سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 5

يوسف ميرڪ جي علم، فضل، فارسي توڙي عربي دانيءَ، مطالعي جي وسعت، شاعريءَ ۽ نثر نگاريءَ درحق سندس هي ڪتاب ”مظهر شاهجهاني“ وڏي دليل جي حيثيت رکي ٿو. ڪتاب جي عبارت ۽ انداز بيان مان واضح آهي ته ان لکندڙ زبان ۽ انشا تي وڏي دسترس رکندڙ هو.

سليس زبان ۾ نکريل نثر لکڻ ڪنهن معمولي سمجهه واري جو ڪم نه آهي، ان لاءِ وڏي ڪمال جي ضرورت آهي. مؤلف سادي زبان ۾ پنهنجي مافي الضمير جو اهڙي خاص ادا سان اظهار ڪري ٿو، جو ان جو اثر دماغ مان ٿيندو، دل جي اونهائي تائين پهچي ٿو وڃي.

ڪتاب جي پهرئين حصي جي مطالعي مان جيڪو هن سان گڏ شايع ٿيل نه آهي، چٽيءَ ريت ظاهر ٿئي ٿو ته مؤلف جو مطالعو تمام وسيع ۽ نهايت گهرو هو. هي روشن دماغ ۽ ذهين اهل قلم هو. سندس فهم توڙي فراست جي ڪا حد نه هئي. حڪمراني ۽ ملڪداري جي معاملن سان گڏ حاڪم جي فرائض ۽ رعيت جي حق کان هو پوري طرح باخبر هو.

 

مظهر شاهجهاني

ترتيب ۽ مضامين:

هي ڪتاب جنهن جو ٻيو حصو ايندڙ صفحن ۾ پيش ڪيو ويندو، ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. يعني.، مؤلف جي لفظن ۾ ، قسم اول ۽ قسم ثاني، انهن مان قسم اول ۾ رموز جهانباني، امور حڪمراني ۽ ملڪي ۽ انتظامي سياست جو بيان ٿيل آهي. هي حصونظام الملڪ جي ”سياست نامي“ يا اهڙي قسم جي ٻين ڪتابن جي انداز موجب ترتيب ڏنل آهي.

قسم اول (پهرئين حصي) جا چار باب آهن، ان جي ٻئي باب کانسواءِ باقي سمورا باب جدا جدا فصلن تي مشتمل آهن، جن جي عنوانن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:

قسم اول: (ورق 1 کان 228 تائين).

هن ۾ اهي ڳالهيون درج ٿيل آهن، جيڪي اجمالي طور بادشاهن لاءِ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. هن جا چار باب آهن. باب پهريون: سلطنت سان تعلق رکندڙ ترغيب ۽ دٻدٻي بابت هن جا ٻه فصل آهن.

فصل پهريون: امارت ۽ سلطنت جي ترغيب (ورق-4)

فصل ٻيو: سلطنت جو تاب ۽ دٻدٻو                           (ورق-8)

باب ٻيو: بادشاهن طرفان ماڻهن کي فهمائش ڪرڻ    (ورق-14)

باب ٽيون: ملڪراني ۽ ملازمن جي تربيت، هن باب جا چار فصل آهن                                                      (ورق-16)

فصل پهريون: مُلڪراني                             (ورق-16)

فصل ٻيو: ملازمن جي تربيت ۽ تاديب            (ورق-16)

فصل ٽيون: صوبيدارن جي تربيت        (ورق-29)

فصل چوٿون: ملازمن جي اصلاح                   (ورق-88)

باب چوٿون: انهن خصلتن بابت جيڪي بادشاهن ۽ اميرن کي مٿاهين درجي جو حقدار بڻائين ٿيون، هن باب جا ويهه فصل آهن.

