سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 11

ڪنزروينسي بورڊ کان شهري ضلعي حڪومت تائين

 قبضي وقت انگريزن سنڌ جي ميرن واري گادي واري هنڌ حيدرآباد کي گادي وارو هنڌ رهڻ ڏنو پر حيدرآباد جي موسم انگريزن کي راس نه آئي. هتي جي گرمي انگريزن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو. چارلس نيپئر، رچرڊ برٽن کي جيڪو ان وقت برطانوي فوج ۾ ڪيپٽن جي عهدي تي فائز هو ڪراچي جي دوري ڪرڻ ۽ رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون.

رچرڊ برٽن جو تعلق آڪسفورڊ سان هو. هو هڪ مشهور اسڪالر ۽ 39 ٻولين جو ڄاڻو هو. هن چاليهه کان مٿي ڪتاب لکيا. برٽن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته مهاڻن جي وسندي ڪراچي موسم سان گڏ هر لحاظ کان حيدرآباد کان بهتر آهي. هتان سمنڊ رستي پرڏيهه ڏانهن واپار لاءِ بهتر امڪان موجود آهن. انهن رپورٽن جي آڌار تي نيپئر گادي جو هنڌ حيدرآباد کان ڪراچي منتقل ڪيو.

نيپئر ڪراچي ۾ هڪ بنگلي ۾ رهائش اختيار ڪئي. جيڪو بعد ۾ ڪمشنر هائوس نالي مشهور ٿيو. اها جاءِ سنڌ جي پهرئين گورنر سر لينسي لارڊ گراهم جي رهائش به ٿي.

سنڌ جي قبضي وقت ڪراچي ۾ صفائي گندي پاڻي جي نيڪالي جو ڪوبه انتظام نه هو. صفائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جو نظام نه هئڻ ڪري هر سال هتي وچڙندڙ بيمارين ۽ طاعون ڪري هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي شهر جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري، منگهوپير، حب، ملير ۽ ٺٽي ڏانهن ويندا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ شهري زندگي مفلوج ٿي ويندي هئي. ان زماني ۾ ڪراچي جي گهٽين ۽ رستن تي گندگي جا ڍير هوندا هئا، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ شهر ۾ رات جو اوندهه جو راڄ هوندو هو. انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي سنڌ جي پهرئين فوجي گورنر چارلس نيپئر 1846ع ۾ هڪ ڪنزروينسي بورڊ (Conservancy Board) قائم ڪيو. جنهن جو نالو ”ڪراچي ڪنزروينسي بورڊ“ رکيو ويو. هن بورڊ جا چار اهم مقصد هئا.

شهر ۾ صفائي جو انتظام ڪرڻ.

گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظام ڪرڻ.

شهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ.

رات جي وقت شهر لاءِ روشني جو انتظام ڪرڻ.

هن بورڊ جي ذمي شهرن جي حدن کانسواءِ ڪراچي ڇانوڻي ۾ صفائي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو انتظام ڪرڻ به شامل هو.

1847ع ۾ نيپئر يورپي فوجين لاءِ بيرڪن ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو جيڪي بعد ۾ نيپئر بيرڪس جي نالي سان مشهور ٿيا ۽ اڄ ڪلهه انهن ۾ سرڪاري آفيسون قائم آهن. 1847ع ۾ نيپئر کي فارغ ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي مسٽر رابرٽ پرنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪري موڪليو ويو. ان وقت ڪراچي جي آبادي 50 هزار هئي. پرنگل جي دور ۾ ڪنزروينسي بورڊ غير موثر رهيو ۽ ڪراچي جي رستن ۽ گهٽين ۾ ٻيهر ڪچري جا ڍير لڳي ويا. ان دور ۾ رچرڊ برٽن ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ بعد ۾ هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ڏکويل ماٿريءَ“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”شهر ۾ هر طرف گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن. ڪراچي شهر ڪنهن ڳوٺ جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ گندگي جا ڍير پيا آهن ۽ ايتري حد تائين جو رهڻ لاءِ ٺهيل گهر به گندگي کان بچيل نه آهن. گندگي پاڻي جي نڪاسي جو ڪو انتظام نه هئڻ ڪري اهو پاڻي هر پاسي جمع آهي. جنهن ۾ بدبوءِ پيدا ٿي رهي آهي.“

1851ع “ پرنگل جي استعيفيٰ کانپوءِ هن جي جاءِ تي مسٽر هينري بارٽل فريئر کي سنڌ جو ڪمشنر ڪري موڪليو ويو. جنهن ڪراچي جو نقشو بدلائي ڇڏيو. فريئر هڪ باصلاحيت انتظامي حڪمران طور مشهور ٿيو.

ڪنزروينسي بورڊ پاران ٽيڪس لڳائڻ جي رستي کي هموار ڪرڻ لاءِ بارٽل فريئر، نائون مل هوتچند کي شهر جي دوري ۽ شهرين کي راضي ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن لاءِ سيٺ نائون مل شهر جو دورو ڪيو ۽ شهرين کي ان جي فائدي کان آگاهه ڪيو ۽ انهن کي راضي ڪيو.

جنهن لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي جنهن جا ٽي ميمبر هئا. (1) سيٺ نائون مل هوتچند (2) مسٽر پريڊي ڪلڪٽر ڪراچي (3) مسٽر جان ميڪلوڊ ڪلڪٽر ڪسٽم. جيڪي روزانو شهر جو دورو ڪري ڪم جو جائزو وٺندا هئا. ڪراچي ۾ هندستان جي ٻين شهرن ۾ لاڳو ٿيندڙ بلدياتي نظام وانگر باقاعده ايڪٽ تحت ڪو ميونسپل سسٽم نه هپ. جنهن جي ڪري فنڊ نه هئڻ ڪري نظام جو هلڻ ڏکيو هو. ميونسپل ايڪٽ لاڳو نه هئڻ ڪري ٽيڪس لڳائڻ جهڙا مسئلا به درپيش ايندا رهندا هئا.

