سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 3

تاريخدان ايڇ. ٽي ليمبرڪ H.T Lamberick پنهنجي ڪتاب “Sind a General Introduction” ۾ لکي ٿو ته، 326 ق.م ۾ جڏهن نيئرڪس ڪراچي جي ويجهو گذريو هو ته ان وقت ڪراچي بندر موجود هو ۽ هن بندرگاهه کي مورنٽو بارا جو نالو ڏنو هو. مورنٽوبارا يوناني ٻولي جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ڪنهن عورت جو بندر، خيال آهي ته جنهن وقت نيئرڪس ڪراچي واري علائقي ۾ آيو هو هتي ڪنهن عورت جي حڪمراني هئي. انهيءَ کان متاثر ٿي نيئرڪس ڪراچي کي مورنٽو بارا جو نالو ڏنو. نيئرڪس مونٽو بارا کي تر جي ٻوليءَ ۾ ”زالاڻو بندر“ سڏيو آهي. ايڇ- ٽي لئمبرڪ، ايرين Arrian جي حوالي سان نيئرڪس  جي بحري ٻيڙي کي سنڌو درياهه جي ڇوڙ وٽان گذري عربي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ لکي ٿو ته:

”نيئرڪس جو سامونڊي ٻيڙو 150 لانچن تي ٻڌل هو عربي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪيلاٽا Killata جزيري جو چڪر ڪاٽي پهرئين ”ڪروڪالا جزيري، پوءِ Bibkata جزيري تي پهچي ٿو. هتان کان هو وڌيڪ اولهه پاسي هلي Saka يعني ابراهيم حيدري ۽ گسري کان ٿيندو Oyster Rocks (رام جهروڪا) جي وچان گذري ڪراچي بندرگاهه (ڪياماڙي) پهچي ٿو. پوءِ هتان اتر اولهه پاسي سفر ڪري خليج فارس ۾ داخل ٿئي ٿو“.

لئمبرڪ سڪندري جنت جو نالو پير پٽي يا ڳجي جي ويجهو Bibkta جزيري کي قرار ڏنو آهي. پر خود ايرين جي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهو اندازو لڳائڻ سولو آهي ته سڪندر جنت ريڙهي مياڻ ۽ ڪياماڙي تائين وچ وارو علائقو آهي. هن وقت سنڌو درياهه جي شاخ جي هڪ شاخ جي ڪپ تي ابراهيم حيدري جو پراڻو ڳوٺ ۽ ريڙهي مياڻ آباد هئا. واڳو ڏر وارو علائقو سرسبز ۽ شاداب هو. ايرين پنهنجي ڪتاب India جي جلد پهرئين ۾ جنهن جو ترجمو ميجر جنرل ايم. آر هيگ ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ جي نالي سان ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ نيئرڪس جي عربي سمنڊ ۾ داخل ٿين کان پوءِ جا احوال بيان ڪيا ويا آهن جنهن مطابق:

”سڪندر اعظم پنجاب ۽ سنڌ کي فتح ڪري وطن واپس ورندي سنڌو درياهه جي ڏکڻ واري ڇيڙي تائين پهتو هتي ان انڊس ڊيلٽا جي اولهه واري حصي تي پهچي ڪراچي جي ويجهو سمنڊ جي موج مستي کان متاثر ٿيو ته ان ڪجهه وقت هتي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي فوج جي هڪ دستي کي نيئرڪس جي ڪمان هيٺ ٻيڙين وسيلي خليج فارس ڏانهن روانو ڪيو پر تيز هوائن ڪري اهي ٻيڙيون ”ڪروڪالا“ وٽ لنگر انداز ٿيڻ تي مجبور ٿيون. جيڪو علائقو ڪراچي جي ويجهو هو. هن جاءِ جي ويجهو هڪ قبيلو آباد هو. جنهن جو نالو يونانين ARABIES لکيو آهي. ڪروڪالا کان پوءِ اهو فوجي دستو روانو ٿيو ۽ پوءِ اهي ماڻهو کاٻي هٿ هڪ پهاڙي جي دامن کان گذريا. جنهن کي انهن ”ايروس“ جو نالو ڏنو، جيڪو اڄڪلهه ڪلفٽن جي نالي سان مشهور آهي. ان جي ساڄي هٿ هڪ جزيرو هو جنهن کي هاڻي ڪياماڙي چيو وڃي ٿو. هتان نڪري هو هڪ ويڪري ساحل تي لنگر انداز ٿيا ۽ جنرل نيئرڪس کي اها جاءِ پسند آئي. جنهن جي ڪري ان پنهنجي بادشاهه جي نالي پويان ان تي سڪندري جنت نالو رکيو. اها جاءِ تقريبن اهائي آهي جتي اڄ ڪراچي جو بندر آهي ان بندر کان ذري گهٽ چار سئو گزن جي فاصلي تي هڪ جزيرو Bibakata هو جنهن کي هاڻي منهوڙا چيو وڃي ٿو، جزيرو سمنڊ ۾ هڪ اهڙي ديوار وانگر بنيل آهي جنهن جي ڪري هي وسيع ساحل ڪياماڙي وجود ۾ آيو آهي.“

پاڪستان نيوي جو هڪ ريٽائر ڪمانڊر مظهر حسين پنهنجي تحقيق ۾ لکيو آهي ته، (May 9, 1986 Daily Dawn Karachi)   ”ڪورنگي ڪريڪ اصل ۾ Rock needle آهي. ڪلفٽن ۽ گذري انهن جزيرن کي نيئرڪس ”سڪندري جنت“ چيو آهي ته هتي اڳ پاڻي هو ۽ سمنڊ هئڻ ڪري هاڻي اهي خشڪي جا حصا ٿيا آهن“.

اليگزينڊر ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب، ”ڪراچي، ماضي حال ۽ مستقبل Kurrachee past-present and future” ۾ لکي ٿو ته: ”ڪراچي کي ڪروڪالا شناخت ڪرڻ جي سلسلي ۾ مختلف محققن بحث ڪيو آهي، ڪجهه ڪروڪالا کي ڪراچي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ ڪجهه ڪراچي کي پورٽ اليگزينڊر سان وڃي ملايو آهي. ڪجهه جو چوڻ آهي نيئرڪس جي سفر کان پوءِ سمنڊ جو ڪنارو ايتري قدر تبديل ٿي چڪو آهي جو نيئرڪس جنهن جزيري تي قيام ڪيو جنهن جي سڃاڻپ هاڻي ممڪن نه آهي. ڪراچي ڪنهن به طرح نيئرڪس جي قيام واري جاءِ نه آهي. اهڙي طرح نيئرڪس جي قيام واري جاءِ سون مياڻي بندرگاهه ۽ Capemonse جي وچ ۾ ڪنهن جاءِ تي آهي.“

اليگزينڊر ايف. بيلي ان ڳالهه کي سختيءَ سان رد ٿو ڪري ته، نيئرڪس جي اچڻ وقت منهوڙي جو ٻيٽ موجود هو. هو ان ڳالهه کي سراسر غلط ۽ بي بنياد قرار ڏيئي ٿو.

