سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 17

(٨٨)

ديوان ڄيٺمل جو شڪارپور مان وڃڻ ۽ گدام وارن ھندن کان پئسا اڳاڙڻ، ڳڙھي ياسين وڃي شيخ غلام حيدر خان جي لشڪر سان جنگ ڪرڻ ۽ شڪست کائڻ، شيخ غلام حيدر خان جو شڪارپور تي حاڪم مقرر ٿيڻ، مير مراد علي خان جو پير علي گوھر سان لاڙڪاڻي اچڻ:

سال ١٢٥٨ھھ (١٨٤٣ع) ۾ جڏھن حيدرآباد جي ميرن جي انگريزن ھٿان گرفتاريءَ واري خبر ديوان ڄيٺمل تائين پھتي تھ ھوش حواس مان نڪري ويو. ظاھري نموني گھڻيئي لاپرواھي ۽ ڏاڍي فلڪ ٿي ڏيکاريائين، تھ آءٌ ڪنھن بھ صورت ۾ حڪومت تان ھٿ ڪونھ کڻندس. اھڙو تھ رعب ماڻھن تي ويھاري ڇڏيو ھئائين. جو ڪنھن کي بھ کانئس آڏي پڇا جي مجال نھ پئي ٿي.

جيتوڻيڪ ميرن جي گرفتاريءَ کان پوءِ ديوان ڄيٺمل جي چيلھھ چٻي ٿي چڪي ھئي، تڏھن بھ ڪو سندس سرڪشي بابت کيس ڪجھھ چئي نٿي سگھيو.

آخرڪار ديوان کي ڀڄڻو پيو، جو گھر ٻار سميت لڪندو ڏڪندو، ھر ھنڌ ڀٽڪندو ٿي رھيو. پڇاڙيءَ ۾ ھن اھو سوچيو تھ ھاڻ شڪارپور کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ گھرجي. ٻيو ڪين وريو تھ بھ مال غنيمت تھ ھٿ لڳندو، ھن وقت اھوئي کوڙ آھي. ليڪن کيس پنھنجن ماڻھن انھيءَ ارڏائي کان منع ڪئي ۽ سمجھايائونس تھ اھڙي سڌ ڪرڻ اجائي ٿيندي. شڪارپور ۾ ائين ڪيو ويو تھ اتان اوري پري ڳالھيون ھلڻ لڳنديون ۽ پنھنجي تمام گھڻي خواري ٿي پوندي.

نيٺ ديوان انھيءَ آٽ تان لٿو، تڏھن بھ عادت کان مجبور ٿي ڪن ھندن کي ڳٿڙ کان جھليائين(1) ۽ انھن وٽان گدام جو خرچ وصول ڪري چڪو ھو. ڪجھھ خيانت قيمت راءِ نالي ھندوءَ سان بھ ڪيائين، پوءِ لشڪر سميت ڏينھن ڏٺي شڪارپور مان نڪري، ساڳي رعب تاب سان ڳڙھي ياسين ۾ آيو، جتي حڪمرانن مان ڪنھن بھ مٿس اعتراض نھ ڪيو.

ڳڙھي ياسين پھتو تھ اتي بھ ھن جي ساڳي روش رھي، ھندن کان ڏنڊي جي زور تي رقمون وٺي، ٿوري دير اتي رھي وري ڊکڻ ڳوٺ ڏانھن وريو. ڪي ڏينھن اتي رھي، اڳاڙيون ڪري سيٺين کان زوريءَ لشڪر جو خرچ ڪڍي، گھمندو ڦرندو رھيو. آخر اچي اھا لڳس تھ حيدرآباد مان ڪھڙو ٿو حڪم ثاني صادر ٿئي؟

حيدرآباد مان روز نيون خبرون ٿي آيون، جي ٻڌي ويتر پريشان پئي ٿيو. انھيءَ ڇڪتاڻ ۾ مير علي مراد خان جي صلاحڪار سدوري خان کيس صلاحون ڏنيون، پر ان کي خوش ڪري ٽاري ڇڏيائين. پاڻ وري ساڳي لڏ کڻي مبارڪ پور ڏانھن اٿي ھليو. ھلندي شڪارپور کان شيخ غلام حيدر خان جو لشڪر اچي ساڻس دوبدو ٿيو، جنھن وٽ ڪيترا سوار، پيادا ۽ ھڪ توب ھئي. صبح کان شام تان مقابلو ھلندو رھيو، جنھن ۾ ٻنھي پاسن کان ڪيئي ماڻھو مارجي ويا. ديوان جي لشڪر نيٺ ھمٿ کان ڪم وٺندي، ھيڪاندو حملو ڪري ڏنو. شيخ غلام حيدر جي ماڻھن ۾ اچي ڀاڄ پئي. ھرڪو امان گھرندو ميدان ڇڏي ويو. ھاڻ ديوان ڄيٺمل ويتر خود مختار ۽ آڪرو ٿي پيو.

ديوان جي فتح جي خبر، جڏھن شڪارپور تائين رسي تھ اتان جا شاھوڪار ڏڪي ويا. کين اچي وھم ورايو تھ متان سڀاڻي ديوان ڄيٺمل شڪارپور ۾ اچي ظلم ۽ ستم جي باھھ ٻاري ڏئي ۽ اسان جي رھي کھي عزت آبرو بھ ھلي وڃي، تنھن ڪري گھوڙا سنجي شھر ڇڏڻ جي ڪيائون، انھيءَ ارادي سان تھ جيڪڏھن ديوان ڪنھن ھڪ دروازي کان شھر ۾ داخل ٿيو تھ پاڻ ٻئي در کان نڪري ھليا وينداسون. انھيءَ آنڌمانڌ ۾ ھنن پوري رات اک نھ ٻوٽي، صبح تائين پاسا ورائيندا واھھ گرو- واھھ گرو ڪندا رھيا(1).

ديوان ڄيٺمل اتان ڦري وري سلطان ڪوٽ آيو، جتي ھندن کان زبردستيءَ  ڏوڪر وٺي، انھن کي روڪڙ جي عيوض رعايا کان ملندڙ اناج اڳواٽ لکي ڏنائين. ائين جتان ڪٿان ڦرندو، ديرن جون بٽايون (ٻٽئيون) ڪندو ۽ ان ڀان سودي ۾ ھڻندو، ڏوڪڙ وٺندو، لشڪر جو خرچ پکو پورو ڪندو ٿي آيو. آخر ڦري گھري اچي محال مبارڪ پور ۾ پھتو ۽ قلعي اندر ٿانيڪو ٿيو. ھتي دل کولي لشڪر جي دلداري ۾ لڳي ويو. ڪنھن کي ان جي پوري ٻار، ڪنھن کي ڏھھ تھ ڪنھن کي ويھھ خرار ڏئي، راضي ڪيائين. ھاڻ سنئون سڌو مير شير محمد خان جو انتظار ڪرڻ لڳو، جيڪو انگريزن سان لڙي رھيو ھو. پر ان بابت بھ پڇاڙيءَ پتو پيو تھ کيس انگريزن ھٿان شڪست نصيب ٿي. ديوان اڳو پوءِ سوچي دل ھاري ويٺو. مير علي مراد خان، جيڪو انھن ڏينھن ۾ انگريزن جي خدمت ۾ پوريءَ طرح رڌل ھو ۽ سندن چيٺ چاڪريءَ ۾ ڪابھ ڪسر نٿي رھايائين، سو ملڪ داري جي سار سنڀال جي خيال سان لاڙڪاڻي آيو، جتي سڄو انتظام پورو ڪري وري شڪارپور ڏانھن روانو ٿيو. ديوان ڄيٺمل مير علي مراد خان جي اچڻ جو ٻڌي فڪر ۾ پئجي ويو. ھن جي ڪن ھمرازن اچي کيس نصيحتون ڪيون ۽ مصلحت ڀريون ڳالھيون ٻڌايون، تھ ديوان صاحب! وڇ ھميشھ ڪلي تي ڪڏندي آھي ۽ ٻانھي پنھنجي ڀوتار جي مڙسيءَ تي ناز ڪندي آھي. ھن وقت ٻئي ڳالھيون ڪونھ رھيون آھن، اوھان کي عقل کان ڪم وٺڻ کپي، ھروڀرو پاڻ کي ڪنھن مصيبت ۾ وجھي، ڦاھو ڳچيءَ ۾ وجھڻ ڪا مصلحت واري ڳالھھ نھ ٿيندي. انسان کي عاقبت جي ڪا اون ڪرڻ گھرجي. ديوان سمجھيو ۽ کيس ڄاڻ ٿي تھ ھاڻ پنھنجي ڪنھن ڪوشش سان ڪي بھ نھ ورندو. ٻيءَ حالت ۾ ڪجھھ ڪرڻ جبل سان ٽڪر ھڻڻ برابر ٿيندو. اھو سوچي محال مبارڪ پور مان ٻھ سؤ سوار ساڻ ڪري ڪڇيءَ واري علائقي ڏانھن رخ رکيائين. ٻئي لشڪر کي پنھنجي منھن ڇڏي ڏنائين تھ جيڏانھن وڻيس تيڏانھن ھليو وڃي. اھو ان ڪري ڪرڻو پيس جو لشڪر جي خرچ انھيءَ رولڙي ۾ ڳچيءَ کان ٿي ورتس. ديوان ڄيٺمل جو قصو اتي رھيو. ھيڏانھن شڪارپور جي انھن ماڻھن کي، جيڪي ديوان سان ٻڌل ھئا، انھيءَ ڊپ اچي ورايو تھ اجھو شيخ غلام حيدر خان شڪارپور ۾ اچي حڪومت جي گاديءَ تي چڙھيو، اجھا پنھنجي شامت آئي! ان ڪري شھر ڇڏڻ کان پوءِ واپس ورڻ جي نٿي ڪيائون.

آخر شيخ غلام حيدر شڪارپور جو حاڪم ٿيو ۽ ڳوھھ وانگي ڦونڊ ۾ ڀرجي، چوڌاري چنبا کوڙڻ لڳو. ديوان ڄيٺمل جا جيڪي ساٿياري ھئا، تن مان ھڪ ھڪ جي ھاج لاھيندو ويو. ديوان جي داروغي محمد حسين خان کي ٻڌي قيد ۾ وڌائين، جتي کيس پيرن ۾ زنجير پيا. ھڪ رات ھڪ ڏينھن قيد ڪاٽي انت معافي وٺي، توبھھ ڪندو ٻاھر نڪتو، پر وري بھ حاڪم جي اک ۾ ھو. نيٺ پير نظام الدين سرھندي(1) جي سفارش کان پوءِ ڏوڪڙ ڏئي مصيبت مان آزاد ٿيو ۽ ٻيھر کيس ساڳي عھدي تي رکيو ويو. مرزا ڪالي خان، جيڪو مير نصير خان خيرپوري جو ملازم ھو، تنھن بھ وڃي پير نظام الدين جي پناھھ ورتي. ان کي بھ اھڙيءَ طرح شيخ غلام حيدر خان وٽان امان عطا ٿي.

شھر جا ٻيا معتبر، ارسلان خان، محمد رحيم خان بابري وغيره بھ پير نظام الدين جي واسطيداريءَ سان شيخ غلام حيدر خان جي سلام تي آيا ۽ نزرانا پيش ڪري، جان جي سلامتيءَ سان واپس وريا.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ مير علي مراد خان لاڙڪاڻي کان روانو ٿي اچي شڪارپور ۾ لٿو. ڪي ڏينھن ھتي ترسي وري خيرپور ھليو ويو.

