سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 12

افتتاحي تقرير

از: جناب پيار علي الانا

 وزير تعليم ۽ ثقافت، حڪومت سنڌ

معزز حضرات!

مارئيءَ کي حـُب هئي پنهجي وطن جي لاءِ- ڇو جو مارئي ٿرپارڪر جي هئي- پر پيار عليءَ کي ٿرپارڪر ضلعي جي لاءِ حب آهي ۽ ان جو ثبوت اهو آهي ته هڪ سال جي اندر چار دفعا هن ضلعي ۾ اچي چڪو آهي، ۽ سنڌ جو اهو واحد ڊسٽرڪٽ آهي،  جنهن ۾ چار دفعا اچي چڪو آهي.  مون کي ائين لڳي ٿو ته اهڙي قسم جي حب تڏهن ئي ٿي سگهندي آهي،  جڏهن ان سرزمين جي اندر ضرور ڪي خوبيون هونديون آهن. بلاشبه ٿرپارڪر ضلعي ۾ اهڙيون خوبيون موجود آهن، جن جي ڪري ماڻهو ڪراچيءَ مان اچن ٿا.

ٿرپارڪر ضلعي جو هنر، خاص ڪري دستڪارين جو هنر، نه صرف پاڪستان ۾ مشهور آهي، پر سڄيءَ دنيا اندر مشهور آهي. سنڌ حڪومت جي، ۽ خاص ڪري منهنجي اها ڀرپور ڪوشش آهي ته جيتريقدر ٿي سگهي، هن ضلعي جي فنڪارن جي مدد ۽ حوصله افزائي ڪريون.

سنڌ جي مشهور فنڪار مائي ڀاڳي، جيڪا هن ضلعي جي آهي، ان لاءِ جڏهن مون کي معلوم ٿيو ته بيمار آهي، تڏهن ان جي علاج لاءِ ڪراچيءَ ۾ انتظام ڪري ان کي اتي وٺي وياسون، ۽ اسپتال جي وي آءِ پي روم ۾ ٻن مهينن تائين حڪومت جي خرچ تي علاج ڪرايوسين،  مائي ڀاڳيءَ جي علاج تي حڪومت طرفان ڇهه هزار روپيا خرچ ڪيا ويا. نه صرف ايترو، پر ان سان گڏ حڪومت طرفان مائي ڀاڳيءَ لاءِ درماه ٽي سو روپيا  وظيفو مقرر ڪيو ويو آهي. مائي ڀاڳي هينئر تندرست هٿي واپس ٿرپارڪر موٽي آئي آهي ۽ سندس صحت پهرين کان گهڻو بهتر ٿي چڪي آهي. بهرحال، حڪومت جي ڪوشش رهندي اچي ٿي، پر فقط حڪومت جي ڪوشش ايتريءَ حد تائين ڪامياب نه ٿي وڃي، جيستائين عوام پاڻ پنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ توجهه نه ٿو ڪري.

هيءَ جيڪا اڄوڪي نمائش منعقد ڪئي اٿو، ان لاءِ مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي آهي. مون کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ٻڌايو آهي ۽ غلام مصطفيٰ شاهه صاحب کان پڻ معلوم ٿيو آهي ته اها هڪ  ”بهترين“
 نمائش آهي.

ثقافتي سرگرمين جي ميدان ۾ ميرپورخاص جو هيءُ شهر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. آءٌ تمام گهڻي خوشيءَ سان، حڪومت جي طرفان، اوهان کي يقين ڏيارڻ ٿو چاهيان ته اوهان کي جيتري مدد جي ضرورت آهي يا جيڪا مدد اوهان گهرو ٿا، سا حڪومت جي طرفان اوهان کي ملندي. ثقافتي سرگرمين جي ميدان ۾ اوهان جيڪو به ڪم ڪندؤ ته ان کي پسند ڪيو ويندو. عوامي حڪومڪت چاهي ٿي ته هر ضلعي اندر جيڪا به ثقافتي سرگرمي ٿئي، اها بهتر آهي. اوهان جي وڏي مهرباني، جو مون کي ياد ڪيو آهي، مهرباني.

اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪارونجهر سونهن،

لڳو ڦٽ فراق جو، دل ۾ دکيا دونهن،

توريءَ ور ورونهن، ڪانڌ ڪنديس ڪن سان.

- صوفي صادق فقير رحه

شڪريه ادائي

از: چوڌري رفيق احمد

(ڪنوينر مرحبائي ڪميٽي)

اها منهنجي لاءِ عين خوش نصيبي آهي، جو مون کي مرحبا ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر جي حيثيت ۾ اوهان صاحبن جي شڪريه ادا ڪرڻ جو موقع مليو آهي.

سائين! اوهان صاحب سفر جي تڪليف گوارا ڪري، ڪراچيءَ کان ميرپورخاص اچي، خاص طور هن محفل ۾ رونق افروز ٿيا آهيو، جنهن لاءِ مان ڪاميٽيءَ جي ارڪان طرفان اوهان صاحبن جو نهايت ٿورائتو آهيان. اسان کي ان ڳالهه جو پورو احساس آهي ته اوهان مهرباني ڪري، اسان جي جذبن ۽ خواهشن جو خيال رکي، اسان جو عرض اگهايو ۽ اسان وٽ قرب جا پير ڀري اسان جو مان مٿاهون ڪيو. اسان جي سڀني ارڪان حضرات جي اها دلي چاهت هئي ته اوهان صاحب ئي هن مجلس ۾ مهمان خصوصيءَ جي حيثيت ۾ تشريف فرما ٿيو، ڇاڪاڻ ته ”سنڌ صدين کان“ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ هي نمائشون، محفلون ۽ مجلسون اوهان جي ڪوشش جو ئي نتيجو آهن ۽ اوهان صاحب ئي حڪومت سنڌ ۾ وزارت تعليم ۽ ثقافتي امور جا نگران آهيو. اسان چاهيو ٿا ته اوهان بذات خود اسان وٽ موجود جهونن نوادرات جو خزانو ۽ گهريلو صنعت جو سامان ڏسي سگهو. حقيقت ۾ اسان پنهنجي هن املهه خزاني تي فخر ڪريون ٿا.

سائين! اسان ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته سنڌ جي ثقافتي ورثي ۾ اوهان جي شخصي دلچسپي وٺڻ سان سنڌ جا ڪيترائي وساريل فنڪار ۽ ماهر منظر عام تي اچڻ لڳا آهن ۽ انهن جي تسلي بخش نموني ۾ حوصله افزائي ٿي رهي آهي. هن کان اڳ اهي فنڪار بلڪل نظر انداز ٿيندا رهيا ۽ ريڊيو ۽ ٽيليوزن جهڙن عوامي ادارن تي جهونن خاص قسم جي گوين جي هڪ هٽي رهي يا وري بلڪل جديد پاپ ميوزڪ کي اتي جاءِ ملي. نوان اڀريل مقامي فنڪار مقامي فن تي عبور رکڻ جي باوجود بلڪل نظرانداز ٿيندا رهيا. فن ۽ موسيقي صرف هڪ خاص طبقي جو حق ۽ ورثو سمجهيو ٿي ويو، جن کي موسيقيءَ سميت فن جي دنيا جا وڏيرا يا ٺيڪيدار چوڻ بيجا نه ٿيندو!

منهنجي ناقص راءِ ۾ اسان کي هن قسم جي بناوٽي ۽ ڌارئي فن ۽ موسيقيءَ کان پاسو ڪرڻ کپي. بدقسمتيءَ سان ديسي فلمي گانن ۽ مغرب کان آيل فلمن اسان جي عام ماڻهوءَ جي ذوق کي بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ هو هينئر مغربي پاپ ميوزڪ ۽ ريڊيو سيلون جي ڌنن کانسواءِ ٻي ڪا به شئي پسند نه ٿا ڪن، تنهنڪري، منهنجي گذارش آهي ته ريڊيو ۽ ٽي وي جهڙن عوامي ادارن کي ماڻهن جي بگڙيل ذوق جي سڌارڻ طرف توجهه ڏيڻ کپي.

