سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 27

تزڪ جهانگيري جي تڪملي ۾ محمد هادي خان 21 سال جلوس (جنهن جي شروعات 22 جمادي الثاني 1035هه ۾ ٿي هئي) جي واقعي ۾ لکي ٿو: شاهجهان پنهنجا ڪي ماڻهو ساڻ ڪري ٺٽي روانو ٿيو، تنهن زماني ۾ ايران جي بادشاهه، شاه عباس سان سندس دوستي ۽ خط ڪتابت جي واٽ هئي، خود شاهه عباس به هن جي احوال جو منتظر پئي رهيو، ان ڪري شهزادي سوچيو ته انهيءَ پاسي وڃي، جيئن شاه عباس جي ويجهڙائي ۾ هجي. ممڪن آهي ته ان جي اڀل سان سڀئي جهڳڙا ختم ٿي وڃن، جڏهن اها ڳڻ ڪري هو ٺٽي ۾ آيو ته شريف الملڪ اتان جو حاڪم هو: سو نو هزار سوار ۽ ٻارهن هزار پيادا گڏ ڪري، شهر جي قلعي جا گهٽ سوگها جهلي، جنگ لاءِ آماده ٿيو. ٻئي پاسي ٽي چار سو سوار شهزادي سان هئا تنهن ڪري هو مابلي بدران شهر ۾ داخل ٿي گهيري اندر اچي ويو. شريف الملڪ اڳي ئي قلعي جي مرمت ڪرائي اتي توبچي ۽ بندوقچي ويهاري ڇڏيا هئا  ۽ هو يڪدم قلعي ۾ گهڙي آيو ۽ جنگ شروع ڪري ڏنائين. شاهجهان پنهنجي ماڻهن کي جنگ کان جهلي ڇڏيو ۽ کين هدايت ڪيائين ته هروڀرو رعيت کي به انهي ٻوهي ۾ نه آڻين. ان جي باوجود ڪي ماڻهو همت ڪري قلعي تي چڙهي ويا، ليڪن ٻيءَ ڌر جي مڪمل انتظام هئڻ سبب ڪجهه نه ڪري سگهيا. آخر موٽي هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيا. ٿورن ڏينهن کانپوءِ وري قلعي تي ڪاهه ڪيائون. جڏهن مٿي ويا ته ڏٺائون ته قلعي جو ميدان سئون سڌو هو، ان ۾ ڪابه هيٺ مٿانهين يا ٻي ڪابه اڙ ڪانه هئي. هنن پنهنجون ڍالون منهن تي ڏيئي ڪاهيو پر قضا سان پريان پاڻي ڀريل کڏ کين نظر آئي، جنهن کان وڌي اڳتي وڃڻ به محال ته پوئتي ورڻ هنن لاءِ مشڪل ٿي پيو. نيٺ ميدان ۾ ترسي توڪل جو ترهو ٻڌائون. پر انهي وچ ۾ شاهجهان ڪن حالتن سبب مجبور ٿي پيو. سندس عراق وارو سفر پوئتي پئجي ويو، تنهن کان سواءِ کيس شهزادي پرويز جي بيماري جي خبر ملي ۽ پڪ ٿيس ته هو انهي مرض مان چڙهي نه سگهندو، ان لاءِ نورجهان بيگم کيس لکيو هو ته مهابت خان ڪي ابتا پير کڻڻ شروع ڪيا آهن، متان اوهان جي اولاد تي ڪا مصيبت اچي، ان ڪري ڀلائي ان ۾ آهي ته تون دکن ڏانهن موٽي وڃ، جيستائين حالتون سازگار ٿين، ستت ئي هو بيماري ۽ ڪمزوري هوندي پالڪيءَ ۾ سوار ٿي، گجرات ۽ بهار جي پاسي کان دکن ڏانهن ورڻ لڳو. ايتري ۾ شهزادي پرويز جي وفات جي جي خبر اچي پهتيس. (پرويز جي وفات اربع ڏينهن 7- صفر 1035هه ۾ ٿي هئي.)    (تزڪ ص 425-426)

(25)

احمد بيگ خان

(متعلق ص 207- ح 1)

احمد خان (ابراهيم خان فتح جنگ ولد اعتماد الدوله جيڪو مرزا غياث جو ڀائٽيو هو) ماثر الامراء جي بيان موجب: شاهجهان جڏهن (8- جمادي الثاني  1037هه) هندستان جو بادشاهه ٿيو ته هن ک ٻه هزار ذاتي ۽ پندرهن سون سوارن جو منصب عطا ڪري سيوهڻ جو فوج دار ۽ جاگيردار مقرر ڪيائين. ان کانپوءِ هو يمين الدوله آصف خان جي نائب جي حيثيت ۾ ملتان جو حاڪم ٿيو.         (ج 1- ص 195)

 (26)

مرتضى خان مرزا حسام الدين

(متعلق ص 239- ح 1)

مير حسام الدين مرتضى خان انجو ولد مير جمال الدين عضدالدوله، احمد بيگ جي ڀيڻ پرڻيل هو (ماثر ج 3- ص 382). ماثر جي مصنف لکيو آهي: شاهجهان جي تخت نشينيءَ کان پوءِ گذريل ڪارنامن جي ڪري هن کي چار هزاري منصب ۽ ٽي هزار سوارن سان سرفراز ڪيو ويو. انهي سال کيس مرتضى خان جو لقب ۽ نجاهه هزار روڪ ڏيئي سيد خواجه جي جاءِ تي جيڪو ٺٽي ڏانهن ويندي واٽ تي فوت ٿيو هو، ٺٽي جي صوبه داري لاءِ مقرر ڪيو ويو، پر قضا سان هي اڃا اتي ٿانيڪو مس ٿيو ته سال ٻئي جلوس (1039هه) ۾ گذر ڪري ويو. (ج 3-ص 384)

بادشاهه نامه (ج 1- ص 287) مان معلوم ٿئي ٿو ته مرتضى خان جي رحلت کانپوءِ مير ابوالبقا امير خان جيڪو ان وقت ملتان ۾ يمين الدوله جو نائب هو تنهن کي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. بادشاه نامه جي عبارت هن ريت آهي: جڏهن خبر پئي ته مرتضى خان ولد مير جمال الدين حسين خان ان جو ٺٽي جو صوبه دار هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته امير خان (ابوالبقا) ولد قاسم خان (مير ابوالقاسم) نمڪين کي جيڪو يمين الدوله جي نائبيءَ ۾ ملتان پاسي هو تنهن کي انهي صوبي.....تي مقرر ڪيو ويو.

(27)

حڪيم صالح

(متعلق ص 245- ح1)

جڏهن بکر جي راڄڌاني آصف خان جي جاگير ۾ آئي ته حڪيم محمد صالح اتان جو عامل مقرر ٿيو. هي ڪي سال انهي عهدي تي اتي رهيو.

