سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 36

هن ميلي جو ذڪر هڪ انگريز عملدار ڪيو آهي جيڪو 1839ع ۾ ڪراچي آيو جنهن ڪراچي تي قبضي جو احوال پنهنجي ذاتي ڊائري ۾ لکيو آهي. جيڪا 1851ع ۾ لنڊن ۾ هڪ اشاعتي اداري شائع ڪئي، جنهن ۾ هن فوجي عملدار جو نالو ظاهر نه ڪيو آهي. هن ۾ منگهي پير درگاهه کانسواءِ شيدين جي ميلي جو به ذڪر ڪيل آهي. هو لکي ٿو، ”ميلي ختم ٿيڻ کان اڳ شيدي ناچ ٿئي ٿو. هڪ دائري ۾ ڳاڙهن، ساون ۽ نيرن رنگن جا ڪيترائي جهنڊا کوڙيا وڃن ٿا. سگرين ۾ واس ۽ لوبان ساڙيو وڃي ٿو. دهل وڄن ٿا. ڪيترائي مرد ۽ عورتون اڌ گولائي جي دائري ۾ نچڻ شروع ڪن ٿا. حاضرين ”قل قل“ جا اڀ ڦاڙيندڙ نعرا هڻن ٿا. نچندڙ مرد ڦرندي گهرندي ڳائين ٿا. عورتون مست ٿي پنهنجون چيلهون لوڏين ٿيون. ڪلها هڻن ٿيون ۽ عقيدت طور ٻانهون ڊگهيون ڪري ڪڏهن ڪرن ٿيون ته ڪڏهن ويهن ٿيون ۽ ڪڏهن گوڏن ڀر جهڪي زمين تي مٿا هڻن ٿيون ۽ انهن جي چمڪندڙ ۽ آبنوسي بدن تي پگهر جا ڦڙا عجيب بهاريءَ جو ڏيک ڏين ٿا.“

انگريز عملدار جي ان ڳالهه کي 166 سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي پر هر سال جڏهن آئون هن ميلي ۾ شريڪ ٿيندو آهيان ته سڀ ڪجهه ائين هوندو آهي جيئن 166 سال اڳ هو. ناچ ۾ ڪا به تبديلي ڪانه آئي آهي. تبديلي آئي ته اها، جو هڪ انگريز جي جاءِ تي هڪ سنڌي اهو نظارو ڪري رهيو هوندو آهي.

ڪئپٽن اي. بي ايسٽوڪ (E.BEastwick) پنهنجي ڪتاب، نئين مصر جا پراڻا ورق (Dry leaves from young Egypt) ۾ واڳن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي. ”ڪراچي پهچڻ کانپوءِ مگر تلاءُ“ ڏٺم، جنهن کي واڳن جي ڍنڍ سڏجي ٿو. اها عجب جهڙي جاءِ ڪراچي کان اٺ ميل پري آهي ۽ اهڙي خلق لاءِ جن کي بيڊولين شين يا راڪاسن ڏسڻ ۾ مزو ايندو آهي. ڏاڍي دلچسپ جاءِ آهي. وارياسو ۽ اجاڙ رستو جنهن تي ڪٿي ڪٿي گهاٽو جهنگ به آهي، آڻيو ماڻهن کي گدامڙيءَ جي وڻن جي جهڳٽي وٽ ڇڏين. جنهن جي وچ ۾ انهن راڪاسن جو هيبت ناڪ تلاءُ آهي ۽ نئين ماڻهو کي مشڪل سان خبر پئجي سگهندي ته انهي ساوڪ جي هيٺيان ننڍڙي کڏ ۾ اهڙا خوفائتا جانور لڪل آهن.

”هيءَ آهي اها کڏ؟، مون ڌڪار وچان رستي جي سونهين کي هڪل ڪري چيو. ”پر ڪٿي آهي منجهس واڳون؟“

ان وقت آءٌ اوچي ڳاٽ سان ۽ وڏي مغروري ۾ پسار ڪري رهيو هوس ۽ سڄي قصي کي ڄڻڪ مسخري پئي سمجهيم ته اوچتو منهنجي پير ۾ هڪ گهٽيل رڙ يا گوڙ جو آواز ٿيو ۽ مون هوا ۾ غير معمولي ٽپ ڏنو. ڄاڻ جو منهنجو پير هڪ ننڍڙي واڳونءَ جي مٿان اچي ويو هو. جيڪو هو ته ٽن فٽن جو پر ان هوندي به سندس چڪ تي منهنجي سڄي خوشي زهر ڪري وجهي ها. ايتري ۾ پوڙهو مجاور فقير هڪ جادوگر جي شڪل ۾ اچي پهتو. مون کان جوڙو رپين جو وٺي پنهنجي جادوءَ جي ڏنڊي کڻي اڀي ڪيائين. ڄڻ مئل روحن کي سڏڻ لڳو. ”آءُ آءُ“ يعني ته ”اچ اچ“. هن ٻه ٽي دفعا زور سان رڙ ڪئي. جنهن تي انهيءَ تلاءُ جو پاڻي انهن راڪاسن سان جيئرو ٿي ويو. ان تلاءُ ۾ 9 واڳون تمام وڏا هئا انهن جو قد پندرنهن فٽ هو. سي ڪناري تائين وڌي آيا. اهو نظارو ڏسي مون کي پراڻيون ڏند ڪٿائون ياد اچي ويون. وڻن جي جهڳٽي ۾ تلاءُ ۽ ان ۾ واڳون، تنهن کانپوءِ ٽڪريءَ جي پهاڙ ۾ ڌاڙيلن جهڙي ڏيک ڏيندڙ هڪ ڊگهو ۽ ڏٻرو ٻروچ فقير نظر آيو. سچ ته عجيب منظر هو. ان سان گڏ عجب جهڙي ڳالهه هيءَ هئي جو انهيءَ مداريءَ جو پنهنجن شينهن تي پورو پورو ضابطو هو. لٺ جي اشاري سان هو بيهي ٿي رهيا. جڏهن هن چيو ويهو تڏهن اهي سندس حڪم جي تعميل ۾ پنهنجي کليل ۽ جهٽيندڙ ڄاڙين سان پيٽ ڀر ويهي ٿي رهيا. گوشت جا وڏا ٽڪرا ڏانهن اڇلايا ويا. جنهن تي اهي هڪ ٻئي کي اٿلائڻ پٿلائڻ جي ڪشمڪش ۽ جهيڙي ۾ لڳي ويا ۽ گوشت جي ٽڪرن کي ذريون ذريون ڪري ڇڏيائون. ننڍن واڳن جو وڏن واڳن لاءِ ادب مون کي ڏاڍو مزو ڏنو. انهن مان هڪ وڏي واڳونءَ جنهن جو قد ڏهه فٽ کن هو پاڻ کان به وڏي واڳونءَ کي پٺيان ايندي ڏٺو ته انهيءَ ڊپ وچان ته متان اهو وڏو واڳون کائي نه وڃي، پاسو ڏئي پري ڀڄي ويو.

