سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 22

ڪراچي ۾ صحت جي حوالي سان مسٽر ايڊلجي ڊنشا جون وڏيون خدمتون رهيون آهن. هي پارسي قبيلي جي ڊنشا پاڙي مان هڪ شاهوڪار واپاري هو. 18 مئي 1842ع ۾ پوني ۾ ڄائو ۽ ننڍپڻ ۾ خاندان سان لڏپلاڻ ڪري ڪراچي ۾ آيو ۽ پوءِ هميشه لاءِ هتي رهي پيو. نهايت شريف ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. ڪراچي ۾ گهڻا سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيائين جن ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن اسڪولن، لائيبريرين ۽ ڊسپينسرين جو قائم ڪرڻ شامل هو. 29 اپريل 1914ع تي سامونڊي جهاز رستي يورپ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ 8 مئي 1914ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس لاش کي سمنڊ جي ڇولين جي حوالي ڪيو ويو. ڪراچي واسين سندس خدمتن جي نتيجي ۾ 1933ع ۾ وڪٽوريا روڊ (هاڻوڪو عبدالله هارون روڊ) ۽ اسٽريچن روڊ جي گڏجڻ واري هنڌ هڪ مجسمو لڳايو پر ورهاڱي کانپوءِ مسلماني جي چريائپ ۾ اهو هٽايو ويو ڪراچي کي پنهنجي خدمتن وسيلي خوبصورت ڪرڻ واري ماڻهو جو مجسمو اسان جي ترقي ۾ شايد رڪاوٽ هو يا ان جي ڪري اسان جي مسلماني کي خطرو هو. ڪسٽم هائوس ۽ قمر هائوس جي وچ وارو رستو سندس نالي سان منسوب آهي.

اين. اي. ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي سندس پٽ نادر شاهه ايڊلجي نالي پويان آهي. نادر شاهه ايڊلجي جي اولاد مان مسٽر هوشنگ نادر شاهه ايڊلجي ڊنشا سماجي خدمتن ۾ ۽ ڪراچي جي سياست ۾ مشهوري ماڻي. ڏاڏي جي نقش قدم تي هلندي لارنس روڊ تي نادر شاهه ايڊلجي اسپتال ٺهرايائين. جنهن کي بعد ۾ ميونسپلٽي جي حوالي ڪيائين. ڪراچي جي اڪثر خيراتي ڪمن ۾ ڏاڏي وانگر دل سان چندو ڏيندو هو. تعليم، صحت ۽ سماجي خدمتن جي ادارن ۾ سندن سخاوت مشهور هئي. سياسي پارٽين جي به مدد ڪندو رهندو هو. اهڙي طرح ڪراچي لاءِ ڊنشا خاندان جون خدمتون هميشه ياد رهنديون. بعد ۾ جڏهن ڪراچي جا نوان ۽ هٿ ٺوڪيا وارث پيدا ٿيا ته هي خاندان به خاموشي سان هڪ پاسي ٿي ويو.

1938ع ۾ آرٽلري ميدان ڪواٽرز ۾ ڊرگ روڊ تي فوجين جي علاج لاءِ ”ميڊيڪل ڪارپس اسپتال“ قائم ڪيو ويو. جنهن کي برٽش ملٽري اسپتال به چوندا هئا. ٻي مهاڀاري لڙائي دوران زخمي ٿيندڙ فوجين جو علاج هتي ڪيو ويندو هو. شروع ۾ ان ۾ 18 وارڊ ۽ 250 بسترا هوندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ ان جو نالو جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر رکيو ويو ۽ مشهور ”جناح اسپتال“ طور ٿيو. هي پوري پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ وارڊن واري اسپتال آهي. ورهاڱي کانپوءِ ان سان ڳنڍيل سنڌ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو ويو آهي. جتي ڊاڪٽري جي ڊگري ڏني ويندي آهي. ان سان گڏ دل جي مريضن لاءِ ”ڪارڊيو وسڪيولر وارڊ“ قائم ڪيو ويو، جنهن کي هاڻي الڳ اسپتال جو درجو ڏنو ويو آهي. انهن ٻنهي اسپتالن سان گڏ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ به آهي. جنهن کي به اسپتال جو درجو ڏنو ويو آهي. اهي ٽيئي ادارا وفاقي حڪومت جي هٿ هيٺ آهن.

1941ع ۾ جڏهن ملير ڇانوڻي ٺاهي ويئي ته هتي به فوجين لاءِ ڪمبائيڊ ملٽري اسپتال (سي. ايم. ايڇ) قائم ڪيو ويو. جيڪا اڄ به موجود آهي. ان جو شمار به وڏن اسپتالن ۾ ٿئي ٿو. هاڻي هتي عام ماڻهن جو علاج به ڪيو وڃي ٿو.

1940ع ۾ ڊاڪٽر سيدنا محمد برهان الدين، طيب جي روڊ رام باغ، ٿاڻي ويجهو پيپر مارڪيٽ ۾ ”برهاني اسپتال“ جو بنياد وڌو. جتي ان وقت به 60 کان مٿي وارڊ هيا. هن جو شمار به ان وقت ڪراچي جي وڏن پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٿيندو هو. 1936ع ۾ کاري در واري علائقي ۾ ”ايس. آءِ. اي هيلٿ ايسوسيئيشن جي هٿ هيٺ هيرس روڊ (هاڻوڪو آغا خان روڊ) تي کارا در جنرل اسپتال جو بنياد وڌو ويو. جيڪا اڄ به موجود آهي. ورهاڱي کان اڳ انهن اسپتالن ۽ ڊسپينسرين کانسواءِ ڪراچي ۾ مشهور حڪيم، طبيب ۽ هڏين جي جوڙڻ لاءِ ڪنڀار هوندا هئا. جنهن لاءِ لياري ۾ ڪنڀار واڙو مشهور هو. اڄ به نئون لين لياري ۾ هڏين جي جوڙڻ لاءِ آزاد اسپتال مشهور آهي.