اسان جا سڀ محقق ڪروڪالا، مورنٽو بارا ۽ سڪندري جنت وارن جاين جي سلسلي ۾ ڪنهن هڪ نقطي تي متفق نه آهن ته اهي ڪنهن جاءِ جا نالا آهن. پر حقيقت آهي ته اهي نالا ڪراچي جي مختلف ساحلن تي آباد بندرن جا نالا آهن. ڪروڪالا ۽ ڪراچي ڪن ۾ گهڻي حد تائين هڪجهڙائي آهي ڇاڪاڻ ته يونانين جي هن لفظ جو تلفظ صحيح اچاري نه سگهيا آهن جنهن جي ڪري انهن ڪلاچي ڪن کي ڪروڪالا چيو آهي. ٻي ڳالهه جيڪا اهم آهي اها هي ته ”ڪل“ بلوچي ٻوليءَ ۾ ”ڪن“ يا اونهي کڏ کي چئبو آهي جنهن جي ڪري ممڪن آهي اهو ڪراچي ڪل (ڪراچي ڪن) جي ڪري يوناني ان کي ڪراچي ڪل بجاءِ ڪروڪالا چيو آهي جامعيه مليه ملير واري علائقي ۾ جيڪو قبرستان آهي هن کي ۽ هن جي آس پاس واري علائقي کي انگريز دور تائين ”گروڪل“ چيو ويندو هو. چيو وڃي ٿو ته گرو ڪنهن واڻئي جو نالو هو هتي ملير نئين ڪري هڪ ”ڪن“ ٺهي ويو هو. جيڪو گرو واڻئي جي حوالي هو تنهنڪري هن کي گروڪل چيو ويو. گروڪل، ڪروڪالا، ڪراچي ڪل جي لفظن ڏانهن محققن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته انهن سڀني لفظن ۾ هڪجهڙائي آهي. وقت سان گڏوگڏ انهن جي تلفظ ۾ تبديلي آئي هوندي؟

يوناني ٻوليءَ ۾ ڪروڪالا جو مطلب واڳون واري جاءِ، ممڪن ته هن ڪن ۾ واڳون موجود هوندا. ٻي ڳالهه جيڪا اڳ ۾ به لکي آيو آهيان ته جيڪڏهن ڪروڪالا، ڪراچي ڪن واري جاءِ نه آهي ۽ يوناني ٻولي ۾ ڪروڪالا ٻئي هڪ ئي جاءِ يا هڪٻئي جي ويجهي وارا علائقا ٿي سگهن ٿا. وڌيڪ تحقيق سان اسان ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين ته ڪروڪالا وارو علائقو واڳون ڏر آهي يا لياري ندي جي ڇوڙ وارو علائقو آهي، جتي ڪراچي جو ڪن هو. ڪروڪالا کي انهن ٻنهي جاين تي ئي ڳولڻ گهرجي. نيئرڪس جي سفر ۽ هاڻوڪي بيهڪ جي لحاظ کان منهنجي خيال موجب ڪروڪالا واڳو ڏر وارو علائقو آهي. هاڻي نيئرڪس کي کڻي اسان اڳتي وڌون ٿا. نيئرڪس وڌيڪ لکي ٿو ته، ان کان اڳتي نئين ”نڙ“ وارو پراڻو لنگهه هو. اربيس Arabis ندي جي ڇوڙ ويجهو سٺو بندر هو. سڪيءَ اندر وڃڻ کان پوءِ هڪڙي تلاءَ ۾ پاڻي هٿ آيو. بندر جي ڀرسان هڪ اٿانهون غيرآباد ٻيٽ آهي. هيستائين اربيٽي/ اربيٽا Arabiti لوڪ رهندڙ هئا جي هندستان جي الهندي پاسي جي آخري قوم آهن. هتان کان اڳي اورائتي/ اوريٽاءَ لوڪن جي والار هئي.

اربيس بنا ڪنهن شڪ جي حب ندي آهي ۽ جنهن ناڙ/ نڙ نئين جو ذڪر نيئرڪس ڪيو آهي. اهو يقيناً لياري ندي آهي. اربيس جي ڇوڙ جي ويجهو جنهن بندر جو ذڪر نيئرڪس ڪيو آهي اهو کڙڪ يا ڪرڪ بندر هو. جنهن بندر ۾ مٽي اچڻ ڪري ڀوڄو مل واپاري سميت ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪراچي جو رخ ڪيو هو. نيئرڪس انهيءَ هنڌ مٺي پاڻيءَ جي هڪڙي تلاءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. اڄ به حب ندي جي ڇوڙ وٽ منجهار جي علائقي ۾ جبلن اندر تلاءَ آهن جتي مٺو پاڻي موجود آهي. منجهار، ٻٽ کوڙي ۽ مبارڪ ڳوٺ جا رهواسي پاڻي نه هجڻ جي صورت ۾ هتان پاڻي حاصل ڪندا آهن.

ايرين پنهنجي ڪتاب انڊيڪا Indica ۾ اربيس ندي کان پوءِ ”راس مونزي“ جو ذڪر ڪيو آهي. جتي سڪندر سامونڊي ساحل تائين پيشقدمي ڪري پهتو . اهو جابلو سلسلو ”راس ميلان“ اڄ به انهيءَ نالي سان مشهور آهي. هنگلاج مندر ۽ هنگلول ندي به انهيءَ سلسلي ۾ آهن. جيڪو هاڻي لسٻيلي ضلعي ۾ آهي. حب ندي پار ايرين مطابق اورئتي لوڪ رهندڙ هئا. ان سفر دوران نيئرڪس جن ٻن علائقن سارنگ ۽ ساڪل جو ذڪر ڪيو آهي، ايڇ ٽي لئمبرڪ H.T Lamberick پنهنجي ڪتاب Sind a General Introduction ۾ انهن جاين کي ترتيبوار ”وٽيجي“ ۽ ”ابراهيم حيدري“ ڄاڻائي ٿو. گذري/ گسري کاري جا ملير نديءَ جي ڇوڙ Estuary آهي، سا به ڪنهن زماني ۾ هتي اچي ان کاريءَ سان ملندي هئي.

ملير واري سرسبز علائقي جو ذڪر به يوناني تاريخ نويسن جي لکڻين ۾ ملي ٿو. جڏهن سڪندر اعظم ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ افغانستان کان ٿيندو پنجاب ۽ سنڌ جو رخ ڪيو ته هتي به انهن وونڻن جو فصل ڏٺو. يوناني فوج جڏهن ملير جي زرخيز علائقن مان گذري هئي ته هتي به انهن وونئڻ جو فصل ڏٺو هو. ملير واري علائقي ۾ سڪندر اعظم جي فوج ڪجهه وقت پڻ قيام ڪيو هو. هتي سڪندراعظم فوج جي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهه کوٽيا هئا. کوهن وارو سلسلو اڄ به ملير ۾ موجود آهي ۽ وونڻ اڄ به ملير جو اهم فصل آهي.

ايرين پنهنجي ڪتاب The learning of Alexander جنهن جو سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀري ”سڪندر جي ڪاهه“ نالي ڪيو آهي. لکي ٿو ته، ”پٽيالا (هاڻوڪو حيدرآباد) ۾ نيئرڪس به موسم جي تبديلي جي انتظار م ويٺو رهيو. سڪندر پنهنجو سارو لشڪر وٺي آربيس درياهه ڏانهن روانو ٿيو. پوءِ اولهه پاسي موڙ کائي سامونڊي ڪناري ڏانهن آيو. سندس مقصد اهو ته نيئرڪس جي سامونڊي سفر وقت پيئڻ جوڳي پاڻي جي تڪليف ڏور ڪرڻ لاءِ کوهه کوٽي سگهجن.“

ان ڳالهه مان اها شاهدي ملي ٿي ته سڪندر جو پيادل فوج درياهه جي ڪناري هليو هوندو ۽ پوءِ آربيس ندي (حب ندي) ڏانهن ويو. سڪندر ملير واري علائقي مان گذري پوءِ اربيس درياهه (حب ندي) ڏانهن ويو. ايرين لکي ٿو ته ”آربيس ندي ڏانهن ويندي رات جو درياهه اڪريو جيڪو درياهه بدران واهڙ هو ملڪ جو گهڻو ڀاڱو ويران هو، باک ڦٽي ڌاري هڪ آباد علائقي ۾ آيا. هن پنهنجي پيادي فوج جي صف ٻڌي ڪئي ۽ پٺيان اچڻ جو حڪم ڏنو. آرام لاءِ هڪ نديءَ ڀرسان ٿورو ترسيا.