ديوان جيٺمل سنڌ جا وڻ ڇڏڻ کان پوءِ ڪڇي وڃي جھل مگسيءَ ۾ احمد خان مگسيءَ جو پاسو ورتو ۽ اتي ئي ترسي پيو. ھن جي پويان مير علي مراد خان پاران ملا محمد تنيو کيس سمجھائي واپس آڻڻ لاءِ ويو، پر ديوان ڪونھ مڙيو ۽ احمد خان مگسيءَ کان کيس جواب ڏياري سنڌ ڏانھن موٽائي موڪليائين. پوءِ ھيءُ ڪي ڏينھن جھل ۾ رھيو تھ ڪيترو وقت وڃي ولي محمد خان چانڊئي وٽ گذاريائين.

جڏھن سندس ھٿ تنگ ٿيو، تھ ٻار ٻچا ولي محمد خان چانڊئي وٽ رھائي قنڌار وڃي، سردارن جو سلامي ٿيو، اتي چڱي عزت مليس. آخر لک رپئي تي ھڪ ٺيڪو کنيائين. ڪي ڏينھن ان ٺيڪيداري ۾ مصروف رھيو، پوءِ اتي ٺيڪي جي حساب موجب جيڪي ڪمايو ھئائين، سو ڏئي خالي ھٿين موٽ کاڌائين.

انھيءَ سبب ڪري سندس طبيعت ڏاڍي بي چسي ٿي پئي. نيٺ ٻھ چار سو رپيا ھڙ ۾ ٻڌي قنڌار ڇڏيائين. ھن جي وڃڻ کان پوءِ سردارن پنج سو سوار سندس گرفتاري لاءِ روانا ڪيا، پر کيس خبر پئجي ويئي، سو تڪڙ ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ ستر ڪوھھ پنڌ جا ھڻي، ھڪ قافلي سان گڏيو ۽ وٽس پناھ ورتائين.

اھو قبيلو نوھاني (لواني) افغانن جو ھو، جيڪي واپار سانگي ھندستان تائين پيا ايندا ويندا ھئا. سردارن جو پنج سو سوارن وارو جٿو، جڏھن اچي ان قافلي مٿان پيو، تڏھن ديوان جي ٻانھن ان کان گھريائون. ھو بھ پندرھن سو بندوقچي پاڻ سان کنيو پئي ھليا. بندوقون ڀري سردارن جي سوارن کي جنگ لاءِ للڪاريائون، تھ اسان سام ورتل ماڻھوءَ کي اوھان جي حوالي ڪونھ ڪنداسين، ڀلي جنگ ۾ پاڻ کي جوکو ڇو نھ رسي!

قنڌار جي سوارن مقابلي جي پاڻ ۾ ايتري طاقت نھ سمجھي، گھوڙن جي واڳ موڙي واپسيءَ جو رستو ورتو، ۽ قنڌار ھليا ويا. ديوان ڪيترو وقت ان قافلي سان رھيو، پوءِ ملتان ڏانھن روانو ٿيو. اتي ڪي ڏينھن ديوان مولچند جو مھمان ٿيو ۽ ديوان مولچند جي سفارش تي ملتان جي ناظم سان ملي روزگار لاءِ حيلا ھلايائين. پر چارو ڪونھ چليس. اتان لوڻا ھڻندو لاھور ۾ آيو، جتي مير شير محمد خان ٽالپور سان ملاقات ٿيس. کيس پنھنجي ارادي کان آگاه ڪري کانئس خرچ پاڻي ڪڍي لڌياني وڃي پھتو. اتي  شجاع الملڪ جي خواجي آغا ياقوت وٽان ڪجھھ مالي مدد وٺي ڪلڪتي ڏانھن رھي پيو. انھيءَ وچ ۾ روزگار لاءِ چڱي ڪوشش ڪيائين، پر قسمت ساٿ نھ ڏنس. آخرڪار اتان خشڪيءَ رستي پنڌ ھڻندو اچي حيدرآباد رسيو. ڪي ڏينھن آرام ڪري ٿڪ ڀڃي وري پاڻ ئي مير علي مراد خان وٽ لنگھي ويو، جنھن کيس وڏو مان ڏنو ۽ پنج رپيا روزاني خرچ لاءِ مقرر ڪيائينس. ايتري ۾ سندس صحت ڏينھون ڏينھن پوئتي پوندي ويئي. ٻئي طرف ميرن جا ڪارندا بھ اچي اڻ تڻ ۾ پيا تھ ھن بلا جي اچڻ کان پوءِ الائجي ڇا ٿيندو؟ تان جو موت جا مارو پھچي ويا ۽ ديوان وڃي ھن جھان پھتو. ھي ھندو ھوندي بھ ساري ڄمار ھمت ۽ بھادريءَ سان ھلندو رھيو.

*


 

(٨٩)

حيدرآباد جي ميرن جي انگريزن سان جنگ- جنھن ۾ ميرن کي شڪست نصيب ٿي، انگريزن پاران قلعي اندر گھڙي لٽ ڦر مچائڻ:

سال ١٢٥٨ھھ (١٨٤٣ع) محرم جي مھيني ۾ خيرپور جا مير: مير رستم خان، مير نصير خان امداد جي اميد تي حيدرآباد ۾ آيا، پر حيدرآباد جا مير: مير نصير خان ۽ مير شھدادخان تڏھن شڪار تي ويل ھئا، مگر انھن مان مير صوبدار خان، مير محمد خان ۽ مير حسين علي خان حيدرآباد جي قلعي ۾ موجود ھئا. اھي مير رستم خان جي اچڻ ڪري ڏاڍا ناخوش (ارھا) ٿيا ۽ مونجھاري ۾ پئجي ويا، جنھنڪري ھن ڏانھن ڪو ڌيان نھ ڏنائون.

ڏينھن ٻن کان پوءِ مير محمد خان ۽ مير شھداد خان(1) شڪارگاھھ کان واپس حيدرآباد آيا تھ مير رستم خان ۽ مير نصير خان جي چڱي پرگھور لڌائون ۽ انھن لاءِ انگريزن سان صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا، پر ڳالھھ نھ ٺھي، ڇو تھ ميجر آؤٽرام اڳ ۾ ئي انھن کان عھدنامو لکرائي ورتو ھو.

انھيءَ وچ ۾ بختيار لغاري، جيڪو سدائين آفيم کائي پنڪين ۾ پيو ھلندو ھو، مير رستم خان جي دربدرائي کان خار ۾ اچي گھوڙي تي چڙھي، انگريزن جي مقابلي لاءِ ڪمرڪشي ھليو. اڳتي وڃي غلام محمد خان لغاري کي بھ پاڻ سان کنيائين ۽ وڃي پنھنجي قوم جي ماڻھن کي اميدون آسرا ڏئي پنھنجو ساٿياري بڻايائين. پوءِ ٻئي گڏجي مير جان محمد خان ولد مرحوم مير بودي خان وٽ ويا ۽ ان جي واسطيداريءَ سان لغارين ۽ محمد خان ولد مرحوم لقمان خان ٽالپور جي وچ ۾ ٺاھھ ڪرايائون، جن جو سڱابنديءَ تان پاڻ ۾ جھيڙو ھلندو ٿي آيو.

پڇاڙيءَ ۾ سڀني گڏي ٻڌي ڪري قرآن مجيد تي قسم کڻي انگريزن سان جنگ ڪرڻ جي پڪ ڪئي. لغارين انھيءَ اقرار تي اھو اظھار پئي ڪيو تھ:

”سنڌ اسان ٻروچن جي سڳيءَ ماءُ برابر آھي، جنھن جي ٿڃ مان پيڙھين کان اسان جي پرورش ٿيندي اچي ٿي. اولاد تي پيءُ ماءُ جا گھڻيئي حق ھوندا آھن انھيءَ ساک موجب اسان پنھنجي جان ھن جيجل ماءُ جي قدمن تان قربان ڪري رھنداسين، جيڪڏھن ائين نھ ڪيو سين تھ اسان سڀئي والد الزنا (حرامي ٻار) ليکيا وينداسين.“

اھي سخت سخن(1) ڪتب آڻڻ ۽ عھد اقرار ڪرڻ کان پوءِ غلام محمد لغاري ڏاڙھيءَ کي ڦڻي ڏئي، مڇون مروڙي حيدرآباد جي والي مير محمد نصير خان وٽ ويو ۽ کيس چيائين: مير رستم خان پنھنجي اھل عيال سميت اوھان کي التجا ڪرڻ آيو آھي ۽ سندس ننگ اسان بلوچن جي گھر ۾ رھيل آھن، توھان پاڻ خيال ڪريو تھ:

”سنڌ، جيڪا اسان جي لاءِ پنھنجي ماءُ سمان آھي، تنھن کي اسان ڪيئن ٿا انگريزن جي حوالي ڪري سگھون؟

ھن وقت جيڪڏھن اسان ھمت کان ڪم ورتو تھ ڏاڍو سٺو ٿيندو ۽ اسان بلوچ بھ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري گڏ ٿي چڪا آھيون، اسان انگريزن جي فوج سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، جيڪا ھونئن بھ ٿوري انداز ۾ آھي، اسان کي يقين آھي تھ فتح اسان جي ٿيندي، انھيءَ  ۾ ئي اسان جو ناموس ٿيندو. اسان جيڪڏھن پنھنجي ماءُ ”سنڌ“ جو حق ادا ڪيو تھ ٻنھي جھانن جي سعادت حاصل ڪري رھنداسين.“

مير محمد نصير خان لغاريءَ (غلام محمد) کي سمجھائيندي منع ڪئي تھ جنگ ڏاڍي ڏکي پوندي ڪھڙي خبر تھ ان ۾ ڪنھن جي ٿي فتح ٿئي، پر جيڪڏھن اسان جنگ کٽي بھ وياسين تھ اھا ڳالھھ ٿيندي ڄڻ سنڌ اندر اسان پنھنجي خاندان ۾ باھھ ڀڙڪائي ڇڏي، جيڪو اڳ ۾ ئي ھڪ ٻئي جي دشمني ۽ نفاق ۾ رڌل آھي، پوءِ تھ ھميشھ لاءِ اسان کي خوف خطري جي ڪري بي قراريءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻي پوندي، چوندا آھن تھ دشمني ڪک جي بھ چڱي نھ ھوندي آھي: دشمن کي ڪمزور سمجھڻ عقل وٽان نھ آھي، ھڪڙي چڻنگ پل ۾ سو ٻاريون ان جون ساڙي سگھي ٿي. دشمن کي ھميشھ طاقتور سمجھڻ گھرجي. ڇو تھ ڪين جھڙو مڇر بھ ھاٿيءَ کي ھلاڪيءَ ۾ وجھي سگھي ٿو. انگريزن جي دشمني تھ وري بھ وڏي ڳالھھ آھي، ان سان اڄ ڪير بھ منھن ڏئي نٿو سگھي.

انھن نصيحتن جي باوجود غلام محمد لغاري باز ڪونھ آيو. نيٺ ٻئي ڏينھن سوير صبح جو ٻين بلوچ سرڪردن کي پاڻ سان وٺي ڪلام الله مٿي تي کڻي ۽ ترار ھٿ ۾ ڪري زنانو لباس پيشگير، چادر ۽ چولي ڳنڍ ٻڌي مير نصير خان وٽ وڃي سڌو سنئون چوڻ لڳس:

اوھان، پھريان تھ ھن ڪلام الله کي ڏسي ھڪدم گھوڙي تي چڙھي اڳ ۾ ٿيو تھ انگريزن سان ھلي جنگ ڪجي.

جيڪڏھن ائين نٿا ڪريو ۽ جنگ لاءِ تيار ڪونھ آھيو تھ پوءِ ھي زنانا ڪپڙا پائي ماڳھين ملڪ مان ئي نڪري وڃو!

