سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 1

مصنف: گل حسن ڪلمتي

ارپنا

 

بابا سائين جي نالي

پنهنجو هي قلمي پورهيو بابا سائين محمد خان بلوچ جي نالي ٿو ڪريان، جيڪو هن ڪتاب جي تيارين وچ ۾ 2 ڊسمبر 2006ع تي دل بيهڻ ڪري اسان کان هميشہ لاءِ ڏور هليو ويو.

جنهن جي محبتن جو قرضدار آهيان ۽ محبتن جو اهو قرض ستن جنمن تائين به لاهي نه سگهندس. هو اسان ڀائرن، ڀينرن ۽ ڳوٺ وارن لاءِ بڙ جي گهاٽي وڻ جيان هو. اڄ آئون جيڪو ڪجهه به آهيان اهو سڀ ڪجهه هن جي تربيت جو نتيجو آهي ۽ جنهن جي تربيت ئي صوفيت ڏانهن مائل ڪيو.

مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،

وٽان تن نه آئيو ڪو پنهوارن پهي،

وياسي وهي جنب گذاريم جن سين.

(شاهه)

 

پنهنجي پاران

 

وطن سان اسانجون وفائون نه روڪيو

 

مورنٽو بارا (زالاڻو بندر) يا ان کان به اڳ شروع ٿيندڙ هي سفر انتهائي ٿڪائيندڙ، تڪليف ڏيندڙ پر دلچسپ به آهي. تهذيبن جي ان سفر ڪراچي کي مختلف تهذيبن پنهنجي اثر هيٺ آڻي ڇڏيو. تهذيبن جو اهو سفر اڄ به جاري آهي. 521 ق.م يوناني سياح اسڪائي ليڪس هندستان جي حالتن جي جاچ لاءِ اٽڪ کان ڪراچي جي گسري بندر تائين سنڌو جو سفر ڪيو.

326 ۾ سڪندر اعظم پنهنجي لشڪر سان هتان گذريو ۽ هن علائقي کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. سڪندر جي جرنيل نيارڪس هتان جي پرامن ۽ پرسڪون سرسبز علائقي کان متاثر ٿي علائقي جي هڪ حصي کي پنهنجي آقا ”سڪندر جي جنت“ جو نالو ڏنو انهيءَ سفر ۾ گهڻا يوناني هتي رهي پيا ۽ هميشه لاءِ هتان جا ٿي ويا. هن دور ۾ به هن خطي جي بندري علائقي جي هڪ حصي تي عورت حڪمران هئي. اهو دليل هن خطي جي ترقي يافته ۽ مهذب هجڻ لاءِ ڪافي آهي. يونانين کان اڳ هي خطو ڪجهه عرصي لاءِ پارس وارن جي هٿ به رهيو، برهمڻ دور ۾ هن شهر جي آس پاس قائم بندري ڳوٺن ۽ زرعي سماج جي ڳوٺن جي مندرن مان اوم شيو اوم ۽ گهنڊن جا آواز ماحول ۾ عجيب سر وکيري ڇڏيندا هئا. پوءِ عرب کان اٿندڙ تلوارن جي چمڪاٽ ۾ هڪ نئين تهذيب هتي وارد ٿي ۽ ”الله اڪبر“ جي صدائن سان هي شهر به گونجي اٿيو.

ارغون، مغل، ترخان جن ڪابل کان ڪراچي تائين پوري علائقي کي گهوڙن جي سنبن هيٺان لتاڙيو ۽ خطي جي هر شيءَ کي نسبيت ونابود ڪيو. انهن جي اچڻ وقت ۽ انهن کان اڳ ”ترڪ عجم“ جي اولادن جڏهن هن خطي جو رخ ڪيو ته سماج مذهبي اوچ نيچ ۽ برتري ۾ ورهائجي ويو. نئين مخلوق پنهنجي مذهبي برتريءَ جي بنياد تي پاڻ کي مٿانهون سمجهيو ۽ بغير ڪنهن محنت جي شان سان رهڻ لڳا، پيري، مريدي، ڌاڳا ڦيڻا انهن جي روزي روٽي جو ذريعو بڻيا ته هڪ نئون سماجي طبقو پيدا ٿيو. هتان جي مسڪين ماڻهن جن جي ڪمائي جو گهڻو حصو حاڪم ٽيڪس جي نالي وٺندا هئا ۽ رهيل پونجي تي انهن پيرن ۽ مذهبي برتري واري مخلوق جي اک هئي ۽ ائين اهو طبقو خوشحال ٿيو ته مذهبي انتها پسندي کي انهن هٿي ڏيئي سياست کي چمڪايو پر هن خطي جو هڪ عجيب دستور رهيو آهي ته هر ايندڙ هتان جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ رنڱجي هن جو حصو بڻجي ويا.

1723ع ۾ جڏهن سيٺ ڀوڄومل واپار لاءِ ننڍن ننڍن سامونڊي بندرن مان دڙٻو بندر جو انتخاب ڪري هن جي ويجهو ”ڪلا واري ڪن“ يا مائي ”ڪلاچي جي ڪن“ واري جي پاسي ۾ پنهنجا خيما کوڙيا ۽ هتي موجود ڳوٺ کي ڪوٽ ڏيئي محفوظ ڪيو ته هي خطو جيڪو ننڍن بندرن ۽ زرعي ڳوٺن تي ٻڌل هو ترقي جو سفر شروع ڪيو ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪندو اڄ ميگا سٽي جي صورت ۾ اسانجي سامهون آهي.

هن ترقي ۾ سنڌ جي گاديءَ جي شهر جا پراڻا رهواسي ڪٿي پٺيان رهجي ويا آهن يا انهن کي پٺيان ڌڪيو ويو آهي.

1947ع جي تاريخي وڍڪٽ واري حادثي هن شهر جو حليو ئي بگاڙي ڇڏيو. لکين ماڻهن جيڪي تاريخ جي جبر جو شڪار هئا لڏ پلاڻ ڪئي. انهيءَ لڏپلاڻ جي اذيت هن شهر کي جيڪي گهاءُ ڏنا اُهي هاڻي ناسور بڻجي ويا آهن. لکن جي تعداد ۾ هڪ نئين سماج، تهذيب ۽ ثقافت ۾ پلجندڙ ماڻهن جڏهن هن شهر ۽ هن خطي جو رخ ڪيو ته سماجي اڻ برابري، ثقافتي ٽڪراءُ هن شهر کي هڪ الڳ دڳ تي لاهي ڇڏيو. مذهب جي بنياد تي انهيءَ لڏپلاڻ هتان ويندڙ ۽ ايندڙن کي اڻ ڄاتل ماحولن ۾ ڌڪي ڇڏيو ڏسندي ئي ڏسندي هي صاف سٿرو ۽ پرامن شهر دنيا جي گندي ترين شهر ۾ تبديل ٿي ويو شهر جو پرسڪون ۽ پرامن معاشرو باقي نه رهيو ۽ سنڌ جي مارئي ان ڏينهن کان اڄ تائين قيدياڻي آهي. پر پوءِ ملير جي مارو ماڻهن هن شهر سان پنهنجي بي انت محبت کي ختم نه ڪيو اها محبت ۽ وفا ازل کان ابد تائين رهندي. بندوقن، ڪلاشنڪوف، خودڪش بمبارن، مختلف لڏپلاڻن، تاريخي ستم ظريفين ۽ جبر به اصلوڪن لوڪن جي وفائن کي روڪي نه سگهيو ويو. اوهان سڀ ڪجهه روڪيو پر بقول حليم باغي جي ”وطن سان اسانجون وفائون نه روڪيو.“

ورهاڱي کانپوءِ ايندڙ ماڻهو هتان جي تهذيب ۽ ثقافت جو حصو نه بڻجي سگهيا ته شهر مختلف طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ شهر جو نئون نقشو اڀرڻ شروع ٿيو. پراڻي شهر جو گڏيل ڪلچر ۽ اڻ ڏٺل منظم اتحاد ٽٽي پيو ته هن شهر ۽ هن جي معاشري هڪ نئون جنم ورتو، هن نئين جنم ۾ تاريخي ثابتيون، سچايون، اهڃاڻ، ثقافت سڀ ڪجهه ختم ٿي رهيو آهي. اهو جنم تاريخ جو تسلسل جي ڪري نه پر تاريخي وڍڪٽ ۽ جبر جي ڪري ٿيو.