تاريخ معصومي جي ضميمي مان معلوم ٿئي ٿو ته سال 1038هه کان سال 1042هه تائين بکر، نواب آصف جا هي جي جاگير ۾ هو ۽ حڪيم محمد صالح 1043هه تائين اتي رهيو. شيخ فريد بکري مولف ذخيره الخوانين جيڪو ان وقت خان جهان لوڌيءَ جي ملازمت ڇڏي بکر ۾ قيام پذير هو، مرزا حسين جي سلسلي ۾ حڪيم محمد صالح بابت هڪ واقعو بيان ڪيو آهي ته ڪتاب (ذخيره الخوانين) جو مولف دولت خان جي تفرقي ۽ ناراضگي سبب عجيب غريب حالت ۾ ڌڪا ٿاٻا کائيندو اچي پنهنجي وطن بکر ۾ پهتو. مرزا حسين جيڪو تن ڏينهن ۾ بکر جو صوبه دار هو، تنهن سرڪاري اختيار ۽ اعزاز هن ڪمترين کي عطا ڪيا، پنهنجو چڱو گذر ٿيڻ لڳو ۽ ڪافي ملڪيت به هٿ اچي وئي. اها ڳالهه حڪيم محمد صالح، نواب آصف جاهي جي عامل کي نه وڻي. هُن مان سنگهه (وقائع نويس) کان لکرايو ته فلاڻو (شيخ فريد) هتي اچڻ کانپوءِ افغانن کي هڪ هنڌ گڏ پيو ڪري، خان جهان جيڪو سرونج(1) تائين پهچي چڪو هو، تنهن کي بکر اچڻ لاءِ ٿي ڀڙڪايائين ۽ شير خان تري، شال ۽ مستونگ کان اچي بکر جي راڄڌانيءَ واري ڳوٺ گنجابي ۾ لٽ ڦر مچائي ڏني هئي، ان ڪري هن جو هتي رهڻ نقصانڪار آهي. نيٺ فرمان جاري ٿيو ته هن (شيخ فريد) کان معتبر ضامن وٺي کيس شاهي درٻار ڏانهن موڪليو وڃي. پڇاڙي مرزا حسين به اتان بدلي ٿي، هن سان گڏ برهان پور وڃي، شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو.

 

 (28)

محمد علي بيگ بندري

(متعلق ص 245- ح 2)

محمد علي بيگ بندري اصفهاني هو. جهانگير جي زماني ۾ ڪي ڏينهن لاهري بندر جو حاڪم رهيو ۽ کيس بندري لقب ڏنو ويو. پوءِ بکر جو فوجدار ٿيو، جتي سميجن ۽ ٻين وڳوڙين جا فساد جاري هئا، انهن کي پنهنجي سياڻپ سان هٿ آڻي بکر جي قلعي ۾ بند ڪيائين.

جڏهن بکر نواب آصف جاهي ۽ نورجهان بيگم جي جاگير ۾ آيو ته هن کان ڪي ڪوتاهيون ٿيون، جنهن ڪري قيد ۾ پيو. آخر گهڻي خواري کانپوءِ اتي وفات ڪيائين. سندس ڀاڻيجو سلطان احمد نالي ڏاڍو تعصبي هو، ٽن خليفن جا نالا جتي جي تري تي لکي هلندو هو. هن جاهل هئڻ ڪر ائين ٿي ڪيو، جيڪڏهن پڙهيل هجي ها ته ائين نه ڪري ها پر ٺپ جاهل هو. نيٺ کيس به موت اچي ويو.

(ذخيره الخوانين قلمي ص 402)

تاريخ معصومي جي ضميمي ۾ لکيل آهي:”سال 1038هه ۾ بکر جو صوبو نورجهان جي جاگير مان ڦري نواب آصف کي مليو. انهي سال محمد علي بيگ بکر جو فوجدار مقرر ٿيو. هي ڏاڍو چڱو ماڻهو، خدا ترس ۽ بهادر هو. هن سميجن تي ڪاهي کين تاراج ڪيو هو ۽ بودلي نالي سميجي کي ٻڌي بکر جي قلعي ۾ آندو هئائين. محمد عليءَ جي بدلي کانپوءِ بکر جي راڄڌانيءَ تي مرزا حسين حاڪم ٿي آيو.“

(29)

ديندار خان

(متعلق ص 215- ح 1)

هن جو اصل نالو سيد بهوو هو، مرتضى خان بخاريءَ جي عزيزن سان تعلق ٿي رکيائين. 18 سال جلوس جهانگيري ڌاري دهلي جو حاڪم ٿيو. پوءِ جڏهن مهابت خان گستاخي جو مرتڪب ٿيو ۽ سلطنت جي نافرماني ڪيائين ته هن کي ان جي پٺيان ويل فوج سان شامل ڪيو ويو. اهي اجمير پهچي هڪٻئي سان دوبدو ٿيا، انهي وچ ۾ جهانگير جو انتقال ٿيو ۽ شاهجهان انهي مهم کي سر ڪرڻ لاءِ ويو. هي پهرئين سال جلوس شاهجهاني ڌاري ٻه هزاري منصب ٻارهن سو سوارن ۽ ديندار خان جي لقب سان سرفراز ٿيو. کيس خلعت، جڙائو خنجر ۽ گهوڙو عنايت ڪري دوآبي جي فوجداريءَ تي رکيو ويو.

اٺين سال جلوس ڌاري شاهجهان لاهور کان آگري جي دارالخلافه ڏانهن اُسهيو ۽ اسلام خان کي هڪ فوج سان گڏي دوآبي جي وڳوڙين کي سيکت ڏيڻ لاءِ روانو ڪيائين. ديندار خان به ان جي همراهي ۾ اوڏانهن ويو. ان کانپوءِ ساڳئي سال شهزادي محمد اورنگزيب بهادر سان گڏ جڏهن هو ججهار سنگهه بنديلي سان منهن ڏيڻ لاءِ روانو ٿيو ته هن کي به ان مهم ت يمقرر ڪيو ويو. ٿوري عرصي کانپوءِ (1045هه) ۾ وفات ڪيائين. (ماثر الامراء جلد 2 ص 23-24)

ذخيره الخوانين جي مولف لکيو آهي: هي شاهجهان جي دور ۾ ديندار جي خطاب سان سرفراز ٿيو. کيس سيوهڻ جي راڄڌاني جاگير طور ڏني وئي. اتي چڱا ڏينهن گذاريائين. هر مهيني هڪ بزرگ جو عرس پئي ڪيائين، جنهن ۾ ديڳيون جام پئي چڙهيون. نماز، روزي، اشراق، اضحى ۽ تهجد ڏانهن گهڻو مائل هو. خيرات به گهڻي ٿي ڪيائين. مرتضى خان کي ياد ڪري سدائين پيو روئندو هو. پنهنجي پٽ تي شيخ فريد نالو رکيو هئائين، جيڪو قطب الاقطاب ميان سيد جلال ولد ميران سيد محمد بخاري گجراتي جو ناٺي هو. ديندار خان جو جهڙو نالو هو تهڙا ئي اوصاف هيس، هي طبعي موت مري ويو هو. قلندر جي درگاهه ۽ شيخ ڇٽي امراڻي جي مزار تي هن جيڪي ڪتبا لڳرايا هئا، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي سال 40-41-42-1043هه تائين سيوهڻ ۾ هو.

(30)

جان نثار خان

(متعلق ص 252 ح 1)

ڪمال الدين حسين نالي، جان نثار خان جنيري، شاهجهان جي شهزادگي واري زماني ۾ سندس چڱن خدمتگارن مان مزاج شناس وفادار ۽ فداڪار ملازم هو، ٽئين سال جلوس شاهجهاني ڌاري ديانت خان جي انتقال کانوپءِ هي احمد نگر جو قلعي دار مقرر ٿيو، کيس چاليهه هزار رپيا راه خرچ جي مدد طور مليا. چوٿين سال جلوس شاهجهاني ڌاري هن کي پنج سئو منصب ۽ پنج سئو سوارن سان سرفراز ڪري، مکي جهنگل جو فوجدار مامور ڪيو ويو. ان کانپوءِ هي سيوهڻ جو فوجدار مقرر ٿي آيو. يارهين سال جلوس ڌاري جڏهن شاهي فوجن قنڌار واري قلعي تي چڙهائي ڪئي ۽ اوسي پاسي جا صوبه دار توڙي فوجدار پنهنجي سپاهه صميت مدد طور اوڏانهن وڃي پهتا ته جان نثار خان به پنهنجي علائقي مان اوڏانهن ويو ۽ پنهنجون خدمتون انهي مهم سر ڪرڻ لاءِ سرانجام ڏنائين.