مير نصير خان اھا حالت ڏسي ڏاڍو حيران پريشان ٿيو. جيڪڏھن بلوچن جي چوڻ تي جھيڙي ۾ منھن ٿي وڌائين تھ سندس گھر ۾ رڳڙي پيدا ٿيڻ جو امڪان ھو. پر جي انھن جو چوڻ نٿي ورتائين تھ ڏاڍي ڏکئي طوفان پيدا ٿيڻ جو خطرو درپيش اچيٿي سگھيو. لاچار مصلحت جي خيال ۾ مير صوبدار خان جي عداوت جو خوف ڪندي، بلوچن جي مرضي مطابق حيدرآباد جي قلعي مان گھوڙي تي سوار ٿي نڪتو ۽ سڌو مير فتح علي خان جي باغ ڏانھن ويو. دل ۾ ڪيئي خوف خطرا ھيس، پر ڇا ٿي ڪري سگھيو. ھوڏانھن قضا ڇا ڪرڻ واري ھئي. ان جو پورو پتو کيس ڪونھ ھو!

اوچتي خبر پئي تھ وڏيرو حيات خان مري ۽ ٻيا پنھنجي ماڳن تان سوار ٿي حيدرآباد ڏانھن پيا اچن، پر کين انگريزن جي لشڪر واٽ تي جھلي سندن رستو روڪي ڇڏيو آھي. اھا خبر ٻڌي بلوچ اچي بگڙيا، ھڪدم ڇانوڻيءَ تي حملو ڪري لٽ ڦر ۾ ھٿ ڳنڍيائون. ميجر آئوٽرام جيڪو ميرن جو خاص خيرخواه ھو، پنھنجا ڪي ماڻھو مارائي بتيلي تي چڙھي جان بچائي وٺي ڀڳو.

نيپئر تڏھن حيدرآباد کان ويھھ ميل پري ھالن ۾ ھو. انھيءَ حملي ۽ ڇانوڻيءَ جي ڦرلٽ ۽ آئوٽرام جي ڀاڄ جو ٻڌي ڪاوڙ مان فوج سميت درياھھ جي ڪناري سان ھلندو صحاري(1) ۾ اچي ميرن جي شڪار گاھھ وٽ لٿو. ٻئي ڏينھن پنھنجي لشڪر کي تيار ڪري بيٺو.

ٻئي طرف حيدرآباد جي ميرن ھر ھڪ: مير نصير خان، مير شھداد خان، مير رستم خان ۽ مير صوبدار خان مرحوم مير فتح علي خان جي باغ مان ٻارھن ھزار لشڪر ۽ ڪيترين توبن سان حيدرآباد کان ٽي ڪوھھ پرتي ڪانھري(2) ۾ اچي منزل ڪئي. ھنن کي اتي پنھنجي خدمت گار دوست محمد ڏاھھ ڏني تھ خبردار رھجو انگريزن جو پنج سو سوارن جو لشڪر پريان موجود آھي، ھمت ۽ مڙسي سان ثابت قدم ٿي منھن ڏجو. ميرن پنھنجي لشڪر کي حڪم ڪيو تھ جلدي سوار ٿي انگريزن جي لشڪر جو ھلي اڳ وٺو. سڀني بلوچن انھيءَ حقيقت جي پيروي ۾: تھ ڪابھ شيءِ خدا جي حڪم کان سواءِ نٿي چري پنھنجي جاءِ تان چرڻ جي ڪانھ ڪئي تان جو انگريزن جو لشڪر نروار ٿيو، مير جان محمد خان بلوچن ۽ ٻين سرڪردن کي وڏي واڪي چيو: اجھو اوھان قسم ساک تي جنگ لاءِ تيار ٿي آيا آھيو. ھاڻ مڙسي ۽ مقابلي جو وقت آيو آھي ساري عمر اوھان سنڌ جو پئي کاڌو پيتو آھي. ھينئر مھل ھٿان نھ ڇڏجو. ان ھوندي بھ: سيھڙ ٽنگون ٽي چوٿين لڀيئي ڪانھ، بلوچن پنھنجي جاءِ تان چرڻ جي ڪانھ ڪئي.

اھو نظارو ڏسي حاجي خدا بخش پنھنجا پنجاھھ – ستر سوار ساڻ ڪري الله جي آسري، مراد علي خان چانگ دنيا ۽ آخرت جي مراد وندي ۽ نصير خان چانگ ابدي سعادت ماڻڻ لاءِ پنھنجي ننڍي ڀاءُ سان گڏ ۽ حاجي غلام محمد خان ٽالپور الاھي سڏ تي سڏ ڏئي ۽ مبارڪ خان ٽالپور، مير غلام شاھھ ولد مرحوم محراب خان ٽالپور مير جان محمد خان ۽ ٻين سورھين سان سنمک ٿي پروانن جان پاڻ کي انگريزن جي فوج جي مقابلي واري شمع تي رسائي ڪو وقت بندوق بازي ڪندا رھيا، ليڪن بلوچ جيڪي ھميشھ ترار تي فخر ڪندا آھن. ايماني حميت ۽ اسلامي غيرت وچان پناھھ گاھن مان نڪري انگريزن مٿان اچي ٽٽا ۽ نھايت دليري ۽ بھادري سان انگريزن جي فوج سان مقابلو ڪرڻ لڳا. انگريزن جي فوج جو دارومدار پھريان توبن، بندوقن تي پڇاڙيءَ ۾ ترار بازيءَ تي ھو. تنھن ڪري بلوچن سامھون اچي مقابلو ڪرڻ بدران پري کان ويڙھاند پئي ڪئي. انگريزن جي توبن کين باھھ جي گولن سان ڀڃي ڇڏيو ۽ ھي شھادت جو جام پيئندا ويا. ڪي بلوچ توبن ۽ بندوقن کان پاسيرا ٿي انگريزن جي لشڪر ۾ ڪاھي ٿي پيا ۽ انھن جي چڱي ڇنڇري پئي لاٿائون. جنھن ۾ ڪيترن انگريزي فوج جي سپاھين کي ترارين سان ڊاھيندا ٿي ويا.(1)

جنگ ھلندي نظاماڻين جي سرڪردن عبدالله خان نظاماڻي ۽ مرزا خان نظاماڻي ميدان تي پھچي، پنھنجي سورھيائي ۾ ڪين گھٽايو. آخر خليل (حضرت ابراھيم عليه السلام) وانگر پاڻ کي نمرود واري مچ ۾ اڇلائي وڃي جنت اندر جائيتا ٿيا. انھن سرويچن جي شھادت کان پوءِ بختيار خان لغاري ۽ غلام محمد لغاري جيڪي جھيڙي جو بنياد ھئا، تن سان گڏ احمد خان لغاري، غلام محمد کٽياڻ، غلام حيدر کوکر وغيره ميدان مان فرار ٿيندا ويا.

ڀڄندي وقت ھنن جا اڳٺ ڍلا ٿي ويا، سندن سلوارون اچي پيرن ۾ پيون ۽ ڏھن والن وارا بوڇڻ جيڪي کين سندرا ٻڌل ھئا، چيلھھ کان ھيٺ لڙڪڻ لڳا. بندوقون ڪلھن تي ۽ ڍالون پٺيءَ تي لڙڪائي ٿيڙ کائيندا پٺيان نھاري ڊوڙندا ڀڄندا ٿي ويا.

بلوچن جي شڪست کان پوءِ مير مورڳو جنگ جي پچر ڇڏي قلعي ڏانھن واپس ھليا آيا. ھوڏانھن انگريزن جي فوج ڳجھن وانگي اچي ميدان ۾ لٿي ۽ جيڪي سامان، توبون، تنبو وغيره ھٿ آين، سڀ کنيائون جيڪي پراڻا تنبو ھئا تن کي اتي ئي تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيائون.

مير جڏھن اچي قلعي ۾ داخل ٿيا، مير صوبدار خان جي خوف کان تھ مٿان ڪٿي انگريزن کي اشارو ڏئي اسان کي گرفتار نھ ڪرائي وجھي ۽ انگريزن وٽ نھ پيش ڪري، پاڻ ۾ صلاح ڪري نيپئر کي ھڪ خط لکيائون، جنھن ۾ بلوچن جي بيوقوفي ۽ پنھنجي خطا جو اعتراف ڪندي کيس ملاقات جي لاءِ منٿ ڪيائون. نيپئر جواب ۾ کين ٻاھرين دلداري لکي موڪلي پر اندر جي ھنن کي ڪا خبر نھ پئي.

ٻئي ڏينھن مير صاحب، نيپئر جي دم دلاسي تي سينگارجي سنوارجي تراريون چيلھھ سان ٻڌي گھوڙن تي چڙھي ڏانھس نڪري ھليا: ڪنھن چواڻي:

ڳوھھ کي ٿي کٽي کڻي تھ ڍيڍن جا ٿي گھر پڇي!

ھي نيپئر وٽ ويا تھ ھن منجھانئن ڪنھن کي بھ رتيءَ جيترو مان نھ ڏنو. رڳو مير صوبدار خان سان ملاقات ڪيائين. پوءِ ميرن تي چوڪي ۽ پھرين جو حڪم ڏنائين. ھڪدم چوڪيدارن ۽ پھري دارن ميرن جو اچي پاسو ورتو ۽ مٿن ڳاٽ اڀا ڪري اچي بيٺا. ميرن ويچارن جون متيون ئي منجھي ويون دل ۾ چيائون:

ڏاڍي بڇڙائي ٿي. ھاڻ ٻي ڪھڙي چڱائي ٿي سگھندي! آخر ڪنڌ جھڪائي پاڻ کي گرفتار ڪرائي وڌائون.

سندن گرفتار ٿيڻ کان پوءِ جنرل چارلس نيپئر صاحب بھادر لشڪر جي ھڪ پلٽڻ کي قلعي تي ڪاھڻ جو حڪم ڏنو. جنھن بنا ڪنھن جھل پل جي قلعي اندر پھچي فتح جو جھنڊو بلند ڪيو ۽ نغارا وڄائي شادمانين جو اظھار ڪيائون. تنھن سان گڏ ڦند پکيڙي حيدرآباد جي شھر ۾ پڙھو گھمارايون تھ سنڌ جو ملڪ انگريز بھادر فتح (غصب) ڪري ورتو آھي، ھاڻ حڪومت ۽ سرداريءَ جي پڳ انگريز سرڪار پاران مير صوبدار خان کي ٻڌرائي وڃي ٿي. مير صاحب ھاڻي سڀني بلوچن جو سردار ليکيو ويندو. ان کان پوءِ انگريزن ميرن جي خزانن ۽ توشھ خانن تي پنھنجا چوڪيدار مقرر ڪيا، جيڪي ڪچيون پڪيون جايون ھيون تن کي مرمت کان پوءِ چوڪي ۽ حفاظت لائق بڻايو ويو.

انھن ڏينھن ۾ حيدرآباد اندر ڄن ڪاري قيام برپا ٿي وئي، ٻئي ڏينھن نيپئر ۽ ٻيا صاحب لوڪ قلعي جي معائني ۽ مير صوبدار خان جي ملاقات جي خيال سان قلعي ۾ ويا.

مير صوبدار خان، انگريزن جي ڏٽن تي تھ کيس راڄ ۽ رياست جي پڳ ٻڌرائي سڀني جو چڱو مڙس ۽ ملڪ جو حاڪم بڻايو ويندو، ڪچھري لڳائي، طول وھاڻا ڪڇ ۾ ڪري ڏاڍي ناٽ نخري سان انگريز بھادر جي اچڻ جو انتظار ڪري رھيو ھو تھ اجھو ٿو صاحب سڳورو پاڻ اچي سرداري ۽ ملڪ داري جي پڳ پنھنجي ھٿن سان ٻڌرائينم. ان لاءِ اڳواٽ ئي زريءَ سان سنواريل شاھي دستار تيار ڪرائي رکي ھئائين ۽ ھر ھر ان ڏانھن نھاري پئي دل خوش ڪيائين.