فصل پهريون:          توڪل                (ورق-105)

فصل ٻيو:              همت                   (ورق-107)

فصل ٽيون:            عزم                   (ورق-109)

فصل چوٿون:           جدوجهد                  (ورق-111)

فصل پنجون:          جٽاداري                   (ورق-114)

فصل ڇهون:           عدالت                    (ورق-116)

فصل ستون:           خيرات، نيڪي            (ورق-135)

فصل اٺون:             شفقت، مرحمت        (ورق-140)

فصل نائون:               سخاوت، احسان   (ورق-144)

فصل ڏهون:       ضرورتن جي پورائي      (ورق-158)

فصل يارهون:             مشاورت          (ورق-160)

فصل ٻارهون:             ڊگهي نظر        (ورق-165)

فصل تيرهون:             غيرت             (ورق-168)

فصل چوڏهون:            سياست                  (ورق-174)

فصل پندرهون: چوڪسي، جانچنا                (ورق-180)

فصل سورهون: دانائي                             (ورق-191)

فصل سترهون: رازداري                           (ورق-192)

فصل ارڙهون:          نيڪ نامي جي طلب    (ورق-193)

فصل اڻويهون:         چڱن جي صحبت      (ورق-199)

فصل ويهون:           برن کان پاسو       (ورق-202 -228)

ورق 228-1 جي پڇاڙيءَ وارين ٻن سٽن کان ڪتاب جي قسم دوم (ٻئي حصي) جي شروعات ٿئي ٿي، جنهن جو اختتام ورق 401 تي ٿئي ٿو. هي حصو صرف سنڌ جي تاريخ لاءِ مخصوص آهي. هن ۾ مؤلف گهڻو ڪري پنهنجي ئي دور جي سياسي، انتظامي، اقتصادي، معاشرتي، جغرافيائي ۽ قبائلي حالت ۽ واقعات جو معاصرانه بلڪ اکين ڏٺو تفصيل چئن بابن اندر بيان ڪيو آهي.

پهريون باب بکر بابت، ٻيو سبيءَ جي باري ۾، ٽيون ٺٽي جي سلسلي ۾، ۽ چوٿون سيوهڻ جي تفصيلي واقعن بابت ڏنل آهي، جيڪو پنجن فصلن ۽ خاتمي تي مشتمل آهي.

ڪتاب جا پهريان ٽي باب جيتوڻيڪ مختصر آهن ته به انهي ۾ جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، سو پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان تمام قيمتي ۽ اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.

مؤلف سيوهڻ جا حالات نهايت شرح ۽ تفصيل سان پيش ڪيا آهن. اهو ان لاءِ ته اصل ۾ هن ڪتاب جي تاليف جو سبب ئي سيوهڻ جا واقعات هئا، جيئن اڳتي هلي واضح ڪيو ويندو.

في الحال ڪتاب جي انهي قسم ثاني (ٻئي حصي) کي سنڌ جي تاريخ تي مشتمل هئڻ سبب شايع ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ان جو ٻيو حصو به عملي اعتبار کان خاص اهميت رکي ٿو، ليڪن هن وقت ان کي ڪنهن ٻئي موقعي لاءِ مخصوص رکجي ٿو. البته مؤلف ڪتاب جي قسم اول ۾ چند موقعن تي دليل طور پنهنجي مقصد جي وضاحت لاءِ سنڌ جا جيڪي واقعا مثال نموني پيش ڪيا آهن، سي هن ڪتاب جي حاشيي توڙي مقدمي ۾ خاص عنوان تحت درج ٿيل آهن.

اسباب تاليف:

هن کان اڳ ٻڌايو ويو آهي مؤلف جيتوڻيڪ پنهنجو منصب ترڪ ڪري ٿوري گذاري جي آڌار تي سيوهڻ ۾ گوشي نشين ٿي ويٺو هو پر ان هوندي به ملڪي سياست توڙي ان جي ٻين معاملن سان سندس دلچسپي جئن جو تيئن قائم پئي رهي. هن جي اهائي دلچسپي نيٺ هن ڪتاب جي تاليف جو سبب بڻي، جنهن جو داستان هن ريت آهي:

شاهجهان جئن ئي (8- جمادي الثاني 1037هه) ۾ تخت نشين ٿيو ته هن اعتماد الدوله مير غياث جي پوٽي، مرزا احمد بيگ خان، کي سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪري موڪليو. هي تمام سست مزاج، نااهل ۽ نڪمو ماڻهو هو، هن مردن جي مجلس ۽ حڪومت جي ڪاروبار تي عورتن جي صحبت ۽ زنانخاني جي بيٺڪ کي ترجيح ڏني ۽ حڪومت جي واڳ پنهنجي هڪ ظالم ۽ سفاڪ ڀاءُ مرزا يوسف کي سونپي ڇڏيائين، جو پنهنجي فطرف جي لحاظ کان نهايت ڪريل ذهنيت وارو، ذليل ۽ بيهودو ماڻهو هو.

