سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 28

انگريزن جي دور ۾ ترقي تي هڪ نظر

 

ڪراچي جي ميونسپلٽي جي تاريخ، انتظامي، سياسي ۽ صحافتي ادبي تعليمي ۽ صحت وارن سرگرمين جو الڳ الڳ بابن ۾ جائزو ورتو آهي. هن باب ۾ روڊ، بندرگاهه، ريلوي نظام، ٽرام وي، بئنڪن جي قائم ٿيڻ ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. انگريزن سنڌ جي آزادي ختم ڪئي ۽ سنڌ کي ترقي جي سفر ڏانهن روانو ڪيو. ڪراچي سميت سنڌ ۾ سڌارا آندا ويا. واپار کي هٿي ڏني ويئي. ڌوڙ اڏائيندڙ رستن کي پڪو ڪيو ويو. ڪراچي ۾ رستن جو ڄار وڇايو ويو. بندر جي ترقي سان هتي بئنڪن ۽ صنعتي ادارن جو واڌارو ٿيو. پهرئين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ ڪراچي انگريز فوجين لاءِ هڪ بهترين ڇانوڻي جو ڪم ڏنو. جنهن جي ڪري به ترقي پاسي ڌيان ڏنو ويو انهن ترقياتي ڪمن ۽ سڌارن ڪري اڄ ڪراچي هڪ ڏيهان ڏيهي ۽ روشنين جو شهر آهي.

پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ هن تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:

”انگريز زوريءَ ڪراچيءَ تي قبضو نه ڪن ها ته هوند سنڌ جي تاريخ ٻي طرح هجي ها يعني:

ميرن جي صاحبي اڄ تائين هلندي رهي ها.

ويهين صدي جا اثر ۽ ايجادات، گهڻي، پر سنڌ اندر اسري ڪونه سگهن ها.

زندگي سانتڪي هجي ها، راتيون خواب آوار گورين جي مدد کانسواءِ گذرن ها.

سواريءَ لاءِ اٺ ۽ گهوڙا هجن ها (هندن لاءِ گڏهه ۽ خچر).

جهاز جا ڪم جمٽين کان پيا وٺجن ها.

وقت آرام سان پيو گذري ها، شيلن ۽ شڪار ۾.

نه وڏا شهر هجن ها، نه گند ۽ غلاظت جا ڍير مڙن ها.“

اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، سڀ سڌارا ۽ ترقيون پنهنجي جاءِ تي، پر اهي آزادي جو مٽ نه آهن. آزادي جهڙي نعمت کان محروم ترقي ۽ سڌارا سڀ بي معنيٰ آهن. اها غلامي اڄ به جاري آهي. ترقيءَ جو سفر اڄ به جاري آهي. پر هن ۾ اسان ڪٿي بيٺا آهيون، پنهنجي سڃاڻپ، ثقافت ۽ تهذيبن کي مٽجندي ختم ٿيندي ڏسي رهيا آهيون ۽ اهو سڀ انهيءَ ترقيءَ جي نتيجي ۾ اسان کي مليو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته انگريزن گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ترقي ته ڏني. پر اصل ۾ اها تري خود انهن جي پنهنجي ضرورت هئي. پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ، سنڌ جي دولت کي ميڙي انگلينڊ نيڻ لاءِ انهن اها ترقي سنڌ ۾ ڪئي. ان ترقي جي نتيجي ۾ هتان جي ماڻهن کي نيچ سمجهي انهن تي ظلم ڪيا ويا. قبضي کان پوءِ 1857ع جي جنگ آزادي، ميرن کي قيد ڪري، انهن جي دولت تي قبضو ڪرڻ، ريشمي رومال تحريڪ ۾ گرفتار ٿيلن تي انسانيت سوز ظلم ڪرڻ، حر تحريڪ ۾ جيڪي سنڌين تي ظلم ڪيا، ڳوٺن تي بمباريون ڪيون ويون. انهن کي ڪير ٿو وساري سگهي. انهن ظلم کي جائز قرار ڏيڻ ۽ پنهنجي عمل جي حمايت ۾ انهن اها ترقي شروع ڪئي ته جيئن ماڻهن کان پنهنجي آزادي وسري وڃي. انهيءَ ترقي جي آڙ ۾ جاگيرداري کي مضبوط ڪيو ويو. جنهن جا اثر اڄ ڏينهن تائين اسان جي سماج ۾ موجود آهن. جاگيرداري جي خوني پنجوڙ ۾ سنڌ اڄ به ڦٿڪي رهي آهي.

اسان کي سنڌ جي اها ڌوڙ جو دڦ ۽ دوڦان قبول هو. ڪهڙي به پر گهٽ ۾ گهٽ اها سنڌ اسان جي پنهنجي هجي ها. سنڌ کي فتح ڪندڙ  انگريز جنرل سرجيمس چارلس نيپئر، پنهنجي ڪتاب “The light and Shadows of Military life” ۾ لکي ٿو ته:

”جيئن ته سنڌ تي قبضي جو اسان وٽ ڪو جواز نه هو پر پوءِ به اسان ان تي قبضو ڪيو. اسان جي مڪاري ۽ دغا بازي جو فائدي مند ڪرشمو ثابت ٿيو.“

چارلس نيپئر کي سنڌ جي فتح جي ڪري ”سر“ جي خطاب سان نوازيو ويو ۽ هن کي سنڌ جو پهريون فوجي گورنر مقرر ڪيو ويو . انگريزن حيدرآباد کي انتظامي هيڊ ڪواٽر طور برقرار رکيو. پر بعد ۾ انگريزن کي خوبصورت ٿڌي هير واري حيدرآباد جي موسم راس نه آئي ۽ جنهن جي ڪري چارلس نيپئر حيدرآباد کان هيڊ ڪواٽر ڪراچي منتقل ڪيو. ڳالهه اها هئي ته حيدرآباد انگريزن لاءِ باغين پاران حملي جي ڊپ ڪري غير محفوض هو ۽ جنهن جي مقابلي ۾ ڪراچي وڌيڪ محفوظ ۽ سيٺ نائون مل جي ڪنٽرول ڪري انگريزن لاءِ پرامن هو.

نيپئر ڪراچي کي فري پورٽ بنائڻ جو خواهشمند هو. جنهن لاءِ هن ترقياتي ڪم شروع به ڪيو هو. نيپئر منهوڙي تي جهازن جي سهولت لاءِ هڪ لائيٽ هائوس اڏيو. 1844ع ۾ نيپئر سنڌ جي ثقافت کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان تي سائنسي بنياد تي ڪم ڪرڻ لاءِ ”سنڌ ايسوسيئيشن“ جو بنياد رکيو. جنهن جي پليٽ فارم تان ڪراچي عجائب گهر جو بنياد وڌو ويو.

