سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 6

1831ع ۾ ڪراچي  ۾ هڪ اهم واقعو پيش آيو جنهن اڳتي هلي سنڌ جي سيني تي جيڪي ڦٽ پهچايا اهي اڄ تائين ڇٽي نه سگهيا آهن اهو واقعو ميرن جي حڪومت ۾ دلچسپي نه وٺڻ ۽ پنهنجن مشيرن کي مڪمل اختيار ڏيڻ جي نتيجي ۾ پيش آيو. هن واقعي جا تفصيل سيٺ نائون مل هوتچند پنهنجي ”يادگيرن“ ۾ لکيا آهن. انهن يادگيرين موجب:

”هڪ ڏينهن هڪ هندو مزدور جو پٽ ڪُندا سندس استاد جي سختي کان بيزار ٿي ڀڄي وڃي هڪ مسجد جي دروازي وٽ بيٺو. جتي ڪجهه مسلمان هن کي مسجد اندر ويهاري آيا. جنهن تي هندوئن ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا دڪان مسلمانن لاءِ بند ڪيا ۽ انهن کي سودو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مسلمانن وري بدلي وٺڻ لاءِ لياري نئين جي ڪپ تي جيڪي کوهه هئا جتان هندو پاڻي ڀريندا هئا، انهن کي ناپاڪ ڪيو. ٻئي ڏينهن هڪ سيد نورل شاهه اسان جي محليءَ ۾ اچي گارگند ڪئي. منهنجو ڀاءُ پرسرام جيڪو هتي ويٺل هو سيد کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي ڳالهه وڌي ويئي. نورل شاهه مذهبي جوش ۾ اچي اها ڳالهه مشهور ڪئي ته پرسرام رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي، جنهن تي وڏي انگ ۾ مسلمان گڏ ٿيا. جن جي اکين ۾ رت ڀرجي آيو هو. ٻئي پاسي هندو جمع ٿيا. ٻنهي پاسي منصوبا ٺهڻ لڳا، سيد نورل شاهه ٺٽي، شاهه بندر، حيدرآباد ۽ هالا وڃي قرآن وچ ۾ آڻي مسلمانن کي ڀڙڪايو، اها خبر پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويئي ۽ پورو ملڪ مذهبي جوش جي لپيٽ ۾ اچي ويو. ٻنهي پاسي مسلمان ۽ هندو گڏ ٿيا. منهنجو ڀاءُ پرسرام ڪنهن طرح سنڌ مان نڪري جيسلمير هليو ويو، وڏي انگ ۾ مسلمان حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا ۽ انهن گهڻو گوڙ ڪيو ۽ مير مراد علي زور وڌو ته سيٺ هوتچند کي حڪم ڏئي ته سندس پٽ پرسرام کي حيدرآباد آڻي. پرسرام ڪراچي ۾ نه هو. مير مراد علي فرمان جاري ڪيو ته، ”جيڪڏهن تنهنجو پٽ هتي نه آهي ته تون حاضر ٿي.“ سيٺ هوتچند ٻن هزار هندوئن سان گڏ حيدرآباد روانو ٿيو. سيٺ هوتچند جي حفاظت لاءِ ميرن پاران هڪ فوجي دستو به گڏ هو. انهن سيٺ جي حفاظت ۽ جان جي سلامتي جو اطمينان ڏياريو ۽ گڏ هلڻ لاءِ چيو.

مسلمان ڏاڍا جذباتي هئا. مرڻ تي لهي آيا پر مير مراد علي انهن کي سيٺ هوتچند تي هٿ کڻڻ کان منع ڪئي. مسلمان پوءِ مير مراد علي جي ڌيءَ وٽ پهتا ڇاڪاڻ ته اها پڳ جي وارث مير مءمد جي گهر واري هئي. مسلمان هن کي پنهنجو حامي بڻايو. مير مراد علي مجبور ٿيو. ان ايترو چيو ته سيدن کي سمجهائي ته هو حيدرآباد ۾ ڪا به زيادتي نه ڪن. سيٺ کي مراد علي جي ٻن ايلچين سان گڏ نصرپور جي پير (قاضي عدالت) ڏانهن موڪليو ويو. مير جا ايلچي مسلمان هئا ۽ اندر ئي اندر مسلمانن سان مليل هئا. نصرپور جي قاضي مسلمان جي ڪيس وڙهڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي سامهون بحث جي اجازت نه ڏني. هن ڏٺو ته مسلمان هرو ڀرو ظلم ڪرڻ تي سندرا ٻڌي بيٺا آهن. مسلمانن جو وڏو انگ هتي جمع ٿيل هو انهن گوڙ ڪيو ۽ هندوئن تي حملو ڪيو ۽ حملي دوران سيٺ  کي اغوا ڪري پاڻ سان کڻي ويا. حيدرآباد اچي ٻيڙي رستي ٺٽي ۽ شاهه بندر ڏانهن روانا ٿيا. 50 سالن جي سيٺ هوتچند کي ڀاڳاڻي ۾ نورل شاهه جي هڪ مائٽ جي گهر ۾ رکيو ويو. جيڪو هڪ مشهور ۽ ڪٽر سيد هو. هتي سيٺ انهن جي هٿ جي ماني نه کاڌي ان کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. (پر هن وقت پوري سنڌ ۾ افواهه گشت ڪري رهيا هئا ته سيٺ جو تخنو ڪيو ويو آهي، جنهن تي هندوئن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي ويئي) هن وچ ۾ مير مراد علي کي مون حقيقتن کان آگاهه ڪيو. هن واقعي خلاف پوري سنڌ ۾ هندوئن احتجاج شروع ڪيو. ڪڇ ۽ جيسلمير جي راجائن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. تنهن تي مراد علي کي پنهنجي ڪيئي تي پڇتائڻو پيو. ان ٺٽي جي نواب غلام حيدر کي حڪم ڪيو ته سيٺ کي قيد مان آزاد ڪري حيدرآباد کڻي اچي. غلام حيدر سيٺ کي آزاد ڪري حيدرآباد کڻي آيو. ڏهن ٻارنهن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه هندو ۽ مسلمانن سيٺ کي حيدرآباد مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٽنڊي غلام علي واري مير غلام علي سان رابطو ڪيو. جيڪو سيٺ تي مهربان هو. هن جي سيٺ ڪيولرام سان دوستي هئي. هن سيٺ جي ماڻهن کي چيو اوهان سيٺ کي ڦليلي نهر وٽ کڻي اچو باقي انتظام هو پاڻ ڪندو. انهيءَ رات سيٺ هوتچند پنهنجن دوستن جي مدد سان ويس مٽائي ڦليلي پار پهتو. جتي مير غلام علي سندس اوسيئڙي ۾ موجود هو. سج اڀرڻ کان اڳ سيٺ کي ٽنڊو مير محمود ويجهو راهوئن جي ڳوٺ پهچايو ويو. جتان پوءِ سيٺ جي وفادار نوڪرن سيٺ کي، لکپت سيٺ جي ڪوٺي تي پهچايو. هتي ڪڇ جي راڻي سيٺ جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو. سيٺ هتي ڏهه سال رهيو.“

