سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ معصُومي

باب؛ --

صفحو ؛ 6

سلطان غياث الدين بلبن جو بيان

هيءُ شمس الدين التمش جي چاليهن زر خريد ٻانهن مان هڪڙو هو، سلطان ناصر الدين محمود جي قضيه کان پوءِ سن 662هه ۾ دهليءَ جي بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو ۽ عجمي بادشاهن جي قانون موجب حڪومت جو بنياد مضبوط ڪري، هندستان جا جيڪي به ملڪ سلطان شمس الدين جي تصرف هيٺ هئا، سي سڀ تابع ڪري عدل ۽ انصاف پکڙيائين. شريعت جو نهايت خيال رکندو هو. حڪمرانيءَ جا اهڙا ته محڪم ضابطا مقرر ڪيائين. جن جي مخالف ڪم ڪرڻ جي ڪنهن کي طاقت نه هوندي هئي. سندس حڪومت جي سر زمين [39] آباد ۽ رستا نهايت پرامن هوندا هئا. سپاهين نهايت آرام سان وقت ٿي گذاريو. سلطان دانا پڪو، باوقار ۽ تجريبڪار بادشاهه هو. سڀ ڪم سمجهه ۽ سنجيدگيءَ سان ڪندو هو.

چه نيکو متاعيست کار آگهي

مبادا از اين نقد عالم نهي

[سٺي تجربي کان ٻي شيءِ آهي ڪانه

رهي شل نه خالي انهيءَ کان جهان]

سلطان پنهنجي بادشاهيءَ جي ابتدا ۾ لاهور، ملتان ۽ سنڌ جو طرف پنهنجي صالح فرزند سلطان محمد جي حوالي ڪيو، ۽ جيئن ته سلطان محمد جو مشائخن بزرگن ڏانهن ارادو ۽ رجوع هوندو هو، تنهن ڪري اڪثر قطب العافين شيخ بهاءُ الدين ذڪريا غوث ۽ شيخ فريد الدين گنج شڪر جي صحبت ۾ گذاريندو هو. نهايت بهاد، سخي ۽ فضيلت وارن جو دوست هو.

امير خسرو ۽ امير حسن دهلوي هميشه انهيءَ جي خدمت ۾ رهندا هئا ۽ وزيرن جي لسٽ ۾ کين پگهارون ۽ انعام ملندا رهندا هئا، ۽ هو سندن نظم خواهه نثر کي ڏاچو پسند ڪندو هو، ايترو ته سڌريل ۽ ادب وارو هو، جو حڪومت جي مجلس ۾ کڻي سڄو ڏينهن ۽ رات ويٺو هوندو ته گوڏو به مٿي نه ڪندو هو. ”حقا“ لفظ کانسواءِ ٻيو قسم نه کڻندو هو. مشائخ بزرگن ۽ عالمن سڳورن ڏانهن ڏاڍو اعتقاد هوندو هوس. چون ٿا ته شيخ عثمان (مروندي.  جو سنڌ جي بزرگن مان هو. ملتان ۾ آيو ته سلطان هن جي تعظيم بجا آڻي نذر ۽ تحفا پيش ڪري شيخ کي ملتان ۾ رهڻ جو عرض ڪيو. شيخ قبول نه ڪيو ۽ روانو ٿي ويو. روايت ڪن ٿا ته شيخ عثمان ۽ شيخ بهاءُ الدين ذڪريا جو هدايت وارو فرزند شيخ صدر الدين هڪ مجلس ۾ موجود هئا سهڻن شعرن ٻڌڻ ڪري هو ۽ ٻيا درويش وجد ۾ آيا ۽ سڀ نچڻ لڳا ۽ بادشاهه سيني تي هٿ ٻڌي سندن سامهون بيٺو هو ۽ زار زر ٿي رنائين. [1]

چون ٿا ته سلطان شمس الدين جي هڪ نياڻي سلطان محمد جي نڪاح ۾ هئي. اتفاقن مستيءَ جي حالت ۾ بادشاهه جي زبان مان ٽي طلاقون نڪري ويون ۽ جيئن ته [40] حلاله کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونه هو، تنهن ڪري اها عورت شيخ صدر الدين ولد مخدوم شيخ بهاؤالدين ذڪريا جي نڪاح ۾ آندائون، نيکيٽيءَ کانپوءِ جڏهن شيخ کي طلاق ڏيڻ جي تڪليف ڏنائون تڏهن انهيءَ عورت چيو ته مان هن فاسق جي گهر کان تو وٽ پناهه ٿي وٺان. شال خدا ائين نه ڪري جو مان وري سندس هٿ ۾ گرفتار ٿيان، شيخ جواب ۾ فرمايو: هڪ عورت کان گهٽ نه ٿيڻ گهرجي، ۽ طاق نه ڏنائين. سلطان بيتاب ٿي بدلي وٺڻ لاءِ تيار ٿيو.

چون ٿا ته شيخ سعدي جي گهرائڻ لاءِ ٻه دفعا ملتان کان شيراز ڏانهن ماڻهو ۽ پئسا موڪليائين. ۽ شيخ لاءِ ملتان ۾ خانقاه ٺاهڻ ۽ ڳوٺ خريد ڪري وقف ڪرڻ گهريائين (پر) شيخ پيريءَ ۽ ضعف ڪري اچي نه سگهيو. ”ٻئي دفعي هڪڙو ڪتاب جنهن ۾ سندس شعر هئا. پنهنجي هٿ سان لکي موڪليائين، جنهن سان گڏ پنهنجي نه اچڻ [جو سبب] ۽ امير خسرو جي سفارش پڻ شامل ڪيائين. اڪثر عالم ۽ فاضل سندس مجلس ۾ حاضر ٿيندا هئا.“

سلطان محمد ٽن سالن کان پوءِ پيءُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ دهليءَ جي تختگاهه ۾ پهچندو هو ۽ هڪ سال کان پوءِ موٽي وڃڻ جي موڪل ملندي هيس. سن 683هه ۾ چنگيز خان قتلغ ۽ تيمور کي وڏو لشڪر ڏيئي هندستان لاءِ مقرر ڪيو، ۽ جڏهن اهو لشڪر نيلاب جو پاڻي لنگهي لاهور جي حدن اندر پهتو، تڏهن سلطان محمد ولد سلطان غياث الدين بلبن به ٽيهن هزارن سوارن سان اچي لاهور جي پسگردائيءَ ۾ پهتو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪو کاڌو، جنهن ۾ سلطان محمد شهادت جو شربت پي بهشت جي باغن ڏانهن روانو ٿي ويو. سردار جي فوت ٿيڻ هوندي به ڀاڄڙ تيمور ۽ قتلغ جي طرف ۾ پيئي، جي وڏي شڪت کاڌي ڀڄي ويا، ۽ سلطان غياث الدين بلبن ملتان ۽ سنڌ جي حڪومت اڳئين دستور موجب سلطان محمد جي پٽ ڪيخسرو جي حوالي ڪئي. سلطان بلبن پٽ جي فوت ٿيڻ جي غم ۾ هميشه [41]غمگين رهندو هو.  نيٺ سن 685هه ۾ وڃي آخرت جي جهان آرامي ٿيو.