يوسف ميرڪ هن بابت لکي ٿو ته هي ايڏو سفاڪ هو، جو حجاج بن يوسف جهڙو ظالم اظلم به هن جي آڏو هڪ ادنى شاگرد واري حيثيت رکندڙ هو (ص-154). هن پنهنجي قهر ڪلور ۽ ظلم ستم سان سڄي صوبي جي ستيا ناس ڪري ڇڏي هئي. ماڻهن ۾ مهيلوڙ پئجي ويو ۽ چوءطرف واويلا مچي وئي، تنهن هوندي به ڪنهن جي مجال نه هئي جو ڪا ٻڙڪ به ڪڇي سگهي. يوسف ميرڪ پنهنجي هن همنام جي ظلمن جي جيڪا روداد قلمبند ڪئي آهي، ان مان جا تصوير ذهن ۾ اڀري ٿي سا هن ريت آهي.

مظالم جي تصوير:

1-   مرزا يوسف، روزانو بيگناهه ماڻهن کي شهر مان ڪوٺائي، انهن کي پنهنجي سامهون ڦٽڪا هڻائيندو هو، انهي دوءنس ۾ نه رڳو مظلومن جي کل لهي ويندي هئي، بلڪه مارڪٽ هلندي ڪيئي ويچارا مري به ويندا هئا. اهڙي طرح ٻن ٽن سَون بيگناهن کي ڦيهه ڏيارڻ هن جي روزاني ڪرت هئي. هڪ ابريشم فروش کي هميشه اتي حاضر رهڻ جو حڪم ڪري ڇڏيندو هو ته جيئن ڦٽڪن هڻندي انهن جون ڪيهون ڇڄي پون ته اهي هڪدم درست ڪيون وڃن، جيئن مارڪٽ ڪندي ڪا ويرم وچ ۾ نه پوي. هي سڀڪجهه صرف دل وندرائڻ ۽ تماشي طور ڪيو ٿي ويو، ان ۾ ڏوهيءَ نه ڏوهيءَ جو ڪو سوال نه هو (ص-156).

2-   احمد بيگ، اتفاق سان جڏهن به رات جي وڳڙي ۾ زنانخاني مان نڪري مرداني ۾ اچي ويهندو هو، تڏهن سندس سامهون مرزا يوسف جي اها ڪارستاني پيئي هلندي هئي. احمد بيگ کي اها توفيق نه هئي ته پنهنجي ڀاءُ کان انسانيت کي انهي حد تائين ذليل ۽ خوار خراب ڪرڻ جو ڪو سبب وغيره پڇي سگهي.

3-  مارڪٽ ڪرڻ وقت جيترا به مظلوم مري ويندا هئا، تن جي پڇا ڪرڻ وارو ڪو به نه هو، عزيز قريب سڀ گهرن ۾ ٻوساٽجي رهجي ويندا هئا. انهي ظلم جي ڪارونڀار ايڏو ته انڌير مچائي ڇڏيو هو، جو عدل انصاف جي دانهن ڪوڪ لاءِ ڪو به چارو ڪو نه هو. مغلن جي موڪليل جاگيردار (احمد بيگ) کي زنانخاني مان ئي ايتري مهلت نٿي ملي، جو ڪا گهڙي ٻاهر اچي، اهو مانڌاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي ها. ڪنهن جي مرڻ جيئڻ سان هن جو ڪو به واسطو نه هو، نه ملڪ پنهنجو نه ماڻهو پنهنجا، ڪنهن کي ڪهل اچي ته ڪيئن اچي، ڪو داد فرياد ٿئي ته ڪينءَ ٿئي؟ ۽ ڇاجي لاءِ-؟

4-  سڄي صوبي ۾ مرزا يوسف کي جنهن ماڻهوءَ بابت ڪابه خبر پوندي هئي ته هو شاهوڪار آهي، تڏهن ان تي ڪوڙا الزام مڙهي کيس پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ معمولي پڇا ڳاڇا کانپوءِ پهرينءَ سٽ ۾ ان کي ڦٽڪن سان نستو ڪرائي ڇڏيندو هو، پوءِ ان جي مال ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو. اهو سلوڪ نه فقط مردن سان ڪيو ٿي ويو، پر مالدار عورتن سان به اهڙي تعدي ڪئي ويندي هئي. ان ۾ مرزا يوسف کي ماڳهين ڪو حياءُ شرم محسوس نه ٿيندو هو.