جون 1846ع ۾ ڪراچي ۾ وبائي بيمارين جي ڦهلجڻ ڪري انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بورڊ آف ڪنزروينسي جو بنياد وڌو ويو. پهريون انگلش اسڪول 1841ع ۾ ڪيمپ بازار ڇانوڻي (صدر) جي علائقي ۽ 40 اين رجمينٽ جي انگريز فوجين جي ٻارن لاءِ قائم ڪيو ويو.

1847ع ۾ سنڌوندي ۾ آڳٻوٽ سروس جو پڻ افتتاح ٿيو. نمورڊ پهريون آڳٻوٽ هو. جنهن ڪراچي جي گسري (گذري) بندر کان ڪوٽڙي تائين سفر ڪيو. نيپئر سنڌ جي قاضي ۽ پنجائت عدالتن جي جاءِ تي يورپي عدالتي نظام متعارف ڪرايو. 1847ع ۾ بندر روڊ تي پهريون جيل، ڊينسو هال ۽ مشن روڊ جي وچ تي بندرگاهه ڏانهن ويندي ساڄي هٿ سٽي ڪورٽ واري جاءِ تي اڏيو. جنهن کان اڳ سنڌ ۾ جيل جو ڪو تصور نه هو. نيپئر جي دور 1847ع ۾ شهر جي رستن تي پهريون ڀيرو فانوسن وسيلي روشني جو انتظام ڪيو  ويو.

آگسٽ 1847ع ۾ نيپئر استعفيٰ ڏيئي مصر هليو ويو. آڪٽوبر 1847ع ۾ سنڌ جي صوبي واري حيثيت ختم ڪري هن کي بمبئي سان ملايو ويو ۽ هتي ڪمشنر مقرر ڪيا ويا ۽ پرنگل سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ٿيو. انهيءَ دور ۾ انگريز فوج ۾ هتان جي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي خدمتن کي خريد ڪرڻ لاءِ بلوچ رجمينٽ جو بنياد وڌو ويو.

لائبريريون ۽ هال:

ڪراچي ۾ ترقي جي شروعات بارٽل فريئر جي ڪمشنري جي دور ۾ شروع ٿي. جيڪو هڪ جونيئر بيروڪريٽ هو پر هن کي 60 سينيئر تي ترجيح ڏئي سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. جنهن تي پارليامينٽ ۾ وڏو گوڙ ٿيو. بارٽل فريئر کي بمبئي جي گورنر لارڊ آڪلينڊ ۽ وائسراءِ هند لارڊ ڊلهوزي جي پٺڀرائي حاصل هئي. هن دور ۾ ڪراچي ۾ سماجي، تجارتي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ واڌارو ٿيو. 4 آڪٽوبر 1851ع ۾ ڪراچي ۾ پهرئين پبلڪ لائبريري ليڊيز ڪلب جي هڪ ڪمري ۾ قائم ڪئي ويئي. هن کان اڳ انگريز فوجين لاءِ هر رجمينٽ لاءِ هڪ لائبريري قائم ٿيل هئي. جتي عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي هئي. اهي سڀ فوجي علائقي ڪئمپ بازار (صدر) ۾ قائم هئا. پهرئين پبلڪ لائبريري جو نالو جنرل لائبريري رکيو ويو. 31 آڪٽوبر 1870ع ۾ هن لائبريري کي ليڊيز ڪلب واري ڪمري مان فريئر هال منتقل ڪيو ويو. فريئر هال ڪراچي جي سڀني پراڻن بلڊنگ مان هي خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ آهي. جنهن سان گڏ هڪ وسيع باغ به آهي. هي جاءِ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي خدمتن جي اعتراف ۾ اڏيو ويو. هن جي اڏاوت جو ڪم 1863ع ۾ شروع ٿيو. جنهن جو نقشو انجنيئر ڪرنل ڪليرو لڪئس تيار ڪيو. هن جي اڏاوت ۾ جنگ شاهي جو ڳاڙهو پٿر استعمال ڪيو ويو آهي. هن جي اڏاوت تي هڪ لک 80 هزار رپيا خرچ آيو. هي ناچ گهر طور به استعمال ٿيندو هو.  فيبروري 1867ع ۾ جڏهن فريئر بمبئيءَ جي گورنر جي حيثيت سان هتي آيو ته  هتي هڪ کلي ڪچهري لڳائي ويئي.

ڊسمبر 1869ع تي هتي هڪ صنعتي نمائش لڳائي ويئي. جيڪا ننڍي کنڊ ۾ لڳندڙ پهرئين نمائش هئي. هال جو افتتاح 10 آڪٽوبر 1865ع تي سنڌ جي ڪمشنر سموئيل مينسفيلڊ ڪيو.

لائبريرين لاءِ سرهندي وارا ماڻهو به چندو ڏيندا هئا. هن لائبريري جو پهريون مسٽر ڊبليو. ڊبليو بيڪ Mr.W.W.Beck هو. جڏهن هن کي فريئر هال شفٽ ڪيو ويو ته مسٽر جي. اي مري (Mr. J.A Murray) کي لائبريرين مقرر ڪيو ويو. جنهن جي  پگهار 75 رپيا هئي. ورهاڱي وقت هن جو لائبريرين صاحب سنگهه پرتاب هو. جيڪو 1944ع ۾ ان جو لائبريرين مقرر ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ هن جو نالو پهرئين ڪراچي ميونسپل لائبريري  فريئر هال رکيو ويو هن وقت هن جو نالو لياقت هال لائبريري آهي جيڪو اڄ به موجود آهي ۽ ڪراچي جي صاف سٿرن ۽ وڏن لائبررين مان هڪ آهي.