1851ع ۾ ڪراچي شهر جي بااثر شهرين نائون مل جي اڳواڻي ۾ انگريز سرڪار کي هڪ ياداشت نامو موڪليو ته هندستان جي ڪجهه شهرن ۾ ميونسپل ايڪٽ نمبر 26 مجريه 1850ع تحت جيڪو ميونسپل نظام لاڳو آهي. اهو ئي نظام ڪراچي ۾ لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن ڪراچي جي صفائي ۽ پيئڻ جي پاڻي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيئي سگهجي.

8 سيپٽمبر 1852ع ۾ حڪومت بمبئيءَ ڪراچي جي شهرين جي ياداشت نامي کي منظور ڪندي ڪراچي ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ قانون موجب هڪ باقاعده ميونسپل نظام رائج ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ اهڙي طرح ڪراچي جي ڪنزروينسي بورڊ کي ڪراچي ميونسپل جو نالو ڏيئي بلدياتي نظام جي شروعات ڪئي ويئي.

ميونسپل لاءِ چونڊ ۽ نامزدگي جو گڏيل نظام رائج ڪيو ويو. يعني ڪجهه ميمبر ووٽ وسيلي ۽ ڪجهه حڪومت پاران نامزد ڪيا ويندا هئا. پهرئين ميونسپل ڪميشن جي ميمبرن جو تعداد 24 هو. انهن کي ڪمشنر چيو ويندو هو. 24 ميمبرن مان 9 ڪمشنر انگريز ۽ 15 شهري هئا. اهي شهري گهڻو ڪري مالدار، واپاري ۽ خان بهادر لقب حاصل ڪرڻ وارا هوندا هئا. ڪميشن جي اڳواڻ کي صدر چيو ويندو هو. صدر حڪومت پاران نامزد ڪيو ويندو. ڪميشن جو پهريون صدر سنڌ جو ڪمشنر مسٽر بارٽل فريئر کي مقرر ڪيو ويو.

ڪميشن کي پهريون ڀيرو شهر ۾ ٽيڪس لڳائڻ ۽ شهر کي خوبصورت بنائڻ جا اختيار ڏنا ويا. ڪميشن جو پهريون اجلاس آڪٽوبر 1852ع ۾ گورنر هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻين فيصلن کانسواءِ هڪ مينيجنگ ڪاميٽي جوڙي ويئي. پهرئين مينيجنگ ڪاميٽي جي ميمبرن جا نالا هيٺيان هئا.

(1) مسٽر ايڇ. ڊبليو پريڊي ڪلڪٽر ڪراچي (2) مسٽر بي. ايڇ ايلس اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ (3) سيٺ نائون مل هوتچند واپاري (4) سيٺ کيمچند واپاري (5) مسٽر جان ميڪلوڊ ڪلڪٽر ڪسٽم (6) قاضي نور محمد واپاري (7) مگن مکي واپاري (8) سبين ميمڻ واپاري (9) شيخ غلام حسين واپاري.

ڪميٽي نسوار، تمباڪ، شراب، موٽروهيڪل ٽيڪس کانسواءِ شهر ۾ کڻي ايندڙ مال تي هر سئو سير سامان تي ڏيڍ آنا چنگي لڳائڻ لاءِ مسودو تيار ڪري، 5 فيبروري 1853ع تي حڪومت ڏانهن منظوري لاءِ موڪليو. انهن سفارشن کي منظور ڪيو ويو. هن وقت ڪميشن جي آمدني 13 هزار رپيا ساليانو هئي.

1852ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ جي پهرئين سال ڪميشن 3879 رپين جي خرچ سان هڪ سبزي ۽ گوشت مارڪيٽ مڇي مياڻ کاري در علائقي ۾ اڏيو. اها ڪراچي ميونسپل ڪميشن جي تاريخ جو پهريون ترقياتي ڪم هو. ان کانسواءِ لياري نئين تي ننڍي پل ۽ شهر ۾ روشني لاءِ 20 تيل واريون بتيون لڳايون ويون ۽ ائين هي اونداهون شهر روشن ٿيو ۽ اڄ ڪراچي روشنين جو شهر چيو وڃي ٿو، اها روشني 1852ع جي تيل وارن بتين جي روشني سان شروع ٿي. 1852ع ۾ ميونسپل ڪميشن جي عملي جو تعداد 13 هو ۽ هن وقت ڪراچي شهر جي رستن جي ڪل لمبائي هڪ ميل هئي. سولجر بازار جيڪو ڇانوڻي جو علائقو هو ۽ ميونسپل جي حدن ۾ نه هو هتي به صفائي، پيئڻ جي پاڻي ۽ روشني جي بندوبست جو ذمو به ميونسپل ڪميشن تي هو.