جان نثار خان، قنڌار جي صوبه دار قليچ خان جي همراهيءَ قلعي تي چڙهائيءَ دوران ڏاڍي سورهيائي ڏيکاري چڪو هو. سال ٻارهين جلوس ڌاري سندس منصب ۾ پنجن سون سوارن جو اضافو ڪري کيس سيوهڻ کان بکر موڪليو ويو، جتي يوسف محمد خان جي بدلي سبب پنهنجي عهدي تي فائز ٿيو، انهي ئي سال سندس رحلت ٿي.

ذخيره الخوانين ۾ لکيل آهي: جان نثار خان جڏهن سيوهڻ جو حاڪم هو ته اتان جي وڏيرن سميجن ۽ سوڍن مان ڪيئي ڇوڪريون پنهنجي نڪاح ۾ آنديون هئائين، تنهن ڪري سندس عملداير وڌيڪ جٽاءُ ڪيو ۽ ڪو به گوڙ وڳوڙ پيدا نه ٿيو. پڇاڙي جڏهن مئو ته وڏيرن مان هرڪو پنهنجي ڌيءَ کي پنهنجي پنهنجي گهر وٺي ويو، شايد اهي واقعا بکر جي راڄڌانيءَ سان تعلق رکندا هجن، جا سيوهڻ جي راڄڌانيءَ لڳ آهي. اهو گمان ان ڪري پيدا ٿئي ٿو ته هن جي وفات سيوهڻ ۾ ڪانه ٿي هئي.

(ماثر الامراء ع 1- ص 527- 529)

ڏسڻي

ماڻهن جا نالا

آري شينهاڻي پير 287.

آصف جاه (نواب) 122ح، 288، 288ح، 379، 380، 381.

آقا محمد 198.

آمر 338.

آبا بيگ 194، 194ح.

ابراهيم افغان 208.

ابراهيم بلوچ 133، 242، 243.

ابراهيم بيگ (سعيد خان چغتي جو ڏاڏو) 343.

ابراهيم بيگ (چريڪ) 346.

ابراهيم بيگ ديوان 139.

ابراهيم خان فتح جنگ 376.

ابن بطوطه 231.

ابو اسحاق ابراهيم شيخ 328.

ابوالبقا امير خان ولد ابوالقاسم

نمڪين 132، 132ح، 138، 138ح، 139ح، 140، 141، 146، 147، 148ح، 205، 206، 206ح، 208، 209، 210، 211، 212، 213، 214، 215، 216، 216ح،

ابوبڪر سيد 297.

ابو سعيد قاضي 370.

احمد بيگ 163، 164، 172، 238، 239، 241، 244، 245، 246، 247، 248، 259، 261، 289، 295، 296، 300، 304، 375، 376، 377.

اختيار الدين 332.

ارباب بهاءُ الدين 383.

ارباب دائود 240.

ارباب علي 240.

ارباب نندو 314.

ارجمند بانو 288ح، 374.

اسڪندر 332.

اسلام خان 383.

اسماعيل بنامام جعفر صادق 327.

اسماعيل شورو 145، 248، 150.

اعتماد الدوله غياث بيگ 288ح، 376.

اڪبر بادشاهه 109، 114، 117، 117ح، 128، 131، 132، 134، 143ح، 159، 168، 182، 193، 201، 202، 210، 229ح، 265، 269، 333، 343، 347، 355، 360، 364، 369ح، 372،

  194، 221، 222، 265،      281، 294، 300.

بدايوني 115ح.

بدخشي شاه 328.

بلبن سلطان 325.

بودلو سميجو 186، 274، 382.

بو علي 326

بهاءُ الدين بخاري 131، 160.

بهاء الدين زڪريا ملتاني 157ح،

328، 330.

بهادر خان اوزبڪ 148، 226.

بهادر خان ترين 160ح.

بهرام مرزا 138ح 258.

بي بي حليمه 164.

بي بي فاطمه 339، 241.

بيگ محمد قرق اوزبڪ  226. بيگم ممتاز محل 288ح.

بيورج 347

پربت هندو 254

پرويز 375.

پريو (سردار) 186، 196.

پير ٽوپڻ 250.

تاج خان 132، 133، 133ح، 145، 211، 360.

جنداڻي 208، 305،

جنگي خان 134.

جوڌو سردار 186.

جهانگير بادشاهه 132، 137.

143ح،  144، 148، 149، 150، 202، 203، 204، 210، 345، 346، 349، 350، 355، 356، 358، 359، 360، 364، 370، 371، 381، 383.

جيسر هندو 195، 196.

جيئندو 186.

چاڳلو وزير ڄام نندو 283.

چانڊيو جابلو ٻروچ 179.

چڪو خاصخيلي 188ح

ڄام خيرالدين 260، 260ح

ڄام نندو نظام الدين 283

ڄام هالو 137.

جهولجهار 150.

ڇٽو عمراڻي 157، 253ح، 338. 339، 340، 341.

حاجي ولد بجار جوکيو 151.

حسام الدين راشيد سيد 141ح، 314ح، 352.

حسام الدين مرزا 139، 139ح، 239، 246.

خضر خواجه 110.

خليل الرحمان 250.

خواجه اويس قرني 151، 299.

خواجه باقي 372.

خواجه جان 144، 145.

خواجه جمڌر 344.

خواجه خان 169.

خواجه رستم بخشي 160ح.

خواجه عارف 235.

خواجه محمد سلطان 144.

خواجه نور الدين ڪروڙي 196، 197، 198، 199ح.

خواجه هاشم 372.

خوشم بيگ 148، 227، 228.

خير الدين ڄام 260، 260ح.

دارا شڪوهه 328.

دارو 160، 160ح.

دائود پهنور 163.

دائود پوٽو ڊاڪٽر 115ح، 128ح.

دائود شورو 145، 146، 148، 149.

درويش بيگ 203.

دريا خان شهيد 283.

دليت ولد راءِ سنگهه 160ح.

دلو راءُ راجا 338، 341.

دوست بيگ مرزا 146، 212، 287.

سائين ڏنو 143، 145، 305.

سپيرا افغان 228.

سردار بودلو 274.

سردار خان 202، 203، 204.

سرمست سچل 309ح.

سعد الله 343.

سعيد خان 201، 202، 343.

سعدي شيخ 183.

سلطان احمد 381.

سلطان حسين مرزا 138ح، 358.

سلطان خرم 366.

سلطان سليم 345.

سلطان شهر يار 234، 234ح.

سلطان محمد برتتڪالي 162، 279.

سلطان محمد تغلق 259.

سلطان محمد خان شهيد 335.

سلطان محمود 112م، 113، 114، 114ح، 127، 128،131، 134، 135ح.

سيد ابراهيم 328.

سيد احمد شاهه 328.

سيد ابوبڪر 297.

سيد باقر 228.

سيد بهاءُالدين بخاري 131ح، 160ح.

سيد جلال 149ح، 292، 297.

سيد جنگ 250.

202، 345، 246، 247، 248، 290، 360.

شاهه جمال 328، 330.

شاهه جهان بادشاهه 228، 234ح، 245، 246، 288ح، 333، 357، 372، 373، 374، 375، 376، 383، 384.

شاهه حسن ارغون 113ح، 134، 168، 168ح.

شاهه خضر سيوستاني 328.

شاهه خواجه 148، 149.

شاهه رخ مرزا 186.

شاهه شمس 326.

شاهه عباس صفوي 132، 203، 228، 228ح، 374.

شاهه عثمان قلندر 328.

شاهه علي مهديجو 122ح.

شاهه قاسم خان زمان 186ه.

شاهه محمد 151.

شجاعت راءِ 143.

شربيگ 207.

شرير الملڪ 234، 235، 236.

شريف الملڪ 373، 374، 375.

شريف خان 373.

شمس الدين 235.

شمس الدين 326.

شمس الدين سيد 328.

شيخ حبيب 247.

شيخ سعدي 187.

شيخ عاقل شهيد 328.

شيخ عثمان 328، 329.

شيخ فتح خان 247.

شيخ فريد بکري 379.