16 جون 1856ع ۾ ڪمشنر بارٽل فريئر جي هدايت تي هڪ ٻي لائبريري ”نيٽو جنرل لائبريري“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ان جي قيام لاءِ هڪ اٺ ڄڻن تي ڌل ڪاميٽي جوڙي ويئي. جنهن لاءِ چندو ڪيو ويو ۽ رنڇو لائين واري علائقي ۾ لائبريري لاءِ مسواڙ تي هڪ وڏي بلڊنگ حاصل ڪئي ويئي. 50 سالن تائين اها لائبريري انهيءَ جاءِ ۾ قائم رهي. ڪراچي جو مشهور سماجي ڪارڪن غلام حسين خالق ڏنو جيڪو سماجي ڪمن لاءِ دل کولي چندو ڏيندو هو. مرڻ وقت هن وصيت ڪئي ۽ 18 هزار چندو لائبريري جي بلڊنگ اڏڻ لاءِ انهيءَ شرط تي ڏنا ته هن رقم مان لائبريري لاءِ الڳ زمين حاصل ڪري هتي عمارت، هڪ هال جوڙيو وڃي ته جيئن هال جي مسواڙ مان ملندڙ رقم مان لائبريري کي هلائي سگهجي. جنهن لاءِ 1905ع ۾ بندر روڊ تي زمين حاصل ڪري اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو. 16 جون 1906ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر اي. ڊي ينگ هسبنڊ هن جو افتتاح ڪيو. نيٽو جنرل لائبريري جو نالو غلام حسين خالق ڏنو هال لائبريري رکيو ويو. اها لائبريري ۽ هال پنهنجي خوبصورت پٿر واري بلڊنگ سميت بندر روڊ سروسز اسپتال لڳ اڄ به موجود آهي. هن هال کي ان وقت مشهوري ملي جڏهن سيپٽمبر 1921ع ۾ هن هال ۾ مولانا محمد علي جوهري ان جي ساٿين تي بغاوت جو مقدمو هلايو هلايو ويو. خلافت تحريڪ جي 9 جولاءِ 1921ع جي جلسي ۾ پاس ٿيل ٺهراءُ وارو پٿر اڄ  به هتي لڳل آهي. جنهن تي ٺهراءُ لکيل آهي.

1886ع ۾ بندر روڊ ۽ نيپئر روڊ جي ملڻ واري هنڌ تي ميڪس ڊينسو هال اڏيو ويو. جنهن ۾ هڪ لائبريري پڻ قائم ڪئي ويئي. پر هاڻ اها لائبريري موجود نه آهي. هي هال ڪراچي چيمبرز آف ڪامرس مسٽر ميڪس ڊينو جي ياد ۾ آڏيو ويو. هال 60 ڦٽ ڊگهو ۽ 30 ڦٽ ويڪرو جنهن جو ڊزائن انجينئر جيمس اسٽريچن تيار ڪيو هو.

1910ع ۾ بندر روڊ تي ريڊيو پاڪستان جي سامهون ٿياسوفيڪل هال اڏيو ويو. جنهن ۾ هڪ لائبريري به قائم ڪئي ويئي.  هن کي ٿياسوفيڪل سوسائٽي اڏيو هو. ڪراچي ٿياسوفيڪل سوسائٽي نيويارڪ ۾ 1875ع ۾ شروع ٿيندڙ هڪ ڏيهان ڏيهي تحريڪ جو حصو هئي. ڪراچي ۾ ٿياسوفيڪل سوسائٽي 1896ع ۾ قائم ٿي. ڪراچي جو پهريون ميئر ۽ مشهور سماج سڌارڪ جمشيد نسروانجي هن جا روح روان هئا. هي هال 1955ع تائين پراڻي جاءِ ۾ رهيو. بعد ۾ 1955ع ۾ انهيءَ جاءِ کي ڊاهي نئين عمارت اڏي ويئي. ڪنهن دور ۾ ڪراچي ۾ ترقي پسند ۽ قومپرستن جا پروگرام خاص ڪري جشن لطيف جا پروگرام انهيءَ هال ۾ ٿيندا هئا. اهو هال بندر روڊ تي ريڊيو پاڪستان جي سامهون اڄ به موجود آهي.

ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ مٿين لائبريرين کانسواءِ هيٺيون مشهور لائبريريون موجود هيون. گورنر سنڌ لائبريري گورنر هائوس، ڪراچي بار ايسوسيئيشن لائبريري، ڊي. جي  ڪاليج لائبريري، انجمن ترقي اردو لائبريري، ينگ مسلم ايسوسيئيشن لائبريري، ينگ ڪرسچن ايسوسيئيشن لائبريري، مدرسه مظهر العلوم لائبريري کڏو، مدرسو احرار اسلام لائبريري ريڪسر لائين لياري، قاضي عبدالرحيم لائبريري لياري، سنڌ مسلم ڪاليج لائبريرير (1943ع)، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان لائبريري (1949ع)، دارالعلوم مجدديه لائبرريري عالمگير روڊ (1948ع)، اين. اي. ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي لائبريري (1921ع)، جامعه مدرسو درسيا لائبريري صدر، جاميه اسلاميه مدرسو لائبريري کڏو لياري، سنڌي ساهت سڀا لائبريري صدر (1921ع) ۽ بزم ادب حيدري لائبريري جونا مارڪيٽ لياري (1926ع) پڻ مشهور هئا.

1920ع صدر جي علائقي ۾ ڪڙڪ هال. جيڪو سهراب ڪڙڪ اڏيو هو ۽ هن ۾ لائبريري به قائم ڪئي ويئي هئي. هن هال ۾ ڊراما به اسٽيج ڪيا ويندا هئا. هاڻي هي هال انتهائي خراب حالت ۾ آهي. لائبريري هاڻي موجود نه آهي. انهن هالن ۽ لائبريرين کانسواءِ ڪراچي ۾ ٻيا به هال اڏيا ويا جن ۾ جهانگيري ڪوٺاري هال جيڪو فقط پارسين لاءِ مخصوص هو. سوشيلا ڀوڄ ميرج هال جيڪو فقط هندن لاءِ مخصوص هو. مسلم ليڊيز ايسوسيئيشن هال، ڪلياڻي هال، عامل انسٽيٽيوٽ هال ۽ ڪي. جي. اي هال شامل آهن.

ورهاڱي کانپوءِ گهڻي عرصي تائين اهي هال پنهنجي پوري گنجائش سان استعمال ٿيندا هئا. هاڻي گهڻا هال اسان جي حڪومتن پاران دلچسپي نه هئڻ ۽ سار سنڀال نه لهڻ ڪري کنڊرن ۾ بدلجي ختم ٿي ويا آهن. انهن هالن ۽ لائبريرين ۾ هڪ  دور جي ڪهاڻي محفوظ آهي. ڪيترائي يادگار لمحا هتي موجود آهن. انهن هالن کي بچائڻ ضروري آهي ته جيئن اسان انهن تاريخي ڪهاڻين ۽ لمحن کي محفوظ ڪري سگهون.