شهر جي صفائي لاءِ 1852ع ۾ ڀنگي پنج رپيا ماهوار پگهار تي ڀرتي ڪيا ويا. شهر جي صفائي تي ماهوار 525 رپيا خرچ ڪيو ويندو هو ۽ انهيءَ سال گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڪجهه گٽر نالين کي پڪو ڪيو ويو. 1852ع ۾ ميونسپل ڪميشن ٻه اسڪول قائم ڪيا. هڪ انگلش اسڪول صدر بازار ۾ ۽ ٻيو سنڌي ميڊيم جيڪو کوڙي باغيچي واري علائقي ۾ قائم ڪيو ويو. اهي ٻئي ميونسپل جي تاريخ جا پهريان اسڪول آهن. ياد رهي ته ڪراچي ۾ انگريزن پاران قائم ٿيندڙ پهريون اسڪول 1841ع ۾ ڪراچي جي ڇانوڻي واري علائقي ۾ چاليهين رجمنٽ جي انگريز فوجين جي ٻارن لاءِ قائم ڪيو ويو هو. 25 آڪٽوبر 1853ع ۾ هڪ ٻئي اسڪول لاءِ جيڪو ميونسپل جو اسڪول نه هو پر ان لاءِ هڪ هزار رپيا گرانٽ ڏنو ويو. 1852ع ۾ لياري نئين جي ڪپ تي پيئڻ جي پاڻي لاءِ هڪ نئون کوهه کوٽي هن کي پڪو ڪيو ويو. هن کوهه وسيلي بندرگاهه ۽ بندر روڊ جي علائقي ۾ قائم ڪواٽرز لاءِ پاڻي مهيا ڪيو ويندو هو. کوڙي باغيچي ۾ قائم هڪ تلاءَ جي ڪناري خاردار تارون لڳايون ويون.

1852ع ۾ ميونسپل کي اسڪول فيس جي مد ۾ 100 رپيا ۽ 10 پائيون، مارڪيٽ فيس جي مد ۾ پوري سال ۾ 477 رپيا 9 آنا ۽ 8 پائيون وصولي ٿي. اهڙي طرح بندر جي چنگي سميت ان سال ميونسپل ڪميشن جي آمدني 5118 رپيا، 12 آنا ۽ ڇهه پائيون ٿي.

54-1853ع ۾ ميونسپل ڪميشن جي آمدني 14900 رپيا ۽ خرچ 10146 ٿيو.

57-1856ع ۾ آمدني 38321 رپيا ۽ خرچ 34350 ٿيو.

51-1858ع ۾ آمدني 60838 رپيا جڏهن ته خرچ 52053 هو. 1860ع ۾ پهريون ڀيرو مالياتي معاملن تي هڪ مينيجنگ ڪاميٽي ٺاهي ويئي اها ڪاميٽي اڄ به اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي نالي سان موجود آهي.

1857ع کان اڳ ڪراچي ۾ گندي پاڻي جي نيڪالي جو ڪوبه انتظام نه هو. 1857ع ۾ پهريون ڀيرو گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ کوهه کوٽيا ويا. انهن کوهن کي ميونسپلٽي پاران پڪو ڪيو ويو. پر وڌندڙ آباديءَ جي ڪري اهي گهٽ هئا ۽ اهو ڪو مستقل حل به نه هو. جنهن ڪري گندي پاڻي جي نيڪالي جي هڪ جديد اسڪيم تيار ڪئي ويئي. حڪومت جي منظوري کان پهرئين مشهور ڪمپني شون سيوريج سسٽم جي پيش ڪندڙ مسٽر شون ۽ مسٽر اولٽ سان مشورو ڪيو ويو. انهن ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ 16 مارچ 1891ع ۾ ان کي عمل جوڳو قرار ڏنو ويو. ان کانپوءِ ڪراچي پراڻي شهر، بندر روڊ، مڇي مياڻ، رام باغ، نيپئر روڊ، پراڻي جيل جي حصن ۾ ان اسڪيم تي ڪم شروع ڪيو ويو. 1892ع کي ان اسڪيم کي مڪمل ڪيو ويو. جنهن تي خرچ 5،97،000 آيو. ميونسپلٽي وٽ ايترو بجيٽ نه هو جنهن لاءِ هن کي حڪومت کان قرض وٺڻو پيو. ان اسڪيم تحت گندي پاڻي کي استعمال ڪرڻ لاءِ لياري نئين لڳ گٽر باغيچو ٺاهيو ويو ۽ ان جي پاڻي کي ندي ۾ وجهي ان کي گندي ڪرڻ بجاءِ الڳ باغ ٺاهيو ويو ۽ ان جو پاڻي پمپ وسيلي ان باغ ۾ آندو ويندو هو ۽ هتي پوک ڪئي ويندي هئي. اهو فارم پراڻي گوليمار جي سامهون اولهه پاسي ۽ ميوا شاهه قبرستان لڳ اڄ به موجود آهي.

1893ع ۾ پوري شهر، ڪلفٽن ۽ ڪياماڙي سميت گندي پاڻي جي نيڪالي هڪ ٻيو منصوبو ميونسپلٽي جي چيف انجنيئر مسٽر اسٽريچن تيار ڪيو. هن تي خرچ جو کاتو 1992959 رپيا لڳايو ويو. ڪراچي ۾ 1897ع ۾ طاعون جي بيماري ڦهلجڻ ڪري ان منصوبي تي ڪم روڪيو ويو. طاعون جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ان سال 3387 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. 1902ع ۾ ٻيهر هن اسڪيم تي ڪم شروع ڪيو ويو. انجنيئر مسٽر اسٽريچن ميونسپلٽي ڇڏي چڪو هو. جي جاءِ تي آيل انجنيئر مسٽر فوريسٽ برٽن ان اسڪيم جو نگران هو. مالي وسيلن جي گهٽتائي ڪري ميونسپلٽي اپريل 1905ع ۾ پاڻي جي ٽيڪس جي مد ۾ هڪ سيڪڙي جو واڌارو ڪيو. حڪومت کان قرض به حاصل ڪيو ۽ جلدي صدر بازار، پريڊي، رنڇوڙ لائين، رامسوامي، ميڪلوڊ روڊ، جيل ڪواٽرز جي علائقي ۾ گندي پاڻي جي نيڪالي جي اسڪيم مڪمل ڪئي ويئي.