انهن ڏينهن ۾ هونءَ به 80 سيڪڙو ماڻهو دوا درمل لاءِ حڪيمن ۽ طبيبن وٽ ويندا هئا. مشهور حڪيمن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مشهور هو. ڪچهري روڊ تي سندس ٻه ماڙ جاءِ هوندي هئي جنهن ۾ هيٺ مطب ۽ مٿئين منزل تي مهمان خانو هوندو هو. هتي مريضن کانسواءِ سياسي، ماڻهن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن جو ميڙو متل هوندو هو. حڪيم صاحب حڪمت سان گڏ سياسي ڪارڪن، اديب ۽ شاعر به هوندو هو. مسلم ليگ جي زور وٺڻ وقت به مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري جمعيت علماءِ سنڌ ۽ قومپرستيءَ جي اصولن کي نه ڇڏيو. حڪيم صاحب 13 ڊسمبر 1943ع تي وفات ڪري ويو.

اڇي قبر کاري در واري علائقي جي ڀر ۾ جنهن کي پراڻو ڪراچي چئبو هو. ”دوا خانو قادري“ مشهور هو. جيڪو حڪيم علي محمد قادري مرحوم جو هوندو هو. جتي به سوين مريض علاج لاءِ ويندا هئا.

اردو جو هڪ شاعر جيڪو 1920ع کانپوءِ ڪراچي ۾ آيو تنهن به شاعري سان گڏ حڪمت ۾ نالو ڪمايو، جنهن جو نالو هو حڪيم صمصام حسين صمصام هو. چون ٿا ته جهڙو ان جو نالو ڏکيو ۽ پاڻ به اهڙو ئي ڏکيو ماڻهو هو. گمناميءَ ۾ ئي ڪراچي ۾ گذاري ويو.

ميري ويدر ٽاور جي ويجهو ٺٽي جي حڪيم ڀلراج سکرام داس جو شفا خانو هوندو هو. جتي وڏن ڪامورن، نوابن، راجائن ۽ وڏيرن جي رش هوندي هئي. حڪيم صاحب سنڌ ويدڪ علاج جو بادشاهه هوندو هو. خاص ڪري سِل (ٽي. بي) جي مريضن لاءِ مشهور هوندو هو.

کاري در واري علائقي ۾ بولٽن مارڪيٽ روڊ تي ديوي مندر ۽ ڌرم شالي ويجهو سيٺ شيوارام ڪرکيامل چيريٽبل وديشي ڊسپنسري مشهور هئي. اها خيراتي ڊسپنسري هئي. جنهن جي بلڊنگ بورڊ سميت اڄ به موجود آهي. پر جاءِ جي هڪ حصي تي لکنو کان ايندڙ ڪنهن حڪيم قبضو ڪري پنهنجو بورڊ ”حڪيم محمد حفيظ الله شفائي فاضل تڪميل الطب لکنو“ هڻي ڇڏيو آهي.

اهي ۽ انهن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي خيراتي شفاخانا مختلف ادارن، سرهندي وارن ماڻهن پاران قائم هئا. چار لک واري آبادي واري شهر لاءِ صحت جون اهي سهولتون تمام گهڻيون هيون.

ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جي هاڻوڪي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ سواءِ منگهي پير ۽ ملير جي ڪٿي ڪا ڊسپنسري نه هئي. باقي ڳوٺن ۾ حڪيم موجود هوندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ سرڪاري سطح تي پراڻن اسپتالن جي سڌاري ۽ واڌاري کانسواءِ نين اسپتالن جي اڏڻ جو ڪم نه هجڻ جي برابر رهيو. ورهاڱي کانپوءِ لياري جنرل اسپتال، ناظم آباد ۾ عباسي شهيد اسپتال ۽ ڪريم آباد ۾ ڏندن لاءِ اسپتال قائم ڪيا ويا. جناح سينٽر کي اسپتال جو درجو ڏنو ويو ۽ سول اسپتال سان گڏ گردن لاءِ اسپتال ٺاهي ويئي. جنهن کي به الڳ اسپتال جو درجو ڏنو ويو آهي. باقي حڪومت پاران ننڍيون ڊسپينسريون ۽ دواخانه جوڙيا ويا آهن.

هاڻوڪي ٻهراڙي واري علائقي ۾ پهريون ڀيرو ايوب خان جي بنيادي جمهوريتن واري نظام کانپوءِ 66-1965ع ۾ ست ڊسپنسريون قائم ڪيون ويون. جوڻيجي واري دور ۾ 10 بنيادي صحت مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. جن مان اڪثر بند پيا آهن. گڏاپ ۾ 50 بسترن تي مشتمل سٽي گورنمينٽ پاران هڪ اسپتال جي اڏاوت جو ڪم جاري آهي.

حڪمت جي حوالي سان پير سرهندي ڳوٺ ديهه سنهڙو لانڍي ۾ حڪيم پير غلام مصطفيٰ جان سرهندي مرحوم نهايت حاذق حڪيم هو. سڄي سنڌ کان مريض اچي شفا وٺندا هئا. مطب اڄ به قائم آهي. درگاهه پير سرهندي ڳوٺ ملير جو گادي نشين حڪيم پير حاجي اسدالله جان سرهندي مجددي عنايت حاذق حڪيم آهن.

پرائيويٽ شعبي ان سلسلي ۾ سٺي ترقي ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ انجمن پنجابي سوڌاگران دهلي پاران دهلي ڪالوني ۾ 1948ع ۾ بيگم حاجي يوسف اسپتال قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ حاجران ميٽرنٽي هوم ۽ قمر نقي جنرل اسپتال موجود آهن. 1950ع ۾ بانٽوا ميمڻ خدمت جماعت پاران ڪڪري گرائونڊ مٺي در واري علائقي ۾ ايمبڪ مينٽ روڊ (نواب مهابت خان جي روڊ) تي بانٽوا اسپتال قائم ڪيو ويو. انڪل سريا نرسنگ هوم کي اسپتال جو درجو ڏنو ويو.