هڪ ننڍي جهيڙي اڳتي هلي سنڌ جي سياست جي ڪايا پلٽي ڇڏي. هندو ۽ مسلمان جيڪي سنڌ ۾ ايڪي سان رهندا هئا انهن ۾ ڏار پئجي ويا. ٻنهي اڳتي هلي هڪٻئي جي مفادن خلاف ڪم ڪيو جنهن جو نقصان سنڌ کي ڀوڳڻو پيو. اها ڪراچي جيڪي ڌرمانو مل جي اڳواڻي ۾ گڏ هئي. هن واقعي کانپوءِ هندوئن خاص ڪري نائون مل ۽ ڀڄواڻي سيٺن جي خاندان مڪمل طور انگريزن جو ساٿ ڏنو. ڇاڪاڻ ته هن واقعي ۾ هندوئن ۽ خاص ڪري هندئون جي واپاري طبقي ۾ هڪ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿيو. جنهن لاءِ انگريزن کان وڌيڪ مضبوط سهارو ٻيو نه هو. خود انگريزن کي سنڌ ۾ پير کوڙڻ لاءِ هڪ معاشي طور مضبوط ماڻهو جي  ضرورت هئي. جيڪو نائون مل جي صورت ۾ انهن کي ملي ويو. نائون مل پنهنجي پيءُ سان ٿيندڙ هر ڏاڍائي جو خوب بدلو ميرن کان ورتو. نائون مل جي جاءِ تي ڪير به هجي اهو ائين ڪري ها. جيڪڏهن مير دانشمنديءَ کان ڪم وٺن ها ته هي واقعو پيش نه اچي ها. پر مير ٻاهران آيل سيدن سامهون مجبور هئا. اها مجبوري سمجهه کان ٻاهر هئي. ٿورڙن سيدن جي سامهون طاقتور ميرن جي هڪ نه هلڻ ۾ اها ڳالهه هئي ته هن وقت پيري مريدي جي چڪر ۾ سنڌ ۾ سيدن پنهنجو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪري ورتو هو. سنڌ جي ماڻهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهاري ويئي هئي ته سيد کي ناراض ڪرڻ معنيٰ پنهنجي قيامت ڪاري ڪرڻ آهي. هن واقعي ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ هندوئن ۽ مسلمانن جي ٻڌي تي ڪو خاص اثر نه ڇڏيو ۽ ڪراچي جي مسلمانن جون همدرديون سيٺ هوتچند سان هيون.

1833ع ۾ مير مراد علي خان وفات ڪري ويو سنڌ ۾ ميرن جي پهرئين چوياري به پوري ٿي. ميرن جي ٻي چوياري سبب سندن حڪومت ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويئي.

1835ع ۾ ليفٽننٽ ڪرنل پوٽنجر حيدرآباد آيو. نائون مل جيڪو ميرن کان پنهنجي پيءُ جي بيعزتي جو بدلي وٺڻ لاءِ اتاولو هو. جنهن کي پوٽنجر سان دوستي رکڻ جي صورت ۾ پنهنجو بدلو پورو ٿيندي نظر پئي آيو. نائون مل هن سان دوستي رکي ۽ خطن جو سلسلو شروع ڪيو. انهيءَ سال مسٽر اليگزينڊر برنس جيڪو ڀُڄ ۾ ڪرنل پوٽنجر جو نائب هو، مسٽر ليڪي سان گڏ سنڌ ۾ آيو. جتان هو بمبئي سرڪار جي حڪم موجب لاهور ۽ ڪابل وڃڻو هو. لاهور مان مسٽر اليگزينڊر برنس نائون مل کي ساٿ ڏيڻ ۽ وفادار رهڻ لاءِ خط لکيو. جنهن جي بدلي سيٺ نائون مل کي وڏي عهدي جي آڇ به ڪئي ويئي هئي.

ٻئي پاسي مسٽر ليڪي جيڪو قلات ۾ هو، سيٺ نائون مل کي لکيو ته ”اڍائي سئو رڍون وٺي بمبئي موڪلي ڇاڪاڻ ته انگلينڊ ۾ انهن جي ضرورت آهي. نائون مل سون مياڻي بندر تان پنهنجي نمائندي هٿان اهي رڍون بمبئي موڪليون ۽ ائين سيٺ جا واسطا انگريزن سان جڙندا ويا.

1836ع ۾ ڪرنل پوٽنجر سيٺ نائون مل کي لکيو ته مسٽر برنس جو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر جيمس برنس سنڌ رستي لاهور اچي رهيو آهي. هو ڪراچي کان حيدرآباد ايندو تون ڪراچي ۾ هن سان ملي هن جي خدمت ڪر ڇاڪاڻ ته هو ڪراچي گهمڻ چاهي ٿو. ميرن پنهنجي نواب کي لکيو ته ڊاڪٽر جيمس برنس کي ڪراچي گهمڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، هو جيئن گسري بندر تي لهي هن کي ٻئي جهاز رستي حيدرآباد موڪليو وڃي. سيٺ به پنهنجا ماڻهو گسري بندر موڪليا جيڪي ڊاڪٽر برنس سان مليا ۽ هن کي سيٺ جا سلام پهچايا.

1837ع ۾ ٽي. جي ڪارليس Major T.G.Curles ٻارنهن ماڻهن سان پالينيورس جهاز رستي ڪراچي بندرگاهه جي سروي لاءِ پهتو. نائون مل کي مٿان هدايتون مليون ته ڪارليس جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. 15 مارچ 1837ع آچر ڏينهن ڪارليس ڪراچي پهتو. ڪارليس جيترا ڏينهن به هتي رهيو. سيٺ نائون مل جو مهمان ٿي رهيو.

انهيءَ دوران هڪ واقعو پيش آيو. ڪراچي جي بندر ۽ شهر جي ناڪي جو ٺيڪو انهن ڏينهن ۾ الله رکيو لوهار وٽ هو. هن جو ڀائٽيو احمد جيڪو ڪراچي جي نواب جي درٻار جو رڪن به هو. ڪارليس کي شڪار جي دعوت ڏني. سيٺ نائون مل کين اٺن جو انتظام ڪري ڏنو هو.