سلطان جلال الدين خلجيءَ جو احوال

سلطان جلال الدين بن فيروز خلج، سلطان غياث الدين بلبن جي نوڪرن مان هڪڙو هو. تاريخن ۾ لکن ٿا ته خلج ماڻهو چنگيز خان جي ناٺي خالج خان جي بنياد مان آهن. هو بهادريءَ ۽ مردانگيءَ ۾ بينظير هو ۽ دانائيءَ ۽ عقل ۾ پڻ ڪوبه برابر ڪونه هوس. آهستي آهستي ترقي ڪندو نيٺ وڃي بادشاهي تخت تي ويٺو. سن 688هه ۾ دهليءَ ۾ انهيءَ ي نالي خطبو پڙهيائون. اميرن، مکيه ۽ وڏن ماڻهن مان ڪن خوشيءِ ۽ چاهه سان ته ڪن زور ۽ زبردستيءَ سان سلطان جي بيعت ڪئي. سن 693هه ۾ سلطان جلال الدين لاهور وڃي، ملتان ۽ اُچ وارو ٽڪر پنهنجي وچين پٽ ارڪلي خان جي حوالي ڪيو ۽ نصرت خان کي سنڌ جي حڪومت تي مقرر ڪيائين. سنڌ جي ڍل ۽ آمدني پڻ ارڪلي خان کي پگهار طور عنايت ڪيائين. ارڪلي خان نهايت خوش طبع ۽ بهادر هو. پنهنجي حڪومت جي وقت ۾ ٻه دفعا سنڌ ولايت ۾ پهچي. فسادين کي نبيهه ۽ تاديب ڪري، سنڌ جي حدن جو واجبي انتظام ڪيائين. سن 695ه ۾ سلطان جلال الدين پنهنجي ڀائيٽي ۽ نياڻي سلطان علاؤالدين جي هٿان شهادت جو شربت نوش فرمايو.

 

سلطان علاؤ الدين جو ذڪر

سن 695هه جي پڇاڙيءَ ۾ دهليءَ جي پايه تخت ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي پنهنجي نالي خطبو پڙهيائين، ۽ ايترو ته سون، موتي ۽ گهوڙا ۽ هاٿي ماڻهن کي ڏنائين، جو ماڻهو انهيءَ انعام ۽ اڪرام جي ڪري سندن تابع ۽ فرمانبردار ٿي پيا، ۽ پنهنجي چاچي ۽ پيءُ جهڙي سهري جي قتل وارو ڪم جيڪو ڪيو هئائين سو قبيح ڪم ماڻهن جي نظر ۾ نهايت معمولي ڏسڻ ۾ آيو.

سن 696هه ۾ ملتان ۽ سنڌ جو مسئلو حڪومت جي سڀني مسئلن کان مقدم سمجهي (ڇاڪاڻ ته ارڪلي خان ولد سلطان جلال الدين ملتان ۾ هو) پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي چاليهه هزار سوارن سان مقرر ڪري تمام جلد روانو ڪيائين، انهيءَ خان ملتان ۾ پهچي گهيرو ڪيو، ٽن مهينن جي عرصي کان پوءِ قلعي وارا ماڻهو تنگ ٿي پيا ۽ ملتاني ارڪلي خان کان منهن موڙي رات جو قلعي مان نڪري وڃي الغ خان سان مليا. ارڪلي خان لاچار ۽ پريشان ٿي مخدوم شيخ رڪن الدين کي وچ ۾ آڻي، امان وٺي ملتان کان نڪري ويو ۽ سلطان علاؤالدين نصرت خان کي ڏهه هزار سوار ساڻ ڏيئي ملتان، اُچ، بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪري حڪم ڪيو ته نصرت خان ملتان ۾ سنڌ جون سموريون حدون لتاڙي جتي به ڪو فسادي ۽ سرڪش موجود هجي ته انهيءَ جون پاڙون پٽي هر طرفح جي دلجاءِ ڪري، ۽ سنڌ جي قلعن ۽ شهرن تي معتبر ماڻهو مقرر ڪري پاڻ ملتان ۾ رهي.

سن 697هه جو ابتدا ۾ صلدائي مغل سيستان کان سيوستان جي حد ۾ اچي پهتو، ۽ سيوستان جي پسگردائيءَ کي ڦري لٽي سيوستان جي قلعي جو محاصرو ڪيو. ٿوري ئي وقت ۾ سوستان جا ماڻهو مقابلي لاءِ عاجز ٿي ڀڄڻ لڳا، ۽ صلدائي مغل [43] سيوستان هٿ ڪري قلعي کي مضبوط ڪرايو. نصرت خان هيءُ خبر ٻڌي وڏو لشڪر، سامان ۽ آتشبازيءَ جا اوزار ملتان کان ٻيڙين ۾ وجهائي اچي سيوستان ڪڙڪيو. مغلن ٻاهر اچي لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪائي پر نيٺ شڪست کائي ڀڄي ويا ۽ بادشاهي لشڪر موٽي بکر ۾ پهتو. ايتري ۾ سلطان علاؤالدين جي طرفان حڪم پهتو ته الغ خان کي گجرات جي فتح واسطي مقرر ڪجي ٿو، ۽ هو سنڌ جو اڌ لشڪر وٺي جيسلمير جي رستي کان گجرات ڏانهن روانو ٿئي. الغ خان لشڪر ساڻ ڪري جيسملير پهتو. ۽ اهو قلعو فتح ڪري ڪيئن ڪافر قتل ڪيائين ۽ ٻه سئو سوار جيسلمير جي قلعي ۾ ڇڏي باقي ٻيو لشڪر وٺي وڃي گجرات جي لشڪر کي وڃي مليو.

سن 700 هه سلطان علاؤالدين سياست جي تلوار سان باغين ۽ فسادين جون پاڙون پٽي ڇڏيون. سلطان علاؤالدين جي بادشاهي سمنڊ سان لڳل هئي. ۽ اتر کان نيلاب جي پاڻي تائين ۽ سڀ ڪنهن پاسي حاڪم، ديوان، امين ۽ قاضي مقرر ڪري اهڙو ته ضابطو رکيو هئائين، جو هر طرف کان هرهفتي تازي خبر بادشاهه کي پهچندي هئي، ۽ جيئن ته سندس حڪومت جو ڪاروبار ڪمال جي درجي کي پهچي چڪو هو ۽ ”اذا کمل الشي فانتظر زواله“ (جڏهن شيءِ ڪامل ٿئي ته انهيءَ جي زوال جو انتظار ڪج) (جي مقوله) موجب نيٺ سڀ ڪنهن بخت جي پويان بدبختي ۽ سڀ ڪنهن ڪمال جي پويان زوال آهي، تنهن ڪري هن به ڇهين شوال سن 717هه ۾ رحلت ڪئي. [2]

 

سلطان غياث الدين جو احوال

سلطان علاؤالدين پنهنجي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ چنگيز خاني مغلن کي دفع ڪرڻ لاءِ، غازي ملڪ کي ڏهن هزارن سوارن سان ديبالپور ۾ مقرر فرمايو. [44] ملتان، اُچ ۽ سنڌ جو ٽڪرو هن کي جاگير ۾ عطا ڪيو هو. هوڏانهن سلطان علاؤالدين جي پٽن عيش عشرت ۾ محويت ۽ بيپرواهيءَ سبب حڪومت جي ڪاروبار ڏانهن توجهه نه ڏنو، ۽ انهيءَ ڪري سندن بادشاهي ۾ تمام گهڻو خلل پيدا ٿيو، تنهن ڪري ”اذا طالب الغفلته زالت الدولته“ (جڏهن غفلت گهڻي ٿيندي آهي ته حڪومت زال ٿيندي آهي) جي مصداق موجب ئي خاندنا مان بادشاهي نڪري وئي. سندس هميشه نشي ۾ چور رهندڙ فرزند سلطان قطب الدين جو سر، سندس ڪن خاص ماڻهن بيوفائي ۽ ٺڳيءَ سان ڪپي، خسرو خان کي جنهن هيءُ ڪم ڪرايو هو، سندس بدران تخت تي ويهاريو، خسرو خان ڪافرن ۽ ڪميڻن کي نوازيو ۽ سلطان علاؤالدين ۽ قطب الدين جي خزانن جا دروازا کولي نالائق ماڻهن کي ڏنائين ۽ دهليءَ جي شهر تي ڪافرن غالب ٿي مسلمانن کي تنگ ڪيو.