1951ع ۾ سيونٿ ڊي ايڊونٽسٽ چرچ پاران بندر روڊ تي ڪراچي ايڊونٽسٽ اسپتال جيڪو سيونٿ ڊي اسپتال جي نالي سان مشهور آهي قائم ڪيو ويو. ان جو شمار هن وقت به ڪراچي جي مشهور اسپتالن ۾ آهي. سماجي خدمتن جي حوالي سان اسپتال پاران ڪراچي جي ٻهراڙي، ٺٽي دادو، بدين ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس لڳائڻ، هينڊپمپ ۽ ٻوڏن جي متاثرن کي مالي سهائتا ڪرڻ کانسواءِ گهر ۽ تنبو اسپتال جي سماجي خدمتن واري شعبي آڊرا (A.D.R.A) پاران فراهم ڪيا ويا آهن. ٽڪن جو پروگرام، ميڊيڪل ڪئمپ ۽ هينڊ پمپ پروجيڪٽ پروگرام اڄ به اسپتال پاران هلندڙ آهن. تازو ڪشمير ۽ سرحد ۾ زلزلي سٽيل علائقن ۾ گهر ۽ اسڪول به اسپتال جي سماجي شعبي واري تنظيم آڊرا (A.D,R.A) پاران ٺهرائي ڏنا ويا آهن.

ان وقت انهن اسپتالن کانسواءِ پرائيويٽ شعبي ۾ لياقت نيشنل اسپتال (1958ع) انڪل سريا نرسنگ هوم اسپتال، هولي فيملي اسپتال (1954ع) ميمڻ اسپتال، (1958ع) آغا خان يونيورسٽي اسپتال (1985) بقائي اسپتال، حڪيم محمد سعيد پاران حڪمت جي سلسلي ۾ ”همدرد بيت الحڪمت اسپتال، اي. او ڪلينڪ، ضياالدين اسپتال، ڪراچي نيشنل اسپتال، تابا هارٽ سميت 129 پرائيويٽ اسپتال ڪراچي ۾ موجود آهن. انهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. شهر ۾ موجود ڪلينڪ هوميوپيٿڪ ميڊيڪل سينٽر انهن کان الڳ آهن.

ڪراچي (شهر ۽ ٻهراڙي) ۾ هن وقت صحت جي خدمتن ۾ حڪومت جا 173 ادارا مصروف آهن جن ۾ جناح اسپتال، ڪارڊيووسڪلر اسپتال، نيشنل انسٽيٽيوٽ چائلڊ هيلٿ اسپتال وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن. جڏهن ته سول اسپتال، سروسز اسپتال، لياري جنرل اسپتال، گورنمينٽ ڊسپينسري بابا ڀٽ، تغلق هائوس ڊسپينسري، چمڙي واري اسپتال، هاءِ ڪورٽ ڊسپنسري، سنڌ سيڪريٽريٽ ڊسپنسري، چيف منسٽر هائي .وس ڊسپنسري، صوبائي حڪومت جي حوالي آهن، باقي سڀئي سرڪاري ادارا سٽي گورنمينٽ جي صحت کاتي جي حوالي آهن.

سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ شهري حڪومت پاران هلندڙ مختلف صحت ادارن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.

1

اسپتالون

21

2

ڊسپينسريون

157

3

بنيادي صحت مرڪز BHU

26

4

ويم گهر MH

27

5

رورل هيلٿ سينٽر RHC

06

6

ماءُ ۽ ٻارن جا صحت مرڪز  MCH

10

7

يوناني ڪلينڪ

06

8

هوميو ڪلينڪ

03

9

اربن هيلٿ سينٽر UHC

05

10

اربن هيلٿ يونٽ UHU

08

11

ڏندن لاءِ اسپتال

01

12

آپريشن ٿيٽر اسپتالن ۽ ڊسپينسرين کانسواءِ

01

13

ليبارٽري ٿيٽر اسپتالن ۽ ڊسپنسرين کانسواءِ

01

14

ڊائيگنو سنٽر اسپتالن ۽ ڊسپنسرين کانسواءِ

01

 

ٽوٽل

273

پي. اين. ايس شفا ڪراچي ڪئنٽ ۽ ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال (CMH) ملير ڪئنٽ کانسواءِ ڪراچي جي ڪئنٽومينٽ علائقن ۾ ڏهن کان مٿي ڊسپنسريون موجود آهن. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي حوالي هڪ اسپتال ”ڪياماڙي اسپتال“ آهي. اهي مٿين لسٽ کان ڌار آهن ۽ اهي ڪئنٽونمنٽ بورڊ جي حوالي آهن.

ايترن سارن  سرڪاري ۽ پرائيويٽ سطح تي اسپتالن، ميڊيڪل سينٽرن، ڪلينڪن، ڊسپنسرين، بنيادي صحت مرڪزن جي باوجود اسپتالن ۾ مريضن جو داخل ٿيڻ ڪنهن مسئلي کان گهٽ نه آهي. ڳرين فيسن جي ڪري هونءَ به غريب ماڻهو انهن جو رخ نٿو ڪري. سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جي ابتڙ صورتحال آهي. دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي غير حاضري ڪري مريض دربدر آهن. انهن جو الله کانسواءِ ڪوبه آسرو ڪونهي. تازو هڪ مڇر مان پيدا ٿيندڙ ڊينگي وائرس تي به حڪومت ڪنٽرول ڪري نه سگهي. ڊينگي وائرس پوري حڪومت کي پريشان ڪيو.

 

اکر پڙهه الف جو ورق سڀ وسار

 

پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري،

ننڍي هوندي جو نه سکي، وڏي خواري

 

مٿين ذڪر ڪيل پهاڪي ۾ پڙهڻ کي پهريون درجو ڏنو ويو آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آڳاٽي زماني کان پڙهڻ کي اهميت حاصل رهي آهي. آچاريا (استاد) ۽ وديارٿي (شاگرد) جو رشتو تمام پراڻو آهي. رگ ويد جي منڊل پهرئين ۾ چيل آهي ته.

