سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال

باب؛ --

صفحو ؛ 2

پراڻا مندر

(٣٠) ھاڻي بھتر ٿيندو تھ ڪن پراڻن مندرن جو ذڪر ڪجي ۽ موجوده شھر ويرا واه جي ڀروارن پراڻن کنڊرن متعلق پڻ ڪجھھ بيان ڪجي، جن جي موجودگيءَ مان اسان کي اھو پتو پوي ٿو، تھ قديم زماني ۾ ھيءُ علائقو ھنڌين ماڳين مشھور ھو. ھتان جي اورچ ماڻھن محنت ڪري، تھذيب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي ھئي. ھيءُ ١٠٦٦ع وارو زمانو ھو، جنھن زماني ۾ نارمن انگلئنڊ تي حملو ڪري، فتح حاصل ڪئي ھئي.

(٣١) ويرا واھ کان ١٤ ميل اتر – اولھھ ڏس تي ٿر ۾ گوڙي جو مندر آھي، جنھن جو تعلق جين ڌرم سان آھي. مندر جو نقشو ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. (1)سنڌ جي مسلمان فوجين ھن مندر کي ڪيترا ڀيرا بگاڙي تباھھ ڪيو آھي. سندن اصلي مقصد تھ محصول اوڳاڙڻ ھوندو ھو. پر ان بھاني ھو اتان جي ماڻھن سان ھر قسم جو ڏاڍ ڪندا ھئا.

(٣٢) ويرا واه جي سوڍن جي پٽيل لاءِ چيو ويندو آھي تھ، ھن بچاءَ جي نقطئھ نظر کان مندر ۾ رکيل پتلو، جنھن جو نالو گوڙيچو ھو، سو ڪڍرائي پنھنجي نظرداريءَ ۾ رکيو. اھو ياترا ۽ پوڄا لاءِ ڪڏھن ڪڏھن ٻاھر بھ ڪڍيو ويندو ھو. ياترا عيوض کيس نقد رقم وغيره ڏني ويندي ھئي. موجوده پٽيل جو ڏاڏو آخري ماڻھو ھو، جنھن ياترا تي ايندڙ ماڻھن کي گوڙيچي جي ياترا ڪرائي ۽ تمام گھڻي دولت ميڙي گڏ ڪئي. ھو مذڪوره پتلي کي لڪائي رکندو ھو. ھن اوچتو وفات ڪئي، تنھن ڪري پنھنجي ڪنھن وارث ۽ جانشين کي ٻڌائي ڪونھ سگھيو، تھ ھن گوڙيچي پتلي کي ڪھڙيءَ جاءِ تي پوري لڪائي رکيو آھي. وڏي جتن ۽ جاکوڙ کان پوءِ بھ اھو پتلو لڀي ڪونھ سگھيو آھي. پٽيلن لاءِ گوڙيچو ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو ھو ۽ وڏا دولتمند ھندو سيٺيون، جيڪي وڏيون رقمون ڏئي، ياترا ڪري آتما جو سنتوش پراپت ڪندا ھئا. سي وڌيڪ پريشان ٿيا، ڇو تھ کين ديوتا جي ڪوپ جو ڏاڍو ڀؤ ھو.

(٣٣) گوڙيچي پتلي متعلق ڏند – ڪٿا ضميمي ب B ۾ پڙھندا.

(٣٤) ويرا واه ڳوٺ جي ڀرسان ٿر ۽ پارڪر جي سرحدن اندر ھڪ قديم شھر پاري ننگر جا کنڊر آھن. جڳھن ۽ گھٽين جي اڏاوتن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ سندس تعمير پڪين سرن سان ٿيل ھئي، جن جا نشان اڄ تائين محسوس ڪري سگھجن ٿا. گھر ڊاھي سرون ويرا واه جي موجوده ڳوٺ جي عمارتن جي اڏاوتن ۾ استعمال ڪيون ويون آھن. شھر جي اڏاوت مان معلوم  ٿيندو، تھ اھو پراڻو شھر پنھنجي دؤر جو ھڪ وڏو سکيو ستابو ۽ مشھور شھر ھو. ڪڇ جي رڻ جو ھڪ سوڙھو پٽو، ويرا واه ڳوٺ جي ڀرسان نظر ايندو. اھا ھڪ حقيقت آھي، تھ ڪيئي صديون اڳ اتي جھاز رانيءَ لائق پاڻي موجود ھو ۽ پاري ننگر ھڪ بندر ھو. پاري ننگر جي تباھي ان حقيقت ڏانھن منسوب ڪئي ويندي آھي، تھ زمين سمونڊ کي ڌڪي پوئتي ھٽائي ڇڏيو، ڪڇ ھڪ رڻ بڻجي ويو ۽ پاري ننگر جو مشھور معروف بندر ھميشھ لاءِ تباه ۽ برباد ٿي ويو.

(٣٥) جيڪا معلومات مون کي ملي سگھي آھي، تنھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو، تھ پاري ننگر جو بندر پھرين عيسوي صديءَ ۾ قائم ٿيو ۽ پوءِ وڌندو ويجھندو رھيو. ڪن روايتن موجب سندس آدمشماري ٤٠،٠٠٠ ھئي. پوئين دؤر ۾ مٿس پرمار سوڍن جي حڪمراني رھي. ان کان پوءِ، دھليءَ جي ڪنھن شھنشاھھ ھن خوبصورت شھر کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو. ھي واقعو ١٢٢٦ع جو چيو وڃي ٿو. وڌيڪ حقيقتون ضميمي – ج C ۽ د D ۾ پڙھندا.

(٣٦) پاري ننگر جي کنڊرن ۾ جين ڌرم سان لاڳاپيل پنج ڇھھ وڏا مندر آھن. انھن مان گھڻا سنگ مرمر سان تعمير ٿيل آھن. ھيتري ساري زماني گذرڻ کان پوءِ بھ، ڪيترن جا ڪجھھ حصا باقي بچيل آھن، جيڪي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا عيني شاھد آھن. سندن بناوت جي طرز ۽ ڪن پٿر جي داٻڙين تي لکيل تاريخ مان پتو پوي ٿو، تھ اھي يارھينءَ صديءَ جي وچ جا ٺھيل آھن. سنگ تراش، جن بت گھڙيا، سي پنھنجي دؤر جا مھان ڪاريگر ھئا. مندرن ۾ موجود اڪريل تصويرون يا خوبصورت بت يا ٻيون ڪي اھڙيون لاڳاپيل شيون ڏاڍيون سھڻيون آھن، جن جو مشرق ۾ مثال ئي ڪونھ ٿو ملي.

(٣٧) پارڪر جي خوشحال ماضيءَ جون ڪيتريون ئي شاھديون موجود آھن. پاڻيءَ جا ٺاھيل ڪيترائي تلاءَ جيڪي ھاڻي پورجي ويا آھن، سي ان دؤر جي سماج جي سخي ۽ ڏاتار انسانن جي خاموش زبان ۾ ڄڻ واکاڻ ڪري رھيا آھن. کاريا ۽ سوراچند وارن ٻن تلائن جي کوٽيل پٿرن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ پھرئين جي تعمير يا مرمت ١٤٣٤ع ۾، ۽ ٻئي جي ١٤٦٥ع ۾ ٿي ھئي. پارڪر ۾ ڀوڏيسر جي ڀرسان جين ڌرم جي مندرن جا کنڊر مليا آھن. مسجد تي ھن طرح جي لکت موجود آھي. ”جيڪڏھن ھن مسجد جي عمارت ڊھي پوي ۽ ڪو حڪمران ان جي مرمت نھ ڪرائي، تھ اھو خدا جو گنھگارآھي.“ ١٤٣٦ع.

(٣٨) پاري ننگر کي جڏھن دھليءَ جي مسلمان فوجن ١٢٢٦ع ۾ تباھ ۽ برباد ڪيو، تھ اتان جو واپاري طبقو لڏي اچي ڀوڏيسر ۾ آباد ٿيو. ان کان پوءِ ١٣٨٨ع ڌاري لڏي وڃي ڪي ڪڇ جي مانڊو، ڄام ننگر ۽ ھالار ۾ اچي ويٺا. اھا تعجب جي ڳالھھ آھي، تھ ھن تجارتي طبقي جي لڏ پلاڻ سالن ۾ پوري ٿي. پھريون اھي پاري ننگر مان ڀوڏيسر پھتا، اتان کان ڄام ننگر. ٿورو عرصو اتي رھيا ۽ اتان کان وري مانڊو پھتا. لڏپلاڻ جو سبب ملڪي سماجي ابتري ھئي. سندن لڏپلاڻ پنھنجي رضا خوشيءَ سان ھئي، درجھ، بدرجھ لڏپلاڻ سبب سندن خوشحالي ٿي. ٿي سگھي ٿو تھ ھڪڙو سبب اھو بھ ھجي، تھ ڪڇ وارو سمونڊ سڪي پوئتي ھٽي ويو ۽ بندر بازاريون ڦٽي ويران ٿي ويون. ان ڪري سندن اتي رھڻ ممڪن ڪونھ ھو ۽ پوءِ سمنڊ آھستي آھستي پوئتي ھٽندو ويو، تھ ھو بھ ان سان گڏ اڳتي وڌندا ويا ۽ اچي ڪڇ جي سامونڊي ڪناري وٽ مانڊو پھتا.