پاڻ انھن پورن ۽ پچارن ۾ ھو تھ نيپئر صاحب اچي ڪچھريءَ ۾ پھتو. مير صاحب ھڪدم سندس سلام لاءِ ادب سان اٿي کڙو ٿيو. اڃا خوش خير عافيت ھلي پئي تھ نيپئر صاحب سانڊي وانگي رنگ بدلائي، مير صاحب جي گرفتاري جو حڪم ڏنو. جنھن تي شاھي قذاقن کيس گھلي ھاٿيءَ جي اگھاڙي پٺيءَ تي ويھاري قلعي مان ڪڍي ڇانوڻيءَ ڏانھن روانو ڪيو.

ماڻھو اھو حيرتناڪ حال ڏسي ڏاڍي اچرج ۾ اچي سوچڻ لڳا تھ ھيءَ اوچتو ڇا مان ڇا ٿي ويو. اسان ٿي ڀانيو تھ اجھو ٿو انگريز بھادر مير صاحب کي عزت آبروءَ سان ھاٿيءَ تي سوار ڪرائي رياست ۽ سرداريءَ جي پڳ سان نوازي، پر ھتي تھ ڳالھھ ٿئي ٻي ٿي ويئي.

مير صوبدار خان بھ پنھنجي ليکي گھٽ ڪين ھو. ھڪڙي پاسي پنھنجن ڀائرن سان قسم قرآن تي پئي انجام اقرار ڪيائين تھ ٻئي پاسي انگريزن کي الڳ پنھنجي دوستيءَ ۽ فاداريءَ جي پڪ ٿي ڏياريائين.

زماني جي پوک ۾ جيڪو فساد جو ٻج ڇٽيندين، ان جو ڦل توکي نيٺ سزا جي صورت ۾ ملندو، ائين سڀني ميرن جي گرفتاريءَ کان پوءِ انگريزن دلجاءِ ڪري وڃي قلعي جي ڦرلٽ ۾ ٻئي ھٿ وڌا. اتي جيڪي حيدرآبادي ميرن جا ڪڙم قبيلا ھئا تن جا قيمتي ڪپڙا، زيور وغيره ڦري کين پوئين دروازي کان جيڪو جھنگ جي پاسي ھو ٻاھر وڃڻ جو ڏس ڏنائون جتان نڪري ھو(1) ٽنڊي(2) ڏانھن محمد يوسف خدمتگار وٽ وڃي ترسيا.

انھيءَ المناڪ واقعي جي ڪري ڪيترا ڏينھن حيدرآباد ۾ ٿرٿلو متل ھو ۽ اھڙي اچي شورش اڀري جو ماڻھن کان طوفاني مصيبتون وسري ويون. ڄن ھوبھو ڪربلا واقع ٿي چڪي ھئي.

ھتي اھڙي ظلم جي باھھ ٻري وئي،

جو دانھون آسمان تائين وڃي رسيون،

ستم جو درياھھ ايڏي جوش ۾ آيو جو

الم جو سيلاب وڃي اڀ تائين پھتو

زماني ۾ ڪيئي ڪلور ٿيندا رھيا

پر اھڙو ڪيس ڪڏھن ڪنھن ڪونھ ڏٺو!

ٿورن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ ميرن جا سمورا مال خزانا روڪڙ، پٽ پٽيھر، قيمتي جواھر ھٿيار پنوھار جو ھردار جڙائو تراريون، رومي، خراساني، مير خاني بندوقون، خنجر ۽ جوھردار مٺين سان سنواريل ڇريون، ولايتي اٺ گھوڙا، ڍور ڍڳا وغيره سونا زيور جيڪي لکن رپين جي ملڪيت جا ھئا ۽ ٻھ ڪروڙ ٽيھھ لک رپيا روڪ ميرن جي توشھ خاني مان ڪڍي انگريزن پنھنجي قبضي ڪيا. انھيءَ کان سواءِ جيڪي لڪل خزانا ھئا، تن لاءِ قلعي جي پراڻن درٻارين ھڪ ھڪ سو انگريزن کان وصول ڪري کين اھي ڏس ڏنا، جن موجب زمين ۾ پوريل ھزارن لکن جي رقم انگريزن ھٿ ڪئي. افسوس آھي جو ميرن نانگ وانگي خزاني تي آرو ڄمايو ھو:

خزانا پوري رکڻ مان ڪھڙو فائدو.

جيڪڏھن اھي ڪتب نھ آيا تھ ضرور ضايع ٿي ويندا.

ميرن انھن خزانن مان سواءِ اھنجن جي ڪجھھ بھ نھ حاصل ڪيو ۽ حسرتن ۾ ھٿ مليندا رھجي ويا. سنڌ ۾ ٻن مھينن تائين اھڙي باھھ ٻريل ھئي جو بيان ڪري نٿو سگھجي. ليڪن انگريزن مصلحت کان ڪم وٺي خيرپور جي ھٿ ٺوڪئي والي مير علي مراد خان سان نئين سر عھد اقرار ڪري اھي علائقا جن جو تعلق سرداري ۽ دستاربندي سان ھو، سندس حوالي ڪري ڇڏيا. جن جو لاڳاپو وري قلات جي والي مير نصير خان بروھي سان ھو. اھي ان کي ڏئي ٺاپر ڪرائي ڇڏي. انھيءَ حرفت جي سياست سان انگريزن مير علي مراد خان ذريعي سنڌ، بلوچستان ۽ ڪڇي جي سردارن کي پنھنجو مطيع ۽ فرمانبردار بڻائي ڇڏيو.

حيدرآباد جا جيڪي مير انگريزن وٽ قيد ھئا، تن کي مٿان ھندستان مان حڪم صادر ٿيڻ جي بنا تي حيدرآباد ۾ ئي رکيو ويو. انگريزن وڏي ڌاري بلوچن جي ڪڙمن قبيلن جي ورسائڻ جا جتن شروع ڪري ڏنا، جيئن وري ڪو ڦڏو فساد نھ پيدا ٿئي.(1)

 

 

 

(٩٠)

مير شير محمد خان جي انگريزن سان جنگ- انھيءَ جنگ ۾ پنھنجي لشڪر جي سرڪردن جي دوکي سبب مير صاحب کي شڪست حاصل ٿيڻ:

حيدرآباد جا مير ١٢٥٩ھھ (١٨٤٣ع) محرم جي مھيني ۾ نيپئر ھٿان شڪست کائي گرفتار ٿي ويا تھ ميرپورخاص جو والي مير شير محمد خان، گھڻي تعداد ۾ لشڪر گڏ ڪري توبخانا ۽ ٻيو جنگي سامان ھٿ ڪري انگريزن سان لڙڻ لاءِ، حيدرآباد روانو ٿيو. جڏھن چئن ڪوھن جي فاصلي تي آيو تھ شھر کان اوڀارين پاسي ٽنڊي موسيٰ خان کٽياڻ ڏانھن ڦليليءَ جي ڪپ تي پھچي، جنگ لاءِ للڪاريائين. انگريزن بھ اچي مقابلي لاءِ ميدان سنڀاليو.

سڀکان اول ھوش محمد (ھوشو شيدي) پنھنجي سپاھين جي دستي سان جنگ شروع ڪئي ۽ وڏي سورھيائي سان مقابلو ڪيائين. پر آخر شھيد ٿي ويو. ان کان پوءِ مير غلام علي خان مرحوم، عبدالله خان ٽالپور جو پٽ رحيم خان ٽالپور ۽ علي خان ٽالپور، ڪمال خان مري، نبي بخش مري ۽ نوحاڻي بلوچ، ٻن ٽن سون جي لشڪر سان، جنگ لاءِ آيا. انگريزن جي فوج مان ڪيترن کي قتل ڪيائون. نيپئر پنھنجي لشڪر جو قتلام ڏسي افسوس ڪندي مٿو پٽڻ لڳو ۽ ڪاوڙ مان وار ٿي پٽيائين. کيس اچي ڊپ ورايو تھ متان ڪٿي فوج نھ ٽڙي پکڙي وڃي.

بلوچن وڏي مردانگيءَ سان ميدان ماريندي تراريون اڀيون ڪري اھڙو اچي انگريزن جي فوج ۾ مانڌاڻ مچائي ڏنو، جو بيان ڪري نٿو سگھجي، پر انگريز جيڪي جديد ھٿيارن سان لڙي رھيا ھئا، تن جي آڏو ڌڪ نھ جھلي سگھيا.نيٺ بلوچن مان ڪيترا شھيد ٿي ويا.

چون ٿا تھ محمد خان ٺوڙھي جي چال سان بلوچن جو پاسو ھلڪو ٿي پيو، جيڪو انگريزن سان ملي شير محمد خان جي فوج ۾ شال ٿيو ھو. جڏھن جنگ پوري عروج تي آئي تھ اچانڪ محمد خان ٺوڙھي وجھھ وٺي مير صاحب جي باردوخاني ۾ باھھ لڳائي. ان کان پوءِ اھو پاڻ ۽ خان محمد، مير غلام علي ٽالپور جو پٽ ۽ غلام محمد لغاري ڦليلي واھھ جي تري مان ڀڄي نڪري ويا.

انھن جي ڀاڄ کانپوءِ مير شير محمد خان جي لشڪر ۾ بھ ڀاڄڙ اچي پئي. اٺ وڏيون توبون ميدان ۾ ڇڏي ويندا رھيا.  مير شير محمد لاچار ٿي پوئتي ھٽيو. اتان نصرپور ويو. جتان ٿڪ ڀڃي وري پنھنجي ماڳ ميرپورخاص ھليو ويو ۽ پنھنجي اھل عيال کي ريگستان ڏانھن روانو ڪيائين. ان کان اڳ بھ پنھنجي ڪٽنب مان ڪيترن کي اوڏانھن اماڻي چڪو ھو. اتان واندو ٿي شھدادپور ۾ آيو. وري لشڪر گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. پاڻ ھتي ايترو لشڪر ۽ جنگي سامان گڏ ڪري چڪو جو وھم گمان ۾ بھ نھ ٿي اچي سگھيو. ان کي ڏسندي ھر ڪنھن کي پڪ ٿي تھ ھاڻ مير صاحب کي ھرگز شڪست نھ کائڻي پوندي.

انھيءَ تياري کان پوءِ انگريزن سان چڱيون چڪريون ڏيندو آيو، ايتري قدر جو انگريزن جي فوج وڏي ڏھڪاءُ ۾ اچي ويئي. اتي مير علي مراد خان، انگريزن جي احسانن جو بدلو ادا ڪرڻ لاءِ اٿيو ۽ ھن مير شير محمد خان جي ڏاڏي مير احمد خان سان ڳالھيون ھلايون، جنھن جي ڏکي تھ مير شير محمد خان جي ڪيترن سرڪردن کي فريب ۾ ڦاسائي، مير موصوف کان ڦيرائي وڌائين.(1)

مير شير محمد خان پنھنجي سرڪردن جا اھي حال ڏسي ڍرو ٿي ويو ۽ جنگ ڇڏي پنھنجي منھن پاسيرو ٿي نڪتو. سندس فرار ٿيڻ کان پوءِ انگريزن جي فوج پيڇو ڪيو. ڪي سوار عمرڪوٽ ڏانھن تھ ڪي ٽنڊي الھيار ڏانھن ويا، پر مير صاحب کين ھٿ نھ اچي سگھيو، ڇو تھ ھو ٺٽي ڀرسان وڃي بلال واري رستي کان درياھھ ٽپي اتر پاسي اسھي چڪو ھو.

ماڻھو چون ٿا: مير شھداد خان کي خدا شڪست ڏياري، پر اصل حقيقت اھا ھئي تھ ھن کي انگريزن ھٿان ھار کارائڻ ۾ مير علي مراد خان جو وڏو ھٿ ھو. جيڪڏھن ھي سازش ڪري مير شير محمد خان جي ماڻھن کي، جيڪي سندس لشڪر جا سرڪردا ۽ سالار ھئا، نھ برغلائي ھا تھ انگريز ائين آسانيءَ سان فتحمند نھ ٿين ھا.