1911ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي جي نئين انجنيئر مسٽر ميشم لي سول لائنز جي علائقي لاءِ سيوريج اسڪيم تي ڪم شروع ڪيو. ان تي ڪم 1912ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1917ع ۾ مڪمل ٿيو جنهن تي 554000 رپيا خرچ آيو. جنهن لاءِ ڪوئنز روڊ جي پل جي ويجهو هڪ ايئر ڪمپريشر اسٽيشن اڏيو ويو جنهن لاءِ چنيسر ڳوٺ ويجهو هڪ گٽر باغيچو تيار ڪيو ويو. شون گروپ شهر ۾ گندي پاڻي جي نالين جي نگراني ڪري رهيو هو اهو پاڻي پهرئين کوهن ۾ جمع ڪري پوءِ پريشر پمپن وسيلي اهو پاڻي لياري ۽ چنيسر ڳوٺ گٽر باغيچي ۾ آندو ويندو هو. جتي گاهه ۽ سبزيون پوکيون وينديون هيون ۽ انهن جي گند مان ڀاڻ تيار ڪيو ويندو هو. هندستان ۾ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ مشيني سسٽم جو پهرئين شروعات ڪراچي ۾ ٿي. هي سسٽم ورهاڱي کانپوءِ به ڪم ڪري رهيو هو. چنيسر ڳوٺ گٽر فارم کي ختم ڪيو ويو. ان وقت ڪراچي جي سيوريج جو پاڻي لياري، ملير، ٿڌو ۽ ٻين نئين وسيلي سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. ان وقت ڪراچي جا سڀئي ڍورا ۽ نئيون گٽر نالن ۾ تبديل ڪيا ويا.

1859ع ۾ ڪميشن کي شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي مڪمل ذميداري ڏني ويئي. 1860ع ۾ ميونسپل جي عهدن ۾ ردوبدر ڪئي وئي. جنهن تحت ڪلڪٽر ڪراچي کي ميونسپلٽي جو صدر مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ ڪمشنر سنڌ ميونسپلٽي جو صدر هوندو هو. ان جي اختيار ۾ پوري سنڌ شامل هئي. جنهن جي ڪري ڪمشنر سنڌ وٽ ايترو وقت نه هو، جو هو ميونسپلٽي کي وقت ڏيئي سگهي جنهن جي ڪري ميونسپلٽي جو ڪم متاثر ٿي رهيو هو.

1853ع کان 1859ع تائين ميونسپل ڪميشن روڊ ۽ ننڍا پل تعمير ڪرايا. پهريون روڊ جيڪو ميونسپل ڪميشن پڪو ڪيو اهو لالا بهرام اسٽريٽ جيڪو پراڻي مارڪيٽ کان لياري ندي تائين هو. هن زماني ۾ لياري ندي انهيءَ مارڪيٽ جي ويجهو وهندي هئي. انهيءَ روڊ جي اڏاوت تي 413 رپيا خرچ آيو. هڪ ٻيو رستو باٿ آءِ لينڊ ۾ گهوڙن سوارن لاءِ اڏيو ويو. ايلفسٽن پل ۽ رام باغ ۾ به هڪ ننڍي پل ٺهرائي وئي. ايلفسٽن پل تي 4470 ۽ رام باغ پل تي 299 رپيا خرچ آيو.

ميونسپلٽي پاران ڪراچي ۾ رهائشي مسئلي کي ڏسندي ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن لڳ پلاٽ خريد ڪيو ويو، جتي سنڌ ڪمپني نالي اداري پلاٽ پنهنجن آفيسرن لاءِ خريد ڪيا. جنهن جو منصوبو هڪ اڏاوتي ڪمپني جي اڳواڻ مسٽر ٽي. جي نيوهام تيار ڪيو هو. جتي ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو يورپي طرز اڏاوت تي ٻه ماڙ گهر ٺاهيا ويا. ان کانپوءِ ريمپارٽ روڊ تي به جديد گهر اڏيا ويا.

1862ع ۾ هندستان سرڪار جي هڪ حڪم نامي موجب تمام ميونسپل ادارن ۾ حڪومت پاران مقرر ڪيل نمائندن جي حد، ڪل ميمبرن جي هڪ ڀاڱي چار مقرر ڪيو ويو.

1863ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪميشن شهر ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ خاص ڪري چورين کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جو کاتو قائم ڪيو. اهڙي طرح ڪراچي ۾ انتظامي ڪنٽرول ۽ پوليس کاتو ميونسپلٽي جي انتظام هيٺ شروع ٿيو ۽ انهيءَ سال ڪميشن پهريون ڀيرو ڪراچي شهر ۾ هائوس ٽيڪس به لڳايو.

66-1865ع ۾ ميونسپلٽي جي آمدني ۽ خرچ ۾ توازن برقرار نه رهيو. آمدني 236000 ۽ خرچ 259841 هو ۽ پهريون ڀيرو آمدني کان خرچ گهڻو ٿيو جنهن کوٽ کي حڪومت پنهنجي واڌو فنڊ مان پورو ڪيو.

1872ع ۾ حڪومت پاران هڪ حڪم وسيلي ڪراچي ميونسپل کي بجيٽ ٺاهڻ لاءِ چيو ويو. اهڙي طرح 1872ع ۾ باقاعده بجيٽ جو رواج شروع ڪيو ويو. جنهن ۾ آمدني ۽ خرچ جا مڪمل تفصيل ڌار ڌار ٺاهيا ويا. ميونسپلٽي جي آمدني جو وڏو وسيلو بندر تي لهندڙ سامان خاص ڪري شراب ۽ تيزاب تي ٽيڪس مان وصول ٿيندو هو. جنهن تي بندر وارن واپارين احتجاج ڪيو. پر حڪومت واپارين جي هن پهرئين احتجاج کي رد ڪيو.