انهيءَ وچ ۾ غازي ملڪ جو پٽ فخر ملڪ ڳجهه ڳوهه ۾ دهليءَ مان نڪري ملتان روانو ٿي ويو ۽ ٿوري وقت ۾ پيءَ سان ملي کيس دهلي جي واقعات جو احوال ٻڌايائين، جنهن صورت ۾ غازي ملڪ ۽ فخر ملڪ نهايت بهادر ۽ رعب وارا هئا، تنهن ڪري اسلام جي اعانت ۽ ڪافرن ۽ ظالمن کان بدلي وٺڻ لاءِ تلوار ڪڍي جهاد لاءِ ڪمرڪشي بيٺا ۽ الله پاڪ کان فتح ۽ نصرت جو سوال گهري، سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر جمع ڪري دهليءَ جي تخگاهه ڏانهن روانا ٿيا ۽ اهڙن ٽن هزارن سوارن سان، جي ڪيئي دفعا جنگ جي ميدان ۾ وڙهي چڪا، وڃي دهليءَ جي ٻاهران پهتا، جڏهن ته هيءَ خبر خسرو خان کي پهتي تڏهن وڏو لشڪر تيار ڪري ٻاهر موڪليائين. ٻئي لشڪر دوبدو ٿيا جتي ”الحق يعلو“ (حق بلند رهندو آهي) جو رزا ظاهر ٿيو، غازي ملڪ ۽ فخر ملڪ کي الله جي امداد ۽ بي انداز غيبي تائيد ٿي، ڪافرن جو لشڪر شڪست کائي ڀڳو، گهڻا قتل ٿي ويا ۽ ڪن ٿورن نهايت تڪليف کان پوءِ پاڻ کي قلعي جي اندر پهچايو، [45] ٻئي ڏينهن خسرو خان پاڻ لشڪر تيار ڪري ٻاهر نڪري صفون سينگاريون. هيڏانهن غازي ملڪ جي لشڪر تلوار مياڻ مان ڪڍي دشمنن کان بدلي وٺڻ جي ارادي سان لڙائي شروع ڪئي. هڪ گهڙيءَ ۾ ڪافرن جي لشڪر کي ترارين جو لقمو بنائي ڪٺلن جا ڍير ڪري ڇڏيائون. خسرو خان ناميد ٿي ڀڄي ويو ۽ غازي ملڪ ۽ فخر ملڪ جنگ جو ميدان ڇڏي شهر جي پسگردائيءَ ۾ لٿا. اڌ رات جو دهليءَ جو گورنر، قلعيدار، وڏيرا ۽ معتبر ماڻهو، قلعي جون ڪنجيون غازي ملڪ جي خدمت ۾ کڻي آيا. هو صبح جو بادشاهي شان مان سان پسگردائي ڇڏي دهلي ۾ آيو ۽ هزار تنڀن واري محل ۾ سلطان علاؤالدين ۽ سندس فرزند سلطان قطب الدين جي تعزيت لاءِ پٿر ۾ ويٺو. ٽي ڏينهن تعزيت جي رسمن ۾ مشغول رهيو ۽ دهليءَ جي شهر ۾ پڙهو گهمايائين، ته علاؤالدين ۽ سلطان قطب الدين جي گهراڻي مان جيڪڏهن ڪوبه ماڻو بچيل هجي ته پاڻ کي ظاهر ڪري ته مان کيس تخت تي ويهاري، دل و جان سان هن درگاهه جي نوڪري ۽ خدمتگاري ڪريان، جڏهن ته گهڻي جاچ ۽ پڇا ڳاڇا کانپوءِ به ڪو ماڻهو ظاهر نه ٿيو تنهن ڪري نيٺ اميرن، سپاهين، رئيسن، عالمن مشائخن ۽ عام ماڻهو ٺهراءُ ڪيو ته بادشاهي ۽ حرمت جو لائق غازي ملڪ آهي، جنهن تي فتني فساد کي ملڪ مان صاف ڪري اسلام وارن کي طاقت وٺرائي آهي، جنهن تي سن 720هه ۾ غازي ملڪ کي سلطان غياث الدين تغلق شاهه جو لقب ڏيئي سندس بيعت ڪيائون ۽ کيس دهليءَ جي تخت تي ويهاري خطبو سندس نالي تي پڙهيائون، سندس پٽ فخر ملڪ کي سلطان محمد شاهه جو لقب ڏنائون.

جنهن وقت سلطان غياث الدين ملتان کان دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو هو تنهن وقت سومرا بغاوت ڪري وڃي ٺٽي تي متصرف ٿيا هئا، باقي سلطان غياث الدين، ملتان ۾ ملڪ تاج الدين، بکر ۾ خواجا خطير ۽ سيوستان ۾ ملڪ علي شير کي مقرر فرمايو، سن 723هه جي آخر ۾ سلطان غياث الدين تغلق شاهه پنهنجي لائق فرزند سلطان محمد کي ولد عهد مقرر ڪري سندس نالي شهر جي مکيه ماڻهن کان بيعت نامو لکارايو. سن 725هه جي اوائل ۾ سندس حياتيءَ جي شمع اجل جي هوا جي سخت جهوٽي سبب وسامي ويئي.