آربيس ندي ڏانهن ويندي جنهن نديءَ ڀرسان آرام ڪيو ويو اهو يقينن ملير ندي آهي. باک ڦٽي ڌاري جنهن آباد علائقي ۾ آيا اهو ملير جو علائقو هو.

هڪ هزار سال کان پوءِ چيني سياح يوان چانگ Yuan Chawing پنهنجي سنڌ جي سفر جو احوال لکندي ڏکڻ سنڌ ۾ عورت راڄ جو ذڪر ڪري ٿو. هي ٻه احوال ٻڌائين ٿا ته آڳاٽي زماني ۾ ڪراچي جي ساحل جي ڪنهن حصي تي عورت جي حڪومت رهي آهي. عورت جي حڪمراني ۽ زالاڻو بندر جو ذڪر ته ڪيل آهي پر ان جو نالو نه ٻڌايو ويو آهي. لڳي ٿو ته عورت جي حڪراني جو سلسلو مائي ڪلاچي تائين هڪ تسلسل جي ڪڙي آهي. ڪراچي جي هاڻوڪي بندرگاهه ۽ آسپاس مڇي مياڻن کي مختلف دورن ۾ مختلف نالن سان پڪاريو ويندو هو. ڪروڪالا، ڪڪرالو يا ڪڪرالا، مورنٽو بارا، استري بندر ۽ دڙٻو ان جا پراڻا نالا آهن. ڊاڪٽر نواس رتي پنهنجي هڪ تحقيق ۾ رگ ويد ۾ جنهن سامونڊي لڙائيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ قديم رشي حڪمران نگر جو پڻ راج ڪمار ڀيجيو سامونڊي ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ جنهن بندرگاهه تان روانو ٿيو هو، قوي امڪان آهي ته اها جاءِ هاڻوڪي ڪراچي آهي ۽ جنهن جاءِ تي لڙائي لڳي هئي اها جاءِ موجوده بحرين واري جاءِ آهي.

1774ع ۾ انگلستان جي هڪ بحري مهم خليج فارس ۽ عربي سمنڊ جي بندرگاهن تي تحقيق لاءِ ماسڪل جي رهنمائيءَ ۾ جيڪا ٽيم تشڪيل ڏني هئي ان جي ٺاهيل نقشن ۾ ڪراچي جي بندرگاهه واري جاءِ تي ڪروڪالا يا ڪاروڪالا جي نشاندهي پڻ ٿيل آهي. ماسڪل جي اڳواڻي ۾ برطانيا جا ٽي جهاز (1) S.S Dolphin (2) S.S.Fox (3) S.S Pilamara هن مهم ۾ شامل هئا.

انهن لکڻين ۽ سفرنامن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته ڪراچي وارو ساحلي بندر، ابراهيم حيدري، واڳو ڏر، ريڙهي مياڻ، رتوڪوٽ، وٽيجي، حب، ملير ۽ منگهو پير وارا علائقا هميشه موجود رهيا آهن. پوءِ چاهي اهي ڪهڙي نالي سان سڏيا ويا هجن. سنڌو درياهه جي تبديلي ڪري ۽ ڪناري واري حصي جي هر وقت تبديلي ٿيندڙ روش ڪري ڪراچي جي ساحل تي مختلف ننڍن بندرن، ڳوٺن، مڇي مياڻن سميت ديبل، رتوڪوٽ وارا علائقا جيڪي مشهور بندر هئا پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا. پوءِ انهن بندر جي اهميت فقط ڳوٺن ۽ انهن پاران گذر بسر ڪرڻ لاءِ مڇي مياڻن ۾ تبديل ٿيا. وڏن جهازن ۽ ايران، مڪران ۽ خليج مان ايندڙ مسافرن واپاري قافلن به انهن جو رخ نه ڪيو ۽ پوءِ تاريخ به انهن کان منهن موڙي ويئي.

عربن، سومرن، سمن، ترخانن، ارغونن ۽ مغلن جو دور:

هڪ ڊگهي عرصي جي خاموشيءَ کان پوءِ چچ دور ۾ محمد بن قاسم جي حملي وقت به ڪراچي جو ذڪر ملي ٿو.

اعجاز الحق قدوسي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ حصي پهرئين ۾ لکي ٿو ته: ”مورخن مطابق ديبل تي حملي وقت محمد بن قاسم جي فوجن جو ضروري جنگي سامان ٻيڙين وسيلي ”دڙٻو“ آندو ويو ڇاڪاڻ ته ان وقت ديبل جي ويجهو ٻيو ڪو به بندر نه هو. ان ڪري اها ڳالهه وزن دار آهي ته محمد بن قاسم دڙٻو ڪراچي کي چيو آهي. محمد بن قاسم ان قدرتي بندرگاهه کي پنهنجو پهريون منزل ڄاڻايو آهي. ڪلاچي بندر جو ئي نالو انهن وقت ۾ دڙٻو هو.“

راجا ڏاهر

ڪجهه تاريخ دانن جو خيال آهي ته هي عربي زبان جو لفظ آهي. ”الدرب“ يا ”درب“ معنيٰ رستو آهي. عرب سنڌ جي پهرئين انهيءَ بندرگاهه تي آيا ۽ هتان ئي اڳيان ويا هئا. انهيءَ لاءِ انهن هند کي ”درب“ معنيٰ رستو، يعني هند جو رستو ”درب الهند“ سڏيو. جيڪو بعد ۾ بگڙجي دڙٻو بڻجي ويو.

دڙٻو سنڌي نالو آهي. مغلن جي دور ۾ گهڻن سگهڙن ”دڙٻي“ کي بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي. براهيم لنگهو جيڪو ملير جو مشهور سگهڙ هو. برفتن ۽ جاکرن جي وچ ۾ گڏاپ ۾ لڳل جنگ تي چيل بيت جو هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو جنهن ۾ دڙٻي جو ذڪر آهي.

 

هاڻي راڄن لڏون واريون وٺو دڙٻي جو ديدار

جيڪو عربن جي اچڻ کان اڳ ۾ انهيءَ بندر لاءِ استعمال ٿيندو هو. ٻين مسلمانن تاريخ دانن وانگر اعجاز الحق القدسي به دڙٻو جو تعلق عربن سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي وارو علائقو عربن جي اچڻ کان اڳ به موجود هو ۽ هتي هڪ اهم قدرتي بندرگاهه هو جنهن کي محمد بن قاسم مڪران کان ايندي استعمال ڪيو هو. اڳ ۾ لکي آيو آهيان ته گهڻن محققن جو خيال آهي ۽ خود تاريخ نويسن ۽ ان دور جي سفر نامن مان اندازو ٿئي ٿو ته ”ديبل“ ڪراچي واري ساحل تي هو. هتي موجود قديم آثارن جي کوٽائي سان اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهنداسين.

سنڌ ۾ عرب دور جي پڄاڻي کان پوءِ 1026ع ۾ محمود غزنوي، شهاب الدين، ناصر الدين قباچا (آخري ٻئي ترڪ غلام هئا) سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ هن کي دهلي جي هٿ هيٺ ڪيو. 1053ع ڌاري سومرا طاقت ۾ آيا جن سنڌ ۾ خودمختيار حڪومت قائم ڪئي. سومرن کان پوءِ سما 1351ع ۾ سنڌ جا حڪمران ٿيا ۽ 1519ع تائين حڪومت ڪئي. ان دور جي آخر ۾ يعني 1580ع ۾ ڪراچي واري علائقي ۾ مورڙي ميربحر جو قصو ٿئي ٿو. ان وقت رني ڪوٽ کان سون مياڻي تائين راجا دلوراءِ جي حڪومت هئي. ان وقت دڙٻو بندر لڳ لياري نئين جي ڇوڙ وٽ هڪ ڪن هو جيڪو ڪلاچيءَ جي ڪن ڪري مشهور هو جتي مورڙي جي ڀائرن کي وڏي شاهي مڇي (شارڪ) ڳڙڪايو هو. مورڙي بعد ۾ مڇ کي ماري پنهنجي ڀائرن جا لاش سندس پيٽ مان ٻاهر ڪڍيا. سمن ۽ سومرن جي دور ۾ سگهڙن هن واقعي تي بيت چيا ۽ انهن بيتن ۾ ڪلاچي جي ڪن جو ذڪر آهي.