1884ع ۾ حڪومت ڪراچي ميونسپلٽي جي قانون ۾ ترميم ڪري اڌ ميمبر عوام جي ووٽن وسيلي چونڊڻ جو طريقو متعارف ڪرايو ۽ ميمبرن جو تعداد 24 مان وڌائي 32 ڪيو ويو. جنهن ۾ 8 يورپين ۽ 24 مقامي ماڻهو هئا. ووٽ ڏيڻ ۽ اليڪشن ۾ بيهڻ جو حق فقط ٽيڪس ڏيندڙن، خان بهادرن، راءِ بهادرن ۽ 15 سئو رپيا ماهوار پينشن حاصل ڪندڙ ريٽائر سرڪاري ملازمن کي هو. چونڊ وسيلي 16 ماڻهو چونڊيا ويندا هئا ۽ باقي 16 حڪومت پاران نامزد ڪيا ويندا هئا.

هن ترميم کان پوءِ ڪراچي جي تاريخ ۾ پهرئين مڪاني چونڊون پهرئين نومبر 1884ع ۾ ٿيون. جنهن لاءِ ڪراچي شهر کي 16 وارڊن ۾ ورهايو ويو. هر وارڊ مان هڪ ماڻهو جي چونڊ ڪئي ويئي. ڪمشنر ڪراچي 8 ڊسمبر 1884ع ۾ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو. انهن چونڊن جي نتيجي ۾ پهرئين جنوري 1885ع ۾ ميونسپلٽي جي نئين انتظاميا پنهنجو ڪم شروع ڪيو. ڪراچي جي تاريخ ۾ ٿيندڙ پهرئين مڪاني چونڊن تي ڪل ٻارنهن لک 87 هزار هڪ سئو ٽيهه رپيا خرچ ٿيو.

1884ع ۾ ڪراچي شهر جي ڪل آبادي 68332 هئي ۽ ووٽرن جو تعداد 1666 هو جنهن مان 375 مسلمان، 864 هندو هئا، باقي ووٽر عيسائي پارسي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو هئا. هن کان اڳ 1883ع ۾ ميونسپلٽي پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪراچي شهر کان 19 ميل پري ملير واري علائقي ڊملوٽي ۾ ٻه کوهه کوٽيا ۽ انهن جو پاڻي پائيپ وسيلي ڪراچي پهچايو ويو.

 ميونسپلٽي جي قانون ۾ ترميم کان پوءِ هن جي اختيارن ۾ خاص ڪري، شهر جا رستا ٺاهڻ، رستن تي روشني جو انتظام ڪرڻ، پراڻن قبرستانن جن ۾ وڌيڪ مردن جي دفن ڪرڻ جي گنجائش نه هئي انهن کي بند ڪرڻ ۽ نون قبرستانن لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ، پارڪ اڏڻ، اسڪول، اسپتال ۽ راندين لاءِ ميدان ٺاهڻ، پلن، مارڪيٽن جي اڏاوت، گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بندوبست جهڙا اختيار شامل هئا.

ڪراچي ميونسپل ڪميشن پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ٻين سان گڏ شهرين جي علاج ۽ صحت طرف به ڌيان ڏنو جنهن لاءِ مختلف علائقن ۾ ڊسپنسريون قائم ڪيون ويون. انهن ۾ ايڊلجي ڊنشا، جعفر فدو، ساڌو هيراند جهڙا ماڻهو شامل هئا. جن پنهنجي خرچ تي اسپتالون ٺاهي ميونسپلٽي جي حوالي ڪيون. 1880ع ۾ ڪراچي ۾ لازمي ٽڪا لڳائڻ جنهن کي Vaccination Act-iv of 1879 compulsory چيو ويندو هو، نافذ ڪيو ويو. جنهن لاءِ الڳ ادارو قائم ڪيو ويو. هن وقت صحت کاتو حڪومت جي حوالي هو، پر ميونسپلٽي به صحت لاءِ ڪوششون ڪيون. سرهندي وارن ماڻهن ڊسپنسرين قائم ڪرڻ لاءِ مدد به ڪئي. ميونسپلٽي پاران هن زماني ۾ هيلٿ آفيسر به مقرر ڪيل هو. جنهن جو نالو ڊاڪٽر اي.ڊي شروف هو.

1876ع کان 1886ع تائين ڏهن سالن ۾ ميونسپلٽي جي اوسط سالاني آمدني 267442 رپيا ۽ اوسط خرچ 232200 هو. 1886ع ۾ ميونسپلٽي لوهه، هوزري جي سامان ۽ ريشم تي چنگي ختم ڪري ڇڏي ۽ انهيءَ سال ٻاهرين ملڪ مان ايندڙ کنڊ تي چنگي لاڳو ڪرڻ سان گڏ تازن ۽ خشڪ ميون تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو. شهر جي گهرن تي لڳل ٽيڪس ۾ به 2 کان 3 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو. انهيءَ سال پوليس کاتو، بندرگاهه جو انتظام، گاڏين کي رجسٽرڊ ڪرڻ جا اختيار به ميونسپلٽي جي حوالي ڪيا ويا.

 

1870ع ۾ ميونسپلي بندرگاهه کي شهر سان ملائڻ لاءِ بندر روڊ تعمير ڪيو. 1891ع ۾ ٻيهر بلدياتي چونڊون ٿيون. ڪراچي جي سورنهن وارڊن مان هيٺيان 16 ڪمشنر چونڊجي آيا.