شيخ فريد شڪر گنج 157، 330.

شيخ فريد مرتضى خان 328.

شيخ فيضي ملڪ الشعراءَ 160ح.

شيخ مهمد بغدادي 331.

شيخ مرتضى سبحاني 328.

شيخ مسڪين شهيد 328.

شيخ مصطفى 236ئ

شيخ موسى گيلاني 198، 199ح.

شيخو بيگ 251.

شير بيگ 305، 306ح، 352.

شير خان 160ح.

شير خان افغان 142، 143ح.

شير خان ترين 380.

شير خواجه 177، 231، 232، 233، 235، 274.

صابر (شاعر) 336.

صالح خان ترخان 182.

صدرالدين شيخ 325، 330.

صديق 245.

صلاح الدين بن سيد شاهه 328.

صمصام الدوله 140، 141، 162، 165.

عتيق الله (مير ابو البقا جو پٽ) 213، 228، 294، 362، 363.

عثمان مروندي شيخ (مخدوم لعل شهباز قلندر) 157، 158، 158ح، 253ح، 325، 328، 329، 331.

عثمان شاعر 340.

عربي (حلال خور) 250.

عزيز ڪوڪ 191، 191ح.

عضد الدوله 377.

عطاءُ الله مشهدي مير 202.

علي (حضرت علي ) 158.

علي شير ارغون 352.

عمران عرب 341.

عيسو پهنور 163، 192، 303، 304.

عيسى ترخان مرزا 159، 161، 161ح، 182ح، 214.

غازي بيگ ترخان مرزا 142، 143، 143ح، 144، 201،202، 202ح، 203، 204، 205، 2206، 206ح، 209، 211، 304، 305، 333، 343، 344، 345، 348، 349، 351، 352، 357، 358، 359.

قاضي پيرو 254.

قاضي عبدالواحد 242، 243.

قاضي قاذن 114، 218ح.

قاضي محمود 358.

قرا بيگ ترڪمان 160ح، 198، 199ح، 203.

قرخاني 348، (بڻ ڏسو قرا بيگ).

قلي جان 201.

قليچ خان 251، 358.

قمبر خواجه 227.

قوج علي شاملو 186.

قوج علي ڪرد 132، 132ح، 133، 134، 186.

ڪبير الدين سيد (شهباز قلندر جو والد ) 328.

ڪبير الدين ولد صدر الدين سيد 328.

ڪرم علي جهلي 329.

ڪرم علي خان ٽالپور مير 336.

ڪرن سردار 173.

ڪمال الدين حسين (جان نثار خان) 252، 329.

گهوريو 171، 199ح، 302.

گهوريو ٿيٻو 212.

گهوريو هندو 171، 195، 197، 302.

محمد خان نيازي ميان 160ح.

محمد رضا بيگ 239.

محمد شفيع لاهوري 332.

محمد صادق خان 117ح.

محمد عدل مير (مير سيد محمد) 115، 115ح، 116.

محمد علي بيگ بندري 122ح، 145، 274، 314، 381، 382.

محمد هادي خان 374.

محمود 186.

محمد شاهه ولد سيد احمد شاهه 328.

مخدوم جلال جهانيان 157.

مرتضِى سبحاني سيد 328.

مرتضى خان ثاني 139، 139ح، 239، 246، 377، 378.

مرزا انور 191، 192، 342.

مرزا حسين 379، 380، 383.

مرزا حڪيم 345، 351، 360.

مرزا رستم 133ح، 138ح، 358، 359.

مرزا غياث 288ح، 376 (پڻ ڏسو اعتقاد الدوله).

مرزا مجاهد 134.

مرزا محمد (يوسف ميرڪ جو ڀائٽيو) 148.

ميان مير سنڌي 328.

مير پٽ عيسو پهنور 303.

مير ابڙو 122.

مير عاقل 232. 234.

مير عدل 115، 115ح، 116.

مير فاضل 113، 114، 114ح.

مير ڪامل 215.

مير مائل 365.

مير هاشم 245، 246.

ميران جيو (سيد با يزيد بخاري) 370.

ميران سيد جلال 369، 384.

ميران سيد محمد بخاري 384.

ميران صدر جهان 110، 355.

ميران عبدالڪريم 162، 165ح.

ناتالو (سردار) 222.

ٺارو 143.

نامي (مير معصوم ) 160.

ناهيد بيگم 281.

نصير الدين ولد مخدوم جعفر 284.

نعمت الله 275.

نمڪين (مير ابو القاسم ) 353.

نندو ابڙو 122ح.

نندو ڄام 283.

نواب بختيار بيگ 131ح.

نور الله 147.

نورالدين ولد سيد اسماعيل 328.

 

228، 245، 246، 246ح، 294، 344، 361، 362، 363، 377، 378.

ابوالبقا اوزبڪ 244.

ابوالحسن مرزا 288ح.

ابوالفضل 202.

ابوالفضل سيد 116.

ابوالقاسم نمڪين 109، 131، 131ح، 132، 132ح، 158، 168، 178، 183ح، 193، 199، 199ح، 200، 201، 202، 202ح، 203، 204، 204ح، 205، 206، 208، 209، 210، 221، 222، 265، 266، 294، 297، 300، 344، 353، 354، 378.

ابوالقاسم ولد ابوالبقا 141ح، 142.

ابوالقاسم طباطبا 248.

ابوالمظفر شهاب الدين 246، 321.

ابوالمڪارم ”شهود“ 353.

ابوالنبي 367.

امين الدين حسين خان 353.

انور مرزا 191، 192، 242.

آني راءِ سنگهه 359.

اورنگزيب 383.

اويس قرني 131، 299.

بابا ابراهيم 330.

بابا بيگ 194.

بابا جوجڪ 113.

بابو پليجو 148، 150.

بادشاهه خواجه (شير خواجه، باقي جان خواجه) 177، 225، 231، 232، 233، 235، 274.

باقر ڪاردار 335.

باقي ترخان (مرزا محمد باقي)

159، 159ح، 182، 186ح.

باقي خان 367.

بايزيد (نائب ابوالقاسم نمڪين)

200.

بايزيد بخاري سيد 116، 116 ح، 123، 134، 149، 150، 151، 311، 369، 370، 371.

بجار جوکيو 151.

بختيار بيگ 160ح، 163، 183، 186، 187، 188، 189، 190، 191، 192، 192ح،

تاش بيگ 123ح، 360، 361.

تخته بيگ 248، 351.

تغلق شاهه 331.

تماچي ڄام 260ح.

توتان (بهادر بلوچ) 188، 188ح.

توخته بيگ 202، 345، 348.

توڏر مل راجا 160، 160ح،

تيمور بيگ 196، 197، ثاني، مرتضى خان 139.

جان نثار خان 252، 385.

جان محمد 198.

جانش خان 160ح.

جاني بيگ مرزا 143ح، 159، 160، 160ح، 182، 189، 90، 201، 298، 333، 334، 343، 344، 357، 358.

ججهار سنگهه 383.

جعفر بوبڪائي مخدوم 161، 162ح، 164، 165ح، 283،

جعفر صادق (امام) 328، 330.

جلال بخاري (مخدوم) 369.

جلال پنهور 163، 192.

جمال خدمتگار 213.

جمال الدين حسين 139.

جمال الدين عضدالدوله 377.

جمال شيخ 328، 330.

حسن بصري 111.

حسن علي عرب 160ح.

حسين ( رضي الله عنه) 328.

حسين مرزا 379، 380.

حسين خان شاملو 345، 346، 347.

حسين علي شاهه سيوهاڻي 240.

حضور اڪرم 164.

حڪيم سنائي 257.

حڪيم صالح 141، 141ح، 245، 313، 314، 315.

حميد شور 142.

حيدر 304.

حيدر بيگ 191.

خان اعظم 191، 191ح.

خان جهان 379، 380ح.

خان خانان مهابت خان 234ح، 375.