(٣٩) مٿين احوالن مان معلوم ٿيندو، تھ سوڍا گذريل ڪيترين صدين کان وٺي، ھتان جا مقامي سردار ھئا ۽ ٿر ۽ پارڪر وارن علائقن جي زمينن جا مالڪ ھئا. ان کان سواءِ ھتان جا اصلي رھاڪو مسلمان ڌنار سانگي ۽ ڀيل قبيلا، يا ھتان جو واپاري طبقو حالتن مطابق مختلف دؤرن ۾ ڦرندو گھرندو پئي رھيو  آھي. نھڙيا، راھمان ۽ کوسا سنڌ جي طرف کان ٿر ۾ داخل ٿيا، جن آدمشماريءَ جي انگ ۾ واڌ آندي. گھڻيءَ مدت کان وٺي مقامي راڻا قبيلن جا پٽيل آزاد رھندا پئي آيا. جيئن وقت گذرندو ويو ۽ ٽالپر خاندان بھ پنھنجا پير سنڌ ۾ پختا ڪندو ويو، تيئن ڪوشش ڪري ھن علائقي کي بھ پنھنجي حڪمرانيءَ ۾ شامل ڪندا ويا. ھنن ڪيترا ڀيرا سنگ اوڳاڙڻ لاءِ ٿر ۽ پارڪر تي گھل ۽ گھوڙا چاڙھي موڪليا. انھن مان سندن مقصد سرڦرين ٿرين کي سبق سيکارڻ ھو ۽ ٻيو اھو، تھ ھو ٽالپر حڪمرانن آڏو سر جھڪائين ۽ کين پنھنجو حڪمران تسليم ڪن.

(٤٠) ٿر ۾ پنھنجي اقتدار کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن وڏا خرچ ڪري، ٿر ۾ فوجن ترسائڻ لاءِ ڪيترا ئي قلعا تعمير ڪرايا.(1) اتان فوجي عملدار نڪري، ٿر جي زمينن تان ڍل جي اوڳڙ ڪندا ھئا.

(٤١) ٿر جي تاريخ سان لاڳاپيل ڪي اھم ڳالھيون منھنجي ڌيان ۾ آنديون ويون آھن. مان ھي وچ وارو عرصو ڇڏي، اڻويھينءَ صديءَ جي شروعات وارا سلسليوار واقعا بيان ڪندس. ھندستان ۾ اسان جي شھنشاھت جي ڏينھون ڏينھن واڌ سبب، اسان پھريائين ڪڇ ملڪ ۽ بعد ۾ سنڌ سان لاڳاپو قائم ڪيو. ان کان پوءِ، ان دؤر جو بھ ذڪر ڪندس، جنھن ۾ اسان ١٨٤٣ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. اسان انھن واقعن ۾ فقط ھن ڳالھھ کي اھميت ڏينداسون، تھ اسان ڌاڙيلن جي ڪاررواين کي ڪھڙي طريقي سان ٻنجو ڏنو. اھڙيءَ ريت اسان جي حڪمرانيءَ کان اڳ ٿر ۽ پارڪر جي سماجي حالتن تي پنھنجو پاڻ ئي روشني پئجي ويندي. فتح کان پوءِ ھن علائقي جي آبادڪاريءَ کي تفصيل سان پيش ڪيو ويندو. ھن ھلندڙ صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ جي حڪمرانن ٿر جي اولاھين حصي تي پنھنجي طاقت مستحڪم ڪرڻ شروع ڪئي، جنھن ۾ ھنن اتان جي مقامي پٽيلن کي ڍل اوڳاڙڻ تي مقرر ڪيو ۽ اوڳاڙيل ڍل جو ڪجھھ حصو کين بھ ڏنو ويندو ھو. گھڻو ڪري اھي پٽيل بھ حڪمرانن جيان مسلمان ھئا. ٿورو اوڀر طرف، جن علائقن تي مٺي اسلام ڪوٽ ۽ سنگالا جي قلعن جو اثر ھو، اتي جي زمين تي پئدائش جو ٥/٢ حصو ڍل ورتي ويندي ھئي ۽ پٽيلن جي گذاري لاءِ پوئتي ڪجھھ ڪونھ ڇڏيندا ھئا. باقي ھر ھاري جيڪو زمين آباد ڪندو ھو، سو چار آنا مالڪاڻو زمين جي مالڪ يا پٽيل کي ڏيندو ھو. اڃا بھ اڳتي اوڀر طرف ويرا واه ۽ پارڪر جي علائقن ۾ حالتون مختلف ھيون. اتي ڪو بھ قلعو موجود نھ ھو. ڌاڙيلن تي ضابطي رکڻ لاءِ، ڪو قانون ڪونھ ھو. اتان جا راڻا ۽ پٽيل پنھنجن پنھنجن علائقن جا ڄڻ تھ خودمختيار ۽ طاقتور حڪمران ھئا. اتان جا پٽيل ۽ کوسا ويرا واه جي ٺڪرن سان ڌاڙن ھڻڻ ۾ جھٽ ھئا. اوسي پاسي جا زميندار بھ انھن سان ارڏاين ۽ اڍانگاين ۾ ٻٽ ھئا. جڏھن قانون جي بحاليءَ لاءِ، سنڌ جي طرف کان پارڪر ۾ فوج اچي پھچندي ھئي، تھ سنڌ جي ٽالپرن کي پنھنجو حڪمران تسليم ڪندا ھئا، جڏھن فوج واپس موٽي ويندي ھئي، تھ پوءِ ساڳا لاٽون ساڳا چگھھ. ڀروارا ملڪ سندن آزار کان وانجھيل ڪونھ ھئا. ٿر ۽ پارڪر جي اولھھ ۾ موجود ٻھ شھر راھمڪي بازار ۽ ونگا بازار سندن ڦرلٽ جو شڪار پيا ٿيندا ھئا. اوڀر وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جي کلئي عام ڪاررواين جو ھڪ سبب اھو بھ ھو، تھ ڀرواري مارواڙ جو نير Neyur جو علائقو، جنھن جون طبعي حالتون بھ ٿر ۽ پارڪر جھڙيون ھيون ۽ منجھس قبيلا بھ اھي ئي آباد ھئا، جيڪي ٿر ۽ پارڪر ۾ ھئا. اتان جي ماڻھن جو عام ڌنڌو بھ ڦرلٽ ۽ ڌاڙا ھڻڻ ھو. جڏھن ٿر ۽ پارڪر ۾ قانوني ڪاروائي ٿيندي ھئي، تھ اتان جا ڌاڙيل ۽ رھزن ڀڄي اچي نيڙ ۾ پناھھ وٺندا ھئا.

(٤٢) سنڌ جي حڪمرانن ملڪ جي ڏورانھينءَ ڪنڊ تي آباد ھنن ماڻھن جي آزاد طبيعت ڏسي، مٿن ڪنھن ڍل مڙھڻ جي ڪوشش ڪانھ ڪئي، توڙي جو ٿر جي ٻين حصن تان باقاعدگيءَ سان اوڳاڙي ويندي ھئي. شايد ١٨٣٠ع يا ١٨٣٥ع ۾ ڍل اوڳاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن ڪري ڪجھھ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي ھئي. حيدرآباد مان آيل عملدار آپي مان ٻاھر نڪري ويو ھو. اتان جي راڻن ۽ پٽيلن کي سندس ھلت چلت مان بڇان اچڻ لڳي. ھڪ ڏينھن وجھھ وٺي، کيس قتل ڪري ڇڏيائون. انتظامي ۽ قانوني ڪارروائيءَ لاءِ وڏي فوج رواني ڪئي وئي، تھ جيئن ٿر ۽ پارڪر ۾ حيدرآباد جي طاقت بحال ٿئي ۽ باغين جي چڱيءَ ريت ڪن مھٽ ٿي سگھي. حڪمران انتقام جي ڪاوڙ ۾ انڌا ٿي چڪا ھئا. سندن فوج تھ سدائين عيش ۽ بدڪاريءَ ۾ ويھون وڄائي ڇڏيندي ھئي، تنھن ھاڻي تھ ڪنھن ڳالھھ ڏانھن ڌيان ئي ڪونھ ڌريو ۽ سڀ حدون اڪري ويا.

جين ڌرم جي گوڙي مندر جي ڏاڍي توھين ڪيائون. ويرا واه کي ڦريائون لٽيائون، ننگر کي ناس ڪيائون. مطلب تھ ساري علائقي کي تباھھ ۽ برباد ڪري ڇڏيائون. ويرا واه مان ٻھ راڻا يرغمال ڪري کنيائون. پارڪر جو راڻو ننڍو ھو، ان ڪري سندس سربراھھ کي گرفتار ڪيائون ۽ ٻيا ڪيترائي ٺڪر قيد ڪري سنڌ روانا ٿيا. بعد ۾ انھن قيدين کي ٿر جي Kooda واري قلعي ۾ نظر بند رکيو ويو. کين ٻڌي ماريو ويندو ھو ۽ ساڻن بيجاءِ روش روا رکي ويندي ھئي، تھ جيئن ھو ڏنڊ طور وڏي رقم ڏيڻ تي راضي ٿي وڃن، (1)  جيڪا کين آزاد ٿيڻ کان اڳ ڏيڻي ھئي. ان کان پوءِ سنڌ جا حڪمران، سنگ جو اڌ ۽ زمين جي پيدائش جو ٥/ ٢ حصو ڍل طور وٺندا ھئا. سنگ ڪھڙي تاريخ ۽ ڪھڙي سال کان وٺڻ شروع ڪيائون؟ يا سندن ادائگيءَ جي شرح ڪھڙي ھئي؟ تنھن جو پتو اڃا تائين پئجي ڪونھ سگھيو آھي. شروعاتي دؤر ۾ محصولن جي جمعبندي ڪنھن اصول يا قانون تحت ڪانھ ھوندي ھئي. پر ھوريان ھوريان جيئن حڪمرانن جا پير پختا ٿيندا ويا، تيئن منجھن ظابطو ۽ اصول ايندو ويو، ۽ اھڙي ريت آھستي آھستي راڻن جي طاقت گھٽبي وئي.