واڳن واري تلاءُ کان ٿوري پنڌ تي (اڌ ميل کن فاصلي تي) هڪ ٻيو تلاءُ ڏيکاريو ويو جنهن ۾ پاڻي ايڏو گرم هو جو ماڻهو منجهس مس گهڙي سگهي پر ان هوندي به مون انهيءَ ۾ ننڍڙا واڳون ڏٺا. فقير مون کي ٻڌايو ته اهي جانور ٻي نديءَ ۾ گهڻا آهن. جيڪا پندرنهن يا ويهن ميلن جي پنڌ تي هئي. انهيءَ تلاءُ ۾ بادشاهه واڳون به هو جنهن تي فقير ”مور صاحب“ جو نالو رکيو هو. اهو ڪڏهن به سڏ تي ڪونه ايندو هو. جيئن ته آءٌ انهيءَ تلاءُ جي چوڌاري ڦري رهيو هوس، تنهن ڪري مون کي اها جاءِ ڏيکاري ويئي جتي اهو پيو هو. سندس مٿو پاڻيءَ کان ٻاهر هو ۽ اهڙي طرح بيجان پيو هو جهڙو ڪاٺ جو بنڊ جيڪڏهن سندس چمڪدار ۽ خونخوار اکيون ڏسڻ ۾ نه اچن ها ته آءُ انهيءَ کي ڪاٺ جو بنڊ ئي سمجهان ها.“

منگهو پير واڳو تلاءُ 1920ع ۾

 

ايسٽوڪ اها ڳالهه 166سال اڳ ڪئي. هاڻي اهو تلاءُ ڪراچي کان اٺ يا نو ميل پري نه پر ڪراچي شهر جي وچ ۾ اچي ويو آهي. رستو هاڻي وارياسو ۽ اجاڙ نه آهي پر رستي جي ٻنهي پاسن کان اڻ ڳڻيون آباديون آهن ۽ لڳو لڳ جاويدان سيمينٽ فيڪٽري آهي. گهاٽا وڻ ۽ سرسبز آباديون ختم ٿي ويون آهن هر پاسي ڪالونيون، ڪچيون آباديون ۽ سوسائٽيون ٺهي رهيون آهن.

شيدين جي ميلي جي ميدان جي باري ۾ هتان جا ماڻهو ٻڌائن ٿا ته وڏو شاهي ميدان هو جنهن ۾ گدامڙيءَ جا شاهي وڻ هوندا هئا پر لينڊ مافيا جي ڪري اهو ميدان هاڻي سوڙهو ٿيندو پيو وڃي ۽ لاپرواهي، بي حسي ۽ اسان جي اڻ ڄاڻائي ڪري صدين جي هڪ پوري رنگين تاريخ ختم ٿي رهي آهي.

منگهي پير جي واڳون ميلي تي ايندڙ جهونن شيدين سان جڏهن ڪچهري ٿي ته انهن ٻڌايو. ”هن جو نالو منگهارام هو. هن کي منگهو چوندا هئا. هو هتان ايندڙ ويندڙ قافلن کي ڦريندو هو. هڪ دفعي فريد گنج شڪر حج جي نيت سان هتان لانگهائو ٿيو ۽ رات جو هتي رهي پيو. فريد گنج وٽ هڪ گودڙي هئي. رات جو منگهي چوري جي نيت سان اها گودڙي کنئي ۽ پوري رات ڀٽڪندو رهيو پر جيئن ئي صبح ٿيو ته هن پاڻ کي فريد گنج وٽ ڏٺو. منگهي کي ڏسي فريد گنج چيو. ”هن گودڙي ۾ ڪجهه ڪونهي. فقط جون (ٽولر) آهن.“ جيئن هن گودڙيءَ کي ٽڪريءَ تان هيٺ ڇنڊيو ته هيٺ جيڪو پاڻيءَ جو تلاءُ هو اهي ٽولر ان پاڻيءَ ۾ ڪري واڳن ۾ بدلجي ويا. هن واقعي کانپوءِ منگهو، فريد شڪر گنج کان معافي گهري ۽ فريد شڪر گنج جو مريد ٿيو ۽ خواجا حسن اولياءُ سخي سلطان جو لقب حاصل ڪيائين.“

عقيدي طور منگهي پير جي درگاهه ۾ داخل ٿيندڙ هڪ دروازي جو نالو ”باب فريد“ رکيو ويو آهي. شيدي تلاءُ تي سلام ڀرڻ ۽ ٽڪي جي رسم ادا ڪرڻ کانپوءِ انهيءَ دروازي مان درگاهه جي اندر ايندا آهن.

محمد عثمان دموهي جي ڪتاب، ”کراچـي تاريخ کي آئينـﻶ مين“ منگهو پير متعلق ڄاڻايل آهي ته، ”سندس نالو حضرت حافظ حاجي حسن آهي. عربي نسل سان تعلق اٿس. سندس بڻ بڻياد جو سلسلو حضرت علي رضه سان ملي ٿو. پاڻ ماءُ جي طرفان حضرت امام حسن رضه ۽ والد طرفان حضرت امام حسين رضه جي اولاد مان چيو وڃي ٿو. پاڻ حسني ۽ حسيني هجڻ کانسواءِ بابا فريد گنج شڪر جي خليفي هجڻ جي نسبت سان چشتي سڏجي ٿو. حاجي حسن تيرنهن صدي عيسوي يعني اڄ کان اندازن ست سئو سال پهرئين حجاز کان لڏپلاڻ ڪري ننڍي کنڊ ۾ آيو. هي زمانو هو جڏهن پورو عربستان تاتاري حملن جي لپيٽ ۾ هو. تاتارين پاران سندس وطن تي حملي جي صورت ۾ هن تاتارين خلاف لڙاين ۾ بهرو ورتو. ان کانپوءِ حج ادا ڪرڻ لاءِ جڏهن مديني شريف ۾ قيام ڪيائون ته خواب ۾ حضرت رسول مقبولﷺ جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائون. رسالت ماب صلعم هن کي هندستان جي علائقي اجوڌن (جنهن کي هاڻي پاڪ پتن شريف چوندا آهن) ڏانهن وڃڻ ۽ حضرت بابا فريد گنج شڪر سان ملاقات ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اهو حڪم ٻڌي هو اجوڌن پهچي حضرت بابا فريد گنج جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ ان جي مريدي قبول ڪيائين. ڪجهه عرصي کانپوءِ فريد ان کي پنهنجو خليفو مقرر ڪري منگهي پير واري جاءِ تي تبليغ لاءِ موڪليو. هتي پهچي ان تبليغ جو ڪم شروع ڪيو. حضرت بابا فريد گنج، حضرت لعل شهباز قلندر ۽ حضرت جلال الدين بخاري منگهو پير سان بيحد محبت ڪندا هئا ۽ اڪثر منگهو پير وٽ ايندا هئا. حضرت بابا فريد گنج شڪر 1175ع کان 1265ع تائين جيئرو هيو. خيال ڪيو وڃي ٿو ته حضرت بابا فريد پنهنجي زندگيءَ جا آخري سورنهن يا ويهه سال پاڪ پتن ۾ رهيا ۽ انهيءَ دوران حضرت منگهو پير سان مليا هئا.“