ايتري ۾ ڪراچي جي نواب حسن خان (گهڻن حوالن ۾ حاصل خان) کي هن ڳالهه جي خبر پئجي ويئي ته هن 100 سپاهين جو هڪ جٿو ڪئپٽن ڪارليس جي ڳولا لاءِ موڪليو ۽ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته مزاحمت ڪرڻ تي کين قتل ڪيو وڃي، سيٺ نائون مل کي نواب حسن خان جي ڪاوڙ جي خبر پئجي وئي ۽ هو انهن جي پٺيان روانو ٿيو. بجار بٺي واري علائقي (اها بٺي جوکين جي ڄام بجار خان اول جي نالي پٺيان آهي اڄ به ڪراچي جي ديهن مان هڪ آهي. جيڪو يونين ڪائونسل سونگل گڏاپ ٽائون ۾ آهي) مان سيٺ نائون مل، ڪارليس کي حفاظت سان وٺي واپس آيو. احمد خان هتان ئي ڀڄي ويو. واپسي ۾ حسن خان ۽ نائون مل آمهون سامهون  ٿيا. حسن خان ڌمڪي ڏيندي سيٺ کي چيو ته، ”انهن انگريزن جو دماغ ايترو ته خراب ٿيو آهي جو مون جي اجازت کان بغير مون جي علائقي ۾ شڪار ڪرڻ نڪتا آهن.“ نائون مل وچ ۾ پئي معاملي کي ٿڌو ڪيو. بعد ۾ نائون مل جي مشوري سان ڪئپٽن ڪارليس هڪ خط انهيءَ واقعي بابت حيدرآباد ۾ بمبئي سرڪار پاران مقرر ڪيل سفير ڄيٺا نند کي موڪليو جنهن ميرن کي آگاهه ڪيو. بجاءِ ڪارليس جي غلطي تي هن کي سزا ڏيڻ جي مير حسن خان کي پيغام موڪليو ته ڪارليس کان معافي وٺي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو انگريز پوري طرح ميرن تي حاوي ٿي چڪا هئا. هو جڏهن به چاهين جتي به چاهين وڃي سگهيا ٿي. انهن تي ڪا پابندي نه هئي. حسن خان ڪارليس کان معافي ورتي. توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته پوري شهر جو هڪ نواب جنهن جي ڪا غلطي نه هجي ۽ پوءِ به هڪ غير ملڪي کان معافي وٺي هن جي دل تي ميرن جي باري ۾ ڇا وهيو هوندو ۽ اهي ننڍيون ننڍيون شيون اڳتي هلي سولائي سان ڪراچي تي قبضي جو سبب بڻيون.

ڪارليس ٽي مهينا ڪراچي ۾ رهيو. نائون مل هن سان گڏ هو. ان اطمينان سان پنهنجو ڪم پورو ڪيو. جنهن ۾ بندر کانسواءِ منهوڙي جي قلعي تي رکيل توبن ۽ هن ۾ رهندڙ فوجين ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ ميرن جي وچ ۾ تعلقات تي هڪ رپورٽ ٺاهي حڪومت کي موڪلي ته، ”ڪراچي تي حملي جي صورت ۾ نائون مل جهڙو ماڻهو اسان سان گڏ آهي جنهن جو ڪراچي تي مڪمل ضابطو آهي ۽ هتان جا ماڻهو ميرن تي ڪاوڙيل به آهن.“

1838ع ۾ ڪرنل پوٽنجر ڀڄ کان حيدرآباد پهتو. ان نائون مل کي لکيو ته انگريزن جو هڪ وڏو لشڪر سرجان ڪين جي اڳواڻي ۾ بمبئيءَ کان گهوڙا ٻاري رستي شڪارپور ڏانهن افغانستان تي حملي ڪرڻ لاءِ رواني ٿي چڪي آهي. توهان انهن جي هر ممڪن مدد ڪريو.

نائون مل تيار ويٺو هو. ان ڪم لاءِ نائون مل کي ٻن لکن ڪوڙين (روپين) جي هنڊي به موڪلي ويئي. جنهن مان ضروري کاڌ خوراڪ جو سامان، مال ۽ سامان ڍوئڻ لاءِ ڀاڙي تي اٺن ۽ ڍڳن جو بندوبست ڪرڻو هو.

 

اهو سڀ ڪجهه جون 1838ع ۾ شاهه شجاع، رنجيت سنگهه ۽ انگريزن وچ ۾ ڪابل جي مهم دوران ٽي پاسائي عهدنامي موجب ٿي رهيو هو. جنهن موجب اتر سنڌ رستي بولان لڪ ڏانهن اها فوج موڪلي پئي وئي، جنهن جو سپهه سالار جان ڪين هو. انهن کي حڪم ڏنو ويو ته هو سنڌوندي جي ڇوڙ وٽ درياءَ جي الهندي ڪپ وٽ مکيه لشڪر سان ملن. انگريزن جي اها چال سنڌ جي مقامي حڪمرانن لاءِ موتمار هئي پر معاهدن ۽ عهدنامن مٿان عهدنامن ڪرڻ جي بار هيٺ هو ڦاسي چڪا هئا. عام ماڻهو ۾ بغاوت جا آثار موجود هئا. پر انهن کي گڏ ڪري ۽ سرواڻي ڪرڻ لاءِ ڪو به موجود نه هو. انگريزن ميرن کي سنڌ تي رنجيت سنگهه ۽ شاهه شجاع جي حملي جو ڊپ ڏيئي، هينري پوٽنجر ميرن سان اڳ ٿيل عهدنامو ته ”ڪمپني سنڌونديءَ کي ڪنهن به طرح سان فوجي مقصد لاءِ استعمال نه ڪندي.“ ٽوڙي ڇڏيو. ميرن گهڻي هاءِ گهوڙا ڪئي. پر گهڻي دير ٿي چڪي هئي. انگريزن جو ايڪويهه هزار لشڪر سنڌ مان لنگهڻو هو. سنڌ جي ٽالپرن جي حڪومت ان لاءِ گهڻو پريشان هئي. انهن گهڻن واپارين کي لڪ ۾ چوائي موڪليو ته کاڌ خوراڪ ۽ مال ڍوئڻ لاءِ اٺ انگريزن کي مهيا نه ڪيا وڃن پر ان لاءِ نائون مل پنهنجي سڀ تعلقات استعمال ڪري انگريزن جي فوج جي هر ممڪن مدد ڪئي. مسلسل کاڌ خوراڪ جي سامان جي خريداري ڪري، ڪراچي ۾ ڏڪر جهڙي صورتحال پيدا ٿي ته ماڻهو روڊن تي نڪري آيا پوءِ نائون مل سيوهڻ ۽ سون مياڻي کان سامان خريد ڪري مسلسل گهوڙا ٻاري، ٺٽي ۽ جهرڪن واري ڪئمپن ڏانهن موڪليندو رهيو. هن مقصد لاءِ سيٺ نائون مل ڪراچي ڇڏي وڃي گهاري ۾ رهي پيو. نائون مل اٺن لاءِ تر جي وڏيرن ۽ جاگيردارن جون خدمتون حاصل ڪيون انهن ي لالچ ۾ ڪاروبار لاءِ قرض به ڏنو. نائون مل کي اها پڪ هئي ته اهو قرض واپس نه ٿيندو پر هو انگريزن وٽ سرخرو ٿيڻ لاءِ ۽ ميرن کان بدلي وٺڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيو هو. ملير مان جوکين جي ڄام ۽ ميمڻ ڳوٺ جي ميمڻن سان به نائون مل رابطو ڪري ڀاڙي تي اٺ حاصل ڪيا.