 

سلطان محمد شاهه بن تغلق شاهه جو احوال

سلطان محمد شاهه بن تغلق شاهه بادشاهيءَ جي تخت تي ويهڻ سان ملڪ ۾ عدالت ۽ انصاف پکيڙي ملڪ ۾ چؤطرف چڱو نالو ڪڍيو. سن 727هه ۾ ڪشلو خان کي سنڌ ملڪ تي مقرر فرمايائين، تنهن کانپوءِ دولت آباد وڃي انهيءَ کي پنهنجو تختگاهه بنايائين. اتي ٻه سال مس رهيو ته ڪشلو خان بکر کان ملتا اچي، ملتانين ۽ بلوچن کي پاڻ سان ملائي بغاوت جو پڪو ارادو ڪيو. هن خبر ٻڌڻ تي سلطان محمد شاهه سن 728هه ۾ تڪڙو تڪڙو ملتان پهتو ۽ ڪشلو خان بي فرمان ٿي پنهنجي مربيءَ سان سامهون ٿيو. مقابلي ٿيڻ شرط مقدمه (Vanguard) جي فوج جيڪا منڍ ۾ هئي تنهن ڪشلو خان تي حملو ڪري، کيس هٿ ڪري، سندس سر وڍي اچي بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ڪيو. سندس لشڪر بادشاهه جي ڊپ کان ڇڙ و ڇڙ ٿي،  هيڏي هوڏي ڀڄي ويو. بادشاهه حڪم فرمايو ته ملتانين جي خون مان ندي وهائي وڃي، جلادن اگهاڙيون تراريون هٿن ۾ ڪري ملتانين جي ڪوس جو ارادو ڪيو ته شيخ الاسلام، شيخ رڪن الدين، ملتانين جي سفارش ڪرڻ خاطر، سلطان جي دربار ۾ اچي پنهنجو مٿو اگهاڙو ڪري بيهي رهيو. هڪ گهڙيءَ کان پوءِ بادشاهه شيخ جي سفارش قبول ڪري. [47] ملتانين جو گناهه معاف ڪيو ۽ ملتان، بکر ۽ سيوستان ۾ اعتماد جوڳا ماڻهو مقرر ڪري، ساڳئي سال جي پڇاڙيءَ ۾ موٽي ويو.

سن 744هه ۾ سلطان محمد شاهه جي دل ۾ آيو ته دهليءَ جي ملڪ جي شهنشاهي ۽ حڪومت عباسي خليفي جي اجازت کان سواءِ جائز نه آهي، تنهن ڪري پرپٺ خليفي جي بيعت ڪيائين. هن باري ۾ ايترو ته مبالغو ڪيائين، جو خلق کي تيستائين جمعي کان روڪي ڇڏيائي، جيستائين ملڪ رفيع کي سوکڙيون ڏيئي مصر موڪليائين، ۽ مصر جي خليفي ملڪ رفيع ۽ پنهنجي آدمين هٿان هن لاءِ جهنڊو ۽ سروپا موڪلي، جنهن تي بادشاهه خوش ٿي، انهن ماڻهن جي ڏاڍي تعظيم ڪئي، کين رقمون انعام ڏنائين ۽ خطبو خليفي جي نالي پڙهي پنهنجو نالو ان جي پويان شامل ڪيائين.

سن 751هه ۾ سلطان محمد شاهه دهليءَ جي تختگاهه کان گجرات ڏانهن روانو ٿي، تمام جلد ڪرنال (گرنار) ۾ پهتو. اتي بادشاهه جو طغي نالي هڪ غلام باغي ٿي کنڀات بندر ڏانهن ڀڄي ويو. جڏهن بادشاهه اتي پهتو ته ڀڄي وڃي جاڙيجن سان مليو. سلطان پڻ ناڪنيءَ جو ارادو ڪري، ٺٽي جي پاسي روانو ٿيو ۽ ٿريءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪناري تي لهي، لشڪر جي گڏ ٿيڻ خاطر، ترسي پيو. اتي بادشاهه کي تپ جو عارضو ٿي پيو، ۽ سفر جي ڳڻتي سندس دل ۾ پيدا ٿي، سلطان ٿريءَ مان منزل کڻي اچي ڪندل ۾ رهيو. اتي سلطان کي بيماريءَ کان پڻ صحت حاصل ٿي، انهيءَ منزل ۾ سلطان جا حرم پڻ درياءَ جي رستي سان سندس خدمت ۾ پهتا. سلطان سندن اچڻ ڪري خوش ٿي لشڪر کي گهڻو انعام بخشيو، ۽ وڏي لشڪر سان ٺٽي ڏانهن متوجهه ٿيو. هوڏانهن طغي جي ڀڄي ٺٽي آيو هو، سو پريشان ٿيو ۽ کيس ڪوبه حيلو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو، جنهن ڏينهن سلطان ٺٽي کان چوڏهن ڪوهن تي. [48] پهتو ته اتفاقاً اهو عاشوري جو ڏينهن هو. سلطان ترسي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن روزو رکيائين. ٻئي ڏينهن سلطان جو ساڳيو مرض وري اٿلي پيو، ۽ سندس بدن تي حرارت جو سخت غلبو ٿيو حڪيمن طبيبن علاج ڪيا، پر ڪوبه فائدو نه ٿيو. نيٺ 21 محرم سن 752هه ۾ سلطان محمد شاهه هن فاني جهان مان جاوداني ملڪ ڏانهن لڏي ويو.

 

سلطان فيروز محمد شاهه جو احوال

جڏهن سلطان محمد شاهه پاڻ ۾ موت جون نشانيون ڏٺيون تڏهن پنهنجي سؤٽ فيروز شاهه کي جنهن جي پيشانيءَ ۾ بزرگيءَ جا نشان پڌرا ۽ نراڙ ۾ شان شوڪت جا نور روشن هئا، وليعهد بنائي، ملڪ ڪٽنب ۽ سپاهين جي باري ۾ وصيت ڪري، هن تنگ جهان کان آخرت جي ڪشاده ميدان ڏانهن انتقال ڪيو. اميرن، وزيرن، رئيسن ۽ عام خلق انهيءَ ئي منزل ۾ سندس بيعت ڪئي. تاريخ 14 محرم الحرام، سن 752هه ۾، سلطان فيروز شاهه تخت تي ويهي عام دربار ڪئي، ۽ ماڻهن کي قسمين قسمين مهربانين ۽ احسانن سان نوازيائين.

طغي، سلطان جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي، سومرا، جاڙيجا ۽ سما ماڻهو ساڻ وٺي لشڪر بنائي فوج جي پويان آيو. هيءَ خبر فيروز شاهه جي ڪن پيئي ته ٻه هزار ماڻهو مقرر ڪيائين، جن رات رات پاڻي لنگهي اچي، طغي ۽ سومرن جو مقابلو ڪري، گهمسان جي لڙائي شروع ڪئي، جنهن ۾ طغي ڀڄي ويو. سومرن ٻئي ڏينهن پڻ لڙائي ڪئي، پر انهيءَ جنگ ۾ به شڪست کاڌائون ۽ سندن گهڻا مقانهو قتل ٿي ويا. مٿئين سال جي پهرين صفر تي، سلطان فيروز شاهه ٺٽي مان منزل پٽي دهليءَ جي تختگاهه ڏانهن رخ ڪيو، ۽ فيصلو ڪيائين ته سپاهي روزانو پنجن ڪوهن کان مٿي منزل نه ڪن. ساڱرهه ڍنڍ تي [49] قلعو ٺهرائي، نصر کي هزار سوارن سان اتي مقرر ڪيائي، ۽ ملڪ بهرام کي انهيءَ حد جي فوجدار ٿي رهڻ جو حڪم ڪيائين. سيوستان ۾ پهچي، اتي حڪومت تي ملڪ علي شير ۽ ملڪ تاج ڪافوري کي ڇڏيائين. حضرت شهباز قلندر جي آستاني مبارڪ ۽ اتي جي ٻين مشائخن جي زيارت ڪري، مخدومن ۽ حقدارن لاءِ وظيفو ۽ وجهه معاش مقرر ڪيائين. اتان بکر ۾ تشريف آڻي، ويهه ڏينهن اتي رهيو ۽ ملڪ رڪن الدين کي پنهنجو نائب ۽ ملڪ عبدالعزيز بريد کي بکر جو ديوان مقرر ڪري، اسي يگانا ماڻهو قلعي جي حفاظت تي مقرر ڪيائين، پڻ ملڪ رڪن الدين کي ”اخلاص خاني“ جو خطاب عطا ڪري، کيس سنڌ جي ڪاروبار سرانجام ڪرڻ جو اختيار ڏنائين، اهريءَ طرح منزلون طئه ڪندو، جنهن به سر زمين تي پهتو ٿي، اتي جي رهاڪن کي بخششن ۽ نوازشن سان راضي ٿي ڪيائين. آخر مهيني رجب، سن 752هه ۾ دهليءَ جي تختگاهه ۾ پهچي، پوري استقلال سان بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو ۽ شاهي جشنن جو انتظام ڪري، خلق کي مهربانين ۽ انعامن سان نوازيائين ۽ عدل ۽ انصاف جي بشارت ڏيئي، خاص، عام ۽ سموري مخلوقات کي سندن مقصد چلئه وڌائين، مهيني صفر، سن 753هه جي 5 تاريخ ملڪ جي سير لاءِ نڪتو ۽ اتي جي اڪثر زميندارن حاضريءَ جو شرف حاصل ڪري، اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو اظهار ڪيو. سن 754هه ۾ ڪلانور ۽ اوڏانهن واري جبل جي دامن ۾ شڪار ڪرڻ ويو، ۽ موٽڻ وقت سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي عاليشان عمارتون ٺهرايائين. اتي شيخ صدر الدين بن شيخ بهاؤالدين زڪريا کي ”شيخ الاسلامي“ جو خطاب عطا ڪري، وطن ڏانهن روانو ڪيائين.