رسم الخط وارو مسئلو:

آگسٽ 1851ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو ۽ پوري لکپڙهه جيڪا اڳ ۾ فارسي ۾ ٿيندي هئي. سنڌي ۾ ٿيڻ لڳي. هن کان اڳ 1848ع جي شروع ۾ بمبئيءَ جي گورنر مسٽر جارج ڪلارڪ سنڌ جي ڪمشنر مسٽر پرنگل کي هدايت جاري ڪئي ته هو سنڌ ۾ فارسي جي جاءِ تي سرڪاري ٻولي طور سنڌي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي.

سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيڻ کانپوءِ لپي جو مسئلو درپيش هو. عربن جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ ديوناگري لپي (رسم الخط) رائج هو. عربن جي اچڻ کانپوءِ عربن عربي لپي کي رائج ڪيو. سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ کانپوءِ اهو مسئلو سنگين صورت اختيار ڪري ويو. خود انگريز به ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويا. فريئر هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هيٺين ميمبرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي.

(1) نارائڻ جگن ناٿ وڍيا جيڪو ماهر تعليم هو. جنهن جي نالي سان اين. جي. وي. هاءِ اسڪول اڄ به ڪراچي ۾ موجود آهي. (2) ديوان اوڌراما (3) ديوان برڀوداس (4) ديوان ننڌ رام (5) مرزا صادق علي بيگ (6) قاضي غلام علي ۽ (7) ميان غلام حسين. هن ڪاميٽي جو چيئرمين ڪراچي جي ان وقت جو ڪليڪٽر بيرو ايلس هو. ڪاميٽي ۾ موجود هندو ميمبر ديوناگري لپي جا حامي هئا. جڏهن ته مسلمان ميمبر عربي لپي جا حامي هئا. ڪاميٽي ۾ فيصلو نه ٿيڻ جي صورت ۾ هن مسئلي کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيو ويو. ايسٽ انڊيا ڪمپني گهڻي بحث کانپوءِ عربي لپي کي اختيار ڪرڻ جي سفارش ڪئي. آخرڪار 1868ع تي عربي لپي کي سرڪاري طور منظور ڪيو ويو. هن مسئلي کانپوءِ سنڌ ۾ شروعاتي تعليم جي ڪورس کي به مرتب ڪيو ويو. هن فيصلي کانپوءِ به گهڻي عرصي تائين ڪجهه حلقن پاران ديوناگري لپي کي جاري ڪيو ويو.

1853ع ۾ ڪراچي ۾ هڪ سنڌي ميڊيم اسڪول کوڙي باغيچي واري علائقي ۾ کوليو ويو. جيڪو انگريزن پاران سنڌ ۾ پهريون سنڌي ميڊيم اسڪول هو.

 1853ع ۾ ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ وڌيڪ پنج کوهه مختلف علائقن ۾ کوٽيا ويا. 1851ع کان اڳ سنڌ ۾ ڏامر جو هڪڙو ميل به رستو ٺهيل نه هو ۽ پنجن ميلن کان وڌيڪ ڪو صاف رستو نه هو. شهرن جي اندر ۽ ٻاهر ڪجهه ميلن تائين جيڪي سرائي ۽ لانڍيون قائم ڪيون انهن تائين صاف رستا موجود هئا. گهڻو ڪري پيچرا هئا. هن دور ۾ ڪراچي تائين اچڻ وڃڻ لاءِ ڪيترائي اهم، رستا اهي انتهائي  منظم رستا هئا. انهن رستن وسيلي خشڪ مند ۾ اڻ لانگهائو رڪاوٽن کان پاسيرو ٿيندي وڏن شهرن وچ ۾ اچ وڃ ٿيندي هئي.

انگريزن جي دور ۾ ڪراچي جي ڪوٽ کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو ۽ ڪوٽ جي ديوار لڳ پهريون رستو تعمير ڪيو ويو. انهيءَ رستي جي اڏاوت اڄ به ڪوٽ وانگر گول دائري ۾ آهي. ڪوٽ کان ٻاهر جيڪو پهريون رستو تعمير ڪيو ويو اجهو نيون هم روڊ هو. جنهن تي ان وقت 560 رپيا خرچ آيو. جيڪو اڄ به مٺي در واري علائقي ۾ موجود آهي. بعد ۾ چاڳلا اسٽريٽ ۽ مولجي اسٽريٽ به تعمير ڪيا ويا. اهي تمام گهٽيون اڄ به ڪراچي جي پراڻي واپاري علائقي ۾ موجود آهن.

بندر روڊ جو ڪجهه حصو 1851ع ۾ پڪو ويو. ۽ 1878ع ۾ ان کي ٽي ميل وڌائي هاڻوڪي رمپا پلازه تائين پڪو ڪيو ويو. جتي هڪ پراڻو ڊاڪ بنگلو به هو. هتي سياحن جي رهڻ جو بندوبست هوندو هو. اهو ڊاڪ بنگلو 1855ع ۾ اڏيو ويو. 85-1884ع ۾ ميونسپلٽي پاران وڌيڪ رستا جن ۾ گرانٽ روڊ، طيب جي روڊ، گيمر روڊ اسٽريچن روڊ، امام بارگاهه اسٽريٽ، جي رام اسٽريٽ، برنس روڊ تعمير ڪيا ويا. 1876ع ۾ وڪٽوريا ميوزيم بلڊنگ جي اڏاوت شروع ٿي ۽ 1892ع ۾ هن جي مڪمل اڏاوت مڪمل ٿي. هن جي پيڙهه جو پٿر ڊيوڪ آف ڪناٽ رکيو هو. 21 مئي 1892ع ۾ افتتاح ڪيو ويو. هاڻوڪي پاڪستان واري علائقن ۾ ٺهندڙ اها پهرئين ميوزيم هئي. ورهاڱي کانپوءِ هن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان  قائم ڪئي وئي.

واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڊسمبر 1850ع ۾ پهريون ڀيرو واپاري ميلي جو بندوبست ڪيو ويو. هي ڪامياب ميلو هو جنهن جي ڪري ڪراچيءَ کي شهرت ملي. ان کان اڳ 1838ع ۾ انڊين نيوي جي ڪمانڊر ڪارلس ڪراچي بابت هڪ رپورٽ ۾ لکيو هو ته ڪراچي جي واپار جو ڳاڻيٽو 12،42،625 رپيا هو.