نائون مل جي انهيءَ پوري ڪارروائي تي پوٽنجر تمام گهڻو خوش هو. پوٽينجر سان گڏ ليفٽيننٽ ڊبليو. جي. ايسٽوڪ (ڪتاب Dry leaves from young Egypt جو ليکڪ) مسٽر ليڪي گڏ هئا.

حيدرآباد جو مير صوبيدار خان سندس پٽ مير فتح علي خان ۽ مير محمد علي خان

 

انگريز فوج جي اڳواڻ سرجان ڪين جو نائب ڪئپٽن آئو ٽرام بمبئيءَ کان انهن سڀني رسد وار ڪمن جي جاچ لاءِ ڪراچي آيو. جتي نائون مل جي ڀائرن پريتم داس ۽ سکرام داس ان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هو ڪراچي ۾ ٻه ڏينهن سيٺ نائون مل جي واپاري ڪوٺي ۾ رهيو. ٻن ڏينهن کانپوءِ هو گهارو پهتو جتي ان سيٺ نائون مل سان ملاقات ڪئي ۽ ان جي ڪم مان مطمئن هو. اهي سڀ گهوڙا ٻاري پهتا جتي انگريزن جي ڇانوڻي هئي. هتي نائون مل فوج جي سالار سرجان ڪين سان مليو. ڪئپٽن آئو ٽرام، ڪئپٽن پاويل، ڪرنل پوٽينجر ۽ ليفٽننٽ ايسٽوڪ موجود هئا. سڀ سيٺ جي ڪم مان مطمئن هئا. نائون مل مڪمل طور تي انگريزن جو ماڻهو بڻجي چڪو هو. پورو ڀوڄواڻي خاندان بنا ڪنهن اجوري جي انگريزن جي هر مشڪل کي آسان ڪري رهيا. فقط نائون مل انگريزن سان نه هو بامني ڪوٽ ۾ نواب غلام شاهه لغاري ۽ ٽالپرن جو خاص ماڻهو جيڪو ڪراچي جو گورنر به رهي چڪو هو، سيد زين العابدين ۽ ميرن جو خاص مشير آغا اسماعيل شاهه به انگريزن وٽ پهچي پنهنجيون خدمتون پيش ڪيون. گهڻا مير پنهنجي اندروني اختلافن ڪري انگريزن جو ساٿ ڏيئي رهيا هئا. انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي ان وقت به سنڌ ۾ هڪ چوڻي مشهور هئي ته:

”ميرن کي گهران لڳي.“

ٽالپر گهراڻي ۾ اتحاد نه رهيو هو. ان ۾ ڏار پئجي چڪا هئا. پهرين چوياري جي اولاد مان هر فرد پنهنجي منهن، ذاتي طرح انگريزن سان عهدناما ڪرڻ ٿي گهريا. جنهن مان انهن کي شخصي فائده ملي رهيا هئا. هر هڪ شخص انگريز کي پنهنجي پوري مدد جو يقين ٿي ڏياريو. هر وڏيرو، سردار انگريزن وسيلي سنڌ جي تخت تي ويهڻ جو خواهش مند هو. برطانيا لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مناسب موقعو ٿي پئي  سگهيو. غدار فقط نائون مل نه هو پر هتي غدارن جي پوري فوج آهي. نائون مل ته پوءِ کلي عام انگريزن جو ساٿ ڏيئي رهيو هو ۽ پنهنجي پيءُ سان ٿيل بيعزتي جو بدلو وٺڻ پئي چاهيو جنهن لاءِ خود نائون مل اعتراف ڪيو آهي.

”مون سياسي خدمت ڪنهن مالي منافع جي ارادي سان نه ڪئي هئي. منهنجي جان ۽ مال هر وقت خطري ۾ هئي. هر هڪ کي معلوم هو ته ٽالپرن جي حڪومت هئي. آئون انهن جو هٿ هيٺ هوس. انهن (ميرن) جي نظرن ۾ انگريزن جي مدد ڪرڻ ان جي مفادن جي خلاف هو ۽ ٽالپر حڪومت جي توهين هئي. پر منهنجي خاندان سان بعد وارن ميرن مذهبي ڪٽر پڻي جي ڪري جيڪي ظلم ڪيا هئا ان جي ڪري مون کي ۽ مون جي خاندان کي سخت صدمو رسيو هو. انگريز سرڪار لاءِ قربانيون مون فقط پنهنجي خاندان جي فائدي ۽ ڀلائي جي ڪري ڪيون آهن.“ (يادگيريون- سيٺ نائون مل هوتچند) انهيءَ دوران ڪجهه باغين پنهنجي سر ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي حڪمرانن جي دلچسپي نه وٺڻ ڪري ناڪام ويا. ٺٽي ۾ انگريزن جي فوجي ڪئمپ ۾ وڃڻ ڏکيو هو پر پوءِ هڪ نوجوان جيڪو نوحاڻي هو پاڻ کي چريو ڪري ڪرنل جي تنبو ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، ترار ڪڍي هو پوٽنجر کي مارڻ لاءِ وڌيو ته کيس گوليون هڻي هن کي ماريو ويو. جنهن جو ڪو فرياد ميرن جي درٻار ۾ درج نه ٿيو. حيدرآباد ويجهو گدو بندر وٽ جتي انگريزن جو گودام هو هتي ليڪي ٻيڙي تي چڙهي جان بچائي ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو. هن واقعي کانپوءِ فوج کي حيدرآباد ڏانهن هلڻ جو حڪم مليو. جهرڪن، وٽ عارضي ڪئمپ ۾ رهڻ جو انتظام ٿيل هو. هتي ميرن پاران آغا اسماعيل شاهه اچي انگريزن سان مليو. آغا اسماعيل ڪجهه ڏينهن اڳ ٺٽي ۾ پنهنجي پاران انگريزن سان ملي پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريو هو. هن واقعي کانپوءِ مير نور محمد انگريزن جي ڊپ جي ڪري انگريزن سان ملي ويو هو.

انگريز گدو واري واقعي تي ڪاوڙيل هئا. ميرن انگريزن کان معافي ورتي ۽ نقصان جو معاوضو 27 لک رپيا ڀري ڏيڻ لاءِ به تيار ٿيا. واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو واعدو به ڪيو ويو.