مرزا علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب، ”تحفته الڪرام“ ۾ منگهو پير کي ذڪريا ملتاني جو سهيوگي (همعصر) لکيو آهي ۽ تحفته الڪرام مطابق چار يار مان مراد حضرت منگهو پير، حضرت مخدوم جلال جهانيان، حضرت عثمان مروندي (لعل شهباز) ۽ شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتاني آه. منگهو پير ۽ منگهو پير جي جاءِ جي باري ۾ هو لکي ٿو. ”هي منگهو پير جو مقام آهي. حاجي منگها نالي هڪ اهل الله بزرگ شيخ بهاؤالدين ملتاني جو همعصر هتي دفن آهي. هي جاءِ بزرگن ۽ صاحب توفيق ماڻهن جي لاءِ دعائن جي قبوليت جي جاءِ آهي. هي جابلو علائقو طوق منگها جي نالي مشهور آهي. جبلن جي ڪڇ ۾ هڪ چشمو آهي. هن ۾ ”مور“ نالي واڳون رهندو آهي. هڪ جي مرڻ کانپوءِ ٻيو ان جي جاءِ وٺندو آهي ۽ ساڳي لقب سان پڪاريو ويندو آهي. عقيدت مند هتي اچي رڍون ۽ ٻڪريون آڻي قرباني ڪندا آهن ۽ گوشت سڀ کان پهرئين ”مور“ واڳون کي کارايو ويندو آهي. جيڪڏهن ان کاڌو ته نذرانو قبول سمجهيو ويندو آهي نه کائڻ جي صورت ۾ ان کي سٺو سوڻ نه سمجهيو ويندو آهي. ”تحفته الڪرام“ ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته، ”انهيءَ تلاءُ جي برابر ۾ هڪ چشمو به آهي. ٻنهي چشمن جو پاڻي هڪ تلاءُ ۾ جمع ٿئي ٿو جتي هزارين واڳون رهن ٿا. انهن جي ٻنهي پاسن کان باغ آهن. انهن چشمن جي ويجهو هڪ پٿر جو کوهه آهي. ان جو پاڻي ٻنهي چشمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿڌو ۽ مٺو آهي. هن کوهه ۾ به هڪ واڳون رهندو آهي. جنهن کي ”هنج“ چوندا آهن. هن کوهه کي حاجي منگهي جو کوهه به ڪري چوندا آهن. حاجي منگها جبل ۾ لعل شهباز جي ڪنڊڙي نالي هڪ نهر آهي جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي سرسبز باغ ۽ درويشن جا تڪيا آهن.“

علي احمد بروهي پنهنجي ڪتاب History of Tombs stons of Baluchistan ۾ لکي ٿو. ”چيو وڃي ٿو ته حضرت منگهو پير تيرنهين صدي عيسوي ۾ خراسان مان لڏي هتي آيو. هن جو اصل نالو ڪمال الدين آهي. حضرت بهاؤالدين ذڪريا ملتاني جي همعصرن مان هو. لوڪ ڪهاڻين موجب حضرت لعل شهباز قلندر ۽ حضرت بهاؤالدين ذڪريا ملتاني جي ڪرشمن جي ڪري هي ويران ۽ بيابان جاءِ رهڻ جي قابل ٿي. انهن ئي بزرگن هتي جبلن مان ٿڌي ۽ گرم پاڻيءَ جا چشما جاري ڪيا.“ ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته، ”منگهو پير جي جاءِ مسلم دور کان اڳ هندوئن جي مقدس جاءِ هئي. جتي هو زيارت لاءِ ايندا هئا ۽ هو به هتان جي واڳوئن کي لالا جسراج جو اوتار سمجهي انهن جي پوڄا ڪندا آهن. آثار قديمه جي ماهرن ان جاءِ کي 2000 – 1700 قبل مسيح کان وڌيڪ پراڻو قرار ڏنو آهي. ان وقت سنڌ جي تهذيب پنهنجي عروج تي هئي.“

1927ع جي سنڌ گزيٽيئر ۾ منگهو پير جو ذڪر هن طرح ڪيل آهي، ”حاجي منگهو عرب آهي، چيو وڃي ٿو ته پاڻ تيرنهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري ان جاءِ کي اچي آباد ڪيو. ان وٽ چار يار ايندا هئا. انهن چئن يارن ۾ قلندر لعل شهباز جو نالو نمايان آهي. انهن بزرگن جي ڪرامتن سان هتي جبلن مان هڪ گرم پاڻي جو چشمو ڦٽو ۽ کجيءَ جا وڻ موريا. جڏهن منگهو پير وفات ڪري ويو ته کيس اتي ئي دفنايو ويو. ان وقت کان وٺي اها جاءِ مسلمانن ۽ هندوئن لاءِ مقدس آهي. هندو ان کي لالا جسراج جي نالي سان سڏين ٿا.“

مرزا ڪاظم بيگ روزنامه جنگ تاريخ 3 جولاءِ 1987ع واري شماري ۾ لکي ٿو، ”ڪنهن زماني ۾ منگهو پير جي جاءِ تي شهر آباد هو. پراڻن وقتن ۾ سنڌ ۾ جيڪي مرڪزي شهر آباد هئا ۽ پوءِ حادثن جو شڪار ٿي ختم ٿي ويا ايستائين جو انهن جو نالو نشان به نه رهيو. انهن شهرن مان هڪ منگهو پير به آهي. منگهو پير سلاطين دهلي جي دور ۾ هتي آيو. ماڻهن جي عقيدي مطابق منگهو پير جي اچڻ کان اڳ هتي هڪ بزرگ جو مقبرو هو، جنهن جي مشهوري ڪري ماڻهو هتي اچي نذرنا ڏيندا هئا. جڏهن منگهو پير هتي آيو ته مزار تي موجود درويشن ان تي ٺٺوليون ڪيون. سردي کان بچڻ لاءِ منگهو پير باهه ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ۽ گاهه گڏ ڪيو ته انهن ماڻهن اجازت نه ڏني. تنهن تي هن بددعا ڏني ۽ انهن جون شڪليون تبديل ٿي ويون ۽ اهي سڀ واڳون جي شڪل جا ٿي ويا.“

هڪ روايت موجب منگهو پير کي حضرت بهاؤالدين ذڪريا ملتاني ۽ حضرت لعل شهباز جو سهيوگي (همعصر) چيو وڃي ٿو. قلندر بادشاهه هتي پاڻ آيو ۽ پهاڙيءَ جي دامن ۾ ڪنڊڙي هڻي ويهي رهيو ته ان مان پاڻي جو چشمو جاري ٿيو. جيڪو اڄ تائين قلندر جي ڪشتيءَ جي نالي سان مشهور آهي. قلندر شهباز، منگهي پير سان ملاقات کانپوءِ ”مور“ نالي واڳونءَ کي پنهنجي سواري بڻائي چشمي جو سير ڪيو. لعل شهباز جون قلندرانه صفتون ڏسي منگهو پير قلندر جو مريد ٿيو ۽ وٽانئس روحاني مارگه جي سکيا حاصل ڪئي.