5-  مرزا يوسف کي پرائي مال ملڪيت ميڙڻ جي ايتري حد تائين بڇڙي بيماري هئي، جو ماڻهن جا ڌاريل جانور به هن جي هٿ چراند کان بچي نٿي سگهيا. سنڌ جا اُٺ ڏاڍا قيمتي هوندا هئا، ماڻهو پنهنجي سواري جي سهي توڙي مال برداري لاءِ انهن کي وڏي شوق سان پاليندا هئا، اهي اُٺ جيڏا سهڻا تيڏا ڪمائتا هوندا هئا. مرزا يوسف انهن سَهدارن کي به پنهنجي مالڪن وٽ پلندي نه پئي سٺو. هر هنڌ حڪم ڏيئي ڇڏيو هئائين ته جتي به ڪو ڀلو ۽ قيمتي اُٺ نظر اچي، ان کي هڪدم جهلي سندس شترخاني ۾ داخل ڪيو وڃي (ص- 156).

6-  ڏوڪڙن ميڙڻ لاءِ هن ڪيئي طريقا ايجاد ڪيا هئا، خشڪي ۽ درياهي رستن تي پهرا لڳارائي ڇڏيا هئائين. هر آئي وئي کان بنان ڪنهن سبب جي محصول اُڳاڙيا پئي ويا، ايتري تائين جو سکڻن هٿن وارا واٽهڙو به انهيءَ رهزني کان آجا نه هئا، حالت وڃي انهي حد تائين پهتي، جو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين وڃڻ لاءِ راهداري ضروري هئي، جنهن لاءِ ماڻهن کي پئسا ڀرڻا پوندا هئا. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن مٽ مائٽ جي موتِيءَ تي ٻئي ڳوٺ تائين ويو ٿي ته ان کي ڏوڪڙ ڏئي راهداري حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڳوٺ مان ٻاهر پير رکڻ نٿي ڏنو ويو. انهي ڪارگذاري سبب مغل حاڪمن جا ذاتي خزانا ته پر ٿيندا پئي ويا، ليڪن ملڪي ڪاروبار، واپار، وهنوار ۽ ماڻهن جي آمدورفت ۾ رخنو پوندو ويو، تجارت ۽ ڏيتي ليتي پوئتي پئجي وئي، پڇاڙي هرڪو پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ ۾ بند ٿي ويهي رهيو، ان جو لازمي نتيجو اهو به ٿيو هوندو ته غريب پورهيت به روزگار جي سانگي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ وڃڻ کان نِرهه ٿي چڪا هوندا.

7-  درياهه ۾ جيڪي سکڻيون ٻيڙيون هلنديون هيون، تن کان به محصول ورتو ٿي ويو، ڪنهن ٻئي علائقي جي ڪا خالي ٻيڙي جيڪڏهن ڀُل چُڪ مان سيوهڻ جي حد ۾ داخل ٿيندي هئي ته اها به انهي ناجائز ۽جبري محصول جي چٽيءَ کان بچي نٿي سگهي. وصولي جي انهي اڍنگي طريقي سبب خشڪيءَ جي رستن سان گڏ درياهي آمدرفت به بند ٿي وئي ۽ سڄو ملڪ انهن پابندين جي ڪري تنگ ٿي رهجي ويو. شهري آزادي توڙي انفرادي جدوجهد بلڪل ختم ٿي وئي.

8-  سوداگرن جي ٻيڙين تي طرحين طرحين مصيبتون نازل ٿينديون پئي رهيون، انهن کي ڪيترا ڏينهن هروڀرو روڪيو ٿي ويو. ان سان گڏ سوداگرن کي مجبور ڪيو ويندو هو ته هو پنهنجو قيمتي سامان ڀڳڙن مٺ تي سيوهڻ ۾ نيڪال ڪري ڇڏين. اها روش سيوهڻ جي ماڻهن کي ڪنهن فائدي رسائڻ لاءِ ڪانه اختيار ڪئي وئي هئي، بلڪه ان جو مقصد اهو ئي هو ته واپاري تنگ ٿي پون ۽ مرزا يوسف کي ڳاٽي ڀڳيون رشوتون ڏيئي پنهنجي جند ڇڏائين، اڪثر ائين ئي ٿيندو هو ته هو رشوتون ڀري انهي اوچتي آفت کان پاڻ کي ڇوٽڪارو ڏياريندا هئا.