سلطان فيروز شاهه سن 760هه ۾ بنگال جو ملڪ قبضي ۾ آندو، ۽ مهيني رجب سن 772هه ۾ [50] نگر ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن جبل جي دامن وٽ پهتو ته برف جو هڪ ٽڪرو ٿانوءَ ۾ وجهي، سلطان جي اڳيان کڻي آيا. سلطان فرمايو ته جنهن وقت سلطان محمد شاهه هتي پهتو هو ته انهيءَ لاءِ پڻ برف آندي هئائون، فرمايو هئائين ته انهيءَ مان شربت تيار ڪيو وڃي، جڏهن تيار ڪري کڻي آيا ۽ هي بندو حاضر نه هو تڏهن پاڻي نه پيتائون ۽ فرمايو هئائون ته فيروز شاهه سان گڏجي پيتو ويندو. منهنجي حق ۾ اهڙيون مهربانيون ڪيون هئائون، تنهن ڪري مان پڻ هيءَ شربت تيسين نه پيئندس، جيسين نباتن جي سؤ اٺن جو برف ملايل شربت تيار ڪري سلطان جي روح خاطر ماڻهن کي نه ڏيندس ۽ ائين ڪيائين.

قصو ڪوتاهه، نگر ڪوٽ فتح ڪرڻ کانپوءِ سلطان ٺٽي ڏانهن رخ رکيو. ٺٽي پهچڻ تي، ٺٽي جو والي ڄام خير الدين، آب جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي، ڪجهه وقت لشڪر جو بچاءُ ڪيو. سلطان اناج جي تنگيءَ، گاهه جي ڪميءَ، پاڻيءَ جي اٿل ۽ مڇرن جي گهڻائيءُ سبب گجرات روانو ٿي ويو، ۽ برسات جي موسم اتي گذاريائين، پوءِ نظام الملڪ کي موقوف ڪري، گجرات ظفر خان کي ڏيئي، ٺٽي تي چڙهائي ڪيائين، ٺٽي پهچڻ تي، ڄام خير الدين امان گهري اچي حاضر ٿيو. سلطان انهيءَ تي مهرباني جي نظر ڪري، حڪم ڪيو ته کيس انهيءَ حد جي ٻين زميندارن سان گڏ دهلي وٺي وڃن. سيوستان جي آسپاس پهتا ته ڄام خير الدين ڀڄڻ جو خيال ڪري پڪو ارادو ڪيو ته منزل کڻڻ وقت درياءَ جي ڪناري تي پهچي، ڪنهن ننڍڙي ڊونڊيءَ ۾ نڪري ويندو. مٿس جيڪي چوڪيدار هئا، تن کي هيءَ خبر پئجي ويئي ۽ وڃي سلطان کي ٻڌايائون، جنهن تي سلطان حڪم ڪيو ته ”ڄام خير الدين جي پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي، کيس دهليءَ نيو وڃي.“ ائين چئي، سلطان پنهنجي لشڪر سان دهليءَجي تختگاهه ڏانهن روانو ٿيو. ٿوري وقت کانپوءِ ڄام خير الدين جي پٽ جھام جونا کي خلعت پهرائي، ٺٽي جي حڪومت سندس حوالي ڪري موڪلي ڏنائين. [3]

سلطان فيروز شاهه 38 سال ۽ ڪي مهينا خودمختياريءَ سان حڪومت ڪئي، ۽ تاريخ 18 رمضان سن 790 هه ۾ وفات فرمايائين.

”فلک را سر انداختن شد سرت

نشايد کشيدن سر از سر نوشت

که داند که اين خاک انگيخته

بخون چه دلهاست آميخته

همه راه گر نيست بيند کور

اديم گوزن ست کيمخت گور“

ــــــــــــــــــــــــــ

[فلڪ جو اصل کان ڪهڻ آهه آ ڪم

ڪڏهن ڪين ٽندو خدائي حڪم

نه معلوم ڪنهن کي، مٽي هي اٿيل

دلين ڪيترين جي آ رت سان گڏيل

ڏسندڙ انڌو ناهه ته ساري هي راهه

هزارين منجهنس جانور ٿيا تباهه]

 

سلطان تغلق شاهه بن فتح خان بن سلطان فيروز جو احوال

هو تاريخ 18 رمضان سن 790 هه ۾، سلطان فيروز شاهه جي وصيت ۽ اميرن جي ڪوشش موجب، فيروز آباد جي محلات ۾، سلطان غياث الدين تغلق شاهه جي لقب سان بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، جنهن ڪري سلطان فيروز شاهه جي حقيقت پٽ سلطان محمد شاهه جنهن کان سلطان رنج ٿي کيس ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ تي مقرر ڪيو هو، ۽ اميرن جي وچ ۾ مخالفت ٿي پيئي، سلطان محمد شاهه ملڪ جي گهر ڪندي سامهون ٿيو، ۽ ناليوارا امير سلطان تغلق شاهه سان ملي سندس دفع ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيا. هو ذوالحج مهيني ۾ سرمور جبل تي آيو، ۽ سلطان تغلق شاهه هڪ لک سوار ساڻ ڪري سندس تعاقب ڪيو، پر ڪم سرانجام ڪرڻ کان سواءِ موٽي آيو. شهر ۾ پهچڻ تي ڦوهه جوانءَ جي سبب عيش عشرت ۾ مشغول ٿي ويو، ۽ بادشاهيءَ ۽ ملڪ جو ڪاروبار معطل رهيو، جنهن کان حڪومت جي ڪمن ۾ ڪوتاهي ۽ سستي ٿيڻ لڳي. ناتجربيڪاريءَ ۽ زيادهه دور انديشيءَ کان سڳن ڀائرن کي قيد ڪيائين. سندس ڀائيٽو ابوبڪر بن ظفر خان ڊپ کان پاسو ڪري نڪري ويو. ملڪ رڪن الدين وزير ۽ ٻين اميرن سندس مددگار ٿي بغاوت ڪئي. ۽ ملڪ مبارڪ ڪبير کي دهليءَ جي فيروز آباد (محلي) ۾، تغلق شاهه جي دولت خاني جي دروازي تي، ڪٺائون، هو پاڻ باغين جي طاقت ۽ غلبو ڏسي خان جهان سان گڏجي جمنا ناديءَ واري دروازي مان نڪري ويو. ملڪ رڪن الدين پٺيان پيئي [52] تغلق شاهه ۽ خان جهان کي هٿ ڪري قتل ڪيو ۽ سندن سر ساڳئي دروازي تي لڙڪايا. هي واقعو 21 ماهه صفر سن 791هه ۾ ٿيو. سندس بادشاهيءَ جي مدت پنج مهينا ۽ ٽي ڏينهن هئي. ۽ علم الله (تعالى) وٽ آهي.