مير شير محمد خان جو ھڪ بھادر ساٿاري مير شاھھ محمد خان، جيڪو لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ سيوھڻ ڏانھن ويو ھو، تنھن کي بھ انگريزن مير شير محمد خان جي شڪست کان پوءِ گرفتار ڪري ڇڏيو. اھا چڻنگ بھ مير شير محمد خان جي پنھنجن (مير علي مراد خان) جي دکايل ھوندي. مير شاھھ محمد خان تي الف خان انگريزن جي فوج سان ڪاھي ويو. ٻنھي ۾ سخت مقابلو ھليو، پر مير شاھھ محمد خان، زخمي ٿي پيو، جنھن کي انگريزن جي فوج زندھھ گرفتار ڪري ورتو. کيس حيدرآباد ۾، نيپئر صاحب اڳيان حاضر ڪيو ويو، جنھن پاڻيءَ جي جھاز رستي ھن کي بمبئي اماڻي ڇڏيو.

مير شير محمد خان جي شڪست کان پوءِ نيپئر ڇا ڪيو، جو حيدرآباد جي ميرن: مير نصير خان سندس پٽن ۽ مير،  مير محمد خان، مير صوبدار خان، مير شھداد خان ۽ خيرپور جي ميرن: مير رستم خان، مير نصير خان سڀني کي پاڻيءَ جي جھاز ذريعي بمبئي اماڻڻ جو حڪم ڏنائين. ان کان اڳ حيدرآباد جي شھرين ۽ شاھوڪارن کي پاڻ واڻي اھا اجازت ڏنائين تھ حيدرآباد جا مير اوھان جا حاڪم ھئا، ھاڻ قسمت جي داڻي پاڻيءَ سبب انگلنڊ جي سير تي وڃي رھيا آھن، اوھان وڃي ساڻن موڪلاڻي ڪريو، متان پوءِ ڪنھن کي ڪو ڏک نھ رھجي وڃي.

حيدرآباد مان ننڍا وڏا انھيءَ اجازت موجب مير صاحب جي موڪلاڻي لاءِ وٽن آيا. سندن حالت زار ڏسي ھرڪو زارو زار روئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو. اھڙو ڪو ماڻھو ڪونھ ھو، جنھن جي اکين ۾ لڙڪ نھ ھئا.

اھڙيءَ ريت مير صاحب اشڪبار اکين ۽ داغدار دلين سان پنھنجو ملڪ، ماڳ ۽ راڄ ڀاڳ ۽ ڪڙم قبيلا ڇڏي انگلنڊ ڏانھن راھي ٿي ويا. ھيءُ جڏھن بمبئي ۾ داخل ٿيا تھ اتان جو گورنر، ڪپتان بروس، پوليس آفيسر، ڪپتان اوليور ليجت مئجسٽريٽ، ولبي صاحب سيڪريٽري مملڪت ۽ اسڪونٽ صاحب سيڪريٽري تعلقات عامھ، ھنن جي استقبال لاءِ بندر تائين آيا. اسڪونٽ صاحب اڳتي وڌي مير نصير خان کي ھٿ کان وٺي عزت سان ھيٺ لاھي آندو. پوءِ بروس صاحب مير صاحب جي سامھون اچي کيس سلام ڪيو. مير صاحب سلام جو جواب ڏيندي کيس چوڻ لڳو: آءٌ اوھان کي سڃاڻان ٿو ۽ اوھان کي بھ ياد ھوندو تھ ١٨٢٨ع ڌاري اوھان منھنجي درٻار ۾ حاضر ٿيا ھئا. ھن وراڻيو: تڏھن ماشاء الله، اوھان جوان ھئا ۽ اوھان جي جواني اوج تي ھئي، پر ھاڻ زماني جي گردش اوھان کي اڀرو ۽ ڏٻرو ڪري ڇڏيو آھي! مير صاحب مٿان ورندي ڏني: آءٌ اوھان جي دوستي ۽ محبت جي آڌار تي ھتي آيو آھيان. تنھن تي ھن وري وراڻيو: بيشڪ، اھا اوھان جي محبت ئي ھئي، جنھن اوھان کي ھتي ڇڪي آندو، اھا ڇڪ ڪا جھڙي تھڙي ڪانھ ھئي.

انھيءَ ٻولاچاريءَ کان پوءِ مير صاحب کي چوتاڪي بگيءَ ۾ چاڙھي واٽھڙن کي پوش پوش (پري پري جو آواز) ڪندا وڏي عزت آبروءَ سان گورنر صاحب جي ايوان ۾ مھمان ڪري رھايائون.

ٿورن ڏينھن کانپوءِ مير نصير خان کي ڪلڪتي جي ڀرسان دمدمي ۾ رھايو ويو. مير شھدادخان سورت واري قلعي ۾ ترسيو ۽ مير رستم خان کي پوني جي ڀرسان ساسو ۾ رھائش پذير ڪيو ويو. انھيءَ بندوبست کان پوءِ سرڪار جي پاران ميرن لاءِ پندرھن ھزار رپيا ماھوار وظيفي طور مقرر ڪيا ويا.

مير صاحب رياست ۽ روزگار جي غم کان آزاد ٿي، ڪيترا ڏينھن تھ آرام ڪندا رھيا، پر پوءِ بھ ”وطن جي حب ايمان آھي“ چواڻي، پنھنجي سر جي آزادي ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا، جنھن لاءِ ڪيئي حيلا وسيلا ھلايائون ۽ درخواستون ڪيائون، ايتري قدر جو لنڊن جي عدالت جو در کڙڪائيندا رھيا. جنھن ۾ خود انگريزن مان ڪيترن وڪيلن ميرن جي پاران ڪيس لڙڻ ۾ حصو ورتو. ان سڄي ڊڪ ڊوڙ جو مقصد اھوئي ھو تھ مير نصير خان کي وري سنڌ جو والي بنايو وڃي.

ھوڏانھن سنڌ ۾ اھي خبرون اچڻ لڳيون تھ مير شير محمد خان خراسان / افغانستان کان فوجي مدد وٺڻ لاءِ اتي وڃي پھتو آھي ۽ افغان سردارن سان ملاقاتون پيو ڪري. انگريزن جو ٻڌو تھ مير نصير خان جي خوش آمديد ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڇو تھ انھن خبرن خود انگلنڊ وارن کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ھو. پر قدرت کي ڪي ٻيو ڪرڻو ھو.

مير صاحب بيمار ٿي پيو ۽ ڏينھون ڏينھن ضعيفيءَ کان جھرندو ويو. نيٺ تاريخ ڇھين ربيع الثاني ١٢٦١ھھ مطابق ١٤- اپريل ١٨٤٥ع تي دمدمي ۾ رحلت ڪري ويو. (انالله وانا اليه راجعون)

ڪن جو چوڻ آھي تھ مير صاحب ملڪ جي صدمي ۽ جلاوطني کان ھانءُ نھ جھلي سگھيو ۽ آخرت جي سفر تي اسھي ويو. ان جي لاڏاڻي کان پوءِ ٿورن گھڻن ڏينھن پڄاڻان مير صوبدار خان ۽ مير رستم خان بھ دنيا و مافيھا جي غمن کان آجا ٿي ٻئي جھان ويندا رھيا.

”زندگيءَ جي محفل ۾ جيڪو وجود جي شمع ٻاريندو، ان کي آخرڪار اجل جي ھوا وسائي ڇڏيندي. موت جي وڄ حياتيءَ جي ٻار جي پويان رھي ٿي، جتي بھ پڳس اتي کيس فنا ڪري ڇڏيندي. انسان آسمان تي وڃي آشيانو اڏي ويھي، تھ بھ اجل جو صياد ان کي شڪار ڪري وٺندو. جيڪو بھ دنيا ۾ پير پائي اچي وارد ٿئي ٿو، ان لاءِ اڳواٽ ئي موت تاڙ ۾ رھڻ لڳي ٿو.“

ميرن ويچارن منڍ کان پڇاڙيءَ تائين سنڌ جي رياست ۽ حڪومت لاءِ تھ گھڻو ئي پاڻ پتوڙيو، پر قضا سندن ڪابھ مدد ڪانھ ڪئي.

حافظ شيرازي ٿو چوي:

جنھن جوآخري آرام گاھھ مٽيءَ ۾ آھي، تنھن کي آسمان تائين ايوان اڏڻ جي ڪھڙي حاجت!(1)

(٩١)

انگريزن ھٿان سنڌ غصب ٿيڻ کان اڳ قنڌار ۽ خراسان طرفان ميرن کي تاڪيد ناما لکڻ تھ انگريزن کي پنھنجي ملڪ مان سندس پاسي (قنڌار، خراسان وغيره) ڏانھن اچڻ جو رستو نھ ڏنو وڃي:

اھا حقيقت آھي تھ انگريزن پنھنجي بھادري ۽ سورھيائي سان سنڌ فتح (غصب) نھ ڪئي ھئي، ان ۾ سراسر سندن فريب ڪاري، حيلي بازي ۽ ھر قسم جي عياريءَ جو دخل ھو. ھنن مڪارن ۽ منھن ڪارن اوائل ۾ ميرن جي حضور شرميءَ جو فائدو وٺندي، ساڻن دوستي ڳنڍي ۽ ظاھري خلوص جي نمائش ڪندي، ھنن کي پنھنجي مصلحت ۽ سياست جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي وڌائون، پوءِ پنھنجي دوستيءَ جي ناتي پنھنجي فوج کي سنڌ مان ٽپائي خراسان/ افغانستان ڏانھن وڃڻ جي اجازت وٺي، غاصبن وانگي، غيرتمند ۽ محب وطن افغانن مٿان چڙھايون ڪري انھن کي وڏي عذاب ۾ آندائون.

ميرن ان ڳالھھ جو ڪوبھ لحاظ نھ ڪيو تھ ھنن جو خراسان/ افغانستان جي والين سان آڳاٽي زماني کان اتحاد وارو رستو ۽ مال گزاري (ڍل جي ادائگي) وارو رابطو ھلندو ٿي آيو، انھيءَ حالت ۾ جيڪڏھن انگريز ھنن سان ھٿ اٽڪائي ھا تھ خراسان/ افغانستان وارا بھ خاموش ٿي نھ ويھن ھا. پر ميرن کي انگريزن جيڪي خواب خيال ۾ باغ بھار ڏيکاريا، تن تي ھرکي، انگريزن کي خوشيءَ سان خراسان/ افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيائون تھ:

ڀورا وڃي ڀيل، سارو ملڪ ”صديق“ چوي.

اھڙي نامناسب روش اختيار ڪري سنڌ جي ميرن ھٿ وٺي، خراسان/ افغانستان وارن جي دشمني پنھنجي سر کڻي، پاڻ کي پڌرو ڪري وڌو!

خراسان / افغانستان جي والين ڪنھن چواڻي: ”اٺ اڳيئي ٿي رڙيا، جڏھن ٻورا ٿي سيبائون!“ ميرن کي ڪيترا خط لکيائون ۽ پيغام موڪليائون، انھيءَ تھوت ۽ تاڪيد سان تھ اوھان جيڪڏھن بنا ڪنھن دور انديشيءَ جي انگريزن کي اسان ڏانھن اچڻ جي اجازت ڏني تھ ان جو انجام ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيندو.

ھڪ ڏاھي جو نقل آھي تھ ڪنھن شخص ننڊ ۾ نانگ ڏٺو، جو سندس پيٽ تان لنگھي ويو. ان تي ھو ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ زاروزار روئڻ لڳو. ماڻھن پڇيس خير تھ آھي؟ جواب ۾ چوڻ لڳو: ھن نموني نانگ ڏٺم، جيڪو منھنجي پيٽ تان لنگھي ويو. تنھن تي چيائونس تھ مڙئي خير آھي، روئڻ جو تھ ڪو سبب ئي نٿو سمجھي! ھن شخص حيرت مان چيو: اوھان ان کي ٿوري ڳالھھ ٿا سمجھو! ميان اھو نانگ اڄ منھنجي پيٽ تان لنگھيو آھي، سڀاڻي منھنجي جسم ۾ زھر اوتيندي دير نھ ڪندو! سو تنھن وانگي:

جيڪو جھوليءَ ۾ نانگ نپائيندو،

اھو سدائين، پنھنجوموت پيو ساريندو.