9-  رشوت ڏيڻ کانپوءِ به ويچارن واپارين جي جان نه ڇٽندي هئي، جيستائين مرزا يوسف انهن جي مال اسباب مان پنهنجي پسند جون شيون تحفي طور وصول نه ڪندو هو.

10-  جڏهن مرزا يوسف، سوداگرن سان سڀ ڪجهه ڪري گذرندو هو ته ٻيڙيائتن ۽عام مسافرن جي خبرچار ورتي ويندي هئي. ڪيئي حيلا بهانا بڻائي انهن جي کيسن تي هٿ ڦيريا ويندا هئا ۽ انهن مان ڪيترن کي مرزا يوسف جي ڦٽڪن جو عذاب سهڻو پوندو هو.

11-  مرزا يوسف سڄي ملڪ جا چور چڪار ۽ ڌاڙيل پاڻ وٽ ٿمائي ويهاريا هئا، جن جي مدد سان ملڪ ۾ چورون ۽ ڦريون ڪرائيندو ۽ ڌاڙا هڻائيندو ٿي رهيو. لٽ ڦر جو سمورو سامان سندس مال خزاني ۾ داخل ٿيندو پئي رهيو، انهن ذليل حرڪتن جا جيڪي لازمي نتيجا نروار ٿيا، اهي نهايت اندوهناڪ هئا. هڪ طرف چور چڪار ۽ ڌاڙيل بي ڊپا ٿي پيا ته ٻئي پاسي سرڪاري سرپرستي حاصل هئڻ ڪري چوري ڪرڻ ۽ ڌاڙي هڻڻ جي ڪُڌي ڪم تي کين فخر ٿيڻ لڳو. ساڳئي وقت ملڪ ۾ هورا کوري ۽ ڏهڪاءُ جي واڌ ٿيندي وئي. امن امان ڪو نه رهيو ۽ هرڪو پنهنجي مال ملڪيت کي محفوظ سمجهڻ جو آسرو پلي ويهي رهيو.

12-  مرزا يوسف صرف انهن طريقن تي بس ڪانه ڪئي پر عوام کي ڦري ڀينگ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو طريقو به رائج ڪيائين. بنگال مان نامي گرامي جواري گهرائي، انهن کي شهر جي چوواٽن تي ويهاري ڇڏيائين، جيڪي نه رڳو واٽهڙن جا کيسا خالي ڪري ڇڏيندا هئا، بلڪه انهن ويچارن جا ڪپڙا به بدن تان لهرائي دنگ ڪندا هئا. چوري ۽جوا جي سڄي آمدني شام جو اهڙي طرح حلال جي ڪمائي سمجهي ”خزاني“ ۾ جمع ڪرائي ويندي هئي ڄڻ ته اها به ملڪ مان اڳاڙيل ڍل ۽ ٻي جائز آمدني هئي.

13- شهر جي شريف ۽ عابد، زاهد ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ ۾ مرزا يوسف جهڙي رذيل ماڻهوءَ کي ڏاڍو مزو ايندو هو. خاص ڪري اهو لطف کيس ان ڪري به ايندو هوندو ته سڀئي ماڻهو هڪ فتح ڪيل ملڪ جا رهاڪو هئا، جن جي ڪابه دانهن ڪوڪ ٻڌڻ جوڳي نه هئي ۽ نه سندس ڪو حمايتي ئي هو.

بهر حال مرزا يوسف هزارن حيلن بهانن سان سيوهڻ جي شريف ماڻهن سان المناڪ عقوبتون ڪندو پئي رهيو. هڪ دفعي ڪنهن نئين قلعي جو بنياد رکندي حڪم جاري ڪرايائين ته شهر جا سڀئي ماڻهو اچي پنهنجي مٿي تي سرون ڍوئين، پاڻ ئي گارو تيار ڪري ان کي قلعي تائين پهچائين ۽ پنهنجي سر اوساري جو ڪم ڪن. ڪي بيمار، معذور يا پوڙها ماڻهو مزدور وٺي آيا ته جيئن پنهنجي بدران انهن کان اها بيگر وهرائي پر مرزا يوسف کي اها ڳالهه نه وڻي، سو انهن معذورن کان هر قسم جو ڪم ورتو ويو. ڀلا ائين ڪرڻ ۾ هن کي ڪهڙي ڪسُ هئي ان حالت ۾ جڏهن سندس منشا به اهائي هئي، مظلومن کي وڌيڪ مظلوم بڻائڻ سان گڏکين ڍَوَ تي خوار خراب به ڪيو وڃي!