غير فطري طريقي سان هن شهر جيتري ترقي ڪئي فطري طرح ترقي جي سفر ۾ شايد صديون لڳي وڃن. فطري ترقي هن شهر کي شايد بهتر نتيجا ڏيئي سگهي ها. فطري ماحول کي جڏهن به بگاڙيو ويو ته هن جا نتيجا هميشه ڀيانڪ نڪتا آهن.

هاڻي ڪجهه هن ڪتاب جي باري ۾ منهنجي پهرئين ڪتاب ”هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“ جيڪو 1998ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. جنهن کي پڙهندڙن ساراهيو. جنهن ۾ اڪثريتي مضمونن جو تعلق ڪراچي سان هو. جڏهن مارڪيٽ مان ڪتاب اڻ لڀ ٿيو ته دوستن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي لاءِ زور ڀريو. نئون نياپو اڪيڊمي جي دوست انعام عباسي اها ذميداري نڀائڻ جي شروعات ڪئي. پر ڪجهه انعام جي سستي هڪ ته هو گهڻن جاين تي ورهايل هو. ٻيو منهنجي رولاڪ طبيعت ڪري پراڻي ڪتاب جي مضمونن جي ڪمپوزنگ ۽ پهرئين پروف پڙهڻ تائين ٻه سال لڳي ويا.

جڏهن مضمونن جا پروف پڙهڻ لاءِ ويٺس ته مطمئن نه ٿيس. جيڪو ڪجهه ڪراچي بابت ڏيڻ ٿي چاهيم اهو انهن مضمونن ۾ نه هئڻ جي برابر هو پوءِ گذريل ڏهن سالن جي محنت جيڪا رف نوٽس جي صورت ۾ موجود هئي. اهو مواد مختلف ڪچهرين ۽ ڪراچي جي گهٽين، ماڳن، مڪانن، قبرستان ۽ تاريخي جاين جي سفر دوران حاصل ٿيل معلومات تي ٻڌل هو. انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيم ۽ ائين پراڻي ڪتاب جي نئين ڇاپي جي بجاءِ ڪراچي جي تاريخ تي هڪ نئين ڪتاب لکڻ جو فيصلو ڪيم. جنهن جي حوصلا افزائي دوستن به ڪئي.

سنڌيت، فرض، سنڌ جي محبتن جون ڳالهيون ڪندي نه ٿڪجندڙ سنڌي پبلشرز جيڪي ڪمرشل ازم جا شڪار آهن. انهن کان مايوس ٿيڻ کان پوءِ مون ۽ ڪاڇو پبليڪيشن جي محمد علي ماجد ايڏي وڏي پروجيڪٽ کي پاڻ ڇپائڻ ۽ مارڪيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪمرشل ازم جي شڪار پبلشرن ۽ سنڌ جي وڏن وڏن ادارن جو ڪم ئي سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکڻ وارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ۽ ڪروڙين بجيٽ وارن انهن ادارن اندر ويٺلن جي تلخ لفظن نئون حوصلو ڏنو ۽ ڪتاب کي چئلينج سمجهي هٿ ۾ کنيم. بي ترتيب مواد کي جڏهن ترتيب ڏيئي ڪمپوزنگ جو ڪم شروع ڪيوسين ته آخر ۾ خبر پئي ڪتاب اسان جي اندازي کان ٽيڻ تي ٿي ويو آهي ۽ بجيٽ ٺاهڻ کانپوءِ حوصلو هاري ويٺاسين ۽ اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان هر پروف پڙهڻ کانپوءِ مواد ۾ واڌارو به ٿيندو ويو. اهو واڌارو ڪمپوزنگ دوران مختلف علائقن جي سفر دوران وڌيڪ معلومات ملڻ واري مواد جو هو. آخر ۾ اهو فيصلو ڪيوسين ته ڪتاب جي مختلف مضمونن کي مختصر ڪرڻ گهرجي ۽ ائين گهڻو مواد شامل ٿيڻ کان رهجي ويو. جنهن کي ڪراچي تي ايندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويندو هن ڪتاب کي ”هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“ جو تسلسل  سمجهڻ گهرجي. پراڻي ڪتاب جا ڪجهه مضمون واڌاري سميت هن ۾ شامل ڪيا ويا آهن. انهن ۾ دوستن جي تنقيدن ۽ صلاحن جي روشني ۾ بهتري به ڪئي ويئي آهي.

دعويٰ نٿو ڪريان ۽ نه ئي ڪرڻ گهرجي، ڪراچي جي تاريخ تي هي مڪمل ڪتاب آهي. پر اها هام ضرور هڻندس ته هن ڪتاب ۾ ڪراچي جي انهن حصن تي لکڻ جي جسارت ڪيم جيڪي ڪڏهن به تاريخ جي ڪتابن جي پنن جي زينت نه بڻجي سگهيا ۽ هي ڪتاب ڊرائينگ روم يا لائبريرين ۾ مختلف ڪتابن کي گڏ ڪري ڪراچي جي تاريخ تي لکجندڙ ڪتابن کان ان ڪري الڳ حيثيت رکندڙ آهي جو ڪراچي جي هر گهٽي، هر وسندي، تاريخي ماڳن، مڪانن، نئين، جبلن، ديهن، ڳوٺن، قبرستانن، تاريخي آثارن جو سفر ڪري اکين ڏٺن مشاهدن ۽ شاهدين جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڏيڻ جي مون ڪوشش ڪئي آهي. گذريل ڏهن سالن جو تحقيقي ۽ علمي ڪم جو خلاصو هن ۾ موجود آهي.

ايڏي جاکوڙ جي باوجود گهڻيون شيون جيڪي ڏيڻ چاهيم اهي رهجي ويون آهن. جنهن جو سبب اڳ ۾ ڏيئي آيو آهيان ۽ گڏوگڏ وقت به گهٽ هو. ڪراچي جي هر گهٽي، هر وسندي، هر ڳوٺ، هر ديهه، هر ڪواٽر، هر بلڊنگ الڳ تاريخ آهي. هر هڪ تي الڳ ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي.

جنهن لاءِ ارادو آهي ته اهو سلسلو سيريز وائز جاري رکيو ويندو. لياري ۽ ملير تي الڳ ڪتابن لکڻ جو ارادو آهي ۽ ڪراچي جي تصويري تاريخ ڏيڻ جو به ارادو  آهي اوهان دوستن جو ساٿ رهيو ته اهي ڪتاب به جلد اوهانجي هٿن ۾ هوندا.