هڪ ٻي روايت آهي ته، ”منگهو پير هندو نه پر مسلمان هو ۽ هن جي پيءُ جو نالو يوسف سانگ هو. هو سهروردي طريقي سان واڳيل هو. انهيءَ چشمي وٽ هن جو آستانو هو جنهن ۾ ان وقت به واڳون هئا. وڏو، ”مور“ نالي سان مشهور آهي. جيڪي ماڻهو پير صاحب وٽ دعا لاءِ ايندا هئا ۽ انهن جي مراد پوري ٿيندي هئي ته اهي ”مور“ کي نذراني طور گوشت کارائيندا هئا.

هڪ روايت موجب جنهن جو ذڪر ان انگريز عملدار به ڪيو آهي. جيڪو 1839ع ۾ هتي آيو، جنهن جي ذاتي ڊائري 1851ع ۾ لنڊن مان شائع ٿي (جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان) لکي ٿو. ”هيءَ جاءِ ڪراچيءَ کان اٽڪل 9 ملين جي پنڌ تي آهي. هي ميلو حاجي منگهي جي ياد ۾ لڳندو آهي. ڪنهن وقت حاجي پير ۽ سندس ٽي ڀائر هت اچي رهيا، جن ايندي ئي هتي ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏيکاريون. هڪ ڀاءُ هڪ آڱر سان گرم پاڻيءَ جو چشمو کوٽيو. ان پاڻيءَ جي گرميءَ جو پد 90 ڊگريون آهي. ٻئي ڀاءُ آڱر سان هڪ ٻيو چشمو جاري ڪيو. جنهن پاڻي جي گرميءَ جو پد 120 ڊگريون آهي. ٽئين ڀاءُ ڪجهه گلن کي مانگرن ۾ ڦيرائي انهيءَ تلاءُ ۾ ڇڏيو. انهن مان هڪ ڀاءُ ڏندڙ کي زمين ۾ کوڙي کجيءَ جو وڻ پيدا ڪيو. هڪ وڏي عرصو کان پوءِ وڏو ڀاءُ گذاري ويو ته ان کي هتي دفن ڪيو ويو، جيڪو حاجي منگهي جي نالي سان مشهور ٿيو.“

الفت نسيم پنهنجي هڪ مضمون ”کراچي کي تاريخ: بلوچ پس منظر مين“ جيڪو مختلف اخبارن ۾ ڇپيو هو منگهي پير جي باري ۾ لکي ٿو ته ”دڙٻو“ کان نون ڏهه ميل اتر ۾ پير ڪمال الدين جي درگاهه آهي. جيڪو منگهاپير جي نالي سان مشهور آهي. هتي هڪ قديم مندر ”لالا جيسراج مندر“ هوندو هو. پير ڪمال جي زيارت جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هي تيرنهن صدي کان قائم آهي. هي جاءِ منگها پير ڪري مشهور آهي جو منگها نالي هڪ ڪلمتي بلوچ جيڪو پير ڪمال الدين جي درگاهه جو عقيدت مند ۽ پنهنجي حال ۾ مست رهندڙ خليفو هو جنهن کي مرڻ کانپوءِ درگاهه ۾ دفن ڪيو ويو. جيڪو پوءِ انهيءَ بلوچ بزرگ ڪري مشهور ٿيو.“

اهي سڀئي روايتون منگهي پير سان لاڳاپيل آهن. هتي ڪجهه جايون قلندر ۽ فريد شڪر گنج جي چلي جي نالي سان به مشهور آهن. جيڪي گرم چشمي تي آهن. گرم چشمو درگاهه کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر پاسي آهي. هڪ ميل پري مناري وارو جبل آهي. جيڪو اتر اولهه پاسي حب نديءَ پاسي آهي. اتي هڪ جاءِ تي ڪجهه نشان آهن. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته منگهي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ پهرين نماز هتي ادا ڪئي هئي. انهن نشانن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هن جي سجدن جا نشان آهن.

منگهي پير جي پيدائش جو سال 567هه مطابق 1162ع وفات 657هه مطابق 1252ع ڄاڻايل ۽ قلندر جي پيدائش جا مختلف سن ڄاڻايا وڃن ٿا. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي ڪتاب ”قلندر نامي“ مطابق قلندر جي پيدائش 538هه ۽ وفات 650هه آهي.

اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته هر صوفي يا بزرگ کي سيد ڪري عربن سان ملايو ويندو آهي. اهو سڀ ڪجهه عقيدي جي تبديلي جي ڪري ٿيو آهي. ساڳي وارتا منگهو پير سان به آهي، جو کيس هروڀرو وڃي عربن سان ملايو ويو. جتي ڳالهين، شين، روايتن، رواجن جي ڇنڊڇاڻ نه ٿي ٿئي ۽ تحقيق نه هجڻ ڪري ائين ٿيندو آهي. گهڻيون ڳالهيون ان سان ڳنڍيون وڃن ٿيون ۽ جنهن جي ڪري اسان ڪنهن نتيجي تي نه ٿا پهچي سگهون. ڇا منگهو نالو عربن ۾ آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ڇو اسان ان کي عربن سان ملايون ٿا. سڀني ڳالهين کانپوءِ اسان منگهي پير بابت ڪنهن نتيجي تي پهچون ٿا ته اهو هڪ ته هندو هو يا مسلمان پر هتان جو ئي مقامي ماڻهو هو. جنهن جو نالو منگهو يا منگهارام هو ۽ هندو هن کي پيار مان لالا جسراج به چون ٿا. منگهو پير پهرين چور هو. هتي ايندڙ ويندڙ قافلن کي ڦريندو هو ۽ بعد ۾ بابا فريد شڪرگنج جي ڪرامتن کان متاثر ٿي سڀ ڌنڌا ڇڏي صوفي ازم ڏانهن مائل ٿيو يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته پوءِ مسلمان ٿيو هجي ۽ سندس نالو خواجا حسن سلطان اولياءَ رکيو ويو هجي پر هو مشهور منگهي پير سان ٿيو. مسلمان واري ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي. هتي موجود واڳوئن ڪري به ان کي مگر پير معنيٰ واڳوئن جو پير چيو وڃي ٿو. اها ڳالهه طئي آهي ته منگهو پير جو واسطو انهيءَ ڌرتيءَ سان آهي.