گرفتار ٿيل ماڻهن کي سزائون ڏنيون. سزا طور ڪِن جا ڪَن ڪپيا ويا ته، ڪن جون ڏاڙهيون پٽيون ويون. اها ذلت سنڌ پرستن کي ميرن هوندي نصيب ٿي. ڪرنل پوٽنجر ٽنڊو مير خان ۾ رهي پيو. هن نائون مل کي ٻڌايو ته انگريز جلدي ڪراچي تي حملو ڪرڻ وارا آهن. نائون مل کي پنهنجي خاندان کي پيغام موڪليو ته ڪراچي ۾ سامونڊي رستي جيڪي به انگريز اچن تن جو خيال رکيو وڃي ۽ انهن جي هر طرح مدد ڪئي وڃي. اپريل ۾ انگريز فوج شڪارپور کان افغانستان ڏانهن رواني ٿي ۽ مئي 1839ع تي سيٺ نائون مل جو ڀاءُ سک رام داس ڪراچي آيو.

ڪراچي تي انگريزن جو حملو:

انگريزن جو لشڪر جڏهن سنڌ مان گذري افغانستان وڃي رهيو هو. جهرڪ ۾ ڪئمپ دوران انگريزن جي ريزيڊنٽ سر ڪرنل پوٽنجر هڪ پاسي ميرن سان معاهدي جي چڪر ۾ هو ٻئي پاسي هن جهرڪ مان بمبئي حڪومت کي ڪراچي تي حملو ڪرڻ لاءِ هڪ خط لکيو. اهو خط پوٽنجر 28 جنوري 1839ع ۾ لکيو ته:

”فوج جو هڪ دستو هر صورت ۾ ڪراچي تي قبضي لاءِ موڪلڻ ضروري آهي. جنهن جا سبب مون ڪرنل ويلنٽ کي موڪليل پهرئين رپورٽ ۾ ڪيو آهي. وڌيڪ هي ته هر قيمت تي ڪراچي جي سيٺ نائون مل ۽ هن جي خاندان جي جائيداد جي حفاظت ڪئي وڃي. هي شخص اسان جي فوج سان گڏ آهي. هن انتهائي فراخدلي ۽ باهمت نموني اسان جي مدد ڪئي آهي. هن لاءِ ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهان ته اوهان ان جي حفاظت اهڙي طرح ڪريو جنهن نموني هندستان جي گورنر جنرل جي ڪندا آهيو.“

برطانيا جو جنگي جهاز ايڇ ايم ايس ويلزلي ڪراچي فتح ڪرڻ لاءِ بمبئي کان روانو ٿيو. ويلزلي مينڊاوي کان هجامڙو بندرگاهه پهتو. وڌيڪ حڪم لاءِ هتي ترسي پيو. 31 جنوري 1839ع تي ڪرنل ويلنٽ کي هجامڙو ۾ ئي بمبئيءَ جي هاءِ ڪمان پاران هڪ مختصر حڪم نامو پهتو جيڪو ائين هو.

”فورن ڪراچي پهچي ۽ حملو ڪريو.“

رات جي اوندهه ۾ هي جنگي جهاز سامونڊي طوفانن جي زد ۾ اچي پنهنجي رستي تان ڀٽڪي وڃي ٿو. ڪئپٽن سميت سڀئي فوجي پريشان هئا. جڏهن صبح جو سج پنهنجا ڪرڻا ساحل تي ڇڏيا ته جهاز جي سامهون سمنڊ جي سطح تي اڀريل هڪ چوٽي تي قلعو نظر آيو. جهاز جي ڪپتان توپ خاني کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو. اها پهرئين فيبروري 1839ع جي هڪ صبح هئي.

سر فريڊرڪ مسٽلينڊ ويلزلي جهاز جو سرواڻ هو. انهيءَ 1815ع ۾ واٽرلو جي جاءِ تي نيپولين بونا پارٽ کي گرفتار ڪيو هو. هي جهاز ڪجهه وقت لاءِ رياست ڪڇ جي بندرگاهه مينڊاوي (Mondovi port) تي جڏهن لنگر انداز ٿيو ته 40 اين رجمنٽ جي هڪ ڪمپني ان ۾ سوار ٿي. ويلزلي جي مدد لاءِ حنا (Hunnah) ٽرانسپورٽر ۽ سيئرين (Syren) نالي جنگي جهاز به گڏ هئا. هجامڙو بندرگاهه تي ٻه وڌيڪ جنگي جهاز Algeine ۽ Constance ان بحري ٻيڙي سان شامل ٿيا.

پهرئين فيبروري 1839ع جي شام تائين سڀئي برطانوي حملو ڪندڙ جهاز ڪراچي پهچي منهوڙي جي قلعي جي ست يا اٺ گز جي فاصلي تي لنگر انداز ٿيا. منهوڙي جو قلعو ڪراچي جي بندرگاهه جو اڪيلو محافظ هو. انگريز سياح، واپاري، ايسٽ انڊيا ڪمپني جا فوجي عملدار گذريل 40 سالن کان ڪراچي جي بندر ۽ قلعي جو سروي ڪندا رهيا آهن. انهن کي خبر هئي ته قلعي ۽ ان تي لڳل توبن جي پوزيشن ڇا آهي ۽ هتي هر وقت ڪيترا فوجي رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ميرن پاران ڪراچي جي حفاظت لاءِ ڪا باقاعده فوج نه هئي ۽ حملي وقت قلعي ۾ فقط 16 سپاهي موجود هئا. جن ۾ قلعي جي اڳواڻ جا ٻار ۽ زال ۽ پوڙهو پيءُ به شامل هو. ڪئپٽن نيل جيڪو ان مهم ۾ شريڪ هو پنهنجي ڪتاب Recollections ۾ لکي ٿو ته:

”2 فيبروري 1839ع آخر صبح ٿيو. صبح پنهنجي پوري آب و تاب سان اڀريو ته ان وقت سمنڊ جي چمڪدار لهرن سان اٽڪيليون ڪرڻ لاءِ ڪو به موجود نه هو. مون کي جهاز کان قلعي جون اوچيون ڀتيون ۽ ڪراچي شهر جا گهر نظر اچي رهيا هئا. اهي سڀ ملي نهايت خوشي وارا لمحا ۽ منظر پيش ڪري رهيا هئا. پر اهو سڀ ڪجهه ان وقت ختم ٿيو جڏهن اڄ جي فيصلي ڪندڙ مرحلي جي تياري زورن سان شروع ڪئي ويئي. فوجي جوان پنهنجن هٿيارن جي چڪاس ۾ مصروف ٿيا ۽ ٺيڪ صبح جو اٺين وڳي اصل راند جي شروعات ٿي.“