”اي اشوني ڪمار ديوتائون، جيڪي استاهي پوڄاري، خاص رڳو توهان جي پوڄا ڪن ٿا، سي توهان جي رٿ (گاڏيءَ) جي چوڌاري بيهي، توهان جي ڏات مان ائين لاڀ پرائين ٿا، جيئن سکيا وٺڻ لاءِ ودرياٿي (شاگرد) پنهنجي گروءَ (استاد) جا وچن ڌيان ڏيئي ٻڌن ٿا.“

هن مثال مان ظاهر آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ رشي ۽ برهمڻ عام ماڻهن جا وديا گرو هئا ۽ اُهي عام ماڻهن کي روحاني تعليم ڏيندا هئا. ان وقت سنڌو ماٿري ۾ برهمڻ، پروهت، رشي، راج رشي هوندا هئا. معنيٰ هن وقت کان تعليم جو رواج هوندو هو. اها تعليم گهڻو ڪري وڻن هيٺيان، گروڪل يا آشرم ۾ ڏني ويندي هئي. گروڪل هن دور ۾ ڄڻ ته يونيورسٽيون هونديون هيون. سنڌو ماٿري جا ماڻهو ننڍپڻ کان وٺي تعليم (وديا) پرائيندا هئا. هن زماني ۾ پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ درجي جي تعليم ملندي هئي. گروڪل ويد واري زماني ۾ به هوندا هئا. انهن ۾ تعليم ڏيڻ وقت گهڻو ڪري پنهنجي نفساني خواهش کي روڪڻ تي زور ڏنو ويندو هو.

آڳاٽي لوڪن تعليم جو سرشتو ئي اهڙو رکيو هو جو پنهنجو سمورو ڌيان ڌرمي سکيا تي ڏيندا هئا. موهن جي دڙي جي لکڻي مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته لکڻ جو رواج به عام هوندو هو. اکرن کانسواءِ، اکر تصويرن جي صورت ۾ به هوندا هئا.

چيني سياح هوان شيانگ ستين صديءَ ۾ هندستان کان پوءِ جڏهن سنڌ ۾ آيو ته هن پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”هندستان ۾ ڪيترن هنڌن تي مون ماڻهن کي وڻن جي پنن تي لکندي ڏٺو.“

عربن جي قبضي کان اڳ سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا مرڪز هوندا هئا. مختلف ملڪن جي اڳواڻن ڏانهن ان وقت راجا ڏاهر ۽ ٻين راجائن جا لکيل خط ان مثال لاءِ موجود آهن. اهي تمام مرڪز يا ان دور جا لکيل ڪتاب، پستڪ عربن انهن کي غير اسلامي ڄاڻائي تباهه ڪيا يا ان وقت جي ڏاهن اهو تمام مواد هتان کڻي هندستان جي ٻين علائقن جو رخ ڪيو هوندو ته جيئن انهن کي بچائي سگهجي. اهو تمام مواد بهرحال هن وقت منظر تي نه آهي. جنهن جي ڪري به سنڌ جي آڳاٽي تاريخ، تهذيب اسان کان گهڻي قدر لڪل آهي. عربن جي دور کان اڳ به ديوناگري ۽ آڳاٽي دور واري موهن جي دڙي واري لکڻي يا ٻين آثارن مان مليل لکت جيڪي اڃا پڙهجي نه سگهيا آهن ۽ سنڌي لکي ويندي هئي.

عربن جي دور ۾ ٺٽي کانسواءِ منصوره علم ۽ ادب جو مرڪز هو. جتي ڪيترائي مدرسا هئا. جن کي يونيورسٽين جو درجو حاصل هو. ڪتاب ”احسن التقاسيم“ ۾ هڪ اهڙي مدرسي جو احوال ملي ٿو، جتي قاضي ابو محمد منصوري درس ڏيندو هو، جنهن کي امام جو درجو حاصل هو.

عربي، سنڌي رسم الخط سنڌ ۾ اسلامي دور جي پيدائش آهي. عربن جي قبضي دوران سنڌ ۾ عربي ٻولي کي دفترن، مدرسن ۽ درسگاهن ۾ سرڪاري ٻولي جي حيثيت حاصل هئي. هن کانپوءِ سومرن جي دور ۾ به عربي ٻولي تعليم حاصل ڪرڻ جو وسيلو ۽ سرڪاري ٻولي رهي. سمن جي دور ۾ فارسي ٻولي کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر سمن جي دور ۾ به عربي تعليم حاصل ڪرڻ جو وسيلو رهيو.

سنڌ ۾ عربي حڪمرانن کانپوءِ به سرڪاري ٻولي جي حيثيت به عربي کي حاصل ٿي. ڇاڪاڻ ته اها حڪمرانن جي ٻولي هئي، جنهن کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي. جنهن جي ڪري درسگاهن ۾ به عربي ٻولي کي لاڳو ڪيو ويو. پر عوامي ٻولي سنڌي هئي. سنڌي ٻولي ايتري مقبول هئي جو ٻاهران ايندڙ عربن ۽ ٻين سنڌي ٻولي سکڻ ۽ پڙهڻ کي ضروري سمجهيو. جنهن لاءِ مرڪزي شهرن جي درسگاهن ۾ عربي سان گڏ سنڌي کي هڪ مضمون طور پڙهايو ويندو هو. يحيٰ بن خالد برمڪي سنڌي ٻولي جي بلاغت جا گهڻائي ڪتاب ترجمو ڪرايا هئا.

عربن جي دور ۾ سنڌي شاعري ترقي ڪئي. عربي لاڳيتو اٺ صديون سنڌ ۾ علمي ۽ سرڪاري ٻولي رهي. سمن جي دور ۾ بکر، سيوهڻ، ڪاهان (بوبڪ، ٽلٽي) تعليم جا مرڪز هئا. ٺٽو ۽ ملتان علمي ادارن ۽ مدرسن جي ڪري مشهور هئا. ايران، افغانستان ۽ عربن جي علائقن مان ماڻهو هتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. انهن درسگاهن ۾ محدث ۽ مشهور اديب ۽ اسڪالر تعليم ڏيندا هئا. ٺٽي ۾ هن دور ۾ چار هزار مدرسا ۽ تعليمي ادارا هوندا هئا. جن ۾ مختلف علمن جي تعليم ڏني ويندي هئي. ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ به ٺٽو ۽ بکر علمي لحاظ ڪري ”ارض معموره“ سڏجڻ لڳا. انهن کان سواءِ سيوهڻ، نصرپور ۽ سکر علم ۽ فن جا مرڪز هئا. انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ سرڪاري دفترن ۾ فارسي، مدرسن ۾ عربي ۽ عام ٻولي سنڌي هئي. ان دور ۾ ٺٽي جي استادن ۽ انهن جي شاگردن پوري هندستان، فارس، مصر ۽ عرب ملڪن ۾ ناموري حاصل ڪئي.