واڳون جيڪي درگاهه لڳ تلاءَ ۾ رهن ٿا ۽ منگهي پير سان منسوب ڪيا وڃن ٿا. انهن واڳن جي باري ۾ جيڪي روايتون آهن. هڪ ته اهي منگهي پير پاران تلاءَ ۾ اڇلايل گلن مان ڦري واڳون ٿيا ۽ ٻي روايت آهي ته هي بابا فريد شڪر گنج جي گودڙي جا جون (ٽولر) آهن، هن ان گودڙيءَ کي پاسي واري تلاءَ ۾ ڇنڊيو ته اهي ”جون“ پاڻيءَ ۾ ڪرندي ئي واڳن ۾ تبديل ٿي ويون ۽ شيدي برادري انهن کي بابا فريد گنج شڪر جون ”جون“ سمجهي انهن کي بزرگ ڪري مڃين ٿا ۽ هر سال ميلو مچائين ٿا.

واڳونءَ جي پوڄا سنڌ ڌرتيءَ ۾ موئن جي دڙي واري دور کان وٺي جاري هئي. موئن جي دڙي جي کوٽائي وقت ڪجهه شين تي واڳون اڪريل آهن. اها پوڄا ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اڄ به جاري آهي. ڪراچيءَ ۾ واڳو ڏر ۽ منگهو پير هن سلسلي جا مرڪز هئا.

شيدين جي ميلي ۾ ”ٽڪي“ رسم جي لاءِ بي عيب ڪاري ٻڪري جي قرباني ۽ پوءِ هن جي رت کي ڪشڪول ۾ وجهي واڳون جي مٿي تي تلڪ لڳائڻ ۽ خون جا ڇنڊا پنهنجن ڪپڙن ۽ موگرمان تي هڻڻ، واڳن کي بزرگ ڪري مڃڻ، هن جو نالو موريا لال شاهه بادشاهه رکڻ، پاڻي تي گلن جي ورکا وغيره. هتي موجد پپر جي وڻ کي مقدس ڪري مڃڻ هي سڀ قديم هندو رسمون آهن. جيڪي اڃا جاري آهن. انهن رسمن جو عربن سان ڪو واسطو ناهي. هندو اڄ به جل پوڄا ڪن ٿا ۽ اهي لعل سائين جا پنجڙا ڳائيندي پاڻي تي گلن جي ورکا ڪندا آهن ۽ اهي پنجڙا هاڻي هڪ عجيب ٻولي  ۾ جيڪا خود شيدين کي گهٽ سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ انهيءَ ۾ سنڌي، بلوچي ۽ آفريقي زبان جا مليل جليل لفظ آهن. جيڪي اصل ۾ هڪ گڏيل دعا آهي. ڇاڪاڻ ته شيدين جي ڪراچيءَ ۾ اچڻ، ڪلهوڙن جو آخري دور ۽ ٽالپرن جو شروعاتي دور آهي. هي ميلو هتي گهڻو اڳ کان هلندو اچي ٿو.

 

منگهي پير جي گهاڙي قبرن جو هڪ منظر – 1930ع ۾

واڳن جو هتي هجڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته حب ندي جيڪا هاڻي 5 يا 6 ڪلوميٽر پري آهي هتان وهندي هئي يا حب جي ڪا شاخ هتي وهي ايندي هئي. هي زرعي علائقو هو ۽ حب مان ڪسيون ڪڍي زراعت ڪئي ويندي هئي ۽ اهي واڳون ائين هتي پهتا. حب ۾ ڪنهن دور ۾ واڳون جام هوندا هئا، ندي جي هٽڻ يا پاڻي گهٽجي وڃڻ ڪري واڳون فقط هن چشمي جي پاڻيءَ تائين محدود آهن. اڄ به حب ندي جي کوٻن ۾ واڳون ملن ٿا.

جهونيون سڀيتائون ندين جي ڪنارن تي مليون آهن. منگهو پير به هڪ جهوني سڀيتا جو مرڪز رهيو آهي. منگهي پير کان ٻه ڪلوميٽر پري اولهه پاسي جن اورنگي (اورانگهي) واري جاءِ تي هڪ قديم ماڳ جا آثار مليا آهن ۽ هاڻي هڪ ديهه جو نالو به آهي. جيڪو ڪنهن وقت منگهو پير يونين ڪائونسل ۾ شامل هو. پر هاڻوڪي مڪاني ادارن جي سرشتي ۾ ان ديهه کي اورنگي ٽائون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

”اورانگهي“/اورنگي جي تاريخي ماڳ جي باري ۾ مجمدار لکي ٿو ته، ”ماڳ تي هر هنڌ ٺڪريون پکڙيل آهن. ٿي سگهي ٿو ته هي ماڳ تاريخ کان اڳ جو هجي. تاريخ کان اڳ وارن چقمقي پهڻن جا ڌارڌار پرزا پڻ مليا آهن. بهرحال کوٽائي جي ضرورت آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته هي ماڳ ان دور جو هجي جڏهن هن علائقي جا پرسيا (ايران) سان ڳانڍاپا هئا.“ انهن آثارن کي هاڻي کوٽڻ جي ضرورت نه آهي. حڪومت پاڪستان پاران انهيءَ تاريخي ماڳ تي بنگلاديش کان گهرايل بهارين کي ويهاريو ويو آهي جن پوري ماڳ تي قبضو ڪري ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڪچي آبادي جوڙي ورتي آهي.

 

1851ع ۾ منگهي پير جي اسڪيچ ڪيل تصوير جيڪا برٽش لائبريري ۾ موجود آهي. درگاهه جي پاسي خوبصورت وڻڪاري ۽ گهاڙي قبرون نظر اچي رهيون آهن، ٻئي پاسي منگهي پير درگاهه جي 2007ع جي هڪ تصوير

 

منگهو پير درگاهه لڳ چونڊي طرز اڏاوت تي گهاڙي مقبرا پڻ آهن. جن مان درگاهه جي سامهون قبرن لاءِ چيو ٿو وڃي ته هي برفتن جا آهن جن مان هڪ تي 913هه لکيل آهي. جيڪو سمن جو دور آهي. اهي به هاڻي سنڀال نه لهڻ ڪري ختم ٿي رهيا آهن. منگهي پير جي درگاهه ۽ ان جي قبر جي آس اپس بيشمار چوڪنڊي طرز جون چٽسالي واريون قبرون هيون. ڪجهه قبرون درگاهه کي وسيع ڪرڻ ڪري ختم ڪيون ويون. گهڻيون قبرون درگاهه لڳ رستي ڪري ختم ٿي ويون. ڪجهه گهاڙي قبرن کي ختم ڪري دوڪان ۽ گهر ٺاهيا ويا آهن. رستي جي ڪري قبرستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ڪنهن دور ۾ درگاهه کان وٺي قبرستان تائين گهاڙي قبرون هيون.