اوھان جيڪڏھن انگريزن سان جنگ ڪرڻ جي توفيق نٿا رکو تھ اسان ڏانھن راھھ خرچ اماڻيو، اسان پاڻھين انھن گدڙن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏينداسين. اسان جي غازين جو رڳو ايڏانھن پير پوي، پوءِ دنيا ڏسندي ۽ انگريزن کي بھ پتو پئجي ويندو تھ ڪنھن بھادر قوم جي ھمت ۽ حميت ڇا ٿيندي آھي؟

خراسان/ افغانستان جي والين، سنڌ جي ميرن کي جيڪي ستوھھ ڀريا ۽ ڀروسا ڏياريا، تن جو ھنن تي تر جيترو اثر بھ ڪونھ پيو، پر جڏھن انگريز سنڌ اورانگھي وڃي، اتي رسيا تھ دنيا برابر اھو ڏسي دنگ رھجي ويئي تھ انگريزن سان، جن جو ننڍو وڏو، صاحب بھادر جو نقلي پڇ پنھنجي پٺيان چنبڙائي پيو ھلندو آھي، افغان غازين ڪھڙيون جٺيون ۽ تعديون ڪري ڇڏيون، ۽ ھر ڪنھن ڏٺو تھ پڇاڙيءَ ۾ چٽن کاڌل (زخمي) گڏھھ وانگي اڪيلي سر اڃيو بکيو ريڙھيون پائيندو اچي سنڌ جي آھر (ھاڏر) تي اونڌو ٿي ڪريو. اول بازيگرن وارا ناٽ ڪري ڇانوڻيون ۽ بنگلا ڊھرائي پٽ ڪرايائين، جيئن ميرن کي پڪ ٿئي تھ اجھو انگريز ماڳھين سنڌ مان بسترا گول ڪيو پيا وڃن! مير تھ ھونءَ بھ عقل جا انڌا ٿي چڪا ھئا، ۽ ھنن جو انگريزن تي پڪو ويساھھ ڄمي چڪو ھو تھ اسان انگريزن کي پنھنجي ملڪ مان خراسان/ افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏئي وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آھي. انگريزن اسان جي ملڪ ۾ ڇانوڻيون وڌيون تھ اسان دل جان سان پنھنجون خلوص ڀريون خدمتون پيش ڪيون. ھاڻ ڪير ٿو چئي سگھي تھ انگريز اھي سڀ قرب ۽ قصا، خلوص ۽ خدمتون فراموش ڪري اسان سان ڪي ابتا پير کڻندا يا اسان کي ڪنھن آڙاھھ ۾ اڇلائيندا ! ائين ڪڏھن بھ ٿي نٿو سگھي، ڇو تھ انگريز دوستي ۽ وفاداريءَ جو پورو قدر ڪرڻ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو:

”دنيا جو طالبو ڇا ڄاڻن تھ دوستيءَ جو عھد اقرار ڇا ٿيندو آھي.

جيڪو سدائين دغا فريب کان ڪم وٺي تڳندو رھي ٿو،

اھو، ٻين جي مال ڦٻائڻ، پنھنجي پيٽ پر ڪرڻ ۽ پنھنجي ڌنڌي لاءِ

ٻين کي ڦاسائڻ کان اڳ ۾ ئي، پاڻ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوي ٿو.“

جيئن تھ حڪمرانن جي وجود جو پنوڙو، بيوفائي جي مٽيءَ پاڻيءَ سان ڳوھيو ويندو آھي، انگريزن رازن وانگي تيشي ھٿ ۾ کڻي ميرن جي اتحاد ۽ اتفاق جا محل ڊاھي وڌا. ھڪ پاسي حيدرآباد جي ميرن کي ابتيون پٽيون پڙھائي، پنھنجي سڳي ڌاڳيءَ ۾ آندائون تھ ٻئي طرف خيرپور جي ميرن  تي ھٿ ڦيري سندن مت کسيائون.

جڏھن ڏٺائون تھ ٻئي ڌريون نااتفاقي جي اويڙ ۾ اچي ڦيريون کائڻ لڳيون آھن تھ پنھنجا پير پختا ڪري ميدان ۾ سندرا ٻڌي لھي پيا ۽ ھڪ ئي جانٺي سان ميرن کي ڍيري ڪري رکيائون.

انھيءَ سياسي چالبازيءَ کان سواءِ ممڪن ئي نھ ھو تھ انگريز ھڪدم جھپڙ ڏئي سنڌ کي بکئي باز وانگر جھٽي وڃن ھا. ھيڏانھن ميرن بھ حماقت ۾ حد ڪري ڇڏي، جيڪڏھن خراسان/ افغانستان جي والين کي، سندن صلاح ۽ خواھش موجب، پئسا  ڏوڪڙ خرچ کاپار لاءِ ڏياري موڪلين ھا تھ اھي خراسان/ افغانستان مان ڪيئي ڪٽڪ پاڻ سان آڻي، انگريزن مٿان ماڪڙ وانگي ڪڙڪي سندن ستياناس ڪري ڇڏين ھا!

ليڪن ميرن جا ڀاڳ ئي اھڙا ھئا، جو ھڪ ٻئي جي نااتفاقي کان حرمل جي داڻن وانگي تيک ورتل ٽانڊن تي پڄرندا رھيا. انگريزن پاڻ کي ميدان جو مانجھي ٿي چوايو. انھيءَ صورت ۾ کين ائين ٿي سونھيو تھ ڪجھھ وقت اڳ ميرن کي اھڙو چتاءُ ڏين ھا، جيئن ھو ڪا تياري تھ ڪري وٺن ھا، پوءِ جيڪڏھن جنگ ڪري کانئن ملڪ کٽين بھ ھا تھ ان ۾ ڪو اھم نھ ھو- اھا ڪھڙي ملڪ گيري ھئي، جو دوستيءَ جي دلبي ۾ ميرن کي غفلت ۾ رکي، اوچتو وڃي مٿن ڪاھھ ڪري لومڙيءَ وانگي کين فريب جو شڪار بڻايائون. اھا ڪا بھادري ۽ سورھيائي نھ ھئي، بلڪ نھايت ڦٽڪار جوڳي روش ھئي.

دشمن کي غافل ڏسي مٿس ڪاھي وڃڻ ۽ کيس زبون ۽ زير ڪرڻ ڪا مردانگي نھ آھي. اھڙي ڪوبھ ڪنھن سان کيڏ نٿو ڪري، جيئن انگريزن دوستيءَ جي روپ ۾ ميرن سان ڪئي.(1)

*


 

(1) ڧڈإڶ ۆإڎإ ێڷڈۆ ، ێڎ ێڥ غڶڷ ۽ ڷإڎإیڼ ڷإڵۑ ێیإ. قبۑبۑ.

(1) إۑڎۑ ۾ ڥصجإڷ ڢڎۑڈ بكڛ صۑإڈڷ ۽ جۆب ښإڷ کڏێۑ ۑإښۑڷ ڶإڷ ضڷڧ ڈۆڎإڷ إڶإڷ ۆسۑ ڛڥإڎصۆڎ آۑۆ ۽ ڛإێۆڥإڎڷ ښإڷ ڧڊ ڛۑك ڡڵإڶ قۑڈڎ ڦۑ ڈڵضإ٭ حۑ جێ ڈۑۆإڷ ضێڏۑ ڶڜۑبج ڈۆڎ حۑ ۆۑیۑ.

(1) صۑڎ ڷڟإڶ إڵڈۑڷ ښڎێڷڈۑ ڶجۆڢۑ ١٢٦٨ێێ (١٨٥٢ڠ) ڶڐإڎ ڵڦۑڈڎ ڛڥإڎصۆڎ. ڶجڎضڶ.

(1) ێۑ ڷإڵإ ڥحۑ (ڥ) ڶۑڎ ڶقڶڈ كإڷ جێ ڥحۑ (إڵڢ) ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ۽ ڶۑڎ ڛێڈإڈ كإڷ جێ ڥحۑ ۆڎۑ (ب، ض) ڶۑڎ ڷڜۑڎ كإڷ ۽ ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ڵڦۑڵ آێڷ. قبۑبۑ.

(1) ڶۇڵڢ ێجۑ ښكڷ إکۑإڷ إڧڎۆ ڵڢڟ ڥڶ آڷڈۆ ێۆ، ضۑڥۆ ڈێڎإیڼ صڷێڷضۑ ۆښ ضۑ کإڵێێ ڷێ ێیۑ. ڶجڎضڶ.

(1) ښۑڎۑ.

(2) ڥإسڏۑ.

(1) ضڷڧ جڶإڶ فجۑ ێیۑ ضإ خڷ ۆإڵڷ ضۑ ڢإڜڵۑ جإڷ، بڠڝۑ ێحیۆڷ ێح بێ ښكج غڥڎۑۆڷ صیۑ ڵکۑۆڷ ضڷ ۾ ښڷڧۑڷۆڷ ۽ جڎإڎۑۆڷ حۑ ێڵۑۆڷ. ڥۑجڎڷ ۆڤجڷ جۑ بڵۆغڷ ضۑ ښكج ڶڤإبڵۑ ڥڎۑ إڷڧڎۑڐ ڎۑضڶۑڷخڷ ڦۑ صۑڎ ڦۆڏۑ ڷێ ښڧێڼ ڥڎۑ صۆیجۑ ێخڼۆ حۑ صۑۆ. بڵۆغڷ ضۆ ڶڤإبڵۆ ڥێڏۆ ڷێ ښكج ێۆ. إڷ ضۆ إڷڈإڐۆ ێڷ ۆإڤڠۑ ڶإڷ ڥڎۑ ښڧێضۑ حۆ جێ تإۆۑێۑڷ ڷڶبڎ آیڎڛ ڧۆڎإ ڎڎضڶۑڷخ ضۑ ێڥ ښصإێۑ ێڥ بڵۆغ ضۑ فإجۑ٪ ۾ صڷێڷضۑ ښڷڧۑڷ ێڼۑ صإڎ ڥیۑ جێ إێۆ بێإڈڎ بڵۆغ ڐڶۑڷ جۑ ڥڎڼ ڠۑۆڝ صڷێڷضۑ ڌإڵ ڣخۑ ڥڎۑ ڈڛڶڷ ضۑ ښڷڧۑڷ ڦۑ ڦإتۑ ێح ۾ ضێڵۑ بج ڦۑ إکثڎۆ ډڥۆ ڊیۑ ښإطۑ ێح ښإڷ جڎإڎ ضۆ إێڏۆ ۆإڎ حۆ ڥڎۑ ضۆ ڶحښ قڶڵۆ ڥڷڈڏ ښصإێۑ ۽ صإڼ تیۑ ښإکۑ ێڷډ جۑ ڶڎڷ حإ.

(ضڷڧ ڶۑإڼۑ ڜ ٧٢-٧٣ ڶجڎضڶ ڤإڈڎ بكڛ ڷڟإڶإڼۑ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ.)

(1) إێۆ ڈڎۆإڐۆ إعإ جإیۑڷ صڥۑ ڤڵڠۑ ضۑ صسۑڷ تإڷێۑڷ ڦإڷ إۆثإڎۑڷ صإښۑ ڶۆضۆڈ آێۑ، إجۑ ڥڊێڷ ڧێإخۆ ضێڷڧ ێۆ، إڷ ضۑ صڎۑإڷ ێإڼۆڥۑ ښخۑ ڥإڵۑض ضۑ صۆۑإڷ ضجۑ ڥڵإح ڶإڎڥۑخ آێۑ، ڥإڷڧڷ ڦإډۑ ڷیۑ ێۆڷڈۑ ێیۑ. ڶقجڎڶ ڠبڈإڵڤۑۆڶ ڜإیب ضۑ ڎۆإۑج ڶۆضب.