تنهن ڪري اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته ڪلاچي جو ڪن سمن جي شروعاتي دور ۽ سومرن جي آخري دور ۾ موجود هو. جنهن کي ڪلهوڙن جي دور جي شاعرن پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪيو آهي. (مورڙي بابت تفصيل ڪتاب جي باب ”ڪو جو قهر ڪلاچ ۾“ ڏنل آهي) ڪلاچي جي ڪن جي ڪري پوءِ اهو پورو علائقو ڪلاچي سڏجڻ لڳو ۽ مشهوري ڪلاچي کي ملي ٻيا ننڍا ننڍا بندر جيڪي مختلف نالن سان هتي موجود هئا، ڪلاچي جي شهرت ۾ اهي گمنامي ۾ هليا ويا ۽ پوءِ ڪلاچي، کوره، ڪراشي، ڪروچي، جو سفر طئي ڪري ڪراچي تائين پهتي.

ڪلاچي جي ڪُن تي اهو نالو ڪيئن پيو؟

ڪراچي تي اهو نالو ڪلاچيءَ جي ڪن ڪري پيو. اها ته تصديق ٿيل ڳالهه آهي ۽ اهو نالو پهريون ڀيرو 1357ع ۾ هڪ ترڪ جهازي پنهنجي ڪتاب ۾ ”ڪراشي“ طور استعمال ڪيو. مورڙي ميربحر جي واقعي ڪري ڪراچي جي ڪن کي مشهوري ملي ۽ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ سگهڙن ۽ شاعرن هن لفظ ”ڪراچي جي ڪن“ کي ڪثرت سان استعمال ڪيو.

ڪلهوڙن جي دور ۾ شاعرن جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سر گهاتو ۾ مورڙي ميربحر واري داستان ۾ ڪلاچي ۽ ڪلاچ جو لفظ استعمال ڪيو آهي.

”ڪلاچيان ڪهي، ڪڏهن ڪونه آڻيو.“

-

ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، گهڙي سونئي

خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊيا؟

-

ڪالهه ڪلاچي ويا، ڇتيون کڻي ڇڳير

امين کٽي، جنهن جو ذڪر پهرئين ڪري آيو آهيان جيڪو به ڪلهوڙن جي اوائلي دور جو سگهڙ هو. هن جا بيت هيٺ ڏجن ٿا.

-

ڪالهه ڪلاچي ڪن تي، ويا ڄولي ڄار کڻي

يا

ڪيرا ڪُن ڪلاچ تي، وڃيو کاهه منجهان کوڙين

اڄ سڀان لوڙين، اکر ايرادت جو

ياد رهي ته ڪراچي لاءِ دڙٻو، مورنٽو بارا، ڪروڪالا وغيره نالا مختلف دورن ۾ استعمال ٿيندا هئا. جنهن تي اڳ ۾ بحث ڪري آيو آهيان. هتي ڪراچي جي نالي تي بحث ڪنداسين اهو طئي ٿيل آهي ته ڪراچي جي ڪن جي ڪري هن علائقي جو نالو پهرين ڪلاچي پوءِ آهسته آهسته ڪراچي ٿي ويو. ڪراچي جو ڪن هاڻوڪي کڏي واري جاءِ تي هو جتي لياري ندي جي تيز ڇوڙ ڪري اهو ڪن ٺهي پيو هو. جڏهن لياري جو رخ تبديل ڪيو ويو اهو ڪن سڪي ويو ۽ خالي کڏ وڃي بچي ۽ پوءِ انهيءَ کڏ ڪري هن علائقي جو نالو کڏو چيو ويو جيڪو اڄ به انهيءَ نالي سان موجود آهي. هن جو نالو ڪراچي ڪيئن پيو؟ هڪ خيال اهو آهي ته ڪولاچي يا ڪلاچو قبيلي جي ماڻهن جي هتي رهائش ڪري ان ڪن جو نالو ڪُولاچي، ڪلاچي ۽ پوءِ ڪراچي پيو آهي. ڪُولاچي بلوچ قوم جي هڪ قبيلي کي چيو وڃي ٿو. بلوچستان جي علائقي مڪران ۾ ٻه علائقا ڪولانچ نالي مشهور آهن جنهن مان هڪ يونين ڪائونسل پڻ آهي. تاريخ مان اها ڳالهه ملي ته خان آف قلات جي دور ۾ ڪولاچي قبيلي جا ڪجهه ماڻهو مٺي در کان ٻاهر لياري نئين تي اچي آباد ٿيا جن جو ذڪر ڪمانڊر ڪارليس ۽ پوٽنگر پنهنجن سفرنامن ۾ ڪيو آهي. ڪلاچي جي ڪن جو ذڪر سومرن ۽ سمن جي دور سگهڙن جي بيتن ۾ ملي ٿو. ڪلهوڙن جي دور ۾ اهو نالو ڪثرت سان استعمال ٿيو آهي. مائي ڪُلاچي جو ذڪر گهڻو ملي ٿو پر ڪولاچي قبيلي جو ايترو احوال تاريخ ۾ نه ٿو ملي ۽ نه ئي هي قبيلو هن وقت ڪراچي ۾ موجود آهي.

ڪراچي يا قلاتي جي باري ۾ ڪجهه محققن جو چوڻ آهي ته ”قلات جي قبضي کان به اڳ قلات ۽ لسٻيلي وارن جو ڪراچي واري علائقي سان گهرو رابطو هو. واپار جي ڪري اچ وڃ گهڻو هوندو هو. قلات ۽ لسٻيلي جي ماڻهن سان ڪراچي جو هڪ مضبوط رشتو قائم هو ۽ انهن ماڻهن جي هتي نئين وسندي قائم ٿي جنهن جو نالو قلاتي مشهور ٿيو. بعد ۾ قلاتي مان ڪلاچي ۽ پوءِ ڪراچي پيو.“ اها وسندي ڪن جي ويجهو هئڻ ڪري هن ڪن جو نالو به ڪلاچي پيو. قلاتي جي لفظي معني قلات وارا.

ڪراچي تي ڪنهن دور ۾ جڏهن راجا رام ديو جي حاڪميت هئي ان وقت به قلات وارن ڪلاچي تي حملو ڪيو جنهن جو ذڪر منگهي پير روڊ تي ميوه شاهه قبرستان ويجهو هندن جي وڏي مساڻ جي چئن ٿنڀن تي سنسڪرت ۾ لکيل هو.

هڪ روايت اها آهي ۽ مضبوط روايت آهي ته هتي مهاڻن جي انهن جهوپڙين ۾ سياڻي مائي ڪلاچي رهندي هئي جيڪا ڳوٺ جي وڏي هئي ۽ هن ڪن سان مائي ڪلاچي جي انسيت هئي اها هن جي ملڪيت هئي. هتان جيڪي مڇي ماري ويندي هئي. هن مان ڪجهه حصو مائي ڪلاچي جي حوالي ڪيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ جيڪي مهمان وغيره ايندا هئا هن جو خرچ ڳوٺ جي وڏيري هئڻ ڪري مائي ڪلاچي جي ڪٽنب تي هوندو هو ۽ اهو خرچ ڪن مان حاصل ٿيندڙ مڇي مان پورو ڪيو ويندو هو. جيئن ته ماهيگيري ڪا ذات نه پر ڌنڌو آهي جنهن سان اڄ به گهڻن ذاتن، قبيلن ۽ قومن جا ماڻهو واڳيل آهن اڄ به ڪراچي جي سمنڊ ۾ بلوچ، سيد، سماٽ، پٺاڻ ۽ بنگالي هن ڌنڌي سان واڳيل آهن، مائي ڪُلاچي جو تعلق ڪهڙي ذات ۽ قبيلي سان هو. هن تي تحقيق جي ضرورت آهي.