14-   هڪ ڀيري شهر جي آبرومند ماڻهوءَ قاضي عبدالواحد تي ڪوڙو الزام مڙهي کانئس سئو رپئي ڏنڊ جو دستاويز لکرائي ورتائين.پوءِ اهو دستاويز ڄاڻي واڻي ٺٺولي جي نيت سان شهر جي هڪ ديوث ماڻهوءَ ابراهيم بلوچ وٽ وڪرو ڪيائين. ٿورن ڏينهن کانپوءِ قاضي عبدالواحد (مرحوم مغفور) کي گهرائي ان سان جيڪا تعدي ڪرايائين، تنهن جي روداد يوسف ميرڪ (مؤلف) جي لفظن ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ مناسب لڳي ٿي. هن لکيو آهي ته

يڪ ڪرمدار ابراهيم بلوچ راڪره ميزد ومي

گفت: هان، صد روپيه بده!

و ابراهيم بلوچ قاضي عبدالواحد راڪره ميزد و مي

گفت: هان صد روپيه بده!

يعني: هڪ ڦٽڪي هڻندڙ ابراهيم بلوچ کي ڦٽڪو هڻي پئي چيو ته سو رپيا ڪڍ!

ابراهيم بلوچ وري قاضي عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي ٿي چيو ته سو رپيا ڪڍ!

مرزا يوسف ڳچ وقت اهو تماشو ڏسندو رهيو ۽ ان سان گڏ مفتوح انسانن جي ذلت ۽ رسوائي ۽ پنهنجي ڏاڍ ۽ آڏ وڏائيءَ تي کڳيون هڻندو پئي رهيو. يوسف ميرڪ لکي ٿو ته شهر جي ماڻهن لاءِ اهو ڏينهن ڪاريءَ قيام برابر هو. شريف رت جا ڳوڙها ٿي رنا ۽ ڪمينا ڏند ٽيڙي پئي کلندا رهيا.

15- مرزا يوسف چغل خورن جي به وڏي لوڌ پاڻ وٽ پالي رکي هئي، جن کي هن ”حقيقت دان“ (گامون سچار) جو لقب ڏيئي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خاص هدايتن سان انهي ڌنڌي تي لڳائي ڇڏيو هو ته هو شريف ۽ شاهوڪار ماڻهوءَ تي چغليون هڻندا رهن ته جيئن مرزا يوسف کي انهن جي خوار خراب ڪرڻ جو وجهه ملي، انهي ٽولي پنهنجين ڪار گذارين سان سڄي علائقي ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو.

16- ٻنين ۾ جڏهن پوک پچي تيار ٿيندي هئي ته مرزا يوسف پنهنجا هٿ ٺوڪيا ماڻهو ڍل مقرر ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليندو هو، اهي هر هنڌ وڃي ايڏي جمعبندي هڻي ايندا هئا، جو فصل لُڻڻ کانپوءِ ڪُڙميءَ کي پنهنجي سڄي ڪمائي سرڪاري خزاني ۾ داخل ڪرائڻ بعد به مٿس مڙهيل جمعبندي (ڍل) کان ڇوٽڪارو ملي نه ٿي سگهيو. آخر چورن ڍڳن سميت ان جو سڄو ارڪو ترڪو ضبط ڪري، بقايا جي وصولي ڪئي ويندي هئي. ڪڙمي ويچارا سڄو سال پگهر جو پورهيو ڪندي به ڪنگال ۽ بکيا اگهاڙا رهجي ويندا هئا. مغل سلطنت جي ڪارندن کي ان ڪلور جي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي.

17-   هڪ دفعي الاهي آفت کان پوکون تباهه ٿي ويون. ليڪن مرزا يوسف تنهن هوندي به پنهنجي مرضيءَ مطابق جمعبندي ڪرائي ڇڏي. نتيجو اهو نڪتو جو غريب، بيوس، مجبور ۽ مظلوم ڪڙمي رات جي اونده ۾ پنهنجا گهر گهاٽ ٻنيون ۽ ڳوٺ ڇڏي ڀاڄڙ ۾ پئجي ويا. مرزا يوسف کي جڏهن اها کڙڪ پئي ته سندن پٺان سپاهي ڊوڙايائين، جن انهن جي سڄي مَڏي موڙي کانئن کسي ورتي.