خان خانان عبدالرهيم 117، 132، 137ح، 159، 160ح، 182، 183، 234، 333.

خان دوران شاهه بيگ خان 160ح.

خرم شهزادو 366.

خسرو بيگ 142، 143، 144، 190، 305.

خسرو خان 202ح.

خسرو خان چرڪس 357، 358.

دولت خان لوڌي 160ح.

ديالداس 314.

ديانت خان 375.

ديندار خان 142، 169، 172، 174، 248، 250، 251، 252، 253، 257، 259، 266، 289، 292، 293، 296، 300، 333، 383، 384.

ذوالنون ارغون 111.

ڌارو 160، 160ح.

ڌڻي پرتو 200، 214، 217، 218.

راڻو عمر 137.

راءِ سنگهه 171، 305.

رائحه بيگم 182.

رحمان قلي 187، 189، 190.

رستم 142.

رستم مرزا قنڌاري 138، 211، 211ح، 358، 359.

رڪن الدين 332.

روشن سلطان 305.

رونجهي راڻي 200.

زمان بيگ 234ح.

زين العابدين (امام) 328.

زين خان 342، 345.

ساند (سردار) 172.

سيد حسن 296.

سيد حسن ڪبير الدين 328.

سيد خالد بن محب 328.

سيد خواجه 377.

سيد شاهه بن سيد خالد 328.

سيد عثمان 328.

سيد عطاءُ الله مشهدي 202.

سيد غالب 328.

سيد قادري 328.

سيد ڪمال 292.

سيد محب بن مشتاق 328.

سيد محمد (مير عدل ) 115.

سيد مشتاق بن نور الدين سيد 328.

سيد منتخب بن سيد غالب 328.

سيد منصور بن سيد اسماعيل 328.

سيد مهدي بن سيد منتخب 328.

سيد هادي بن مهدي 328.

سيد يوسف 296.

سيد يوسف ارباب 250.

سيف الملوڪ ڪاشغري 237، 238.

شاهه اسڪندر 328.

شاهه اسماعيل 138ح.

شاهه بدخشي 328.

شاهه بيگ ارغون 111، 111ح، 112، 112ح، 113، 113ح، 114، 120، 168.

شاهه بيگ خان ڪابلي 160ح.

شمس الدين بن نور شاهه 328.

شمس الدين محمد خان 191ح.

شمشير خان اوزبڪ 139، 144، 145، 146، 148، 163، 164، 167، 169، 172، 174، 210، 211، 215، 216، 216ح، 218، 219، 220، 222، 223، 224، 226، 228، 229، 231، 232، 257، 263، 265، 266، 294، 296، 299، 300، 356، 357، 360، 361، 364، 366.

شهاب الدين سهر وردي 328.

شهاب الدين محمد 246، 321.

شهباز خان 305.

شهبازي 143.

شهه بيگ 202، 203، 314.

شهه بيگ خان 202.

شهمير 172.

شهريار 234، 234ح.

شهسوار 186.

شيخ بولو 134.

شيخ بهاءُ الدين زڪريا 157، 325، 328، 330.

شيخ جمال 328، 330.

شيخ ڇٽو 157، 253ح، 338، 339، 340، 341، 384.

ضياءُ الدين يوسف پٽ مرتضى خان ثاني 141.

ضياءُ برني 325، 331.

طالبي سميجو 206، 207.

طاهر محمد شقدار (پرڳڻي جو حاڪم ) 314.

طيب 200، 214، 227، 218.

عاد ثمود 221ح.

عارف خواجه 235.

عباس (حضرت عباس) 335.

عبدالباقي 258.

عبدالرحمان 194.

عبدالرحمان (مير عدل) 370.

عبدالرحيم خان خانان 117ح، 132.

عبدالرزاق حسيني 365.

عبدالعلي ترخان 161ح.

عبدالقادر جيلاني شيخ 328.

عبدالڪريم ميران پٽ يعقوب بوبڪائي 163، 165ح.

عبدالله بن عمر 257.

عبدالنبي 355.

عبدالواحد قاضي سامتاڻي وارو 242، 243.

عبدالواحد ارباب 314.

عبدالوپاحد سيد (سيد با يزيد بخاري جو پٽ) 369.

غلام شاهه ڪلهوڙو (سنڌ جو والي) 335.

غلام علي آزاد بلگرامي مير 339.

غلام علي مائل مير 336، 337، 365.

غياث بڀيگ اعتماد الدوله مرزا 288ح.

غياث مرزا 376.

غيور بيگ 234ح.

فتح جنگ ابراهيم خان ولد اعتماد الدوله مرزا غياث 376.

فتح خان شيخ 247.

فتح علي 208، 209.

فتح محمد سيوهاڻي 326.

فتحي 208، 305.

فريد (سميجو انڙ سردار) 186، 200.

فريدون خان برلاس 160ح.

فيروز تغلق سلطان 331، 333، 334.

فيروز شاهه 260.

فيضي شيخ 160ح.

قاسم باريجو 221، 284.

قاسم خان ارغون 143، 186، 186ح، 187، 205، 208، 305.

قاسم خان نمڪين 378 (۽ ڏسو ابو القاسم نمڪين).

لاکو پٽ پريو سميجو 214.

لالو مهر 113.

لطف الله 142.

لطيف بيگ 235.

مان سنگهه (بکر جو ديوان) 245، 248، 249، 258، 314.

ماڻڪ راءِ 197، 203، 302، 304، 305، 306.

مائل 365.

مبارڪ خان 134.

مجاهد مرزا 134.

محبت علي ٺٽوي سنڌي 330.

محبت چاڪر 146.

محمد مرزا 148.

محمد بن امام زين العابدين علي 328.

محمد بن زندهه علي بيگ 141ح.

محمد باقر 369.

محمد باقي ترخان 159، 159ح، 182، 186ح.

محمد بغدادي شيخ 331.

محمد حسين قاضي 370.

محمد حڪيم مرزا 345، 351، 360.

محمد خان سيد 320.

محمد خان شهيد (ولد سلطان بلبن) 325.

مرزا يوسف (احمد بيگ جو ڀاءُ) 239، 241، 243، 244، 247.

مريد سردار 223، 224.

مصطفى خان (سيد با يزيد بخاري) 234.

مظفر حسين قنڌاري 346، 366.

مظفر خان معموري (مير عبدالرزاق) 138، 139، 144، 146، 147، 148، 215، 216، 364، 365.

معصوم بکري مير 110ح، 111، 114ح، 117، 117ح، 118، 123، 124، 128ح، 160ح، 183ح، 193، 194ح.

مقصود بيگ 183.

ملا راجو 227.

ممتاز محل (ارجمند بانو ) 288ح.

مناهيو دل 145، 147.

منظور چاڪر 212، 213،.

موسو پهنور 163، 192.

موسى خان افغان 140.

مولوي خان محمد نوحاڻي 188ح.

موندر 188ح.

مهدي سلطان 237، 238.

ميان ٻڌو 369.

ميان دولت خان لوڌي 160ح.

نور جهان بيگم 270، 288، 375، 381.

نور شاهه ولد سيد محمود شاهه 328ح.

نوروز بيگ 236، 237.

نوشيروان عادل 318.

وتراج 314.

ولسن ڊاڪٽر 157ح.

ونس گوپال 314.

هاشم مير 245، 346.

همايون بادشاهه 168.

هندو خان 143.

هنري ڪزنس 157ح.

يار محمد ڪوڪ 233، 235.

يعقوب بوبڪائي 162، 165ح،

يعقوب بيگ ولد ابراهيم بيگ 343.

يمين الدوله (آصف خان) 122ح، 281، 363، 376، 377، 378، 381.

يوسف سميجو 140.

يوسف محمد خان 386.

يوسف ميرڪ (موءلف مظهر شاهجهاني) 166، 204، 210، 217، 218ح، 220، 228، 244، 245، 284، 318.