(٤٣) سڀ کان پھريائين، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن سان اسان جي دخل اندازي ۽ اسان جي حڪمراني شروع ٿيڻ کان اڳ، ھتان جي سماجي حالتن جو ذڪر ڪندس. اھو بھ ضرور ٿيندو تھ ھن صديءَ جي شروعات ۾، ڀر واري ڪڇ علائقي ڏانھن اسان جي سياسي پيش قدميءَ متعلق بھ اوھان کي ڪجھھ احوال ڏيان.

(٤٤) ١٣- ١٨١٢ع ڌاري ڪاٺياواڙ ۾، واگھڙ Wagur جي ڌاڙيلن جي ڦرلٽ اسان جو ڌيان ڇڪايو. واگھڙ ڪڇ جو اوڀاريون علائقو آھي، جنھن کي رڻ جي پٽي پارڪر کان جدا ڪري ٿي، ساڳئي سال (١٣-١٨١٢ع) راءِ جي قائم مقام جمعدار فتح محمد ڏانھن ھڪ تنبيھھ ڀريو خط روانو ڪيو ويو ھو. خط جو موضوع واگھڙ جا ڌاڙيل ھئا، جن ڪاٺياواڙ ۾ اچي ڦرلٽ مچائي ڏني ھئي. پر ان خط جو ڪوبھ کڙ تيل ڪونھ نڪتو.

(٤٥) ٻئي سال جمعدار فتح محمد جو پٽ جمعدار حسين ميا Mya اسان جو چتاءَ ۽ تنبيھھ تي فوج وٺي واگھڙ تي ڪاھي ويو. ان زماني ۾ جمعدار فتح محمد وفات ڪري چڪو ھو ۽ سندس پٽ حسين ميا جمعداريءَ جي جاءِ سنڀالي ھئي. جمعدار جي فوج ڌاڙيلن کي ماري مات ڪرڻ جيتري ڪانھ ھئي. جيڪڏھن انھن ڌاڙيلن کي واگھڙ ۾ ڪچليو ويندو ھو، تھ ھٽي وڃي پارڪر ۾ پناھھ وٺندا ھئا، اھڙيءَ ريت سڄو پورھيو پاڻيءَ ۾ ھليو ويندو ھو. نتيجو اھو نڪتو جو ڌاڙيلن جو وار بھ ونگو ڪونھ ٿيو ۽ فوج ناڪام واپس موٽي آئي. حڪومت جو اھو حال ڏسي، ڌاڙيل تھ رھندو آڪرا ۽ اتامرا ٿي ويا. ايتريقدر جو ٿر ۽ سنڌ جي ڪنھن علائقي مان ڍلون بھ پاڻ اڳاڙڻ لڳا. ھنن واگھڙ جي سڄي علائقي کي ڦري لٽي ڀينگ ۽ ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. اتان نڪري رڻ جي ڏکڻ ۾ گجرات جي علائقي ۾ بھ پنھنجون قھري ڪارروايون جاري ڪري ڇڏيائون. کين اھڙي جرئت ھئي، جو پنھنجي مرڪزن مان نڪري، پري پري وڃي مار ڪندا ھئا. ھڪ دفعي اره زورائي ڪري ڪڇ رڻ جي ڀرسان انگريز ايجنٽ جي ھنيل ڪئمپ تي حملو ڪيائون، جيڪو سندن مار جي حدن اندر ھو. انگريزي عملدار جي ڪئمپ تي حملي ۾ ويل، ڌاڙيلن جو انگ ٥٠٠ کن ھو. حملو اوچتو رات جي وقت ڪيو ويو ھو. ان وقت طوفان جاري ھو. ڪئمپ جا ماڻھو اڳ ئي ڏاڍا پريشان ھئا. مٿان وري ڌاڙيلن ڪڙا ڪٽي ٻاري ڏني. گھڻي مصيبت ان ڪري بھ پيدا ٿي، جو ڪئمپ ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل ھئي. مٿان وري مينھن جو وسڪارو. تنھن ڪري ڌاڙيلن کي سھولت وڌيڪ ۽ ڪئمپ جي ماڻھن لاءِ وري پنھنجو بچاءَ ڏکيو ھو. ڪئمپ جو اھو حصو جنھن جي نظرداري انگريز ڪئپٽن مئڪمرڊو ٿي ڪئي، سو گھڻي نقصان کان بچي ويو. ڪئمپ جي ٻئي ڀاڱي جي مقدر کان ھو بي خبر ھو. ڇاڪاڻ تھ اھو ڪجھھ وٿيءَ تي ھو، جنھن کي سخت نقصان پھتو. ڌاڙيل ڪجھھ گھوڙا ۽ اٺ ڪاھي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ٻنھي طرفن کان زندگين جو زيان ٿيو. ٻئي سال (١٨١٦ع) ۾ ڌاڙيلن جون ڪارروايون لڳاتار ھلنديون رھيون. انگريز سرڪار انھن جي خاتمي جي ضمانت حاصل ڪري ڪانھ سگھي ۽ ڀڄ درٻار مان ڪوبھ تسلي بخش جواب ڪونھ مليو، تنھن ڪري مجبور ٿي انگريز سرڪار پنھنجي مطالبن جو وچور ڪڇ جي حڪومت ڏانھن موڪلي ڏنو، جنھن جي جلد پوئواري لاءِ تاڪيد ڪيل ھو. نھ تھ ٻيءَ حالت ۾ انھن مطالبن تي زبردستيءَ عمل ڪرايو ويندو، انھيءَ ڪري تھ جيئن، انگريز سرڪار ۽ سندس ساٿي ملڪن جي رعايا انھن ڌاڙيلن جي آپدا ۽ آزار جو آجپو حاصل ڪري سگھي.

مطالبا ھي ھئا:

(١) اسان جي ساٿين، پيشوا ۽ گائڪواڙ جيڪو بھ نقصان سٺو آھي، سو ڀري ڏنو وڃي. واگھڙ جي ڌاڙيلن خلاف ڪاررواين ۾ جيڪو گائڪواڙ ۽ انگريز سرڪار جو خرچ آيو آھي، سو بھ ادا ڪيو وڃي.

(٢) ڌاريلن جي ڪاررواين خلاف اڳواٽ ئي جوڳو بندوبست ڪيو وڃي.

(٣) ھن مطالبي ۾، ڀڄ درٻار جي انگريز ايجنٽ خلاف توھين آميز رويي جو ذڪر ھو، جنھن جو موجوده موضوع سان واسطو ڪونھ آھي.

(٤٦) جيئن تھ انھن مطالبن جي پوئواري ڪانھ ڪئي وئي ۽ مناسب وقت اندر جواب ڪونھ ڏنو ويو، تنھن ڪري ڪڇ تي مناسب فوج (1) چاڙھي موڪلي وئي، جنھن واگھڙ جي علائقي ۾ وڃي ڌاڙيلن تي حملو ڪيو. نتيجي ۾ ڌاڙيل پنھنجا علائقا ڇڏي ڀڄي ويا. مقصد حاصل ٿيڻ کان پوءِ، فوجون واپس گھرايون ويون.

(٤٧) جڏھن انگريزن جو ڪڇ ۾ اثر وڌيو ۽ واگھڙ جي علائقي ۾ امن امان بحال ٿيو، تھ ڌاڙيلن سرڪي وڃي پارڪر ۾ پنھنجا پير کوڙيا. جتان جا رھاڪو رڻ جي ٻنھي ڪنارن جي ماڻھن سان گڏجي ڦرلٽ جون وڏيون ۽ گڏيل ڪارروايون ڪندا ھئا.

(٤٨) انگريزي فوج جو ڪڇ ۾ پھچڻ ڪري عارضي طور امن امان تھ ٿيو. پر ڪڇ جي سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ واري ڇڪتاڻ ۾ لاڳاپيل ڌريون، راڻن جا پاڻ ۾ اختلافي رويا، ٻين مکيھ ماڻھن جا پاڻ ۾ تنازعا ۽ دشمنيون ۽ واگھڙ ۽ پارڪر جي ڌاڙيلن جي ڦرلٽ وارا لاڙا ۽ خيال، تن وري ڪڇ جي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو. ڀڄ جي درٻار کي مصيبتن جي مھا ڄار ۾ ڦاٿل ڏسي، واگھڙ ۽ پارڪر جا ڌاڙيل بنا ڪنھن خوف خطري جي ڦرلٽ جي ڌنڌي ۾ جنبي ويا.

(٤٩) ١٨١٩ع ۾ ڪڇ جي ابتر حالتن متعلق ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ ضروري ٿي پئي ھئي، ان ڪري جو انگريز سرڪار ڪنھن بھ سڌيءَ ڪارروائيءَ ڪرڻ جي بلڪل خلاف ھئي. ان سان گڏ ڌاڙيلن کي اتر ڪاٺياواڙ کي ڦري فقير ڪرڻ جي کلي آزادي (1) برداشت ڪرڻ کان ٻاھر ھئي، جتي ھنن ڳوٺن جا ڳوٺ، علائقن جا علائقا ويران ڪري ڇڏيا ھئا ۽ ڪيترن لکن روپين جي ملڪيت ڦري ورتي. ڌاڙيلن جي طاقت کي ختم ڪرڻ جو واحد طريقو اھو ھو، تھ اسان پنھنجو وڌ ۾ وڌ اثر ڀڄ جي درٻار تي حاصل ڪريون. ھن مقصد ماڻڻ لاءِ ١٨١٦ع ۾ ڪوشش ڪئي وئي. ان جو نتيجو تھ جلدي خاطر خواھ نڪتو، پر اھو عارضي ھو. ھن موقعي تي ڪڇ جا ڪيترا مک سردار اسان سان گڏ ھئا، ۽ ڪڇ جي وڳوڙي حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار دخل اندازي ڪئي. ڪڇ جي راءِ جو ڌيان واگھڙ ۽ اوسي پاسي جي علائقن ڏانھن ڇڪايو ويو، جن کي ڌاڙيلن ڦري ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو ھو.