مغلن پوري قوت سان سنڌ تي فارسي کي مڙهيو. تڏهن ٺٽي جي عالمن سنڌي ٻولي بچائڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، جيئن ته سنڌي اڳ ۾ ئي پنهنجي تاريخي ۽ ارتقائي اعتبار سان هڪ اعليٰ سطح تي پهچي چڪي هئي. انهيءَ ڪري باوجود فارسي جي عمل ۽ اثر جي سنڌي جي انفراديت ۽ افاديت قائم رهي. عمل ۽ ردعمل ۾ سنڌي جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو.

انهيءَ دور ۾ فارسي ۾ سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکجڻ لڳا. ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن جي دور ۾ به فارسي سرڪاري ٻولي رهي پر سنڌي ٻولي جي لاءِ اهي دور واڌ ويجهه جا زبردست دور رهيا. ٽالپرن جي دور ۾ ڇهه علمي مرڪز، سيوهڻ، ٺٽي، کهڙا، مٽياري، مهڙ (عمرڪوٽ ڀرسان) چوٽياريون الهندو نارو مشهور هئا. انهن مرڪزن جي درسگاهن ۾ قرآن شريف، نورنامو (ملا عبدالحڪيم جو مرتب ڪيل)، معراج نامو، ڪريما، گلستان، بوستان، ديوان حافظ، يوسف زليخا، سڪندر نامو، مثنوي خاقاني ڪورس ۾ شامل هئا.

تعليمي مقصدن لاءِ سنڌيءَ ۾ درسيءَ ۽ علمي ڪتابن جي لکڻ جو رواج مغلن جي دور ۾ ٿيو. هن دور جو هڪ وڏو ذخيرو جيڪو عزت بن سليمان نالي ڪاتب 1657ع ۾ ٽن سالن ۾ اُتاري پورو ڪيو. اهي اُڻيتاليهه منظوم موضوعن تي ٻڌل آهن. جيڪي تعليمي مقصد خاطر ان وقت جي عام رائج سنڌي ٻوليءَ ۾ ان وقت جي سنڌي عالمن ۽ استادن اهي منظوم ڪيا هئا.

ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ هر هڪ مدرسي ۾ هڪڙو مخدوم هوندو هو. جنهن جي حيثيت پرنسپل جي هوندي هئي. ٽي يا چار مولوي به هوندا هئا، جيڪي مختلف موضوعن تي ٻارن کي پڙهائيندا هئا. جن کي ٽيهن کان سٺ روپين تائين پگهار ملندي هئي. جيڪي ڄڻ ته پروفيسر هئا. مدرسن ۾ شاگردن جي رهڻ لاءِ ڪمرا به هوندا هئا. انهن مدرسن ۾ عربي، فارسي سان گڏ سنڌي ۾ تعليم جو رواج هوندو هو. سنڌي ۾ نورنامو، معراج نامو، حڪايت الصالين نثري ۽ شعري، ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون شامل هونديون هيون. جن ۾ اسلامي معاشري ۽ سماجي درس شامل هوندو هو. نثري ۽ شعري ڪهاڻين ۾ ليليٰ مجنون، سيف الملوڪ، امير حمزو شامل هوندا هئا. سرڪاري دفترن ۾ فارسي جي رواج هئڻ ڪري اڳتي هلي سرڪاري نوڪري لاءِ فارسي لکڻ ۽ پڙهڻ لازمي هو، تنهنڪري شاگرد ان پاسي گهڻو ڌيان ڏيندا هئا. اعليٰ تعليم ۾ تفسير قرآن خاص مضمون طور شامل هوندو هو.

وڏن علمي مرڪزن کانسواءِ ننڍن ڳوٺن ۾ به تعليم جو وسيلو مدرسا هوندا هئا. جن کي حڪومت پاران وظيفو ملندو هو. گهڻن ڳوٺاڻي مدرسن جو خرچ علائقي جا زميندار ڀريندا هئا. انهن مدرسن ۾ به استاد مولوي ۽ خطيب مقرر هوندا هئا. جن جون پگهارون، حڪومت جي وظيفي، عام ڳوٺاڻن جي چندي، زڪوات يا فطري مان ڏنو ويندو هو. اهو سلسلو اڄ به ننڍن ڳوٺن ۾ هلندڙ آهي.

وڏن علمي مرڪزن ۾ شاگردن لاءِ خوراڪ، ڪپڙي وغيره جو بندوبست هوندو هو، جيڪو انهن کي مفت ڏنو ويندو هو.

مدرسن جو سرڪار پاران باقاعده نصاب مقرر هوندو هو ۽ پوري سنڌ ۾ اهو نصاب مدرسن ۾ لاڳو هوندو هو جنهن ۾ (1) صرف، نحو (2) منطق، (3) فقا (4) تفسير (5) حديث (6) معاني، بيان ۽ بديع شامل هئا. درسي ڪتابن ۾ ميزان صرف، اجناس يا منشعب، عقد، زبده، تهذيب، مسلم ۽ ڪامل شافيا شامل هوندا هئا. تفسير ۾ جلالين، مدارڪ، بيضاوي، ڪشاف، جواهر، حسيني ۽ ٻيا مشهور ڪتاب پڙهيا ويندا هئا. انهن نصابي ڪتابن کانسواءِ حساب، ادب، شاعري، تاريخ ۽ جغرافي به پڙهائي ويندي هئي.

هندوئن جي ٻارن لاءِ الڳ تعليم جو بندوبست هوندو هو. ٻارن لاءِ مسجدن وانگرن مدرن، آشرمن ۽ گروڪل ۾ تعليم جو بندوبست هوندو هو. پر حڪومت جي ڪا خاص سرپستي انهن کي حاصل نه هئي. هندو سماج پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت انهن تعليمي ادارن کي هلائڻو پوندو هو. حڪومت پاران فقط چند وڏن ادارن کي مالي سهائتا هوندي هئي. برهمڻ استاد انهن کي هندي، سنڌي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريندا هئا. اڳتي هلي علم جوتش، دهرم شاستر، ماترا شاستر وغيره به پڙهايو ويندو هو. فارسي سرڪاري ٻولي هئڻ ڪري گهڻا هندو فارسي ۾ به تعليم حاصل ڪندا هئا.