(2) خڷڋۆ ۑۆښڢ، ڶقڶڈ ۑۆښڢ كڈڶجڧإڎ ضۑ ڷإڵۑ ڤإیڶ ڥۑڵ إښڵإڶ آبإڈ (قۑڈڎآبإڈ) ۆإڎۑ ڎۑڵۆۑ ڣإخڥ ضۑ صڎۑإڷ آێۑ. ڶقڶڈ ۑۆښڢ ۆڵڈ ڶقڶڈ ڜإڵق ڶڷڧۆإڼۆ جكڵڜ ۑۆښڢ. ێۑ۝ ێڢجۑ ڦڷ ضۆ ێۆ جێ ڶۑڎ ڡڵإڶ ڠڵۑ كإڷ ڦۑ ڶۑڎ ڶقڶڈ كإڷ طإیۆ. إڷ ڦۑ حع ډإڎإیڼ ڵإ٭ ێڷ ضۑ ۆإڵڈۏ ڦۑ ڎڦۑۆ ۆۑۆ. ڶۑڎ ڜإقب ښإڷ ڧڊ ڶقڶڈ ۑۆښڢ ضۑ صڎۆڎڛ بێ حۑڷڈۑ ڎێۑ. قۑڈڎآبإڈ ۾ ێإڼۆڥۆ خڷڋۆ ۑۆښڢ ښڷڈښ ڷإڵۑ جۑ آێۑ. ڶۑإڼۑ ضۑ ضڷڧ ڦإڷ صۆ٭ ڶۑڎ ڜإقبڷ ضإ ڈۑڎإ إجۑ ۆعۑ ڎێإۑإیۑڷ. ێۑ ڠڵڶ إڈب ښإڷ ڛڡڵ ڎڦڷڈڏ ێۆ. ڶشڷۆۑ ڶإۏ ۆ ڶڛجڎۑ ڢإڎښۑ ۽ ڈۑۆإڷ ۑۆښڢ ښڷڈښ جڜڷۑڢ آێۑ. ضڷڧ ڷإڶۆ ڶۑإڼۑ ڶڎڐإ ڧڵ قښڷ إقښڷ ڥڎبڵإیۑ ڶێڎإڼ ١-٢-١٩٥٧ڠ، ڜ ١٤٢.

(1) ڶۑڎ قښۑڷ ڠڵۑ كإڷ صڷێڷضۑ ڤڵڶۑ ڥجإب ڶڷإڤب ڠڵۆۑ ڢإڎښۑ ۾ ڵڦۑ حۆ: ضڊێڷ إڷڧڎۑڐڷ ښڷډ جۑ ڤبڝۆ ڥۑۆ. إڷ ۆڤج ښڷډ ۾ ڞۆإیڢ إڵڶڵۆڥۑ ێیۑ. ښڷډ ضإ صڷض قإڥڶ ێیإ، ڶۑڎ ڛێڈإڈ كإڷ، ڶۑڎ ڶقڶڈ ڷڜۑڎ كإڷ، ڶۑڎ ڶقڶڈ كإڷ، ڶۑڎ ڜۆبڈإڎ كإڷ ۽ كۆڈ ڶۑڎ قښۑڷ ڠڵۑ كإڷ. إڷێڷ ڶإڷ ڜڎڢ خڷ طڼڷ ضڷڧ ڥیۑ. بإڤۑ ڶۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ۽ ڶۑڎ ڜۆبڈإڎ كإڷ ڈڡإبإڐۑ ضۆ طإڎ صڦۑڏۑ ڢجڷۑ ڢښإڈ ڵإ٭ ڈۆڵج ێح ڥیۑ، ضڊێڷ إڷێۑ٪ كڎإبۑ ضۆ ڎإڐ ڦڵۑۆ، جڊێڷ ڟإێڎ ڥۑإیۆڷ جێ ێۆ تإێڎۑڷ ڷڶۆڷۑ ڷڜإڎڷ ښإڷ ڶڵۑڵ ێیإ، صڎ إڷڈڎۑڷ كإڷۑ ڶښڵڶإڷڷ ضۆ ښإح صیۑ ڊڷإیۆڷ، بښ صڷێڷضۑ ڥیۑ ضۆ ڥێڏۆ ڠڵإض حۑ ښڧێۑۆ حۑ، ڷۑس ضڷ ڥیۑ جڷ ښإڷ إێڏۑ حۑ ضۆ كڎإب ڥڶڷ ښبب ڤۑڈ حۑإ ۽ ښڷڈڷ صفإڏۑ ښث ڥڷێڷ ڊسۑ جێ ڥێڏۑ حۑ.

ضڷڧ ڷإڶۆ ڶۑإڼۑ ڶڎڐإ ڧڵ قښڷ إقښڷ ڥڎبڵإیۑ ڶێڎإڼ ١-٢-١٩٥٧ڠ، ڜ ١٤٤.

(1) إڷ ڵإ٭ تۑ ڎۆإۑج ێۑ٪ آێۑ جێ ڶۑڎ ڠڵۑ ڶڎإڈ كإڷ صڷێڷضۑ صإڎإڷ خڷڋۑ إڵێۑإڎ ۆإڎۑ صۑڎ ڶڎإڈ ڛإێێ ڎإڛڈۑ٪ ڦۑ، ضۑڥۆ ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ضۆ ڶڎڛڈ ێۆ، ڷۑإصۆ ڊیۑ ڊإڷێښ ڊۑإڎۑ ڶۆڥڵۑۆ جێ إڷڧڎۑڐڷ ضۑ إۆێإڷ ښإڷ ضڷڧ ڷێ إک ڷێ ێإڼ ێیۑ. قۑڈڎآبإڈ ۆإڎإ ڶۑڎ جێ كۆڈ إۆێإڷ ضإ ڈڛڶڷ ێیإ ۽ إێڏۆ كڞ بێ ڷۑصیڎ ڜإقب إۆێإڷ ڊإڷێڷ إّڶإڼۑۆ ێۆ.

ێإڼۑ إښإڷ ضۑ ڶڎڝۑ آێۑ جێ صڷێڷضۑ ڷڷڌۑ ثإ۝ ڶۑڎ ڛإێێ ڶقڶڈ كإڷ ڦۑ إضإڐج ڊۑۆ جێ آ۞ إڷ ڦۑ ڷۑصیڎ ڜإقب ۆخ ۆسۑ ۆعإڷ جێ ضۑیڷ ښإڼښ ڜڵق بێ حیۑ ۽ ڶڵڥ بێ ێڶۑڛێ ڵإ٭ إۆێإڷ ضۑ قۆإڵۑ ڎێۑ.

ڠۑڷ إڷێۑ٪ ۆڤج ێۆڛ ڶقڶڈ ڛۑڈۑ قۑڈڎإبإڈ ڶإڷ ڶۑڎ ڜإقبڷ ضۑ ڈۑڎڷ صإڎإڷ ڶۆڥڵۑڵ جڎإڎ ۽ ێڥ صۑڡإڶ صإڼ ښإڷ ڦڼۑ ڥڷ تإڷێڷ ښڶۑج ڶۑڎصۆڎكإڜ صێغۑ ۆۑۆ. ێڷ ڈۑڎڷ صإڎإڷ ڶۑڎ ڜإقب ڦۑ صۑڡإڶ ڊڷۆ ضڷێڷ ۾ غۑڵ ێۆ جێ:

إڈإ! ێۑ۝ ڷڷڧ ضۑ جڎإڎ آێۑ، ضإ إۆێإڷ ڊإڷێڷ إّڶإڼضۑ حۑ. إښإڷ ڷۑإڼۑڷ صإڎإڷ إۆێإڷ ڦۑ ڠڎڝ آێۑ جێ ضۑڥڊێڷ إۆێإڷ ضۑ ڥإ ڶكإڵڢج آێۑ جێ إێإ ڶڎڈڷ ښإڷێۆڷڈۑ، ضۑیڷ إک إۆێإڷ ضۆ ڊإڊۆ ڶۑڎ ڢجق كإڷ ۽ ڶۑڎ بێڎإڶ كإڷ ۽ ڶۑڎ ڜۆبڈإڎ كإڷ ضۑ ڛێإڈج ڦإڷ صۆ٭ ڥڵێۆڏڷ ښإڷ ڵڏۑۆ جێ ڷڷڧڷ ضۆ ڷڧێبإڷ بڼۑۆ ێۆ، جۑیڷ إۆێإڷ بێ إط ڷڷڧ ښعإڼۑ إښإڷ ضۑ ڶڎڈڷ ڦۑ إڷڧڎۑڐڷ ښإڷ ۆڏێۑ بڷڈ ڶإڷ آڐإڈ ڥڎإۑۆ!

تیۑ صإښۑ ێۆڛ ڶقڶڈ ڛۑڈۑ ښإڷ ڧڊضۑ آۑڵ قۑڈڎآبإڈۑ ڶۑڎڷ ضۆڷ تإڷێۆڷ إڷڈڎ ڥۆخڷ ۾ ڶۑڎڷ ضۑ ڈۑڎڷ ۆخ ۆۑۆڷ جێ، ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ضۑ ثۑڼ، ضۑڥإ ښڷڈښ ښۆخ ڶۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ضۑ ڧێڎ ۾ ڠڵڶ ڢڝۑڵج ښبب ڛڠۆڎ ضۑ ڜإقبێ ښڊبۑ ێیۑ، جڷێڷ بێ ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ڦۑ غۆإیۑ ڶۆڥڵۑۆ جێ:

إڈإ! ێۑ۝ ڷڷڧ ضۑ جڎإڎ، ضإ ڷۑإڼۑڷ جۆڊۑ ڊۑإڎۑ ڶۆڥڵۑ آێۑ، إێإ جۆڷ ڦڼ ۽ ێڷ ڈۑڷ ۽ ڶڵڥ ضۑ ڈڛڶڷ (إڷڧڎۑڐ) ښإڷ ۆڏێێ! قڥۆڶج ێڶۑڛێ صإڼ ۆخ بێ ڎێڼۑ ڥإڷێ آێۑ، ڷڥۑ ڥڷێڷ ڈإڎإ ۽ ښڥڷڈڎ ۆخ ضخإ۝ ڥۑإیۑڷ، ڶڧڎ ڶڎڈڷ ضۆ ڷإڵۆ ښڈإیۑڷ ڐڷڈۏ ڎێڷڈۆ. ێڷ ڡڵإڶۑ٪ ضۑ قڥۆڶج ڦإڷ بێجڎ آێۑ جێ ڶڵڥ ضۑ آڐإڈۑ ڵإ٭ ۆڏێضۑ. إۆێإڷ ڝڎۆڎ ۆڏێۆ!

(جإڎۑك ڶۑڎإڷ ښڷډ ڶۑڎصۆڎكإڜ ڶۑڎ ڶقڶڈ بكڛ خإڵصۆڎ، ڜ ٢٤٧-٢٤٨. ڶجڎضڶ)

(1) ێجۑ ڷښكۑ ب ڶإڷ ڥۑ کإڵێۑۆڷ ڈڎض ڥضڷ حۑۆڷ، ضۑڥۑ تیۑ ێڷډ ڥۆڷێ ڊڷڵ آێڷ.