(٥٠) گھڻي وقت جي وڳوڙي حالتن سبب انڌير ننگريءَ وارو وايو منڊل قائم ٿي چڪو ھو ۽ ڪڇ ۾ سچائي، اخلاقي پاڪيزگي ۽ سماجي ترقي ڄڻ تھ ٺپ ٿي وئي ھئي. ھرھڪ ماڻھو راءِ جي نقش قدم تي ھلڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، جنھن لالچ ۽ ھٻڇ کي پنھنجو اصول بنائي ڇڏيو ھو ۽ اٺ ئي پھر ڪڌن ڪرتوتن ۾ رڌل رھندو ھو. سرڪاري خزاني ۾ پائي بھ پاڇي ڪانھ ھئي. نھ ترقيءَ واسطي ھٿ پير ھڻڻ جي اميد ئي ھئي. تيستائين مٿا مونا ھڻڻ اجايا ھئا، جيستائين اٽو ٻڌي ۽ کٿو کريو کڻي ڌاڙيل عنصر جي خاتمي لاءِ ڪجھھ نھ ٿي ڪيو ويو.

(٥١) جن ماڻھن ڪڇ، ٿر ۽ پارڪر ١٨٥٦ع ۾ ڏٺو ھوندو، تن کي پورو پورو ويساھھ ھوندو، تھ جيستائين ڀڄ مٿان دٻاءُ پوندو، تيستائين رڻ پار واري علائقي ۾ رھندڙ ڌاڙيلن جي چرپر تي ضابطو قائم رکڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ ڏاڍو اوکو آھي. جڏھن سڄي قوم عيش عشرت ۾ مبتلا ۽ ڏينھن رات ڦرلٽ ڪرڻ ۾ رڌل ھجي، تڏھن ان قوم کي ھڪدم تبديل ڪرڻ، تاريخي طور، ڏاڍو ڪٺن ڪم آھي، ويتر خزانو بھ خالي ھجي ۽ ملڪ جي ناماچاري بھ گھٽ ھجي. ان زماني ۾ ڪڇ جون اھڙيون ئي نازڪ حالتون ھيون، تنھن ڪري ڌاڙيلن خلاف قدم سوڀارو ڪونھ ٿي ٿيو. نيٺ گھڻي ناڻي جي خرچ ۽ ڪيترين حياتين جي قرباني ڏيڻ کان پوءِ، مقصد جو موتي ھٿ ڪيو ويو ۽ ايجنسيءَ جي چونڊ ۽ لائق ماڻھن اسان جي حڪومت جي ارادن کي تڪميل تي پھچايو.

(٥٢) ان زماني ۾ پونا آگزيلري ھارس جا فوجي، ڪئپٽن (ھاڻي جنرل) رابرٽ جي ڪمانداري ھيٺ واگھڙ ۾ ڪئمپ ھڻي ويھي رھيا. فوجين کي ننڍين ٽولين ۾ ورھائي، سرحد تي مقرر ڪيو ويو. انھي مقصد لاءِ جيئن ڌاڙيلن خلاف بروقت ڪارروائي ڪري، ماڻھن جو ترت بچاءُ ڪري سگھجي. ڀڄ جي درٻار مان ٣٠٠ غير فوجي جوان امداد واسطي موڪليا ويا ھئا.  ڌاڙيل عنصر کي، پوري طاقت، خبرداري ۽ عقل سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪڇ يا ڀر وارن ملڪن کي سندن ڪاررواين کان بچائڻ لاءِ سندن خلاف ڪنھن سخت قدم کڻڻ جي ضرورت ھئي.

(٥٣) ڌاڙيلن ١٨٣١ع ھڪ ڌاڙو ھنيو ھو، (1) سو پنھنجي نقطي نگاھھ کان دلچسپ ۽ سبق سيکارڻ لائق آھي. سندن ڌاڙن جي ڪارروائي مرھٽن جي جنگي چال جھڙي ھوندي ھئي. ھو ننڍڙا واقعا ڪندا ھئا. ڌاڙي جي مھم کي ڏاڍو ڳجھو رکندا ھئا. بردباري، عقل ۽ دليريءَ کان ڪم وٺندا ھئا.

(٥٤) مئي ١٨٣١ع ۾ ٥٠٠ ڌاڙيلن جي ھڪ ٽولي، ڪڇ جي واگھڙ علائقي جي وچ تي ھڪ ڳوٺ کي ڦري لٽي، وڏيءَ ملڪيت سميت واپسيءَ تي رڻ جو وچ ڏيئي وڃي رھي ھئي، تھ پونا آگزيلري ھارس جا ٥٠ جوان وڃي کين پويان پھتا، ساڻن ٤٠٠ يا ٥٠٠ ڀڄ درٻار جا ھٿياربند جوان پڻ ھئا. پر ڀڄ درٻار جي ھٿياربند جوانن ڌاڙيلن سان وڙھڻ کان انڪار ڪيو. ڌاڙيلن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پونا ھارس جا فقط ٥٠ جوان ھئا. خوشقسمتيءَ جي ڳالھھ اھا آھي، تھ ٥٠ ڄڻن جو فوجي جٿو اھڙي بھادر ماڻھوءَ جي زير ڪمان ھو، جيڪو ھر مصيبت کي ھمت سان منھن ڏيئي سگھندو ھو. ھو دمشق جو رھاڪو ھو، ھن پنھنجي زندگيءَ جا چاليھھ سال ھندستان ۾ ھڪ فوجيءَ جي حيثيت سان گذاريا ھئا، جن مان ١٥ سال انگريز آفيسرن جي ماتحت رھيو ھو. ھو ڏاڍو خوش طبع ۽ سڌو سادو انسان ھو. زيردست ساڻس ڏاڍو پيار ڪندا ھئا. بالا آفيسر سندس فوجي صلاحيتن ۽ بھادريءَ ڪري کيس ڏاڍي عزت ڏيندا ھئا. سندس نالو مير عباس علي ھو. ڌاڙيلن جڏھن ڪڍ ايندڙ ماڻھن کي ڪجھھ منجھيل ڏٺو، تھ پنھنجا اٺ ھشائي پيادو ٿي، منھن ڀري بندوقن سان پٺيان کان مٿن حملا ڪرڻ شروع ڪيا. جمعدار عباس عليءَ کي درٻار طرفان ترت امداد ملڻ جي ڪابھ اميد ڪانھ ھئي. ھن پنھنجي فوجي جوانن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ۽ واري واري سان حملي ڪرڻ واريءَ حڪمت عمليءَ کي استعمال ڪيو. کيس ڏاڍا گھاؤ رسيا ۽ سندس جوانن جو ٽيون حصو مقابلو ڪري مارجي ويو. جمعدار کان پوءِ، دفعدار تي ڪمان ڪرڻ جون ذميداريون اچي پيون ۽ ھو بھ وڌيڪ حملي ڪرڻ کان لاچار ٿي پيو. جيڪڏھن درٻار طرفان موڪليل ھٿياربند مدد ڪن ھا، تھ ڌاڙيلن جو ھڪ ماڻھو بھ زنده ڪونھ بچي ھا. نيٺ ھو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب تھ ٿي  ويا، پر کين پاڻي ملي ڪونھ سگھيو. کوھن تي سرڪاري فوجين قبضو ڪري ورتو ھو. ٿر ڏانھن ويندي چاليھن ميلن تائين ساڻن ھلڪا ھلڪا مقابلا ٿيندا رھيا. نيٺ ٿڪجي، اڃ ۾ ماندا ٿي ١٦ ڄڻا مري ويا.

(٥٥) بھادر جمعدار جي موت تي ڏک ھڪ فطري ڳالھھ ھئي. ھٿياربند فوجين ۽ صوبي طرفان سوڳ ڪيو ويو. سندس لاش کي رڻ ۾ دفن ڪيو ويو. بعد ۾ اھو کڻائي ھٿياربند فوجي دستن جي صدر مقام جي سامھون دفنايو ويو. مٿس شاندار قبو تعمير ڪرايو ويو آھي، جيڪو سندس بھادرانھ موت جو يادگار آھي.