ان کانپوءِ اکين ڏٺو احوال نيل ان طرح بيان ڪري ٿو ته، ”ليفٽيننٽ جين ڪس (Lt. Jenkis) کي قلعي کي بنا ڪنهن شرطن ۽ هٿ چراند جي حوالي ڪرڻ لاءِ صلح جي جهنڊي سان موڪليو ويو ۽ قلعي جي سرواڻ انڪار ڪيو. جنهن تي 40 اين رجمنٽ جي چار ڪمپنين کي پنهنجي هٿيارن سان ”الجيرائن“ ۽ ”ڪونسٽينس“ جهاز تي سوار ٿي نڪتو. ان ڀيري قلعي جي حفاظت ڪندڙ اسان جي برتري مڃيندي، سنيهو موڪليو ته ڪراچي جي گورنر جي حڪمن کانسواءِ هو قلعو اسان جي حوالي نه ڪندو. هو پنهنجي هڪ سپاهي کي گورنر ڏانهن موڪلڻ لاءِ تيار به ٿيو پر اسان جي پوڙهي ايڊمرل ان پيشڪش کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ قلعي کي حوالي ڪرڻ لاءِ 15 منٽن جي مهلت ڏيئي ڇڏي. 15 منٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ به قلعي جو سرواڻ پنهنجي بيان تي قائم رهيو. پوءِ ڇا هو جو جنگي جهازن قلعي تي پوري جنگي جنون سان بمباري شروع ڪري ڏني. انهيءَ دوران 40 اين رجمنٽ جي ٻئي ڊويزن جي ميجر هبرن جي اڳواڻي ۾ ساحل تي لهڻ جو حڪم ڏنو ويو. اڃا اهي ساحل تي پهتا ئي نه هئا ته اسان قلعي تي برطانيا جي جهنڊي کي لهرائيندي ڏٺو. قلعي جي ڏکڻ وارو پاسو بلڪل تباهه ٿي چڪو هو. اهڙي طرح اسان بنا ڪنهن رت وهائڻ جي فقط ڇهه سئو پائونڊ بارود ۽ 32 گولا فائر  ڪري فتح حاصل ڪئي. اصل ۾ قلعي جا سنڀاليندڙ ۽ ان جا سرواڻ چوٿين ۽ پنجين رائونڊ کانپوءِ پنهنجيون ذميواريون ڇڏي وڃي پهاڙن ۾ لڪا هئا. انهن کي جلد گرفتار ڪيو ويو. بهرحال هي هڪ شانج وارو ڏينهن هو.“

ڪئپٽن نيل منهوڙي جي قلعي تي برطانوي جهازن تي حملي جو تفصيل ان طرح بيان ڪري ٿو.

”قلعي تي لڳل توبن مان هڪ به صحيح حالت ۾ نه هئي. هڪ توب ۾ شروع کان ئي گولو نه هو. هڪ توب حملي ڪندڙ جهاز ويلزلي تي فائر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هلي نه سگهيو. هڪ توب مان گولو ڇڏيو ويو پر اهو ڪجهه فاصلي تي وڃي ڪريو. بلوچي سپاهين انگريزن تي ڪجهه گوليون به هلايون پر اهي غير موثر ثابت ٿيون. ان جي ابتڙ حملي ڪندڙ جهاز ويلزلي قلعي تي ايڏي زبردست گولاباري ڪئي جو قلعي کي گهڻو نقصان پهتو ۽ بعد ۾ ان کي مڪمل طور ڊاهڻو پيو.“

نيل مطابق قلعي تي قبضي کانپوءِ هتان 30 سپاهي گرفتار ڪيا ويا. هڪ ٻئي برطانيا جي آفيسر جيڪو 1839ع ۾ ڪراچي تي حملي ڪندڙ برطانيا جي فوج ۾ شامل هو. ان فوجي آفيسر جي ڊائري لنڊن جي هڪ اشاعتي اداري جيمس ميڊن 1851ع ۾ شايع ڪئي هئي. ليکڪ پنهنجو نالو ظاهر نه ڪيو هو. هو لکي ٿو ته:

2 فيبروري 1839ع جو صبح جو جنگي جهاز ويلزلي ۽ مال ڍوئيندڙ جهاز ”حنا“ منهوڙي جي قلعي جي سامهون لنگر انداز ٿيا اسان جي ڪمانڊر قلعي جي سرواڻ کي للڪاريو ته فورن هٿيار ڦٽا ڪر.“

”آئون بلوچ آهيان قلعو خالي ڪرڻ کان موت کي ترجيح ڏيندس.“ قلعي جي سرواڻ جواب ڏنو.

”چڱو سٺو ٿيو، موت گهرندڙ کي موت ضرور ملڻ گهرجي ائين به انهن مغرور بلوچن کي تميز ۽ تهذيب سيکارڻ اسان جو فرض آهي. اهو فرض نڀائڻ لاءِ اسان پنهنجو پيارو وطن ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هن ڪاري پاڻي ۾ دربدر آهيون.“ ڪمانڊر چيو.

اسان جا فوجي دستا جهاز مان لهي منهوڙي جي جبلن ڏانهن وڌڻ لڳا. جبل جي ڪڇ ۾ ڪجهه دير آرام ڪري اسان پنهنجيون رائفلون لوڊ ڪيون. انهن تي تيز ڌار وارا رت پياڪ خنجر به چاڙهي ڇڏيا. منهوڙي واري جبل تي موت جا پاڇا ڇانيل هئا پر موت جا فرشتا ڪنهن جو انتظار ڪري رهيا هئا. اسان جي رجمنٽ جي جوانن جي دل ڪجهه دير لاءِ بيهي ٿو رهي پر ڪمانڊر جو گرجدار آواز اڀريو.“ برطانيا جا عظيم بهادر سپوتو تاج ۽ ملڪ جي نالي تي...“

تاج ۽ ملڪ جي نالي تي جوش سان حملو ڪيو ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منهوڙي جو قلعو فتح ٿي ويو. قلعي ۾ هڪ پوڙهو سردار هڪ جون عورت ۽ هڪ معصوم ٻار لاحول و لاقوت. گورنر جنرل ڪلڪتي مان هڪ پيغام وسيلي اسان جي بهادري جي واکاڻ ڪئي ۽ اسان جي ڪمانڊر جي حوصلن ۽ هوش مندي جي تعريف ڪئي.“

سيٺ نائون مل پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ ۾ ان واقعي جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”ڪيترن برطانيا جي جهازن منهوڙي جي قلعي تي مسلسل ٽي ڪلاڪ گولاباري ڪئي جنهن ڪري قلعي جو ڪجهه حصو تباهه ٿي ويو. جهازن مان ڪرندڙ گولن جي دونهين جي ڪري نه فقط بندرگاهه جو علائقو پر پوري شهر کي پنهنجي وڪوڙ ۾ ورتو. شهر ۾ خوفناڪ اوندهه ڇانئجي وئي جو ڏينهن جي وقت رات جو گمان ٿيڻ لڳو هو. انهن حالتن ۾ ڪراچي جي ٽالپر انتظاميا نواب خير محمد ۽ حاجي الله رکيو نائون مل جي وڏي ڀاءُ پريتم داس سان ملڻ سندس ڪوٺي تي آيا ۽ ان جي وسيلي برطانيا جي حملي ڪندڙ فوج کي وڌيڪ گولاباري کان منع ڪرڻ جو پيغام موڪليو ويو.“