انگريزن جي اچڻ کان هاڻوڪي جيڪا ڪراچي آهي هتي الڳ الڳ وسنديون ۽ آباديون هيون. جن جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ تاريخ هئي ملير، پپري، گهگهر، گڏاپ، ڪوهستان، منگهو پير، گابوپٽ، ڳجهڙو، لالو کيٽ ۽ ٻين علائقن جيڪي زرعي ثقافت جو حصو هئا. ٻئي پاسي ڪلاچي بندر (دڙٻو) کانسواءِ ريڙهي مياڻ، واڳو ڏر، ابراهيم حيدري ۽ ٻين بندرن جي ڌار حيثيت هئي. ڪراچي هاڻوڪا ساحلي علائقا ۽ پسگردائي جا زرعي علائقا جيڪي ڪوهستان جا حصا آهن ڌار سڃاڻپ هئي. ڪتاب ۾ انهيءَ ڳالهه کي به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ڪتاب جو نالو ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“، علي محمد راشدي جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ راشدي پاران ڪراچي لاءِ استعمال ڪيل هو، هتان کنيم. نالو دل سان لڳو ڇاڪاڻ ته نيپئر جي ”اوڀر جي راڻي“ ملير جي مارئي جي مارئي وانگر قيد آهي. سنڌ جي ان مارئي کي قيد ڪرڻ ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجن جو به هٿ آهي.

ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾

(شاهه)

ڪتاب مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ جن دوستن جون محنتون ۽ محبتون هن ڪتاب ۾ شامل آهن انهن جا ٿورا ڪڏهن به لاهي نٿو سگهان. گهڻا دوست ڪراچي جي سردي، گرمي، دونهن ۽ ڌوڙ ۾ مونسان سفر ۾ گڏ هئا ۽ مواد حاصل ڪرڻ، ڪچهرين جي بندوبست ڪرڻ ۾ انهن دوستن جو وڏو هٿ آهي. انهن ۾ جمال ناصر بلوچ ڊسٽرڪٽ ڊپٽي اٿارٽي ملير ڪورٽ، واجا حنيف دلمراد شفيع ڳوٺ ملير، محمد اسماعيل بلوچ نائب ناظم گڏاپ يونين ڪائونسل، محمد يعقوب بلوچ، عبدالجبار بلوچ، سلطان شاهه ”ساقي“ ڪامريڊ نذير چنا ۽ علي اڪبر ڪاڇيلو نائب يو.سي منگهو پير ڪامريڊ پپو پريم چند ۽ تنوير آرائين شامل آهن. تصويرن جي سلسلي ۾ جن دوستن مدد ڪئي. انهن ۾ وادي ملير ۽ وادي لياري ڪتابن کي ترتيب ڏيندڙ پيارو دوست حميد ناصر، عبدالغفور بلوچ آسو ڳوٺ، غلام رسول بلوچ سلمان گارڊن ۽ زبيده برواڻي شرڪت گاهه جون مهربانيون جن ڪراچي بابت ناياب تصويرون ڏيئي ڪنهن حد تائين منهنجو مسئلو حل ڪيو.

ننڍي ڀاءُ شاهنواز ”شاني“ جا ٿورا جو هن پوري عرصي دوران شاهه لطيف لائبريري مان ڪتابن جي حصول ۽ ڪمپيوٽر تي تصويرن جي پروسينگ انهن کي سيو ڪرڻ ۽ ڪتابن ۾ ڏنل گهڻن نقشن کي ترتيب ڏيڻ ۾ هو هڪ فرمانبردار ڀاءُ وانگر گڏ هو. ڀاڻيجن محمد بخش ”سمير“ بلوچ، مشتاق بلوچ جا به ٿورا جن هر سڏ تي حاضر ٿي پنهنجيون خدمتون پيش ڪيون.

جڏهن ڪتاب جي بجيٽ جو مسئلو درپيش آيو ته سووينئر جي اشتهارن جي صورت ۾ جن دوستن مدد ڪئي ۽ جن دوستن انهيءَ اهم ڪم ۾ جاکوڙ ڪئي انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿورا سائين غلام مرتضيٰ بلوچ ٽائون ناظم گڏاپ جا ان کانسواءِ محمد اسماعيل بلوچ نائب ناظم يونين ڪائونسل گڏاپ جي ڪاوشن سان اها پريشاني دور ٿي.

آخر ۾ پبلشر محمد علي ماجد جا ٿورا مڃيندس جنهن محنت ڪري هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ ڏنو. ماجد منهنجو ويهن ويهه ڪري ڇڏيو ۽ رولاڪ پيرن ۾ ڏاوڻ هڻي ڇڏيا جنهن جي ڪري گهر ۾ اٺ مهينا قيد رهيس ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر طارق احمد انصاري جون وڏيون مهربانيون جنهن ڪتاب کي اوليت جي بنياد تي ڪمپوز ڪري ڏنو.

انهن سڀني دوستن ۽ بزرگن جون مهربانيون جن ڪچهري وسيلي معلوماتڏني جن جا نالا ببليوگرافي ۾ ڏنل آهن. پنهنجي ڊرائيور محمد عظيم جوکئي عرف پنچهي جا جيڪو گرمي ۽ سردي ۾ هر سفر ۾ مونسان گڏ رهيو.

آخر ۾ سائين امر جليل جا ٿورا جو هن محمد علي ماجد جي چوڻ تي ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو. ڇو ته منهنجي امر جليل سان ڪا ملاقات ناهي.

ڪتاب لکڻ دوران والد صاحب هي جهان ڇڏي ويو جنهن جي رهنمائي ڪتاب لکڻ جو حوصلو ڏنو هو. هو 35 سال ڪراچي جي پراڻي علائقي ليمارڪيٽ ۾ رهيو ۽ پنهنجيون يادگيريون مون سان شيئر ڪيون. بابا جي وڃڻ کانپوءِ ڪتاب لکڻ جو حوصلو نه رهيو. ڄڻ ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. پورو هڪ مهينو ڪجهه به لکي نه سگهيس. بابا کي هن ڪتاب سان گهڻي دلچسپي هئي ۽ خواهش هئي ته ڪتاب جلدي اچي. بابا جي انهيءَ خواهش ٻيهر حوصلو ڏنو جنهن جي ڪري اڄ ڪتاب اوهانجي هٿن ۾ آهي. فيصلو هر ڀيري وانگر اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. اوهانجي تعميري تنقيد، صلاحن مشورن ۽ حوصلا افزائي جي اکرن جو اوسيئڙو رهندو. ڪتاب پسند اچڻ نه اچڻ ٻنهي صورتن ۾ اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.

گل حسن ڪلمتي

0322445370

Email:gulhassank@yahoo.com

gulbaloch@hotmail.com

 

مهاڳ

 

ڪراچيءَ جون ڳالهيون

مهاڳ ۾ مان ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه نه چوندس. نه ئي ڪتاب بابت فتويٰ جاري ڪندس. اهو اوهان جو حق آهي، ۽ اوهان جي حق لاءِ مون کي احترام آهي. مهاڳ ۾ مان اوهان سان ڪراچيءَ بابت ڳالهائيندس، ان ڪراچيءَ بابت ڳالهائيندس جنهن ڪراچيءَ سان مونکي عشق آهي. ان ڳالهه ٻولهه ۾ نه تاريخ جو ذڪر ايندو، نه جاگرافيءَ جو. نه آرين جو ذڪر ايندو، ۽ نه اڻ آرين جو ذڪر ايندو. تبديلي موت وانگر اڻٽر آهي. نه ڪو موت کان منهن موڙي سگهيو آهي، ۽ نه تبديليءَ کي روڪي سگهيو آهي. اسان جي هئڻ، اسان جي نه هئڻ سان تبديليءَ جي تسلسل ۾ ڪو فرق نه ايندو. اهو گهڙيءَ گهڙيءَ جو گهاءُ آهي، لڳندو رهندو. جيئن موت کان پوءِ زندگيءَ بابت هزارين سالن کان انومان هلندا رهيا آهن، ۽ هلندا رهندا، تيئن تبديلين ۾ گم ٿي ويل گهڙين جو ذڪر هميشه ٿيندو رهندو. قديم آثارن جا ماهر چريا ناهن جو کنڊرن ۾ تبديليءَ سبب وڃائجي ويل تهذيبن جي تلاش ڪندا آهن. ماضين جا محقق حال کي ماضيءَ جي آئيني ۾ منهن ڏسڻ جو موقعو ڏيندا آهن.