سلطان ابوبڪر شاهه جو احوال

هن واقعي کانپوءِ، بي سمجهه اميرن سلطان ابوبڪر بن ظفر خان بن سلطان فيروز شاهه کي بادشاهي جي درجي تي پهچائي، سلطان ابوبڪر شاهه لقب ڏنو ۽ وزارت جو عهدو ملڪ رڪن الدين جي حوالي ٿيو. ٿوري وقت کان پوءِ سلطان ابوبڪر شاهه کي معلوم ٿيو ته ملڪ رڪن الدين ڪن فيروز شاهي اميرن سان هم صلاح ٿي، سلطان ابوبڪر شاهه کي وچ مان هٽائي، پاڻ بادشاهي بڻجڻ ٿي گهريو. تنهن ڪري سلطان ابوبڪر شاهه اڳرائي ڪري ملڪ رڪن الدين کي قتل ڪري ڇڏيو. ملڪ رڪن الدين جي قتل کانپوءِ سلطان ابوبڪر شاهه اقدار پيدا ڪري قوت حاصل ڪئي.

ايتري ۾ معلوم ٿيو ته مير صده سامانه اتي جي حاڪم کي خنجر سان ڪهي سندس گهر لٽي هن جو سر سلطان ڏانهن نگرڪوٽ ڏياري موڪليو. هيءَ خبر ٻڌي سلطان محمد شاهه نگر ڪوٽ کان سامانه آيو ۽ ربيع الاول مهيني ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، صده سامانه، جيلسمير ۽ جبل جي دامن جي زميندارن، نئين سر سندس بيعت ڪئي. دهليءَ جا ڪي امير ۽ ملڪ پڻ ابوبڪر شاهه کان منهن موڙي اچي محمد شاهه سان مليا، ۽ ويهه هزار سوار ۽ بي انداز پيادا وٽس جمع ٿي ويا. سامانه کان دهليءَ روانو ٿيو ته دهليءَ تائين پهچڻ جي عرصي ۾ سندس لشڪر (جو انداز) پنجاهه هزار سوارن کي وڃي پهتو.

تاريخ 22 ماهه ربيع الاخر، سن 791هه ۾، محمد شاهه جهان نما ماڙيءَ [53] ۾ اچي لٿو، ۽ ساڳئي سال جي جمادي الاول مهيني جي 2 تاريخ ابوبڪر شاهه جو لشڪر سلطان محمد شاهه جي لشڪر سان، فيروز آباد جي گهٽين ۾ وڙهي رهيو هو ته انهيءَ ڏينهن بهادر خان ميواتي وڏي لشڪر سان شهر ۾ آيو. ابوبڪر شاهه کي طاقت اچي ويئي، ۽ ٻئي ڏينهن صفون سينگاري لڙائي ڪيائين. محمد شاهه شڪست کائي ٻن هزار سوارن سان جون (جمنا) ندي لنگهي، دوابي ۾ هليو ويو. وري ساڳئي سال جي شوال مهيني ۾ دهليءَ ڏانهن روانو ٿي وڃي ابوبڪر شاهه سان لڙيو، پر اڃا به سلطان محمد شاهه جو وارو ڪونه وريو، جنهن ڪري سندس لشڪر شڪست کاڌي.

”تا در نرسد وعده هر کار که هست

سودي نه کند ياريءَ هر يار کي هست“

ــــــــــــــــــــ

[جيسين نه رسي پلڪ مقرر ڪم جي

هر دوست جي امداد نه ٿئي ڪنهن ڪم جي.]

ابوبڪر شاهه ٽن ڪوهن تائين سندس پيڇو ڪري دهليءَ موٽي ويو، ۽ سلطان محمد شاهه وري وڃي جيسلمير ۾ ترسيو ۽ لشڪر گڏ ڪيائين. ساڳئي سال جي رمضان مهيني ۾ لاهور، ملتان ۽ ٻين ڳوٺن جي رهاڪن ڏانهن خط ۽ احڪام موڪليائين ته جنهن به شهر ۾ فيروز شاهي نوڪر لهو ته انهيءَ کي قتل ڪريو، گهڻو ڪري جنهن جاءِ تي هيءُ حڪم عمل ۾ آيو اتي قتل عام ۽ وڏي ڦرلٽ واقع ٿي ۽ خلق ۾ عجيب تفرقو پيدا ٿيو، ۽ نيٺ محمد شاهه جي چرچ تي اميرن، سلطان ابوبڪر شاهه جي مخالفت ڪري، محمد شاهه ڏانهن ڳجها خط لکيا. ابوبڪر شاهه لاچار ٿي ميوات ڏانهن هليو ويو. سندس بادشاهيءَ جو عرصو ڏيڍ سال هو.

سلطان محمد شاهه بن سلطان فيروز شاهه جو احوال

تاريخ 16 رمضان سنه 792هه ۾، بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو. اچڻ سان پيءُ جي انهن غلامن ۽ خانزاد ٻانهن کي شڪر نيڪالي ڏنائين، جن سندس مخالفت ڪئي هئي، ۽ ٻين ڪيترن کي قتل ڪيائين، ۽ پڙهو گهمارايائين ته هنن مان جيڪو به شهر ۾ رهندو ته هو پنهنجي خون لاءِ جوابدار آهي.

سلطان محمد شاهه وڏي لشڪر سان دهليءَ ۾ تشريف فرما ٿي، ملڪ ۽ خزاني تي خود مختيارانه قبضو ڪيو. پوري طاقت حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس دل ۾ خيال آيو ته ابوبڪر شاهه کان غافل نه رهڻ گهرجي. تنهن ڪري پنهنجي پٽ همايون خان کي اميرن جي هڪ جماعت سان انهيءَ جي مٿان ڇڏيائين. هي لشڪر تيار ڪري، همايون خان جي لشڪر تي راتاهو هنيو ۽ وچ ۾ جنگ جهيڙي جي باهه ڀڙڪي، آخر ابوبڪر شاهه شڪست کائي پنهنجي لشڪر سميت ڪوٽلي جي قلعي ۾ گهري ويو. هن خبر پهچڻ تي محمد شاهه منزلون ڪري پاڻ اتي اچي پهتو، ۽ مٿس محاصرو تنگ ڪيو. ابوبڪر شاهه لاچار ٿي پناهه گهري حاضر ٿيو، ۽ سلطان محمد شاهه کيس قيد ڪري موات جي قلعي ڏانهن موڪليو جتي هو گذاري ويو.