هي مقصد صرف مقامي راڳيندڙن ۽ موسيقارن جي سرپرستي ۽ همت افزائي ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو ۽  هن لاءِ هر ضلعي ۾ اهڙي قسم جا موسيقيءَ جا پروگرام مرتب ڪرڻ کپن، جن ۾ صرف ان ضلعي جي فنڪارن کي ئي مدعو ڪرڻ ۽ کين پنهنجي فن جي مظاهرو ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ کپي.ل

گذريل رات هتي جيڪا محفل موسيقي منعقد ٿي، تنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪيترائي مقامي راڳيندڙ ۽ موسيقار موجود هئا، جن مختلف اندازن ۾ پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن کان اڳ ايڏي پيماني تي مقامي فنڪارن تي مشتمل محفل موسيقي مون نه ڏٺي هئي. راتوڪي محفل ۾ اسان کي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پيش ٿيندڙ مشهور راڳيندڙن سان گڏ ڪيترن نون فنڪارن کي به ٻڌڻ جو موقعو مليو، جن جو فن به اوترو ئي دلچسپ ۽ وڻندڙ هو ۽ ڪنهن حالت ۾ انهن کان گهٽ نه هو. اسان کي اهڙن فنڪارن کي همٿائڻ کپي ۽ انهن کي بار بار اسٽيج جو موقعو فراهم ڪرڻ کپي. نه صرف ايترو، پر اسان کي انهن فنڪارن جو فن ريڊئي ۽ ٽي ويءَ جي ذريعي ٻين ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. اسان کي ڪن خاص فنڪارن، جهڙوڪ اقبال بانو، مهدي حسن، خميسي خان ۽ ٻين اهڙن تائين محدود نه رهڻ کپي، پر اسان کي گهٽ شهرت رکندڙ فنڪارن کي به موقعو ڏيڻ کپي ته جيئن هو پنهنجي فن کي وڌائي سگهن ۽ ترقي ڪري سگهن- ٻيءَ صورت ۾ اهڙا اڀرندڙ فنڪار بي توجهيءَ ۽ نظرنداز ٿيڻ سبب گمناميءَ ۾ ئي گم ٿي ويندا. مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته انهن فنڪارن ۾ ڪيترائي فنڪار اهڙا آهن، جن کي قدرت فنڪاريءَ جي صلاحيت سان نوازيو آهي ۽ جن کي جيڪڏهن صحيح تربيت ۽ توجهه ڏنو وڃي ته هو ڪنهن به اسٽيج تي پنهنجي فن جو جادو جڳائي سگهن ٿا. اسان جي موسيقيءَ جي استادن کي به ان طرف توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن کي گهرجي ته هو نون فنڪارن کي ضروري فني صلاح مشورو ڏين.

محفل موسيقيءَ ۾ اٽڪل سو کن فنڪارن حصو ورتو. اسان جي نمائش ۾ ڪيترائي اسٽال موجود هئا، جن ۾ مختلف شيون نمائش لاءِ رکيون ويون هيون، جن ۾ ٿر جي دستڪاري، ٺڪر جا جهونا ٿانوَ، جهونا قليم نسخا، گهرو سامان، هٿيار، شيشي جو سامان، زيور، سنج ۽ ٻيون شخصي استعمال جون شيون شامل هيون. نمائش ۾ موجود شين کانسواءِ ٻيون نمائش ۾ رکڻ جهڙيون انيڪ شيون ضلع ۾ موجود هيون، ليڪن اهي وقت جي ڪمي ۽ ٻين ڪن مجبورين جي ڪري پهچي نه سگهيون.

اهڙي قسم جون نمائشون جيڪڏهن وقت بوقت ٿينديون رهن ته ٻيون اهڙيون ڪيتريون ئي تاريخي شيون پيش ٿي سگهنديون، جن سان سنڌ جو ثقافتي ورثو منظر عام تي اچي سگهندو.