درگاهه کان هڪ ڪلوميٽر پري گرم چشمي لڳ منگهو پير جنرل اسپتال جي ديوار سان ڌرم شالي ۽ مندر جون ڀتيون اڃا سلامت آهن. اها اسپتال ساڌو هيرانند ڪوڙهه جي مريضن لاءِ جوڙائي هئي. ورهاڱي کان اڳ ان جو نالو ”ساڌو هيرانند ڪوڙهه/جذام اسپتال“ هو. هاڻي هن جو نالو منگهو پير جنرل اسپتال ۽ ميٽرنٽي هوم آهي. هي اسپتال هيرانند ٽرسٽ حيدرآباد وارن جوڙائي هئي ۽ ميونسپلٽي ۽ لوڪل گورنمينٽ کان ڪڏهن ڪڏهن امداد جي مهرباني ٿيندي هئي. اسپتال جي ويجهو گرم چشمن لڳ آسومل حلوائي جو ڌرم شالو هوندو هو. جتي هنڌ، بسترا ۽ ٿانهن ملندا هئا. هتي ساڌو هيرانند ٽرسٽ پاران ”مڪتي آشرم“ ۽ پوڄا لاءِ مندر به هوندو هو. اهي جايون ڪنهن ڪنهن صورت ۾ موجود آهن پر انهن تي قبضو ڪري گهر ٺاهيا ويا آهن. اسپتال موجود آهي ۽ شهري حڪومت جي حوالي آهي.

انهن سڀني ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته هي اوائلي سڀيتا جي مرڪزن مان هڪ مرڪز آهي. هي آستانو لاهوت لامڪان ۽ هنگلاج ويندڙ رستي تي آهي. ان کانسواءِ جيئن ته سنڌ ۾ جابلو تهذيبن پهرين جنم ورتو. پهاڙ، پاڻي جي چشمن ۽ ٻيلن کي اهميت ملي ڇاڪاڻ ته اهي گڏجي پراسرارت کي جنم ڏين ٿا. سڪون لاءِ جوڳين، صوفين ۽ سنتن اهڙين جاين جي چونڊ ڪئي ۽ اهڙي جاين تي پنهنجي من کي اجاريو ۽ علم کي پکيڙيو. منگهي پير وارو آستانو به اهڙي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ڪنهن دور ۾ هي علائقو جبلن ۽ ٻيلن ڪري پراسرار جاءِ هئي پوءِ آهستي آهستي انساني آبادي وڌڻ ڪري هن جي پراسراريت ختم ٿيندي وئي. هتي پهاڙ، ٻيلا ۽ چشما موجود هئا. جيڪي هوريان هوريان مٽجي رهيا آهن.

منگهو پير پهاڙي جيڪو کيرٿر کان مول، مهير جبل واري سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هيٺ هلي اهو سلسلو سمنڊ ۾ هليو وڃي ٿو. انهن پهاڙن ۾ اڄ به ڪٿي ڪٿي چشما موجود آهن.

باقي جيڪي ڳالهيون منگهي پير جي مسلمان ٿيڻ بابت آهن. اهي ٿي سگهي ٿو ته عقيدي جي تبديليءَ جو نتيجو هجن. ان کانسواءِ قلندر لعل شهباز، بهاؤالدين ذڪريا، بابا فريد شڪر گنج جي هتي اچڻ واري ڳالهه ائين آهي جيئن بدر ابڙي پنهنجي ڪتاب ”هنگلاج ۽ لاهوت“ ۾ لکيو آهي ته، ”ڀٽائي، قلندر يا ٻين صوفين ۽ سنتن سنڌ ۾ اهڙا ڪيئي ماڳ چونڊيا جيڪي گهڻو ڪري اهي ئي آهن جن سان اڄ تائين ڪونه ڪو ديو مالائي قصو ڳانڍاپيل آهي. نئنگ (نهنگ)، گنجو ڏونگر، اروڙ، کديجي، جهمپير، لڪي ۽ ٻيا ڪيئي ماڳ ان سلسلي جون ڪڙيون آهن. دلچسپ حقيقت وري اها آهي ته قديم آثارن جا ماهر انهن مان اڪثر هنڌن کي پٿر جي دور وارن انسانن جي استعمال هيٺ آيل به ڄاڻائين ٿا. ان ريت سنڌ واسين جو انهن ماڳن سان ڏورانهين ماضيءَ ۾ وڏو گهرو رشتو رهيو آهي. اصل ۾ انسان لاشعوري طور تي هر ان ماڳ کي مقدس ڏٺو آهي جنهن سان انسان جي ڏورانهين ماضيءَ ۾ سندس وڏڙن جو تعلق رهيو هجي.“

منگهو پير به انهن ماڳن مان هڪ آهي، جنهن جو تعلق به ڏورانهين ماضيءَ سان ۽ اسان جي وڏن سان رهيو آهي. ”اورانگهي“ (اورنگي) جو قديم ماڳ ان ڳالهه جي نشاني آهي ته هي ماڳ به پٿر واري دور جي ماڻهن جي استعمال هيٺ رهيو آهي. منگهي پير جو آستانو به هندوئن توڙي مسلمانن ۾ لاهوت، هنگلاج، قلندر، اڏيرو لعل ۽ ٻين ماڳن وانگر هڪ جيترو مقدس آهي. هي اسان جو گڏيل ورثو آهي. جيئن قلندر جي باري ۾ مشهور آهي ته هندو هن کي راجا ڀرت راءِ جو نانءُ ڏين ٿا. اڏيرو لعل مسلمانن وٽ شيخ طاهر آهي جيڪو گڏيل ورثو آهي. انسان جي مذهبي عقيدي جي تبديلي سان گڏ هن آساني سان لاڳاپيل ڏند ڪٿائون ۽ ڪردار به تبديل ٿيا. پر هتي ميلي ۾ ادا ٿيندڙ رسمون، طور طريقا ٿوري ڦير ڦار سان اڄ به جاري ۽ موجود آهن. اڄ منگهو پير هندوئن وٽ لالا جسراج ۽ مسلمانن وٽ خواجا سلطان حسن اولياءَ آهي. پر سيڪيولر ۽ صوفي سنڌي ماڻهن وٽ هي منگهو پير آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته گهڻو اڳ شيدين جو ميلو لال بادشاهه جي ميلي جي نالي سان مشهور هو. اڄ به گهڻا هن ميلي کي لال بادشاهه جو ميلو، شيدي ميلو، مور واڳون جيڪو واڳن جو سردار چئبو آهي. هن کي لال بادشاهه جو نالو ڏنو ويو آهي. ٻين ماڳن جهڙوڪ لاهوت، هنگلاج ۽ ڪوهه مراد (تربت) وانگر هتي کير وهڻ جي ڳالهه مشهور آهي. درگاهه کان ڪجهه فاصلي تي موجود جبل مان ڳئون جي ٿڻن وانگر جاءِ مان کير وهڻ جي ۽ ڪي وري خشڪ ٿيل چشمي مان کير وهڻ جو ذڪر ڪن ٿا ۽ ٻين ماڳن وانگر هتي به اها ڳالهه مشهور آهي ته ماڻهن کير وڪڻڻ شروع ڪيو تنهن کانپوءِ اهو کير وهڻ بند ٿي ويو. هن آستاني جي باري ۾ اڃان به گهڻيون ڳالهيون تحقيق طلب آهن. جنهن ۾ مناري واري چوٽيءَ تي سجدي جا نشان، قلندر جي ڪشتي، حب ندي جو هتان وهڻ انهن ڳالهين جي تهه تائين پهچڻ به ضروري آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صدين جي هن راويت کي بچائڻ لاءِ زندگيءَ سان تعلق رکندڙ سڀني پرٿن کي اڳتي اچڻ گهرجي.