(٥٦) ڪڇ جي سرڪاري فوجين کي ڌاڙيلن تي حملي ڪرڻ کان انڪار سبب، ڀڄ درٻار نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. انھن مان ٢٠٠ جوان پونا آگزيلري ھارس ۾ اچي ڀرتي ٿيا. ڪئپٽن رابرٽ کين پارڪر جي ڌاڙيلن خلاف واگھڙ جي تحفظ لاءِ پنھنجي نظرداريءَ ھيٺ رکيو. ڪڇ ۾ رھندڙ انگريز ريزيڊنٽ امن امان لاءِ جيڪي آسون اميدون رکيون ھيون، سي پوريون ٿيون. اھڙيءَ ريت ڪڇ جي فوجي دستن جي اھلڪارن جي ماتحت نئين سر جوڙجڪ عمل ۾ آئي. ڪڇ جا رھاڪو بھ امن امان ڪري سرھا ۽ انگريز جا شڪرگذار ٿيا. پر پارڪر جي ڌاڙيلن جي ڦرلٽ ۾ ڪا ڪمي ڪانھ آئي. حيدرآباد جي اميرن ڏانھن بار بار چتاءَ جا خط روانا ڪيا ويا، ڇاڪاڻ تھ پارڪر سنڌ جي انتظامي سرحدن اندر ھو. اتان جي حڪمرانن جا خالي وعدا ھوندا ھئا، پر عملي طور ڪيو ڪجھھ بھ ڪونھ ويندو ھو. نيٺ تنگ ٿي، سنڌ جي حڪمران مير مراد عليءَ ڏانھن ھڪ سخت قسم جو خط (1) روانو ڪيوسون، جنھن ۾ لکيو ويو ھو تھ: اسان جي ساٿي ڪڇ جي راءِ جي ملڪ ۾ توھان جي ملڪ پارڪر جي ڌاڙيلن گھڻي وقت کان ظلم ٻاري ڏنو آھي. اتان جا بدمعاش ماڻھو ڪڇ جي راڻن وٽ اچي پناھھ وٺن ٿا. (2)

پر حقيقت ۾ انھن جو واسطو اوھان جي ملڪ سان آھي. انگريز سرڪار اجايو پئي ڪڇ جي حڪومت کان تاوان ڀرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پارڪر جي راڻن، ڌاڙيلن کي اسان جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي. ڌاڙن واريون ڍڳيون، ٻڪريون ۽ ڏاچيون اتي کلئي عام وڪرو ٿيو وڃن، يا انھن جانورن تي واپار ڪيو وڃي ٿو. انگريز سرڪار جا غير پسنديده ماڻھو بھ اتي اچي پناھھ وٺن ٿا ۽ اتان ھلي اسان جي دوستن جي ملڪن ۾ ڌاڙا ڦريون ڪن ٿا. اوھان کي اڳيئي نيڪ روشن آھي، تھ پارڪر جو پتوجي (Pittooji) واگھيلو انگريزن سان ڇا ڪري گذريو آھي. ھن انگريز سرڪار جي سخت توھين ڪئي آھي. ھن اڳرايون ۽ زيادتيون ڪيون آھن. ان ڪري ھاڻي اھو انگريز سرڪار جو ذمو آھي، تھ پنھنجي دوست ملڪن جي مفادن جو تحفظ ۽ سندن عزت جي نگھباني ڪري ۽ توھان جي ملڪ ۾ رھندڙ ڌاڙيلن کي مڪمل تباھھ ڪري، يا اسان کي ڪنھن قسم جو اطمينان ڏياريو وڃي. ان ڪري آءٌ اوھان کي گذارش ٿو ڪريان، تھ ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ لاءِ ترت اثرائتا قدم کنيا وڃن. پتوجي واگھيلي راڌڻ پور جي سردار بيبي ۽ سندن ٻين ساٿين کي انگريز سرڪار جي حوالي ڪيو وڃي. اڳين نقصانن جو عيوض ڏنو وڃي ۽ مستقبل ۾ ڏوھن نھ ڪرڻ جي ضمانت ڏني وڃي. جيڪڏھن اوھان ايئن نھ ڪيو، تھ انگريز سرڪار جون فوجون سنڌ جي پارڪر جي حدن ۾ اندر ٽپي، انھن ڌاڙيلن کان پورو انتقام وٺنديون. جن، انگريز سرڪار جي بچاءَ ۾ آيل دوست ملڪن جي سرحدن اندر ڦرلٽ جي ڌم مچائي ڏني آھي. مان ان لاءِ اوھان کي خبردار ڪريان ٿو. مون کي افسوس آھي، تھ اھو حملو ٿي گذرندو. جيڪڏھن مٿيان مطالبا پورا ڪيا ويا تھ انگريزن جي ھڪ وڏي فوج پارڪر ٽپڻ کان ھڪدم روڪي بھ سگھجي ٿي. اسان اوھان جي تڪڙي جواب جا منتظر آھيون.

(٥٧) جن ڏينھن ۾ مٿيون خط حيدرآباد روانو ڪيو پئي ويو (1) تھ ان وقت حيدرآباد کان فوج پارڪر پھتي. باھيون ڏئي ٻھ ٽي ڳوٺ وڃي ساڙيائون. پارڪر جي راڻي، ويرا واه جي راڻي پونجا جي ۽ ٻين (1) ستن اٺن کوسن کي گرفتار ڪيو ويو. ٻيا کوسا ۽ ڌاڙيل ڀڄي وڃي سنڌ ۽ ٻاھڙ مير جي وچ تي ٿر ۾ لڪا، جتي کين بچاءَ ۽ آجيان جي پڪ ھئي. سنڌي فوجين جي اچڻ ڪري اھو ٿيو جو ڌاڙيل علائقو ڇڏي ھليا ويا. ڪيترا چڱا مڙس ماڻھو بھ لڏي پلاڻي نڪري ويا. ڪن اچي ڪڇ وسايو. انھن مان ڪيترا تھ واپس ئي ڪونھ موٽيا.

(٥٨) مٿي ذڪر ڪيل خط جو جواب ھزھاءِ نيس مير مراد علي خان موڪليو، جيڪو حيدرآباد جي شاھي درٻار جي عام خطن جيان پيچيده ۽ ڦرڻو گھرڻو ھو. ھزھاءِ نيس خط جي روايتي عبارت کان پوءِ، خط جي جواب ۾ پنھنجي باھمي دوستيءَ جو ذڪر ڪيو ۽ وڌيڪ لکيائين تھ: ٻنھي ملڪن جي دوستي ايتري گھٽائي آھي، جو ٻئي ملڪ ڄڻ ھڪ ملڪ بڻجي ويا آھن. اسان پنھنجن باھمي مفادن کي چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا. اسان وڏي توجھھ سان اوھان جي معاملن کي اوليت ڏيون ٿا ۽ انھن کي سلجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ان کان پوءِ، ھو اڳيان احوال ڏيڻ شروع ڪري ٿو، تھ ڪيئن ڌاڙيل ڪڇ ۽ ٻين علائقن ۾ ڌاڙا ۽ ڦريون ڪندا ھئا. آخر ۾ ان ڳالھھ تي پھچي ٿو، تھ سندس فوج ڌاڙيلن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي آھي ۽ سندن ڪارروايون ھاڻي گھٽجي ويون آھن. اڳتي ھلي خط ۾ لکي ٿو: ”اھا ھڪ واضح حقيقت آھي، تھ انھيءَ فوجي ڪارروائيءَ کان پوءِ، موٽي ساڳين پڊن تي اچي ڪونھ وھندا. نھ وري انھن ڌاڙيلن کي ڪڏھن ڪڇ ۽ گجرات جي سرحدن اندر پير رکڻ جي جرئت ٿيندي.“ ويساھھ ڏياريندي وري لکي ٿو: ”وڏي خرچ سان ١٠،٠٠٠ جنگي سوارن تي مشتمل فوج تيار ڪئي وئي آھي، جنھن جي ڪمان ھڪ نھايت بھادر ڪماندار جي حوالي آھي.“ جنھن جا لقب ۽ خطاب ايڏا تھ وڏا ۽ ڊگھا آھن، جو پڙھندڙن کي ٻڌائي وائڙو ۽ پريشان ڪرڻ ڪونھ ٿو چاھيان. اڳتي خط ۾ لکيل آھي:

انھن کي اھڙا واضح حڪم ڏنا ويا آھن، تھ کين ڌاڙيل جاٿي بھ نظرن اچن، سندن ڄڻ ٻچو رلائي ناس ڪيو وڃي.  ھزھاءِنيس خط ۾ انگريز سرڪار کي گجرات ۽ ڪڇ جي ٿاڻيدارن کي ھدايت ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو، تھ جيڪڏھن پارڪر جا ڌاڙيل سندن علائقن ۾ ڪاٿي بھ ھٿ اچن، تھ انھن کي قتل ڪرڻ جي کين اجازت آھي. خط ھنن لفظن سان ختم ٿئي ٿو ”دوستي جي باغ جي پنھنجي خطن جي پاڻيءَ سان آبياري ڪندا رھندا.“

(٥٩) مشرقي طرز تحرير ۾ استعارا ۽ ڪنايا اھڙا استعمال ڪيا ويندا آھن، جو مفھوم ڪونھ ملندو آھي، ۽ ھن خط جي مراد ۽ مطلب مان بھ ڪوبھ اعتماد ۽ اطمينان ڪونھ ٿي مليو. ٻئي طرف کان اسان کي ڪن سببن ڪري پورو ويساھھ ھو، تھ ڪڇ جي ڌاڙيلن ڀڄي وڃي پارڪر ۾ پناھھ ورتي آھي. ان ڪري ھزھاءِنيس پاڻ (1) ڌاڙيلن کي پناھھ ڏيندڙ پاٿاريدار بڻجي پيو ھو. اسان ھزھاءِنيس کان مطالبو ڪيو، تھ کين پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. انگريز سرڪار جنھن جو مول مقصد ئي ڪڇ ۽ گجرات کي ڌاڙيلن جي ڪاررواين کان بچاءُ ڪرڻ ھو. اھڙين حالتن ۾، جيڪڏھن ھزھاءِنيس ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري، تڏھن بھ اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ ڏانھس خط ضرور لکيو وڃي، تھ جيئن ھو پارڪر جي ڌاڙيلن کي سزا ڏيڻ جو پڪو واعدو ڪري. ڇاڪاڻ تھ اسان جي سرحدن سان ڌاڙيلن جو ڏاڍو آزار آھي. جيڪو سھڻ کان ٻاھر آھي. کانئس اھڙي اڳواٽ ئي ضمانت ورتي وڃي. تنھن ڪري مجبور ٿي، انگريز حڪومت ھزھاءِنيس وٽ ھيٺيان مطالبا پيش ڪيا.