مان ضلعي جي نوجوان ڊپٽي ڪمشنر مسٽر نور احمد شاهه جو شڪريو بجا آڻڻ تمام ضروري سمجهان ٿو، جن جي شخصي دلچسپيءَ ۽ ڪوشش جي ڪري ئي اسان اهڙي قسم جي ڪامياب نمائش منعقد ڪري سگهيا آهيون. هونئن ته اسان جو ضلعو ثقافتي سرگرمين کان خاص ڪري مشهور آهن، جنهن ۾ اهڙي قسم جي نمائش ۽ موسيقيءَ جي محفل پهريون دفعو ٿي آهي، جنهن ۾ فنڪارن ۽ نمائش ۾ حصي وٺندڙن جي وڏي اڪثريت جو تعلق صرف هن ضلعي سان هجي- انهيءَ سڄي ڪاميابيءَ جو سهرو اسان جي هر دلعزيز وزير تعليم و امور ثقافت حڪومت سنڌ مسٽر پيار علي الانا ۽ جوان همت ڊپٽي ڪمشنر مسٽر نور احمد شاهه جي سر تي سونهي ٿو.مان مير محمد بخش خان ٽالپر ڪنوينر نمائش ڪاميٽي، ايڊمنسٽريٽر پيپلس ميونسپلٽي ميرپورخاص بمع سندس اسٽاف، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسٽر عبدالرحيم خشڪ، اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر مولا بخش لغاري، اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر محمد هارون ميمڻ، ضلعي جي مختيارڪارن، روينيو کاتي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ ميونسپل جي ملازمن ۽ سڀني حضرات جو نهايت شڪرگذار آهيان، جن پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي محنت ۽ مشقت ڪري، هن پروگرام کي ڪامياب بڻايو. مان مقررين حضرات،نمائش ۾ حصو وٺندڙ حضرات، ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۽ سڀني حاضرين مجلس جو پڻ شڪريو بجا آڻيان ٿو، شڪريو.

جهان جهان ڪري جهميو، اوهيرن اچي،

اکين آگم لائيا، پريَن لاءِ پچي،

جن جي سڪ سچي ، سي اُٺي وئڙم اڪري.

-صوفي صديق فقير رحه

تاثرات

جناب پيار علي الانا

 وزير تعليم ۽ ثقافت، حڪومت سنڌ

مون هينئر تائين سنڌ جي مختلف هنڌن تي جيڪي نمائشون ڏٺيون آهن، يا جن جا افتتاح ڪيا اٿم، تن سڀني مان هيءَ نمائش ”بهترين“ آهي. آءٌ جيڪب آباد، سکر، خيرپور، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نمائشن ۾ ويو آهيان، مگر هتي تمام بهترين قسم جون دستڪاريون رکيون ويون آهن. ميرپور خاص  ۾ نهايت ئي منفرد ۽ اعليٰ قسم جي نمائش جو اهتمام ڪيو ويو آهي.

ٻيو ته ٿرپارڪر جا جيڪي خاندان آهن، خاص ڪري ٽالپر خاندان، تن پهريون دفعو پنهنجن تاريخي ۽ يادگار نوادرات جي هتي نمائش ڪئي آهي. هو صاحب هتي جيڪي نوادارات کڻي آيا آهن، سي ساراهڻ جوڳا آهن.

ان طرح هن نمائش ۾ رکيل پراڻن هٿيارن کي ڏسي آءٌ نهايت متاثر ٿيو آهيان. خاص ڪري تلوارون ۽ ٻيا پراڻي دور جا هٿيار نهايت دلچسپ ۽ يادگار قسم جا آهن.

ان طرح سئيءَ جو ڪم، جيڪو هت رکيو ويو آهي، اهو پڻ ساراهڻ جوڳو آهي. مخطوطن ۽ مسودن جي ڏس ۾ ڪيئي ناياب ۽ڪمياب شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جي نهايت دلچسپ آهن.

مون کي اميد آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ ان قسم جي نمائشن جو اهتمام ڪيو ويندو ۽ ان ئي طريقي سان انهن کي سجايو ويندو.

(ريڊيو پاڪستان کي رڪارڊ ڪرايل)

 

جشن ”سنڌ صدين کان“ ڪميٽي ميرپورخاص

 

- مسٽر نور احمد شاهه                                                                                         چيئرمن

    (ڊپٽي ڪمشنر)

(الف) نمائش لاءِ نوادرات هٿ ڪرڻ واري ڪميٽي

1.

مير محمد بخش خان ٽالپر

ڪنوينر

2.

مسٽر عبدالرحيم خشڪ

(ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر)

سيڪريٽري

3.