تلاءُ جي مجاور جنهن کي خليفو به چون ٿا جنهن جو نالو سجاد آهي ان کان اڳ سجاد جو والد خير محمد تلاءُ جو خليفو هو. هن ٻڌايو ته منگهي پير جي درگاهه ۽ تلاءُ جنهن ۾ واڳون آهن ۽ اهي اوقاف کاتي جي حوالي آهن. واقف کاتي وارا واڳوئن جي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪجهه به نٿا ڏين هو سڀ ڪجهه پاڻ ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته واڳوئن جي قبرستان تي قبضو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته 100 کان مٿي واڳون تلاءُ ۾ موجود آهن. مور واڳون جي عمر 150 سال آهي. جيڪڏهن ڪو واڳون مري ويندو آهي ته پوءِ هن کي غسل ڏيئي واڳوئن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو آهي. واڳوئن جون قبرون واڳون ڏر واري جاءِ تي ريڙهي مياڻ تي به موجود آهن. ڏر زمين يا جبل ۾ ڪنهن غار يا سوراخ کي چيو وڃي ٿو. واڳو ڏر واري غار لاءِ مشهور آهي ته هي غار منگهي پير تائين وڃي ٿو. پراڻن نقشن ۾ هڪ رستو واڳو ڏر کان منگهي پير تائين موجود آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ ٻنهي ماڳن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق رهيو آهي. واڳون گرمي جي موسم ۾ آنا لاهيندا آهن جن کي تلاءَ لڳ واريءَ ۾ پوريو ويندو آهي. جيستائين بارش نه پوندي آهي ته آنن مان ٻچا نه نڪرندا آهن جنهن لاءِ بارش ضروري آهي. ٻچن نڪرڻ کانپوءِ تلاءُ ۾ واڳن جي سار سنڀال تي مقرر مجاور ”خليفو“ انهن کي پنهنجي گهر کڻي ويندو آهي ٽن سالن کانپوءِ انهن کي تلاءُ ۾ ڇڏيو ويندو آهي.

رات گهڻي ٿي چڪي هئي. وقتي جهڳين جي ميدان ۾ موگرمان ۽ ميداني جي ساز تي ڌمال – ناچ جاري هو. عورتون ۽ مرد نچي رهيا هئا. انهن کي ڄڻ پنهنجو هوش نه هو. آئون سڀني کان موڪلائي روانو ٿيس. سامهون درگاهه مان ٽلين ۽ گهنڊن جا آواز گونجي رهيا هئا. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اهي آواز موئن جي دڙي جي مندر مان گونجي رهيا هجن. موئن جي دڙي جي وڏي پوڄا گهر جي اڱڻ ۾ اهو ناچ جاري آهي ۽ ڀڳوان کان اها پراتنا آهي ته هميشه جاري رهي.


منهنجو ملڪ ملير

 ملير جيڪو ڪنهن زماني ۾ پنهنجي سرسبز کيٽن ۽ خوبصورت باغن ڪري مشهور هو. اڄ به هن جي گهڻي ڀاڱي تي جتي پاڻي موجود آهي اهو پورو علائقو جنت جو ڏيک ڏيندو آهي. ملير جي گهڻائي واري علائقي جي تباهي جي باوجود ڪراچي شهر کي تازيون ڀاڄيون ۽ ميوو ملير مان فراهم ڪيو ويندو آهي. ملير وادي سرسبز کيٽن ۽ خوبصورت باغن کانسواءِ ڪٿي ڪٿي گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگ ڪري به خوبصورتي ۽ ساوڪ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هر پاسي وڻڪاري هتان جي خوبصورتي ۾ واڌارو ڪندو آهي. ٻئي پاسي ابراهيم حيدري ڳوٺ کان گهگهر تائين خوبصورت ساحلي علائقو به ملير جو حصو آهي.

ملير ماٿري ۾ هاڻوڪي بن قاسم ٽائون جو پورو علائقو، گڏاپ ٽائون جي ميمڻ ڳوٺ يونين ڪائونسل، گڏاپ يونين ڪائونسل، درساڻو ڇنو يونين ڪائونسل، سونگل يونين ڪائونسل، ڳجهڙو يونين ڪائونسل، هاڻوڪو ملير ٽائون، شاهه فيصل ٽائون، لانڍي ٽائون ۽ ڪورنگي ٽائون ۽ ملير ڪئنٽ جا علائقا ملير وادي ۾ شامل هئا. شهر جي وڌڻ ڪري اهي سڀ علائقا ملير کان ڇڄندا ويا.