ان وقت سنڌ ۽ انگريزن جو ريزيڊنٽ مسٽر پوٽنجر ۽ جان ڪين ڪوٽڙي ۾ موجود هئا ۽ ميرن سان هڪ معاهدو به ڪري چڪا هئا. ميرن حيدرآباد ۾ ان حملي جي برخلاف سيد اسماعيل شاهه کي ڪوٽڙي موڪليو پر هن جو ڪو کڙ تيل  نه نڪتو. نائون مل جي بيان موجب جڏهن منهوڙي جي قلعي تي برطانيا جو جهنڊو لهرايو ويو، ان کانپوءِ ڪئپٽن گري ۽ ليفٽيننٽ جان ڪس امن جا شرط پيش ڪرڻ لاءِ ڪناري تي پهتا جتي ميرن جي آفيسرن انهن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ڪراچي تان هٿ کڻڻ واري شرطن کي طئي ڪرڻ لاءِ سيٺ نائون مل جي ڪوٺي جيڪا پراڻي شهر ۾ هئي، هوڏانهن روانا ٿيا. نيل جي بيان موجب هتي غير رسمي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ طئي ٿيو ته ٽالپر آفيسرن پاران هڪ وفد معاهدي تي صحيح لاءِ ريئر ايڊمرل مئٽلينڊ (جيڪو هن فوجي مهم جو اڳواڻ هو) ۽ ڪرنل ويلينٽ سان ملاقات ڪندا. اهو طئي ڪيو ويو ته معاهدي تي صحيح ٿيڻ کان اڳ برطانيا جا فوجي شهر ۾ داخل نه ٿي سگهندا.

شام جو ڪرنل ويلينٽ Valient ۽ ريئر ايڊمرل مئٽلينڊ پنهنجي فتح جي شاهڪار منهوڙي جي قلعي جو معائنو ڪيو. ٻئي ڏينهن يعني 3 فيبروري 1839ع تي قلعي جو ڪمانڊر حسن بن بچو (حاصل بن بچو) ڪراچي جي فوجي گورنر خير محمد نظاماڻي پاران ۽ ثناءُ الله خان ڪراچي جي سول گورنر الله رکيو پاران برطانيا جي فوجي آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ معاهدي جا شرط طئي ڪيا شهر جي آبادي کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچائڻ ۽ ڪراچي شهر جو انتظام بدستور ٽالپر آفيسرن جي حوالي رهڻ جي شرط تي ڪراچي کي انگريزن حوالي ڪرڻ جو معاهدو طئي ڪيو ويو.

معاهدي جا هيٺيان شرط هئا:

گورنر ڪراچي، شهر ۽ قلعي تي قبضي سان برطانيا جي فوجين جي حق ۾ هٿ کڻندو.

ڪرنل ويلينٽ هن ڏينهن يا جڏهن چاهي برطانيا جي فوج کي شهر جي ويجهو رهائيندو. مقامي انتظاميا برطانيا جي فوج کي عام رائج قيمت تي اجورو وٺي ٻيڙيون، اٺ ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا.

انگريز انتظاميا ڪمپني پاران وعدو ڪن ٿا ته انهن لاءِ ڪراچي جا سڀئي شهري ۽ ان جي ملڪيت عزت لائق هوندا ڪراچي جي شهرين کي پنهنجي واپار ۽ ٻين ڪمن ۾ مڪمل آزادي هوندي. انهن جي واپاري جهازن کي ڪراچي جي بندر تي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. ڪراچي جو انتظام مقامي انتظاميا جي حوالي هوندو ۽ تمام ٽيڪس اهي ئي وٺندا.

معاهدي تي ويلزلي جهاز ۾ ميرن پاران حسن بن بچو ۽ ثناءُ الله خان ۽ ڪمپنيءَ پاران بحريه جي ڪمانڊر انچيف ريئر ايڊمرل سرفريڊرڪ ليوس، ريئر ايڊمرل مئٽلينڊ ۽ سنڌ ۾ برطانيا فوج جي ڪمانڊر ٿامس ويلينٽ صحيحون ڪيون، اهو معاهدو 3 فيبروري 1839ع ۾ ٿيو. معاهدي تي بعد ۾ ڪراچي جي ٻنهي گورنرن به صحيحون ڪيون. انگريزن پاران شاهدي طور هن معاهدي تي 40 اين رجمنٽ جي مسٽر جي چيو (Mr. J. chav) ۽ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ پوسٽانس به صحيحون ڪيون. معاهدي موجب 7 فيبروري 1839ع تي ڪراچي جي فوجي گورنر خير محمد نظاماڻي باقاعدو ڪراچي شهر جون ڪنجيون انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيون. پر شهري انتظام بدستور ٽالپرن جي اهلڪارن جي حوالي هو.

صحيحون ٿيڻ کانپوءِ 4 فيبروري تي قلعي جي نگراني سيڪنڊ سيڪيورٽي رجمنٽ جي ڪمپنيءَ جي حوالي ڪئي وئي. حملو ڪندڙ جهاز بمبئيءَ روانا ٿيا. انهيءَ ڏينهن يارنهن وڳي برطانيا جا فوجي گڏهن تي ۽ پيادا سمنڊ جي گپ مان هڪ ميل جو فاصلو طئي ڪري شهر ۾ داخل ٿيا ۽ هاڻوڪي سول اسپتال واري جاءِ تي هڪ خالي ميدان هو هتي پنهنجا خيما کوڙيا.

نيل مطابق، ”ڪجهه سپاهي هتي خيما کوڙي رهيا هئا ته ڪجهه برطانيا فوجي آفيسر مرڪزي پوليس چوڪي ويا. پوليس چوڪي تي ٽالپرن جو اڇي ۽ ڳاڙهي پٽين وارو جهنڊو لهرائي رهيو ويو تنهن کي لاهي هتي يونين جيڪ لهرايو ويو ۽ گڏوگڏ شهرين کي قبضي جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ پوري شهر ۾ نوٽس لڳايا ويا. شهر ۾ امن ۽ امان برقرار رکڻ ۽ برطانيا جي فوجين پاران ڪنهن زيادتي جي اڳواٽ شهر ۾ ڪيترائي نان ڪميشنڊ آفيسر مقرر ڪيا ويا. رات جو فتح جي جشن ملهائڻ لاءِ نائون مل جي ڀاءُ پريتم داس پنهنجي ڪوٺي ۾ هڪ شاندار دعوت جو بندوبست ڪيو. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ برطانيا جي فوجين شرڪت ڪئي. هن موقعي تي فوجي بينڊ خوشيءَ جا سُر وکيريا ۽ ائين برطانيا جي فوج جو ڪراچي ۾ پهريون ڏينهن پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.“

ڪراچي تي قبضو انگريزن جي بدنيت جو هڪ مثال آهي هڪ پاسي انگريز فوج سنڌ مان گذري افغانستان وڃي رهي هئي ۽ فوج ڪوٽڙي وٽ خيما کوڙيا هئا. پوٽنجر ۽ جان ڪين هن فوج تي سنڌ جي حدن مان ڪاميابي سان گذارڻ لاءِ ميرن سان معاهدي مٿان معاهدا ڪري رهيا هئا ۽ انهن کي بي خبر رکي ڪراچي تي حملو ڪيو ويو.