مهاڳ ۾ مان ذڪر ڪندس پنهنجي ڪراچيءَ ۾ آيل تبديلين سبب تحس نحس ٿي ويل يقينن، اعتقادن ۽ محبتن جو. ان قسم جا انيڪ حوالا اوهان کي پڙهڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ ملندا. اهي حوالا هڪ محقق جا آهن، ۽ هي حوالا هڪ ڪهاڻيڪار جا آهن. تنهنڪري ورجايل حوالن کي ورجاءُ نه ٿو چئي سگهجي. محقق جا حوالا کوجنائن جو ثمر آهن. منهنجا حوالا نج  يادن جو نتيجو آهن. جواني هجي يا ٻڍائپو يادون ڪنهن ڪنهن وقت يا ته منهن موڙي وينديون آهن، يا دغا ڪنديون آهن. هئڻ تي نه هئڻ جو، ۽ نه هئڻ تي هئڻ جو گمان ٿي پوندو آهي.

مان ضروري سمجهان ٿو ڳالهه جي شروعات هڪ وضاحت سان ڪريان. مان ڪهڙي ڪراچي کي پنهنجي ڪراچيءَ سمجهان ٿو؟ اها ڪهڙي ڪراچي آهي جنهن ڪراچيءَ سان مون کي عشق آهي؟ اها ڪهڙي ڪراچي آهي جتي مون هوش سنڀاليو، جتي مون هوش وڃايو؟

منهنجي ڪراچيءَ ڪياماڙي، (جنهن کي اردوءَ ۾ ڪيماڙي لکندا) کان شروع ٿيندي هئي ۽ ٽڪريءَ وٽ ختم ٿيندي هئي. جتي ٽڪري هوندي هئي اُتي اڄڪلهه محمد علي جناح جو مقبرو اڏيل آهي. ٽڪري شهر جو تفريح گاه هوندو هو جتي روزانو ڪرسچين، پارسي، هندو، مسلمان، يهودي ۽ بهائي فيمليون اچي گڏ ٿينديون هيون. ڇنڇر جي شام ۽ آچر جو ڏينهن ٽڪريءَ تي ڄڻ ميلو متل هوندو هو. ٽڪريءَ جي پاسي کان اوڀر طرف سُکين سنڌي هندن جي عامل ڪالوني هوندي هئي. سندن بنگلا بيحد سهڻا، ۽ بنگلن آڏو سندن ذاتي باغ باغيچا سدا بهار هوندا هئا. ٽڪريءَ جي اولهه طرف ڪروڙ پتي پارسين جا بنگلا هوندا هئا. پارسين ۽ هندن ڪراچيءَ کي سهڻو ۽ صاف سٿرو رکڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو هو. هو هئا ته ڪراچي ڪنوار هوندي هئي، هينئر بيواه آهي.

ٽڪريءَ سان لڳو لڳ اولهه ۾ سولجر بازار جو علائقو هو، ۽ اڃا به آهي جتي گهڻو ڪري ڪرسچين ۽ پٽيل ذات جا هندو ۽ مسلمان ايڪي ۾ رهندا هئا. ٻنهي قومن جي گڏيل ڪاميٽيءَ پٽيل پارڪ ٺاهرايو هو جنهن جي وچ ۾ هو ڪرڪيٽ گرائونڊ. ان گرائونڊ تي مون انيڪ ميچون کيڏيون هيون. ورهاڱي کانپوءِ هندستان کان وڏي تعداد ۾ آيل مسلمانن ڪراچيءَ جو شهر اچي وسايو. هنن هر شيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو. پٽيل پارڪ ۾ هنن کي سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي سياست نظر آئي. هنن پٽيل پارڪ جو نالو مٽائي ولڀ ڀائي پٽيل جي مسلم ليگي حريف عبدالرب نشتر جي حوالي سان نشتر پارڪ نالو رکيو. بندر روڊ تي مولو مسافر خاني جي سامهون، جتي هينئر صابري نهاريءَ واري جي هوٽل آهي، هڪ ننڍڙو ۽ ٽڪنڊو پارڪ هوندو هو- هينئر به آهي ان پتڪڙي پارڪ جو نالو هوندو هو، شِوِ جي پارڪ Shivji park. شِوِجيءَ ۾ شيواجي Shevaji نظر آيو. پارڪ جو نالو مٽائي رکيائون اورنگزيب عالمگير پارڪ، بندر روڊ جو نالو انڪري مٽايائون جو بندر روڊ تي کين بندر يعني ڀولڙا نظر نه آيا هئا. بندر روڊ کي نالو ڏنائون ايم اي جناح روڊ. نالو مٽائڻ لاءِ سولو ڪم رام باغ سان ڪيائون جتي ٻال اوسٿا يعني ننڍپڻ ۾ مون دسهڙي جا ڌو ڌڪ ڏٺا هئا، ۽ راڪاس جيڏي راوڻ کي باهه لڳل تيرن سان سڙي ڀسم ٿيندي ڏٺو هو. يارن رام باغ جي نالي آڏو الف مد آ ڏيئي رام باغ کي آرام باغ ڪري ڇڏيو. بارنيس اسٽريٽ تي منهنجي ٻاراڻي وهي ۽ جوانيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون گذريون هيون. منهنجيون انيڪ ڳالهين وانگر بارنيس اسٽريٽ جو نئون نالو جميله اسٽريٽ مونکي قبول ڪونهي. اهو هڪ فرد جو حڪومتي فيصلن خلاف انحراف جو حق آهي. هنن گهٽيءَ گهٽيءَ جو، ۽ هڪ هڪ رستي جو نالو مٽائي ڪراچيءَ کان سندس اوائلي سڃاڻپ کسي ورتي. اڄ تائين نه مٽائي سگهيا آهن ته فقط هڪ روڊ جو نالو- نيپئر روڊ جو نالو ڇو؟ اوهين سياڻا آهيو. خود سمجهي سگهو ٿا.

هندستان ۾ ڪجهه ورهيه اڳ شهرن تي اصلي ۽ پراڻن نالن رکڻ جو رواج پيو هو. جيئن بمبئيءَ کي سندس اصلي ۽ قديم نالو ممبئي ڏنو هئائون ۽ مدراس کي چينوئي. تڏهن مون سمجهيو هو ته اسان جا حاڪم ان ڪم ۾ دير نه ڪندا ۽ ڪراچيءَ کي سندس قديم نالو ڪولاچي موٽائي ڏيندا. پر يارن ائين نه ڪيو.

پٽيل پارڪ، هاڻوڪي نشتر پارڪ کان سڏ پنڌ تي هوندو هو سائين جي ايم سيد جو بنگلو، حيدر منزل-

 اڃا به اتيئي آهي. حيدر منزل وارو بنگلو سنڌ جي سياست ۾ مزاحمتي سياست جو مرڪز ۽ محو هوندو هو. جنهن شخص 1946ع تائين پاڪستان ٺاهڻ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حق ۾ قرار داد پاس ڪرائي هئي، سو شخص پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان جو مخالف ٿي پيو هو. انسان ڪڏهن ڪڏهن اهڙا عملي قدم کڻي وٺندو آهي جنهن جو پڇتاءُ کيس سڄي عمر رهندو آهي. سوين صحيح قدم کڻڻ جي باوجود انسان کنيل هڪ غلط قدم جو ازالو ڪري نه سگهندو آهي.

سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات حيدر منزل تي ٿي هئي. مان تڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪم ڪندو هوس. ملڪ ۾ سخت قسم جو ڏڦير هو. بنگال ۾ بغاوت جي باهه دکي پيئي هئي. انتظامي ڍانچو فيلڊ مارشل ايوب خان کانپوءِ جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا ۾ جهنه جهوڙجي رهيو هو 71-1970 جو. هڪڙي ڏينهن هڪ ڇهن- ساڍن ڇهن فٽن جو جوڌو جوان براڊ ڪاسٽگ هائوس ۾ جيپ ڪاهي آيو. مون وٽ اڳ به ايندو هو. چيائين، ”سائينءَ توکي سڏايو آهي.“

انهن ڏينهن ۾ منهنجو ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ مارڪيٽ ۾ آيو هو. ان سلسلي ۾ سائينءَ مون کي سڏايو هو. جيپ جانٺي جوان هلائي هئي. جيپ ۾ ڪجهه ٻيا بي ڊپا نوجوان به موجود هئا. هنن وٽ ننڍا وڏا هٿيار ۽ هٿن ۾ ڪهاڙيون هيون.

مون کي حيدر منزل تي وٺي آيا، بنگلي جي ٻاهران ۽ بنگلي اندر ماڻهن جا هشام هئا، جن ۾ واضح اڪثريت نوجوانن جي هئي. ماڻهن جي پيهه مان مونکي اندر وٺي ويا. ٻه ٽي ورانڊا لنگهي هڪ وڏي ڪمري ٻاهران پهچي در ٻاهران بيهي رهياسين. اندر فرشي نظام هو. سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا مهمان ڀتين ڀَرَ ۾ گائو تڪين (گول ويهاڻن) کي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هئا. جوڌو ٻاهر آيو. مونکي اندر هلڻ لاءِ چيائين، مان ڪمري ۾ داخل ٿيس. سائين پنهنجي جاءِ تان اُٿيو. مان سلام ڪري سائينءَ جي سامهون بيهي رهيس. سائين مونکي ڏورن کان جهلي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. منهن تي هلڪي مُرڪ هئس. ڪجهه نه چيائين، ڇڪي مون کي ڀاڪر ۾ ڀريائين. ڀاڪر مان ڪڍي جوڌي جوان کي چيائين، ”ابا، ڇڏي اچوس.“

اِها هئي سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات، حيدر منزل کان ڪجهه گهٽيون ڇڏي سولجر بازار جي سڀ کان وڏي مسجد هئي، نالو ته ڪجهه ٻيو هوس، پر سڏبي هئي علامه غلام رسول واري مسجد. محرم جا ڏهه ڏينهن مولوي غلام رسول مجلس پڙهندو هو. ماڻهن جا هشام ٻڌڻ ايندا هئا. خبر نه پوندي هئي ته ايڏي پيهه ۾ ڪير سني هوندا هئا ۽ ڪير شيعا. نه ڪڏهن جهيڙو ٿيو، نه فساد ٿيو.

ٽڪريءَ کان ٽي ميل پري هوندو هو ڪراچيءَ جو سينٽرل جيل. اهو جيل هينئر وچ شهر ۾ آهي ۽ گهڻ ماڙ عمارتن سان وڪوڙيل آهي. ٽڪريءَ کان چوڏهن ميل کن پري هوندي هئي سلهه جي مريضن لاءِ رهائش واري اسپتال، هڪ الله لوڪ هندو سيٺ ٺاهرائي هئي. اسپتال جو نالو هوندو هو، اوجها سينيٽوريم. ساڳي نالي سان سينيٽوريم اڃا به اُتي موجود آهي ۽ هر طرف کان آباديءَ ۾ وڪوڙجي ويو آهي.

1956ع ۾ اوجها سينيٽوريم کان ٻه ميل اورتي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو نئون ڪيمپس ٺهڻ شروع ٿيو هو. 1958ع ۾ آرٽس فيڪلٽي، ڪينٽين ۽ هاسٽل جو هڪ ونگ ٺهي تيار ٿيو ته بوهرا پير ويجهو پرنسيس اسٽريٽ تي مرهٽن جي اسڪول ۾ قائم ڪيل ڪراچي يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽيءَ کي نئين ڪيمپس ڏانهن شفٽ ڪيو ويو. شاگردن جي پهرين جٿي ۾ مان به هوس. هر طرف جهنگ ۽ ويراني هئي. گرو مندر کان روزانو ڇهه بسون اسان کي کڻي نئين ڪيمپس ڇڏڻ وينديون هيون ۽ وري شام جو دير سان وٺڻ اينديون هيون. روزانو اِن ڪرت ۾ ٻه چار ڪلاڪ ضايع ٿيندا هئا. بابا مونکي يونيورسٽي هاسٽل ۾ رهڻ جي اجازت ڏني. مون کي عجيب قسم جي خوشي محسوس ٿيندي آهي ته هاسٽل ۾ رهائش وٺندڙ شاگردن جي پهرين ٽولي ۾ مان به شامل هوس. هاسٽل ۾ منهنجي ڪمري جو نمبر هو ٽيهه، هينئر ڪراچي يونيورسٽي چئني طرفن کان گلستان جوهر، گلشن اقبال، سچل ڳوٺ ۽ سهراب ڳوٺ سان وڪوڙجي ويئي آهي.

عامل ڪالوني ۽ پارسين جي ڪالوني کان سڏ پنڌ تي، ٽڪريءَ جي اوڀر طرف گرو مندر کان علاوه هڪ ٻيو مندر به هوندو هو جنهن جو نالو مونکي ياد نه ٿو اچي. ان مندر جي عمارت سهڻي ۽ پٿر ۽ سنگمرمر سان ٺاهيل هئي. مندر پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، پر ورهين کان مندر ۾ ڪسٽم کاتي جي هڪ آفيس کولي ڇڏي اٿائون. اهڙي طرح ڪراچيءَ جي انيڪ مندرن تي ماڻهن قبضو ڪري گهر، اسڪول، لانڊريون، گدام ٺاهي ڇڏيا آهن. اهڙن انيڪ مندرن جو ذڪر تفصيل ۽ تصويرن سان هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي.

ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي موجوده عمارت ۾ ورهاڱي کان اڳ لوڪل بورڊ آفيس هوندي هئي. اڄ تائين ان عمارت جو شمار ڪراچيءَ جي جازب عمارتن ۾ ٿيندو آهي. پاسي کان هوندي هئي. جانورن لاءِ اسپتال.

ريڊيو پاڪستان جي سامهون، بندر روڊ جي ٻئي طرف تاج محل سينيما هوندي هئي. تمام سهڻي سينيما هوندي هئي. تاج محل سينيما ڊاهي، سينيما جي جاءِ تي دڪان دڙا ۽ آفيسون کولي ڇڏيون اٿائون. ان سينيما ۾ مون ٻال اوسٿا ۾ امان جي هنج ۾ ويهي انيڪ فلمون ڏٺيون هيون. ڊاهي ڇڏيائون. اسان جي سعيد منزل واري اپارٽمنٽ جي اوسي پاسي ڏهه- ٻارهن سينيمائون هونديون هيون.