قومون ۽ قبيلا

آبڙا 120، 121، 161،

ارعون 162، 181.

انڙ 176، 197، 296.

اوٺا 175.

اوزبڪ 144، 210، 225، 226، 227، 229، 230.

باريجا 220، 221،

بڙدي 120، 121.

بڪيجا 120، 121، 161، 165، 175.

بوبڪ 164.

بهڻ 116، 149.

ٻٻر 142، 144، 148، 150، 302.

ٻروچ 133، 135، 159، 189، 191، 222، 294.

ٻگهيا 279.

ڀان 164، 175.

ڀچا 165، 165ح.

ترخان 137، 142، 143، 152، 162، 181، 282.

ترڪ 111، 171، 231، 251ح.

ترڪمان 183، 192.

ٿهيم 241.

خواجا 163، 165،

داور 304.

دراوڙ 221.

دل 144، 148، 150، 175، 176، 302.

ديناري 121، 129.

ڌاريجا 111، 112، 112ح، 113، 114، 176، 214، 297.

ڏاهري 171، 176.

ڏيٿا 171

ڊومبڪي 121،

راجپوت 160، 177.

راڄپر 116، 175.

راهه پوٽا 164.

راهوجا 171، 176، 178، 214، 217.

راهو 176،

رند 121، 129.

زهري 135

ساريا 176، 177.

ساند 176.

سانيگ 120، 121، 121، 161.

سما 111

سميجا 16، 120، 121، 122ح، 140، 141، 147، 161،

سميجا پريا 171

سميجا جوڻيجا 138

سميجا دل 138، 129، 142، 165، 211.

سميجا ڏاهري 171.

سميجا ساند 138.

سميجا ڪيريا 138.

سوڍا 138، 218.

سهتا 116، 177، 183، 277،

سيد 112، 112ح، 164، 167، 301، 314.

شر بلوچ 120.

شورا 142، 143، 144، 146، 148، 149، 150، 302.

شيخ 164، 170، 171.

عرب 160ح، 341.

فيروزيجا 176، 178، 214، 217.

قريشي 163.

ڪارا چانڊيا 178، 179.

ڪٽوهر 121.

ڪچڇار 225ح.

ڪرمتي بلوچ 151، 152.

ڪورائي 120.

ڪوريجا 142، 167، 169،

 

 

 

ناريجا 142

نڪامرا 137

نوت بلوچ 291.

نوحاڻي بلوچ 188، 188ح، 189، 221، 221ح، 222، 223، 284، 293.

نومڙاي 143، 150، 151، 179، 182، 188، 189، 201، 212، 222، 223، 225.

ٿيٻا 161، 162، 175، 176، 201، 280.

ٽالپور 336.

پٺاڻ 131، 131ح، 132، 124، 274.

پريا 161، 175، 279.

پلي 171.

پليجا 142.

پنهور 111، 161، 163، 164، 165، 170، 177، 191، 192، 194، 195، 196، 220، 235، 239، 247، 248، 277، 303، 304، پني 131، 131ح، 132، 134.

جتوئي 120.

جوکيا 151، 152.

جوڻيجا 161، 169، 175، 279.

چانڊيا 121، 162، 178، 179، 182، 191، 192، 201، 212، 219، 220، 247، 249، 275، 280، 282.

چرڪس 187.

خاسائي شورا 145، 146، 218

خلجي.164، 172، 175، 176، 179، 187، 191، 195، 196، 197، 200، 203، 205، 207، 213، 214، 215، 216، 217، 218، 219، 219ح، 222،  228، 238،، 247، 249، 250، 251، 252، 273، 274، 275، 276، 277، 278، 295، 196، 297، 300.

سميجا انڙ 119، 139، 140، 141، 169، 170، 172، 173، 174، 181، 182، 185، 186، 195، 196، 199ح، 204، 205، 207، 208، 209، 211، 212، 214، 225، 216، 222، 227، 229، 232، 235، 237، 247، 249، 251، 252، 262، 272، 278، 297، 300، 301.

سميجا اوٺا 171.

سميجا بڪيجا 164، 170، 171، 206.

سميجا ٿيٻا 164، 201، 207، 212، 235.

 

 

 

170، 171، 177، 191، 195، 196، 277.

ڪهيري 128ح، 137.

ڪيريا 17.

کيبر 175.

ڳاهيجا 168.

ڳورا (ڀورا چانڊيا) 187، 179.

لاشاري 121، 129.

لاکا 167، 169، 171، 173، 174، 177، 200، 204، 205، 208، 209، 251، 278، 300، 301.

لاکير 121، 175، 195، 214.

لنجار 142

ماڇي 113، 163، 188.

مغل 261، 132، 133، 134، 144، 205.

ملاح 145، 218.

ملڪ 161.

مناهيجا 178، 214، 217.

منگسي 121، 129، 204.

منگواڻا 176، 214، 215.

مهانا 249.

مهديجا 121.

مهر 111، 120،

ميراثي 153.

مينڌرا 137.

226، 236، 237، 238، 247، 248، 250، 282، 296، 308، 310.

هالا 177.

هالي پوٽا 170، 172، 177، 278،

هندو 158، 158ح، 165، 195، 383، 305.

هوسڙا 145، 146، 218، 173، يوسف زئي 345.

جاگرافيائي ماڳ

آگرو 202، 210، 347، 261، 282.

آمري 167ح، 168، 168ح، 169، 297.

آنڪي 285.

ابڙيجا (ڳوٺ) 275، 278.

اٻاوڙو 119، 132، 133، 210، 361.

اجمير 358، 364.

اچ 131ح، 369.

ادرٻيلي 169، 298.

اراڙي 130، 239، 285،

اروڙ 111، 273، 338،

اڪبر آباد 163، 188، 189، 212، 219، 235، 239، 240، 247.

اڳناڙي 285.

افغانستان 331، 350.

انڙپور 160ح، 189، 189ح.

انون ٻيلو 149، 150، 159، 302.

اوٿو 284.

اويس قرني جي نظرگاهه 151، 299.

248، 257، 261، 262، 272، 274، 275، 277، 278، 279، 285، 298، 304، 312، 313، 314، 315، 242، 343، 351، 358، 360، 370، 371، 379، 380، 381، 382.

بلگرام 330.

بنگال 242، 347، 364.

بوبڪ پرڳڻو 164، 172، 220، 221، 223، 224، 247، 254، 281، 283، 284، 286، 293

بهڻن وارو گهٽ 149.

بهڻن وارو ڳوٺ 195.

ٻڍاپور 189، 189ح،

ٻيٽو 201، 201ح.

ٻٻري (ڳوٺ) 195.

ٻيلي شيخ ممون 296.

ڀانڀرا 738.

ڀت (جهلم درياهه) 234ح.

ڀچراهه 115ح.

ڀوترو (ڀٽڙو) 295.

پاٽ 130، 130ح، 163، 163ح، 179، 207، 247، 285

پاهڻي ڪوٽ 286.

پٽنه 369.

 

ٺٽي (ڳوٺ) 241، 169، 296، ٺٽي ولي محمد 168، 168ح، 296، ٺيڙهي 201، 201ح، 225، 289، 294.

ٽڪر پرڳڻو 121، 126، 261، 164، 311، 314.

ٽهڻي 223، 223ح، 276.

جانڙو (جانهري) 207.

جتوئي پرڳڻو 120، 311.

جلال آباد 203.

جندائي ديرو 306.

جوکي هرڻي 122ح

جوڻ سرڪار 160.

جوڻيجا پرڳڻو 177، 195، 199، 205، 272، 277، 300، 301.

جوڻيجن جو ڳوٺ 216، 245.

جيسروت 169. 298، 300.

جيسلمير 111، 119، 178، 177، 197، 206، 207، 213، 273، 275، 279.

جيڪب آباد 209.

