 185

ايوب انصاري 141

 

ب

بائي 16، 17، 18

بابا احمد ولد مير فاضل 125، 144، 145، 218

بابا  ترخان 210

بابا علي امير 93، 94

بابا ميرڪي 106

بابر 99، 103، 104، 106، 107، 109، 111، 126، 131، 142، 147، 160، 168، 226، 309، 310، 214، 316

بابينه ، ڄام 62، 63، 65، 73، 294، 295، 298

باقر ارغون 97

باقي بيگ 302

باقي ترخان ميرزا محمد 196، 208، 209، 210، 211، 213، 214، 215، 224، 225، 226، 227، 242

بانهبنه، ڄام 299، 300

بازيد 196، 197، 239

بختيار بيگ 254،

بخشوي لنگاه 180، 181

بدر الدين، سيد 260

بديع الزمان ميرزا 81، 82، 83، 84، 85، 86،88، 89، 90، 91، 92، 93، 94، 95، 96، 98، 99، 100

بديل بن طهفه 262، 263

بردي بيگ 225

برڪه مير 173

بلال مخدوم، 117، 198، 199، 200، 105

بنده ڏهر 152،

بنو اليداس 254

بلبن 39، 41، 42

بهاؤالدين 66

بهاؤ الدين زڪريا ملتاني 40، 41، 50، 54، 148، 159

بهاؤالدين سيد 254

بهادر بهوره 280

بهادر خان (گماشته ڄام نظام الدين) 302

بهادر خان 221، 251

بهادر خان ناهر ميواتي 53، 55، 284

بهادر سلطان 162، 163

بهتي ملڪ، 59، 315

بهرام50

بهرام ايبه 279

بهلول 149، 153، 179

بهونگر 60

بيبي راني 303

بيبي مرغي 301

بيبي مغلي 301

بيچا حبيب 138

بيرسال رانا 177، 317

بيرم خان 223، 224

 

پ

پاينه محمد ترخان 125، 324

پاينده محمد قريش 169

پٺو شيخ 305

پرماند راجا 246، 247

پرمل ديو 29،

پرندا بيگ بخشي 95

ڦتو 61

پير پٺو (ڏسو پته) 62

پير ولي برلاس 104

پيريڪ شنبهي 141

ت

تاتار خان 63، 297،

تاج الدين، سيد 204

تاج الدين، لاري 179،

تاج الدين ملڪ 59

تاج الدين يلدز 35، 47

تاج الملڪ ڪافوري (ڏسو ملڪ تاج) 279

تاج خانم 223

تاري 61

تردي بيگ بڪاول 174، 149، 223

تردي بيگ، شاهه 221

تردي، ملا 214

ترسون بيگ 172

ترسون محمد خان 213، 221، 234، 244، 245

ترمذي 252

تغلق، ڄام 70، 71، 300، 301

تغلق شاهه 46، 47، 52، 53، 64، 283، 284

تماچي، ڄام 64، 66، 297، 298، 299، 300

تميم، بني 28

تنگر بردي قبتاش 114

توڏر مل 246

تيمور 11، 59، 226

تيمور، امير 61، 218

تيمور تاس 102

تيمور سلطان 220

ج

جاجم بڙدي 96

ڪار الله، امام 200

جاڙو ماڇي (صحيح جادو آهي) 158، 316

جامي 63

جان بابا ترخان، مرزا 211، 212

213، 242

جان علي پيشقراق 163

جاني بندري 206، 318

جاني بگ، مرزا (مقدمو 5، 25)