 اليگزينڊر ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب Kurrachee, Past, Present and Future ۾ ڪراچي تي قبضي تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته.

”حڪومت بمبئيءَ ڪراچي تي حملي لاءِ اڳ ۾ تمام ضروري معلومات ڳجهي نموني حاصل ڪئي هئي ۽ حملي لاءِ ضروري انتطام به ڪيا ويا هئا. هڪ پاسي برطانيا جو نمائندو هينري پوٽنجي ميرن کي حملي کان بي خبر رکڻ لاءِ انهن کي هڪ نالي ماتر دوستاڻي معاهدي تي ڳالهين وسيلي مونجهاري رکيو ۽ اهو اصل سبب هو جڏهن برطانيا جي فوج ڪراچي تي حملو ڪيو. هن کي ڪنهن به مزاحمت جو سامهون نه ڪرڻو پيو، ڪراچي تي حملي جو پورو معاملو هڪ پاسيرو هو هن کي جيئن برطانيا جي فوج وڏو شاندار فتح قرار ڏنو هو. حقيقت ۾ ائين هرگز نه هو. ڪراچي جي باري ۾ سنڌ ۾ برطانيا پاران مقرر ڪيل ريزيڊنٽ آخرڪار هن حقيقت کي مڃڻ تي مجبور ٿيو ته ڪراچي تي مڪمل تياري سان اچانڪ حملو ڪيو ويو“.

فريئر هال لائبريري ۾ رکيل رپورٽ جنهن کي برطانوي پارليمينٽري پيپرز (British parliamentary papers) جو نالو ڏنو ويو آهي، ڪراچي تي حملي جي باري ۾ لکيل آهي ته،

”گهڻي حد تائين ميرن جي روئي ۽ سياسي حالتن ڪراچي تي اچانڪ حملي لاءِ مجبور ڪيو هو. برطانيا جي هڪ ريزرور فوج کي اها ڳالهه يقين سان ٻڌائي هئي ته ڪراچي تي قبضي لاءِ انهن کي وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ حملي وقت منهوڙي جي قلعي جي حفاظت ڪندڙن قلعي تان هٿ کڻڻ تان انڪار کانپوءِ برطانيا جي اها ڳالهه حقيقت لڳي. هن کان اڳ جڏهن پهرئين فيبروري 1839ع تي برطانيا منهوڙي کان پري سمنڊ ۾ لنگر انداز هئا ته شام جي وقت قلعي مان توپ جو گولو ڇوڙيو ويو. جنهن کي برطانيا جي فوجين جنگ جو اعلان تصور ڪيو پر اهو گولو معمول مطابق ڇوڙيو ويو هو. جيڪو هر شام ۽ صبح سج نڪرڻ ۽ لهڻ وقت ڇوڙيو ويندو آهي جنهن جو مطلب ته ڏينهن پورو ٿي ويو آهي.“

ڪراچي هاربر جو نقشو (1889ع)

 

”انهن تبصرن مان جيڪي خود انگريزن ڪيا آهن هن ڳالهه جو اعتراف آهي ته ڪراچي تي قبضو هڪ پاسيرو هو.

سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جنهن ڪراچي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميرن ٻه ڀيرا 15000 هزار کان 20 هزار لشڪر وٺي حملو ڪيو ۽ ٻنهي ڀيري ٽن مهينن جي گهيري کان پوءِ انهن کي ناڪامي نصيب ٿي. ٽيون ڀيرو جڏهن انهن کي ڪراچي جون ڪنجيون مليون ته ڪجهه ٻين سببن ڪري. ڪراچي وارن لڙائي نه ڪئي جيئن ته ڀوڄومل جو پٽ ڌريانو مل ئي ان وقت ڪراچي جو اصل مالڪ هو ۽ مير ڪرم علي ٽالپر سان دوستي ۽ خان آف قلات پاران دلچسپي نه وٺڻ جي صورت ۾ بنا ڪنهن مقابلي ڪرڻ جي ڪراچي ميرن جي حوالي ڪئي. جيڪڏهن ٽئين ڪاهه وقت به ڪراچي وارا مقابلو ڪن ته ميرن کي وري به ناڪامي نصيب ٿئي ها. برطانيا جي ڪاهه وقت هڪ مضبوط قلعي جي هجڻ جي باوجود ڪنهن مقابلي بنا، بغير ڪنهن رت وهائڻ جي فقط ٻن ڏينهن جي انتظار ۽ چند گهڙين جي لڙائي ۾ انگريزن ڪراچي تي قبضو ڪيو هو. اها حقيقت آهي ته ڪنهن به قسم جو مقابلو نه ڪيو ويو هو. هن جا ڪارڻ گهڻا آهن انهن مان هڪ اهو ته ميرن ۾ نااتفاقي موجود هئي پاڻ ۾ دشمني جي ڪري برطانيا جي فوجي قوت کي وڌيڪ اثرائتو بنايو هو، انگريزن ڪراچي تي آساني ۽ سولائي سان قبضو ڪيو هو.

ڪراچي ۾ ميرن پاران ڪا باقاعده ۽ تربيت يافته فوج رکيل نه هئي. قلعي جي حفاظت لاءِ 80 سپاهي رکيل هئا، جيڪي سڀ تربيت يافته نه هئا ۽ اهي سپاهي سردارن پاران بيگرتي ڏنل هئا. جنهن جي بدلي ۾ ”هتان جي سردارن ۽ وڏيرن کي جاگيرون مليل هيون. سپاهين کي اها سهولت هئي ته کاڌ خوراڪ جو سامان انهن کي ميرن پاران مفت ملندو هو. حملي وقت قلعي ۾ فقط 16 کان 20 ماڻهو موجود هئا. باقي سڀ غير حاضر هئا. انهيءَ مان اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته ميرن جا مقرر ڪيل ٻئي گورنر انتظامي طور ڪيترا مضبوط هئا. توبن جي باري ۾ خود انگريزن لکيو آهي ته انهن تي ڪٽ چڙهيل هو. گهڻا انهن مان ناڪاره هئا ۽ باقي ٻيو بارود جو ذخيرو فقط ڇهه پائونڊ کن هو. ڇا هن صورت ۾ انگريزن سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو؟ پاٽنجر لکي ٿو ته ”جڏهن 1799ع ۾ قلعو جڙيو هو ته هن تي توبن جو اهڙي طرح ڄار وڇايل هو ته جيڪڏهن اهي هلائجن ته ڪا به طاقت يا فوجي جهاز سمنڊ جي رستي ٻيٽ ڏانهن اچي به نه پئي سگهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org