هاڻوڪي ڪراچي واري علائقي ۾ به مدرسن، درسگاهن يا گروڪل هوندا هئا. بندري ڳوٺ به هڪ ٻئي کان فاصلي تي هئا هتي ڳوٺن ۾ مسجد سان گڏ مدرسن جو رواج هوندو هو. هندو آبادي ۾ مندرن ۽ گروڪل ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. علائقي جي تاريخ نه لکڻ ڪري انهن جو ذڪر تاريخ ۾ ڪونهي. اعليٰ تعليم لاءِ هتان جا شاگرد ٺٽي جو رخ ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته ان وقت ٺٽو، ڪراچي، ملير، گڏاپ، منگهو پير، حب ۽ لانڍي کي ويجهو هوندو هو. ٽالپرن جي اچڻ وقت بندرگاهه واري علائقي ۾ هڪ مسجد ۽ مدرسو هوندو هو. ان کانسواءِ منگهوپير، گڏاپ، گسري بندر، ريڙهي، لانڍي، ابراهيم حيدري، ملير، پير ڳوٺ ۽ درساڻو ڇنو ۾ ننڍا ننڍا مدرسا قائم هئا. جتي ٻارن کي درس ڏنو ويندو هو. اهم مرڪز درساڻو ڇنو هو ڇاڪاڻ ته هن جو نالو به انهيءَ ڪري پيو جو هتي ڪکاون ڇنن ۾ ٻارن کي درس ڏنو ويندو هو جنهن جي ڪري انهن کي ”درسن جو ڇنو“ چيو ويو جيڪو بعد ۾ درساڻو ڇنو ٿي پيو. انهن مدرسن جا خاندان اڄ به هتي موجود آهن. ملير ٻهراڙي جي تعليم جي سلسلي ۾ اهم مرڪز هو. جيڪو سرهندي وارن ماڻهن جي سرپرستي ۾ هوندو هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ به درساڻي ڇني جو ذڪر ملي ٿو. ٽالپرن جي اچڻ وقت ملير واري علائقي هاڻوڪي جامعه ملير ڪاليج واري جاءِ تي ملير نئين جي ڪناري هندوئن پاران گروڪل هوندو هو. جيڪو اڄ به انهيءَ نالي سان مشهور آهي جتي پوري ملير جي هندوئن جا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. انگريزن جي دور ۾ هتي گوڪل داس نالي هڪ اسڪول به هلندڙ هو. ورهاڱي کان پوءِ گوڪل داس اسڪول جو نالو بدلائي جامعه ملير اسڪول رکيو ويو جيڪو اڄ ڪاليج جي صورت ۾ ملير سٽي ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ طرف موجود آهي. هن کانسواءِ آسو ڳوٺ ۽ گڏاپ ۾ هندوئن پاران اسڪول ٽالپرن جي دور کان به اڳ قائم هئا.

ڊاڪٽر برنس 1828ع ۾ جڏهن سنڌ جو دورو ڪيو هو ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ اهم ترقي ٿي آهي ۽ ٽالپر هن لاءِ ساليانو وڏي رقم خرچ ڪندا آهن.“

رچرڊ برٽن جڏهن ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جو دورو ڪيو ته هتي 16 وڏهن تعليمي ادارن جو ذڪر ڪيو ۽ لکيو ته ”اهي تعليمي ضابطي ۾ ڪنهن يونيورسٽي کان گهٽ نه آهن ۽ انهن 16 درسگاهن کي بنا ڪنهن شڪ جي يونيورسٽي چئي سگهجي ٿو.“

ڪيپٽن هارٽ پنهنجي رپورٽ The Town and Port of Kurrachee ۾ ڪراچي جي تعليمي سرگرمين بابت لکي ٿو:

”1839 ۾ ڪراچي ۾ ڏهن، ٻارنهن هنڌن تي مسلمان ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو بندوبست هو. جتي مولوي صاحب ڏهن کان ٻارنهن سالن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي عربي ۾ تعليم ڏيندا هئا. هي مدرسا مسجد ۾ يا ان سان گڏ هوندا هئا. انهن مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻار ٽي، چار روپيا ماهوار مولوي کي فيس طور ادا ڪندا هئا ۽ جڏهن ڪو شاگرد قرآن مجيد ختم ڪندو هو ته شاگرد جا مائٽ (والدين) مولوي لاءِ سوکڙيون به موڪليندا هئا.“

هندو ٻارن جي تعليم متعلق هو لکي ٿو ته:

”ٽن، چئن جاين تي هندو ٻارن جي تعليم جو انتظام هو جتي برهمڻ استاد مقرر هئا. هندو ٻار شروع ۾ ئي سنڌي پڙهڻ لکڻ سکندا هئا. هو فيس جي عيوض برهمڻ استاد کي چانور ۽ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ڏيندا هئا.“

اليگزينڊر ايف.بيلي پنهنجي ڪتاب Kurrachee Past Presend and Future ۾ لکي ٿو، ”هندو ٻارن کي برهمڻ تعليم ڏيندا هئا. انهن ٻارن جا والدين برهمڻ استادن کي هڪ يا ٻه روپيا ماهوار اجورو ادا ڪندا هئا ۽ مسلمان شاگرد في شاگرد چار روپيا ماهوار استاد کي اجورو ڏيندا هئا. مسلمان ڇوڪرين لاءِ قرآن مجيد جي تعليم لازمي حاصل ڪرڻي هوندي هئا.“

انهن رپورٽن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ٽالپر دور ۾ هتي تعليم جو هڪ باقاعده نظام موجود هو جيڪو حقيقت ۾ عربن جي دور کان هتي قائم هو.