ٽپال، تار ۽ ٽيليفون:

1858ع ۾ ٽپال جي نظام کي بهتر بنايو ويو، پيادن ٽپالين جي جاءِ تي گهوڙن ۽ اٺن جو استعمال شروع ڪيو ويو. ٽپال ۾ اٺن جو استعمال ڪمشنر پرنگل جي دور ۾ شروع ڪيو ويو پر اهو هڪ مهينو به نه هلي سگهيو هو. اپريل 1850ع تائين سنڌ جا ڪيترائي شهر ٽپال جي نظام سان ڳنڍجي چڪا هئا. پوري سنڌ ۾ ٽپال جي نظام جي نگراني ڪراچي جو پوسٽ ماسٽر مسٽر ڪافي Mr. Coffy ڪندو هو. 1851ع ۾ سنڌ جي شهر ڪراچي کي اهو اعزاز حاصل ٿيو جو پوري ننڍي کنڊ ۾ پهرئين ڊاڪ ٽڪيٽ هتان جاري ٿي. ٽن مختلف رنگن ۾ هي ڊاڪ ٽڪيٽ پان جي پتي جي عڪس سان ڇپيل هو، جنهن تي E.I.C (East India Company) لکيل هو ۽ هن جي چوگرد Sind District Dawk لکيل هو.

1854ع ۾ سنڌ جي ڊسٽرڪٽ ڊاڪ جو نظام ختم ڪري، سنڌ پوسٽ آفيس کي آل انڊيا پوسٽل نظام سان ڳنڍيو ويو. ريل ۽ سامونڊي جهازن جي ڪري هن ۾ تيزي اچي ويئي. ورهاڱي وقت ڪراچي ۾ هيٺيان پوسٽ آفيس موجود هئا.

1. جنرل پوسٽ آفيس

ميڪلوڊ روڊ

2. ڪراچي سٽي پوسٽ آفيس

وڊ اسٽريٽ

3. فريئر هال پوسٽ آفيس

فريئر هال جي سامهون

4. نيون ٽائون پوسٽ آفيس

جمشيد روڊ

5. ڪياماڙي پوسٽ آفيس

ڪياماڙي

6. ڊرگ روڊ پوسٽ آفيس

ڊرگ روڊ

7. گارڊن پوسٽ آفيس

گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر لڳ

8.ڪراچي صدر پوسٽ آفيس

وڪٽوريا روڊ

9. لي ڪوارٽرز پوسٽ آفيس

ايمبنڪمينٽ روڊ لي مارڪيٽ

10. رنڇوڙ لائين پوسٽ آفيس

برنس اسٽريٽ

11. ايمپريس مارڪيٽ پوسٽ آفيس

پريڊي اسٽريٽ

12. سولجر بازار پوسٽ آفيس

سولجر بازار

13. سنڌ سيڪريٽريٽ پوسٽ آفيس

نيپيئر بيرڪس

14. ڪچهري روڊ پوسٽ آفيس

واڌو مل اوڌارام روڊ

15. ڪلفٽن پوسٽ آفيس

ڪلفٽن ٽائون

16.  رام سوامي ڪوارٽرز پوسٽ آفيس

برنس اسٽريٽ

اهي سڀئي پوسٽ آفيسون اڄ به موجود آهن. ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي ۾ وڌيڪ ويهن پوسٽ آفيسن جو واڌارو ٿيو.

جديد دور ۾ ٽيليفون، فيڪس، ٽيلي پرنٽر ۽ خاص ڪري اي ميل ۽ ايس ايم ايس اچڻ ڪري خط لکڻ ۽ خط ملڻ، ٽپالي جي انتظار جو مزو ختم ٿي ويو آهي.

1862ع م ڪراچي انگلينڊ جي وچ ۾ پهريون ڀيرو ٽيلي گرافڪ رابطو قائم ٿيو. جنهن کي 1865ع م عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو. 1935ع ۾ ڪراچي ٽيلي گرافڪ سسٽم کي پرشين گلف ٽيلي گرافڪ سسٽم کان الڳ ڪري ”پوسٽ اينڊ ٽيلي گرافڪ“ نالي سان نئون کاتو قائم ڪيو ويو.

انڊو يورپين ٽيليگراف ڊپارٽمينٽ، اڏاوت- 1870ع

 

 

آگسٽ 1883ع ۾ بمبئي ٽيليفون ڪمپني پنهنجي هڪ شاخ ڪراچي ۾ ميڪلوڊ روڊ ۾ قائم ڪئي. 1912ع ۾ هن کي وڊ اسٽريٽ ۾ منتقل ڪيو ويو. 1912ع ۾ ڪراچي ۾ ٽيليفون جا 280 ڪنيڪشن هئا. 1936ع ۾ ڪراچي ۾ پهريون خودڪار ٽيليفون ايڪسچينج قائم ڪيو ويو ۽ ٽيليفون ڪمپني کي سٽي پوسٽ آفيس جي ويجهو پنهنجي نئين جاءِ ۾ منتقل ڪيو ويو. 1937ع ۾ ڪراچي ۾ ٽيليفون جا 1384 ڪنيڪشن موجود هئا. خودڪار سسٽم کان اڳ مين آفيس ۾ آپريٽر شهرين کي نمبر ملائي ڏيندا هئا. 1947ع ۾ ڪراچي ۾ 2320 ٽيليفون جا ڪنيڪشن موجود هئا. هن دور ۾ ٽيليفون ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ جو طريقو انتهائي منجهيل ۽ ڏکيو هو. تنهن ڪري ڪنهن غريب جي وس جي ڳالهه نه هئي. 2005ع ۾ پرائيويٽ ادارن هن سلسلي ۾ سرمائيڪاري شروع ڪئي. موبائل فون جي اچڻ سان مواصلاتي نظام ۾ هڪ انقلاب آيو. ڪراچي ۾ هن وقت هر چوٿين ماڻهو وٽ موبائل فون آهي. هن وقت پي ٽي سي ايل کانسواءِ ٽي ٻيون پرائيوٽ موبائل فون ڪمپنيون به موجود آهن.