جنهن جي ڪري ساحل جي هن حصي جو نالو ”ڪلاچيءَ جو ڪن“ هو. مورڙي ميربحر جي ڀائرن جي واقعي کان پوءِ هن کي مشهوري ملي ۽ ائين اهو علائقو ”ڪلاچي جي ڪن“ مان ڦري ڪراچي، ڪراچر، ڪراشر ۽ ڪراچي ٿيو. سنڌ ۾ اڪثر ڪري ”ل“ کي ”ر“ لفظ ۾ تبديل ڪري اُچاريو وڃي ٿو. جيئن ڪلاچي کي ڪراچر، ڪلمتي کي ڪرمتي، ڄام عالي کي ڄام آري، تلوار کي ترار ۽ بلفت کي برفت چيو وڃي ٿو.

يوناني تاريخ نويسن استري بندر يعني زالاڻو بندر جو ذڪر ڪيو آهي ۽ چيني سياح جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ئي ڪيو آهي پنهنجي سفر ۾ هتي عورت جي حڪمراني جو ذڪر ڪيو آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته جو انهيءَ دور ۾ به هن بندر جو نالو ڪلاچي هجي. تلفظ صحيح نه اچارڻ ڪري انهن هن کي ڇڏي ڏنو ۽ فقط هن کي استري بندر لکيو هجي. سيٺ نائون مل هوتچند پنهنجي ”يادگيرين“ ۾ لکي ٿو ته ”ڪراچي هڪ ميربحر مرد جو نالو هو.“ پر اهو درست نه آهي ۽ نائون مل جهڙي ماڻهو اها غلطي ڪئين ڪئي. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.

هڪ ڪچهريءَ ۾، ”ڪراچي جي ڪرو واري ميمڻ هڪ ڳالهه ڪئي جنهن تي کلڻ کانسواءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهجي پر اها ڳالهه هتي ڪرڻ ضروري آهي. ميمڻ ٻڌايو ته جڏهن شروع ۾ هڪ انگريز هتي آيو هن انگريزيءَ ۾ پڇيو ته هن علائقي جو نالو ڇا آهي” ميمڻ کي انگريزي سمجهه ۾ نه آئي پڇيائين ته، ”ڪروچي“ معنيٰ ڇا ٿو چوين؟“ تنهنڪري انگريز سمجهيو ته هن علائقي جو نالو ”ڪروچي“ آهي.. جيڪو بعد ۾ بگڙجي ڪراچي ٿي پيو. پر اهي ڪرو وارا ميمڻ گهڻو پوءِ ڪراچيءَ ۾ آيا آهن.

1885ع ۾ شايع ٿيندڙ اليگزينڊر ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب Kurrachee past, present and future ۾ هن لفظن جي تلفظ تي اختلاف هئڻ ڪري هن لفظ کي Koratchey, Curchey, Krotchey, Crochey, Cranyee ۽ Karachi به لکيو آهي.

ڪلاچي جي سلسلي ۾ هڪ ٻي ڳالهه به غور ڪرڻ جهڙي آهي ته انهيءَ نالي سان ملندڙ ڪراچي جي ويجهو ٻيا به علائقا آهن. جن جي آخر ۾ به چي يا جي ڪتب آندو ويو آهي. ڪلا + چي وانگر اُهي به ٻن لفظن جا مرڪب آهن. مثال طور ڌاٻيچي، لنگهيجي، کديجي، جوريجي، وٽيجي، ٻلهيجي جيڪي سڀ علائقا هن وقت ڪراچي ۾ شامل آهن ۽ اهڙو ئي هڪ نالو ڪراچي جي دنگ تي بلوچستان ۾ شامل آهي. جيڪو ”ڌريجي“ آهي. بدين ۾ گولاڙچي آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪلاچي جي پهرئين ڪلا جي هجي جيڪو بگڙجي بعد ۾ ڪلاچي ٿيو هجي. مٿس بيان سڀني نالن ۾ گهڻا ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ”جي“ جي بجاءِ ”چي“ به اچاريندا آهن انهن ٻنهي لفظن جي معنيٰ گڏيل طور ”جي“ معنيٰ ”واري“ آهي. جيئن وٽيجي معنيٰ وٽ (آڏ) واري، لنگهجي معنيٰ لنگهه (گذرڻ) واري جاءِ. جوريجي معنيٰ جهورن (هڪ ٻوٽي)واري جاءِ، ڌاٻيجي معنيٰ ”ڌاٻ“ (ڦٽل کڏ) واري ۽ ائين ڪلاچي به ڪلا+ جي معنيٰ ڪلا واري جاءِ يا ڪن به ٿي سگهي ٿو. اهو ڪن يا جوءِ ڪلا نالي ڪنهن عورت جي هجڻ ڪري هن کي ”ڪلا جي“ جيڪو بعد ۾ بگڙجي ”ڪلاچي“ ٿيو هجي. هونءَ به ڪلان معنيٰ وڏو ۽ ”چي“ بيٺڪ يا ڳوٺ طور به استعمال ٿيندو آهي. معنيٰ ڪلا يا ڪلان جو ڳوٺ يا بيٺڪ به ٿي سگهي ٿو. ڪراچي لياري ۾ هڪ علائقو ڪلاڪوٽ به آهي جتي ڪلا جو ڪوٽ هوندو هو ۽ پوءِ اهو علائقو ڪلاڪوٽ مشهور ٿيو. اهو ڪوٽ به انهيءَ مائي ”ڪلا“ جو هجي جنهن جي نالي سان ”ڪلا+جي وارو ڪن هوندو هو جيڪو بعد ۾ ڪلا جي مان ڪلاجي ۽ پوءِ ڪراچي ٿيو هجي.