ڶۑڎڷ إڷڧڎۑڐڷ ضۑ كڈڶج ڧڍإڎۑ ۽ ڢڎڶإڷبڎڈإڎۑ ۾ ڥإبێ ڥۆجإێۑ ڷێ ڥیۑ، صڎ غۆڷڈإ آێڷ جێ ضۑڥۆ ڟإڵڶ ضۑ ڶڈڈ حۆ ڥڎۑ كڈإ إڷ جۑ ڟإڵڶ ڦۑ ڶښڵڞ حۆ ڥڎۑ. ڶۑڎڷ إڷێۑ٪ ڷإجۑ إڷڧڎۑڐڷ ڦۑ ښڷډ ڶإڷ ڵڷڧێۑ كڎإښإڷ/ إڢڡإڷښجإڷ ۆعڼ ضۑ إضإڐج بێ ڊڷۑ، إڷێۑ٪ كۑإڵ ښإڷ جێ ضۑیڷ إڶڷ ۽ آڎإڶ ښإڷ قڥۆڶج ێڵإیۑڷڈإ ڎێڷ ۽ ڈڛڶڷ ضۑ كڞڎۑ ڦإڷ آڐإڈ ێضڷ، صڎ إێۆ ۆښإڎۑ فڊۑإیۆڷ جێ ضۑڥۆ تیۑ ضۑ ڵإ٭ ڈڵ ۾ بڈڷۑج حۆ ڥڎۑ جێ إێإ بفڏإیۑ ڦۑښ آڊۆ إغۑ حۑ. إڷێۑ٪ ڶڞإبڤ ڶۑڎڷ طڼ ڶڜۑبج ڧێڎۑ ۆڎجۑ.

ڶۑڎ بۑڛڥ ڶێڎ ڶڎۆج ښإڷ ڡڎۑبصڎۆڎۑ ۽ ڶښڥۑڷ ڷۆإڐۑ ڥڷڈإ ڎێۑإ، ڵۑڥڷ ێڷڷ ضۑ قڥۆڶج ضۆ ښڶۆڎۆ إكجۑإڎ ڥڎۑڵ ڶإڼێڷ ضۑ ێح ۾ ڊڷڵ ێۆ، ضۑڥۑ صڷێڷضۑ ڥڶۑڷۑ ڢڞڎج ښإڷ إكڵإڤ، ڤإڷۆڷ ۽ ڛڎڠۑ صإبڷڈۑڷ كڵإڢ ښث ڥڶ ڥڷڈإ ڎێۑإ.

ڶۑڎڷ ضۑ ڶضڵښ إۆبإڛڷ ۽ بڈڶڠإڛڷ ښإڷ ثڎۑڵ ێۆڷڈۑ ێیۑ، ێڷڷ ڦۑ ڶڵڥ ڈإڎۑ، ڎڠۑج صڎۆڎۑ ۽ ڈۆښج، ڈڛڶڷ ضۑ طإڼ ښعإڼ ضۆ ڥۆبێ ڵقإڟ ڥۆڷێ ێۆ. إێڏۑ قإڵج ۾ ضۑڥڊێڷ إێۆ إڵڐإڶ (جێ ڶۑڎڷ ضۑ جبإێۑ ۾ إڵإێۑ ڤڈڎج ضۆ ڈكڵ ێۆ) ڶڏێۑۆ ۆعۑ جێ ڶڷإښب ڷێ حۑڷڈۆ، فۆ جێ إێۆ ڐۆإڵ ڥإڎڷڈڷ ضۑ ڥڶۑڼص ضۑ ڥڎۑ آۑۆ ۽ ڶۑڎڷ ضإ ۆڐۑڎ، ضڷ ڶإڷ ێڥ ضۆ ڷإڵۆ ڷڛإڷبڎێۆ،  جڷێڷ ضۑ ڛۆڶۑ ۽ ڷقۆښج ضۆ جێ فۑێێ یۑ ڥۆڷێ ێۆ. ڎإج ڊۑڷێڷ ڢښڤ ڢضۆڎ ۽ ڐڷإڥإڎۑ ۾ ڶڛڡۆڵ حۑ ڎێۑۆ. جڷێڷ ڦإڷ ښۆإ٭  إێۑ ڶإڼێۆ بێ إڷێۑ٪ ڐڶڎۑ ۾ إغڷ حإ، ضۑڥۑ إڶۑڎڷ، ښۑڈڷ ۽ ڠإڵڶڷ ضۑ ڞبڤۑ ڶإڷ ێیإ، ڛڥإڎصۆڎ ۾ ضۑڥۑ ڥډإ ڥڶ ڥۑإ ۆۑإ، ضڷ ضۑ جڢڜۑڵ ڵإ٭ ۆڊۆ ڈڢجڎ ڈڎڥإڎ حۑڷڈۆ، إجۑ ۆۑێڷ صڷضۆۑێڷ ۆڎێۑڷ ضۑ ڠڎڜۑ ۾ ضۑڥۑ ڥضێێ حۑۆ، ښإ كڈإ ڦۑ كبڎ آێۑ. ښۑڈ ڶقڶڈ جڤۑ ڛإێێ جێ إڷێڷ ڥڎجبڷ ۾ ښث ڦإڷ إکڎۆ ێۆ، ضڷێڷ ڎإج ڊۑڷێڷ ڊۆڥڏڷ، ڛڎإبڷ ۽ صإښۑ ڧڎڶ ڥڎڼ ۆإڎۑڷ ڶقبۆبڏۑڷ ضإ ۆڎڈ ۆڟۑڢإ صیۑ ڥۑإ. آكڎ إڷێڷ ښثڷۑ ڐۑإڈجۑڷ إۆڼإیۑڷ ۽ بفڏإیۑڷ ضۆ ڷجۑضۆ ١٢٥٩ێێ ډإڎۑ (١٣ ڶقڎڶ) ڶڞإبڤ ١٨٤٣ڠ ڶۑڎڷ ضۑ جبإێۑ ۽ إښۑڎۑ٪ ضۑ ڜۆڎج ۾ ڟإێڎ حۑۆ.

(1) ڶۇڵڢ ضۑڥإ ڶۑڎڷ بإبج ڎإ٭ ڤإیڶ ڥیۑ آێۑ، ښإ صڷێڷضۑ ضإ٭ جۑ صڎ ڶۑڎڷ صإڎإڷ إڷڧڎۑڐڷ ڊإڷێڷ ڶإیڵ حۑڼ ضۆ إڜڵ ښبب إێۑ ښجڵ ښۆڎ ێیإ جێ: ”ضڊێڷ ڥڊێڷ ښڷډڏۑ جۆ ڦۑ ڤڷډإڎإڷ ضۆڦۆ!“

                ڶۑڎڷ ڦإڷ إک ڷإڈڎ ڛإێێ ۽ ڶڈڈ كإڷ صسإڼ، ضۑڥۑ ښڷډ ښإڷ ڥڵۆڎ ڥۑإ، إێۑ إعإ ڥڷێڷ ڦإڷ ۆښڎۑإیۑ ڥۑڷ ێیإ جێ إقڶڈ ڛإێێ إبڈإڵۑ إغۑ ښڷډ ضۑ ڥڷډ جۑ غڏێۑۆ ۽ ڶۑإڷ ڠبڈإڵڷبۑ ڥڵێۆڏۑ ڦۑ ڈت صخإۑإیۑڷ: جۆ ضۑڥڊێڷ ڌڵ ڊۆڥڏ إښإڷ ڦۑ ڷێ صێغإۑإ جێ ښطۑ ښڷډ ڦۑ جإڎإض ڥۑۆ ۆۑڷڈۆ. إێۆ إقڶڈ ڛإێێ إبڈإڵۑ، ضڷێڷ ضۑ ښإڎإێێ ۾ إێإ ڤڵڶ ڢڎښإیۑ ڥۑڵ آێۑ جێ ێۑ۝ صۆڎۑ٪ ڞڎق ڛڎۑڠج ضۆ صإبڷڈ، صڥۆ ڈۑڷڈإڎ، ڠإڵڶ ڢإڜڵ ۽ ڜۆڢۑ ڛإڠڎ ێۆ. ڥۑ جێ ۆڎۑ ڦۑښ ”بإبإ“ ښڊۑ ڥإڷۑ ڥڎإڶج ۆإڎۆ بێ ڥۆسۑڷ حإ. ښۑإښج ۾ ښڷڈښ إێۆ ڶڤإڶ طإڼإۑۆ ۆعۑ حۆ جێ إښڵإڶۑ إكۆج ۽ ڈۆښجۑ٪ ضۆ ثڎڶ ڎڦڷڈڏ ێۆ. ڈێڵۑ، بكإڎإ، كڎإښإڷ، بڵۆغښجإڷ ڦإڷ ۆسۑ ښڷډ جإیۑڷ ښثڷۑ قڥڶڎإڷڷ ښإڷ ڜڵق ښإڷج ۆإڎۆ ښڵۆڥ ڎڦڷڈۆ صیۑ آۑۆ ۆڡۑڎۏ إڷ ڵإ٭ تۑإ ڶۆڎك جێ سێۑۆ، صڎ كۆڈ ڛإێێ ۆڵۑ إ^ ڈێڵۆۑ بێ ښڷڈښ إجإێۑڷ ڥڎڈإڎ ضۑ جڠڎۑڢ ڥیۑ آێۑ، ښبقإڷ إ^!

                جڷێڷ ڦإڷ صۆ٭ ڶۑڎ ښڷډ ضۑ ڧإڈۑ٪ جۑ ۆۑسإ جێ إڷێۑ٪ إقڶڈ ڛإێێ إبڈإڵۑ ضۆ إۆڵإڈ إیۑڷ ڶحڷ ڵإڶإڎإ ڊۑڷڈۆ ڎێۑۆ، ضۑیڷ کضێێ ڌۆڷڌ جۑ! كإڜ ڥڎۑ ڛإێێ ڛضإڠ ”ڶڷێڷ ۾ ڶڵإ إڷڈڎ ۾ إبڵۑښ“ ۆإڷڧڎ إڷښإڷۑ إۆڜإڢ ۽ إكڵإڤ جۑ صۆغۆ ڣۑڎۑ ضۑڥإ بفڏإیۑ ۽ بۑێۆڈڧۑ ڥڎۑ ڊۑڦإڎۑ، جڷێڷ جۑ ډڥإڎ ڶإڷ ضۑجڎۑ ڣخڥإڎ ڥضۑ، ڥإڢۑ ڷێ حۑڷڈۑ. صفإڏۑ٪ ۾ إڷێۑ٪ یۑ ښۑإښۑ ڈڵإڵ صڷێڷضۑ إڤجڈإڎ ێح ڥڎڼ ضۑ ڠڛڤ ۾ إڷڧڎۑڐ ڷڜإڎڷ ڦۑ ڶښڵڶإڷڷ جۑ قڶڵۑ ڥڎڼ ضإ قۑڵإ ښۑڦإڎۑ صڷێڷضۑ ڠإڤبج كڎإب ڥیۑ، جێ ښڷډ ڦۑ بێ صڷێڷضۑ ڥڎجۆجڷ ښإڷ ڥڶڐۆڎ ڥڎۑ إڷ ضۑ آیۑڷڈۑ ڵإ٭ ڥڵۆڎ ضۆ ڥإڎڼ صۑڈإ ڥڎۑ ۆۑۆ.

                ڶۑڎڷ صڷێڷضۑ ڶښڵڶإڷڷ ثإیڎڷ ضإ إێۑ ڥڎجۆج ۽ ڥڵۆڎ ڊښۑ ڵإغإڎۑ٪ ڦإڷ ڷڜإڎڷ ضۑ صس ۆڎجۑ فۆ جێ ضڊێڷ ڥڷێڷ ڦۑ غۆډإڎۑ غۆڎ ڊښڼ ۾ إۑڷڈإ آێڷ جێ إێۆ ڥإڎۑ ڥجۑ ڦۑ بێ صڷێڷضۆ ڈۆښج ښڶضێۑ إڷ ضۑ ڶڈڈ ضۆ ڶقجإض حۑ صۆڷڈۆ آێۑ، إڷڧڎۑڐ جێ ڎێۑإ صڷێڷضۑ ڶإک!- ڶجڎضڶ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org