 

ريلوي نظام جي شروعات:

29 اپريل 1858ع تي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر ڪينٽ اسٽيشن واري جاءِ هڪ هنڌ ڪوڏر جو ڌڪ هڻي ڪراچي ڪينٽ کان ڪياماڙي گودي تائين ريلوي لائين جي پيڙهه جو پٿر رکيو فريئر ڪمشنر هائوس کان پيڙهه جي پٿر واري جاءِ تائين هڪ جلوس جي شڪل ۾ پهتو هو ۽ پهچڻ شرط 21 توپن جي سلامي هن ڏني ويئي. مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جنهن جو ان وقت نالو فريئر اسٽريٽ اسٽيشن رکيو ويو. فريئر ريلوي لائين جي وڇائڻ ۾ وڏي دلچسپي ورتي هئي. اها سنڌ ۾ وڇايل پهرئين ريلوي لائين هئي. ٿيو ائين جو ريلوي لائين مڪمل ٿيڻ سان ئي فريئر جي بدلي ٿي ويئي ۽ فريئر افتتاح ائين ڪيو جو ڪراچي ڪينٽ کان ڪياماڙي تائين ريل ۾ سفر ڪري هتان ئي پاڻي جي جهاز ۾ چڙهي بمبئي روانو ٿي ويو. پهرئين فقط مال گاڏا هئا. هڪ مال گاڏي ۾ عارضي ڪرسيون لڳائي شاميانو هڻي، فريئر ان ۾ سفر ڪيو. افتتاح جو اهو سفر آڪٽوبر 1859ع تي طئي ڪيو ويو هو. انجڻ ڊرائيور انهيءَ ريلوي لائين وڇائيندڙ انجنيئر جان برنٽن هو. ڪينٽ اسٽيشن کان ڪياماڙي بندر تائين لائين جي ٻنهي پاسي ان يادگار منظر کي ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو بيٺل هئا. اهي ماڻهو ريلوي لائين جي ٻنهي پاسي پنڌ ڪياماڙي پهچي ريلوي لائين جي افتتاح واري ۽ فريئر جي الوداعي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ هتان ئي فريئر کي الله واهي چيو. ان کان پوءِ 1859ع ۾ ئي گذري (گسري) بندر تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم مڪمل ٿيو ۽ گاڏيون گسري بندر تائين هلڻ لڳيون. سنڌ ۾ ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم سنڌ ريلوي ڪمپني (انڊس ويلي اسٽيٽ ريلوي) سرانجام ڏنو. هي ڪمپني 1855ع ۾ لنڊن ۾ قائم ٿي هئي. 1859ع ۾ ئي ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ سنڌ ريلوي ڪمپني جي وچ ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين 110 ميل ڊگهي لائين وڇائڻ جو معاهدو ٿيو. 13 مئي 1861ع ۾ ان جو ڪم مڪمل ٿيو. هن لائين جو انجنيئر به جان برنٽن هو. ڪراچي ۾ انهيءَ لائين تي ڪراچي سٽي، ڪراچي ڪينٽ، چينسر هالٽ ملير، لانڍي ۽ جمع حمائتي ريلوي اسٽيشنون آهن. انهيءَ زماني ۾ ريلوي لائين تي ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد وچ ۾ پل نه هئڻ ڪري درياهه جي ٻئي ڪناري واپاري سامان ٻيڙين وسيلي نيو ويندو هو ۽ حيدرآباد کان پوءِ هن کي ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن موڪليو ويندو هو. 1879ع ۾ حيدرآباد ۽ ملتان سيڪشن جو ڪم مڪمل ٿيو. 1887ع ۾ ڪوٽڙي ۽ ڪوئٽا وچ ۾ به گاڏيون هلڻ لڳيون. اڳ ۾ سنڌ، پنجاب ۽ دهلي جون الڳ ريلوي ڪمپنيون هونديون هيون. 1870ع ۾ انهن ٽنهي ڪمپنين کي ملائي ”سنڌ پنجاب دهلي ريلوي ڪمپني“ جو نالو ڏنو ويو. 1886ع ۾ حڪومت اترئين ۽ اولهه وارن علائقن جي سڀني سريلوي لائينن کي خريد ڪري ”نارٿ ويسٽرن ريلوي ڪمپنيءَ“ جو نالو ڏنو. ان ڪمپني جو آخري اسٽيشن ڪراچي سٽي هو. ورهاڱي وقت نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ڪل 11088 ڪلوميٽر لائينن مان، 3043 ڀارت جي ۽ 8045 ڪلوميٽر پٽڙيون پاڪستان جي حصي ۾ آيون.

1961ع ۾ نارٿ ويسٽرن ريلوي کي ”پاڪستان ويسٽرن ريلوي“ ۽ 1974ع ۾ ”پاڪستان ريلوي“ جو نالو ڏنو ويو.

1964ع ۾ ڪراچي ۾ ”ڪراچي سرڪلر ريلوي“ جو منصوبو جوڙيو ويو. جنهن کي ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويو. پهرئين مرحلي ۾ ڊرگ روڊ کي لياري اسٽيشن سان ملايو ويو ۽ ٻئي مرحلي ۾ لياري کي ڪراچي سٽي اسٽيشن سان ملايو ويو. 1969ع ۾ ٻئي مرحلا مڪمل ٿيا ته هن ٽريڪ تي مسافر ٽرينون هلڻ لڳيون. پهرئين هن روٽ تي 24 ريل گاڏيون هلنديون هيون ۽ پوءِ آهستي آهستي هڪ سازش تحت ريلوي انتظاميا پرائيويٽ بس مالڪن سان ملي هن ريلوي نظام کي ناڪام ڪيو. هن وقت ٽڪيٽ فقط 25 پئسا هئي پوءِ به سرڪلر ريلوي مان حڪومت کي هر مهيني 4 کان پنج لک رپيا ملندا هئا. 1998ع ۾ ٽڪيٽ جي قيمت وڌائي 50-1 پئسا ڪيو ويو. 1980ع کان پوءِ دير سان پهچڻ ڪري مسافرن هن ۾ سفر ڪرڻ بند ڪيو ۽ ائين اهو فائدي وارو نظام کوٽ جو شڪار ٿي آخر بند ٿي ويو. ڪجهه وقت اڳ هن کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سرڪلر ريلوي جي اسٽيشنن جو انگ 15 آهي.

9 سيپٽمبر 1852ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ جي پهرئين پروٽسٽنن گرجا گهر جي پيڙهه جو پٿر بارٽل فريئر رکيو. 1859ع ۾ مسٽر فريئر پنهنجي نالي جي هڪ هال جي پيڙهه جو پٿر رکيو. فريئر جي زماني ۾ ڪراچي بندرگاهه تي جهازن جي مرمت جو انتظام ڪيو ويو. هن کان اڳ اهي مرمت لاءِ بمبئيءَ اماڻيا ويندا هئا.

1851ع ڪلفٽن جي ساحل تي 12 بنگلا اڏيا ويا. پهرئين مهاڀاري لڙائي تائين پوري شهر ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا پر ڪو به نئون علائقو آباد نه ڪيو ويو.