سلطان دهليءَ ڏانهن موٽي ويو ۽ اتان گجرات طرف تي چڙهائي ڪيائين. انهيءَ کان ٿورو وقت پوءِ بنگال طرف واڳ ڦيرائي، اتي جي سرڪشن ۽ فسادين جي گوش مالي ڪري، محمد آباد جي قلعي ۾ رهيو، جو سندس وقت ۾ اڏيو هو. ٿوري وقت کان پوءِ بيمار ٿي پيو، انهيءَ عرصي ۾ خبر پهتي ته بهادر ناهر، دهليءَ جي آسپاس ڪن جاين تي حملو ڪري، خلل پيدا ڪيو آهي. سلطان هيڻائيءَ جي باوجود موات ڏانهن روانو ٿيو. ڪوٽله ۾ پهچڻ تي، بهادر ناهر سامهون ٿي جنگ ڪئي ۽ شڪست کائي ڪوٽله ۾ قلعي بند ٿيو، جنهن صورت ۾ اتي رهڻ جي طاقت ڪا نه هيس تنهن ڪري ڪوٽل مان ڀڄي ويو. سلطان انهيءَ عمارت جي خيال کان، جا [55] محمد آباد ۾ ٺهرائي هئائين. محمد آباد جو ارادو ڪيو، انهيءَ عرصي ۾ سندس بيماري وڌي ويئي، ۽ 17 ربع الاول سن 796هه ۾ آخرت جي سفر تي روانو ٿيو، سندس بادشاهيءَ جو عرصو 6 سال ۽ ست مهينا هو.

سلطان علاؤالدين بن محمد شاهه جو نالو پهريائين همايو هو، تنهن جو احوال

سلطان محمد شاهه جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سلطان محمد شاهه جو وچون پٽ جنهن کي همايون سڏائيندا هئا، ٽن ڏينهن تائين عتزيت جون رسمون پوريون ڪري، ساڳئي سال جي 19 ربيع الاول ۾ اميرن ۽ بادشاهن جي صلاح سان تخت تي ويٺو، ۽ پگهاردارن کي اڳئين دستور موجب بحال رکيائين. ساڳئي سال جي 5 ماهه جمادي الاول ۾ بيمار ٿيو ۽ وفات ڪري ويو.

”تخت دولت چه شد آر يار نه شد اي خواه دهر

نه توان خورد ازين مائده جز قسمت خويش“

ـــــــــــــــــــ

[ڪجهه ناهيتخت ۽ دولت نه ٿيو يار جي بخت

ڪوبه کائيندو ته هن خونچه مان قسمت کانسواءِ]

محمد شاهه جي ننڍي پٽ سلطان ناصر الدين محمود شاهه جو احوال

سلطان علاؤ الدين جي گذاري وڃڻ جو ارادو ڪيو. سلطان محمد شاهه جي وڏي وزير، خان جهان کي پتو پئجي ويو، جنهن دلاسو ڏيئي انهن کي شهر ۾ آندو [جنهن کان پوءِ] هو تاريخ 20 جمادي الاول سن 796هه ۾ اميرن، بادشاهن ۽ شهر جي وڏن ماڻهن جي ڪوشش سان، مبارڪ محلات ۾، سلطان ناصر الدين محمود شاهه جي لقب سان شهنشاهيءَ جي تخت تي ويٺو. پيءَ ۽ ڀاءُ جي وزيرن، اميرن ۽ ڪامورن جا ساڳيا اڳيان عهدا بحال رکي، مقرب الملڪ کي ”مقرب خان“ جو لقب ڏيئي وليعهد بنايائين. خان جهان کي ”اشرف خان“ جو قلب ڏيئي [56]قنوج کان بهار تائين ملڪ سندس حوالي ڪري،  وڏي لشڪر سان رخصت ڏيئي، انهيءَ پرڳڻي ۾ خودمختيار ڪري ڇڏيائين. هن پڻ انهيءَ ملڪ تي پورو غلبو ڪري اتي جي زميندارن کي پنهنجو تابع ۽ فرمانبردار بنايو ۽ جيڪي قلعا ويران ٿي ويا هئا، سي ٺهرايا. بنگال جو بادشاهه ۽ آسپاس جا امير ۽ حاڪم جيڪي هديا ۽ نذرانا سلطان فيروز شاهه ڏانهن موڪليندا هئا، سي سلطان محمود شاهه ڏانهن موڪليائون.

انهيءَ ئي سال سلطان محمود شاهه، سارنگ خان کي ديبالپور، ملتان ۽ سنڌ جي انتظام لاءِ مقرر فرمايو، (جنهن) شيخو کوکر جيڪو لاهور ۾ فساد مچايو هو، تنهنجي بند ڪرڻ لاءِ راءِ خلجي خان ڀٽيءَ، راءِ دائود، ڪمال مبين ۽ ملتان جو لشڪر رواو ڪيو. هو ماه ذوالقعد سن 796هه ۾ روانا ٿيا، جڏهن لاهور جي ويجهو پهتا تڏهن شيخو کوکر وڏي لشڪر ۽ لڙائيءَ جي سامان سان لاهور کان ٻارهن ڪوهن تي مقابلو ڪري لڙائي ڪئي. سارنگ خان جي طرف کي فتح نصيب ٿي، ۽ شيخو کوکر شڪست کائي ڄمو جبل ڏانهن هليو ويو. سارنگ خان ٻئي ڏينهن لاهور جي قلعي تي متصرف ٿي پنهنجي ڀاءُ ملڪ کنڊوءَ کي ”عادل خان“ جو لقب ڏيئي اتي ڇڏي، پاڻ ديبالپور ۾ آيو. ساڳئي سال جي شعبان مهيني ۾ مقرب خان کي اعتماد جوڳن ماڻهن جي هڪ ٽولي سان قلعي ۾ ڇڏي، سلطان محمود شاهه، سعادت خان سان گڏجي، بيانه ۽ گواليار ڏانهن روانو ٿيو. گواليار کي نزديڪ پهتا ته ملڪ علاؤالدين ڌاروال، مبارڪ خان ولد ملڪ راجو ۽ سارنگ خان جو ڀاءُ ملو، سلطان سان دغا ڪرڻ جا پهه پچائڻ لڳا. سعادت خان واقف ٿي ملڪ علاؤالدين [57] ۽ مبارڪ خان کي هٿ ڪري قتل ڪيو. ملو هن خبر کان دڄي اچي سلطان وٽ حاضر ٿيو پر دل جي ڪدورت معلوم ڪري ڪنهن اٽڪل سان لشڪر مان نڪري، شهر ۾ پهچي بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيائين. سلطان، سعادت خان سان گڏ، شهر کي گهيرو ڪيو ۽ هر روز جنگ ڪندو رهيو. هي سلسلو ٽن مهينن تائين هلندو رهيو.