بارنيس اسٽريٽ تي ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ جي پهرين ماڙ تي اسان جو فليٽ هوندو هو. فليٽ نمبر اٺون. ساڄي طرف بندر روڊ هوندو هو. بندر روڊ جي پرئينءَ ڀَرِ اي ون A-One ايراني ريسٽورنٽ جي پاسي کان بنگلن جي قطار هوندي هئي. گارڊن روڊ تي برهاني بلڊنگ واري اپارٽمنٽ مان اٿي 1942ع ۾ اسين سعيد منزل ڀرسان ايڊلجي ڊنشا واري بلڊنگ ۾ اچي رهيا هئاسين. انهن ئي ڏينهن ۾ سائين پير صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي ٻن پٽن کي انگريز سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي اي ون ايراني ريسٽورنٽ جي پاسي کان هڪ بنگلي ۾ آڻي رهايو هو. بنگلي تي پهرو هوندو هو. بعد ۾ ٻنهي ٻارن کي انگريز انگلينڊ وٺي ويا هئا. انهن ٻن ٻارن مان هڪ هاڻوڪو پير پاڳارو آهي ۽ ٻيو هو سندس ڀاءُ جنهن جو نالو نادر شاهه هو.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ساڳي بنگلي ۾ ڊاڪٽر ساران صديقي اچي رهي هئي، ۽ اتي ئي اسپتال کولي هئي. ان اسپتال ۾ منهنجين ٻن ڀائٽين جنم ورتو هو. ٻنهي مان هڪ ايسوسئيٽ پروفيسر آهي، ۽ ٻي پروفيسر آهي، ڊاڪٽر ساران صديقي شڪارپور جي هئي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پهرين ٻاهران پڙهي آيل مسلمان ڊاڪٽرياڻي هئي. مشهور سرجن ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم صديقي سندس ڀائيٽو آهي. وقت جو اجگر اُهي بنگلا ڳهي ويو. انهن بنگلن جي جاءِ تي گهڻ ماڙ بلڊنگون بيهي رهيون آهن.

تاج محل سينيما سان لڳو لڳ ٿياسافيڪل هال ۽ لائبريري هوندي هئي. ٿياسافيڪل هال ۽ سندس لائبريري سياسي اٿل پٿل  ۾ تباهه ٿيڻ کان بچي ويا آهن. ٿياسافيڪل هال سعيد منزل ڀرسان اسان جي فليٽ کان تمام ويجهو هوندو هو. وچ ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول جي عاليشان عمارت ايندي هئي. اين جي وي هاءِ اسڪول منهنجين ابتدائي يادن جو مرڪز آهي. پهرين درجي کان ميٽرڪ تائين مان پنهنجين غير معمولي يادن جي مرڪز ۾ پڙهيو آهيان تفصيل ۾ هليو ويس ته پوءِ آتم ڪٿا جا اٺ ڏهه باب لکي ويهندس.

ٿياسافيڪل هال سان منهنجيون بيشمار يادون وابسته آهن. 1961ع کان 1963ع وارا ٽي سال مان ڪڏهن وساري نه سگهندس. جڏهن به لکيم منهنجي آتم ڪٿا جا اهم باب انهن سالن جي باري ۾ هوندا. هتي فقط هڪ ٻن ڳالهين جو حوالو ڏيندس. ننڍي وهيءَ کان مان ٿياسافيءَ تي هفتيوار ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ٿياسافيڪل هال ويندو هوس. اُهي ليڪچر ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي پريزيڊنٽ مسز گل مينوالا سادي، سليس ۽ سمجهه ۾ ايندڙ انگريزيءَ ۾ ڏيندي هئي. انهن ليڪچرن مذهبن ۽ عقيدن جي باري ۾ منهنجو ذهن صاف ڪري ڇڏيو. هال جي اسٽيج مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل ايني بيسنت جي هڪ سٽ جو مفهوم مونکي سمجهه ۾ اچي ويو- ”ڪو مذهب سچ کان مٿاهون ناهي.“

مذهبن ۽ عقيدن جي باري ۾ منهنجا مونجهارا ختم ٿي ويا. مونکي هميشه لاءِ مڪتي ملي ويئي مان آزاد ٿي ويس. ٿياسافيڪل هال ۾ نيشنل ٿيٽرس پاران منهنجو پهريون ڊرامو اسٽيج ٿيو هو. اتي ئي مون ٻه ٽي اسٽيج ڊراما ڊائريڪٽ ڪيا هئا. اهي ڊراما اردو ۾ هئا. پاڪستان ٿيٽرس ۽ نيشنل ٿيٽرس سان ڪم ڪندي مون زندگيءَ کي تمام ويجهڙائي کان ڏٺو. زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن کي هر رنگ هر روپ ۾ ڏٺو. زندگيءَ کي مون روشني ۾ ڏٺو، زندگي کي مون تاريخيءَ ۾ غرق ڏٺو. ڪلوز اپ (Close- up) ۾ زندگي مونکي ڏاڍي ڀوائتي محسوس ٿي.

ڪراچيءَ ۾ ٽي ٿيٽر هوندا هئا. هڪ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ وارو، ٻيو ايليٽ ٿيٽر، اسان جي سعيد منزل واري فليٽ کان تمام ويجهو هوندو هو، ۽ ٽيون هو ڪيٽرڪ هال. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ وارو هال هلي پيو. ايليٽ ٿيٽر کي ورهاڱي کانپوءِ ڊاهي ساڳي هنڌ ايروز سينيما ٺاهي هئائون جيڪا پاڪستان ۾ آيل سينيمائن لاءِ تباهيءَ ۾ مسمار ٿي ويئي. اُتي هن وقت موٽر گاڏين لاءِ اسپئر پارٽس جا دڪان آهن. اٺ ڏهه سال اڳ ڪيٽرڪ هال ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ڪيٽرڪ هال جي ويجهو هڪ ڄڻو گاڏي تي جست جي ديڳ ۾ برياني کڻي ايندو هو. ڏاڍي لذيز هوندي هئي. اوسي پاسي جي اسڪولي ۽ ڪاليج جي شاگردن کي وڻندي هئي. ڪاروبار هلي پيس ته گاڏيءَ تي هڪ بدران ٻه ديڳون آڻڻ لڳو. مٿان بورڊ هڻائي ڇڏيائين- اسٽوڊنٽ برياني. ڏسندي ئي ڏسندي ننڍڙو هٽ ورتائين، پوءِ ٻيو هٽ ورتائين. اٺن بدران ويهه ٽيبل ڪرسيون آڻي فٽباٿ تي رکيائين. اتيئي، ساڳئي هنڌ، ايمپريس مارڪيٽ ويجهو سندس هوٽل آهي. ساڳئي نالي سان- اسٽوڊنٽ برياني. نه رهيو ته ڪيٽرڪ هال نه رهيو. اُتي گهڻ ماڙ عمارت اُسري آئي آهي.

ائين، يادن جي هڙ کولي ويٺس ته ڪتاب پڙهڻ وارن سان بي انصافي ڪندس. هنن هيءُ ڪتاب مهاڳ ۾ منهنجي آتم ڪٿا پڙهڻ لاءِ نه ورتو آهي. تنهنڪري ڪراچيءَ جي ٻن چئن هنڌن جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ اُداس شام ۾ ڊگهي واڪ تي نڪري ويندس. انهن هنڌن تي وڃي بيهندس، جڳهن جو ذڪر مان هينئر اوهان سان ڪندس.