 

بئنڪن جي شروعات:

1861ع ۾ ”بئنڪ آف ڪراچي“ جي نالي سان قائم ٿي. جيڪا سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ پهرئين بئنڪ هئي. هن کان اڳ 1858ع ۾ ”آگرا اينڊ ماسٽر مين بئنڪ“ جي هڪ برانچ ڪراچي ۾ قائم ڪئي وئي هئي. 1861ع ۾ آگرا اينڊ ”يونائيٽيڊ سروس بئنڪ“ ۽ ”اورينٽل ڪو آپريشن بئنڪ“ پنهنجي هڪ مستقل ايجنسي به ڪراچي ۾ کولي هئي.

1886ع تائين ڪراچي ۾ ”چارٽر بئنڪ آف انڊيا، سنڌ پنجاب اينڊ دهلي بئنڪ، بئنڪ آف بمبئي، پنجاب بئنڪ جا برانچ کلي چڪا هئا. 1900ع ۾ ڪراچي ۾ بئنڪ آف آگرا، نيشنل بئنڪ آف انڊيا، پنجاب بئنڪنگ ڪمپني، مرڪنٽائل بئنڪ آف انڊيا جا برانچ کلي چڪا هئا. ورهاڱي کان پوءِ پهرئين بئنڪ حبيب بئنڪ ڪراچي ۾ قائم ٿي.

 

ڪراچي بئنڪ – 1861ع

انهن بئنڪن ڪري ڪراچي ۾ واپار ۽ معيشت کي هٿي ملي، واپاري سرگرمين ۾ واڌارو ٿيو. 1920ع ۾ ڪو آپريٽو تحريڪ شروع ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪو آپريٽو بئنڪون به قائم ٿيڻ لڳيون. هن تحريڪ جو باني مشهور سماج سڌارڪ جمشيد مهتا هو. مهتا 1920ع ۾ ڪراچي ۾ پهرئين ڪوآپريٽيو بئنڪ جو افتتاح ڪيو. طيب علي علوي به هن سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪمشنر انور ريرئٽي 1860ع ۾ ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس جو بنياد وڌو، جنهن سان ڪراچي جي واپار، معاشي ۽ صنعتي ترقي ۾ واڌارو ٿيو. چيمبرس آف ڪامرس يورپي واپارين جي ڪنٽرول ۾ هو. شروع ۾ ان چيمبرس ۾ هيٺيون ست باني ڪمپنيون شامل هيون.

ڊي. ميلور اينڊ ڪمپني

باڪلي واٽس اينڊ ڪمپني

فليمنگ اينڊ ڪمپني

ٽي – لڊبيٽر اينڊ ڪمپني

فن لي اينڊ ڪمپني

آءِ. ايل ڊنولي اينڊ ڪمپني

آش برنرنيل اينڊ ڪمپني

ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس جو پهريون صدر مسٽر ڊي. ميڪ اوليور هو. 1861ع ۾ انهن جي ميمبرن جو تعداد تيرنهن ٿي ويو. جن ۾ فقط ٻه مقامي ڪمپنيون، طيب جي اينڊ ڪمپني ۽ اردشير اينڊ ڪمپني هيون. 1900ع ۾ چيمبرس جي ٽيهن ميمبرن ۾ ٽي وڌيڪ مقامي ڪمپنيون شامل ٿيون. انهن ٽن ۾ جهانگير ايڇ. ڪوٺاري اينڊ ڪمپني، ايڊلجي ڊنشا اينڊ ڪمپني ۽ ايڇ. جي رستم جي اينڊ ڪمپنيون هيون. باقي 25 يورپين ڪمپنيون هيون.

1902ع ۾ مقامي واپارين پنهنجي الڳ تنظيم ڪراچي نيٽو مرچنٽس ايسوسيئشن (Karachi Native Marchants Association) جي نالي قائم ڪئي. بعد ۾ هن جو نالو بدلائي انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن رکيو ويو. 1934ع ۾ تنظيم پنهنجي جدا جاءِ به تعمير ڪئي. هن جاءِ جي پيڙهه جو پٿر 8 جولاءِ 1934ع تي مهاتما گانڌي رکيو هو. هي جاءِ اڄ به سنڌ مدرسي جي سامهون انهيءَ حالت ۾ موجود آهي. سيٺ يوسف علي ڪريم هن جو پهريون چيئرمن ۽ سيٺ ليلارام جي پهريون اعزازي سيڪريٽري چونڊيا ويا. جنهن سان مقامي واپارين کي سهولتون مليون ۽ هو اڳتي آيا.

1916ع ۾ ڪراچي ۾ بائرس اينڊ شيپرز چيمبرس (Byers and Shippers Chambers) جو قيام عمل ۾ آيو. شروع ۾ هن جا 60 ميمبر هئا. هن جو پهريون صدر سيٺ صالح محمد عمر ڊوسل ڪمپني جو مالڪ سيٺ عبدالرحيم صالح ۽ لال جي ٺيڪم داس ڪمپني جو سيٺ هري داس لال جي اعزازي سيڪريٽري چونڊيا ويا.

1923ع  ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج قائم ڪيو ويو. ائين ڦٽيءَ جو ڪاروبار پهرئين بائرس چيمبرس جي وسيلي ٿيندو هو. هن جي ٺهڻ کان پوءِ ڦٽيءَ جو ڪاروبار هن اداري جي حوالي رهيو.

هندو ۽ مسلم جهيڙي ڪري انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي. مسلمانن الڳ مسلم چيمبرس آف ڪامرس جو بنياد وڌو.

چيمبر آف ڪامرس بلڊنگ – اڏاوت 1860ع

 

ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس تي 1947ع تائين يورپين جو ڪنٽرول هو. ڇاڪاڻ ته مقامي واپارين الڳ تنظيم قائم ڪئي هئي. 1947ع تائين ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس جا تمام صدر يورپي هئا. هن جي آَفيس اڄ به ٽالپر روڊ (وڊ اسٽريٽ) تي موجود آهي ۽ ڪراچي جي خوبصورت جاين مان هڪ آهي. هن خوبصورت جاءِ ۾ هن وقت هڪ پرائيويٽ ڪمپني جي آفيس آهي. اها جاءِ 1865ع ۾ ٺهي مڪمل ٿي. ڳاڙهي جوڌ پوري پٿرن جي ٺهيل هن جاءِ ۾ هڪ وڏو هال به آهي. ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس جي آفيس انڊين مرچنٽ ايسوسيئيشن جي جاءِ ۾ منتقل ٿي.