214، 248، 252، 253، 254، 255، 256، 257، 303، 305، 319،

جاني ترخان 169، 181، 185

جاني، ملا مرزا 215

جعفر ارغون 82، 100

ڪڳفر سيد 147، 189

جعفر، مخدوم 110

جڪمال 219

جگمل 292

جلال الدين 196

جلال الدين، ابو سعيد پوراني 91، 92

جلال الدين حسن 37، 38، 278

جلال الدين خواجه 110

جلال الدين محمد، سعيد 216

جلال الدين محمد دواني 75

جلال الدين منڪبرني، سلطان 274، 276

جمله ارغون، مير 169

جمال الدين مفتي 201

جنيه 163

جوڌو سوڍو 117

جوڻو جاڙيجو 163

جوڻو ڄام 51، 63، 297، 300، 301

جهانگير هاشمي 205

جيوڻ ڏهر، ڄام 152

چ

چچ بن سيلائج 8، 11، 12، 13، 14، 15، 16

چندر بن سيلائچ 263

چنگيز خان 35، 36، 41، 42، 44، 274،

چنيسر 276، 277، 291، 293، 294

چوچڪ، بابا 121، 181

چوڪ بيگم 100، 182، 183، 196

ح

حاتم طائي 218

حاج مير222

حاجي 78

حامد، ملا 292

حاجي مفتي 142

حجاج بن يوسف 4، 6، 7، 8، 02، 21، 26، 147، 262، 263، 265، 287، 288

حشام الدين ميرڪ 147

حسن ابدال، بابا 131، 133، 134، 135، 136

حسن افغان 165

حسن بصري 218

حسن بيگ 111

حسن، مرزا شاهه 117، 118، 119، 120، 124، 125، 127، 141، 142، 143، 144، 145، 146، 147، 150، 151، 153، 153، 154، 155. 156، 157، 158، 159، 160، 161، 162، 163، 164، 165، 166، 167، 168، 169، 171، 172، 173، 174، 177، 178، 180، 182، 183، 184، 185، 186، 187، 188، 189، 190، 192، 194، 195، 196، 201، 202، 204، 205، 206، 207، 219، 220، 221، 237، 239، 250، 309، 312، 314، 415، 316.

حسن علي عرب 254

حسين بيگ 249

حسين بيگ لار 188

حسين زنجيرپا، سيد 135، 136، 137

حسين سلطان 148

حسين، مرزا شاهه [ڏسو حسن، مرزا شاهه] 118، 141، 190

حسين لانگاهه، سلطان 74، 154، 157، 159

حسين، محمد 193

حسين مرزا، سلطان 80، 81، 86، 88، 89، 90، 91، 96، 116، 132، 191، 308

حق بردي بيگ 225

حماد قريشي، شيخ 151

حمزه بيگ 123، 181، 185، 188

حميد ساربان، مير 193، 312

حميد، شيخ 203

حميد، مير 185، 186، 194

حيدر بيگ 329

حيدر، سيد 205

حيدر ڪلوج 206

خ

خاص خان 276

خاقان منصور 81، 82، 83، 84، 86، 87، 88، 91، 93، 94، 95، 99، 100، 101 (ڏسو حسين مرزا)

خالج خان 42

خان جهان (ملڪ فيروز الدين) 52، 53، 56، 284

خان جهان ولد ولي بيگ 222، 244

خان خانان، نواب (مقدمه 5، 25، 26) 203، 250، 251، 252، 253، 254، 255، 256، 257، 299، 303

خانزاده بيگم 105

خاوند محمود، خواجه 166، 167

خدا قلي 96

خديجه بيگي 87

خسرو 33

خسرو خان 45، 46

خسرو شاهه (پٽ خان خانان) 257

خضر خان 58، 163، 164

خفيف 271، 286، 291، 292

خليفه، مير 147، 196

خواجه افضل 93

خواجه خطير 47، 279

خواجه محمد رحيم 233

خواجه ملڪ 244

خواجه مناج 233

خوش محمد بيگلار (312

خيرا (خيره) 61، 290، 291

خير الدين، ڄام 64، 298، 299، 300

د

داؤد، بن نصر قرمطي 270

داؤد ابن نضير بن وليد عثمان 28

داؤد راي 57

داؤد، قاضي 238

داهر (ڏاهر بن چچ) 7، 16، 17، 18، 19، 20، 21، 23، 24، 25، 26، 27، 28، 29، 30، 31، 263، 265

دته (ڏتو) سيوستاني، قاضي 195، 199

درمش محمد 182، 185، 222

درويش محمد انبار دار، ملا 178

دريا خان 76، 77، 78، 112، 114

116، 118، 310، 311، 131

دلشاد 74

دودا (دوده) 60، 61، 304، 307

دودو بن عمر بن پهتو (ڦتو) 292

دودو بن عمر بن دودو 293، 294

دوست امير اخور 160

دولت خان ارغون 106، 182

دولت خان (همراهه خان خان) 255، 256

دولت ڪته 105، 106

دهرسين (ڏهرسين) 16، 18، 19، 20

ذ

ذوالنون اغون 80، 81، 82، 83، 84، 85، 88، 89، 91، 92، 93، 94، 95، 96، 97، 89، 99، 100، 101، 102، 103، 116، 137، 138، 191، 194، 211، 218