پير آفتاب حسين شاهه جيلاني

ميمبر

4.

مسٽر غلام حيدر وساڻ

=

5.

مير محمد خان ٽالپر

=

6.

مير الهه بچايو خان ٽالپر

=

7.

پير اسحاق جان سرهندي

=

8.

ڊاڪٽر هرچند راءِ

=

9.

مير خدا بخش خان ٽالپر

=

10.

مسٽر مولا بخش لغاري

(اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور خاص)

=

11.

مسٽر محمد هارون ميمڻ

(اسسٽنٽ ڪمشنر نارا ويلي)

=

12.

مسٽر شير محمد سولنگي

(اسسٽنٽ ڪمشنر ڊيزرٽ)

=

13.

مسٽر مير محمد سيال / مسٽر حبيب الله بلوچ

(ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر)

=

14.

مسٽر عبدالغفور گاد

(اسسٽنٽ ڊئريڪٽر لوڪل گورنمينٽ)

=

.15

مسٽر محمد هاشم چانهيو

(چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل)

=

.16

فقير بشير احمد خان لغاري

=

.17

مير لطف الله خان ٽالپر

=

.18

ٺاڪر اندر سنگهه

=

.19

مسٽر فيض محمد، مٺي

=

.20

سيٺ نهالچند، اسلام ڪوٽ

=

.21

ارباب نور محمد، ڏيپلو

=

22.

مسٽر آچار بجير، مٺي

=

23.

مسٽر سلطان ڪلارڪ

(ڪنوينر جو پي . اي)

 

(ب) انتظاميه / استقباله ڪميٽي

1.

چوڌري رفيق احمد

ڪنوينر

2.

مسٽر مولا بخش ميمڻ

(ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي ميرپورخاص)

ميمبر

3.

سيد خادم علي شاهه

=

4.

پير آفتاب حسين جيلابي

=

5.

مسٽر محمد لطيف گانڌي

=

6.

مسٽر نسيم عمر

=

7.

مسٽر محمد اسحاق مهر

=

8.

مسٽر نصير علي عباسي

=

9.

مسٽر غلام علي وساڻ

=

10.

مير دين محمد ٽالپر

=

11.

سيٺ هرچندراءِ

=

12

سيٺ آسنداس

=

13.

مسٽر در محمد ڀٽي

(اسسٽنٽ ڪمشنر زيرتربيت)

=

14.

مسٽر خالد سعيد

(اسسٽنٽ ڪمشنر زيرتربيت)

=

15.

مسٽر عبدالغفور گاد

(اسسٽنٽ ڊئريڪٽر لوڪل گورنمينٽ)

=

16.

ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر

=

17.

مسٽر صديق حسن انصاري

=

18.

مسٽر محمد رمضان لغاري

(مختيار ڪار ميرپورخاص)

=

19.

مسٽر بشير احمد صديقي

=

20.

مسٽر سعيد اختر

=

-

مسٽر ظفر ڪاظمي

(ٽيڪنيڪل ائڊوائيزر)

-

مسٽر ”ناشاد“

(ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر پبليڪيشن)

 

 

 

 

 

جشن لاءِ مليل عطين جي ڄاڻ

1.

ميرپورخاص شگر ملس

ٻه هزا روپيا

2.

ميرپورخاص جنرس ائسوسيئيشن

چار هزار روپيا

3.

سئنيما اونرس ائسوسيئيشن

ٻه هزا روپيا

4.

ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ ائسوسئيشن

هڪ هزار روپيا

5.

ڊسٽر ڪٽ ڪلچرل ائسوسئيشن

هڪ هزار روپيا

6.

ميرپورخاص هندو پئنچات

ٻه هزا روپيا

7.

ميرمير محمد خان ٽالپر صاحب

ٻه هزا روپيا

8.

پير آفتاب شاهه جيلاني صاحب

ڏيڍ هزار روپيا

9.

سيد خادم علي شاهه صاحب

هڪ هزار روپيا

10.

نياز محمد وساڻ صاحب

هڪ هزار روپيا

11.

مسٽر محمد اسماعيل ناريجو

هڪ هزار روپيا

12.