(1) اوڌارام مولچند (2) هوتچند خوشلداس (3) الومل ٽيڪم داس (4) شيورام (5) دولت رام جيٺمل (6) ڊوسا ڪليانجي (7) گدومل ليکراج (8) جعفر فدو (9) ايڊلجي ڊنشا (10) ولي محمد حسن علي (11) صالح محمد عمر ڊوسل (12) جوزف ڊي. سوزا (13) آر. ايڇ اليگزينڊر (14) نادر شاهه ايڊلجي (15) هرچند راءِ وشنداس (16) ٺهل رام کيم چند.

حڪومت پاران ٿاڦيل ميمبرن  جا نالا هيٺين ريت هئا. (1) مسٽر ميجر ڪلوگري (2) مسٽر جيم ڪوري (3) ڪرنل اي. ڪوري (4) مسٽر وي. ڊي بور (5) مسٽر بي. ٽي فنج (6) مسٽر ايڇ. ايف بريسن (7) ميجر راڊن ريلي (8) مسٽر اسپيچ لي (9) مسٽر جهانگير ڪوٺاري (10) مسٽر ايڇ. آر رستم جي (11) مسٽر ساهنج رام گنگاڌر (12) مسٽر شيوڪ رام اوتاري (13) مسٽر بهادر دوست محمد (14) مسٽر بهادر عمر خان (15) سيد الله اوڀايو شاهه (16) مسٽر مُکي رمضان.

آڪٽوبر 1910ع ۾ ميونسپلٽي ايڪٽ ۾ ترميم ڪيو ويو. جنهن مطابق ميونسپل ڪميشن جو صدر حڪومت پاران نامزد سرڪاري آفيسر نه هوندو هو پر اهي اختيار ميونسپلٽي کي ڏنا ويا ته ان جا ميمبر پنهنجي صدر جي چونڊ پاڻ ڪندا. هن وقت ميونسپلٽي جي ميمبرن جو تعداد 32 مان وڌائي 36 ڪيو ويو. جنهن مان 24 سڌي چونڊ وسيلي چونڊيا ويندا هئا ۽ 12 ٿاڦيل ميمبر هوندا هئا جيڪي حڪومت پاران مقرر ڪيا ويندا هئا. ڪراچي ميونسپلٽي جو پهريون چونڊيل صدر مسٽر چارلس ميولز هو ۽ اهو آخري نامزد صدر به هو.

05-1904ع ميونسپلٽي جي آمدني 1755237 ۽ خرچ 1684134 هو.

1847ع کان اڳ ڪراچي ۾ رستن ۽ گهٽين ۾ روشني جو ڪو بندوبست نه هو ۽ ڪنزروينسي بورڊ 1847ع ۾ شهر جي رستن جي ڪناري روشني جو بندوبست ڪيو هو. 1852ع ۾ انهن جي انتظام کي بهتر بنايو ويو ۽ انهن جو تعداد وڌايو ويو. شروع ۾ ناريل جي تيل سان انهن بتين کي روشن ڪيو ويندو هو پر ملازمن پاران تيل جي چوري کانپوءِ گاسليٽ استعمال ڪيو ويو. ناريل جي تيل ڪري ماحول گدلاڻ کان پاڪ رهندو هو. 1883ع کانپوءِ ناريل جي تيل جي جاءِ تي گاسليٽ جو استعمال شروع ڪيو ويو. هن وقت ڪراچي جي سٺ ميل ڊگهن رستن تي هڪ هزار کان مٿي بتيون لڳايون ويون. شهر جي وڏن چوراهن تي ۽ ڪجهه رستن تي گيس جون بتيون لڳايون ويون هيون. جنهن جي ڪري ٻن فرلانگ تائين جو علائقو روشن ٿي ويندو هو. انهن جي تيل جي ٽانڪي زمين ۾ پوريل هوندي هئي. شام ٿيندي ئي ڪراچي ميونسپلٽي جو عملو انهن کي صاف ڪري تيل ڀري ٻاريندا هئا.

1913ع ۾ ميسرز فاربس ڪيمپ بيل ڪمپني ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ ڪارپوريشن قائم ڪئي. هن ڪمپني کان يونائيٽيڊ ايسٽرن ايجنسي اليڪٽرڪ جو پورو ڪاروبار خريد ڪري ورتو ۽ ائين پهرئين مهاڀاري لڙائي کان اڳ ڪراچي ۾ بجلي اچي ويئي. ڪراچي ۾ بجلي جو پهريون ڪنيڪشن جهانگير ڪوٺاري بلڊنگ کي ڏنو ويو. لي مارڪيٽ واري علائقي ۾ بجلي 1923ع ۾ اچي ويئي. هن کان اڳ 1902ع ۾ سنڌ ڪلب وارن پاران جنريٽر استعمال ڪري بلب روشن ڪيو ويو هو.

1925ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي جي ريڪارڊ موجب بجلي جا بلب تيل ۽ گيس سان هلندڙ بتين جي صورتحال هيٺين ريت هئي.

بجلي جا بلب         389

تيل سان ٻرندڙ بتيون 1242

گيس سان ٻرندڙ بتيون        353

ڪٽسن لئمپ         211

ٽوٽل                   2195

ميونسپلٽي جي رپورٽ موجب سال 1945ع تائين ڪراچي ۾ 3491 اسٽريٽ لائٽس هئا. جنهن تي ساليانو بجلي جو خرچ 235230 يونٽ هو. 1947ع تائين ڪراچي ۾ بجلي لاءِ 15 هزار گهريلو ۽ واپاري ڪنيڪشن ڏنل هئا. جنهن تي 55 هزار يونٽ بجلي روزانو استعمال ٿيندي هئي. هن وقت تائين گهريلو بجلي استعمال ڪندڙن کان ٻه پئسا ۽ واپاري مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ کان هڪ آنو في يونٽ جي حساب سان بل ورتو ويندو هو. اها پوري بجلي ڪراچي اليڪٽرڪ ڪارپوريشن جي ڪچهري روڊ تي قائم پاور هائوس ۾ پيدا ٿيندي هئي. بجلي جي استعمال لاءِ ميونسپلٽي ڪراچي اليڪٽرڪ ڪارپوريشن کي ماهوار 35 هزار ادا ڪندي هئي.