18-   جهانگير بادشاهه پنهنجي ايامڪاري ۾ گاوشماري (ڍورن ڳڻڻ) ۽ چورن تي داغ ڏيڻ (ڏنڀ جي نشان) جو رواج ختم ڪري ڇڏيو هو. ليڪن شاهي تنسيخ (حڪم رد ڪرڻ)جي باوجود احمد بيگ جي دور ۾ سندس ڀاءُ (مرزا يوسف) حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته نئين سر سيوهڻ جي ڏهن ئي پرڳڻن ۾ گاوشماري ڪرائي ڍورن تي زوري داغ لڳرايا وڃن، ماڻهن کي اهو قانون ڏکيو ته ڏاڍو لڳو پر ڇا ٿي ڪري سگهيا؟، جن جو گذر ئي ڍورن ڍڳن تي هو تن لاءِ اهڙي قسم جي وصولي وڏو عذاب هئي.

19-    سڄي صوبي جي عملدارن کي گهرائي بنا ڪنهن ڏوهه گناهه جي قيدخاني ۾ وجهرايو ويو. اهڙيءَ طرح ملڪ جا ارباب، شريف ۽ مانائتا ماڻهو به جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پهچايا ويا. اهو حال ڏسي بهاءُ الدين پنهوار جهڙا معزز ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ وڃي پناهگزين ٿي ويٺا. مرزا يوسف، بهاءُ الدين جي غير موجودگي جو فائدو وٺي، ان جي ٻن مخالفن کي هُشي ڏني، جن انهي ارباب جي ڳوٺ اڪبر آباد تي وڃي چڙهائي ڪئي. ارباب بهاءُ الدين کي جڏهن انهي سازش جي سڌ پئي ته عين موقعي تي پهچي ڳوٺ ۽ ملڪيتن جو بچاءُ ڪري ورتائين ۽ مخالف سندس هٿان مارجي ويا.

مرزا يوسف، بهاءُ الدين جي غير موجودگي جو فائدو وٺي، ان جي ٻن مخالفن کي هشي ڏني، جن انهي ارباب جي ڳوٺ اڪبر آباد تي وڃي چڙهائي ڪئي، ارباب بهاءُ الدين کي جڏهن انهي سازش جي سڌ پيئي ته عين موقعي تي پهچي ڳوٺ ۽ ملڪيتن جو بچاءُ ڪري ورتائين ۽ مخالف سندس هٿان مارجي ويا.

مرزا يوسف ارباب جي انهي اقدام کان ايڏو ته اچي ڏمريو، جو ان سڄي علائقي جي اربابن، مقدمن، پٽوارين، قانون گوين ۽ گماشتن کي ٻڌي جيل اماڻي ڇڏيائين.

20- مرزا يوسف اهڙي اڍنگائي سان ملڪ جي شريفن ۽ ٻين رهاڪن کي ٽيڪرون ڏيئي پاڻ ۾ ويڙهائيندو هو. ائين ڪرڻ سان هڪ طرف ملڪ جا اثر رسوخ وارا ماڻهو ڪمزور ٿيندا ويا ته ٻئي پاسي ملڪ جي ايڪي کي وڏو ڇيهو رسندو ويو. کيس پنهنجي حاڪميت برقرار رکڻ لاءِ اهو ئي رستو سجهيو ٿي.

21- علائقي ۾ جيڪي به باراني توڙي معافيءَ جون زمينون هيون ۽ جن تي ايامن کان ڪابه ڍل يا ٻي سرڪاري وصولي نه مڙهيل هئي، مرزا يوسف انهن تي ٻيهر ڍل وجهي ڇڏي.

هي هئي مختصر صورتحال مرزا يوسف جي ڪار گذارين جي جنهن کي ”مظهر شاهجهاني“ مان ترتيب ڏيئي پيش ڪيو ويو.

نورجهان بيگم جي ڀائٽئي ۽ اعتماد الدوله مير غياث جي پوٽي يعني مغل شاهي حاڪم مرزا احمد بيگ خان جون دلچسپيون جڏهن زنانخاني جي اندر انت کان ٻاهر ٿينديون ويون ۽ سندس ڀاءُ مرزا يوسف جون ڪار گذاريون حرم سرا کان ٻاهر حدون ٽپي ويون، ته سيوهڻ جو سڄو علائقو ڀينگ ٿي ويو، ڳوٺ ويران ٿي ويا، آباديون برباد ۽ زمينون بنجر ٿي ويون. ماڻهن حيران پريشان ٿي سنڌ جي ٻين وسندين ۽ واهڻن ۾ وڃي پناهه ورتي.