انگريزن جي قبضي کانپوءِ به ڏهن سالن تائين ٽالپرن جي تعليم جي دور وارو سرشتو لاڳو رهيو. فارسي جي جاءِ تي سنڌي کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪيو جيڪو راجا ڏاهر ۽ عربن جي شروع واري دور ۾ لاڳو هو. هن کان پوءِ ٻيهر 1851ع ۾ لاڳو ڪيو ويو. سنڌ ۾ سنڌي عربي ۽ ديوناگري لپي ۾ لکي ويندي هئي. انگريزن سرڪاري طور سنڌي کي عربي لپي جي منظوري ڏني ۽ اسڪولن ۾ ان کي لاڳو ڪيو ۽ اسڪولن لاءِ ڪورس جي منظوري ڏني ويئي.

1852ع ۾ عوام تي پنج سيڪڙو ٽيڪس تعليمي خرچ جي پورائو لاءِ نافذ ڪيو ويو. جنهن مان ٻه سيڪڙو تعليم تي، ٽي سيڪڙو رستن جي اڏاوت ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جي مد ۾ خرچ ڪيا ويندا هئا.

سنڌ جي ڌرتيءَ تي پهريون انگلش اسڪول 1841ع ۾ ڇانوڻي (هاڻوڪي صدر) واري علائقي ۾ چاليهن ريجمينٽ جي انگريز فوجين جي ٻارن لاءِ قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ پهرئين سال 50 شاگرد داخل ٿيا هئا. هي اسڪول صرف انگريز فوجين جي ٻارن لاءِ هو.

ڪراچي ۾ ٻيو اسڪول 1845ع ۾ ڪراچي جي ڪليڪٽر مسٽر پريڊي جي ڪوششن سان ڪچهري روڊ تي سندس آفيس لڳ ”فري اسڪول“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو. بعد ۾ ان اسڪول جو نالو بدلائي چرچ مشنري سوسائٽي (سي.ايم.ايس) رکيو ويو. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماسٽر مسٽر مادو سلان هو. 1854ع ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽ مسٽر جيمز شيلڊن هن جو پهريون پرنسپل مقرر هيو. هي انگريزي ميڊيم اسڪول هو، پر هن ۾ سنڌي هڪ مضمون طور ٻارن کي پڙهايو ويندو هو. هن جي هاڻوڪي جاءِ 1852ع ۾ اڏي ويئي. اسڪول لاءِ زمين ميونسپلٽي مفت فراهم ڪئي هئي.

 

 

اين جي وي هاءِ اسڪول جي بلڊنگ

 

ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيندڙ ٽيون اسڪول ”انڊين يورپين اسڪول“ هو. جيڪو 1854ع ۾ سربارٽل فريئر جي ڪوششن سان پروٽيسٽنٽ عيسائين لاءِ صدر بازار ۾ قائم ڪيو ويو. بعد ۾ اسڪول جو نالو بدلائي گرامر اسڪول رکيو ويو. اسڪول جي هاڻوڪي خوبصورت جاءِ 1875ع ۾ اڏي ويئي. هن کان اڳ اسڪول مسواڙ واري جاءِ تي هلندڙ هو. هاڻوڪي جاءِ تي چاليهه هزار روپيا خرچ ٿيا. هن اسڪول جي خرچ جي پورائو لاءِ سنڌ حڪومت پاران 100 روپيا ۽ ڪراچي ميونسپلٽي پاران 80 روپيا ماهوار امداد ملندي هئي. ماضي وانگر اڄ به ان اسڪول ۾ سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ سول ۽ فوجي بيورو ڪريٽس جا ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا. غريب جو ٻار اڄ به فقط هن اسڪول جي عمارت کي ڏسڻ جي حسرت ڪري سگهي ٿو.

ڪراچي ۾ قائم ٿيندڙ چوٿون اسڪول ”اينگلو ورنا ڪولر انگلش ميڊيم اسڪول“ هو. مقامي سنڌي آبادي لاءِ هي پهريون انگلش ميڊيم اسڪول هو. اسڪول ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي به پڙهائي ويندي هئي. هي اسڪول 1855ع ۾ سنڌ جي حڪومت ۽ ڪراچي ميونسپلٽي جي ڪوشش سان قائم ٿيو. شروع ۾ اسڪول کوڙي گارڊن ۾ مسواڙ جي جاءِ تي هلندڙ هو. بعد ۾ بندر روڊ تي هاڻوڪي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج واري جاءِ تي اسڪول لاءِ جاءِ اڏي ويئي. جنهن کي ليفٽيننٽ چيپ مين ڊيزائين ڪيو ۽ ان جي اڏاوت تي 4816 روپيا خرچ آيو. جنهن مان 2016 ڪراچي ميونسپلٽي ۽ باقي سنڌ حڪومت ادا ڪيا. اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مهاديو شاستري هو. جنهن جي پگهار ان وقت 120 روپيا هئي. سنڌي جو استاد آخوند محمد حسين هو. 1857ع ۾ 79 شاگردن مان 12 شاگرد سنڌي جنهن مان 11 هندو ۽ هڪ مسلمان هو.

 

اينگلو ورنا ڪولر اسڪول 1873ع

 

1864ع ۾ هن کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. هن وقت سنڌ ۾ تعليم جو کاتو قائم نه هو. تنهنڪري سنڌ جي روينيو کاتي جي هڪ انگريز آفيسر کي تعليم کاتي جي نگراني جي واڌو ذميداري ڏنل هئي. نارائڻ جگن ناٿ ويديا هتي استاد مقرر هو. 1865ع ۾ جڏهن تعليم جو کاتو ٺاهيو ويو ته مسٽر گولڊ اسمٿ کي تعليم کاتي جو پهريون انسپيڪٽر ۽ نارائڻ جگن ناٿ ويديا کي پهريون ڊپٽي انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. نارائڻ جگن ناٿ 1872ع تائين ان عهدي تي رهيو. 1873ع ۾ جڏهن هو ديهانت ڪري ويو ته هن جي تعليمي خدمتن جي عيوض اسڪول جو نالو ”نارائڻ جگن ناٿ (N.J.) اينگلو ورنا ڪولر اسڪول“ رکيو ويو. 1888ع ۾ اين. جي. هاءِ اسڪول ۾ 389 شاگردن مان 276 هندو، 93 پارسي، 17 مسلمان ۽ 3 يهودي هئا ۽ هن سال 13 شاگرد ميٽرڪ ۾ پاس ٿيا هئا. 1889ع ۾ نارائڻ جگن ناٿ جي پوٽي مسٽر سي. ڊي ويديا جيڪو بيرسٽر هو. سنڌ حڪومت کي گذارش ڪئي ته اسڪول جو نالو نارائڻ جگن ناٿ ويديا (N.J.V) هاءِ اسڪول رکيو وڃي. ڇاڪاڻ ويديا کان سواءِ ان جي ڏاڏي جو نالو اڻ پورو آهي. 1939ع ۾ اسڪول جي نالي ۾ ”ويديا“ لفظ جو واڌارو ڪيو ويو. هن اسڪول جي جاءِ کي جڏهن ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي حوالي ڪيو ويو ته هن جي چئن شفٽن جنهن ۾ سنڌي، گجراتي، مرهٽي ۽ اردو هئا. انهن کي مختلف جاين ۾ شفٽ ڪيو ويو. سنڌي شعبي کي سعيد منزل ويجهو بندر روڊ تي سنڌ اسيمبلي جي پراڻي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو جيڪو اڄ به هتي هلندڙ آهي.