1921ع ۾ ميونسپل ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم ڪئي ويئي ۽ ننڍي کنڊ جي وڏن شهرن ۾ قائم ميونسپلٽين کي ۽ آباديءَ جي بنياد تي ڪارپوريشنن جو درجو ڏنو ويو. هن وقت پوري هندستان ۾ فقط ٽن شهرن مدراس، ممبئي ۽ ڪلڪتا ۾ ڪارپوريشنون قائم ٿي چڪيون هيون. پهرئين نومبر 1933ع ۾ ڪراچي کي ميونسپل ڪميشن کي ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو ۽ هن ترميم کانپوءِ صدر جي جاءِ تي چونڊيل ميئر ڪارپوريشن کي هيٺين اٺن وارڊن ۾ ورهايو ويو.

پراڻو شهر، نيپئر روڊ، لي مارڪيٽ، جوڙيا بازار، کارو در ۽ مٺو در.

بندرگاهه وارو علائقو، مارڪيٽ ڪواٽرز ۽ پراڻي جيل جو علائقو.

رام باغ، گاڏي کاتو، آرٽيلري ميدان ۽ سرائي ڪواٽرز.

رامسوامي ڪواٽرز ۽ رنڇوڙ لائين وارو علائقو.

مڇي مياڻ، لياري ڪواٽرز، ماڙي پور ۽ مواڇ جو علائقو.

ٺهل رام مسافر خاني وارو علائقو، لارنس روڊ، گارڊن ڪواٽرز، جمشيد ڪواٽرز، سولجر بازار، پريڊي اسٽريٽ، صدر بازار، هرچند راءِ وشنداس ڪواٽرز.

ريلوي لائنز، سول لائنز، ڪوئنز لائنز روڊ، فريئر هال، باٿ اءِ لينڊ، ڪلفٽن، گسري وليج، چنيسر ڳوٺ ۽ ٺٽو ناڪو.

بابا ڀٽ ٻيٽ، شمس ٻيٽ ۽ ڪياماڙي جو علائقو.

نئين ترميم ٿيل ايڪٽ کانپوءِ 8 نومبر 1933ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ جمشيد نسروانجي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو پهريون ميئر چونڊجي آيو. ميمبرن جو تعداد 36 مان وڌائي 64 ڪيو ويو. جنهن مان 49 ميمبر سڌي ووٽن وسيلي چونڊيا ويا ۽ باقي 15 ميمبر حڪومت پاران نامزد ڪيا ويا هئا.

ڪراچي ميونسپلٽي جا وارڊ 1900ع

 

جمشيد نسروانجي جيڪو ڪراچي ميونسپل ڪميشن جو آخري صدر به هو. هو مشهور سماجي ڪارڪن ۽ انسان دوست مخلص ماڻهو هو ڪيتريون اسپتالون فلاحي ادارا قائم ڪيا ۽ ان جي دور ۾ ڪراچي جي رستن کي ڌوئڻ جو رواج شروع ڪيو ويو جيڪو ورهاڱي تائين جاري رهيو.

ورهاڱي کان اڳ سڀ کان گهڻا ڀيرا ميمبر چونڊجڻ جو اعزاز ڪانگريس جي ليڊر مسٽر آر. ڪي سڌاوا کي حاصل هو. هي 26 سال تائين مسلسل ڪراچي ميونسپلٽي جو چونڊيل ميمبر رهيو ۽ مئي 1939ع کان مئي 1940ع تائين ڪارپوريشن جو ميئر به رهيو. مختلف وقت ۾ ميونسپلٽي جي ميمبرن ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. 1947ع تائين ڪراچي ميونسپلٽي جا ڪل ميمبر 73 هئا. ورهاڱي کان اڳ ميونسپلٽي ۾ به مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جو سياسي اثر رهيو پر تمام ميمبرن ۾ ايڪو قائم هو. جنهن جو مثال ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ۽ اهو گڏيل طور تي طئي ڪيو ويو ته هڪ سال هندو ميئر هوندو ته ٻئي سال مسلمان ۽ ٽئين سال پارسي يا عيسائي ميمبر ميئر منتخب ڪيو ويندو هو. 47- 1946ع ۾ ميونسپلٽيءَ جي ملازمن جو تعداد 4085 هو. جن کي 20 لک رپيا ماهوار ادا ڪيو ويندو هو.

ورهاڱي وقت ڪراچي جو ميئر حڪيم محمد احسن هو جيڪو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو فرزند هو. هو مئي 1947ع کان مئي 1948ع تائين ميئر رهيو. هن قائداعظم کي 14 آگسٽ 1947ع تي ڪراچي شهر اچڻ تي شهرين پاران ڀليڪار چيو ۽ 25 آگسٽ 1947ع تي ڪراچي ميونسپلٽي پاران قائداعظم کي ڪراچي جي شهرين پاران ڪارپوريشن جي آفيس بندر روڊ تي آجياڻو ڏنو ويو. 8 جولائي 1948ع ۾ ڪارپوريشن کي ٽوڙيو ويو.

1951ع ۾ ڪائونسلرن جو تعداد 73 مان وڌاءِ 100 ڪيو ويو.

1953ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ پهريون چونڊون ٿيون ۽ 1954ع ۾ 100 ميمبرن تي ٻڌل پهرئين چونڊيل ڪارپوريشن قائم ٿي ۽ 19 جنوري 1954ع ۾ محمود اي هارون ڪارپوريشن جو ميئر چونڊجي ويو ۽ حلف کڻي هن ڪم شروع ڪيو.