ڪنهن دور ۾ ڪراچي ۽ ان جي آسپاس علائقي تي جوڌپور جي راجپوتن جو راڄ هو. جيڪڏهن تاريخ جي ورقن ۽ اسان جوڌپور جي انهن راجائن جو نالو نشان ڳولي وٺون ته پوءِ يقينن اسان ڪراچي متعلق ڪنهن نتيجي تي به پهچي سگهنداسين. ٻيو سنڌ جي علم ۽ ادب جو مرڪز ٺٽو هو. تاريخ متعلق ۽ سنڌ جي علائقن ۽ ڳوٺن متعلق حال احوال ضرور قلمبند ٿيا هوندا. ٻيو نه ته بادشاهن مختلف علائقن، بندرن تان ڍل ۽ محصول اوڳاڙيو هوندو انهن جو حساب ڪتاب به رکيو هوندو. وقت جي قاضين مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ جزائن ۽ سزائن، مندرن ۽ مسجدن واپاري قافلن ۽ رستن جو ريڪارڊ ته رکيو هوندو ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهڙو تمام مواد ٺٽي ۾ جيڪو سنڌ جي علم، ادب ۽ تاريخ جو مرڪز هو ضرور موجود هوندو. 1521ع ارغونن سنڌ تي قبضو ڪيو. 1545ع ۾ ترخانن هنن کان اقتدار کسي ورتو. 7-1556ع ۾ عيسيٰ خان ترخان جي مدد لاءِ ايندڙ پورچوگيزن کي عيسيٰ خان اهميت نه ڏني ته ٺٽي تي حملو ڪيو ۽ سڄي شهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. هنن هتان ايترو مال لٽيو جو ايشيا ته ڇا پر دنيا ۾ شايد ئي ڪنهن قوم کي ايترو مال غنيمت هٿ آيو هجي جيترو پورچوگيزن کي سنڌ مان مليو هو. لڳي ٿو ته ان وقت جو پورو تاريخي مواد، ڪتاب، دستاويز سڀ ڪجهه حرص ۽ حوص جي انهي باهه جي شعلن جي نظر ٿي ويو ۽ يا انهيءَ ڦر لٽ ۾ اهو تمام قديم تاريخي مواد به هو پاڻ سان گڏ کڻي ويا. خود ارغون، ترخان ۽ مغل به لٽيرا هئا، انهن به سنڌ جي هر شهر تي حملو ڪيو ۽ ان کي لٽيو، انهيءَ لٽ مار ۾ انهن تاريخي ڪتب خانن سان جيڪو ظلم ٿيو جنهن جو نتيجو اڄ تائين سنڌ جي تاريخ سان، هن جي تاريخي مواد سان، هن جي تاريخي ڪتب خانن سان جيڪو ظلم ٿيو جنهن جو نتيجو اڄ تائين اسان ڀوڳي رهيا آهيون ۽ پنهنجي تاريخ لکي نه سگهيا آهيون ۽ اوندهه ۾ هٿواڙيون پيا هڻون. 1545ع ۾ سنڌ ۾ ارغونن کان پوءِ ترخانن جي حڪومت قائم ٿي. مرزا عيسيٰ خان ترخانن جي دور ۾ 1557ع ۾ هڪ ترڪ جهاز ران ڪئپٽن سيدي علي رئيس ننڍي کنڊ جي بندرگاهن جي تحقيق جي لاءِ عربي سمنڊ جو دورو ڪيو هو. ان انهيءَ دوري جا تفصيل پنهنجي ڪتاب ”محيط“ ۾ بيان ڪيا آهن. هي ڪتاب مڪي شريف مان عربي ۾ شايع ٿيو، بعد ۾ هڪ انگريز MR: Baron Joseph Hammer هن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سيدي علي رئيس ”محيط“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”عربي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ وقت هي محسوس ٿئي ٿو ته جهاز جاشڪ (هڪ ايراني بندرگاهه) ڏانهن سامونڊي طوفانن ڏانهن وڃي رهيو آهي ته جهاز کي طوفانن کان بچائڻ لاءِ مڪران جي ساحل کان گوادر ۽ ڪلمت بندر ڏانهن نيو وڃي يا پوءِ ڪراشي بندرگاهه ۾ پناهه وٺڻ گهرجي. ڪراشي لاهور ۽ ملتان جي بندرگاهه آهي. اهڙي طرح جهاز کي ٻڏڻ کان بچائي سگهجي ٿو.“

ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 1557ع ۾ ڪراچي بندرگاهه انهيءَ نالي سان مشهور هو. عرب ليکڪ ”چ“ جي اچار کي ”ش“ لکيو آهي. عربي ۾ ”چ“ وارو لفظ ڪونهي جنهن ڪري هو ”چرچل“ کي ”شرشل“ لکن ٿا، ۽ انهي ڪري هن ڪراچي کي ڪراشي لکيو آهي. مغل دور ۾ مرزا جاني بيگ، ۽ مغل لشڪر جي وچ ۾ ڊگهي عرصي تائين جنگ کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ پرچاءَ ٿيو ۽ ان پرچاءَ جي خوشيءَ ۾ مرزا جاني بيگ، عبدالرحيم خان خانان ۽ ٻين سردارن کي لاهري/ لاڙي بندر کان ويهه ڪوهه (40 ميل) پري منهوڙي جو ٻيٽ گهمائڻ وٺي ويو پر تيز سامونڊي لهرن جي ڪري انهن جي طبيعت خراب ٿي پئي. ان موقعي جو ذڪر ”ترخان نامه“ ۾ ائين آهي ته، ”شهنشاهه اڪبر جو مشهور سپهه سالار ۽ مشهور رتن  خان خانان عبدالرحيم خان سورنهن صدي جي آخر (1590ع) ۾ سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. 1592ع ۾ هن سنڌ فتح ڪيو. فتح کان پوءِ ٺٽي کان گهڻو پري ڏکڻ ۾ هڪ جزيري ”من هارا“ جو سفر ڪيو. جزيرو 20 ڪوسن جي فاصلي تي آهي، ٻنهي جو قيام ان جزيري تي هڪ رات هڪ ڏينهن رهيو طوفان ختم ٿيڻ کان پوءِ اهي ٻيهر لاهري بندر ڏانهن روانا ٿيا.“

ياد رهي ته ”من هارا“ منهوڙي وارو ٻيٽ آهي جنهن کي ان ”من هارا“ لکيو آهي.

ان واقعي کانپوءِ اورنگزيب جي دور ۾ ڪراچي جو ذڪر ملي ٿو. اورنگ زيب جي دور ۾ ان جو جنگي سردار شاهه حسين وڏو لشڪر وٺي ڪراچي ۽ ان جي آسپاس رهندڙ جوکين ۽ ڪلمتين سان جنگ ۾ مصروف رهيو. پر اورنگزيب جي فوج کي ڪا خاطر خواهه ڪاميابي نصيب نه ٿي. ياد رهي ته مغلن 1592ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو. مغلن سنڌ تي 1592ع کان 1737ع تائين حڪومت ڪئي. آخري بادشاهه شاهه محمد رنگيلو هو، انهيءَ دوران ڪل 67 گورنر سنڌ ۾ مقرر ڪيا ويا.

ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي جي ڪتاب A History of British Relations with sind (1613-1848) ۾ لکيل آهي ته: ”اسان وٽ اسڪريونر (نڪولس اسڪريونرس 1647ع ۾ ٻين عملدارن سان گڏ ”ڊورا“ نالي جهاز وسيلي سنڌ ۾ آيو. ٻيا عملدار 1655ع ۾ واپس ويا پر اسڪريونر هتي ترسي پيو هن ڪمپني پاران بيشمار خط پنهنجي حڪمرانن ڏانهن لکيا هئا.) جي خطن جو وڏو انگ موجود آهي. جيڪي هن سن 1656ع واري سال دوران واپاري چرپر بابت مٿي لکيا هئا. انهن خطن مان ان دور جي سنڌ جي سياسي صورتحال جي ڄاڻ ملي ٿي. فيبروري 1656ع ۾ هن هڪ هنڌ لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي وڳوڙي وايو منڊل تي گهڻي روشني وڌي آهي، هو لکي ٿو:

”ميرپور ساڪري جي آس پاس رهندڙ ڪرمتي ٻروچن جو سردار ٺٽي جي بخشي سان گڏجي پيو آهي ۽ گهوڙا ٻاريءَ جي هڪ ٻئي ٻروچ سردار سان ياري ٻڌي ٻين ٻن سردارن کي به پاڻ سان ملائي سوين ماڻهو وٺي، ٺٽي تائين ساري علائقي کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. چوپايو مال، مڏي، ماڻهو جيڪا به شئي سندس سامهون نظر اچي ٿي، کنيو هليا ٿا وڃن ۽ مغلن پاران مقرر ڪيل انتظاميا جي هٿ وس ڪابه شئي ڪانه رهي آهي.“

جنوري 1699ع اليگزينڊر هئملٽن سنڌ ۾ آيو، هو لاڙي بندر جي باري ۾ لکي ٿو:

”هي بندر سنڌ جو سامونڊي مارڪيٽ آهي. جيڪو سمنڊ جي ويجهو سنڌوءَ جي هڪ ڦاٽ تي قائم آهي. هتي ٻه سؤ ٽن وزن وارا ٻيڙا به لنگر انداز ٿيندا آهن. هڪ سؤ ڪچن گهرن تي ٻڌل هن ڳوٺ جي چوڌاري پٿرن سان مضبوط قلعو به جوڙيل آهي. جنهن تي چار پنج وڏيون توبون به رکيل آهن. اهي توبون ان مقصد لاءِ رکيل آهن ته جيئن واپاري مال کي بلوچن ۽ مڪراني ڌاڙيلن کان بچائي سگهجي، جيڪي لاڙي بندر جي اولهه پاسي آباد آهن. اهي بلوچ ايران جا سرڦريا رعيتي آهن. اوڀر پاسي وري ڄام رهندا  آهن، جيڪي پڻ انهن جهڙائي آهن سندن جيڪو ور چڙهندو هو ته ان کي ڦريندا ۽ لٽيندا هئا. ڄام مغل حڪمرانيءَ جا رهواسي آهن.“ ٺٽي جي باري ۾ هو لکي ٿو ته:

”ٺٽو سنڌ جي ٺهيل هر شئي جو وڏو مرڪز آهي هي شهر ٽي ميل ڊگهو ۽ هڪ ميل ويڪرو آهي. جيڪو لاڙي بندر کان چاليهه ميل پري آهي. اولهه پاسي کان هڪ مضبوط قلعو به اٿس.“

اليگزينڊر هئملٽن ٺٽي کانسواءِ ڪراچيءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. ان پنهنجي سفرنامي ۾ راس منهوڙا ۽ چائنا ڪريڪ جو به ذڪر ڪيو آهي. جيڪي ڪراچي ساحل جا علائقا آهن. ان مطابق ان وقت ڪراچي مهاڻن جي ننڍي وسندي هئي ان جو نالو ڪلاچو جو ڳوٺ هو.

انهن ڳالهين مان هي ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ڪلاچي جو نالو 1557ع ۾ عيسيٰ خان ترخان کانپوءِ ٻيهر تاريخ ۾ 1699ع ۾ اليگزينڊر هئملٽن جي سفرنامي ۾ ”ڪلاچوءَ جو ڳوٺ“ جو ذڪر آهي. ان وقت سنڌ جي هن حصي تي مغلن جي ڪمزور حڪومت هئي ڇاڪاڻ ته اسڪريونر جي خطن جيڪي هن 1656ع ۾ لکيا ۽ هئملٽن مطابق مغلن پاران مقرر ڪيل انتظاميا جي هٿ وس ڪا به شئي ڪانه رهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ڪراچي جي هاڻوڪي پوري علائقي کان وٺي ميرپور ساڪرو تائين ڪلمتين ۽ ٻين قبيلن جو راڄ هو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 12 نومبر 1993ع Daily Dawn جي شماري ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”پندرنهن صدي کان ارڙنهن صديءَ تائين جڏهن سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت هئي ته سنڌ جي ساحلي علائقن تي ڪلمتي بلوچن جي حڪومت هئي ۽ ڪراچي به انهن ۾ شامل هو“.

ڪلمتي قبيلا سمن جي دور کان وٺي حب، منگهو پير، ملير ۽ ساڪري تائين طاقتور هئا. انهن جا مقابلا ارغونن، ترخانن سان به رهيا آهن. جنهن جو ذڪر اڄ به گهڻي تعداد ۾ لوڪ بيتن ۾ موجود آهي. جن کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي. اورنگزيب سان ڪلمتين ۽ جوکين جون جنگيون لڳيون هيون ۽ مغلن کي هاڻوڪي پوري ڪراچي ۽ ميرپور ساڪري واري علائقي کان پري رکيو بعد ۾ اورنگ زيب ڪلمتين، جوکين ۽ ڪوهستان جي برفتن سان صلاح ڪري انهن جون جاگيرون بحال ڪيون ۽ مڪران کان ايندڙ قافلن جي حفاظت جي ذميداري انهن جي حوالي ڪئي. تڏهن وڃي انهن علائقن ۾ امن قائم ٿيو.

هتي ڪجهه تاريخ دان مونجهاري جو شڪار ٿين ٿا. جڏهن هو هاڻوڪي پوري ڪراچي جي پکيڙ کي ڏسن ٿا اهو سمجهن ٿا ته ڪراچي وارو پورو علائقو ماضيءَ ۾ به ايترو رهيو آهي پر ياد رکڻ گهرجي ته ڪراچي واري ساحل تي کڙڪ بندر کان وٺي وٽيجي تائين ڏهه کان مٿي ننڍا بندر، مڇي مياڻ ۽ هتي ڳوٺ موجود هئا ۽ دڙٻو لڳ لياري ندي جي ڇوڙ وٽ ڪلاچي جو ڪن هوندو هو جتي مهاڻن جا 20، 25 گهر هوندا هئا. دڙٻو قدرتي بندرگاهه هو جيڪو انهن سڀني بندرن کان وڏو هو ٻين مڇي مياڻن ۾ کڙڪ، ٻلهيجي، من، ڪلاچي وارو ڪن، گسري، ابراهيم حيدري، واڳو ڏر، ريڙهي مياڻ، پپري، وٽيجي ۽ شاهه حسن درگاهه لڳ چيلاٽي، ٻاڪراڻ ۽ ٻيا ساحل تي ننڍا ڳوٺ هئا. جتي اهي ننڍا بندر مڇي مياڻ هئا.

ڪوهستان، ملير، منگهو پير، گڏاپ ۽ حب وارا علائقا زراعت سان واڳيل هئا. جتي ڪلمتي، جوکيا ۽ برفت قبيلا موجود هوندا هئا. انهن جو ڌنڌو زراعت سان واڳيل هو ۽ اهي مالوند ماڻهو به هئا ۽ اڄ تائين به انهيءَ ڌنڌي سان واڳيل آهن. ڪنهن به حملي ڪندڙ کي ڪراچي واري ساحلي علائقي تائين پهچڻ لاءِ پهرئين انهن قبيلن سان مقابلو ڪرڻو پوندو هو. ڪراچي سنڌ جي سامونڊي ڪناري هجڻ ڪري سنڌ جي انتظامي يونٽ جو حصو رهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي حيثيت آزاد به رهي آهي. ڪراچي جي بندر دڙٻو ۽ ڪلاچي ڪن جي الڳ حيثيت هئي، ڪوهستان، منگهوپير، حب، گڏاپ ملير جي حيثيت الڳ هئي اهڙي طرح هاڻوڪي ڪراچي ۾ ٽي رياستون هيون. حب جي ڪناري کان گهگهر پپري ساڪري تائين الڳ رياست هئي اهي ماڻهو زراعت جي ڌنڌي سان واڳيل هئا ۽ مالوند ماڻهو هئا ۽ ڪجهه ماڻهو حب جي ڇوڙ ۽ گهگهر وٽ ماهيگيري سان واڳيل هئا انهن جو تعداد گهٽ هو. ٻئي پاسي ڪوهستان وارو علائقو مول، ڪنڊ، موئيداڻ اها الڳ رياست هئي اهي مالوند ماڻهن جو علائقو هو. ٽين رياست ساحل واري بندر هاڻوڪي لياري جي ڇوڙ کان ريڙهي مياڻ تائين هو، اهي ماڻهو ماهيگيري سان واڳيل هئا ۽ بندرن تي مزدوري به ڪندا هئا. انگريزن جي اچڻ تائين انهن سڀني علائقن جي الڳ حيثيت هئي ۽ هتي الڳ الڳ رياستون هيون. تاريخ لکڻ وقت انهن کي گڏ ڪرڻ سان مونجهارو پيدا ٿئي ٿو.