ڪراچي ۾ 1855ع ۾ پراڻي ڪراچي واري علائقي ۾ هڪ ٽيڪنيڪل اسڪول قائم ڪيو ويو جنهن جو مقصد سنڌ پبلڪ ورڪس کاتي لاءِ هنرمند ماڻهو پيدا ڪرڻ هو.

23 مئي 1859ع ۾ ڪراچي ۾ پهريون فارسي اسڪول ”اينگلو ورنا ڪولر اسڪول“ جي نالي قائم ڪيو ويو. ان اسڪول جي قائم ڪرڻ ۾ شاپور جي هرمز جي سپاري والا جو وڏو هٿ آهي. اسڪول جي جاءِ لاءِ هن پنهنجو گهر امداد طور ڏنو. 1870ع ۾ اسڪول جو نالو سندس گهر واري پويان ٻائي جي وير جي سپاري والا (B.V.S) رکيو ويو. 1875ع ۾ هتي 100 شاگرد، 1887ع ۾ 125 شاگرد ۽ 1933ع ۾ 421 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. شروع ۾ استاد بنا ڪنهن اجوري جي پڙهائيندا هئا. ان دور ۾ ۾ به هتي سائنس، ڊرائنگ ۽ هٿ هنر جا شعبا، لائبريري ۽ جمنازيم جو به انتظام ٿيل هو. اسڪول اڄ به قائم آهي ۽ ڪراچي جي بهترين اسڪولن مان هڪ آهي.

1861ع ۾ ڪراچي جو مشهور اسڪول سينٽ پيٽرڪ اسڪول صدر ۾ قائم ٿيو. هن اسڪول جي قيام ۾ رومن کيٿولڪ عيسائين جي هڪ مذهبي اڳواڻ مسٽر جي ولي (MR.J.Willy) ۽ راهبائن (Nuns) جي هڪ گروپ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1862ع ۾ اسڪول ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ الڳ الڳ اسڪولن جو بندوبست ڪيو ويو. ڇوڪرن جو اسڪول جيڪو هاءِ اسڪول جي نالي سان مشهور هو. تنهن کي الڳ جاءِ ۾ منتقل ڪيو ويو. 1900ع ۾ ڇوڪرين جي اسڪول کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. هڪ حصي جو نالو گرلز ڪانوينٽ اسڪول، جنهن ۾ غير يورپي ڪرسچن ڇوڪريون پڙهنديون هيون. جڏهن ته ٻئي حصي جو نالو ڪانوينٽ هاءِ اسڪول رکيو ويو. جيڪو يورپين ۽ اينگلو انڊين ٻارن لاءِ هو. هن اسڪول کي 1900ع ۾ مئٽرڪ جو درجو ڏنو ويو. 1893ع ۾ هاڻوڪي عمارت تيار ٿي. هي اسڪول سينٽ پيٽرڪ چرچ صدر سان ڳنڍيل آهي.

انگريزن جي دور ۾ هلندڙ هڪ گرلز اسڪول جي ڪلاس ۾ روم جو منظر 1873ع

1866ع ۾ منهوڙي ۾ يورپين ۽ اينگلو انڊين ٻارن لاءِ هڪ پرائمري اسڪول ”همبلي اسڪول منهوڙو“ قائم ڪيو ويو. ڊسمبر 1868ع ۾ گجراتي ڪميونٽي جي هڪ اڳواڻ رام داس ڀيم جي گجراتي شاگردن لاءِ هڪ اسڪول قائم ڪيو. حڪومت هن اسڪول کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. هي اسڪول هندو گجراتي ٻارن لاءِ هو. هن اسڪول جو هڪ برانچ چاڪيواڙي ۾ مسلمان گجراتي ٻارن لاءِ هو. جولاءِ 1869ع حڪومت پاران کوڙي  گارڊن ڪوارٽرز ۾ مسلمان ڇوڪرين لاءِ پهريون محمدن گرلز اسڪول قائم ڪيو ويو. 1875ع ۾ هڪ ٻيو گرلز اسڪول گاڏي کاتي جي (هاڻوڪي لائيٽ هائوس شاپنگ سينٽر بندر روڊ جي سامهون وارو علائقو) پراڻي مارڪيٽ واري علائقي ۾ قائم ڪيو ويو. 1887ع ۾ کوڙي گارڊن واري اسڪول ۾ 86 ۽ گاڏي کاتي واري گرلز اسڪول ۾ 76 شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون هيون. اڳتي هلي ڪراچي ۾ ٽي ٻيا گرلز اسڪول (1) ووڊر برن گرلز اسڪول (2) گجراتي گرلز اسڪول (3) زنانا مشن اسڪول قائم ڪيا ويا. اهڙي طرح 1900ع تائين ڪراچي ۾ ست گرلز اسڪول ٿي چڪا هئا.

88-1887ع تائين ڪراچي ميونسپلٽي پاران ميونسپلٽي جي حدن اندر هيٺيان پرائمري سرڪاري اسڪول قائم ڪيا ويا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org