16 جون 1958ع تي جناب ايس. ايم توفيق ميئر چونڊجي آيو ۽ 16 آڪٽوبر 1958ع مارشل لا تائين ڪارپوريشن جو ميئر رهيو. 16 آڪٽوبر 1958ع ۾ ڪارپوريشن کي ٽوڙيو ويو. 1958ع کان 1960ع تائين ڪارپوريشن جا اڳواڻ ميونسپل ڪمشنر هوندا هئا. ايوب خان بنيادي جمهوريتن جو نئون بلدياتي آرڊيننس 1959ع تائين متعارف ڪرايو ويو. جنهن تحت بلديا ڪراچي کي ميونسپل ڪاميٽي جو درجو ڏنو ويو. جنهن جو چيئرمين سرڪار پاران سرڪاري ماڻهو نامزد ڪيو ويندو هو ۽ وائيس چيئرمين هائوس مان چونڊيل ۽ نامزد ميمبر گڏجي چونڊيندا هئا. اها ڪائونسل 30 چونڊيل ۽ 28 ٿاڦيل ڪائونسلرن تي ٻڌل هئي ۽ انهيءَ آرڊيننس موجب ممتاز احمد ميونسپلٽي جو پهريون چيئرمين حڪومت مقرر ڪيو. 14 نومبر 1960ع تي ايوان وائيس چيئرمين جي چونڊ ڪئي. هن وقت ڪم کي هلائڻ لاءِ پنج ذيلي ڪاميٽيون (1) مالياتي ڪاميٽي (2) صحت ڪاميٽي (3) تعليم ۽ سماجي ڀلائي واري ڪاميٽي (4) منصوبه بندي ۽ ترقياتي ڪاميٽي (5) اڏاوتن ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جوڙيون ويون.

5 مارچ 1960ع ۾ ٻيهر چونڊ وسيلي چونڊجي آيل ميمبرن وائيس چيئرمين جي چونڊ ڪئي. بنيادي جمهوريت جي آرڊيننس مجريه 1959ع جي تحت بنيادي جمهوريت وارو نظام ايوب خان لاڳو ڪيو هو. جنهن تحت 14 نومبر 1960ع کان 15 جون 1971ع تائين بلديا ڪراچي جا ٻه ايوان منتخب ٿيا. ياد رهي ته 22 مئي 1948ع کان 1959ع تائين تمام جمهوري، قانوني ۽ اخلاقي اصولن کي پاسيرو ڪري ڪراچي کي وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويو. انهيءَ دوران صرف ڪارپوريشن جي حدن ۾ چونڊون ٿيون. ڪراچي ٻهراڙيءَ جا گهڻا علائقا ڪراچي ۾ شامل نه ڪيا ويا ۽ هتي ڪا به چونڊ نه ٿي.

15 جون 1971ع ۾ ايوب خان جو بنيادي جمهوريت (بي. ڊي) جو نظام ايوب خان سان ختم ٿي ويو ۽ ايوان کي ختم ڪيو ويو. ان وقت مسٽر ابرار حسن خان جيڪو سرڪاري ڪامورو هو چيئرميني جي عهدي تي ويٺل هو. بعد ۾ چيئرمين جي جاءِ تي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا ۽ ابرار حسن خان کي ئي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. اهو سلسلو نومبر 1979ع تائين جاري رهيو.

 

ڪراچي ميونسپلٽي جو نقشو 1948ع

 

1972ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ مقامي حڪومت ايڪٽ 1972ع ۾ هن جو نالو ”پيپلز ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي“ رکيو ويو. ان پوري دور ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ۽ سڀئي بلدياتي ادارا ايڊمنسٽريٽرن جي رحم وڪرم تي هئا. 1975ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو وڌائي هن کي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو. 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن جنرل ضياءُ الحق، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. ضياءُ الحق جي دور ۾ 1979ع ۾ پوري ملڪ ۾ مڪاني حڪومت جي نظام لاءِ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع هر صوبي لاءِ الڳ الڳ جاري ڪيو ويو. جنهن تحت ٻهراڙين ۾ يونين ڪائونسلون، ٽائون ڪميٽون ۽ ضلعي ڪائونسلون قائم ڪيون ويون. شهرن ۾ ميونسپل ڪاميٽيون، ميونسپل ڪارپوريشنون قائم ڪيون ويون. ڪراچي جي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي درجي کي برقرار رکيو ويو. جنهن ۾ ميمبرن جو انگ 100 مان وڌائي 150 ڪيو ويو. جڏهن ته 16 مخصوص سيٽون رکيون ويون جنهن مان اٺ عورتن جون سيٽون مقرر ڪيون ويون. اهڙي طرح هي ايوان 166 ميمبرن تي ٻڌل هو. 9 نومبر 1979ع ۾ بلديا ڪراچي جي چونڊيل ايوان ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ لياري سان تعلق رکندڙ جماعت اسلامي جو عبدالستار افغاني ميئر ۽ عمر يوسف ڊيڊا ڊپٽي ميئر چونڊيا ويا. انهيءَ عرصي ۾ ڪراچي جي پيئڻ جي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ ادارو ”ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ“ قائم ڪيو ويو. ميئر هن  اداري جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو. 29 سيپٽمبر 1983ع ۾ ٻئي ٽرم لاءِ چونڊون ٿيون ان وقت ميمبرن جو تعداد وڌايو ويو. تعداد 202 ڪيو ويو. ان کانسواءِ عورتن لاءِ 20 سيٽون، مردن لاءِ 10 سيٽون مخصوص ڪيون ويون. اهڙي طرح نئون ايوان 232 ميمبرن تي ٻڌل هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org