(٦٠) مطالبا ھي ھئا تھ: گھربل ڌاڙيلن کي انگريز حڪومت آڏو پيش ڪيو وڃي. ٻن سالن جي عرصي ۾ ڌاڙيلن جيڪو نقصان ڪيو آھي، اھو ڀري ڏنو وڃي. پارڪر جي ڌاڙيلن کي وڌيڪ ڌاڙن ھڻڻ کان روڪيو وڃي، يا انگريز سرڪار جي فوج کي پارڪر ۾ رھڻ جي اجازت ڏني وڃي، يا پارڪر جو علائقو ڪڇ جي راءِ جي حوالي ڪيو وڃي. اھڙيءَ ريت مٿين ذميوارين کان ھزھاءِنيس آجو رھي سگھي ٿو. پارڪر جي علائقي جي عيوض ڪڇ جو راءِ اميرن کي ڏن ڏيندو، جنھن جي ضمانت انگريز سرڪار پنھنجي سر تي کڻڻ لاءِ تيار ھئي.

(٦١) پڪن واعدن ڏيڻ کان پوءِ، بھ پارڪر جا ڌاڙيل (1) ڪڇ جي اوڀارئين علائقي چوراڙ (Chorar) مان جنوري ١٨٣٢ع ۾ چار سؤ کن مال ڪاھي ويا. ھيءُ ڪو ھڪڙو ڏوھھ ڪونھ ھو، پر اھڙيون ڪيئي وارداتون ڪيون ويون ھيون. تنھنڪري انگريز سرڪار پارڪر ڏانھن پنھنجي فوج موڪلي، ڌاڙيلن کي سيکت ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

(٦٢) اھڙيءَ ريت پھرين نومبر ١٨٣٢ع ۾ انگريز فوج ڪڇ جو رڻ اڪري، نارا بيٽ کان ڦري، سنڌ جي سرحد اندر پارڪر  (1)وڃي پھتي. چڱو مڙس، راڻو جڳوجي ھو، جيڪو ڪجھھ عرصو اڳ پنھنجي چاچي کي قتل ڪري پاڻ راڻو بڻيو ھو، ۽ پارڪر جي ڌاڙيلن کي پناھھ ڏيندو رھندو ھو. انگريزي فوج بھ کيس گرفتار ڪرڻ جي ارادي سان آئي ھئي. پر ھو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ويرا واه جو راڻو ۽ براڻا جو ٺڪر ھڪدم پيش پيا. فوج پيشقدمي ڪندي ٻاکاسڙ ۽ ٻاھڙ مير طرف رواني ٿي، جن جي وچ وارن علائقن ۾ فوجي ڪاررواين وقت ڌاڙيل ڀڄي وڃي پناھھ وٺندا ھئا. مشھور پاٿاريدارن کي قيد ڪيو ويو. جيڪڏھن ڪمانڊنگ آفيسر ڪڇ جي ريزيڊنٽ جي چوڻ تي عمل ڪري ھا، تھ ان فوجي ڪارروائي جو ڏاڍو سٺو ۽ ديرپا اثر ٿئي ھا. مجموعي طور تي نتيجو اطمينان جوڳو نڪتو. ھزھاءِنيس واعدو ڪيو ھو، تھ پنھنجي فوج حيدرآباد موڪلي، انگريزي فوج جي سھائتا ڪندو. پر اھي ايترو دير سان پھتا، جو ڪنھن ڪم جا نھ رھيا. سندن حالن مان اھو پتو پيو ٿي، تھ جنھن مقصد واسطي کين گھرايو ۽ موڪليو ويو ھو، ھو ان جي لائق ئي ڪونھ ھئا.

ھزھاءِنيس ڪڇ جي ريزيڊنٽ کي ٻٽاڪ ھڻندي اطلاع ڏنو ھو، تھ ھن ٢٥٠٠ چونڊ گھوڙي سوار قابل ڪمانڊرن جي نگھبانيءَ ۾ موڪلي ڏنا آھن. انگريز فوج جي آفيسرن اطلاع ڏيندي ٻڌايو، تھ گھوڙن جو تعداد فقط ٥٠٠ ھو، جيڪي قد جا منڌرا ۽ ڏاڍا ڏٻرا ھئا. ڪمانڊر وري ايڏا دلير ھئا، جو سنڌ جي سرحدي شھر گڊڙي کان اڳتي ٽپڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا. کين اھا خبر ھئي، تھ اھي ان جنگي مھم سان لاڳاپيل آھن، جيڪا نيڙ Neyur (ٿر، پارڪر ۽ ٻاھڙ مير جي وچ وارو علائقو) جي علائقي ۾ موجود ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ لاءِ وڃي رھي آھي.

(٦٣) گھڻي وقت کان وٺي عام خيال اھو ھوندو ھو، تھ ڌاڙيلن کي پنھنجن ٿمن ۾ پھچڻ کان پوءِ، ڪير بھ کين پڪڙي ڪونھ ٿو سگھي، پر ھينئر ھو حياتي بچائڻ لاءِ سرگردان ھئا. ڪڇ جي ريزيڊنٽ (1) جنھن کي ھن معاملي ۾ خودمختيار اختيار حاصل ھئا، تنھن عوام جو پئسو خرچ ڪري، فوجن کي ڌاڙيلن خلاف لڳائي رکڻ مناسب ڪونھ سمجھيو ۽ پوئتي موٽائي ڇانوڻيءَ ۾ گھرائي ورتو. باقي ڪئپٽن رابرٽ جي نگرانيءَ ھيٺ پارڪر جي علائقي ۾ ھيٺين فوج رھڻ شروع ٿي:

(2) مقامي گھوڙيسوارن جو پورو اسڪواڊرن

مقامي ماڻھن تي مشتمل ھڪ سو پيادل فوج

ڪئپٽن رابرٽ جو اريگيولر ھارس

ھڪ سو پھلون پر ھارس

٥٠ جاڙيجا ڪڇ ھارس

(٦٤) مذڪوره فوجي دستن کي ڪئپٽن رابرٽ، جي ماتحت رکندي، ريزيڊنٽ لکي ٿو: ”توھان گھڻي عرصي کان وٺي منھنجن خيالن ۽ منصوبن کان پوري ريت باخبر آھيو، تنھن ڪري مان اوھان کي تفصيلي ھدايتون ڏيڻ ضروري ڪونھ ٿو سمجھان.“ ان کان پوءِ اشارو ڏيندي ٻڌائي ٿو تھ: فوجي مھم جو مقصد حاصل ٿي چڪو آھي. وڌيڪ اضافو ڪندي لکي ٿو تھ: جيڪڏھن ممڪن ٿي سگھي، تھ باري Barra کوسي کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. ھو مشھور ماڻھو ۽ ڌاڙيلن جو لٺ سردار آھي. ساڳئي وقت سنڌ جي اميرن کي ڪڇ جي ريزيڊنٽ جي ارادن کان بھ واقف ڪيو ويو ھو، تھ جيستائين ڌاڙيلن جي ڦرلٽ بند نھ ٿيندي، تيستائين انگريزي فوج پارڪر ڪانھ ڇڏيندي.

(٦٥) پارڪر جي اڳئين راڻي جو قاتل ڀڄي ويو ھو. انگريز سرڪار اڳئين راڻي جي ڏاڏنگ مان ڪنھن مرد ماڻھوءَ کي مقتول راڻي جو جاءِ نشين بڻائي، پارڪر جو علائقو سندس حوالي ڪيو. ھن قسم جي دخل اندازيءَ کي سنڌ حڪومت نفرت جي نگاھھ سان ڏٺو. پر پوءِ انگريزن جو اھو فيصلو قبول ڪيو ويو. اڳئين راڻي جي سوٽ، ڪرن جي کي، ڪئپٽن رابرٽ، پارڪر جي راڻي جو لقب ڏئي گاديءَ تي وھاريو. ان وقت راڻي ڪرن جي عمر فقط ٽي سال ھئي. (1)

(٦٦) قاتل راڻي، جڳوجيءَ کي پڪڙي، سنڌ حڪومت انگريزن جي حوالي ڪيو، جنھن کي قيد ڪري، ڪڇ جيل ۾ رکي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو. ١٨٤٤ع تائين کيس سرڪار طرفان ھڪ روپيھ ڏھاڙي خرچ لاءِ ملندو ھو. پوءِ ڏھاڙي خرچ عيوض کيس ڀوڏيسر جو ڳوٺ ڏنو ويو (1) ۽ کيس اتي رھڻ جي اجازت ڏني وئي. ھو ان ڳوٺ جي پيدائش پنھنجي سڄي زندگي کڻندو رھيو ۽ ١٨٥٢ع ۾ وفات ڪيائين.

ان کان پوءِ ڀوڏيسر جو ڳوٺ حڪومت پنھنجي تحويل ۾ ورتو ۽ سندس وارثن کي گذر سفر لاءِ ڪجھھ زمين ڏني وئي.

(٦٧) ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن جي آزار کان ڪڇ ۽ گجرات کي بچائڻ واسطي، ڪيئن ھوريان ھوريان ۽ درجي بدرجي قدم کنيا ويا، ان سڄي صورتحال جو ذڪر اوھان اڳين صفحن ۾ پڙھي آيا آھيو. انھن ڌاڙن ڪري نقصان، تمام گھڻو، مختلف قسمن جو ۽ لڳاتار ٿيندو رھيو. جيڪڏھن صحيح انگ اکر ٻڌائبا، تھ اوھان حيران ٿي ويندا. رڳو ھاڻوڪن تازن ڌاڙن جي نقصان جو پورائو ڏھن لکن روپين مان ڪونھ ٿي سگھندو. ڌاڙن جا جيڪي نتيجا نڪتا آھن، سي ڏاڍا دکدائڪ ۽ ڀيانڪ آھن. ڳوٺن جا ڳوٺ ماڻھن کان خالي، علائقن جا علائقا ويران، زمينون بُٺ ۽ غير آباد ٿي ويون آھن. ڪيترين صدين کان وٺي، اڄ تائين (١٨٣٣ع) ڪڇ ۽ گجرات جي ڪن حصن امن امان جي نالي جي ڪا شيءِ ڏٺي ئي ڪانھ ھئي. اڄ اتان جا ماڻھو ڌاڙيلن جي ڏھڪاءَ کان بلڪل آجا آھن. اھو سڀ ڪجھھ ٻاھڙ مير ۽ پارڪر ۾ موجود فوجي چوڪين ڪري ٿيو آھي.