يوسف ميرڪ پنهنجي ڪتاب تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ لکي ٿو ته ”ساڪري واري پرڳڻي جي پاسي ڪرمتي (ڪلمتي) ٻروچ ۽ جوکيا رهن ٿا. هنن جو تعداد پيادن ۽ سوارن سميت ٽن هزارن تائين ٿيندو. هي اٺ ۽ دنبا ڍل طور ٺٽي جي صوبي دار کي ڏيندا آهن ۽ هروڀرو ڪنهن وڳوڙ جي ويجهو نٿا وڃن. تنهن هوندي به ٺٽي جي صوبي دار ناريلي واري قلعي کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. جيئن انهن ماڻهن جي خبر چار پوندي رهي. اهي جوکيا ۽ ڪرمتي ٻروچ وري به رکي رکي سيوهڻ سان هٿ چراند ڪندا رهن ٿا. هنن جي نومڙين سان به اصل کان دشمني هلندي اچي ٿي ۽ ٻنهي ڌرين ۾ سدائين هينس کينس رهي ٿي پر نومڙيا گهڻن بازن جي ڪري هنن کان زور آهن.“

رحميداد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب جنت السنڌ ۾ لکي ٿو ته: ”اورنگزيب پنهنجي ملتان جي نائبيءَ جي زماني ۾ 1649ع ۾ بلوچن کي ويڙهائي، نوحاڻين، هوتن، نومڙين ۽ جوکين کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو پر پوءِ سنڌ جي مغل نوابن کي بلوچن سان دوستي رکڻ کان سواءِ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. ڪلمتي ويهن هزارن سوارن سان سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جي حفاظت لاءِ مامور هئا.“

ٻئي هنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”لوئر سنڌ ۾ ڪلمتي، نومڙيا ۽ جوکيا ٽي قومون رهنديون هيون. جن مان ڪلمتي بلوچ هئا. باقي ٻيون قومون (مولائي شيدائي قبيلن کي قومون لکيو آهي. حالانڪ اهي قبيلا آهن) نو مسلم راجپوت هئا. ليڪن هي ٽيئي قومون بلوچن سان سهڪار ڪري بلوچ ڪنفيڊريسي جون معاون ۽ مددگار هيون. هو لاهري بندر کان ٺٽي ڏانهن ويندڙ مال جي قافلن کي ڦريندا هئا. اورنگزيب پنهنجي حڪومت جي ڏينهن ۾ هر هڪ تجارتي منزل تي بلوچن جون فوجي چوڪون مقرر ڪيون هيون. منجهانئن ڪلمتي جي حب ۽ ڪلاچي (ڪراچي) جي وچ ۾ رهندا هئا. تن کي اورنگزيب لاهري کان ڀڏسر ڏانهن ويندڙ قافلن جي حفاظت ڪرڻ تي مقرر ڪيو هو. ڪلمتين جي سردار کي دهلي درٻار کان ميرپور ساڪري ۾ جاگيرون ملڻ کانسواءِ ساليانو 960 رپيا سرڪاري وظيفو ملندو هو. ڪلمتين وانگر دهلي درٻار نومڙين سان به رعايتون ڪيون پهرئين مغل شهنشاهن کي ڍل ڀريندا هئا پوءِ ٺٽي کان ڪوٽڙي ۽ سيوهڻ ويندڙ قافلن کان محصول اوڳاڙڻ لڳا.“

تاريخ جي انهن ورقن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪلمتي، جوکيا ۽ نومڙيا (برفت) مغلن جي دور ۾ ميرپور ساڪرو، ملير، ڪراچي، منگهو پير، حب، ڪوهستان ۽ لسٻيلي ۾ طاقت ور قبيلا هئا. انهن قبيلن جو احوال سمن ج دور ۾ به ملي ٿو. مغلن سان ويڙهه ڪري پهرئين انهن جون جاگيرون ضبط ڪيون ويون ته انهن هتان گذرندڙ تجارتي قافلن تي حملا شروع ڪيا انهن کي لٽيندا هئا ته مجبور ٿي مغلن انهن جون جاگيرون بهال ڪيون ۽ وڌيڪ جاگيرون ۽ رعايتون ڏيئي علائقي جي حفاظت اءِ انهن کي مقرر ڪيو. انهن قبيلن کانسواءِ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ انهن علائقن ۾ ڀَڙج، گبول، لاشاري، راڻا، پنهور ۽ جاکرا به هر ويڙهه ۾ انهن قبيلن سان گڏ هئا. لسٻيلي ۾ انهن قبيلن کانسواءِ رونجها، بنديچا، بڪڪ، عالياڻي ڄام، گونگا ۽ جدگال به طاقت ور قبيلا هئا جن جون به مغلن سان لڙايون لڳيون.

انهن تمام قبيلن جو واسطو ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪراچي سان آڳاٽي زماني کان رهيو آهي. ڪراچي وارو علائقو هميشه سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو رهيو آهي. پر سنڌ جي ڪمزور حڪمرانن ڪري اهو علائقو اڪثر ڪري آزاد به رهيو آهي. آزاد رهڻ جي صورت ۾ ڪراچي جو واسطو قلات، سون مياڻي ۽ لسٻيلي سان رهيو آهي.

يوسف ميرڪ جي ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ 1608-1700 A.D جو نقشو Administration Map of Sind ڏنل آهي. انهيءَ نقشي ۾ بکر سرڪار، سيوهڻ سرڪار ۽ ٺٽو سرڪار جا علائقا ڏنل آهن ۽ ٺٽي سرڪار ۾ چچڪان پرڳڻو، ٺٽو پرڳڻو ۽ ساڪرو پرڳڻو جون حدون ڏنل آهن، جنهن ۾ ڪراچي جي ڪوهستان وارو علائقو ساڪري پرڳڻي ۾ شامل آهي پر ڪراچي، ملير ۽ منگهو پير وارا علائقا ڪنهن به پرڳڻي ۾ شامل نه ڏيکاريا ويا آهن. ڪراچي وارو علائقو ان وقت آزاد رياست هو. پر اهو سڀڪجهه هميشه نه رهيو آهي. جڏهن به حڪمرانن جي گرفت سنڌ جي مرڪز تي ڪمزور رهي آهي ته هتي آزاد رياستون وجود ۾ آيون آهن.

انهن قبيلن جا يادگار گهاڙي قبرن جي صورت ۾ اڄ به ڪراچي جي پسگردائي ۾ منگهو پير کان وٺي گهگهر تائين ڦهليل آهن. جن ۾ نيشنل هاءِ وي تي چوڪنڊي قبرستان، ميمڻ ڳوٺ لڳ ڪلمتي راڌن مَلڪن جو قبرستان جنهن کي ملڪ طوطا جو قبرستان ۽ بلوچ ٽومبس به چيو ويندو هو. منگهو پير لڳ برفتن جا مقبرا، نيشنل هاءِ وي سازين قبرستان، پپري ۾ شاهه حسن درگاهه لڳ ملير جي چوڪنڊي، پير مزني (مجني) وارو قبرستان ۽ ٻيا موجود آهن اهي قبرون انتهائي خوبصورت چٽسالي ڪري مشهور آهن ۽ اهي گهاڙي قبرون مغلن کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين جون جوڙيل آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي قبيلا معاشي طور تي پاڻ ڀرا هئا ۽ اهي مضبوط نشانيون آهن ته اهي قبيلا ميرپور ساڪرو، گهارو، پپري، ملير، ڪراچي، حب، منگهو پير، ڪوهستان ۽ لسٻيلي ۾ آزاد حيثيت سان رهندا اچن ۽ انهن علائقن ۾ انهن جون حڪومتون به قائم رهيون آهن. اهي قبرون 13 صديءَ کان 15 صدي جون آهن ۽ ڪي ته هن کان به آڳاٽي دور جون آهن. عمارتن ۽ مقبرن جي جيڪا تاريخ آهي هن کي ڪڏهن به رد ڪري نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهي سچي تاريخ جون نشانيون آهن. اهي گهاڙي قبرون به ڪراچي جي تاريخ لکڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. پر ضرورت وري به ان ڳالهه جي آهي ته انهن جي حفاظت ڪئي وڃي. اهي آثار به ٻين آثارن وانگر تباهه ٿي رهيا آهن. انهن جي جنم ٿيڻ سان سنڌ جي هڪ پوري تاريخ ختم ٿي ويندي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org