جهانگارا 286

حسن ابدال 350

حويلي سيوهڻ پرڳڻو 179، 189، 200، 201، 223، 224،

ڇڇر وڏا 167.

ڇني ڳوٺ 161، 201، 201ح، 223ح.

دادو 201ح، 221ح، 223ح، 227ح.

داديجي واهه 224.

درٻيلو 116، 117ح، 118، 122ح ، 141، 149، 177، 201، 273، 275، 282.

درگاهه مائي رونجهي 200ح.

دري (قلعو) 120.

دکن 347، 369ح.

دولت آباد 229.

دهلي 374.

ديجر 115.

ديهه ڳوٺ 200.

ڊومڪ 285.

ڏيڙاڻ 177، 203، 207، 217.

رفيعان 216.

روهڙي 109، 111، 114، 353، 362.

ريل ڍنڍ 170.

ساڌ ٻيلو 110، ساڌر 285.

ساڪرو 151.

سال (ڳوٺ) 176.

250،  260، 272، 296، 297، 298، 299، 301.

سنڌ 111، 112، 113ح، 117ح، 186، 260، 260ح، 261، 276، 287، 309، 309ح، 311، 326، 331، 333، 335،

سونهري ڍنڍ 164، 197.

سيتا سر 110.

سيت پور 110، 130، 130ح 157.

سيٺارجا 343

سيدن جو ڳوٺ 296

سيڪڙجي 303

سيوهڻ (سرڪار) 113، 113ح، 119، 121، 128، 131ه، 119، 121، 128، 131ح، 138، 139، 142، 143، 144، 145، 146، 147، 148، 149، 150، 152، 157، 161، 163، 164ح، 165، 166، 167، 168، 172، 173، 177، 178، 179، 180، 182، 183، 183ح، 186، 187، 189، 191، 192، 192ح، 194، 195،

شڪار گاهه 178.

صابو واري ڍنڍ 213.

صاڀو (ڳوٺ) 178، 207.

صفه صفا 109، 141ح، 158، 353، 362.

صفه وفا 158،

صيدگر (سعد ڳڙهه) 207، 208.

طغرل آباد 136،

عجم 373.

عراق 136، 230، 373، 375،

عزيزاڻي 286،

فتح پور پرڳڻو 122ح،

فرنگ 136.

ڦلجي 162، 164ح، 279.

قاضي احمد (شهر ) 173.

قنڌار 111، 130، 130ح، 131ح، 143، 144، 148، 149، 162، 169، 194، 194ح، 226، 227، 228، 228ح، 345، 346، 347، 348، 349، 350، 351، 352، 359، 360، 368.

ڪابل 159، 202، 345، 349، 350، 360، 369،

ڪائڙي (ڪاٺڙو) 178، 207،

ڪاڇو 280، 281، 282، 284،

ڪاڪو (قلعو ۽ ڳوٺ) 227، 228، 275، 278.

کٻڙوٽ 295،

کجي (ڳوٺ) 286.

کروتي 285.

کماڻ 167، 189ح،

کمرد قلعو 356، 356ح.

کيبر پرڳڻو 14.

کيبر ڳوٺ 140

گجر (ڳوٺ) 200، 200ح، 208، 210.

گجرات 117ح، 260، 261، 347.

گچيرو 196، 196ح، 260، 277.

گرم پاڻيءَ جو چشمو 129

گڙنگ 275، 277.

گنجابو 129، 130، 130ح، 131، 132، 132ح، 133، 142، 280، 307، 311، 361.

گندرف جو چشمو 128، 298،

گوپانگ (ڳوٺ) 189ح،

ڳاها پرڳڻو 162، 164، 164ح، 168، 179، 191، 195، 197، 199، 205، 219، 223، 245، 247، 281، 282، 284، 285، 302، 303، 304.

ڳاهيجا 168.

محالستان 117ح،

محرابپور 200ح،

مرند 330.

مستونگ 380.

معمور آباد 364.

مڪلي 149ح، 373.

ملتان 111، 119، 131ح، 136، 139ح، 160ح، 178، 191ح، 212، 228، 246، 246ح، 259، 325، 326، 343، 350، 367، 376، 387،

منڇر ڍنڍ 128، 166،  166ح، 167، 191، 222، 283، 293، 295.

منديجي وارو گهيڙ 207.

منديجي وارو گهٽ 222، 249،

منهه (ڳوٺ) 122ح،

مورو 196ح،

مها ڍنڍ 163، 280.

مهراڻ (ڳوٺ) 200، 214،

مهري وارو گهٽ 207،

نار 146، 158، 223، 224، 224ح، 226، 236، 238، 286، 252، 278، 279، 300، 301.

هارون ٽڪري 179

هارون نبيءَ مزار 298،

هالا 139، 141، 142، 143، 177.

هالا ڪنڊي (سرڪار) 177.

باجارا 286

باجور 204، 204ح.

باقي جي ماڙ 159.

بارڪان 130.

باغبان 113، 113ح، 161، 162، 162ح، 163، 178، 179، 201، 207، 212، 219، 233، 235، 236، 247، 279، 281، 307.

ڀچراهه 115ح.

بدين 146، 216ح.

برهمڻ آباد 338، 329، 340، 341.

بکر سرڪار 109، 111، 112، 113، 113ح، 114، 115، 115ح، 116، 116ح، 117ح، 120، 121، 122ح، 126، 130، 131، 131ح، 132، 132ح، 134، 141، 141ح، 149، 158، 160ح، 161، 166، 175، 177، 178، 191، 191ح، 199، 201، 202، 203، 204، 206، 216، 245، 246،

ڀٽيجي 171.

پرياڙي 178.

پلي سمون (ڳوٺ) 129.

پنجاب 342.

پوپٽي (ڳوٺ) 122ح

پير ٽوپڻ جي مزار 250.

تابڪ 285.

تبريز  330.

تپو سميجن جو 173.

تپولاکن وارو 173.

توران 367.

تيرٿ ڌارا 298.

ٿيٻن جو ڳوٺ 161.

ٺٽو 166، 117ح، 132ح، 136، 137، 138، 138ح، 143، 144، 146، 147، 148، 150، 151، 153، 140ح، 175، 178، 180، 190، 194، 195، 202، 211، 211ح، 215، 216، 217، 233، 234، 234ح، 239، 246ح، 248، 258، 261، 262، 273، 278، 279، 298، 305، 310، 311، 312، 331، 333، 343، 344، 357، 358، 359، 360، 361، 362، 363، 364، 371، 372، 373، 374، 377، 378.

238، 247، 272، 385، 686، 293، 295، 300، 301.

خاسائي شورا 145، 146، 148، 149، 189.

خراسان 246.

خطو پرڳڻو 170، 172، 173، 177، 200، 205، 207، 214، 216، 247، 272، 274، 275، 295، 300، 301.

خوني برج 114

خواجه خضر جو آستان 110.

چاچڪان (سرڪار) 137، 146، 159، 216ح.

چاڪر هالا (سرڪار) 130، 143، 146، 150، 151، 179، 189، 190، 216ح، 261، 301، 308، 309، 310، 311.

چانڊڪا پرڳڻو 113، 117ح، 122ح، 126، 304، 311، 314،

چولي ٽڪري 179.

ڇٽ 128، 128ح.

ڇڇر 163

ڇڇر ننڍا 167

سامتاڻي 195، 242.

سانڪپور (سکپور) 295.

سانڪڙو (ساڱرو درياهه) 206.

ساوو واهه 283.

ساهتي 186.

سائو گنبذ 110.

سبي 113، 121، 127، 128، 129، 130، 130ح، 131، 131ح، 132، 133، 134، 135ح، 142، 142ح، 173ح، 193، 194ح، 201، 202، 203، 274، 280، 307، 311، 314.

ست گهريون 221ح

سروا 128.

سرواهه 128ح

سرولج 380.

سڪرنڊ 173ح.

سکر 110، 111، 114، 120، 309ح.