ڪي ڪي يادون پٿر تي ليڪ وانگر ڀرجي ويل پراڻي زخم وانگر انسان کي هميشه ذهن ۾ پاسا ورائيندي محسوس ٿينديون آهن. مون اڍائي ٽن سالن جي ڄمار ۾ هوش سنڀاليو هو. تڏهن اسين گارڊن روڊن تي برهاني بلڊنگ ۾ رهندا هئاسين. پاسي کان اينڪل سيريا نرسنگ هوم هوندو هو. سڏ پنڌ تي هوندو هو گانڌي گارڊن، ٻال اوسٿا جي يادن مان سڀ کان واضح ياد آهي. صبح ۽ شام ويلي ببر شينهن جي اونائڻ جو آواز. چلڪڻي فرش تي هاريل پاڻيءَ ۾ مونکي مختلف شڪليون نظر اينديون هيون. پاڻيءَ ۾ پير هڻي مان شڪليون بدلائي ڇڏيندو هوس. اهي ڏينهن هئا ٻي مهاڀاري جنگ جا. ڪڏهن ڪڏهن سائرن وڄندا هئا. بتيون وسامي وينديون هيون. امان مون کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندي هئي. اونده جي هيبت منهنجي لاشعور ۾ لهي ويئي. مون کي اڄ تائين اونده کان ڊپ محسوس ٿيندو آهي. اهي ڳالهيون امان ۽ بابا جي بار بار ورجائڻ سبب به مونکي ياد رهجي ويون آهن.

برهاني بلڊنگ ۾ اسان کي ڇڏي باقي ڪرسچن، پارسي، بوهري ۽ هندو فيمليون رهنديون هيون. ان عمارت ۾ منهنجي اڳتي هلي لاهن چاڙهن ۽ ڇڪتاڻن سان سٿيل زندگيءَ ۾ سيڪيولر رَوَين جو پڪو پختو بنياد پيو. سالن جا سال ٿياسافيڪل هال ۾ ٿياسافيءَ تي ليڪچر ٻڌندي مونتي صوفياڻو اثر پوندو ويو. سوچڻ تي ڪا بندش نه هئي. ڪو به سوال پڇڻ تي جهل پل نه هوندي هئي. پوءِ اڳتي هلي جڏهن سچل سائينءَ کي پڙهيم تڏهن انيڪ وهمن وسن کان مون کي نجات ملي ويئي.

ٻڌائيندا آهن ته سال کن جي عمر ۾ جڏهن پهرين وک کئين هيم تڏهن بابا مونکي فريئر هال وٺي ويندو هو. پاڻ بينچ تي ويهي رهندو هو ۽ مونکي فريئر هال جي سر سبز ڇٻر يعني لان تي هلڻ، هلندي ڪرڻ ۽ ڪرڻ کانپوءِ اٿڻ لاءِ ڇڏي ڏيندو هو. فريئر هال ۾ گذاريل اهو عرصو مونکي ياد ناهي، پر پوءِ اڍائي ٽن سالن جو ٿيڻ کانپوءِ جڏهن مونکي شيون سڃاڻڻ جو شعور مليو تڏهن کان فريئر هال ۾ رکيل شيون ڪجهه بت ۽ لامارا ڏيئي چوڳو چڳڻ وارا ڪبوتر هميشه لاءِ منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويا. لان تي پير رکبو هو ته سڀ کان اڳ انصاف جي ديويءَ تي نظر پوندي هئي. سنگ مرمر مان ٺاهيل انصاف جي ديوي وڏي چبوتري تي ويٺي هوندي هئي. اکين تي پٽي ٻڌل هوندي هئس ۽ هٿ ۾ ساهمي. ٻنهي پاسن کان پتل جا ٻه ببر شينهن ويٺا هوندا هئس. ويجهو وڃي ڏسڻ کان پوءِ به اصلي جيئرا جاڳندا لڳندا هئا.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بتشڪنن انصاف جي ديوي غائب ڪري ڇڏي. ان ڏينهن کان انصاف پاڪستان مان لڏي ويو. راڻي وڪٽوريا جو خوبصورت مجسمو به الاءِ ڪيڏانهن ڪري ڇڏيائون. برٽش طرز تي ٺاهيل فريئر هال ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ آهي. اتي ڪنهن کي پير پائڻ جي اجازت ناهي ڇو جو عين سامهون آمريڪا جو ڪائونسل خانو آهي.

هاڻوڪي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي وچ واري چوراهي تي پتل ۽ ٽامي مان ٺاهيل مهاآتما گانڌيءَ جو مجسمو بيٺل هوندو هو. ايڏو سهڻو ٺاهيل هو جو لڳندو هو، اجهو وک کنيائين. بت شڪنن رسا ۽ زنجير وجهي مهاآتما گانڌيءَ جو مجسمو ڪيرائي وڌو هو. مشهور ٿيو هو ته يارن ٽامو ۽ پتل ڳاري ڳريل يا رجيل ٽامي ۽ پتل مان ديڳيون ٺاهيون هيون ۽ برنس روڊ تي انهن ديڳين ۾ حليم ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيو هئائون.

ڪي وڌيڪ سال ڪونه ٿيا آهن جڏهن انگريز جي يورپي طرز تي ٺاهيل قديم بولٽن مارڪيٽ ڊاهي، ان جي جاءِ تي گهڻ ماڙ عمارت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هئائون. ڪجهه نه ٿيو هو. ڪو احتجاج نه ٿيو هو. بولٽن مارڪيٽ جي سامهون هڪ سرڪاري عمارت هوندي هئي، شايد سروير جي آفيس هئي. اها ڳالهه اهم ناهي. اهم اهو آهي ته ان عمارت جي ٻاهرين ڀت تي ڪراچيءَ جي زيرو پوائنٽ جو پٿر لڳل هوندو هو. هينئر سڀ ڪجهه غائب ٿي ويو آهي.

ڪجهه سال اڳ لاهور جو ٽولٽن مارڪيٽ جڏهڻ ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو هئائون، تڏهن سمورو لاهور جو شهر احتجاج جي باهه ۾ ڀڙڪي اٿيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ کي گهيري ۾ آڻي ليکڪن، آرٽسٽن، جرنلسٽن، ٽيچرن، پروفيسرن، شاگردن ۽ لکين شهرين ڌرڻو هنيو هو، ٽولٽن مارڪيٽ جا ڌڻي سائين هئا، تن ٽولٽن مارڪيٽ بچائي ورتو. بولٽن مارڪيٽ جو ڪو ڌڻي سائين نه هو. پٽي پٽ ڪري ڇڏيائونس.

منهنجين انيڪ ڪهاڻين جا ٽي هنڌ مرڪزي حيثيت جا آهن، سعيد منزل بارنيس اسٽريٽ، ايلفنسٽن اسٽريٽ صدر ۽ چاڪيواڙو، ڀيم پورو ۽ رانگي واڙو.

بارنيس اسٽريٽ کي ڪري ڇڏيائون جميله اسٽريٽ، ايلفسٽن اسٽريٽ کي ڪري ڇڏيائون زيب النسا اسٽريٽ، ايلفسٽن اسٽريت تي جتي ڪتابن جا دڪان هئا اُتي بوٽن جا دڪان کلي ويا آهن. ايلفي ريسٽورنٽ جتي ڪراچيءَ جا ليکڪ، آرٽسٽ، ڪميونسٽ، صحافي ۽ بيروزگار اچي چانهه پيئندا هئا، اُتي زيورن جو دڪان کوليو اٿائون. چاڪيواڙو ڀيم پورو ۽ لياري غنڊن ۽ شودن جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿائون.

جهانگير پارڪ صدر ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ هوندو هو، جتي ميچن کان علاوه اٺ ٽيمون نيٽ پريڪٽس ڪنديون هيون. منهنجي زندگيءَ جا ڀرپور سال جهانگير پارڪ ۾ ميچون کيڏندي يا پريڪٽس ڪندي گذريا. هينئر جهانگير پارڪ جي هڪ حصي تي مسجد ٺاهي اٿائون جنهن تي بيشمار لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن. ڪرڪيٽ راند بند ڪرائي جهانگير پارڪ جي باقي بچيل حصي تي ڇٻر، لان، گل ٻوٽا هڻي باغ ٺاهيائون جيڪو هينئر چرسين، هيروئنن ۽ نشين اجاڙي ڇڏيو آهي. ظاهري ڀڃ ڊاهه منهنجي لاءِ باطني ڀڃ ڊاهه جو سبب ٿي پيئي آهي.