مسٽر الهڏنو ميمڻ

اڍائي سؤ روپيا

Text Box: ٻيءَ رات واري محفل موسيقيءَ ۾ محترم پيار علي الانا صاحب (صدر مجلس) محترم نور احمد شاهه صاحب ۽ محترم اڪٽر بلوچ صاحب، سامعين ۾ نمايان نظر اچي رهيا آهن.
سيٺ هرچندراءِ، صدر هندو پئنچات ميرپورخاص، جشن جي سلسلي ۾ چيئرمن صاحب کي عطيه جو چيڪ ڏيئي رهيو آهي.
ويٺل ساڄي کان: محترم پير اسحاق جان سرهندي، محترم پير آفتاب حسين جيلاني، محترم مير محمد بخش خان ٽالپر، محترم پيار علي الانا وزير تعليم سنڌ، محترم سيد نور احمد شاهه، محترم چوڌري رفيق احمد، محترم مير خدا بخش ٽالپر (مرحوم).
بيٺل ساڄي کان: مسٽر محمد اسحاق مهر، مسٽر محمد رمضان لغاري، مسٽر مولا بخش ميمڻ محترم ڊاڪٽر چندراءِ، مسٽر محمد هاشم چانهيو، الحاج مولا بخش لغاري، مسٽر محمد هارون ميمڻ، مسٽر عبدالرحيم خشڪ، 
پويان بيٺل: مسٽر ايس. اي. خان ۽ پير سرهندي.
جشن جا ڪارڪن، ڪميٽيءَ جي چيئرمن سيد نور احمد شاهه صاحب سان گڏ.
 
الانا صاحب، ڊاڪٽر هرچندراءِ جي اسٽال تي رکيل شين کي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو آهي.
الانا صاحب، ناياب قلمي مخطوطن جومعائنو ڪري رهيو آهي.
الانا صاحب، قرآن شريف جي هڪ قديم قلمي نسخي جو معائنو ڪري رهيو آهي.
نمائش رکيل چند نوادرات جو هڪ منظر 
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ناياب قلمي ڪتابن جو معائنو ڪري رهيو آهي.
نمائش ۾ رکيل چند نوادرات جو هڪ منظر
پهرينءَ رات واري محفل موسيقيءَ ۾ سامعين جو هڪ منظر
سيد خادم علي شاه، سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب (صدر مجلس) ۽ سيد غلام حيدرشاهه سابق وزير تعليم سنڌ نمايان نظر اچي رهيا آهن.
محفل موسيقيءَ ۾ ٿر جي روايتي ڏونڪن جي ناچ جو هڪ منظر 
 
محترم پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه سيمينار جي صدارت ڪري رهيو آهي. کاٻي پاسي محترم نور احمد شاهه چيئرمن جشن ڪميٽي ۽ ساڄي پاسي محترم ميرمحمد بخش خانٽالپر ويٺل آهن.
افتتاحي اجلاس ۾ سامعين مقالا ٻڌي رهيا آهن
محترم غلام مصطفيٰ شاهه
محترم نور احمد شاهه 
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
محترم مولونا غلام محمد گرامي
محترم ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي
محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا 
محترم فقير بشير احمد خان لغاري
محترم ڊاڪٽر گل حسن لغاري
محترم نور احمد شاهه، سنڌالاججيءَ کي عطيه ڏيڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي
 
محترم نور احمد شاهه، عطيه جي رقم جو چيڪ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏيئي رهيو آهي.
محترم پيار علي الانا وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ، نمائش جي افتتاحي اجلاس ۾ تقرير ڪري رهيو آهي.
محترم چوڌري رفيق احمد ڪنوينر استقباليه ڪميٽي، نمائش جي افتتاحي اجلاس ۾ تقرير ڪري رهيو آهي.
محترم پيار علي الانا وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ نمائش جو افتتاح ڪري رهيو آهي.
الانا صاحب، ٽالپري پوشاڪ کي حيرت ۽ دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو آهي.
الانا صاحب، ٽالپري عهد جي هڪ تلوار جو معائنو ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر هرچندراءِ، الانا صاحب کي دستڪارين متعلق واقفيت ڏيئي رهيو آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org