سماواتي پرڳڻو 138، 139، 140، 142، 176، 211.

سن پرڳڻو 149، 167، 167ح، 168، 169، 173، 174، 179، 188، 189، 190، 200، 200ح، 215، 223، 226، 237، 247، 250ح، 196، 198،199، 199ح، 201، 201ح، 202، 203، 204، 204ح، 205، 206، 207، 208، 209، 210، 211، 212، 215، 216، 218، 219، 220، 221، 221ح، 222، 223، 224، 225، 226، 227، 228، 230، 233، 235، 236، 238، 239، 241، 242، 244، 245، 249، 250، 255، 257، 259، 260، 261، 262، 263، 266، 272، 273، 275، 278، 279، 281، 282، 283، 285. 286، 287، 289، 292، 293، 294، 295، 297، 298، 299، 300، 301، 302، 303، 304، 308، 309، 310، 311، 312، 326، 330، 331، 333، 335، 336، 366، 372، 376، 384.

شال (ڪوٽڙي) 176، 176ح، 216ح.

شال ڪوئيٽا 112.

شاهه حسن جو ڳوٺ 223.

ڪاڪڙي پرڳڻو 114، 117ح.

ڪاڇو جبل 179.

ڪانگڙو (ڀارت) 147.

ڪانهري (قلعو) 149، 159، 159ح، 195.

ڪائي 221، 221ح، 293.

ڪڇي (ڳوٺ) 225، 238.

ڪٽوهڙ ڍنڍ 215.

ڪشمير 159

ڪلان ڪوٽ 136.

ڪنبذ 115

ڪن 130.

ڪنڌ ڪوٽ 161.

ڪنور ڪوٽ 191.

ڪنو کوهه 116.

ڪوٽڙي 286.

ڪوٽلي 112.

ڪوراڻو 285.

ڪور 128، 128ح.

ڪوهستان 135، 179.

ڪوهيار (قلعو) 123، 143، 159.

ڪوئٽا 113ح.

ڪهير واري ماڙي 127.

ڪيچ مڪران 132، 159، 308، 309.

ڪيهر راءِ جي ماڙي 127.

کاڻوٽ 189ح.

لاڙڪاڻو  209ح، 326.

لاکا 189ح.

لاکاٽ پرڳڻو 172، 173ح، 176، 177، 186، 219، 232، 234، 235، 272، 274، 275، 279، 300، 301.

لانگاهن جي رپڙي 210.

لاهري 182، 381.

لاهري بندر 112.

لاهور 117ح، 232، 288ح، 345، 347، 348، 249، 351، 356ح، 383.

لڌو گاگن پرڳڻو 111، 273.

لشڪري (ٽڪري) 179.

لڪي جبل 159، 172.

لڪي ڳوٺ 168، 169، 296، 297، 298.

لکنو 355.

لنجارن جو ڳوٺ 296.

لنڊو جبل 212.

ماٿيلو 111، 119، 134، 173، 314.

ماڇين جو ڳوٺ 163.

مارو ڪهيري 127.

مارئي واهه 280.

مالوا 365

مانجهند 167، 189ح.

ناريلو (قلعو) 151

نجف اشرف 364.

نصرپور (سرڪار) 137، 138، 143، 177، 186، 186ح، 187، 190، 202، 205، 206، 207، 208، 208ح، 216، 283، 278، 305، 306، 352.

نگر 187.

نوابشاهه 173ح، 196ح.

نواري 160.

نئينگ 188ح، 221، 221ح، 222،  293، 293ح، 295.

نئين بڊو 109ح.

نيرون ڪوٽ 114، 145، 146، 147، 150، 151، 163، 165، 167، 216ح، 281، 285.

نئين بدرهه 109.

واهپي (ڳوٺ) 240.

وڻڪار 143، 159.

وينجهڙو 141، 178، 187، 196، 197، 299، 297، 214، 215، 218، 219، 206، 215، 216، 273، 275، 278.

هرات 345، 347.

هندستان 134، 147، 230، 246، 287، 311، 326، 330، 331، 350، 360، 364، 367، 375.

 

ڪتاب

آئين اڪبري 369ح.

اخبار الاولياء 328، 329،

اڪبر نامه 115ح، 131ح، 183ح، 202ح، 344،

البصارت في العمل بالا شارت 165ح،

المتافت في مرمت الخزنت 165ح.

بادشاهه نامه 139ح، 372ح، 376،

برڪات الالياء 327، 339.

برني 325، 331.

بوستان سعدي 184.

بيگلار نامه 138ح، 183ح، 186ح، 309.

تاريخ الاولياء 328، 329،

تاريخ امروهه (اردو) 115ح،

تاريخ طاهري 306، 340،

تاريخ سنڌ 111، 111ح، 112ح،. 113ح، 160ح، 182ح، 259، 260ح، 261ح،

تاريخ فيروز شاهي 259ح، 260ح، 325،

تاريخ معصومي 111، 111ح، 112ح، 114ح، 115ح،

حيات نامه قلندري 326، 327، 328،

خزينته الاصفياء 327، 328، 329،

ذخيره الخوانين 115ح، 116ح، 133ح، 139، 142ح، 145ح، 160ح، 211ح، 342، 343، 357، 358، 360، 379، 381، 384، 386.

رشحات فنون 353.

رياض الاولياء 327، 328، 329.

سلسله السادات 328.

سماهي مهراڻ 182ح، 365.

شاه جهان نامه 329.

ضميمه تاريخ معصومي 381.

طبقات اڪبري 115ح، 183ح،

عجالته الطالبين 165.

فتح الدارين 165.

فرشته (تاريخ) 325.

فيروز شاهي (تاريخ) 260.

قرنه في مرنه و پرنه 165.

ڪشف الحق 165.

گزيٽيئر لاڙڪاڻه 226، 327.

لب تاريخ سنڌ 116ح، 133ح، 141ح، 149ح، 326، 327، 328، 360، 371.

ماثر الامراء 133ح، 141ح، 145ح، 191ح، 211ح، 234ح،

116ح، 117ح، 120ح، 127ح، 128ح، 129ح، 130ح، 134، 134ح، 135ح، 141ح، 160ح، 162ح، 182، 325، 379، 381.

تحفته الڪرام 133ح، 158ح، 211ح، 234ح، 325، 326، 327، 328، 338.

تذڪره الانساب 328، 329،

تذڪره الفقرا 327، 329،

تذڪره امير خاني 138ح، 141ح، 204ح، 206ح، 354، 361،

تذڪره مشائخ سنڌ 330.

تذڪره مشائخ سيوستان 332، 333، 340.

ترخان نامه 361، 364.

تذڪره  جهانگيري 228ح، 234ح، 346، 348، 349، 351، 359، 364، 366، 371، 384.

تعليقات مڪلي نامه 182.

حاصل النهج 165ح.

حل  العقود في طلاق السنود 165ح، 288ح، 342، 343، 345، 346، 350، 355، 356، 356ح، 359، 364، 366، 368، 372، 372ح، 375، 376، 380ح، 383، 386.

مائر الڪرام 327، 329،

مثنوي پري خانه سليمان 353.

مجله تاريخ و سياست 329.

مظهر التدبير 246.

مظهر شاه جهاني 122، 352، 353، 363.

مارج الولايه 329.

معلومات الافاق 353.

مقالات الشعراءَ 149ح، 211ح، 327،

مقدمه مثنوي چنيسر نامه 186ح، 306ح، 352.

منهج العمال (منتخب ڪنزالعمال) 165ح،

نزهته الخواطر 326، 327،

The Antiquties of Sind. 175ح.

Memoirs on the cave temples, Etc of Western, India  157ح.


(1)   ڏکڻ هند جو هڪ علائقو، خان جهان انهيءَ پاسي شاهجهان جي فوجن سان لڙندي، 1040هه ۾ مارجي ويو هو.

(ڏسو ماثر الامراء جلد پهريون ص 723)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org