مقرب خان جي ڪن خير خواهن سلطان کي ڌوڪو ڏيئي سعادت خان کان جدا ڪري شهر ۾ آندو. سعادت خان ڏٺو ته وس نه ٿو هلي، دهليءَ جو قلعو فتح ڪرڻ مشڪل آهي، برسات اچي مٿان پيئي آهي، تنهن ڪري شهر جو محاصرو ڇڏي فيروز آباد هليو ويو، ۽ ڪن خاص ماڻهن جي صلاح سان نصرت شاه بن فيروز خان بن سلطان فيروز شاهه کي، جو ميوات ۾ هو، ساڳئي سال جي ربيع الاول مهيني ۾ فيروز آباد ۾ شهنشاهيءَ جي تخت تي ويهاري، ناصر الدين کي نصرت شاه جو لقب ڏنائين. اميرن جڏهن ڏٺو ته نصرت شاه رڳو گڏو آهي، سو رٿ ۽ اٽڪل سان نصرت شاه کي سعادت خان کان جدا ڪري، لشڪر سان گڏ ڪري بي خبريءَ ۾ وڃي سعادت خان تي، جو امير الامراءِ هو. ڪڙڪيا.  هو طاقت نه ساري دهليءَ وڃي مقرب خان سان مليو، ۽ مقرب خان کيس وٺي قتل ڪري ڇڏيو. نصرت شاهي اميرن جهڙوڪ: محمد مظفر، شهاب الدين ناهر، فضل الله خان بلخي، ۽ فيروز شاهي خانه زاد لامن لاچار ٿي نصرت شاهه جي نئين سر بيعت ڪري، گهڻين ولايتن تي تصرف ڄمايو. سلطان ناصر الدين محمود شاهه اميرن ۽ لشڪر جي نفاق ۽ نمڪ حراميءَ کان ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ڪوبه رستو ڏسڻ ۾ نه ٿي آيس ۽ خبر نه ٿي پيس ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهڙيءَ طرح ٻنهي طرفن کان لڙائي ٿيندي رهي.

سن 798هه ۾ لاهور ۽ ديبالوپور جي حاڪم سارنگ خان جي، جيڪو سلطان محمود شاهه جي پاران مقرر هو، ملتان جي حاڪم خضر خان سان [58] مخالفت ٿي پئي. ملڪ ڀٽيءَ جا ڪي نوڪر اچي سارنگ خان سان مليا، جنهن ڪري سارنگ خان قوت حاصل ڪري وڃي ملتان ورتو، ۽ مهيني رمضان سن 799هه ۾ لشڪر گڏ ڪري دهليءَ جو ارادو ڪيائين. دهليءَ جا امير پڻ لشڪر گڏ ڪري هن جي هٽائڻ ۽ جنگ لاءِ متوجهه ٿيا. 15 محرم  سن 800هه ۾ سندن وچ ۾ لڙائي لڳي ۽ سارنگ خان شڪست کائي ملتان هليو ويو.

جئين ته ٻئي بادشاهزادا هڪٻئي سان وڙهندا ٿي رهيا ۽ ملڪ جي ڪاروبار جو انتظام ڪونه هو، تنهن ڪري مهيني ربيع الاول سن 800هه ۾ امير تيمور صاحبقران جي پوٽي مرزا پير محمد، پنجاب جون نديون لنگهي، اچي اُچ جي قلعي کي گهيرو ڪيو، ۽ ملڪ علي جيڪو سارنگ خان جي پاران اُچ جو حاڪم هو سو قلعو بند ڪري هڪ مهيني تائين لڙائي جاري رکندو آيو. سارنگ خان ملڪ تاج الدين سان گڏ چار هزار سوار ملڪ عليءَ جي عمدد ۾ موڪليا. مرزا پير محمد کي خبر پئجي ويئي جو قلعو ڇڏي وڃي ملڪ تاج الدين کي سامهون ٿيو، ۽ انهيءَ کي ڀڄائي پٺيان ڦري وڃي ملتان جي قلعي کي گهيرو ڪيائين. ڇهن مهينن تائين سارنگ خان سان لڙائي جاري رکيائين ۽ هر روز جنگ ٿيندي رهي، ۽ نيٺ (سارنگ خان) امان گهري، مرزا جي ملازمت جو شرف حاصل ڪيو.

ملتان جي فتح کان پوءِ ميرزا پير محمد ڪي ڏينهن ترسي پيو. هوڏانهن دهليءَ جي بادشاهن جي اميرن، ميرزا پير محمد جي غلبي جي خبر ٻڌي. ساڳئي سال جي شوال مهيني ۾ شيخ قطب الدين بختيار ڪاڪي قدس سره جي مزار تي گڏ ي، هڪ ٻئي سان عهد اقرار ڪيو. دهليءَ جي اميرن پنهنجي بادشاهن تي غالب ٿي انهن کي رڳو گڏا بنائي پاڻ ۾ اتفاق ڪيو هو. سنڌ جا ماڻهو صاحبقرآن جي تشريف آوريءَ تائين هندستان جي بادشاهن جا مطيع ۽ فرمانبردار رهيا. پنهنجي پوٽي ميرزا پير محمد جي اچڻ کان پوءِ مهيني سفر سن 801هه ۾ [صاحبقرآن] بذات خود خود طلنبه [59] تي ڪاهي ملتان ۾ منزل انداز ٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ميرزا پير محمد هٿان قيد ٿيا هئا، تن کي سزائون ڏنائين، انهيءَ کان پوءِ سنڌ جو حاڪم دهليءَ جي بادشاهن جي تابعداري مان نڪري مستقل حاڪم بنجي ويٺا، جيئن ذڪر ڪجي ٿو.

سومرن ۽ سمن جي حڪومت جو احوال

سومرا:

مٿي ذڪر ٿي آيو ته جڏهن سلطان محمود غازي غزنيءَ کان ملتان پهچي ملتان جو قلعو فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ آخر هٿ ڪيائين تڏهن پنهنجا ماڻهو سنڌ روانا ڪيا هئائين، جن سنڌ ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو هو. سلطان محمود غازيءَ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ جڏهن شهنشاهت سندس اولاد ڏانهن منتقل ٿي ۽ حڪومت ۽ بادشاهيءَ جو وارو عبدالرشيد بن سلطان مسعود وٽ پهتو ۽ هو عيش ۽ خوشيءَ جون مجلسون قائم ڪري، خوشيءَ ۽ عياشيءَ جي رسمن ۾ مشغول ٿي، حڪومت جي ڪاروبار کان غافل رهيو. تڏهن گهڻين ڏورانهين سرحدن جا ماڻهو سرڪشي شروع ڪري فرمانبرداريءَ کان نڪري ويا.


[1]   سيوهڻ جو مشهور ولي قندر (مترجم)

[2]   هتي اصل فارسي عبارت منجهيل آهي، جيئن ته ”محروسه سلطان علاؤالدين از جهت شرقي و جنوبي و عربي متصل بد رياء بوده، از جانب بنگاله و دکن و گجرات سنڌ و از سمت شمال تا آب نيلاب“ شايد عبارت هن طرح هجڻ گهرجي ها: ”از جهت شرقي و جنوبي يعني از جانب بنگله، و دکن و گجرات و سنڌ الحق“ (مترجم)

[3]   هتي اصل ۾ بشکال، نسخي ”م“ ۾ برسکال، ”ر“ ۽ ۾ برسکال ۽ ”ح“ ۾ برشکال آهي، اسان جي نظر ۾ صحح برشکال آهي، ٻيا سڀ انهيءَ مان بگڙيل آهن. (مترجم)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org