ملير تي اهو نالو ڪيئن پيو؟

اڪثر خيال اهو آهي ته ملير ندي جي ڪري هن پوري علائقي جو اهو نالو پيو هجي. ملير ندي ڄام شوري ضلعي جي شهر مول کان به 15 – 10 ڪلوميٽر مٿي جبلن مان وهي ملير کي سيراب ڪندي ڪورنگي ڦاٽ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اها ندي جڏهن ملير جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان جو نالو مول نئين آهي. مول واري علائقي مان وهي اچڻ ڪري ان جو نالو مول پيو آهي. ملير ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ان کي ملير چيو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته:

”ملير تڏهن مرڪي جڏهن ماڻس مول ڀرجي.“

جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ملير نئين تي اهو نالو ملير علائقي جي ڪري پيو آهي. ملير برساتي نئين آهي. جڏهن هي ملير جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان جاءِ تي کديجي نئين به اچي ملير نئين ۾ ملي ٿي. ٻيو برساتي نديون جن ۾ ٿڌو، جرندو، لنگهيجي ۽ سڪڻ اهي ملير نئين جون ڏن ڀرون برساتي نديون آهن. انهن کانسواءِ ڪونڪر، ٻاڪراڻ، گهگهر، پپري، وٽيجي، کار، ڪنڊ، سان، نم، مهير، موئيداڻ، ميلو، ٻاڙو (ٻولهاڙي)، ڪُرڪٽي، لٽ ڪرمتياڻي، نيون ۽ ڍورا به ملير ۾ آهن. گهڻا ڍورا جن ۾ سونگل، مهادل، چاڪر ڦاهي، چکرو، ڳهجڙو، موکي، شوري، صفوران، آمري، ڪهيري وارو ڍورو، ٽوٽڪرين وارو ڍورو، ڱانڱيارو، ٽهير ٻيا ڍورا ۽ نيون به ملير جي علائقي ۾ هيون جيڪي هاڻي گٽر نالين ۾ تبديل ٿي ويون آهن.

ملير، ٿڌو ۽ لياري نئين کي ندي ان ڪري چيو ويندو آهي جو گذريل دورن ۾ پورو سال انهن ندين مان حب ندي وانگر صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو. هتان جا رهواسي انهن مان ڪسيون ڪڍي واهي چاهي ڪندا هئا.ڪنهن دور ۾ هتي نار ۽ ڪوش جي وسيلي به زراعت ڪئي ويندي هئي. اڄ به کديجي، لنگهيجي، ٿڌو، مول، ڪنڊ ۽ مهير ڍوري ۾ ڪٿي ڪٿي صاف ۽ شفاف پاڻي وهي ٿو.

انهن ندين جي اڀريل طاسن تي ماڻهن پنهنجا ڳوٺ آباد ڪيا پنهنجي معاش لاءِ انهن ندين مان ۽ انهن جي ڀر ۾ کوهه کوٽي زراعت ڪئي. جنهن جي ڪري هي پورو خطو سرسبز شاداب هو ۽ انهيءَ سرسبزي ۽ شادابي ڪري مٿس ”ملير“ نالو پيو. سنڌي ۽ بلوچي ٻولي ۾ ملير جي معنيٰ ”ساوڪ ڀريو“ ۽ زرخيز آهي. اڄ به جڏهن ڪٿي به خوبصورت وڻڪار وارو علائقو ڏسبو ته بي اختيار منهن مان نڪرندو. .ملڪ ته ملير لڳو پيو آهي.“ ملير کي ڪنهن دور ۾ ڪشمير سان پڻ ڀيٽيو ويندو هو. اڄ به جڏهن وسڪارو ٿيندو آهي. کوهن ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي ۽ هن خطي يا گهڻا حصا ڪشمير کان ساوڪ ۾ گهٽ نه آهن.

ملير ندي جو ڪاٺوڙ لڳ خوبصورت منظر

 

ملير مٺي پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ مڇيءَ جي هڪ قسم کي به چيو ويندو آهي. هي مڇي بنا ڇلر جي ٽن کان پنجن انچن تائين قد جي ٿئي ٿي. ان کي چار پَر ۽ وات وڏو هوندو آهي. ملير ۽ ٻين ندين ۾ پاڻي جام هوندو هو. انهن ندين ۾ ڪُنن، کڏن ۽ کوٻن ۾ اها مڇي جام ٿيندي هئي. اڄ به مول (ملير) ۽ ٿڌي نئين جي انهن حصن ۾ جتي پورو سال پاڻي هوندو آهي اها مڇي ٿيندي آهي. هن ڪري به ان علائقي جو نالو ملير پيو هجي يا ملير علائقي ۾ اها مڇي گهڻي تعداد ۾ هئڻ ڪري ان مڇي جو نالو ملير پيو هجي.

اجرڪ جهڙي رنڱيل ڪپڙي کي جيڪو اڪثر مرد پنهنجي ڪلهن تي اوڍين ٿا ان کي ملير چئبو آهي. مليرو يا مليرا ان ڏاند کي به چئبو آهي جنهن جو رنگ ڳاڙهو پر ڪوڙي اڇي هجي ٿي.

ملير ڳاڙهي ڳئون (Malir Redcow) اڄ به پوري دنيا ۾ مشهور آهي. آسٽريليا ۾ ان جي افزائش جا الڳ فارم آهن. جتي به ان جو نالو ملير ڳاڙهي ڳئون (Malir Redcow) آهي. هي ڳئون گهڻو ڪري ملير جي ساحلي پٽي ۾ هوندو آهي. ڱانڱيارو، جوريجي، لانڍي، ٻاڪراڻ، پپري، گهگهر ۽ کانٽو وارن ديهن ۾ ڀاڳين وٽ ڪنهن دور ۾ جهجي تعداد ۾ هوندو هو. تمر جا پن ان جو خاص خوراڪ آهي.

مليرو ڀاڄي طور ڪم ايندڙ برساتي ٻوٽيءَ جو به نالو آهي. جيڪو جابلو علائقي ۾ ٿئي ٿو. برساتن کانپوءِ پوري ملير جي علائقي ۾ ويندي ڪوهستان تائين اهو خودرو ٻوٽو جام ٿئي ٿو.

ملير ماڻهو جو به نالو آهي. گڏاپ جي علائقي ۾ پٻ ملير نالي هڪ ڳوٺ به موجود آهي. جيڪو ٻن ڀائرن پٻ ۽ ملير جي نالي سان مشهور آهي، اهي ذات جا جوکيا هئا. ملير نالي هڪ ٻيو همراهه جيڪو ذات جو گوندر هو، 20 سال اڳ فوت ٿي ويو. جيڪو پڻ گڏاپ ۾ رهندو هو. گهگهر ڦاٽڪ (هاڻي سسئي پل) کانپوءِ هڪ رستو ڏکڻ اولهه پاسي وڃي ٿو جتي هاڻي انڊسٽريل زون ٺاهيو ويو آهي هتي حسن شاهه درگاهه کان اڳ سمنڊ ڪناري ڪجهه گهاڙي طرز اڏاوت جون قبرون آهن جيڪي گبولن ۽ خاصخيلي قبيلي جون آهن. هتي ڪنهن ڳالهه تان خاصخيلين ۽ گبولن جي جنگ لڳي هئي. خاصخيلي قبيلي جي سربراهي ملير نالي همراهه ڪري رهيو هو جيڪو هن لڙائي ۾ مارجي ويو. ان جي قبر به اتي موجود آهي. اهي ماڻهو گهڻا پوءِ جا آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو آڳاٽي زماني ملير نالي ڪنهن شخص هتي ڳوٺ اڏيو هوندو ۽ پوءِ هن جي نالي پويان هن علائقي جو نالو ملير پئجي ويو هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org