(٦٨) پارڪر ۾ فوجي چوڪيءَ جي قيام کان اڳ ۽ پوءِ، اتي ماڻھن جو ڪيترو انگ (1) مذڪوره ذميوارين کي بجا آڻڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھو، سو ھتي پيش ڪجي ٿو. پارڪر ۾ چوڪيءَ قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪڇ اندر ديسا Deesa، راڄڪوٽ ۽ ڀڄ ۾ بھ اھڙيون چوڪيون قائم ڪيون ويون ھيون. انھن ساڳين جاين تي نفري وڌائي وئي. اڳين چوڪين تي ١٥٥٢ ماڻھو رکيل ھئا، جيڪي باضابطھ فوج ۽ ھنگامي ڀرتيءَ واري فوج تي مشتمل ھئا. پارڪر جي چوڪيءَ تي فقط ٢٢٥ ماڻھو مقرر ڪيل ھئا. ١٣٢٧ وڌيڪ ماڻھو رکي، کوٽ دور ڪئي وئي آھي. پارڪر تي قبضو گھڻي خرچ کان بچڻ واسطي ڪيو ويو آھي. ھن دنگ کان ھيٺ، يا مٿان ڪوبھ خطرو موجود ڪونھ آھي. نھ تھ رڻ جي ڪنارن سان اڳي ڌاڙيلن رڃ جي ڏيکاءَ، ڌنڌ ۽ ڪڪرن جيان پيا ھيڏي ھوڏي ڦرندا وتندا ھئا.

(٦٩) ٻاھڙ مير ۾ فوجي چوڪي مستقل بنياد تي قائم ڪئي ويئي آھي. منجھس ھڪ گھوڙي سوار دستو، پيادل فوج جون ٻھ ڪمپنيون ۽ ٢٠٠ گائڪواڙ ھارس آھن. درٻار (1) جو ھڪ مبھم خيال آھي، تھ سندس بادشاھيءَ جون سرحدون ميوا Mewa يا ملاڻي Mullanee علائقي تائين آھن. جنھن ۾ ٻاھڙ مير پڻ موجود آھي. ٻنھي علائقن ۾ ڌاڙيل وڃي پناھھ وٺندا ھئا. ٻنھي ماڳن جا پٽيل ۽ عام ماڻھو ڦرلٽ جي ڌنڌي کي ھمٿائيندا ھئا ۽ ڀاڱي ڀائيوار رھندا ھئا. جڏھن جوڌپور ۽ حيدرآباد کان فوجي جٿا ڍل اڳاڙڻ يا خود ڌاڙيلن کان ڦرڻ لٽڻ ايندا ھئا، تھ ٻنھي علائقن جا ماڻھو سندن اختيارن آڏو جھڪي ويندا ھئا.

(٧٠) پارڪر صدين کان پوءِ ھاڻي امن ۽ آشتيءَ جو دؤر ڏٺو ھو. ڌاڙيلن کي سندن مرڪز ۾ ئي سزائون ملي چڪيون ھيون. اتان جا سردار اسان جي اجائي سجائي مخالفت ڇڏي، علائقي ۾ امن امان جي بحاليءَ واسطي اسان جا ٻانھن ٻيلي ٿي بيھي رھيا. ڌاڙيلن جيڪڏھن اڃا بھ سبق نھ سکيو ۽ پنھنجون سرگرميون ٻيھر جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تھ پارڪر ۽ ٻاھڙ مير ۾ رھندڙ فوجين مستقبل ۾ بھ ساڻن مڙس ٿي مقابلي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آھي.

(٧١) پارڪر جي چوڪيءَ جو ڪماندار ضلعي جي انتظامي معاملن ۾ دخل اندازي ڪونھ ڪندو آھي. سندس ڪم اھو ھوندو آھي، تھ جيئن ڪو ڌاڙيل سر کڻي نھ سگھي ۽ سندن سرگرمين کان ڪڇ جو بچاءُ ڪجي. پارڪر جي رھاڪن وٽ جڏھن حيدرآباد مان محصول اوڳاڙڻ لاءِ فوجي ايندا ھئا، تھ ڍل ۽ سنگ جي نالي ۾ مٿن طرحن طرحن جا ظلم ڪيا ويندا ھئا. جڏھن ھتي مستقل فوجي چوڪيون قائم ڪيون ويون، تھ سمجھيائون تھ حيدرآباد وارا فوجي قھر ڪري ھليا تھ ويندا ھئا، ھاڻي تھ ھنن ظالمن فوجين جو ڏاڍ لڳاتار رھندو. پر جلد ئي کين خبر پئجي وئي، تھ انگريزي فوج حيدرآباد واريءَ فوج کان گھڻي مختلف ھئي. ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ بدران ھن کين تحفظ ڏنو ھو. فوجي موجودگيءَ سبب سندن پئسي ۾ واڌارو ٿيو. ڪئپٽن رابرٽ جي نئين سياسي جوڙجڪ ڪري، آھستي آھستي امن ۽ ترقيءَ جو دؤر اچي رھيو ھو، يا ايئن چئجي، تھ مستقبل جي خوشحاليءَ واسطي پيڙھھ جو پٿر ھنيو ويو ھو. ڇاڪاڻ جو گھڻي وقت جي ڪوشش کان پوءِ، صدين کان ھلندڙ ڌاڙيلن جي سرگرمين تي ضابطو رکيو ويو ھو، جيڪي ھلندي ھلندي آخر ختم ٿي ويون. ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن لاءِ ڌاڙن ۽ ڦرلٽ واريون سرگرميون ائين ھيون، جيئن جواريءَ جي لاءِ جوا جي ھير ۽ شرابي لاءِ شراب جي بوتل ھجي. کين انھن عادتن کان ڇڏائڻ ڪيترو نھ ڏکيو ھو. ھو ان ماحول ۾ ننڍن مان وڏا ٿيا ھئا. ھڪ طرف سندن جذبن جي تڪميل ٿيندي ھئي، تھ ٻئي طرف کان سندن روزگار جو مسئلو بھ حل ٿي ويندو ھو.

(٧٢) پارڪر ۾ فوجي چوڪيءَ جي قيام کان پوءِ، ڪڇ ۾ ڌاڙن ۽ ڦرلٽ ۾ گھڻي قدر ڪمي اچي وئي ھئي. ١٨٣٤ع ۾ پارڪر ۾ ھڪ واقعو ٿيو، جنھن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي، جنھن مان ماڻھن جي ارادن جو چڱيءَ ريت پتو پئجي سگھي ٿو. اھو واقعو ھن ريت آھي، تھ حيدرآباد طرفان محصول جي اوڳاڙيءَ لاءِ ھڪ ڪاردار پارڪر آيو. ھن اچڻ سان ماڻھن جي مرضيءَ خلاف نئين قسم جو سنگ ۽ ڍل ماڻھن مٿان مڙھي، جيڪو ماڻھن پسند نھ ٿي ڪيو. نتيجي ۾ ويڙھاند ٿي، جنھن ۾ ڪاردار ۽ سندس ٻھ ڪارندا گھائجي پيا.

انگريز سرڪار طرفان، پارڪر جي فوجي چوڪيءَ کي علائقي جي انتظامي معاملن ۾ دخل اندازي نھ ڪرڻ جا احڪام مليل ھئا.(1)  چوڪيءَ جا اعليٰ عملدار مقامي انتظاميھ جي ڏاڍ طرف ڪوبھ ڌيان نھ ڏيندا ھئا. باقي ريزيڊنٽ جي خواھش ڏيکارڻ تي قاتلن جي گرفتاريءَ جي ڏس ۾ مقامي انتظاميھ جي مدد ڪندا ھئا. مٿي ذڪر ڪيل واقعي جي نتيجي ۾ اتان جي ماڻھن گھڻو ڪجھھ ڀوڳيو، نيٺ حيدرآباد مان ھڪ نئون ڪاردار مقرر ٿي آيو.

(٧٣) توڙي جو پارڪر جي ڪمانڊنگ آفيسر کي ڪو سياسي اختيار ڪونھ ھو، پر ھو ڪڇ جو اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ۽ اريگيولر گھوڙيسوار فوجي دستن جو ڪمانڊنٽ ھو. واگھڙ ۾ کيس ھڪ ڪمانڊر جي حيثيت ھئي. ان سبب ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن تي سندس وڏو اثر ھو، تنھن ڪري حيدرآباد جي ڪاردار کي ڍل اوڳاڙڻ ۽ ماڻھن تي ظلم ڪرڻ ۽ عام ماڻھوءَ کي قتل جي جرم کان روڪڻ جو طبعي لاڙو رکندڙ ھو.