ر

راجو 57

راجا چتوري 162

راجا مالديو 175، 176

رام وزير 11

رام راي جاڙيجا 291

راڻو مهرت چتوري 14، 15

راهو، مخدوم 199

راي جاجنگر 285

راي جگنناٿ 293

ريجه بيگم 212

راي خلجي (خلجين) ڀٽي 57، 285

راي داؤد 57، 275

رايدنه، ڄام 71، 72، 301، 303

راي سنگ 244، 292

راي سهره 148، 149، 150

تن ملڪ 62، 295

رحمان قلي بيگ 249

رحمو ڏهر 146، 251

رستم 248

رشيد، حافظ 142

رڪن الدين، شيخ 43، 47، 238

رڪن الدين، شيخ (بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان) 287، 288 رڪن الدين، مخدوم 200 (ڏسو متو)

رڪن الدين، ملڪ 50، 52، 53، 283

رنمل، سوڍو 117، 119، 291، 292

روح الله، شيخ 151

ز

زاهد، ميرزا 250

زرگر 206، 318

زين الدين بکري، قاضي 201، 230

زين العابدين 153، 229، 230، 231

زينڪه ترخان 82، 104، 112، 200

س

ساربان جنيد 88

ساربان علي تواچي 83

سارنگ خان، ڄام 117

سارنگ خان 57، 58، 76، 119، 285، 307

سالار خان 294

ساهبه پسر رڻمل سوڍو 292

ساهسي بن سيهرس 11، 12، 13، 14

سبحان قلي ارغون 248

سعادت خان 57، 58

سعدي، شيخ 41

سعيد خان، نواب 233

سفاح 31

سفر ارغون، مير 172

سڪندر 66، 67، 68، 70، 71

سلطان امير 191، 234

سلطان بيگ 97

سلطان حسين ميرزا 223

سلطان خواجه 214

سلطان علي ارغون 214

سلطان محمد (شاهه بيگ ارغون جو ڀاءُ) 202

سلطان محمد ترخان 213

سليمان بن عبدالملڪ 31، 265

سمندر بيگ 168، 176

سنبل خان 155، 156

سنجر، ڄام 72، 73، 76، 301، 303

سنگهار (سومرو) 61

سنگهار (زميندار) 292

سورج دير 29

سومره 60، 286

سوهنديو 12، 14، 16

سون ڪرن 177

سيف الدين ايبڪ 273

سيف الملوڪ 34، 245، 273

سيلاج (يا سيلائج) 11

سيهرس راي (ابن ساهسي) 8، 9

ش

شاد مان ميرزا 211

شاهه بابا 242

شاهه بيگ 18، 75، 82، 84، 88، 89، 90، 95، 96، 97، 100، 102، 103، 104، 105، 106، 107، 108، 109، 110، 111، 112، 113، 114، 115، 116، 117، 118، 119، 120، 121، 122، 123، 124، 125، 126، 127، 128، 129، 192، 194، 201، 206، 219، 254، 301، 302، 303، 309، 310، 311، 313، 314، 316

شاهه حسن (يا شاهه حسين) ميرزا 107، 111، 126، 127، [ڏسو حسن، ميرزا شاهه]

شاهه حسين تڪدري (صحيح نڪدري آهي) 190، 193، 206، 312

شاهه خواجه 214

شاهه رخ، ميرزا 133، 134

شاهه محمود ارغون 113، 172، 181، 184، 186، 187، 188، 190

شاهم خان 17

شاهه منصور 226

شاهه ميرزا 167

شجاع بخاري شيخ 154، 157، 158، 160

شرف الدين، قاضي 199

شمس الدين ايلتمش 35، 36، 37، 39، 40، 274، 278

شمس الدين ماحوني، خواجه 160

شمس الدين، مير 75

شُهاب الدين سفيد رواني، خواجه 139

شُهاب الدين عبدالله مرواريد 96

شُهاب الدين محمد بن سام غوري 33، 34، 35، 272، 273

شُهاب خن 203، 247

شهباز، مخدوم قلندر 50، 198، 199

شيخا کوکران 75، 285

شير خان افغان 465، 166، 169

شير دل بيگ 173

شيرم ذڪه 98، 308

شير قلندر، سيد محمد 3، 137، 138، 139، 140، 198

شير محمد 185، 222

شيرويه سلطان 249


[1]   پر صحيح ”غورماني“ آهي، جيئن ته انهيءَ ذات وارا ماڻهو اڄ تائين موجود آهن. (مترجم)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org