”مظهر شاهجهاني“ جو مؤلف انهن دردناڪ حالتن ۽ افسوسناڪ واقعن جو بيان دهرائيندي لکي ٿو:

چوخواهد ڪه ويران ڪند عالمي

نهد ملڪ در پنجه ظالمي

”خدا جڏهن ڪنهن ملڪ کي ويران ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جي واڳ ظالم جي هٿ ۾ ڏيئي ٿو ڇڏي“

اهي ڪيس جئن جو تيئن ٿيندا رهيا پر ڪنهن جي واتان ڪابه ٻڙڪ ٻاهر نه نڪتي. ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو اهو عالم هو، جو مرڪزي حڪومت جي ديوان خاص تائين داد رسيءَ لاءِ پهچڻ ته ٺهيو پر انهن مظلومن ۽ ستم رسيدن کي خود محل سرا اندر مرزا احمد بيگ جي ايوان تائين پنهنجي آهن ۽ الاهن پهچائڻ جي به سگهه ڪانه هئي. ميرڪ يوسف چواڻي:

”هيچ آفريده نبود..... ڪه بيان واقع را به احمد بيگ خان بگو يدڪه برادر تو اين قسم ظلم وستم برداشته، عالم را خراب وضايعڪرده ص 159!

يعني: اهڙو ڪو ماءُ پٽ ئي ڪو نه هو، جو اها آپدا احمد بيگ خان جي ڌيان تي آڻي ته تنهنجي حلالي ڀاءُ جي انڌير ۽ انياءَ کان هينءَ ملڪ جي ٻيڙي سير تي چڙهي چڪي آهي!

يوسف ميرڪ (مؤلف) کي هڪ شريف انسان جئان پنهنجي وطن سان بي انتها محبت هئي. پاڻ هو به وڏي ڪردار ۽ جرئت جو مالڪ، جڏهن پاڻي حد کان وڌيڪ گذرندو ڏٺائين، ته هڪ ڏينهن انهي حرم نشين حاڪم (احمد بيگ) کي وڃي مند جي ٻڌايائين ته

تو اين خلق الله را بدست برادر خود داده خراب و ضايع ساختي! چون متوجه به آن جهان شوي، خالق علي الاطلاق از تو خواهد تحقيق ڪرد ص 159

يعني: تو خدا جي خلق کي پنهنجي خونخوار ڀاءُ جي حوالي ڪري ان جو جهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو آهي، خدا قيامت ڏينهن توکان ضرور ان بابت پڇاڻو ڪندو.

ليڪن ان کانپوءِ به ڪو خاطرخواه نتيجو نه نڪتو.

هن ظالم ۽ ناخدا ترس حاڪم جي ظلمن کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه واهه ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. نيٺ يوسف ميرڪ اهو ارادو ڪيو ته پاڻ ئي مرڪزي سرڪار وٽ وڃي شاهي ايوان جا ڳرا زنجير کڙڪائي ۽ هن دردناڪ داستان کي شاهجهان بادشاهه جي ڪنن تائين رسائي. ممڪن هو ائين ڪرڻ سان ڪا ڇوٽڪاري جي واٽ پيدا ٿي پوي!


(1)   ورقن جو هي شمار مصنف جي ان مخطوطي مطابق آهي، جيڪو سندس ملڪيت هو، ان تي ئي اصل فارسي متن جو بنياد رکيل آهي.

(1)   ”مائرالامراءِ“ ج 1 – ص 195“ ۽ ڪتاب جو متن ص 104.

(1)  ڪتاب جو متن، ص 158.

(1)  نورجهان جي پيءُ ماءُ ۽ احمد بيگ جو نسب نامو مقدمي سان ملحق آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مغل سلطنت جي بادشاهن، شهزادن توڙي اميرن جو هن خاندان سان ڪهڙو رشتوهو ۽ انهي رشتيداري جي ڪري هن گهراڻي ڪينءَ سڄي هندستان کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو هو ۽ ڪينءَ سرطان جي بيماريءَ وانگي اهو هتان جي سياسي ڍانچي ۾ وِرِ ڪري چڪو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org