(٧٤) ١٨٤٣ع تائين ڪو خاص واقعو پيش ڪونھ آيو. سنڌ جي فتح کان پوءِ، ان علائقي جا ماڻھو ٽالپرن بدران انگريز سرڪار جي رعيت بڻجي ويا. ١٨٤٣ع جي شروعات ۾ پارڪر مان فوجي چوڪي ھٽائي، ڪڇ جي ٻيلي شھر ۾ قائم ڪئي وئي. ان جي پوئتي ھٽي وڃڻ جو شايد سبب اھو آھي، تھ پارڪر واري چوڪيءَ تي عوامي حملن جي خطري جو گھڻو امڪان ھو. اھا چوڪي ٻين چوڪين کان دور ۽ اڪيلي ھئي. رسد ۽ تحفظ جو امڪان گھٽ ھو. جڏھن اتان جي سردارن اسان کي تحفظ ۽ تعاون جو يقين ڏياريو، تھ پوءِ پارڪر ۾ وري چوڪي قائم ڪئي وئي.

(٧٥) ڀڄ ۾ رھندڙ فوجي دستو ڏيپلي ۾ رھڻ لاءِ موڪليو ويو. پر اتي ھر ضروري شيءِ ۽ پاڻيءَ جو ڪال ھو، جن جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ ضروري ڪونھي ۽ نھ وري ھن ڪتاب جو مقصد ئي آھي، تنھن ڪري ان فوجي دستي کي ھٽائي، ڪڇ جي ڪوارا شھر ۾ مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ اتان بھ ڪڍي، کيس ونگا بازار ۾ رکيو ويو. سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، واھپي جي ھر چيز تي ٿر ۾ عام سوچ کان پوءِ تمام گھٽ اثر ٿيو، ۽ ڪڇ جي ڀر ۾ ھجڻ ڪري فوجين جي سھڪار سان لاڀ پرائڻ ۾ آساني ھئي.

(٧٦) ڪڇ جي راءِ ڏيپلي جي سوڍي وٽان شادي ڪئي، جن مان ڪونھ ڪو سدائين ڀڄ ۾ پيو رھندو ھو ۽ گھڻي وقت کان وٺي ڪڇ جي جاڙيجن جو ٿرواسين سان دوستي ۽ ميل ميلاپ جو رستو قائم ھو. سنڌ، ٿر ۽ پارڪر جو مذھب، زبان ۽ ريتيون ۽ رسمون ڪڇ جي رڻ جي ڏاکڻين حصي سان ھڪجھڙائي رکن ٿيون. ھونءَ بھ ڏسجي، تھ سڄو ڪڇ سنڌي سڀيتا جي رنگ ۾ رنڱيل ۽ ھڪ سڀيتائي ايڪو آھي.

(٧٧) ڏيپلي جي راڻي ۽ نھڙين جي ارباب پنھنجن پوئلڳن ۽ ھٿياربند ماڻھن سميت اسان سان سھڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. مٺيءَ ۽ اسلام ڪوٽ جي سوڍن سردارن بھ ساڳيو واعدو ڪيو آھي. انھن جون خدمتون فقط ٿوري وقت لاءِ تڏھن ڪم آنديون ويون، جڏھن حيدرآباد قلعي تي انگلئنڊ جو جھنڊو ڦڙڪائي، فبروري ١٨٤٣ع ۾ سنڌ کي انگريزي شھنشاھت ۾ شامل ڪيو ويو. اھا ڪڇ جي رڻ، ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن لاءِ نھايت سٺي خبر ھئي.


 

(1) Vide Memoir on the Kutch State published as No XV of selections 1855.

(1) The Fort of Islmakote was built A.D. 1795 – it is 386 feet square; the fort of Mitlee was built a few years before Islamkote; the fort of Nowakote was built about A.D. 1814; the fort of Singalla is supposed to have been built about A.D. 1800. The first, second and fourth forts could not have cost less than seven or eight lacs of Rupees each.

(1) The Chief of Veerawow was fined Rs. 3,166-3-7 (Cores 12,000), while his brother died at Hyderabad in captivity. The Rana of Parkar was fined Rs. 2,638-8-4 (Cores 10,000). The Thakoor of Barana, at which place the Ameer’s officer was murdered, was fined Rs. 10,000. The Chief of Pittahoore was fined 700 Rupees, and Soda Kamajee of Adygaum, 1,500 Cores. The captives were about three months in captivity.

Vide Kutch narrative p.18-19.

(1) On the 14th December 1815, Colonel East crossed the Runn at Venasir, with 4,000 fighting men.

(1) In May 1819, a party of 800 men, chiefly mounted on camels and horses, attacked Butchow, situated on the Southern side of Wagur, close to the Gulf. They were driven off by the guns of the fort, not, however till they had secured 200 head of cattle. From thence they moved to Vond, a fine flourishing village about two miles from Butchow, the gates of which they shut, and then plundered it, carrying off all the cattle belonging to the place, except some 20 or 30, the estimated damage occasioned by this one foray alone being not less than 35 or 40,000 Rupees. Shortly before this 500 head of cattle were carried off from Rapore, also in Wagur,- Rapore and Butchow being the principal darbar towns in the district.

(1) Vide letter from Resident to Government dated 7th June 1831.

(1)  قإڵجڷ ڶإڷ ڷڟڎ إغۑ حۆ جێ ڥف ۽ صإڎڥڎ ضۑ ډإڏۑڵڷ ڦۑ كۆڈ إڷڧڎۑڐڷ ضۑ ێّڛۑ ێیۑ، ضۆ بێإڷۆ ڥڎۑ، ێڷڷ ڥف جۑ ڤبڝۆ ڥڎۑ ۆڎجۆ. ێإڼۑ ښڷډ ڞڎڢ صۑڛ ڤڈڶۑ٪ ڵإ٭ ډإڏۑڵڷ ضۆ ضۆإڐ کۆڵێۑ ڎێۑإ ێیإ. (ڶجڎضڶ)

(2) Vide enclosure dated 6th September 1831 received with letter No. 109 of 17th Sep: 1831.

(1) Vide letter from Assistant Resident in charge to Government, dated 30th December 1831.

(1) Vide letter from cornel Jackson, dated 4th  November 1831.

(1) Vide letter from Government No. 128 of 24 November 1831.

(1) Vide letter from captain Robert to Resident, dated 9th 1832.

(1) Vide letter from lieutenant colonel letch field, commanding field force, dated veerawow, 7th November, 1832.

(1) Vide letter No. 390 of 24th December 1832 to lieutenant colonel letch Field commanding Fieldforce.

(2) It would however appear that only a small portion of this force actually occupied Parkar.

(1)  قإڵجڷ ڶإڷ ڷڟڎ إۑیڷ إغۑ حۆ، جێ ڶڤجۆڵ ڎإڼۆ ضڷێڷ ڦۑ ضکۆضۑ٪ ڤجڵ ڥۑۆ ێۆ، ښۆ إڷڧڎۑڐڷ ضۆ إۑضڷخ ێۆڷڈۆ. ضڷێڷ ضۑ ڤجڵ حۑڼ جۑ ڎإڼۑ ضکۆضۑ٪ ڦۑ ڧڎڢجإڎ ڥڎڼ ڵإ٭ إڷڧڎۑڐۑ ڢۆض صإڎڥڎ جۑ ڥإێۑ إغۑ حۑ. ڥف ۽ ښڷډ ضۑ ښۑإښۑ ۆإۑۆ ڶڷڋڵ ۾ صإڎڥڎ ضۑ ڢۆضۑ إێڶۑج ڦإڷ ڵڷۆإیۑ ڷێ حۆ ښڧێضۑ. (ڶجڎضڶ)

(1) The son and other near male relations of Juggoojee appealed against this resumption of the village to the Commissioner in Sindh in December 1854, when the Commissioner was in Parkar. The appeal was reported on in letter No. 341 of 1854, dated 25th December, as follows:-

“Soda Juggoojee was in exile from the date of our force entering Parkar, till he was made over the British Government as a state prisoner, during which period any rights in Parkar which his relationship to the Rana gave him a claim to, were enjoyed by the Rana, he having forfeited them by the murder of his relative, the former Rana by name Ruttun Sing. Whatever therefore may have been his rights in Parkar formerly, they had long ceased to exist when the district under our rule.”

“The only other point for consideration that suggests itself to me, with reference to the petition under report is, whether it was intended, in granting the village of Bhoodesir to Juggoogee Soda, to do so in perpetuity or not. The wording of the correspondence is vague, and the best attention that I have been able to give the subject leaves me doubtful of what was intended; while the grant, whether it be looked on as a life one, or in perpetuity, appears to me in the light of an act of grace, emanating from the British Government as conquerors of Sindh, or as an arrangement of political expediency, rather than as an acknowledgement of Soda Juggoogee’s usurped rights in Parkar, which we had been chiefly instrumental in depriving him of many years previously.”

“It was under this view of the case, that I hesitated in bringing the subject to the notice of the Commissioner, to recommend the continued alienation of the village to the descendants of Soda Juggoojee, considering that their right to it could not be substantiated or deemed valid, in the absence of enjoyment for so many years previous the conquest to Sindh; while the alienation of villages, except where indispensable on principles of equity or expediency, appears a questionable policy.”

“The Acting Commissioner in reply, in February 1856, observes that the late grant was one of grace, and in all respects similar to other life grants which were made by the late Governor, as of grace. Petitioner should there be informed, that the arrangement made in 1853 can not be disturbed.

(1) Vide letter 20 of 1834 dated 28th April from the Government to the Supreme Government received with No. 22 of 28th April from Government.

(1) Vide letter No. 582 dated 28th September 1835 from the Chief Secretary to the Government of India to Agent to Governor General of Sin reporting probable rupture with loud poor.

(1) The command of the Parkar outpost was vested in the officer commanding the Kutch Irregular Horse, who also commanded in Wagur, where he chiefly resided, visiting Parkar, & c. occasionally: in his absence, the senior officer on the sport of the course commanded.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب     ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق    مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org