 

صنعت:

ڪراچي جي صنعتي ترقي ڏانهن جيڪڏهن ڏسنداسين ته هتي ميرن جي دور کان مختلف صنعتون قائم هيون. جن ۾ چمڙي رنگڻ وغيره جا ڪارخانا لياري واري علائقي ۾ قائم هئا. 1846ع ۾ ڪراچي ۾ هٿ سان هلڻ واري ڪپڙي سبڻ جي مشين متعارف ٿي ۽ انهيءَ ڪمپني پاران سوڊا واٽر جي به هڪ ڪمپني هلندڙ هئي. جي. ڊبليو وائس نالي اداري ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو مشين وسيلي ڪپڙي سبڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو. 1858ع ۾ ميڪلوڊ روڊ تي ڦٽي صاف ڪرڻ جا ڪيترائي ڪارخانا قائم ٿيا. انهيءَ دور ۾ ريشمي ڌاڳو ۽ ريشمي ڪپڙو به تيار ٿيڻ لڳو. 1859ع ۾ اسٽيمر ٺاهڻ جو هڪ ڪارخانو ڪراچي ۾ قائم ٿيو، پهرئين ٺهندڙ اسٽيمر جو نالو Fherer Bartie رکيو ويو.

1854ع ۾ ڪراچي ۾ لوڻ ٺاهڻ لاءِ ڪراچي سالٽ ڪمپني قائم ٿي. بعد ۾ سالٽ کاتي جي هٿ هيٺ ”ماڙي پور مواڇ ورڪس“ لوڻ ٺاهڻ جو هڪ ادارو به قائم ڪيو ويو. هن دور ۾ لوڻ ٻاهر به موڪليو ويندو هو. اهو پورو لوڻ ماڙي پور واري علائقي ۾ سمنڊ جي ڪناري تيار ڪيو ويندو هو.

1888ع ۾ ڪراچي ۾ لنگيون، ريشمي ڌاڳي، قالين وغيره جا ڪيترائي ڪارخانا قائم ٿي چڪا هئا. 1900ع ۾ ڪراچي ۾ لوڻ لڳل مڇي (ٻاڙي مڇي) جي ٻاهر موڪلڻ تي اوسط ساليانو 474579 ناڻو ڪمايو ويو. 1901ع تائين ڪراچي ۾ 40 کان مٿي صنعتي ادارا قائم ٿي چڪا هئا.

برطانيا جي دور ۾ ڪراچي ۾ سڀ کان پهرئين انگلش دوائن وڪڻڻ لاءِ بلس اينڊ ڪمپني جو ادارو قائم ٿيو.

ڪراچي ۾ پهرئين ڊيري فارم گلشن اقبال ۾ حسن اسڪوائر کان لالو کيٽ ڏهه نمبر ويندي، حسن اسڪوائر جي سامهون بلاڪ 17 ۾ هڪ انگريز قائم ڪيو. اها بلڊنگ اڄ به موجود آهي ۽ حڪومت جي حوالي آهي، جنهن کي ملڪ پلانٽ چيو وڃي ٿو.

ڪراچي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هاڻوڪي پاڪستان وارن علائقن ۾ سڀ کان پهرئين سيمنٽ فيڪٽري هتي قائم ٿي. اها سيمنٽ فيڪٽري مشهور صنعت ڪار ڊالميا پنهنجي نالي سان قائم ڪئي. هاڻوڪي گلشن اقبال واري علائقي، شانتي نگر لڳ قائم ڪئي وئي. 80 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هن کي بند ڪيو ويو. هن فيڪٽري جو وجود 2003ع کانپوءِ باقائده ختم ڪري اها زمين بلڊرز کي وڪرو ڪئي ويئي ۽ هتي هاڻي بنگلا ٺاهيا پيا وڃن.

1890ع ۾ ڪراچي ۾ 30 اٽي پسائي جون چڪيون هيون. جيڪي اٺن وسيلي هلنديون هيون. 1913ع ۾ ڪراچي ۾ بجلي اچڻ کان پوءِ اٺن کي آزادي ملي.

ڊسمبر 1869ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر ميري ويدر جي ڪوششن  سان هڪ صنعتي نمائش جو بندوبست ڪيو ويو. هن نمائش ۾ وچ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي واپارين ۽ صنعت ڪارن حصو ورتو.

1883ع ۾ شهر جي سٺ ميل رستن تي بتين جو تعداد هڪ هزار ٿي چڪو هو. 1812ع ۾ عجائب گهر جي نئين عمارت تيار ٿي ۽ عجائب گهر کي ان ۾ منتقل ڪيو ويو. اهو ڪمشنر ايوان جيمس جو دور هو. جنهن نائون مل جي ڪتاب ”يادگيريون“ کي ايڊٽ ڪيو هو. هي اهو ماڻهو هو جنهن حرن تي ظلم جو نئون باب مرتب ڪيو. 1897ع ۾ ڪراچي ۾ جانورن لاءِ اسپتال Richmond Vaterinary Dispensary بندر روڊ تي اڏيو ويو. اها اسپتال اڄ به بندر روڊ تي ريڊيو پاڪستان بلڊنگ سان گڏ آهي. 1901ع کانپوءِ هن جو انتظام ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جي حوالي ڪيو ويو هو.

1893ع ۾ ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو سيورج جو جديد نظام شروع ڪيو ويو. 1896ع ۾ صدر کي ڇانوڻي واري علائقي کان الڳ ڪري ميونسپلٽي جي حوالي ڪيو ويو.

1894ع ۾ ليڊي ڊفرن اسپتال اڏيو ويو. انهيءَ سال ڪياماڙي کان ڪراچي ڪينٽ ريلوي ٽريڪ کي ڊبل ڪيو ويو. 1900ع ۾ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ سنڌو درياءَ تي پل جوڙيو ويو.

فوجي ٽريننگ جو هڪ منظر جنهن جي ڪري لياري ندي جو ڪنارو گوليمار ڪري مشهور ٿيو

1914ع ۾ پهرئين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ته ڪراچي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ٿي ويئي. ڪراچي جي واپار کي هٿي ملي ۽ ڪراچي ۾ نوان علائقا آباد ٿيڻ لڳا، جنهن جي ڪري ترقي ۽ تعمير کي محسوس ڪندي 1915ع ۾ ٽائون پلاننگ ايڪٽ نافذ ڪيو ويو. ان جي بنياد تي ڪراچي ۾ پهريون ماسٽر پلان مسٽر اي.اي. ميسرس 1922ع ۾ تيار ڪيو.

1919ع ۾ ڪلفٽن تي جهانگير ڪوٺاري ٽن لکن جي خرچ سان سمنڊ ڪناري تائين ڳاڙهي پٿرن جي پل تعمير ڪئي. هاڻي هتي جهانگير ڪوٺاري پارڪ آهي. پارڪ کي وڌائي ان جو نالو 2007ع ۾ بن قاسم پارڪ رکيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org