سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 13

سارنگ

ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪيا، ڪن سڪايل سرود،

مـُنهن معشوقن مکيا، منجهان عنبر عود،

دلهن ڌنڪبان کي، مشڪ ڪيو موجود،

کٿوري خوشبوءِ سين، واسيا تن وجود،

مليو جن معبود، قاسم ڪرم تن جا.

***

وٺا، ڪي وسندا، مٿي موهر مينهن،

اسان پرين پاڻ ۾، نئون ٻڌڙو نينهن،

جر ۾ مڇي جيئن، تيئن مون من واڳيو سڄڻين.

***

آءٌ سو سارنگ ساريان، جنهن ايندي لاٿي اڃ،

پلر جي پالوٽ سان، سائي ٿيڙي سـُڃ،

رات منجهارا رُڃ، پلر پيتو روجهڙيين.

***

جهڙ ڦـڙ جهور جهڪور، سج سرلي ڍڪيو،

قاسم! اتر پار ڏي، ڪڪر ڪاريءَ ڪور،

اُڀي سارنگ سامهان، ڪن ٽهوڪا مور،

وٺو آب اتور، ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪيا.

- خليفو نبي بخش لغاري رحه

محترم پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه سيمينار جي صدارت ڪري رهيو آهي. کاٻي پاسي محترم نوراحمد شاهه چيئرمن جشن ڪميٽي ۽ ساڄي پاسي محترم ميرمحمد بخش خان ٽالپر ويٺل آهن.

افتتاحي اجلاس ۾ سامعين مقالا ٻڌي رهيا آهن

 محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

محترم مولانا غلام محمد گرامي

 

محترم غلام مصطفيٰ شاهه

 

محترم نور احمد شاهه

محترم فقير بشير احمد خان لغاري

محترم ڊاڪٽر گل حسن لغاري

محترم ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي

محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا

محترم پيار علي الانا وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ، نمائش جي

افتتاحي اجلاس ۾ تقرير ڪري رهيو آهي.

محترم چوڌري رفيق احمد ڪنوينر استقباليه ڪميٽي،

نمائش جي افتتاحي اجلاس ۾ تقرير ڪري رهيو آهي.

محترم نور احمد شاهه، سنڌالاجيءَ کي عطيه ڏيڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي

محترم نور احمد شاهه، عطيه جي رقم جو چيڪ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏيئي رهيو آهي.

الانا صاحب، ٽالپري عهد جي هڪ تلوار جو معائنو ڪري رهيو آهي.

ڊاڪٽر هرچندراءِ، الانا صاحب کي دستڪارين متعلق واقفيت ڏيئي رهيو آهي.

محترم پيار علي الانا وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ، نمائش جو افتتاح ڪري رهيو آهي.

الانا صاحب، ٽالپري پوشاڪ کي حيرت ۽ دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو آهي.

الانا صاحب، قرآن شريف جي هڪ قديم قلمي نسخي جو معائنو ڪري رهيو آهي.

نمائش ۾رکيل چند نوادرات جو هڪ منظر

الانا صاحب، ڊاڪٽر هرچندراءِ جي اسٽال تي رکيل شين کي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو آهي.

الانا صاحب، ناياب قلمي مخطوطن جومعائنو ڪري رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org