هندو جمخاني جو شمار ڪراچيءَ جي سٺن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيندو هو. اتي مون آل انڊيا ٽيسٽ ڪرڪيٽر نائومل کي راند ڪندي ڏٺو هو. اتيئي مون پمنمل پنجابي، رامچند ۽ لعل کي کيڏندي ڏٺو هو. لعل اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ مون کان سينيئر هوندو هو، ۽ ليفٽ آرم فاسٽ بالر هوندو هو. هندو جمخاني سان لڳو لڳ هوندو هو مسلم جمخانو. هندو جمخاني کان سڏ پنڌ تي هوندو هو ڪراچي جمخانو. آغا جمخاني جو ڪرڪيٽ گرائونڊ گارڊن طرف هو. ڪراچي پارسي انسٽي ٽيوٽ جو ڪرڪيٽ گرائونڊ سينٽ پيٽرڪ اسڪول جي ڀرسان هوندو هو. ورهاڱي کانپوءِ هندو جمخاني جي عاليشان پويلين ۾ مهاجر ڪيمپ کوليائون. ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪراچي پوليس قبضو ڪري سپاهين لاءِ ننڍڙا ننڍڙا سوين فليٽ ٺاهرائي ڇڏيا. هندو جمخاني جي خوبصورت پويلين سيٺ مهاٽا پنهنجي محل مهاٽا پيلس وانگر ساڳئي راجسٿاني پٿر ۽ طرز تي ٺاهرائي هئي. ورهين تائين زبون حالت ۾  هئي. سنڌ ڪلچر ڊپارٽمنٽ جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند وڏي جاکوڙ کانپوءِ هندو جمخانو ڪلچر ڊپارٽمنٽ جي تحويل ۾ ورتو ۽ سالن جا سال ڏينهن رات محنت ڪري، مرمت ڪرائي هندو جمخاني جي پويلين کي ساڳي اوج تي آڻي بيهاريو. ڪجهه سال اڳ ٿيٽر جي نالي ۾ ڪجهه پراڻا فنڪار هندو جمخاني تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مون کي ڏاڍو افسوس  ٿيو. افسوس ان ڪري ٿيو جو هندو جمخاني جي صفا سامهون ڪراچي آرٽ ڪائونسل آهي. اتي هڪ ٿيٽر به ٺهيل آهي. جيڪو ڪم تاريخي هندو جمخاني ۾ ٿيٽر جا پراڻا فنڪار ڪري رهيا آهن، سو ڪم هو آرٽ ڪائونسل ۾ ڪري سگهيا ٿي، پر هنن کي هڪ نويڪلي جاءِ جي تلاش هئي جيڪا کين ٺهيل ٺڪيل ملي ويئي. جتي هنج هئا، اتي ڪانون ڪانگيرا ڪيا آهن.

ڪلفٽن هڪ دياوان پارسي جهانگير ڪوٺاري ٺاهرائي هئي، سئو کن سال اڳ، گنبذ کان سڏ پنڌ تي ڳاڙهي پٿر جا ويڪرا ڏاڪا سڌو سمنڊ تائين وٺي ويندا هئا. هڪ محراب هيٺان ڏاڪا شروع ٿيندا هئا. محراب تي اڃا به اُها ئي عبارت اُڪريل آهي- جهانگير ڪوٺاري پريڊ. پاسي کان مندر آهي جتي اڃا به سومر سومر تي پوڄا پاٺ هلندو آهي. الاءِ ڪيئن وقت جي ڏڦير ۾ بچي ويو آهي. قدرت جو ڪرشمو آهي.

جهانگير ڪوٺاري پريڊ جا ڏاڪا جتي ختم ٿيندا هئا اتي پاسي کان سي بريز نالي ريسٽورنٽ هوندي هئي. عجيب ريسٽورنٽ هوندي هئي. شام ڌاري، سج لهڻ کانپوءِ وڏي ۽ ويڪري اڱڻ ۾ ميزون ۽ ويهڻ لاءِ موڙا رکندا هئا. هلڪي روشنيءَ وارا بلب ٻري پوندا هئا. چئن ڪنڊن تي لڳل چئن لائوڊ اسپيڪرن مان جهونگار جهڙي آواز ۾ طلعت محمود جا غزل ۽ سهگل جا گيت هلندا هئا. اڱڻ کي ٽن فٽن جيتري لوڙهي جهڙي ڀت ڏنل هوندي هئي. چانڊوڪي راتين ۾ ڪا ڇولي سي بريز جي ڀت سان اچي لڳندي هئي. نه رهي آهي سي بريز، ۽ نه چانڊوڪين راتين ۾ غزلن ۽ گيتن جو سمنڊ جي سرگم تي روح کي راحت بخشڻ جهڙي موسيقيءَ جو سحر. سمنڊ ڪوٺاري پريڊ کان ڏيڍ ٻه ڪلو ميٽر پري هليو ويو آهي. ڄڻ اسان کان رسي ويو آهي.

آخر ۾ مان ذڪر ڪندس پنهنجي پرائمري اسڪول جو. رتن تلاءُ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪراچيءَ جي تمام سٺن اسڪولن ۾ شمار ٿيندو هو. گارڊن روڊ واري برهاني بلڊنگ ۾ مان جڏهن ڇهن سالن جو ٿيس تڏهن بابا مون کي رتن تلاءُ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. برهاني بلڊنگ رتن تلاءُ اسڪول کان ڪجهه پري هوندي هئي، تنهن ڪري بابا 1942ع ۾ بارنيس اسٽريٽ تي سعيد منزل سان لڳو لڳ ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ ۾ فليٽ ورتو ۽ اسين برهاني بلڊنگ مان اُٿي ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ هليا آياسين. پاسي کان بندر روڊ هوندو هو. بندر روڊ پار ڪري، هڪ گهٽي لنگهبي هئي ته سڌو وڃي رتن تلاءُ اسڪول جي سامهون بيهبو هو. وڌ ۾ وڌ پنج ڇهن منٽن جو پنڌ هو، ٻال اوسٿا دوران دل ۾ گهر ڪري ويهي رهڻ واريون دوستيون رتن تلاءُ اسڪول ۾ ٿيون هيون.

رتن تلاءُ پرائمري اسڪول ۾ مون اُن دور جي دستور موجب پرائمري جا چار درجا پڙهيا- 1942ع کان 1946ع تائين. 1947ع ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو. سڄي ملڪ ۾ فسادن جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. 1947ع ۾ مون اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ جي پهرين درجي ۾ داخلا ورتي هئي. هڪ شام افواهه آيو ته رتن تلاءُ اسڪول کي باهه ڏني اٿائون. مان ڊوڙندو ويس. بندر روڊ پار ڪري، لنگهي جيئن ئي مان اسڪول آڏو پهتس ته اسڪول جي پهرين ماڙ جي درين مان باهه جا ڀنڀٽ نڪري رهيا هئا.

مان توائي ٿي ويس. اڄ تائين توائي آهيان. مونکي نروان نصيب نه ٿيندو. مان هر جنم ۾ توائي رهندس. رتن تلاءُ اسڪول کي لڳل باهه جا ڀنڀٽ منهنجي وجود ۾ وسامي نه سگهيا آهن. مان مها آتما گوتم ٻڌ جو ڀڪشو آهيان. پر نروان منهنجي نصيب ۾ ناهي.

 

امر جليل

20, April 2007

B.702, Sand View Homes

Frere Town, Clifton

Karachi.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org